سيڪشن: شاعري

ڪتاب: من اندر جي موسم

باب:

صفحو:7 

بادل پئي برسيو، ويٺي سمنڊ ڏٺو،

سپ جو مُکُ کليو.

 

ڪيڏو پنهنجي پاڻ کان ساگر لڄي ٿيو،

سپ جو مُکُ کليو.

 

هڪڙي سُرڪ سپيءَ کي ڏيئي جو نه سگهيو،

سپ جو مُکُ کليو.

 

توڙي آب اگوندرو پوءِ به پياسو،

سپ جو مُکُ کليو.

 

پاڻي پائي پاٽ ۾، ٻڏي ڪوهه نه مئو،

سپ جو مُکُ کليو.

 

سوز سِپيءَ آ ساھ ڏئي، موتيءَ کي جنميو،

سپ جو مُکُ کليو.

ويٺي سمنڊ ڏٺو،

سپ جو مُکُ کليو.

³

 

لڳ لڳ ڏکڻ ڏيهي، مان نه اچن پرڏيهي،

لڳ لڳ ڏکڻ ڏيهي.

 

جانيءَ جي جنسار جي، ڳالهه ڪيان مان ڪيهي،

لڳ لڳ ڏکڻ ڏيهي.

 

ايندا ڀيڄ ڀنيءَ جو من پڌر تي پيهي،

لڳ لڳ ڏکڻ ڏيهي.

 

اوسيئڙي ۾ جن جي، رات وهايم ويهي،

لڳ لڳ ڏکڻ ڏيهي.

 

چنڊ تيسين تون ترسجان، جيسين اچن اُهيئي،

لڳ لڳ ڏکڻ ڏيهي.

 

سوز وسي منهنجي سنڌڙي، شال وسن ساڻيهي،

لڳ لڳ ڏکڻ ڏيهي.

مان نه اچن پرڏيهي.

³

  

جمهوريت جو سج، روشن روشن سج،

شال مَ لهي لوڪ تان،

جمهوريت جو سج.

 

آزاديءَ جي اڀ جو، سج نسورو نج،

شال مَ لهي لوڪ تان،

جمهوريت جو سج.

 

آدرشن جي کيت لاءِ، لاڀائتو ٻج،

شال مَ لهي لوڪ تان،

جمهوريت جو سج.

 

جمهوريت ئي جڳ جي جيوت جو ڪارج،

شال مَ لهي لوڪ تان،

جمهوريت جو سج.

 

سوز سڄي ساڻيهه کي ايءُ سنيهو ڏج،

شال مَ لهي لوڪ تان،

جمهوريت جو سج.

³

 

تتر ٿو ٻولي، سرنهن جي ڦولار ۾،

تتر ٿو ٻولي.

 

ڪِيڙو ڪِيڙو پيو ڪري، کنڀڙاٽيون کولي،

تتر ٿو ٻولي.

 

هر ڪو پنهنجي پرينءَ کي، ڳوليو ٿو ڳولي،

تتر ٿو ٻولي.

 

ماريءَ سندي مار جا، ڀَوَ سڀئي ڀولي،

تتر ٿو ٻولي.

 

آيو سرنهن کيت ۾، آزاديءَ اولي،

تتر ٿو ٻولي.

 

اڏريا ڦول هوا ۾ ڦڳڻ کي ڦولي،

تتر ٿو ٻولي.

 

سوز“ سدائين سونهن لئه، واهڻ وڙولي،

تتر ٿو ٻولي.

              ³

 

ڪوئل ڪوڪاري، نيري نيري شام جو،

ڪوئل ڪوڪاري.

 

سائي بڙ جي لامَ تي، سنڌوءَ ڪناري،

ڪوئل ڪوڪاري.

 

سانول کي سُر ”ديس“ ۾ ساريو ٿي ساري،

ڪوئل ڪوڪاري.

 

نالو وٺي پرينءَ جو پل پل پوڪاري،

ڪوئل ڪوڪاري.

 

بانسري آلاپ جيئن، ويٺي جهونگاري،

ڪوئل ڪوڪاري.

 

هجر ”سوز“ فراق ۾، گهايل ٿي گهاري،

ڪوئل ڪوڪاري.

              ³

 

 

“ڪويءَ جي ڪٿا لاءِ ڪويءَ احساس”

 

ماري ڪئين مٿا، لکي ڪويءَ ڪٿا،

لکي ڪويءَ ڪٿا.

