سيڪشن: شاعري

ڪتاب: من اندر جي موسم

باب:

صفحو:4 

 

وضعداريءَ جي وَهِي، گذري وئي.

 

اک کلي جو چنڊ جاڳائي چيو،

انتظاريءَ جي وهي، گذري وئي.

 

دل هئي هڪڙي، انهيءَ پڻ چئي ڏنو،

”درد ماريءَ جي وهي، گذري وئي“.

 

هيل پڻ هڪ بوند برسي ڪانه ڪا،

گرم واريءَ جي وهي، گذري وئي.

 

سرڪ پاڻيءَ جي نه سنڌوءَ ۾ بچي،

آبياريءَ جي وهي، گذري وئي.

 

رت بسنتي آئي آهي پوءِ ڀي،

خشڪ ٽاريءَ جي وهي، گذري وئي.

 

شاهراهن تي متان ڳوليو مٺا،

آشڪاريءَ جي وهي، گذري وئي.

 

سوز“ کي هاڻي ڪتابن ۾ پڙهو،

يار ياريءَ جي وهي، گذري وئي.

 

خواب موسم بهار جان آهن،

نيڻ ڪنهن آبشار، جان آهن.

 

هجر جي ڳالهه تي وهي هليا،

لڙڪ سنڌوءَ جي ڌار، جان آهن.

 

نينهن جي نانوَ تي پون پرچيو،

ڪي ته جذبا به ٻار، جان آهن.

 

سار تنهنجي مٺي آ مصريءَ کان،

پيار ماکيءَ جي لار، جان آهن.

 

آڱرين جي ڇهاءَ سان جيڪي ڇڙن،

لفظ ڀي ڄڻ ستار، جان آهن.

 

سونهن مان ”سوز“ روز ٿا سرجن،

گيت سنگيت ڪار، جان آهن.

 

دوست چون ٿا ”سوز“ پراڻن،

”هالن“ ۾، ڇا رکيو آهي.

 

آئون پڇان ٿو اهڙن سکڻن،

سوالن ۾، ڇا رکيو آهي.

 

ماڻهوءَ اندر محبت گهرجي،

نالن ۾، ڇا رکيو آهي.

 

پيار جو هڪڙو پل ڪافي آ،

سالن ۾، ڇا رکيو آهي.

 

نيڻ سڪي ويا هاڻي پلڪن،

آلن ۾، ڇا رکيو آهي.

 

خالي خالي خوابن هاڻن،

خيالن ۾، ڇا رکيو آهي.

 

سوز“ بنا عرفان مٺي جي،

”هالن“ ۾، ڇا رکيو آهي.

 

اڄ وري ڪٿ ڊائري، وسري وئي،

ڪٿ الاجي آ ڪِري، وسري وئي.

 

خوشنما رنگن ۽ ورقن جي اندر،

پيار واري شاعري، وسري وئي.

 

ڄڻ ته ڪنهن نازڪ نويلي نار کي،

دوهري ڪا ست سِري، وسري وئي.

 

ڪاش! اهڙي جاءِ تي پهتي هجي،

جت اڳي انگشتري، وسري وئي.

 

ڊائري ۽ شاعري جي سوچ ۾،

راڳڻي ڀاڳيسري، وسري وئي.

 

رات وارا گهنج ڪپڙن تي رهيا،

”استريءَ“ کي استري، وسري وئي.

 

شاعري، جا ”سوز“ دل ۾ بند آ،

ڇا ٿيو جو ڊائري، وسري وئي.

 

هڪ مسافر اوهان جي شهر ۾ آ،

سو سدائين رهيو سفر ۾ آ.

 

چاهتن جي تلاش ۾ اڪثر،

هو اڃا تاءِِ رهه گذر ۾ آ.

 

مهڪ موتئي جيان گلابن جي،

ڪير آيو گلاب گهر ۾ آ؟

 

ڇو نه سهڻا غزل سجائي سو،

هڪ غزل گُو ته شهر ڀر ۾ آ.

