تو وساري ڇڏيو، مون کان وسارڻ به نه ٿيو،
ويجهو گهارڻ به نه ٿيو، ڏور گذارڻ به نه ٿيو.
پيار ان جاءِ تي پڄائي ڇڏيو آھ جتي،
عشق ان ماڳ تي اماڻي ڇڏيو آهه اُتي،
جت وصل جو ۽ هجر جو ڪو ئي تصور نه رهيو.
هڪ حسين شام تنهنجي نام رچائي اکين،
پنهنجي خوابن جي سڄي سونهن سجائي اکين،
تون هجين ها ته ڏسين ها حسين منظر سو.
ياد جا باب کليا، چنڊ جي سهائيءَ ۾،
دل اندر درد دکيا، رات اڪيلائيءَ ۾،
وصل جو واءُ اهي درد اجهائي نه سگهيو.
تون اچين يا نه اچين شال توکي ياد هجان،
ان نموني ئي سهي تنهن جو انتظار ڪيان،
منهنجي اکين به انتظار سکي ”سوز“
ڇڏيو.
تو وساري ڇڏيو.
مون کان وسارڻ به نه ٿيو.
ð
اوهان جي شهر ۾ اچي ڇا ڪنداسون،
اڪيلا اڪيلا وڃي ڇا ڪنداسون.
جتي محب مليا ۽ کليا هئاسون،
ڏئي هٿ هٿن ۾ ته هليا هئاسون،
اتي اوپرن کي ڏسي ڇا ڪنداسون.
روئي جي پئون ڪير سرچائي سگهندو،
رُسِي جي پئون ڪير پرچائي سگهندو،
اسين هاڻ ڪنهن سان رُسي ڇا ڪنداسون.
اوهان کي هجي شل نئون نينهن نيبهه،
اسان کي اوهان تي وڏو آھ ويسهه،
اوهان کي ميارون به ڏئي، ڇا ڪنداسون.
اهي پيار جا پل اڻ ملهه ڏناسون،
گلابن کان سرها به ڏئي پل ڇڏياسون،
اهي ”سوز“
واپس وٺي ڇا ڪنداسون.
ð
وسڪاري جا ڏينهن، ٿڌڙا ٿڌڙا ڏينهن،
آءُ ته گڏجي گهاريون.
وسيا ڄاڻ ته وسيا، هي جي مندائتا مينهن،
اکيون آهن اڃاريون،
آءُ ته گڏجي گهاريون.
پرچي سرچي پاڻ ۾، لايون نوان ڪي نينهن،
پويان پل وساريون،
آءُ ته گڏجي گهاريون.
سونهن ورونهن مان سرجيو، جيڪو نينهن سنينهن،
آءُ ته نينهن نکاريون،
آءُ ته گڏجي گهاريون.
جاني جوڀن جا هجن متان پويان ڏينهن،
واري تن کي واريون،
آءُ ته گڏجي گهاريون.
مٺڙا مند ملهار جي، آهي ٻٽڙي ڏينهن،
تن من تن تان واريون،
آءُ ته گڏجي گهاريون.
ð
محبوب جي ماڻن کي هيِ ڇا ٿي ويو آهي،
محجوب ادائن کي، هيِ ڇا ٿي ويو آهي.
آئيني جي اکڙين کي ڪو زنگ لڳو شايد،
يا نرمل نيڻن کي، هيِ ڇا ٿي ويو آهي.
مرڪي جي ملندا ها، خوش ٿي جي کلندا ها،
تن سهڻن ماڻهن کي، هيِ ڇا ٿي ويو آهي.
ٺاهي به نه ٿا سگهجن، ڳائي به نه ٿا سگهجن،
ڪافين ۽ ڪلامن کي، هيِ ڇا ٿي ويو آهي.
ڪو ”سوز“
رهيو ڪونهي سازن ۽ سرودن ۾،
هن دل جي دردن کي، هيِ ڇا ٿي ويو آهي.
محبوب جي ماڻن کي هيِ ڇا ٿي ويو آهي،
محجوب ادائن کي، هيِ ڇا ٿي ويو آهي.
ð
(راڳ مالڪوس ۾ لکيل)
وئي خاڪ کائي، سڄڻ ڪهڙا ڪهڙا،
سڃا سارا ٿي ويا اڱڻ، ڪهڙا ڪهڙا.