 

ڳالهيون ڳولي ڳجهه جون ڪيون منجهه ڪٿا،

لکي ڪويءَ ڪٿا.

 

ڪيئي سج لڙي ويا، ڪيئي چنڊ لٿا،

لکي ڪويءَ ڪٿا.

 

اوجاڳا اکين جا، وسرن ئي نه ٿا،

لکي ڪويءَ ڪٿا.

 

لفظن جا پکيئڙا، اڏرن اڃا به ٿا،

لکي ڪويءَ ڪٿا.

 

ساروڻين جا ”سوز“ چئي، سهيڙي  سٿا،

لکي ڪويءَ ڪٿا.

لکي ڪويءَ ڪٿا.

³

 

 

ڪافيون

 

تون ڄامن جو ڄام، تنهنجي در جا سڀ سلامي،

تون ڄامن جو ڄام.

 

عربي احمد، مدني محمد، نرمل تنهنجا نام،

تنهنجي مبارڪ ذات گرامي.

تون ڄامن جو ڄام.

 

افضل اعليٰ، بلند ۽ بالا مرسل سندو مقام،

تون خلوت جو خاص مقامي.

تون ڄامن جو ڄام.

 

خيرالبشر تون، خيرالوريٰ تون، تون خيرالانام،

احسن اڪمل خيرالانامي.

تون ڄامن جو ڄام.

 

خود خدا، انسان ملڪ ٿا پڙهن سوز سلام،

مير محمّد توتي مدامي.

تون ڄامن جو ڄام.

ð

 

 

 

جيڪي شاھ لطيف جا راڳي ويراڳي،

اسين اُهيئي.

 

”بُلي“ شاھه حسين جا آهن مسلاڪي،

اسين اُهيئي.

 

سچل، سرمد وانگيان وحدت وجودي،

اسين اُهيئي.

 

ڪافي يار فريد جي جنين لئه ڪافي،

اسين اُهيئي.

 

ٻڌن صوفي راڳ جي، عبادت سمجهي،

اسين اُهيئي.

 

دانشوري نه جن کي گُهرجي نالي جي،

اسين اُهيئي.

 

سوز“ جن جي ذات جا حوالا ڪيئي،

اسين اهيئي.

ð 

دلدار، ڪڏهن ايندين،

منٺار،  ڪڏهن ايندين،

چؤُ يار، ڪڏهن ايندين.

 

من جي اڱڻ تي دل جي چوڻ تي،

سرڪار،  ڪڏهن ايندين،

چؤُ يار، ڪڏهن ايندين.

 

محب مٺيءَ ڏي قرب ڪٺيءَ ڏي،

هڪ وار، ڪڏهن ايندين،

چؤُ يار، ڪڏهن ايندين.

 

درد وندن لئه آس وندن لئه،

ٻيهار، ڪڏهن ايندين،

چؤُ يار، ڪڏهن ايندين.

 

سوز“ سدائين ساريو سائين،

ٽيهار، ڪڏهن  ايندين،

چؤُ يار، ڪڏهن ايندين.

ð

  

سونهن تنهنجي ڇونه مان ساراهيان،

ڪيئن ڀلا مان تنهنجا ٿورا لاهيان.

 

عشق جو مون تي وڏو احسان آ،

دوستن جي درميان ۾ آهيان.

 

دوستي آهي ڪچي ڌاڳي جيان،

شڪر آهي جو ڇنو مان ناهيان.

 

يار اچڻو آهي دل جي شهر ۾،

آجيان جا هار ويٺو ٺاهيان.

 

سوز“ محبت مهر جون ڪافيون لکي،

ٿو مٺائيءَ وانگيان ورهايان.

 

سونهن تنهنجي ڇو نه مان ساراهيان،

ڪيئن ڀلا مان تنهنجا ٿورا لاهيان.

ð

 جيئن درد ملن دل بستن سان،

تيئن محب ملو مستن سان،

يار اسان جهڙن سان.

