ڪويتائون
)ڪملا
جي نانءُ(
ڪاش…! او ڪاش…!!
ڪاش! ڪملا کي چوي ڪو،
ڳوٺ تنهنجي جو اهو ئي،
ڇوڪرو نهٺو نماڻو،
سانورو ۽ سادڙو،
ڳوٺ جي مڪتب ۾ جيڪو،
هم ڪلاسي هو سندءِ،
ٻاتڙن ٻولن ۾ توسان،
هم ڪلامي ٿي ٿيو،
قربتن ۽ محبتن جو،
شرف جنهن کي تو ڏنو،
بند اکڙين ۾ به تنهنجا،
خواب جو ڏسندو هيو،
نانءُ هو ”الله ڏنو“ ان،
ڇوڪري بيحال جو،
”ميان“ ڀٽي پاڙي ۾ سو،
گهر ڪکائين ۾ ٿي رهيو.
اوچتو ئي اوچتو!
واءُ اهڙو ڪو وريو،
تنگ توتي تنهنجي ڌرتي،
ڇو الائي ٿي وئي!!
نيٺ تنهنجي موڪلاڻي،
هجر هاڻي ٿي وئي،
هجر جي گهوڙي سواريءَ،
لاءِ گهوڙا آئيا……
پاڻ سان ”ورهن وڇوڙا“،
سي کڻي آيا هئا،
ان دکي منظر تي هن،
گيت درديلو چيو هو،
تو ٻڌوئي ڪونه هو جو،
”تون الاجي ڪهڙي ڪارڻ،
هند ڏي آهين هلي“،
هاڻ شايد پاڻ ٻيئي،
ڪونه ملنداسين وري.
وقت جو ڦيٿو ڦريو هو،
موسمون مٽجي ويون،
هو ڪويتا جي نگر ۾،
سونهن ڳولڻ هو ويو،
۽ سرن سنگيت ۾،
پاڻ ئي گم ٿي ويو.
اڄ اهو ئي ڇوڪرو،
”الله ڏنو“ ناهي رهيو،
”سوز“ جو تخلص وٺي هو،
آ ”ڪوي“ بڻجي ويو،
سونهن سانورتا سندا هو،
گيت ٿو لکندو وتي،
گيت کي سنگيت جو ڪو،
روپ ڏيندو ٿو وتي،
گيت گونجن ٿا ڪويءَ جا،
ريڊيو، ٽي- وي، رسالن،
۽ ڪتابن ۾ به ماڻهو،
ٿا پڙهن ۽ ٿا ٻڌن،
ڪاش! تون پڙهندي هجين!
ٻڌندين هجين،
هوند هن جا گيت سڦلا،
۽ سجايا ٿي پون،
ڪاش! تون ان کي سڃاڻين!
ڪو ڪبوتر ئي اماڻين!
ڪاش! تون ان کي سڃاڻين.
Å
”هجر جي موسم“
هجر جي موسم اچي وئي،
هجر جي ويلا به آئي،
هجر جي ان صبح جو هو،
دل دکي نيڻن ڀنل سان،
الوداع توکي چوڻ جي،
لاءِ حاضر ٿيو هو،
هن ڏٺو تنهنجي اکين مان،
لڙڪ ٽمندا ٿي رهيا،
۽ چُني جي پاند ۾ سي،
جذب ٿيندا ٿي رهيا،
ڇا ته ڏک جو ڏيک هو،
ڪرب جو منظر هيو ڄڻ،
سو ڏٺو ئي ڪونه ٿيو.
بس هلي وئي پوئتان،
ڌوڙ جا بادل ڇڏي،
نيڻ ڌنڌلا ٿي ويا،
عڪس پيلا ٿي ويا ۽،
نقش سڀ مٽجي ويا،
هجر جي ان ڏينهن تي هو،
مينهن سانوڻ جان وٺو هو،
۽ ڀِڄي بادل ٿيو هو،
اوترو ئي هو رُنو هو،
جيترو روئي سگهيو هو.
شام جو هر پل اَ پل،
ڪيترو بي چين هو،
قافلو ويندو رهيو ۽،
دور سو ٿيندو رهيو،
ياد ڪو ايندو رهيو،
هجر جي سا رات ڪيڏي،
ڀونءِ تي ڀاري لڳي،
پرھ جنهن جي ڪانه هئي،
صبح جنهن جو ڪونه هو،
درد مندن جي ڪهاڻي،
جي پڄاڻي ڪانه ٿي،
هجر آ جاري اڃان،
آ سفر جاري اڃان!!
Å
”سارون وسارون“
سار تنهنجي اڄ وري ڪنهن،
وير جان آهي وري،
سرحدن کي سَر ڪري،
فاصلن کي طئه ڪري،
من پڌر تائين به آئي،
هير بنجي دل جي در تي،
آھ جيئن دستڪ ڏني،
ساھه ۾ سانڍيل هيون جي،
سي سڀئي ساعتون،
”آرسي“ سارون وسارون،
ڪر ڀڃي جاڳي پيون،
ڪونج وانگر پر پکيڙي،
سي اڏامڻ ٿيون لڳن،
مان انهن باندي پکين کي،
ٿو هوائن ۾ اڏاري،
موڪلي توڏي ڇڏيان،
هانوَ کي هلڪو ڪرڻ لئه،
ساھ ۾ سانڍي رکڻ لئه،
ڪجهه بچائي ٿو رکان،
شال! توسان سي ملن،
۽ سنيها ”سوز“
جا،
ترت پهچائي ڏين.