ڇڏي ويا ڇڏي ويا، پيارا ڇڏي ويا،
لڏي ويا لڏي ويا، سي لالڻ لڏي ويا،
جدا جانبن ريءَ جيئڻ ڪهڙا ڪهڙا.
رڳو روڄ راڙو، سپيرين جون سارون،
اچن ياد هر هر ٿيون سارون سنڀارون،
رئڻ راس آيا، کلڻ ڪهڙا ڪهڙا.
پٽڻ واريون پڌريون، سندن ”ڳِلهَه“ ڳاڙها،
روئڻ واريون روئن ڪري روڄ راڙا،
ڏکين ريءَ ڙي ڀينر، ڀنڻ ڪهڙا ڪهڙا.
سڄڻ ”سوز“
ساري ڀِڄي نيڻ پئڙا،
وٺا وڏ ڦڙن جان، ڳلهن تان ڳڙي پيا،
وسن لڙڪ ڀل پيا، اگهڻ ڪهڙا ڪهڙا،
وئي خاڪ کائي سڄڻ ڪهڙا ڪهڙا.
ð
سمنڊ جي سپن جيان، بيحد اڃايل ٿا لڳن،
نيڻ پياسن وانگيان، پياسا هي بادل ٿا لڳن.
هيتري اٿاهه ساگر ۾ بسيرو ڪيئن ڪندا،
ڪنهن پراهين پار جا پنڇي اڏاڻل ٿا لڳن.
نيري اڀ تي ڌنڌلڪن تارن ستارن وانگيان،
هڪڙي ڪشتيءَ جا ڪئين ڏيئڙا اجهاڻل ٿا لڳن.
هي بندر بازاريون ويران ۽ سنسان سڀ،
ڪنهن اڃاتل جوءِ کان وڻجارا آيل ٿا لڳن.
مند آئي آ وري پر ڪو نه وڻجارا ورئا،
ڪنهن وساريل ماڳ جا ڌرتيءَ ڌڪاڻل ٿا لڳن.
سمنڊ سوجهڻ جي ويا ها ”سوز“
سيئي آئيا،
پر ڪناري جا اڃا آتڻ اجهاڻل ٿا لڳن.
گيت
رنگ
”هجر وصال جا گيت “
دور وڃي پهتيون، سونهن ڀرئي سنسار جون ڳالهيون،
جيون جي جنسار جون ڳالهيون.
افق شفق جي ڇيڙي تائين، نيٺ وڃي نڪتيون،
خوابن جي هن پار جون ڳالهيون،
اکڙين جي اسرار جون ڳالهيون.
تيز هوا ۾ پن پن پن ٿي، وکري سڀ ويون،
هيج ڀري هٻڪار جون ڳالهيون،
موتئي جي مهڪار جون ڳالهيون.
سُرهيون سُرهيون سرگوشيون، ٿي ڪوتائون پيون،
راڳ بسنت بهار جون ڳالهيون،
سارنگ مينگهه ملهار جون ڳالهيون.
پريم نگر جون ٻئي شهزاديون، ڪيئن الائي پرتيون،
ساجن سار وسار جون ڳالهيون،
سانول موڙ مهار جون ڳالهيون.
”سوز“
نه جيڪي موٽي مليون، ايڏو ڏور ويون،
درشن ۽ ديدار جون ڳالهيون،
نيڻن جي سهڪار جون ڳالهيون،
سونهن ڀرئي سنسار جون ڳالهيون.
ö
تنهنجي سونهن ورونهن جو، ساري گلشن تي،
آهي رنگ چڙهي ويو.
دل جي گهر جي سڀني، در دريچن تي،
آهي رنگ چڙهي ويو.
تنهنجا ڏٺم سپنا، منهنجن نيڻن تي،
آهي رنگ چڙهي ويو.
تنهنجي لاءِ لکيم جي، گيتن غزلن تي،
آهي رنگ چڙهي ويو.
هي جا انڊلٺ پيار جي، ان جي رنگن تي،
آهي رنگ چڙهي ويو.
”سوز“
سنگيت جي ڪومل ڪومل سُرن تي،
آهي رنگ چڙهي ويو.
آهي رنگ چڙهي ويو.
ö
ساجن صبح ويل، توکان پڻ سويل، خوشبو اچي ٿي،
تنهن جو پڇي ٿي،
خوشبو اچي ٿي.
من اندر جي لام تي، لاتيون لنوي ٿي،
تنهن جو پڇي ٿي،
خوشبو اچي ٿي.