 

جو سفينو پُڳو ڪناري تي،

سو نظارو نظر نظر ۾ آ.

 

فاصلا طئه ڪري اتي پهتو،

ساز آواز جنهن نگر ۾ آ.

 

شاھ جي گنج مان مليو جيڪي،

سو سڀئي ”سوز“ من اندر ۾ آ.

 

روز تو لاءِ شعر ٿو ٺاهي،

”سوز“ تنهن جو اڃا ٿڪو ناهي.

 

سار تنهنجي وري وري آئي،

دل ڀلا ڪيئن آسرو لاهي.

 

روز پرچڻ، رسڻ وري پرچڻ،

پيار ناهي ته ٻيو ڀلا ڇاهي؟.

 

تو ڏياريءَ ڏيئو ڏٺو هوندو،

عيد جو چنڊ مون ڏٺو ناهي.

 

مون ته گيتن جو گهر بنايو آ،

ڇا مجال آهه جو هوا ڊاهي.

 

زور لائي ڀلي ڏسي ڪوئي،

نينهن جهڙو نه شينهن ڪو آهي.

 

ڪاش! هن کي وڃي چوي ڪوئي،

سوز“ توکي اڃا به ٿو چاهي.

 

 مرڪي توکي ملڻ، اچي ويو آ،

دل ڏئي دل وٺڻ، اچي ويو آ.

 

آ چپن تي چڙهي غزل آيو،

منهن جو محبوب ڄڻ، اچي ويو آ.

 

چنڊ ڇهندي چڳون صنوبر جون،

حسن هن جو ڏسڻ، اچي ويو آ.

 

دل دريءَ جي وٿين ۽ ڳڙکن مان،

عڪس ليئو وجهڻ، اچي ويو آ.

 

ڇا سبب آهه ميري پاڻيءَ تي،

ڦول کي پڻ ٽڙڻ، اچي ويو آ.

 

دور آڪاش جي ستارن جان،

دور توکي رهڻ، اچي ويو آ.

 

سوز“ کي ڏانءُ ڪو هجي نه هجي،

شعر شايد لکڻ، اچي ويو آ.

 

ياد تازي هوا، کڻي آئي،

ڇا ته خوشبوءِ ڪا، کڻي آئي.

 

چاهتون پاڻ وٽ رکي آئي،

خواهشون بي پناهه، کڻي آئي.

 

ياد جو داستان کڻي ويٺي،

حسرتون بي بها، کڻي آئي.

 

منهنجي هڪ التجا جي عيوض ۾،

هوءَ به ڪا مدعا، کڻي آئي.

 

هوءَ الاجي ته ڇا وٺي ويئي،

۽ الاجي ته ڇا، کڻي آئي.

 

ٻارڙن جان هوا به هرکي پئي،

ڪا ته مبهم ادا، کڻي آئي.

 

ويندي ويندي اها ڏئي ويئي،

سوز“ لئه سار جا، کڻي آئي.

 

چيٽ جي کيت جي سونهن پيئي سڏي،

آءُ خوشبو هلي هيج مان هير ڏي.

 

شهر جي شور ۾ هاڻ دل ٿي دکي،

قرب جي ڪوٺ تي ٿا هلون ڳوٺ ڏي.

 

پيچرو هر هتان ٿو پرينءَ گهر وڃي،

واٽ جو ڏَس ڀلي ڪو ڏئي يا نه ڏي.

 

پر هجن هوند ها مان اڏاڻو اچان،

تون ڀلائي ڪري سي اڌارا ته ڏي.

 

رات جو ريٽ تي روشني ڇا وسي،

ياد ڪريو اکيون ٿيون ڏسن چنڊ ڏي.

 

مينهن وساڙن جيان ٿا ستارا لڳن،

فرش تي عرش ويو عڪس ظاهر ڇڏي.