Å
”ساروڻيون“
اڌ صدي گذري وئي آ،
ڳوٺ تنهنجو شهر ٿي ويو،
آه نقشو ئي ڦري ويو،
پيچرا، راهون ۽ رستا،
ٿي سڀئي تبديل ويا،
پر گليون ساڳيون رهيون،
۽ دليون ساڳيون رهيون،
جت ”ڪنور جاڙي ڀڳت“،
۽ ”چندر“ ڳايو هيو،
ان ”سراء“ ۾ کوڙ ماڻهو
ٿا رهن، پر اڄ اتي،
راڳ جو نالو به ڪونهي.
جت جنم تنهنجو ٿيو هو،
ان ڪچي گهر جي پڌر تي،
آھه ڪا ماڙي ٺهي وئي،
ڦول جي تو پوکيا ها،
سي ڪڏهوڪا ئي سڪي ويا،
آ سڳنڌ باقي رهي،
روز تنهنجو گهر ڏسان ٿو،
ان گلي ۾ مان اچان ٿو.
”ڏيورين“ ۾ جت ڏياريءَ،
جا ڏيئا ٻرندا هئا،
بلب ٿا جرڪن اتي،
دل اندر ۽ من مندر،
روشني آهي ڪٿي!!
جنهن ”پپل“ جي ڇانوَ ۾،
اَنَ ڪڻا چڻندا پکي ها،
لاتيون لوندا هئا،
سي پکي اڏري ويا،
آکيرا اجڙي ويا،
۽ پپل سو پاڙ کان،
نيٺ آ پٽجي ويو،
ڪو نشان باقي نه آ.
”آب ڪلياڻي“ جي رت ۾،
شام کان سنجها سمي جو،
جت پَلا تازا مليا ٿي،
۽ مکا ميلا ٿيا ٿي،
هاڻ اُت ڪجهه ڪونه آ،
”پائليءَ“ جيڪو پلو هو،
”پنج سوَن“ ۾ سو ملي ٿو،
سرڪ سنڌوءَ ۾ نه آهي،
سو پلا ايندا ڪٿان!!؟
ڄڻ مهاڻا ئي مري ويا،
۽ ”لهاڻا“ ويا لڏي.
ڳوٺ جي ان چوڪ تي،
ٿورڙي ئي فاصلي تي،
گهر مٺي ”عرفان“ جو هو،
ڇا! ته هو محبوب ماڻهو،
تو ڏٺو ئي ڪونه هو،
باز جان ڀڙڪو ڏئي،
سو اڏامي آ ويو.
ڳوٺ جي مڪتب ۾ جت،
پاڻ پڻ پڙهيو هيو،
سوبه آهي بند ٿيو،
ٽي صديون پوريون ڪري،
نيٺ سو ٿڪجي پيو،
ڇا ته مڪتب بند ٿيو،
ڄڻ ته هڪڙي ياد جو،
باب ڪوئي بند ٿيو.
Å
”ڀوڳنا“
اڄ وري ڪو سور آهي سرجيو،
اڄ وري ڪو پُور آهي پلٽيو،
ڀوڳنا جو سلسلو قائم رهيو،
آس جو سنڌو به صحرا ٿي ويو،
ڇاهٺيون سال پڻ گذري ويو،
ڳوٺ تنهنجي جو اهو ئي ڇوڪرو،
پيرسن سو هاڻ آهي ٿي ويو،
آهه وارن تي سندس چاندي لٿل،
۽ اکين تي پڻ اٿس چشمو چڙهيل،
ڪا سندءِ تصوير ۽ تحرير پڻ،
ڪانه آهي ان غريبِ حال وٽ،
صرف تنهنجي ياد جي خوشبوءِ کي،
ساھ ۾ سانڍي سنڀالي ٿو رکي،
هن وساريو ڪونه آ توکي اڃا!
ڪاش! ان کي تو ڪڏهن ساريو هجي،
شاھ جي هن بيت جي مفهوم جان،
”ڳوليان پر نه ملان مان هوت سان،
من اندر جي لوچ ماٺي ٿئي متان“،
ڪنهن ڪهاڻي جي انهي ڪردار جان،
يا ڊرامي جي ڏکاري ڏيک جان،
پاڻ ڀي ڪردار ڪوئي آهيون،
هڪ لڱا وڇڙي ويا جيڪي هيا،
ڪين سي ٻيهر ملي سگهيا هيا.
Å
”جستجو“
تون ڪٿي آهين الاجي او مٺي!
