پٿر جي بستين ۾ شيشا، ضرور ٽٽندا،
آئيني جيان جي هوندا جذبا، ضرور ٽٽندا.
خاموش جي به آهن، سي چپ نيٺ چرندا،
اکيون ضرور کلنديون سپنا، ضرور ٽٽندا.
ريشم جي ڌاڳي وانگر، نازڪ نفيس جيڪي،
ناتا ضرور ٽٽندا رشتا، ضرور ٽٽندا.
انسان پکين وانگر آزاد هئڻ گهرجن،
دروازا بند هوندا، پردا، ضرور ٽٽندا.
ڪوڙا ۽ سکڻا واعدا جهڙا ڪي جَرَ تي ليڪا،
لهرين لڳڻ سان اهڙا واعدا، ضرور ٽٽندا.
سنڌ جند ساڻ رشتا، ناتا نه ٽٽڻ جهڙا،
جي درميان آهن ويڇا، ضرور ٽٽندا.
سنڌو ڪڏهن به بند جو باندي نه ”سوز“
بڻيو،
سنڌو ٽٽو ته ديس جا دريا، ضرور ٽٽندا.
نيڻ پٿر ٿي ويا احساس پٿر ٿي ويا،
اف! خدايا ڪيترا ماڻهو به پٿر ٿي پيا.
موسمون مٽجي ويون آهن سڄي ماحول جون،
هاڻ بازن ساڻ ڳيرا گڏ رهڻ آهن لڳا.
اڄ ڪناري تي بيهي هر ڪوئي موتي ٿو گهري،
نيڻ کولي نيل ساگر ڏي نهارڻ کان سوا.
ساھ ”سپّي“ جو ويو موتيءَ جي ڇا تخليق ٿي،
عڪس ڪو اوتي ڏسي ها ڪاش! ان تصوير جا.
ڪيترو آهي لڄي ٿئو، سمنڊ پنهنجي پاڻ کان،
ٿيو ”صدف“ کي بوند هڪڙي مان جڏهن موتي عطا.
ڦول خوشبو کان سوا پڻ ڦول سڏجي ٿو مگر،
ڦول بن گلشن به ڄڻ ڪو خواب آ خود ساختا.
”سوز“
جي آواز ۾ آهي ته سُر سرجيو پون،
سر بنا سنگيت جو تصور ڪرڻ ممڪن نه آ.
هميشه نازنينن کي نزاڪت جي ضرورت آ،
عشاقن کي عنايت تي عنايت جي ضرورت آ.
محبت ۾ ملاوت جي گنجائش ڪانه ٿيندي آ،
شَڪر ۽ شِير کي البت ملاوت جي ضرورت آ.
ڏسي سهڻيون اکيون هن جون اکيون سهڻيون ٿيون
منهنجون،
سدائين سونهن کي ڪنهن سهڻي صورت جي ضرورت آ.
هوا جو رخ ڦريو آهي فضا ۾ فرق آيو آ،
اتر جي اوٽ کي هاڻي حرارت جي ضرورت آ.
قلم حيرت ۾ پئجي ويو ٻڌي قاضيءَ سندي فتوى،
اڃا هن دور کي نظريه ضرورت جي ضرورت آ.
محبت جا املهه موتي وٺڻ وارا اگر آهن،
ته پوءِ شاعر کي ٻي ڪهڙي محبت جي ضرورت آ.
جنين جي لاءِ لکيو ”سوز“
هي شعرن جو مجموعو،
مبارڪ تن هٿن سان ئي مهورت جي ضرورت آ.
نيڻن سدائين آ رکي نيڻن جي آرزو،
ديدن کي آھ دائم درشن جي آرزو.
خوشبوءِ رنگ واس ٿي يڪجا ويا مگر،
چندن کي مينديءَ رتڙن هٿڙن جي آرزو.
سڀ روپ روشنيءَ جا سهڻا لڳن ٿا پر،
تارن کي آهه اجرڪ ڦلڙن جي آرزو.
مولا وساءِ مينهن ٿين نينهن ڪي نوان،
ٿر واسين پياسن مورن جي آرزو.
منهنجي عظيم ڌرتي خوشحال شل رهي،
شاعر جي آرزو آ، شعرن جي آرزو.
هر ڪو ئي آرزو جي پيو آرزو ڪري،
ليڪن عجيب چيز آهه فن جي آرزو.
محبوب تنهنجي سونهن ۽ ورونهن تي لکڻ،
آ ”سوز“
جي به غزلن، گيتن جي، آرزو.