 

گيت جهڙا غزل ”سوز“ جا ٿا چون،

دلربا ديد جو ڪوئي درشن ته ڏي.

v

آرسيءَ کي اکڙيون، وسري ويون!!

ڄڻ گلن کي مکڙيون، وسري ويون!!

 

زنگ شيشي تي چڙهي شايد ويو،

جو انهيءَ کان صورتون، وسري ويون!!

 

آشيانو آ پکين کي ياد پر،

يارڙن کي ياريون، وسري ويون!!

 

چنڊ کي ناهن چڪوريون وسريون،

چاهتن کي چاهتون، وسري ويون!!

 

دشمنن کي دشمنيون، وسرن نه ٿيون،

دوستن کي دوستيون، وسري ويون!!

 

ڪي ته ڳالهيون وسرنديون ناهن مٺا،

پوءِ به اهڙيون ڳالهيون، وسري ويون!!

 

شهرِ جانان کي ڏٺي ڪي ڏينهن ٿيا،

چوڪ رستا ۽ گليون وسريون ويون!!

 

مون تصور ۾ رڳو هن ڏي ڏٺو،

سوز“ هن کي ٻيون سکيون وسري ويون!!

 

سار تنهنجي پرين ٿي ورَي وير جان،

بانسريءَ جي سُرن تي وڄي “هير” جان.

 

سار تنهنجي مٺي آھ مصريءَ کان،

لار ماکيءَ لڳي کنڊ ۾ کير جان.

 

ساھ ۾ ٿي سُري، هانوَ تي ٿي هُري،

جيءُ جهوريو وجهي جهانءَ جي جهير جان.

 

اوچتو اوچتو ٿي نگاهون کڻي،

نيڻ نازڪ لڳن تيز تر تير جان.

 

ڇانوري ۾ بيهي بانوري ڇو رهين؟

سانوري صبح جو آ هلي هير جان.

 

جي وسيو ٿي وڃي ڪنهن ڪڪر وانگيان،

نيڻ وهندا رهن ٿا نديءَ نير جان.

 

سار تنهنجي جڏهن ٿي اچي ”سوز“ ڏي،

هوبهو ٿي لڳي تنهنجي تصوير جان.

 

حسن جو هر هڪ غزل، سهڻو لڳو،

نانوَ پرين جي لکيل، سهڻو لڳو.

 

ايترو سهڻو لڳي ٿو جيترو،

ٿر جي ڌرتيءَ کي ”بدل“، سهڻو لڳو.

 

نازنينن سان ملي سهڻو ٿيو،

ڪيترو ڪارو ڪجل، سهڻو لڳو.

 

ڪو تصور نقش نيڻن تي ٿيو،

سونهن جو نعم البدل، سهڻو لڳو.

 

آبشارن جي ڦوهارن وانگيان،

جوت جو جاري عمل، سهڻو لڳو.

 

زلف جانان تي لکيم جو چاھ مان،

سو ته سڀني کي غزل، سهڻو لڳو.

 

جلترنگ ڇيڙيو متان جذبات جا،

سوز“ دل کي ”سر منڊل“، سهڻو لڳو.

 

مکڙيون گل ٿي پون، پوءِ ڇا کپي،

گل هوائن ۾ لڏن، پوءِ ڇا کپي.

 

ڦول جي ڦلدان ۾ آهن سجيل،

سي سڀئي مهڪي پون، پوءِ ڇا کپي.

 

گيت جون، سنگيت جون ۽ ميت جون،

محفلون روشن رهن، پوءِ ڇا کپي.

 

شال سڀ نفرت ڪده اجڙي وڃن،

دوستين جا در کلن، پوءِ ڇا کپي.

 

سنڌ ڌرتيءَ تي امن ۽ پيار جا،

ڏينهن جي موٽي اچن، پوءِ ڇا کپي.

 

پيار محبت جا مسافر ۽ امين،

ڪاش! جي اوڏا اچن، پوءِ ڇا کپي.