مون ته توکي هر شهر ۾ ڳوليو،
ميرپور ننگر امر جي ڪوٽ مان،
ڪوبه تنهنجو ڏس پتو ناهي مليو،
مون ته مِٺِي شهر کان پڻ هو پڇيو،
”او مِٺِي! تو ڪا ڏٺي منهنجي مِٺِي“
پر مٺِيءَ مان ڪين ڪو وريو سريو،
مون وڏي واڪي ڪيا جي سڏ ها،
سي پڙاڏا ٿي سڀئي موٽي مليا،
تون الاجي حال ڪهڙي ۾ هجين،
مان اڃان ”هالين پراڻين“ آهيان،
ڪا خبر ناهي وصل ٿيندو وري،
يا هجر ۾ ئي هليو وڃبو مِٺِي.
ڇاهٺون سال ڀي گذري ويو،
اڄ به هُن جي ياد ٿي هر هر اچي،
او خدا! منهنجا خدا! تون خير ڪر،
هوءَ جتي آهي اتي شل خوش هجي.
Å
”ارپنا“
نظم هن جي نانءَ مان ويٺو لکان،
پر نه ٿو پوري پوان مان ڇا ڪريان،
نا مڪمل نظم هي آهي اڃان،
آھ سو ”امداد“ جي ان سٽ جان،
جا نه دوهو ۽ نه نوحو ٿي سگهي،
نظم هي پورو ٿئي ته ڪيئن ٿئي؟
نظم هن کي لفظ ٿا گهرجن گهڻا،
ايترا سارا اکر آڻيان ڪٿان؟
ڪيئن سو دوهو ٿئي نوحو ٿئي،
نظم هي ڄڻ ڪو اڌورو خواب آ،
ڪنهن وساريل وقت جو احساس آ،
عڪس آهي ڪنهن اڌوري آس جو،
هجر جي گذري وڃڻ جي آس جو،
وصل جي موسم اچڻ جي آس جو،
مکڙيون گل ٿي پوڻ جي آس جو،
من اندر جي ڪاش! ڪا موسم اچي،
نظم هي جيڪر مڪمل ٿي پوي،
نظم هي توڙي اڌورو نظم آ،
پوء به هن جي نام سان منسوب آ.
Å
”لاپته ماڻهن جو ليک“
بادلو! او بادلو! او بادلو!
شهر جانان جو ته ڪوئي ڏس ڏيو،
مون ته ماڻهن کان گهڻو ئي آ پڇيو،
سو اوهان کان ئي پڇڻ آهيان لڳو،
ڏس پتو گهرجيم ٿو ”ڪملا“ سندو،
يا وري ان جي مهان پتا سندو،
نانءُ ويرومل هيس، کتري هيو،
سنڌ جي هالا پراڻا شهر جي،
هو ”کيماڻي جي گهٽي“ ۾ ٿي رهيو،
نامور تعليمدان، استاد هو،
هن جي شخصيت جا حوالا ها گهڻا،
”ماستر“ ان جي سڃاڻپ ٿي ويو،
ڳوٺ جي مڪتب ۾ پڻ سو ماستر هو،
مون ٽيون، چوٿون اتي ئي هو پڙهيو،
هم ڪلاسي مان به ڪملا جو هئس،
۽ اتي جو ”مانيٽر“ پڻ ٿي رهيس،
اوچتو ئي اوچتو ڪي
هجر جا گهوڙا اچي ويا،
جي کنڀي ان کي کڻي هليا ويا،
هوبه ڪنهن ”شرنارٿي“ جان ويو هليو،
دور پنهن جي ديس کان پرديس ڏي.
ڇاهٺون سال ڀي گذري ويو،
پر نه ان جو ڏس پتو ڪوئي مليو،
او! هوائون پوربي منهنجي مڃو!
دور تائين چوڏسا پکڙي وڃو!
ساءِِ ويرومل جو ڪوئي ڏس ڏيو،
ڪاش! ڪملا کي ڪٿان ڳولي لهو.
نظم هي ڪنهن لاپته جو ليک آ،
ڪنهن ڊرامي جو ڏکارو ڏيک آ،
هٿ تريءَ جي ڪائي مبهم ريک آ،
عرض آ ”مهراڻ“ جي سرواڻ کي،
”سوجهرو“ جي تاج کي آ التجا،
آ گذارش ”امرتا“ جي ڍول کي،
”ڪونج“ ايڊيٽر کي آهي وينتي،
ليک هي جيئن آهه تيئن ڇاپي ڇڏن،
”آل انڊيا ريڊيو“ کي آ صدا،
”دور درشن“ کي به ساڳي وينتي،
ياد جي خوشبوءِ ڦهلائي ڇڏن،
عرض ”ڪي-ٽي-اين جي “ماهين” کي،
نظم هي ”شعر ستارا“ ۾ پڙهي،
سوجهرو، مهراڻ، امرتا، ڪونج جا،
مانوارا او پيارا پاٺڪو،
آل انڊيا ريڊيو جا لسنرو!
دور درشن جا سڀئي درشنورو!
سنڌ، ڪي-ٽي-اين جا او دوستو!
جي اوهان کي آھ ڪو ئي ڏس پتو،
”سوز“
کي ”هالين پراڻين“ موڪليو،
هڪڙي شاعر کان دعا جا گل وٺو.
هڪڙي شاعر کان دعا جا گل وٺو.
Å
ساروڻيون
پيار محبت جي درخت جا، پنڇي اڏري ويا،
وڇوڙي جي واءَ ۾.