مون کي پنهنجي پرينءَ جو نالو ڏسي ٿي،
تنهن جو پڇي ٿي،
خوشبو اچي ٿي.
ڪوئل
جهڙيءَ گونج ۾ ڳالهيون ڪري ٿي،
تنهن جو پڇي ٿي،
خوشبو اچي ٿي.
سمجهي وڃي ”سوز“
ٿو، جيڪي چوي ٿي،
تنهن جو پڇي ٿي،
خوشبو اچي ٿي.
خوشبو اچي ٿي.
öتنهن
جو خط مليو، مون کي ائين لڳو،
اڃا وسريو ناهيان.
الائي ڪهڙي ڏِسِ جو آهي واءُ لڳو،
اڃا وسريو ناهيان.
ڏيئي خط هٿن ۾ قاصد مرڪي پيو،
اڃا وسريو ناهيان.
ماضيءَ جي ويساھ جو ڪوئي ورق ورئو،
اڃا وسريو ناهيان.
يادن جي گلدان تي سَرهو گل ٽڙيو،
اڃا وسريو ناهيان.
”سوز“
ڪوئي سنگيت جو ڪومل سُر ڇڙيو،
اڃا وسريو ناهيان.
ö
تنهنجي آئي سان، منهنجن خوابن جا،
سارا رنگ رچي ويا.
اڀريو چنڊ اڱڻ تي، نرمل نيڻن جا،
سارا رنگ رچي ويا.
سونهن لٿي ساڻيهه تي، سهڻن ماڻهن جا،
سارا رنگ رچي ويا.
ڪارونجهر جي ڪور جي مڙني مورن جا،
سارا رنگ رچي ويا.
سنڌو جل ٿل ٿي ويو، ڳوٺن شهرن جا،
سارا رنگ رچي ويا.
اڏندڙ ”سوز“
هوا ۾، گيتن غزلن جا،
سارا رنگ رچي ويا.
ö
جيڪي گيت لکيام، ويهي نما شام،
پهتا ڪونه پرينءَ کي،
هوائن جي هل کان هٿو هٿ مڪام،
پهتا ڪونه پرينءَ کي،
لڪندي ساري لوڪ کان، مڪم جي پيغام،
پهتا ڪونه پرينءَ کي،
چيم جيڪي چنڊ کي، اهي قرب ڪلام،
پهتا ڪونه پرينءَ کي،
پل سمورا پيار جا، جنهن جي نانءَ ڪيام،
پهتا ڪونه پرينءَ کي،
چنڊ نه پڄائي سگهيو، سندا ”سوز“
سلام،
پهتا ڪونه پرينءَ کي،
دروازي تي دستڪ ڏيئي آئي آ،
سار پرينءَ جي خوشبو بڻجي آئي آ.
ائين لڳي ٿو، رات سڄي ڪٿ جاڳي آ،
تارن هيٺان ويهي رات گذاري آ،
ڦولن جي خوشبو سان مهڪي آئي آ،
سار پرينءَ جي خوشبو بڻجي آئي آ.
چهري تي هن چنڊ سجائي رکيو جو،
پنهنجي نيڻن سان آهي سو مون به ڏٺو،
چانڊوڪي ان گهر تي نکري آئي آ،
سار پرينءَ جي خوشبو بڻجي آئي آ.
بانسريءَ جي سر ۾ جيڪا ”هير“ وڳي،
گيت چپن تي آيو ان جي طرز ٺهي،
رانجهوءَ جي تصوير به اڪري آئي آ،
سار پرينءَ جي خوشبو بڻجي آئي آ.
دروازي تي دستڪ ڏئي آئي آ،
سار پرينءَ جي خوشبو بڻجي آئي آ.
ö
شفق رنگ وکيريا، منظر منظر تي،
چنڊ ڏٺو آهي.
خوشبوءِ جي وسڪار ٿي، نيڻن نگر تي،
چنڊ ڏٺو آهي.
ڪيئي ڪنول ٽڙي پيا، ڪنڌيءَ ڪينجهر تي،
چنڊ ڏٺو آهي.
ڪارونجهر، ڪشمور ۽ ڪيٽي بندر تي،
چنڊ ڏٺو آهي.
پيهي پرين آئيا من جي پڌر تي،
چنڊ ڏٺو آهي.
خوشيون آيون اوتجي نيڻن نظر تي،
چنڊ ڏٺو آهي.
ö
لوڪ گيت
مند آ مهڪار جي، آءُ پرين تون آءُ،
مينگهه ۽ ملهار جي، آءُ پرين تون آءُ.