 

روز لکبا ”سوز“ سهڻن جا غزل،

لفظ جي سهڻا ملن، پوءِ ڇا کپي.

v

شهر جانان کي وسائي، ڇا ڪبو،

پاڻ کي تنها بنائي، ڇا ڪبو.

 

شخص جنهنجا نقش نيڻن تي رهيا،

هاڻ خوابن کي سجائي، ڇا ڪبو.

 

دل ۾ هڪڙو شهر جو آباد آ،

ٻن حصن ۾ سو ورهائي، ڇا ڪبو.

 

پيار پارس جي مثل آ دوستو،

سون کي ڪندن بڻائي، ڇا ڪبو.

 

ڪاش! دل جي گهر اچي هيڪر پرين،

پاڻ کي پاڻ ئي وڻائي، ڇا ڪبو.

 

صبح جا آثار ظاهر ٿي ويا،

چنڊ تارن کي رهائي، ڇا ڪبو.

 

سوز“ منظر عام تي پهچي ويو،

لوڪ کان هاڻي لڪائي، ڇا ڪبو.

 

چنگ ڀلا ڪيئن چوريون چوريون،

ڪنڌ به ڪنهن لئه ڪوريون ڪوريون.

 

ڪيچ ۾ ڪو ڪوهيارو ڪونهي،

ڪنهن لئه ڏونگر ڏوريون ڏوريون.

 

ڏيهه ۾ ڪو به نه ڏياچ رهيو،

جنهن لئه سرندو سوريون سوريون.

 

سڏ پڙاڏا ٿي ويا سارا،

حال به ڪنهن سان اوريون اوريون.

 

ساز آواز ردم ٿيا کوٽا،

تند به ڪنهن پر توريون توريون.

 

سڀ  صدائون موٽي مليون،

جيءُ وري ٿا جهوريون جهوريون.

 

سُر ۾ ”سوز“ گداز نه آهي،

گهوڙا! سر ڪئين گهوريون گهوريون.  

آمراڻي دور تي لکيل

اگر ارواح خمير، آهن خموش،

ته سمجهو ڄڻ ضمير، آهن خموش.

 

ڪتن جو ڪم ڀونڪڻ آ هميشه،

صدائون ۽ فقير، آهن خموش.

 

وڏي آواز سان کڙڪن زنجير،

مگر پوءِ ڀي اسير، آهن خموش.

 

سڄي ماحول تي طاري جمود،

الاجي ڇو سرير، آهن خموش.

 

زنده زندان ٿيا آهن وري به،

زندانن جا زنجير، آهن خموش.

 

اڃا آ دور نُگري جو عروج،

هٿن جا سڀ لڪير، آهن خموش.

 

ٽٽڻو آخر خموشيءَ جو غرور،

نه رهڻا ”سوز“ وير، آهن خموش.

 

رات اڃا به انڌاري، آهي،

ڪيڏي ڀونءِ تي ڀاري، آهي.

 

ڏيورين جا ڏيئا اجهائي،

آئي وري ڏياري، آهي.

 

شعلا شعلا ساري ڌرتي،

چوڏس ڪاري واري، آهي.

 

منهنجو وطن “لبنان” لڳي ٿو،

توبهن توبهن زاري، آهي.

 

شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ تي،

وحشت دهشت طاري، آهي.

 

راوڻ ساڻ اصول جو جهيڙو،

جاري جاري جاري، آهي.

 

سوز“ نه نڪتو آهي سورج،

رات اڃا به ته ڪاري، آهي.

 

صدائون رنگ لائڻ ۾، اڃا ڪي ڏينهن آهن،

عطائون آزمائڻ ۾، اڃا ڪي ڏينهن آهن.

 

پري جي ڳالهه ڪانهي، آ گلن جي مند ويجهي،

رڳو گلشن سجائڻ ۾، اڃا ڪي ڏينهن آهن.