گهاٽي بڙ جي لام جا، پيلا پن ٿيا،
وڇوڙي جي واءَ ۾.
سارا ڪومائجي ويا، جيڪي گل ٽڙيا،
وڇوڙي جي واءَ ۾.
ڪيڏا لڙيا لڙڪ ۽ ڪيڏا ڳل سڙيا،
وڇوڙي جي واءَ ۾.
الائي ڪارڻ ڪهڙي، ايڏو ڏور ويا،
وڇوڙي جي واءَ ۾.
ويسهه اچي ڪونه ٿو ته ڪي لال لڏيا،
وڇوڙي جي واءَ ۾.
نعمتون واپس وتيون، ڌرتيءَ کان خدا،
وڇوڙي جي واءَ ۾.
”سوز“
انهي جي سوڳ ۾ ڏاڍا روح رڙيا،
وڇوڙي جي واءَ ۾.
وڇوڙي جي واءَ ۾.
¹
(سائين مخدوم طالب المولى جي ياد ۾)
شهيد ڀٽو صاحب جي ياد ۾
هڪ مهان ماڻهو، ياد رهيوسين،
سورج هاڻو، ياد رهيوسين.
چاھ چڪوريءَ جهڙو جنهن جو،
ساھ سيباڻو، ياد رهيوسين.
مومل ماڻا وسري وياسين،
راڄن راڻو، ياد رهيوسين.
جنهن جي نانوَ جو ورد پڙهن،
تسبيح داڻو، ياد رهيوسين.
ٻيا سڀ وسريا موتي ماڻڪ،
جو نه وڪاڻو، ياد رهيوسين.
شهرِ شهيدن جو هڪ ماڻهو،
سورهيه سياڻو، ياد رهيو سين.
نئين ديري جي ڌرتي تُنهن جو،
هر اولاڻو، ياد رهيوسين.
”سوز“
ڪڏهن به وسري نه سگهيو،
عشق اگهاڻو، ياد رهيوسين.
¹
شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ياد ۾
سڄي لوڪ ۾ آھ هيهات، تنهنجي،
ڪُڇي ڪونه ٿي پر لُڇي لات، تنهنجي.
لڳا چنڊ توکي گهڻئي گهاوَ گَهِرا،
مگر رات کي آ اڃا تات، تنهنجي.
زماني ۾ هارون ۽ جيتون به آهن،
سندم دل نه باسي سگهي مات، تنهنجي.
اهائي ته ڌرتي جنهن دودو ڄڻيو هو،
لڳي ٿو ته ساڳي آهي ذات، تنهنجي.
انهي نانوَ نرمل سندي ڇانو تي ٿي،
وسي وڏڦڙن وانگ برسات، تنهنجي.
سدا سنڌ تولاءِ سڪندي ئي رهندي،
جڳن تائين رهڻي آهي بات، تنهنجي.
وڇوڙي جون گهڙيون به نزديڪ آيون،
اڃا منتظر آه پرڀات، تنهنجي.
تنهنجو ”سوز“
جاري ۽ ساري به رهندو،
هميشه لئه هوندي وائي وات، تنهنجي.
¹
نرمل
سرور نوح جو، ارڙهون شهزادو،
ڏاڍو ڏور هليو ويو.
ايڪهين نومبر،
پندرهن تي، سڄڻ سفر هليو،
ڏاڍو ڏور هليو ويو.
سنڌڙي تنهن جي سوڳ ۾ آهي رت رنو،
ڏاڍو ڏور هليو ويو.
جهڙو سندس نانءُ هو، اهڙو پاڻ هئو،
ڏاڍو ڏور هليو ويو.
هئه هئه هالا شهر جو، شاعر گهٽجي ويو،
ڏاڍو ڏور هليو ويو.
”سوز“
انهيءَ جي سوڳ ۾، جڳ افسوس ڪيو،
ڏاڍو ڏور هليو ويو.
ڏاڍو ڏور هليو ويو.
¹
(سائين مخدوم محمد امين فهيم جي ياد ۾)
جنهن ديس ۾ ڪو پيار جو شاعر نه ٿو رهي،
ان ديس تي امن جو فرشتو نه ٿو لهي.
سورج جي روشنيءَ مان جيئن چنڊ ٿو ٺهي،
اهڙي طرح سان ”شاھه“ مان ڪو ”اياز“ ٿو ٺهي.
هن ٿڪ ڀڃڻ گهريو هو ڀٽائيءَ جي ڀونءِ تي،
شاعر جي شاعريءَ جو ڪٿي ٿڪ ٿو لهي.
اڄ ڀي ”ڪراڙ“ ڪپ تي هو گيت ٿو چوي،
سنڌوءَ جي سير جان ٿي سندس شاعري وهي.
باغي ”دروهي“ دوشي ڪو ڪيئن ڪو ڪيئن ڪهي،
شاعر کان سواءِ ڪير اهي گهاوَ ٿو سهي.
ڪنڪر کڻي ٿو لوڪ ته به مرڪي ٿو هيئن چوي،
”هيرن جو ملهه پيارا ڪو جوهري لهي“.