چنڊ جي چانڊاڻ ۾، آءُ پرين تون آءُ،
آءُ ته پرچون پاڻ ۾، آءُ پرين تون آءُ.
شام ٿي آ ڳوٺ تي، آءُ پرين تون آءُ،
سونهن لٿي آ ڳوٺ تي، آءُ پرين تون آءُ.
رات پوئين پهر ۾، آءُ پرين تون آءُ،
لوڪ سارو ڳهر ۾، آءُ پرين تون آءُ.
گلن جهڙي شهر ۾، آءُ پرين تون آءُ،
ڦلن جهڙي شهر ۾، آءُ پرين تون آءُ.
آءُ پرين تون آءُ،
آءُ پرين تون آءُ.
ö
شام لٿي سرمئي آ،
رات به نکري پئي آ.
مند ملڻ جي آئي
بوند وسڻ جي آئي
خوشبو ڳالهه ڪئي آ.
شام لٿي سرمئي آ،
رات رهي وڃ مٺڙا
ڳالهه ٻڌي وڃ مٺڙا
چنڊ پرينءَ کي چئي آ
شام لٿي سرمئي آ.
ڦول سمورا هن جي
”سوز“
سنيها هن جي
هير هٿن ۾ ڏئي آ
شام لٿي سرمئي آ،
شام لٿي سرمئي آ،
رات به نکري پئي آ.
ö
وايون، گيت، غزل، تنهنجي لاءِ لکيل،
توکي ڪيئن ويا وسري!!
سونيون سونيون ساعتون، پارس جهڙا پل،
توکي ڪيئن ويا وسري!!
سپنن جي سنسار جا، ٽڙيل نيل ڪنول،
توکي ڪيئن ويا وسري!!
تارن ڀرڙيءَ رات جا سارا رنگ رتل،
توکي ڪيئن ويا وسري!!
مون کان مُور نه وسريا، اهي پل اپل،
توکي ڪيئن ويا وسري!!
ساريون راتيون
”سوز“
چئي، رهيا نيڻ کليل،
توکي ڪيئن ويا وسري!!
ö
چانڊوڪيءَ جي رات، گيت مليو سنگيت کي،
گيت مليو سنگيت کي.
ميت مليو ڄڻ ميت کي.
سپنن آندي پاڻ سان، ساڀيان جي سوغات،
گيت مليو سنگيت کي.
ميت مليو ڄڻ ميت کي.
سونهن سندي سنڌوندي، اٿلي پئي ان رات،
گيت مليو سنگيت کي.
ميت مليو ڄڻ ميت کي.
تن ۾ تات پرينءَ جي من ۾ لطيفي لات،
گيت مليو سنگيت کي.
ميت مليو ڄڻ ميت کي.
روڪڻ ساڻ نه رڪجي، ڪنهن پر سگهي بات،
گيت مليو سنگيت کي.
ميت مليو ڄڻ ميت کي.
پويان پل پرھ جا، نيڻن ۾ برسات،
گيت مليو سنگيت کي.
ميت مليو ڄڻ ميت کي
شعر لکڻ جي ”سوز“
کي ڏات ملي ان رات،
گيت مليو سنگيت کي.
ميت مليو ڄڻ ميت کي.
ö
کليل آهي در، لياڪا هر هر، اوسيئڙي ۾ آهيان،
اوسيئڙي ۾ آهيان.
راڻو ويٺي ڳايان.
تو لئه سجائي ڇڏيم، هيڏو سارو گهر،
اوسيئڙي ۾ آهيان.
راڻو ويٺي ڳايان.
پاري جهڙي راتڙي، اوتون ڏئي اتر،
اوسيئڙي ۾ آهيان.
راڻو ويٺي ڳايان.
ويئي رات وهامجي، موڙيا ڪَتين ڪر،
اوسيئڙي ۾ آهيان.
راڻو ويٺي ڳايان.
وکريا ساري رات جا رنگ رتا منظر،
اوسيئڙي ۾ آهيان.
راڻو ويٺي ڳايان.
صبح ٿي ويو ”سوز“
چئي آئين ڪونه مگر،
اوسيئڙي ۾ آهيان.
راڻو ويٺي ڳايان.
ö
دروازو کليو رکجان، جيئن مان وري به اچان،
دروازو کليو رکجان.
