عرفان: ڪار جي هڪ سيٽ تي ڪا ڪونجڙي، ويٺي هئي،
انور: اف خدايا! هوءَ سراپا دلڪشي، ويٺي هئي.
عرفان: سيٽ تي سينو ڪڍيو ائين سن سمان ويٺي هئي،
سوز: ڄڻ ته موهن جي دڙي جي مورتي، ويٺي هئي.
عرفان: ڀرت جو پهراڻ پاتل هوس نازڪ جسم تي،
سوز: سونهن جي ديوي هئي يا ڇوڪري، ويٺي هئي.
انور: چار سُو ماحول ۾ خوشبوءِ ويئي اوتجي،
انور: سونهن جي شهڪار بنجي پدمڻي ويٺي هئي.
عرفان: هن جي اجرين اکڙين ۾ ڏيک مون پنهنجا ڏٺا،
سوز: روشنيءَ جي روپ ۾ ڪا آرسي ويٺي هئي.
انور: حسن جو اهڙو حسين منظر نه مون اڳ هو ڏٺو،
انور: چنڊ جي چانڊاڻ ۾ ڪا جل پري، ويٺي هئي.
سوز: ڪنهن جمالياتي غزل جو شاھ مصرعو ٿي لڳي،
عرفان: ڦول ڪنهن رابيل جي مکڙي ٽڙي، ويٺي هئي.
انور: هُتِ حسن جي انتها ۽ عشق جي هت، ابتدا،
انور: عشقيه انداز ۾ خود عاشقي، ويٺي هئي.
سوز: لوڪ گيتن واري جنهن ۾ سادگي موجود هئي،
سوز: ڄڻ ته ڪائي ڀيروي جي راڳڻي ويٺي هئي.
انور: دل ۾ آيو ان کي ڪائي التجا ڪريان مگر،
سوز: رخ مان سمجهيم ڄڻ ته ڏاڍي ڪاوڙي، ويٺي هئي.
انور۽ عرفان:
هوءَ الاجي ڪير هئي، آئي ڪٿان، ڪيڏانهن وئي،
سوز: پر اسان جي ذهن ۾ محفوظ ٿي، ويٺي هئي.
سوز:
اوچتو مون کي ائين محسوس ٿيو، منهنجي اڳيان،
سوز: هو بهو سانئن وڏن جي شاعري، ويٺي هئي.
عرفان۽ انور:
ٿا لکن ”عرفان“، ”انور“،”سوز“
ان جي سونهن تي،
سوز: شام جو ڪينجهر تي ڄڻ نوري اچي ويٺي هئي.
v
(هڪ
في البديهه طرحي غزل ۽ ٽي شاعر انورهالائي، عرفان
مهدي ۽ سوزهالائي )
طرح: ”ڪار جي هڪ سيٽ تي ڪا ڪونجڙي ويٺي هئي“
صاحب طرح: عرفان مهدي
طرحي غزل
دوستي ياري اڳي واري ڪٿي،
ناهه يارن ۾ رهي ياري ڪٿي.
شاعريءَ جو آ سفر جاري اڃا،
دوستيءَ جو پر سفر جاري ڪٿي.
بيوفا ماڻهن به آ تسليم ڪيو،
”هاڻ يارن ۾ وفاداري ڪٿي.“
شهرِ جانان ۽ غزل جي شهر ۾،
حُسن جي هٻڪار چوڌاري ڪٿي.
هيل پڻ هڪ بوند برسي ڪانه ڪا،
ٿر ڌرتي جي ٺري واري ڪٿي.
وقت واهڙ وانگيان وهندو وڃي،
ڀاڳ پنهنجي واڳ آ واري ڪٿي.
ڀيروي ڪثرت ۾ پيئي ڳائجي،
سنڌڙو، راڻو ۽ ڪوهياري ڪٿي.
شاهراهن تي نه ڳوليو ”سوز“
کي،
هاڻ دلدارن ۾ دلداري ڪٿي.