¹
(شيخ اياز جي ياد ۾)
سنڌ ڇڏيو، تنوير وڃي پيو،
جند ڇڏيو، تنوير وڃي پيو،
جيئڻ هن کي راس نه آيو،
موت سڏيو، تنوير وڃي پيو.
جيڪي لفظ ملن، تنهنجي نانءُ ڪجن،
پوري پوَن ڪين ڪي.
شاعر سونهن ورونهن جا، گڏجي سڀ لکن،
پوري پوَن ڪين ڪي.
ڳالهيون جيءَ جنسار جون، ڪيئن ڀلا وسرن،
پوري پوَن ڪين ڪي.
ماڻهو تنهن محبوب جون ڳالهيون ڇا ڳڻجن،
پوري پوَن ڪين ڪي.
تو تي ”سوز“
لکڻ لئه عمريون کوڙ کپن،
پوري پوَن ڪين ڪي.
¹
(تنوير عباسي جي ياد ۾)
جيئن گل وڻن ٿا ٽاريءَ تي،
۽ مينهن وساڙا واريءَ تي،
جيئن ڏيئڙا ڏيئڙا ڏياريءَ تي،
ٿا سهڻا لڳن سنڌ ساريءَ تي،
جيئن سُر ڇِڙن ڪوهياريءَ جا،
تيئن گونجن گيت ”بخاريءَ“ جا.
جي سهڻا پاڻ سڏائن ٿا،
استاد کي سي پڻ چاهن ٿا،
ڪي ڳائن ته ڪي وڄائن ٿا،
ڪي جهوميو جهمريون پائن ٿا،
پنهنجي سونهن جي سونهن وڌائن ٿا،
جيئن ڳائن گيت بخاريءَ جا،
تيئن گونجن گيت بخاريءَ جا.
اڄ ميلو آهه بخاريءَ جو،
هر ويلو آهه بخاريءَ جو،
هر محفل آهه بخاريءَ جي،
۽ هر دل آهه بخاريءَ جي،
هر رات به آهه بخاريءَ جي،
هر بات به آهه بخاريءَ جي.
سونهن موجود سدا موجود!
سنڌ موجود سدا موجود!
¹
(استاد بخاريءَ جي ياد ۾)
وڄائي پنهن جو وارو نيٺ سائل موڪلائي ويو،
لڳي ٿو شاعرن جو هاڻ هت فقدان ٿي ويندو،
پڇيم هڪ ڏينهن ”سائل“ کان ”گذارو ڪيئن ٿيندو آ“،
چيائين بس :
”ملن محبوب ٿا مرڪي ته آ گذران ٿي ويندو“.
”ڪافي“
شوخ نظرن سان نهارون ٿو ڪرين،
عاشقن تي ڄڻ الارون ٿو ڪرين.
ٿو هوائن ۾ اڏامي ائين وڃين،
ڄڻ عقابن جان اڏارون ٿو ڪرين.
صبح ويلي ڪوڪ پئي ڪويل ڪئي،
ائين لڳو ڄڻ تون جهونگارون ٿو ڪرين.
ڪلهه ميارون لوڪ ٿي توکي ڏنيون،
لوڪ تي اڄ تون ميارون ٿو ڪرين.
”سوز“
”سائل“ کان به سادو ٿو لڳين،
بي ميارن تي ميارون ٿو ڪرين.
¹
(سائل
لاکي جي ياد ۾)
”سنسان منظر“
سرنگهه جهڙي گليءَ کي،
لتاڙي اچي،
تنهن جي گهر جي اڳيان،
تنهن جي در جي اڳيان،
مان جڏهن ٿو بيهان،
ته ائينءَ ٿو لڳي،
تو سان گهاريل گهڙيون،
خواب وانگر هيون،
جي هڪ هڪ ٿي نيٺ وکري ويون،
هوائن ۾ پن پن ٿي اڏري ويون،
فضائن ۾ آخر سي تحليل ٿيون.
………
جتي پاڻ مليا ۽ کليا هئاسين،
ڏئي هٿ هٿن ۾ هليا هئاسين،
وجهي ٻانهون ٻانهن ۾ رستن تي،
رليا ۽ گهميا هئاسين،
ڀٽائيءَ جون وايون جهونگاريون هيوسين،
اهي ڀيڻيون هاڻ اجڙيل لڳن ٿيون،
اهي گهڙيون گهائڻ ۽ کائڻ اچن ٿيون،
تون ڇا وئين دوست،
سڀئي روشنيون، خوبصورتيون،
خط،
تصويرون ۽ تحريرون،
پاڻ سان سڀ کڻي وئين،
الاجي توکي ڪهڙي جلدي هئي پيارا!
۽ مان اڪيلو وڇوڙي جا گيت لکندو وتان،
تنهن جي گهر جي اڳيان،
تنهن جي در جي اڳيان،
مان جڏهن ٿو لنگهان،
ته ٻئي هٿ پنهنجي اکين تي رکي ٿو ڇڏيان،
ته جيئن پنهنجي نيڻن سان سو سنسان منظر
ڏسي نه سگهان.
¹
(عرفان مهدي جي ياد ۾)
خزائن ۾ ملڻ وارا، ويا وڇڙي بهارن ۾،
نهاري نيڻ ٿڪجي پيا، انهن لئه انتظارن ۾.