پٿرن جي شهر ۾ هڪ آشيان، گيتن جو آ،
ڌوپ کي ڄڻ ڪو ملي ويو سائبان، گيتن جو آ.
سنگ بازن، تنگ نظرن جو وڌي ويو انگ آ،
مون جڏهن کان جوڙيو پنهنجو مڪان، گيتن جو آ.
منهنجي گهر تي ٿي جڏهن الهام جي بارش وسي،
ٿو ائين محسوس ٿئي ڪو گلستان، گيتن جو آ.
تيز تر طوفان پٿر سڀ ملي هڪ ٿي ويا،
ڄڻ لڳي ٿو اڄ وري ڪو امتحان، گيتن جو آ.
ناھ بوتل ڪو گلاس ۽ ايشٽري سگريٽ جي،
ميز منهنجي تي رڳو ئي گلعدان گيتن جو آ.
”سوز“
منهنجي هيءَ بستي ڇانوَ لئه ترسي پئي،
ڌر تتل ڌرتيءَ تي سايو پر اڃان، گيتن جو آ.
هزارين خواب نيڻن ۾ سجيل آهن، سجيل آهن،
پرينءَ جي نام جي خوشبو ڀنل آهن، ڀنل آهن.
وساري مون ڇڏيو آهي، هُلائي ڪنهن ڇڏيو آهي،
اهي ڳالهيون ڪرڻ وارا ڀُليل آهن، ڀليل آهن.
مٺا محبوبڙا ماڻهو، وساري ڪيئن سي ڇڏجن،
جنين سان جيءَ جڙيل آهن، جڙيل آهن جڙيل آهن.
پڙاڏا پيار وارن جا افق تائين وڃي پهتا،
شفق جي رنگ ۾ سارا رتل آهن، رتل آهن.
اوهان جي ياد فرمايو، اکين سان پاڻ اينداسين،
عجب اسرار من اندر لڪل آهن، لڪل آهن.
اوهان جي دل گهري جنهن دم، بنا دستڪ هليا اچجو،
اسان جي دل جا دروازا کليل آهن، کليل آهن.
سڄڻ جي سار ۾ ڪافيون غزل ۽ گيت ڳاتاسين،
سڃاڻپ ”سوز“
جي ليڪن غزل آهن، غزل آهن.
طرحي غزل
ڪڏهن دربان آهي وقت جو سلطان ٿي ويندو،
ڪڏهن سلطان خود آ دار جو مهمان ٿي ويندو.
سدائين وقت هڪڙي جاء تي بيهي نه رهڻو آ،
ڪڏهن ماضي به آهي حال جو نيشان ٿي ويندو.
قلم سان گڏ علم کڻبو قدم سان گڏ قدم کڻبو،
قدم کڻبو ته منزل جو ملڻ آسان ٿي ويندو.
اگر هلبو ئي رهبو چنڊ تارا گڏ هلڻ لڳندا،
پساري پير جو ويٺو اهو بي جان ٿي ويندو.
ڪتابن ۾ پڙهيو هوسين وڏن کان پڻ ٻڌو هوسين،
هٿن مان وقت جي نڪتو ته آ نقصان ٿي ويندو.
چون ٿا ته صفءِ اول مان ٿين غدّار ٿا اڪثر،
اهو امڪان هر امڪان جو
امڪان
ٿي ويندو.
اهو تاريخ جي ورقن اندر محفوظ ئي رهندو،
وفا جي راهه ۾ جو ”سوز“
آ قربان ٿي ويندو.
دور درشن وانگيان ديدار ٿيو،
پوء به ڄڻ هو دوبدو دلدار ٿيو.
ساھ کي ويسھه مليو احساس جو،
دور هو ويجهو پرينءَ جو پار ٿيو.
شهر ساري کي اهو معلوم آ،
مئه متل مهراڻ پنهنجو پيار ٿيو.
لوھ کي سونو ڪري پارس مگر،
پيار پريَنِ جو عجب اسرار ٿيو.
آئينو تصوير سان سهڻو لڳي،
پر بنا تصوير ڄڻ زنگار ٿيو.
هن هوائن جي هٿان جو موڪليو،
ڦول سو ڪيڏو نه خوشبودار ٿيو.
”سوز“
جيڪو نينهن جو نعرو هنيو،
لوڪ ساري ۾ اهو نروار ٿيو.