ð
طرحي غزل
وقت جي آهي ضرورت آدميءَ جي ڳالهه ڪر،
اي ڪوي! احساس پنهنجي جي ڪميءَ جي ڳالهه ڪر.
موسمن مٽجي وڃڻ سان پاڻ ٿي مَٽجي وڃي،
ان سٻاجهي سنڌ جي، سنڌونديءَ جي ڳالهه ڪر.
ننڍڙي هوندي پاڻ گڏجي گل چونڊيا باغ مان،
مون کي سڀ ڪجهه ياد آ، تون دور ان جي ڳالهه ڪر.
ڳوٺ پنهنجو اڳ گلن جي شهر وانگي ٿي لڳو،
تن گلن جي تازگي ۽ سادگيءَ جي ڳالهه ڪر.
زندگي زنده دليءَ جو نانءُ جي آهي مٺا،
”زندگيءَ جي ڳالهه ڪر، تون زندگيءَ جي ڳالهه ڪر.“
سانوريءَ جي ڳالهه ڪر، مون بانوريءَ جي ڳالهه ڪر،
سانوڻيءَ جي مُند آئي، سانوڻيءَ جي ڳالهه ڪر.
”سوز“
پنهنجي عمر جي مُني صدي پوري ڪئي،
هاڻ جي ملجان ته هن سان، هڪ صديءَ جي ڳالهه ڪر.
وايون
ڪڏهن دکن مان، ڪڏهن سکن مان،
شاعري سرجي پئي.
ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ جي ڏکندڙ ڏکن مان،
شاعري سرجي پئي.
چنڊ لياڪا پائيا، چنريءَ چکن مان،
شاعري سرجي پئي.
ڀٽائي جي ڀونءِ جي، اڃن بکن مان،
شاعري سرجي پئي.
سپرين جي
”سوز“
چئي مک سمکن مان،
شاعري سرجي پئي.
شاعري سرجي پئي.
³
پپل تنهنجا پن ڇڻيو پٽِ پون،
پن ڇڻ رت جي واءَ ۾.
نٽهڻ اس جي تاوَ تي، سُڪيو سوڪ ٿين،
پن ڇڻ رت جي واءَ ۾.
مندن مٽائي ڇڏيا، سارا ويس ورن،
پن ڇڻ رت جي واءَ ۾.
آکيرا اجڙي ويا، پنڇي ڪٿ ويهن،
پن ڇڻ رت جي واءَ ۾.
ڪيئي پل گذاريا، مون سان محبوبن،
پن ڇڻ رت جي واءَ ۾.
گهاٽي وڻ جي ڇانوَ جو رهيو واس نه ون،
پن ڇڻ رت جي واءَ ۾.
تنهن جو جوڀن
”سوز“
جون اکيون شال ڏسن.
پن ڇڻ رت جي واءَ ۾.
³
اکيون جاڳن ٿيون، سارو لوڪ سمهي پيو،
سارو لوڪ سمهي پيو.
ڪاريهر جي ڏنگ جون، ڪَکيون جاڳن ٿيون،
سارو لوڪ سمهي پيو.
ٻانهون اوسئيڙن سان ٻکيون، جاڳن ٿيون،
سارو لوڪ سمهي پيو.
پنهنجي پنهنجي پرينءَ لاءِ سکيون، جاڳن ٿيون،
سارو لوڪ سمهي پيو.
اوجاڳن ۾ آسرا رکيون، جاڳن ٿيون،
سارو لوڪ سمهي پيو.
ماکيءَ مانارن تي مکيون، جاڳن ٿيون،
سارو لوڪ سمهي پيو.
ستارن جان
”سوز“
چئي اکيون، جاڳن ٿيون،
سارو لوڪ سمهي پيو.
سارو لوڪ سمهي پيو.
سرتيون ڙي ساجن، جيڏيون ڙي جوڀن،
مون کي موٽائي ڏيو.
جيون ڪهڙي ڪم جو آهي ريءَ جوڀن،
مون کي موٽائي ڏيو.