اکين ۾ خواب ها جيڪي، اکين ۾ ئي ويا رهجي،
رهن ٿا خواب خوابن سان، اکين جي آبشارن ۾.
اماسي رات ۾ اڪثر، اداسي دل ٿئي ويتر،
ستارن جي سهائي آهه، رهجي وئي ستارن ۾.
اهي محبوب ماڻهو جي عقابن جان
ويا اڏري،
نماڻا نيڻ ڳولن ٿا، اهي نرمل نظارن ۾.
بهارون بيوفا آهن، اسان جِي بس بهارن کان،
بهارن بيوفائي آ ڪئي، اڪثر بهارن ۾.
لکيو جو ”سوز
هالائي“
غزل ”فيروز“ جي نالي،
سدائين ڳائبو رهبو، خزائن ۽ بهارن ۾.
¹
(ماسٽر
فيروز گل جي ياد ۾)
راڳن جي راڻي او! سُر جي شهزادي،
تون ڪومل سُر سنگيت جو.
گيتن جي گونجار سان، تو واسي هر وادي،
تون ڪومل سُر سنگيت جو.
ڇا ڇا سُر سجائيا تو ها ”وادي سموادي“،
تون ڪومل سُر سنگيت جو.
ساز آواز جي ساٿ کي تو ڏني آزادي،
تون ڪومل سُر سنگيت جو.
گيت ڏني سنگيت کي مبارڪبادي،
تون ڪومل سُر سنگيت جو.
”سوز“
سدائين رهڻي آهي تنهن جي زنده بادي،
تون ڪومل سُر سنگيت جو.
¹
(ملڪه ترنم نورجهان جي ياد ۾)
هر هر ياد اچن، وسري ڪين سگهن،
يار يوسف جون ڳالهيون.
لڳڙي هير ڏکڻ جي، تيئن ٿيون ياد اچن،
وسري ڪين سگهن،
يار يوسف جون ڳالهيون.
ڪيئي رندي ڪافيون، هينئڙي منجهه هُرن،
وسري ڪين سگهن،
يار يوسف جون ڳالهيون.
ڳاتا گيت پريت جا، سي ٿا لک لهن،
وسري ڪين سگهن،
يار يوسف جون ڳالهيون.
موسيقيءَ جي ملڪ جا ماڻهو کوڙ ملن،
وسري ڪين سگهن،
يار يوسف جون ڳالهيون.
جنهن جي سر ۾
”سوز“
جون، ڳالهيون ڇا چئجن،
وسري ڪين سگهن،
يار يوسف جون ڳالهيون.
¹
(محمد يوسف جي ياد ۾)
راڻوڳائيندي، مرڪ ورهائيندي راڻو وڇڙي ويو.
مومل کان مجاز جو ماڻو، وڇڙي ويو،
راڻو وڇڙي ويو.
چانگي کان چندن ۽ لاڻو، وڇڙي ويو،
راڻو وڇڙي ويو.
لوڪ ڪلاسڪ راڳ جو ڄاڻو، وڇڙي ويو،
راڻو وڇڙي ويو.
سرهو سرهو خوشبوءِ هاڻو، وڇڙي ويو،
راڻو وڇڙي ويو.
سُرمي جهڙو
”سوز“
چئي، ماڻهو وڇڙي ويو،
راڻو وڇڙي ويو.
راڻو وڇڙي ويو.
¹
(وحيد علي جي ياد ۾)
ڪوئل جيئن ”ڪو ڪو“ ڪري، آخر ڏاڻي،
گيتن جي راڻي.
شام ٿيڻ کان اڳ ۾ لام به ڪوماڻي،
گيتن جي راڻي.
جنهن جي سُر جي خوشبوءِ کٿوريءَ هاڻي،
گيتن جي راڻي.
سنڌي لوڪ سنگيت کان مڃتا جنهن ماڻي،
گيتن جي راڻي.
جنهن جي سُر سفر جي، آ عجب آکاڻي،
گيتن جي راڻي.
”سوز“
سموري سنڌڙي ٿي ويئي ويڳاڻي،
گيتن جي راڻي.
¹
(فوزيه سومرو جي ياد ۾)
شاھ لطيف جي وائين ۾ جيئن راڳن جي خوشبو،
سُر سنگيت ۾ تيئن آ ”محمد جمن“، جي خوشبو.
سُر ڪلياڻ ۾ آھ بلاشڪ ايمن جي خوشبو،
”جمن“ جي خوشبو ۾ شامل ”شفن“، جي خوشبو.
سُر سنگيت جي سُر تان ويڙا هنج اڏامي پر،
سنڌ سڄي ۾ گونجي پيئي گيتن، جي خوشبو.
ساز آواز نه مرڻا آهن، زنده سي ئي رهڻا آهن،
جن سازن آوازن ۾ ڪا، آهي فن جي خوشبو.
موسيقيءَ جي ملڪ جا ماڻهو سارا خوشبو هاڻا پر،
”سوز“
جدا سڀني کان آهي ”جمن“، جي خوشبو.
¹
(شفيع
محمد جمن جي ياد ۾)
تند سان تند ملائي، سُر سان سُر ملايو ڍول،
سُر سرچائي پِرَ پرچائي روح ريجهايو ڍول.