جي پل هٿان وڃن ٿا، موٽي نه سي ملن ٿا،
خوابن جيان لڳن ٿا، ايءَ ڳالهه ٻڌي ڇڏجان.
دروازو کليو رکجان.
تازيون هوائون اينديون، پيغام کڻي وينديون،
تحفا به اچي ڏينديون، نيڻن جو خيال رکجان،
دروازو کليو رکجان.
دل جا ته هي دروازا، هڪ وار بند جي ٿيا،
پوء ڪونه کلي سگهندا، ها! ياد رکي ڇڏجان،
دروازو کليو رکجان.
مان گيت جي لکان ٿو، ڄڻ پيار ورهايان ٿو،
توڏي به اماڻيان ٿو، تون پاڻ پڙهي ڏسجان،
دروازو کليو رکجان.
دروازو کليو رکجان.
ö
تنهنجي اڳيان مکڙي شرمائي،
باغن ۾ ٿي ڪوئل ڳائي،
تنهنجي اڳيان مکڙي شرمائي.
دل تو لئه ديواني آهي،
توکي ڏسيو ڏسڻ ٿي چاهي،
ائين نه وڃجان پاڻ ڇڏائي.
ساڻ جي آهين سڀ ڪجهه آهي،
تون جي ناهين ڪجهه به نه آهي،
نيڻ ٺرن ٿا تنهنجي آئي.
تون ئي منهنجو ساهه سهارو،
مان درياءُ ۽ تون ڪنارو،
محبت ڇڏيو آهي ملائي.
ساجن منهنجا قول تون پنهنجا،
ڪين وسارج ٻول تون پنهنجا،
پيچ پيارا وڃ ڪو پائي.
ö
(ڪي-ٽي-اين جو ڊئيٽ)
چنڊ کي توڏي اماڻي، تنهن جي پاڙي،
مان وري آيو آهيان.
شهر تنهنجي جا سڀئي، ليڪا لتاڙي،
تنهن جي پاڙي،
مان وري آيو آهيان.
نيٺ تنهنجي گليءَ تائين، هڪ ڏهاڙي،
تنهن جي پاڙي،
مان وري آيو آهيان.
بيوفائيءَ وارا سارا، ورق ڦاڙي،
تنهن جي پاڙي،
مان وري آيو آهيان.
مان ته ڪشتيءَ کي ڪناري تي ئي ساڙي،
تنهن جي پاڙي،
مان وري آيو آهيان.
ٻول تو سان قول تو سان ”سوز“
پاڙي،
تنهن جي پاڙي،
مان وري آيو آهيان.
مان وري آيو آهيان.
ö
مون جي سپنا ڏٺا، تنهنجي نيڻن سندا،
سڀ نه تنهنجا هئا،
ڪي ته منهنجا به ها.
سارا رستا اچي، تنهنجي در تي کٽا،
فاصلا جي گهٽيا،
سڀ نه تنهنجا هئا،
ڪي ته منهنجا به ها.
گيت جيڪي رچيا، لفظ جيڪي مليا،
توکي ارپي ڇڏيا،
سڀ نه تنهنجا هئا،
ڪي ته منهنجا به ها.
دل جي دروازي تي، سڏ جيڪي ٿيا،
سي پڙاڏا ٿيا،
سڀ نه تنهنجا هئا،
ڪي ته منهنجا به ها.
ڪي ته منهنجا به ها.
öخوشبو
خوشبو خواب، چنڊ پرينءَ جي پار کڻي ويو،
چنڊ پرينءَ جي پار کڻي ويو.
وصل وصال جي مند جا، سارا گل گلاب،
چنڊ پرينءَ جي پار کڻي ويو.
نينهن سنينهن مان جي سرجيا، سي سڀ ڏوھ ثواب،
چنڊ پرينءَ جي پار کڻي ويو.
ڪي جي سڪ سنيهڙا، بيحد بي حساب،
چنڊ پرينءَ جي پار کڻي ويو.
کولي پر هوا ۾، اڏندڙ ڪيئي عقاب،
چنڊ پرينءَ جي پار کڻي ويو.
ساروڻين جا ”سوز“
چئي، بانديئڙا سرخاب،
چنڊ پرينءَ جي پار کڻي ويو.
چنڊ پرينءَ جي پار کڻي ويو.
ö
خواب ڇڏي خوشبوءِ کڻي ويا، گيت پرينءَ جي پار جا،
گيت پرينءَ جي پار جا.
جيئن جيئن گليءَ گونجيا، تيئن تيئن وڻي ويا،
گيت پرينءَ جي پار جا.
