طرحي غزل
بهارن ۾ پيغام آيو خزان جو،
نئين سال تحفو مُڪو آجيان جو.
نڪي گهاوَ ڀريا، نه ڪي ويڻ وسريا،
نئون زخم آيو وري مهربان جو.
سڄو مامرو آھ ذاتي انا جو،
نڪو خشڪ سالي نه آبِ روان جو.
ڀلي رات کي ڏينهن چوندا رهو پر،
اهو ياد رکجو سڀان آ اسان جو.
ڏسو انڌ جو ڌنڌ لاهي اکين تان،
”ويو
رنگ مٽجي زمين آسمان جو“.
اوهان خواب آور اکين سان ڏٺو جو،
اهو خواب پورو نه ٿيندو اوهان جو.
اسان جو ستارو ته گردش مان نڪتو،
اڃا چنڊ گرهڻ ۾ آهي اوهان جو.
هتي ”سوز“
شب روز بجليون ڪِرن ٿيون،
خدايا هجي خير شل آشيان جو.
v
طرحي غزل
امن ڳوليندو وتان، آهي ڪٿي؟
ڪاش مان ڳولي لهان، آهي ڪٿي؟
ڪو ٻڌائي ڪو نه ٿو ان جو پتو،
ٿو هوائن کان پڇان، آهي ڪٿي؟
موسمِ گل آ مگر خوشبوءِ جي،
ٿي پذيرائي اڃان، آهي ڪٿي؟
سڀ انڌيرا پاڻ ۾ رل مل ٿيا،
روشنيءَ جي آجيان، آهي ڪٿي؟
امن جون ڳالهيون ڪتابي ٿيون لڳن،
ظاهري امن و امان، آهي ڪٿي؟
امن جون لاتيون پکيئڙا ڇا لنون،
شاخ تي ڪو آشيان، آهي ڪٿي؟
شام ويلي گل چيو خوشبوءِ کي،
هاڻ پنهنجو گلستان، آهي ڪٿي؟
”سوز“
امن ۽ سونهن جو شاعر مگر،
دوستن جي درميان، آهي ڪٿي؟
v
حادثن تي حادثا، وڌندا وڃن،
فاصلا گهٽجن نه ٿا، وڌندا وڃن.
جي به منزل تي پڄن ئي ڪونه ٿا،
ڪيترا سي قافلا، وڌندا وڃن.
لوچ جو انداز آ تبديل ٿيو،
سوچ وارا سلسلا، وڌندا وڃن.
هوش ۾ همت اڃا گهرجي گهڻي،
جوش جا پر ولولا، وڌندا وڃن.
اف! سڪون و امن ٿيو بلڪل تباه!
تيز طوفان زلزلا، وڌندا وڃن.
ڏاڍ ۽ ڏاڍن جي ويئي متِ منجهي،
حوصلا هيڻن سندا، وڌندا وڃن.
زندگي جا ڏينهن گهٽجن پيا مگر،
زندگي جا مامرا، وڌندا وڃن.
”سوز“
منهنجي سنڌڙي جا ڪيترا،
مسئلن تي مسئلا، وڌندا وڃن.
v
جَرَ ڪجر تي ڪنول ٽڙيو، آهي،
خوب کان خوب تر لڳو، آهي.
حسن جي رنگ ۾ رتو شايد،
جو سڄو حسن ٿي پيو، آهي.
رات جي سانت ۽ اڪانت ۾،
ڄڻ ستارن جو سوجهرو، آهي.
سونهن هن جي ڏٺي پئي تارن،
چنڊ تن تي چِڙي ويو، آهي.
سڀ نظارا پڇڻ لڳا آهن،
ڦول آهي يا معجزو، آهي؟
ڀؤنر ڀيرا ڀرڻ لئه ڇو نه اچن،
حسن جو شاهڪار جو، آهي.
حسن هن جو ڏسي چيو شاعر،
ڇا غزل جو ته مصرعو، آهي.
آھ ڌرتيءَ جي هنج ۾ پليو،
”سوز“
ان جو به ڪو حصو، آهي.
چنڊ ايڏو حسين، ڪونهي ڪو،
دلربا دلنشين، ڪونهي ڪو.
ڪنهن به محبوب جي حسن جهڙو،
ناز ور نازنين، ڪونهي ڪو.
هو هميشه رهي ٿو گردش ۾،
من اندر جو مڪين، ڪونهي ڪو.