جيڪي ڏينهن گذاريا، مون سان مون پرين،
مون کي موٽائي ڏيو.
ڀڳڙو سڄڙو نه ٿئي، موتي توڙي من،
مون کي موٽائي ڏيو.
هُو جي پل پيار جا، وکريا ٿي پن پن،
مون کي موٽائي ڏيو.
سڀ ڪجهه کڻو
”سوز“
کان، سانولڙي جو سن،
مون کي موٽائي ڏيو.
مون کي موٽائي ڏيو.
وريا واهوندا،
رتا روهيڙا، سونهن لٿي آ ٿر تي،
سونهن لٿي آ ٿر تي.
گونچ گلن تي ائين لڳن، ڄڻ ڪي موهيڙا،
سونهن لٿي آ ٿر تي.
لٿا ڏرت ڏڪار جا، ڌنڌ ۽ ڪوهيڙا،
سونهن لٿي آ ٿر تي.
ڄاڻ ته ڪسَرَ نسريا، ڳڀيا لوهيڙا،
سونهن لٿي آ ٿر تي.
راڳي راسوڙن ۾ ٿا ڏين ڏوهيڙا،
سونهن لٿي آ ٿر تي.
رتــا روهـيـڙا،
سونهن لٿي آ ٿر تي.
اکيون نير رتيون،جهيرون جهيرون جيئڙو،
جهيرون جهيرون جيئڙو.
اکيون نير رتيون
ڪين اڃا سي ٺريون، جيڪي تاوَ تتيون،
جهيرون جهيرون جيئڙو.
اکيون نير رتيون
اونداهي آتڻ ۾ ڪنهن جي ڪاڻ ڪتيون،
جهيرون جهيرون جيئڙو.
اکيون نير رتيون
وريون جيڪي واٽ تان، اهڙيون کوڙ کتيون،
جهيرون جهيرون جيئڙو.
اکيون نير رتيون
”سوز“
رهن جي سوءَ ۾ سڏجن سي ستيون،
جهيرون جهيرون جيئڙو.
اکيون نير رتيون
ڏکن سکن سان، سکن ڏکن سان،
ڪي جي ڳرهيون ڳالهڙيون.
ڪونهي ڪڻو چهنب ۾، جهرڪيءَ ڪکن سان،
ڪي جي ڳرهيون ڳالهڙيون.
ڪارونجهر جي ڪور تي، مورن پکن سان،
ڪي جي ڳرهيون ڳالهڙيون.
اوسيئڙا اکين ۾، ٻانهن ٻکن سان،
ڪي جي ڳرهيون ڳالهڙيون.
ٿر تي بادل نه وٺا، دليءَ دکن سان،
ڪي جي ڳرهيون ڳالهڙيون.
لوڪ ستي جو ”سوز“
چئي لاليءَ لکن سان،
ڪي جي ڳرهيون ڳالهڙيون.
کليل اکين سان ڪنهن ڪنهن ڏٺو پرينءَ کي.
ڪنهن ڪنهن ڏٺو پرينءَ کي.
سونهن سريکن صورتن، چکين مکين مان،
ڪنهن ڪنهن ڏٺو پرينءَ کي.
ڏسجو پڇي پنهنجين سرتين سکين کان،
ڪنهن ڪنهن ڏٺو پرينءَ کي.
وچينءَ ويلي اُڀ تي اڏندڙ پکين مان،
ڪنهن ڪنهن ڏٺو پرينءَ کي.
”سوز“
پڇي ٿو پنهنجي ”ڪجر“ اکين کان،
ڪنهن ڪنهن ڏٺو پرينءَ کي.
کليل اکين سان ڪنهن ڪنهن ڏٺو پرينءَ کي.
موسيقيءَ جو ماڳ، ماڻ ته موسيقار ٿين،
موسيقيءَ جو ماڳ.
ماڻ ته موسيقار ٿين.
راڳي ڪارڻ راڳ ئي، آهي ڀاڳ سڀاڳ،
موسيقيءَ جو ماڳ.
ماڻ ته موسيقار ٿين.