مومل کي مجاز جا مڙئي، وسريا رنگ رتول،
جيءُ جهري ٿيو جهيرون جهيرون راڻو ڳايو ڍول.
سُر تالن سان، لئه ٻولن سان سڀ ملي هڪ ٿيا،
يڪتاري جي تند سان واه جو نينهن نڀايو ڍول.
ٻول فقيري ڳولي ڳولي ٻوليون ٻولڻ آيو هو،
ڏات سندي ڪشڪول ۾ آندو سُر سرمايو ڍول.
”سوز“
سُرن سنسار ۾ اهڙو گم سم ٿي آ ويو،
ڄڻ ته انهيءَ سنسار ۾ هن جو آهي آيو ڍول.
¹
(ڪافي ڍول فقير جي نالي)
ٿر جي ڌرتيءَ تي، ڪوسي واريءَ تي،
ڪوئي سُر ڇڙي پيو.
لڳڙي هير ڏکڻ جي، ٽاريءَ ٽاريءَ تي،
ڪوئي سُر ڇڙي پيو.
خوشبوءِ آئي اوتجي، سنڌڙيءَ ساريءَ تي،
ڪوئي سُر ڇڙي پيو.
موسيقيءَ جي ملڪ جي، موسيقاريءَ تي،
ڪوئي سُر ڇڙي پيو.
رم جهم رم جهم رم جهم، مينگهه ملاريءَ تي،
ڪوئي سُر ڇڙي پيو.
نالو ”صادق“ کي مليو ڪلاڪاريءَ تي،
ڪوئي سُر ڇڙي پيو.
”سوز“
سموري سنڌ جي فن فنڪاريءَ تي،
ڪوئي سُر ڇڙي پيو.
³
(صادق
فقير جي ياد ۾)
”سر جمن“
پهريون سر ڪلياڻ، رسالي لطيف جو،
”جمن“ ڳاتو شاھ جو، پهرين سر ڪلياڻ،
دوست پيهي در آئيو، نينهن ڏني نرواڻ،
موسيقيءَ مهراڻ، وهندي تارون تار ٿيو.
ساري سڀ ڄمار، سک نه ستا ڪڏهن،
جيئن جئين ٺري راتڙي، تاڻين تند تنوار،
راڳي تنهنجي راڳ جا، آهن عجب اسرار،
ٻيجل ٿي ٻيهار، سر جون صدائون ڏنيون.
آڌيءَ ٿا اورين، اندر جي اظهار کي،
راڳي راڳ ويراڳ جي تندن کي تورين،
ساريون راتيون
”سوز“
چئي، سازن کي سورين،
گهوريو ٿا گهورين، سر تان پنهنجي سر کي.
راتيون جاڳن جي، سي ئي موسيقار ٿيا،
رکي ساز هنجن تي سر ملائن سي،
سڌا پير ڪري، ڪڏهن ستا ڪين ڪي.
ڪري رقص ردم، بانسريءَ جي ڦوڪ تي،
جهانجهر جي جهنڪار تي، ٽيڙو ڪن ٽم ٽم،
راڳي راڳ ويراڳ سان رات ڪئي رم جهم،
ڇيرين جي ڇم ڇم، تارو تارو گهنگهرو.
روپا روپا رنگ، راڳي تنهنجي راڳ جا،
مُلڪن ۾ مشهور ٿيا، ”انگائي“ جا انگ،
سونا سارا سنگ، موسيقيءَ جي کيت جا.
چندن هاڻا روپ، راڳي تنهنجي راڳ جا،
خوشبو خوشبو ٿي ويا سارا روپ سروپ،
ناهن ٿيا الوپ، گونجن پيا گرنار تي.
مصريءَ کان به مٺيون، راڳي تنهنجون راڳڻيون،
مٺيون اهڙيون جهڙيون محبوبن مٺيون،
موسيقار مٺيون، سُرَ کي ڏنيون
”سوز“
چئي.
انگن ۾ اوتي، لهر لئه ڪاريءَ جي،
سُرن جي سمونڊ مان، ميڙيا ڪئين موتي،
موتي ٿيا جوتي، سُرن جي سهڪار سان.
رسالي جا رنگ، راڳي تنهنجي راڳ ۾،
سرن جي سرچاءَ سان، چارڻ چوريا چنگ،
انگائيءَ ڪي انگ، وتا شاھ لطيف کان.
ڳايون جي وايون، راڳيءَ شاھ لطيف جون،
سي ٻيهر ٻرايون، جاجڪ ساريءَ جوءِ ۾.
تو جا ڳائي ”آبري“، پنهون پيو پرچي،
سسئيءَ سان سرچي، پرين پهتو پٻ ۾.
”معذوري“ جي راڳ تي ڏونگر پيو ڏري،
آهي ڳالهه ڳري، راڳي تنهنجي راڳ جي.
ٻيجل سِرُ وتو، راجا راءِ ڏياچ کان،
”جمن“ سُر وتو، سرچائي سنگيت کان.
جيئن ڪو ننڍڙو ٻار، کيڏي رانديڪن سان،
ائين رانديون راڳ سان، ڪري هي فنڪار،
ماهر موسيقار، ڄاڻي رمزون راڳ جون.