ڪيڏو پيارو آهي جيون،
پوء به اڌارو آهي جيون.
ڪنهن سان ڪنهن سان من پرڀايان،
مون وٽ آهي هڪڙو ئي من.
هڪ شاعر لئه ڪافي ڪونهي،
هڪڙو من ۽ هڪڙو تن.
هڪڙو ڀيرو هر ماڻهوءَ کي،
ملندو آهي هڪڙو جوڀن.
هيڪر ٽٽندو مور نه جڙندو،
ماڻڪ موتي توڙي من.
سونهن وڏو سرمايو آهي،
سونهن جهڙو ڪو ناهي ڌن.
روز ٿئي ها ڇا ٿي پئي ها،
”سوز“
دريچن مان ئي درشن.
سونهن ورنيون اکيون،
يار تنهن جون اکيون.
شبنمي شبنمي،
مڌ جهڙيون اکيون.
ڪٿ لڪائي رکيئه،
ايڏيون سهڻيون اکيون.
چنڊ کان پڻ چٽيون،
سج جهڙيون اکيون.
شاهه جي گنج جون،
ڄڻ ته وايون اکيون.
او پرين! تنهن جيون،
سنڌ جهڙيون اکيون،
”سوز“
ارپي ڇڏيون،
توکي پنهن جون اکيون.
ڪيڏو ڏينهن جهڙالو آهي،
پوءِ به روح اتالو آهي.
نيل آڪاش جي مک سمک جو،
رنگ ۽ روپ نرالو آهي.
دل جي ڌرتي ٺوٺ لڳي ٿي،
اک جو امبر آلو آهي.
سانوڻ سهڻا ويس ڪيا پر،
من آڳنڌ اٻالو آهي.
گهور گهٽا ۾ سورج ڀاسي،
ڪنوار جي ڪن جو والو آهي.
ڪنهن رولاڪي بادل وانگر،
منهنجو من پورالو آهي.
نينهن اسان جو نالو سائين،
”سوز“
ته هڪڙو حوالو آهي.
ڏينهن لڳي ٿو رات، جيان،
رات پرينءَ جي تات، جيان.
اڄ به اسان آ ائين آ گذاري،
رات گذاريل رات، جيان.
پورنماسي ائين ڀاسي،
ڪنهن اماوس رات، جيان.
پرهه جا نيڻ به برسي پئڙا،
سانوڻ جي برسات، جيان.
خواب اکين ۾ زندهه رهيا،
آهن آب حيات، جيان.
تنهنجون سارون ماکيءَ لارون،
نينهن سنيهن نبات، اکيون.
من کي اوسيئڙو جو مليو،
”سوز“
لڳو سوغات، جيان.
چاهتن جي شهر ۾،
۽ گلن جي شهر ۾.
حسرتون آيون وٺي،
جان من جي شهر ۾.
حسن جون ڳالهيون ڪيون،
حسن جي هن شهر ۾.
ڪلفتون ڳوليو متان،
الفتن جي شهر ۾.
احتراماً گُهل هوا،
مون پريَنِ جي شهر ۾.
بد نظر شورش نه ڪر،
هن امن جي شهر ۾.
”سوز“
لکيو هي غزل،
شاعرن جي شهر ۾.
سانوري او سانوري،
بانوري او بانوري.
ڇانوري ۾ بِهي،
ڇا ڪندينءَ آ هلي.
بانسريءَ تي ٻُري،
ست سري راڳڻي.
تند ڪائي تري،
هانوَ تي آ هري.
پوءُ گُهلي هير ٿي،
پرهه جي ويل جي.
ٿي پوي ”سوز“
جي،
رنگ رتي شاعري.
مون چيو دير آ،
هن چيو خير آ.
هٿ ۾ هٿ آ،
پير تي پير آ.
آڱرين ۾ منڊيون،
پير ۾ ڇير آ.
چنڊ الهي ويو،
پر اڃا مير آ.
رات تارن ڀري،
وصل جي وير آ.
در وڳو اوچتو،
ڪنهن پڇيو ڪير آ.
هن چيو ”سوز“
آ،
ٻيو وري ڪير آ.
ڪونه ايندو،
ڇو نه، ايندو.
ايترو دل،
رو نه ايندو.
نيڻ آلا،
ڌو نه، ايندو.
او! کنياتا،
چوءُ نه ايندو.
هو نه آيو،
فون ايندو.
”سوز“
ساريو،
سو نه ايندو.
(تجرباتي غزل) |