رچي سي ريٽا ٿئا ورتو جن ويراڳ!
موسيقيءَ جو ماڳ.
ماڻ ته موسيقار ٿين.
ڇا تو ڳاتو ڪڏهن، سنڌي سريراڳ!
موسيقيءَ جو ماڳ.
ماڻ ته موسيقار ٿين.
ساريون راتيون
”سوز“
چئي، جمن وانگر جاڳ،
موسيقيءَ جو ماڳ،
ماڻ ته موسيقار ٿين.
ٻول اڃا ڪي ٻول، ايڏي چپ چڱي نه آهي،
ٻول اڃا ڪي ٻول.
اندر جي اظهار کي، کول اڃا ڪي کول،
ٻول اڃا ڪي ٻول.
راڳي راڳ ويراڳ جا، سارا انگ اکول،
ٻول اڃا ڪي ٻول.
سر سان سر ملائڻ وارا، ڳول اڃا ڪي ڳول،
ٻول اڃا ڪي ٻول.
بي مهلاتا سُر سمورا، ڀول اڃا ڪي ڀول،
ٻول اڃا ڪي ٻول.
سُر ساگر ۾
”سوز“
سُرن کي، ڇول اڃا ڪي ڇول،
ٻول اڃا ڪي ٻول.
ايڏي چپ چڱي نه آهي.
ماري مهجوري، وصل وصال جي مند ۾.
وصل وصال جي مند ۾.
آهي ساھ ويساھ جي محبت، مجبوري،
وصل وصال جي مند ۾.
پاڙي منجهه پريتڻون، پوءِ به آ دوري!!
وصل وصال جي مند ۾.
پريتم آھ پيار لئه، ڇا! دوري ضروري؟
وصل وصال جي مند ۾.
هجر فراق ريءَ شاعري، آهي اڻ پوري،
وصل وصال جي مند ۾.
سانول
”سوز“
گداز سان، سڪ نه ٿئي پوري،
وصل وصال جي مند ۾.
چنڊ به منڊجي ويندا، تارا سن ٿي ويندا،
شاعر جي خاموش ٿيو.
گيت غزل واين جا رنگ لهي ويندا،
شاعر جي خاموش ٿيو.
رنگ رتا احساس سڀ بي رنگ ٿي ويندا،
شاعر جي خاموش ٿيو.
شعرن جي شيشن تي زنگ لڳي ويندا،
شاعر جي خاموش ٿيو.
هنجن جي تلاءِ تي ڪنگ اچي ويندا،
شاعر جي خاموش ٿيو.
”سوز“
صحبت وارا سارا سنگ ٽٽي ويندا،
شاعر جي خاموش ٿيو.
اک مان لڙڪ وهي، جو به وهي،
مانُ مٿاهون ان جو.
موتيءَ ملهه مهانگو پر “اتر” لڙڪ لهي،
مانُ مٿاهون ان جو.
نيڻن جي سمونڊ ۾، موتي جو به رهي،
مانُ مٿاهون ان جو.
لکين لڙڪ ملن ٿا ته ٿو نيڻ ٺهي،
مانُ مٿاهون ان جو.
جذبن احساسن جو جيڪو
”سوز“
سهي،
مانُ مٿاهون ان جو.
اک مان لڙڪ وهي، جو به وهي،
مانُ مٿاهون ان جو.
مور اڏاڻا مور، ڪارونجهر جي ڪور جا،
مور اڏاڻا مور.
اڏري نيٺ ٿڪي پيا، سندا چاھ چڪور،
مور اڏاڻا مور.
ڌاڳو ڌاڳو ٿي وئي ريشم جهڙي ڏور،
مور اڏاڻا مور.
هنج ولائت ويڙا، ڪنگن لاتو شور،
مور اڏاڻا مور.
”سوز“
لڳي ٿي سڃڙي ڪارونجهر ڪڪور،
مور اڏاڻا مور.
ڪارونجهر جي ڪور جا، مور اڏاڻا مور،
مور اڏاڻا مور.
|