ڪوئي پيوند پيار جو، هُو تان هڻي ويا،
گيت پرينءَ جي پار جا.
پايل وانگر پير مان ڏئي ڇمڪو ڇڻي ويا،
گيت پرينءَ جي پار جا.
اوسيئڙن عيوض ۾، ڏئي قربن ڪڻي ويا،
گيت پرينءَ جي پار جا.
ڏات ڏيئي ڪا ”سوز“
کي، هو جي ڏات ڌڻي ويا،
گيت پرينءَ جي پار جا.
گيت پرينءَ جي پار جا.
ö
رت ڦري آ، هاڻ وري آ،
ڪانه سري آ، هاڻ وري آ.
نيڻ ٺرن ٿا، چانڊوڪين ۾،
نيڻ ٻرن ٿا، تنهائين ۾،
رات ٺري آ، هاڻ وري آ.
پيار جا باندي جيڪي هئڙا،
درد سي دل کان دور ٿي ويڙا،
اي ءَ خوش خبري آ، هاڻ وري آ.
ڳالهه ڳجهي هئي، نيٺ هُلي پئي،
خوشبو وانگر آھه کلي پئي،
دل جي دري آ، هاڻ وري آ.
درد ويا ته به روئي ويٺي،
دل آهي يا سنڌ جي ڌرتي،
چاھ چري آ، هاڻ وري آ.
ö
شام جو هڪڙو پکي، لاتڙيون مٺڙيون لنوي ٿو،
صبح جو اڏري وڃي ٿو،
شام جو موٽي اچي ٿو.
ويٺو انب جي لام تي، آس ڪا آهي رکي،
صبح جو اڏري وڃي ٿو،
شام جو موٽي اچي ٿو.
محبتي ميوَن سندي ڪا، چاش چتونئڙي چکي،
صبح جو اڏري وڃي ٿو،
شام جو موٽي اچي ٿو.
هن پکيئڙي پيار واري، ساري آهي ڪا سکي،
صبح جو اڏري وڃي ٿو،
شام جو موٽي اچي ٿو.
”سوز“
ساري رات گھاري، هي پکي لالڻ لکي،
صبح جو اڏري وڃي ٿو،
شام جو موٽي اچي ٿو.
ö
روز ڏسن ٿا، خواب اوهان جا،
نيڻ اسان جا، نيڻ اسان جا.
خواب اوهان جا.
جاڳ ٿئي ٿي، ننڊ ڦٽي ٿي،
باک ڦُٽي ٿي، رات کٽي ٿي،
پر نه کٽن ٿا خواب اوهان جا.
خواب اوهان جا.
برکا رت جي بوندن وانگر،
چانڊوڪيءَ جي ڪرڻن وانگر،
خوب وسن ٿا خواب اوهان جا.
خواب اوهان جا.
خواب ڏسي ويساهه ٿئي ٿو،
خوابن ۾ به اوهان ئي آهيو،
خواب لهن ٿا خواب اوهان جا.
خواب اوهان جا.
دل جي اندر درد اوهان جا،
”سوز“
سمورا سانڍي رکيا،
سهڻا لڳن ٿا خواب اوهان جا.
خواب اوهان جا.
ö
عيد جي چنڊ جان گهڻو ڳوليم،
تون ڪٿي ڀي نظر نه آئين ”پريم“.
روشنيءَ جي سفر جي حد تائين،
نيٺ ڳولي نظر جي حد تائين،
نيڻ ڌنڌلا ويا ٿي، تنهن جو قسم.
دل دريچو ائين کليل رکندي،
هر ستاري کان چنڊ جو پڇندي،
عيد جي رات ائين گذاري ڇڏيم.
در تي دستڪ هوا ڏني آهي،
دل جي ڌڙڪڻ اڃا رڪي ناهي،
ياد تنهنجي ڏنو سهارو اٿم.
چنڊ کي جيئن لڪائي بادل ٿو،
رات توکي به ڪٿ لڪائي ڇڏيو،
ايءَ خبر ”سوز“
دير سان پييم.
ö
اوهان ملڻ ڇڏي ڏنو، اسان کلڻ ڇڏي ڏنو،
اوهان پڇڻ ڇڏي ڏنو، اسان اچڻ ڇڏي ڏنو.