روشني خود وٺي ٿو سورج کان،
پر سندس جانشين، ڪونهي ڪو.
هو مسافر آ رات جو ليڪن،
همسفر همنشين، ڪونهي ڪو.
روپ بهروپ ٿو لڳي جنهن جو،
مه لقا مه جبين، ڪونهي ڪو.
بيوفا آھه پنهنجي فطرت ۾،
هو وفا جو امين، ڪونهي ڪو.
”سوز“
منهنجي مٺي پرينءَ جهڙو،
حسن روءِ - زمين، ڪونهي ڪو.
مان ملڻ توسان وري، آيو آهيان،
ڪانه ڪا منهنجي سري، آيو آهيان.
چنڊ اوسيڙو ڪري اُلهي ويو،
رات آ تارن ڀري، آيو آهيان.
سونهن تنهنجي جي سنڌو درياء مان،
تار مشڪل سان تري، آيو آهيان.
بند دروازا سمورا شهر جا،
کول ڪا درشن دري، آيو آهيان.
سار تنهنجي ساھ سان سانڍي رکيم،
ڪا نه ٿي ضايع ذري، آيو آهيان.
نانءُ ڪوڏاڻي جو تو رکيو اُهو،
هڪ دفعو وٺجان وري، آيو آهيان.
جا ڪڏهوڪي ڀيڙ ۾ گم ٿي وئي،
مان کڻي سا دلبري، آيو آهيان.
”سوز“
در دلبر ڏسڻ ٿو چاهيان،
مَن پَون اکيون ٺري، آيو آهيان.
زلف جانان تي لکيل، منهن جو غزل،
مشڪ جي خوشبو ڀنل، منهن جو غزل.
سادگيءَ جي سونهن ۾ آهي رتو،
راڳ جو ردِ عمل، منهن جو غزل.
سونهن ٽيڙن وانگيان پيئي ٽڙي،
پورنماسي جي مثل، منهن جو غزل.
ڪيترو مشهور ٿيو فيروز جو،
سر پهاڙي ۾ چيل، منهن جو غزل.
شهر جانان ۽ غزل جي شهر ۾،
گيت جهڙو آ غزل، منهن جو غزل.
هن جي نيڻن تي لکيو جو مون غزل،
ٿي ويو هن جو غزل، منهن جو غزل.
سُر، ردم آلاپ سڀ هڪ ٿي ويا،
سارنگي سان سر منڊل، منهن جو غزل.
”سوز“
سنڌوءَ تي ويهي جهونگاريو،
ڄڻ ته ڪو ٽڙيو ڪنول، منهن جو غزل.
آرسيءَ ۾ ظهور منهن جو هو،
عڪس ان ۾ ضرور، منهن جو هو.
هو به تاريڪيون پکيڙي ويو،
جنهنجي نيڻن ۾ نور، منهن جو هو.
مهربان حسن هو جڏهن مون تي،
عاشقيءَ تي عبور، منهن جو هو.
چاهتون شَهه جهان جون رکيم،
پر نه ڪو ڪوهِ نور، منهن جو هو.
شهر ۾ توڙي شيشه گر ها پر،
آئينو چُور چُور، منهن جو هو.
حسن! توکي حَسين بنائڻ ۾،
عشق شاملِ حضور، منهن جو هو.
مان ته هن جو هجان، هجان نه هجان،
هو ته ظاهر ظهور، منهن جو هو.
عشق جهڙو قصور ڪونهي ڪو،
”سوز“
ساڳيو قصور، منهن جو هو.
محب آيو آ ملڻ، منهنجي اڱڻ،
ڪي ته دلداريون ڏيڻ، منهنجي اڱڻ.
ٿي ويو خوشبوءِ هي سارو صحن،
واءُ گهليو آ ڏکڻ، منهنجي اڱڻ.
حسن جي آهي حويلي او هوا!
تيز تر ڇڏ تون گهلڻ، منهنجي اڱڻ.
اڳ ۾ هن کان خوب خوشبو ٿي اچي،
واه! جو هن جو اچڻ، منهنجي اڱڻ.
قرب جي ڪوئل اچي من لام تي،
لاتيون مٺڙيون لنوڻ، منهنجي اڱڻ.
چنڊ روشن دان مان لياڪا وجهي،
نيٺ آيو آ ڏسڻ، منهنجي اڱڻ.
پرھ جي ٿڌڙي هوا آئي کڻي،
ڦول تحفي ۾ ڏيڻ، منهنجي اڱڻ.