 

ڪڏهن ته مرڪي ملندا ڪريو،

جيئن گل ملن گلدستن سان،

محب ملو مستن سان،

 

ملهه مهانگا ماڻهو جيڪي،

ڪونه سونهن ٿا سستن سان،

محب ملو مستن سان،

 

هيڻن جي هت حاجت ناهي،

برهه ٺهي برجستن سان،

محب ملو مستن سان،

 

سوز“ اسان جو سر لڳي ٿو،

مستن ۽ سر مستن سان،

محب ملو مستن سان،

يار اسان جهڙن سان.

ð

  

ماڻهو ڪو محبوب کلندي کلندي دلڙي کڻي ويو.

 

خلوت خاص ۾ جنهن کي خالق خلقيو خوبان خوب،

واه! واه! دل کي وڻي ويو.

 

موتئي جهڙو مرڪڻو، مکڙين جيئن محجوب،

بڻجي دل جو ڌڻي ويو.

 

سڀئين پرئين آ سانولڙو، محبوبن محبوب،

ڏيئي قرب ڪڻي ويو.

 

حسن سدائين عشق جو آهي ”سوز“ رهيو مطلوب،

مام مجازي هڻي ويو.

ماڻهو ڪو محبوب،

کلندي کلندي دلڙي کڻي ويو.

ð

 سر ڀيروي ۾ لکيل

 

تو بن يار نه سري سري،

اچ قرب مٺا ڪو ڪري ڪري.

 

دلبر درشن ڪارڻ ترسن،

اکيون اسان جون ذري ذري.

 

درد دکائي وئين جو دل ۾،

ٻارڻ جيئن سو ٻري ٻري.

 

جاني جدايون ڪِينَ جڳائين،

آءُ پير پيارل ڀري ڀري.

 

محبت ڀريا مينهن وسن شل،

واءُ وصل جو وري وري.

 

ڀاڳ ڀلا ٿيا ”سوز“ انهيءَ جا،

محبت ۾ جو مري مري.

ð

 

دونهين وانگر دکون دکون، تنهنجي هجر فراق ۾.

 

ڪونه چيو ڪن آڱريون، پوء به ويٺا لکون،

تنهنجي هجر فراق ۾.

 

ويٺو واجهه وجهي هيئون، ويٺي پايون وکون،

تنهنجي هجر فراق ۾.

 

ڳالهيون ڳجهه اندر جون، ڪيئن لڪائي رکون،

تنهنجي هجر فراق ۾.

 

سبق ”سوز“ گداز جا، اڃا ويٺا سکون،

تنهنجي هجر فراق ۾.

ð


 

تنهنجي رمز عجب رنگ لايو،

سانولڙا  او  سانولڙا.

 

نينهن نياپي ساڻ نه نپجي،

سڪ سلامن ساڻ نه سپجي،

سالڪ سچ  فرمايو،

رمز عجب رنگ لايو.

 

جيئڙي جا جنسار کڻي وئين،

سارو ڄڻ سنسار کڻي وئين،

تو ويندي نه موڪلايو،

رمز عجب رنگ لايو.

 

محبت ۾ جا مورت آهي،

سائي تنهنجي صورت آهي،

آ رنگن رنگ  رچايو،

رمز عجب رنگ لايو.

 

هجر وصال کي جي نه سڃاڻن،

سوز“ فراق نه جيڪي ڄاڻن،

تن جو پنڌ اجايو،

رمز عجب رنگ لايو.

ð

  

روز رهن ٿيون نيون نيون، ڳالهيون يار سڄڻ جون،

يار سڄڻ، دلدار سڄڻ جون.

 

ساهن منجهه سمائڻ جهڙيون، لوڪ سڄي کان لڪائڻ جهڙيون،

پڌريون سي ٿي پيون پيون،

ڳالهيون يار سڄڻ جون.

 

عشق اماڻيون، چندن هاڻيون، روح رهاڻيون، قرب ڪهاڻيون،

ڪهڙيون ڪيون  ڪيون،

ڳالهيون يار سڄڻ جون.

 

جانيءَ جي جنسارن سنديون، اکڙين جي اسرارن سنديون،

وسري مور نه ويون ويون،

ڳالهيون يار سڄڻ جون.

 

محب مٺي منٺار اسان کي، ”سوز“ اسان جي يار اسان کي،

چپڙن ۾ جي چيون چيون،

ڳالهيون يار سڄڻ جون.

يار سڄڻ دلدار سڄڻ جون.

ð

(سر کنڀاٽ ۾ لکيل)

ساجن ياد پيوسين، سانول ياد پيوسين،

سو دم ياد پيوسين، جو دم وسريل هوسين.