گم سم سارو ڏينهن، سرن جي سنسار ۾،
ڪونه ٻڌوسين سر سان، ايڏو نينهن سنينهن،
موسيقيءَ جو مينهن، وٺو موسيقار تي.
موکي متارا، وري تو وٽ آئيا،
هو جي وھه وهاٽيا، سراپيل سارا،
سرڪيءَ ڪارڻ سر جي، وريا وڻجارا،
ڇڏي شوق شراب جا، سڻي چوتارا،
راڳيءَ سندي راڳ جا، آهن اڃارا،
وريا اڄ وارا، ”سون مياڻي“ سون ٿي.
تن ۾ تات لطيف جي، من ۾ لطيفي لات،
ساري ساري رات، گونجن گيت هوا ۾.
موسيقي ڇا هي؟ پڇيم موسيقار کان،
”چي“:
سپيرين جي سونهن کي، جيڪا ساراهي،
اها ئي آهي، معنى موسيقيءَ جي.
ميڙي جن مايا، سي مور نه موسيقار ٿيا،
مور نه موسيقار لئه مايا ٿي ڇايا
موسيقي مايا، آهي موسيقار جي.
”جمن“ جي آئي، ٿيا سهنج سنگيت جا،
لاٿي ڪٽ ڪماچ تان، تنهن سورٺ کي ڳائي،
ڳائي وڄائي، وتو سُر سنگيت کان.
”جمن“
جيئن ڳاتو، آهي شاھ لطيف کي،
تنبوري جي تند ۽ سر کي سڃاتو،
ائين نه ڳاتو، ڪنهن ٻئي راڳيءَ شاھ کي.
راڳ نه ڪي ويراڳ، نڪي رندي ڪافيون،
سارا سڃا ٿي ويا، موسيقيءَ جا ماڳ،
جمن وري جاڳ، ته ٿين سهج سنگيت جا.
جمن جاڳرتا، ڏني سر سنگيت کي،
سهڻي سڀيتا، ملي موسيقار کي.
¹
(استاد محمد جمن جي ياد ۾)
تاثرات
……سوز هالائي جي شاعري ۾ نئون رنگ
آهي ۽ اها گهڻي حد تائين سهڻن لفظن ۽ اصطلاحن سان
سينگاريل آهي. هن ۾ سوز ۽ ساز ٻئي آهن، سهڻا الفاظ
به آهن ۽ انهن سان گڏ سُرُ ۽ آواز به آهن ان لاءِ
سوز کي مبارڪ هجي.
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ )
……سوز هالائي بنيادي طور غزل جو
شاعر آهي، سندس غزل واري شاعريءَ جي هڪ مصرع مشرق
ته ٻي مغرب وانگر نه آهي ۽ سڄي شاعري هڪ ڪري ۽ هڪ
ساريڪي آهي. سندس غزل ۽ ٻين صنفن تي گيت جو اثر
نمايان آهي، جنهن کي عنوان به ڏيئي سگهجي ٿو ته
ڳائي به سگهجي ٿو.
(محمد ابراهيم جويو)
سوز رڳو غزل جو شاعر ڪونهي، مختلف
اصنادِ سخن تي پڻ طبع آزمائي ڪري ٿو. هو بلاشڪ ته
ورسٽائيل شاعر آهي. سندس ليرڪ شاعري صرف هالا وارن
لاءِ نه پر سڄي سنڌ واسين لاءِ آهي. مان چوان ٿو
ته “هالا ۾ آ سوز ائين، جيئن ٽکڙ ۾ امداد”.
(تنوير عباسي)
……سوز سنڌي شاعريءَ ۾ موسيقي جو
اڀياسي رهيو آهي، سندس شاعريءَ ۾ موسيقيءَ جا چٽا
پٽا عڪس موجود آهن. سوز جي شاعري روايت ۽ جدت جي
ميلاپ سان ٺهي ٿي. مون کي ته سندس شاعريءَ ۾ هالا
واري جنڊيءَ جا چٽ چٽيل نظر آيا.
(امداد حسيني)
……سوز جي شاعري پڙهڻ ويٺس ته
پڙهندو ئي رهيس، مون کي سوز جي کوڙ سارن شعرن
موهيو، سو نوٽ ڪري ڇڏيم. سوز جي شاعري ترقي پسند
شاعرن جي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جهڙي آهي، کيس مڃتا ضرور
ملڻ گهرجي.
(رسول بخش پليجو)
……منهنجي ڳوٺائي شاعر سوز هالائي
جي شاعري پڙهندو آهيان ته وجد ۾ اچي رقص ڪرڻ لڳندو
آهيان. ڪاش! منهنجو آواز سريلو هجي ها ته سوز جي
شاعري کي ڳايان ها، منهنجي ڳوٺ هالا پراڻا ۾ هڪ
صديءَ کان پوء اهڙو ڪو شاعر پيدا ٿيو آهي، جنهن جي
شاعريءَ موسيقيءَ جو لباس پاتو هجي ۽ ايتريون
ساريون محبتون ماڻيون هجن.
(قاضي حفيظ قريشي سينيئر |