 

گهڻو عرصو ويو گذري، اڙي! دشتِ سياهي،

اهو واپس ورائڻ ۾، اڃا ڪي ڏينهن آهن.

 

اماوس رات ۾ هاڻي ته دم گهٽجڻ لڳو آ،

سهائي رات آڻڻ ۾، اڃا ڪي ڏينهن آهن.

 

ڏسو! مکڙيون ٽڙيون آهن ۽ هاڻي ڦول ڀي ٽڙندا،

گلابي گيت ڳائڻ ۾، اڃا ڪي ڏينهن آهن.

 

ڪُماڻل ڪاڪ جي مومل اڃا ماڻا نه ڇڏيا،

اها مومل مڃائڻ ۾! اڃا ڪي ڏينهن آهن.

 

ڏٺا جي”سوز“ سپنا، پنهنجي چاهت جي چمن جا،

اهي ساڀيان بنائڻ ۾، اڃا ڪي ڏينهن آهن.

 

وري هاڻ پٿر سان ٽڪرايو شيشا،

ڀلي هٿّ زخمي پون ٿي اوهان جا.

 

اگر ٿين زخمي ته پرواهه ناهي،

هٿن سان اشارا به ڏيئي ته سگهبا.

 

اڙي! وقت توکي به ڇا ٿي ويو آ،

سڃاڻي نه سگهئين تون پنهنجا پراوا.

 

گهڻو ئي بدلجي چڪو آهي شايد،

اوهان کي به بدلائڻا پوندا لهجا.

 

تقاضا آ هر دور جي پنهنجي پنهنجي،

اوهان ڪاش! سمجهو تقاضا اها.

 

محبت جو معيار رکڻو ئي پوندو،

محبت ڪرڻ جيڪڏهن چاهيو ٿا.

 

جو ڪرڻو اٿوَ ”سوز“ اڄ کان ئي ڪريو،

سڀاڻي جو سورج ڀلا ڪنهن ڏٺو آ؟؟

 

چڙهيو چنڊ آ پر سهائي نه آهي،

لڳي ٿو اها ويل، آئي نه آهي.

 

وڏي واڪ واٽن تي واڪا ڪياسين،

مگر ڪنهن به وائي، ورائي نه آهي.

 

سنجهي سان ئي سورٺ روئي ۽ رڙي ٿي،

اڃا تند ٻيجل، ٻرائي نه آهي.

 

سريلو نه سڏبو ۽ چارڻ نه چئبو،

سرن ساڻ جنهن جي، سچائي نه آهي.

 

گهڙي ترس! محفل اڃا مست ٿيندي،

“جمن” شاھ جي وائي، ڳائي نه آهي.

 

سڄي رات سرندو به سرندو ئي رهندو،

اگر تند تي بند، ڪائي نه آهي.

 

قدر ”سوز“ ڪهڙو سُرن جو انهن کي،

جنين راڳ سان لنوُ، لڳائي نه آهي.

 

قربداريءَ جا ملن، جيڪي ڪڻان،

ٿورڙا ناهن اهي آهن  گهڻان.

 

ڪو نه ٿي تاڙي وڄي هڪ هٿّ جي،

ٻن ڄڻن مان ٿا ٿين ٻارنهن ڄڻان.

 

سبز گلشن مان کڻي مان ڇا کڻان،

گل کڻان، گلشن کڻان، خوشبو کڻان؟

 

مان گلن جي گونچ وانگر آهيان،

اڳ ۾ تن کان ڪيئن پن پن ٿي ڇڻان.

 

ڦول سڀئي خوش نما آهن مگر،

موتئي جان مرڪڻا نه مهڪڻان.

 

تند سان پيوند پائڻ  بند آ،

آنءٌ ٻيجل سر صدا ڇا لئه هڻان.

 

آھ منهنجي شاعريءَ ۾ ”سوز“ جو،

مان ڀلا ڪنهن کي وڻان سو ڪيئن وڻان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org