 

دور ٿيا جي دل کان دلبر، هجر وصال جو هر ڪو منظر،

اڄ ڪلهه ياد پيوسين،

سانول ياد پيوسين.

 

من جي نهائين نينهن گهري ٿي، ٿر جي ڌرتي مينهن گهري ٿي،

بادل  ياد پيوسين،

سانول ياد پيوسين.

 

محب مٺو محبوبن جهڙو، يار فريد جي ڪافين جهڙو،

نرمل  ياد پيوسين،

سانول ياد پيوسين.

 

جنهن پل تي پرڀات ڦٽي هئي، ڳجھه اندر جي ڳالهه کٽي هئي،

سو پل ياد پيوسين،

سانول ياد پيوسين.

 

جن لئه ”سوز“ جو من هو ماندو، ڪانگل سڪ سنيهو آندو،

ڪانگل ياد پيوسين،

سانول ياد پيوسين.

ð

سڄي سنسار ۾ هڪڙو، قلندر لال سيوهاڻي،

سرِ اسرار مردن جو سدائين لال سيوهاڻي.

 

اهو شهباز بيشڪ سو بلند پرواز آ جنهن جو،

بلند منصب، بلند مقصد، بلند اقبال، سيوهاڻي.

 

محمّد مير مرسل کي وڻي جنهن ديس جي خوشبو،

بڻايو دائمي مسڪن عليءَ جي آل، سيوهاڻي.

 

عطائي هست بوديءَ جا، متاعِ حال مستيءَ جا،

ڏنا مهراڻ کي موتي جواهر لال، سيوهاڻي.

 

دما دم جي ڌمالن تي سڄو ماحول آ رقصان،

اچن ٿا عرش کان آواز جهولي لال سيوهاڻي.

 

سدا نعرا لڳن تنهنجا، ملنگ نانگا نچن تنهنجا،

سدا ميلا مچن تنهنجا، هتي هر سال سيوهاڻي.

 

دعائون تنهنجي در داتا، گهري ٿو ”سوز هالائي“،

وطن سان گڏ وطن وارا رهن خوشحال سيوهاڻي.

ð

(راڳ ڪلياڻ ۾ لکيل)

مون کي پنهن جو پرين پرچائي ڏيو،

سرتيون ساڄن کي سرچائي ڏيو.

 

جنهن سان سرچي سڪ نه لاٿيم،

سو مون کي محب مڃائي ڏيو.

 

هيءَ اڻ سونهين ڀينر ڀوري،

ڪنهن پر راھ رسائي ڏيو.

 

 حال حوال اندر جا سارا،

پنهل کي پهچائي ڏيو.

 

سوز“ ۾ جن جي ڪاڻ سڙان ٿي،

سو محبوب ملائي ڏيو.

ð

(راڳ ڪلياڻ ۾ لکيل)

وسيا مينگهه ملهار، آئي عجيبن اکڙيون ٺريون،

اکيون ٺريون عيدون ٿيڙيون،

 

ڀونءِ تتيءَ تي بادل برسيا، ٿر بر ٿي ٿڌڪار،

لڳڙيون هيرون هيجن ڀريون،

 

ڏنيون ڏکندن درد وندن کي دلداريون دلدار،

کليون ديدارن جون دريون،

 

مينهن وسڻ جا ڏينهڙا آيا، موٽ مٺا منٺار،

نينهن نوان ڪي آءُ ته ڪريون،

 

دل گهريا دلدار مليا، ٿيا هينئڙا باغ  بهار،

وصل وصال جون وايون وريون،

 

ڏک ڏولاوا ڏور ٿيا سڀ، سريا ”سوز“ سڪار،

ٻاجهه سٻاجهه جون ٻيڙيون، تريون،

ð

 (راڳ سارنگ ۾ لکيل) 

آيا عجيب آيا اسرار جي نموني،

دل باغ باغ ٿي وئي گلزار جي نموني،

آيا عجيب آيا.

 

هي رنگ هي هوائون، خوشبوءِ کڻي آيون،

هر جا وصال وايون، کلڪار جي نموني،

آيا عجيب آيا.

 

چوڏس چمن نظارا، واه جا لڳن ٿا پيارا،

اکيون ٿيون اوتارا، اظهار جي نموني،

آيا عجيب آيا.