ڪئين نينهن جا، سنيهن جا ۽ سونهن جا ورونهن جا،
اسان به گيت پئي لکيا، اوهان اهي پئي پڙهيا،
اوهان پڙهڻ ڇڏي ڏنو، اسان لکڻ ڇڏي ڏنو.
اسان به گل آڇيا، اوهان به گل آڇيو،
محبتن جي موٽ جو ڪوئي ته مانُ موکيو،
اوهان ڇڏي ڏنو مگر، اسان ڇڏڻ ڇڏي ڏنو.
هي محبتن جا موتي، مالها ۾ ئي رهڻ ڏيو،
وِکري ويا ته تن کي، جوڙڻ ڏکيو ٿي ويندو،
اوهان ڳنڍيو نه ڳنڍيو، اسان ڇنڻ ڇڏي ڏنو.
ڪڏهن ته ”سوز“
ساربو، ائين نه آهه وساربو،
آ محب ائين نه ماربو، ڪو ڌيان آهه ڌاربو،
اوهان مڃڻ ڇڏي ڏنو، اسان چوڻ ڇڏي ڏنو.
ö
”موسمي گيت“
کنياتي خبر ڪئي، چپن ۾ چئي،
پرين اچي ٿو رنگ رچي ٿو.
اڱڻ اجاريان، سيج سنواريان،
سهرا ڳايان نيڻ وڇايان،
سرتيون ساجن لئي،
پرين اچي ٿو، لوڪ پڇي ٿو.
کنياتو خير جي لات لنوي پيو،
سڀ سمجهان ٿي جيڪي چوي ٿو،
آهي پڪ پئي،
پرين اچي ٿو روح رچي ٿو.
تارا سارا ترسي پوندا،
چانڊوڪيءَ کان سرسي کڻندا،
ويڙو چنڊ چئي،
پرين اچي ٿو، ڄاڻ اچي ٿو.
آءُ ڙي سکي هڪ ڳالهه ٻڌائين،
هوريان هوريان ڪن ۾ سڻائين،
ڪنهن ساڻ نه سلجان ”ائي“،
پرين اچي ٿو، گيت رچي ٿو.
ö
”ٿر جو گيت“
ڊٽ جو ڪو ڊاٽيئڙو آهي،
چين چورائي ويڙو آهي،
چين چورائي ويڙو آهي.
ڏور ڏيس کان آيو جيڪو،
پنڇي پرديسيئڙو آهي،
چين چورائي ويڙو آهي.
مان ٿرياڻي هو ناري جو،
منهن جو پر جانيئڙو آهي،
چين چورائي ويڙو آهي.
چونري تي چانڊوڪي آئي،
لالڻ پاتو ليئڙو آهي،
چين چورائي ويڙو آهي.
ٻانهن ۾ سڳڙو ٻڌو هنجوءَ کي،
باغ باغ ٿيو هينئڙو آهي،
چين چورائي ويڙو آهي.
ڊٽ جو ڪو ڊاٽيئڙو آهي،
چين چورائي ويڙو آهي.
ö
لڳڙو واءُ اتر، ڄاڻ ته نسريو سر،
هاڻ ته سگهو ور،
ڏور گذاريو نه ٿئي.
ڏاڍا ڏينهن لنگهي ويا، مينڍن لاٿي مر،
توکان ساريو نه ٿئي،
مون کان وساريو نه ٿئي.
تو ريءَ ڪاڄ سڪاڄ ۾ ڪهڙو کڻبو ڪر،
پاڻ سنواريو نه ٿئي،
جوڀن واريو نه ٿئي.
تڙپي تن من تات ۾، جيئن ڪٺل ڪبوتر،
گهائل گهاريو نه ٿئي،
پر لوڪ پڌاريو نه ٿئي.
هيل به هڪڙي بوند لئه، سڪيو سارو ٿر،
جيءُ جياريو نه ٿئي،
هانءُ به هاريو نه ٿئي.
ڏکيا سکيا ڏينهڙا، گهاريون پنهنجي گهر،
ڪانگ اڏاريو نه ٿئي،
گيت جهونگاريو نه ٿئي،
ڏور گذاريو نه ٿئي.
ö
اڃا به ويجهو آءُ پرين تون، اڃا به ويجهو آءُ،
جيسين ساهن مان نه اچي ڪو سرهو سرهو ساءُ،
اڃا به ويجهو آءُ.
ڀل ته ستارا سڻن اسان جون سرهيون سرگوشيون،
ڀل ته نظارا ڏسن اسان کي کولي بند اکيون،
ايڏي دوري ۽ مهجوري جاني تو نه جڳاءِ،
اڃا به ويجهو آءُ.