ڦول لامن تي وري ساوا ٿيا،
”سوز“
آيا اڄ سڄڻ، منهنجي اڱڻ.
طرحي غزل
سونهن ۽ سينگار آ، تنهنجي ڪري،
هي جڙيل جنسار آ، تنهنجي ڪري.
نانوَ تنهنجي جي کٿوري آ کلي،
ڦول خوشبودار آ، تنهنجي ڪري.
سونهن نيڻن جي ڏسي پڪ ٿي وئي،
هي سڄو سنسار آ، تنهنجي ڪري.
ڪو ته شاعر ڪوئي موسيقار ٿيو،
ڪو بڻيو فنڪار آ، تنهنجي ڪري.
سار ماکيءَ لار جان ٿي گڏ ٿئي،
پوءِ به تارون تار آ، تنهنجي ڪري.
هو رقيب آهي رقابت ٿو ڪري،
پر اسان جو يار آ، تنهنجي ڪري.
”ناز ور“ نيڻن تي لکيم جو غزل،
ٿي و يو شهڪار آ، تنهنجي ڪري.
ملهه هڪڙو ئي ٽڪو آهس مگر،
”سوز“
سرجڻهار آ، تنهنجي ڪري.
ڦول وانگي ٽڙي ته ڏس، جانان،
هير بنجي گهلي ته ڏس، جانان.
وڄ وراڪي جيان وڃين ڇا لئه،
مينهن وانگي وسي ته ڏس، جانان.
آرسيءَ جي اکين ڏٺو جيڪي،
آرسيءَ کان پڇي ته ڏس، جانان.
چنڊ لياڪا وجهي ٿڪو آهي،
تون به آرس ڀڃي ته ڏس، جانان.
تَنُ تنبوري جان ڇڙي پوندو،
آڱرين سان ڇهي ته ڏس، جانان.
لوهه آهيان ته سون ٿي پوندس،
تون به مون سان ملي ته ڏس، جانان.
مان به ڪو سونهن جو ڪوي آهيان،
تون رڳو گيت ٿي ته ڏس، جانان.
”سوز“
گيتن جو گهر سجايو آ،
ڪي گھڙيون تون رهي ته ڏس، جانان.
چاهتون، ڏسنديون رهيون،
خواهشون، ڏسنديون رهيون.
ڦول ڇڄندا ئي رهيا ۽،
مکڙيون، ڏسنديون رهيون.
شهر جو تاريڪ منظر،
روشنيون، ڏسنديون رهيون.
رات جون خاموشيون،
سڀ گليون، ڏسنديون رهيون.
مان ڏسان ته ڇا ڏسان،
اکڙيون، ڏسنديون رهيون.
مورتن ڳالهيون ڪيون،
صورتون، ڏسنديون رهيون.
سنڌ جون بدحاليون،
ڪئين صديون، ڏسنديون رهيون.
”سوز“
لکندو ئي رهيو پر،
ڪاوشون، ڏسنديون رهيون.
ڏٺل جي خواب ها ڄڻ اڻ ڏٺل آهن اڃا تائين،
نظر جي بند جا باندي بڻيل آهن اڃا تائين.
هجر هاڻين اکين ۾ ”جر ڪجر“ آهي لهي آيو،
ڪڏهو ڪا پيچ پيارن سان پيل آهن، اڃا تائين.
نه ڪا ڌرتي ملي اُڀ سان، نه ئي چنڊ آ ڏٺو سورج،
سموريون حسرتون رهجي ويل آهن، اڃا تائين.
چٽا چارا محبت جا نه جي سورج ڏٺا ڪڏهين،
اهي سڀ چنڊ جي نالي ٿيل آهن، اڃا تائين.
سپيءَ جو جسم پيو آهي سمندر جي ڪناري تي،
نمائش لئه مگر موتي رکيل آهن اڃا تائين.
چون ٿا ٿر وٺو آهي، اڃارا اڄ به ماروئڙا،
عمر جي ڊاءَ کان ڏاڍا ڊنل آهن، اڃا تائين.
غزل جي شهر ۾ شاعر به هڪڙو گيت گهر ٺاهيو،
اتي گيتن سان گڏ پوکيل غزل آهن اڃا تائين.
جتي سوز و گداز آهي محبت پيار پڻ آهي،
اَجها اُت ”سوز“
پارن جا اڏيل آهن اڃا تائين |