 

ساجن جي لاءِ سرتيون، اکيون اسان به ارتيون،

اکيون مليون اکين سان ديدار جي نموني،

آيا عجيب آيا.

 

هيڏيون هي مهربانيون، سڄڻن جون سوز تي ٿيون،

ديدن جا در کلي پيا، دربار جي نموني،

آيا عجيب آيا.

ð

 (تتبع تي لکيل)

 

ويڙا درد لهي، سور لهي، محب ملياسون،

نيڻ ٺرياسون.

 

آنديون خبرون خير جون ڪانگل نيٺ ڪهي،

ڏور هئاسون،

اوڏا ٿياسون.

 

ساڄن اوطاقون ڪري پئڙا رات رهي،

ڀاڳ ورياسون،

ڪاڄ سرياسون.

 

ويڙا سارا ڏينهن ڏکن جا، واهڙ وانگ وهي،

اوتڙ هئاسون،

ستڙ ٿياسون.

 

پاتوسين پرين کي آخر ”سوز“ فراق سهي،

هجر وياسون

وصل ٿياسون.

                 ð

جي رنگ پرينءَ جي رتيون رتيون،

سي عشق اجاري وتيون وتيون.

 

سڄ بنا ڪيئن روشن رهندا،

چنڊ ستارا، ڪتيون ڪتيون.

 

اندر اونداهو آهي جيسين،

برھ نه ٻاري بتيون بتيون.

 

رمز رنديءَ کي سي ڇا ڄاڻن،

چِت جنين جا چتيون چتيون.

 

محجوبن کان وٺڻيون ناهن،

محبوبن لئه متيون، متيون.

 

وحدت تي ويساه رکن جي،

سوز“ نه ٿيا سي پتيون پتيون.

ð

جيڪر محب ملن ته چوانِ، دل جا دفتر کولي کولي،

جيڪر محب  ملن.

 

سانڍيم جيڪي ساھ سان آڏو هوند رکانِ،

جيڪر محب  ملن.

 

ڳالهيون ڳجهه اندر جون، ساري سڀ سليانِ،

جيڪر محب  ملن.

 

هوند حجائتن وانگيان، ڏوراپا به ڏيان،ِ

جيڪر محب  ملن.

 

پاڻ وڃان يا پنهنجي، هٿن ساڻ لکانِ،

جيڪر محب  ملن.

 

سوز“ ملن جي سپرين، نرمل نيڻ چمانِ،

جيڪر محب ملن.

ð

سارون سنڀالي رکيم، تون يار ياد آئين،

ڪنهن پر نه سي وساريم، تون يار ياد آئين.

 

ڪَئِين راتيون ڪٽيون سين، ڪيئي ڏينهن گذرياسين،

سي سڀ وساري ڇڏيم، تون يار ياد آئين.

 

ڪوئل جي ڪوڪ جهڙو، آلاپ جيوڻيءَ جو،

ڪافي جڏهن ڪنايم، تون يار ياد آئين.

 

سانوڻ اچڻ کان اڳ ۾، رم جهم ٿيڻ کان اڳ ۾،

اکڙيون ٿي وييون آگم، تون يار ياد آئين.

 

منهن جا مٺا مون توکي، هڪ پل وساريو ڪونهي،

هر ساهه ساڻ ساريم، تون يار ياد آئين.

 

هر هر سي ياد آيون، گهڙيون جي ”سوز“ گهاريون،

وسريون نه دل تان ڪو دم، تون يار ياد آئين.

ð

اکيون پير ڪري، ڀاڳ سڀاڳ ڪري،

راڻو آيو راڄ ۾.

 

ڪرهو آندو ڪاڪ تي، لالڻ لاڳ ڪري،

راڻو آيو راڄ ۾.

 

اميدن جا اجرا، مومل ماڳ ڪري،

راڻو آيو راڄ ۾.

 

چانگو چري آيو، چندن چاڳ ڪري،

راڻو آيو راڄ ۾.

 

ڏيئي ڏينهن ڏهاڳ کي راتيون راڳ ڪري،

راڻو آيو راڄ ۾.

 

اوجاڳيل اکين کي ”سوز“ سجاڳ ڪري،

راڻو آيو راڄ ۾.

راڻو آيو راڄ ۾.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org