رم جهم رت ۾ چنڊ به روشن بوندون برسائي،
جهڙ جون ڳڙکيون کوليو کوليو لياڪا پائي،
هاڻي شايد سوچي ويٺو پنهنجي لالڻ لاءِ،
اڃا به ويجهو آءُ.
اهڙو منظر جيڪر هيڪر نيڻن ساڻ پسي،
ڪوئل کان پڻ ”ڪوڪو ڪوڪو“ وسري هوند وڃي،
پيار پرين آ پارس، جنهن جو سونو هرڪو سهاءُ،
اڃا به ويجهو آءُ.
دل ٿي چاهي رات اڄوڪي رات ئي رات هجي،
شال اڄوڪي رات مان ڪا پرڀات نه پيدا ٿئي،
جيون مور نه سونهي سانول، جوڀن کان سواءِ،
اڃا به ويجهو آءُ.
اڃا به ويجهو آءُ.
ö
تو ته چيو هو برساتن ۽ چانڊوڪين ۾ ملنداسين،
چنڊ چڪور جي چاهت کان پڻ اڳتي نڪري وينداسين،
تو ته چيو هو.
رم جهم رم جهم برکا رت ۾ آگم بنجي اينداسين،
وڏ ڦڙ وانگي وسنداسين ۽ کنوڻن وانگي کلنداسين،
مون به چيو هو.
لوڪ کي ننڊ جي هنج ۾ ڏيئي، نيڻن کي جاڳائينداسين،
رات جا سونا روپا منظر پاڻ پيارا پڻ پسنداسين،
تو ته چيو هو.
چانڊوڪيءَ جي وسڪارن ۾، چانديءَ هاڻا ٿي پونداسين،
آلي ڌرتيءَ جي سيني تي مينهن وساڙن جان لڳنداسين،
مون به چيو هو.
ٻڪ ڪٽورا مک تي آڻي، امرت اوتان اوت ڪنداسين،
شاھ جي سر سارنگ جون وايون هم آواز آلاپينداسين،
پاڻ چيو هو.
ڪَئين چانڊوڪيون آيون وييون پر نه پيارا پاڻ
ملياسين،
هاڻ الاجي ڪهڙي رت ۽ ڪهڙي موسم ۾ ملنداسين،
”سوز“
چيو هو.
شادي وهانءَ جا ڳيچ/ ثقافتي گيت
البيلا لاڏلا، لونگي ڪلهن تي پائجان،
شهزادا! سانولا لونگيءَ پاند ورائجان،
الـبـيــلا لاڏلا،
لونگيءَ پاند ورائجان.
ڪجل نيڻين هٿين ۽ پيرين،
سرهي ميندي لائجان،
الـبـيــلا لاڏلا،
لونگيءَ پاند ورائجان.
”هالن“ واري نيري اجرڪ،
لال لڱن سان لائجان.
الـبـيــلا لاڏلا،
لونگيءَ پاند ورائجان.
پنهنجي ونيءَ نو ورنيءَ سان،
مرڪي نظرون ملائجان،
الـبـيــلا لاڏلا،
لونگيءَ پاند ورائجان.
ö
(لونگيءَ جو ڳيچ)
ڳاڙهي ڳاڙهي کٽ،
کهنبي کهنبي کٽ.
لاڏي بني جي،
سهڻي بني جي.
سيج بند سهڻا لڳن،
ڏسيو ڏسيو نيڻ ٺرن،
مٿن ڦلڙن ڇٽ،
کهنبي کهنبي کٽ،
سهڻي بني جي.
ريشم ڏورين سان جا مڙهيل،
هيرن جواهرن سان جا جڙيل،
جهالر لايا جهرمٽ،
ڳاڙهي ڳاڙهي کٽ،
کهنبي کهنبي کٽ،
سهڻي بني جي.
تارن سيج سجائي آهي،
هيڏي هوڏي سهائي آهي،
نکريا ڄڻ ڪي نکٽ،
کهنبي کهنبي کٽ،
لاڏي بني جي.
جيڏين سرتين گل وسايا،
سيج بندن تي پکڙي پئڙا،
جهڙا ڪي پوپٽ،
ڳاڙهي ڳاڙهي کٽ،
کهنبي کهنبي کٽ،
لاڏي بني جي.
سهڻي بني جي.
ö
(کٽ جو ڳيچ) |