سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع (3)

 

صفحو :22

شاهه صاحب نه فقط پنهنجي بيت جو آڌار مثنويءَ جي بيتن تي رکيو آهي، پر ”آخر والعصر“ لفظ به مرشد کان ورتا آهن.

        پيار سدائين ٻه طرفو ٿيندو آهي. سر آبريءَ ۾ آيل

”تو جنين اڃ، پاڻي اڃئو ان کي

ڏسو ته مثنويءَ جي هيٺ ڏنل بيت ڏانهن ڪئن ٿو رجوع ڪرائي:

تشنگان گر آب جويند از جهان

آب هم جويد بعالم تشگان.[1]

اختياري موت يا انفرادي هستي (خودي) مٽائڻ ڏانهن اشارو ڪندي، بلند مقام شاعر جو سر سورٺ ۾ ارشاد آهي.

بلڪ آهي بود ، ناڪسي نابؤد ۾.

مثنويءَ ۾ پڻ اهڙي ئي مطلب سان، ناڪسي لفظ سان مصرع ملي ٿي:

                من کسي در ناکسي دريافتم2

لاشڪ عشق ۽ موت هم معنٰي آهن:

ڪٽارو ۽ ڪوس اڱڻ آري ڄام جي،

ديت آهي دوس مارڳ ۾ مين جي

مٿئين بيت ۾ لاکيڻي لال اهائي تند تنواري آهي، جيڪا مولانا روم هنن بيتن ۾ بتائي آهي:

مابها و خونبها را يا فتيم

جانب جان يا ختن بشتا فتيم

اي حيات عاشقان در مردگي

درنيابي جزکه دردل بردگي[2]

خونبها ۽ ان جي سنڌيءَ ۾ هم معنيٰ لفظ ديت قابل غور آهي.

        مشهور آهي مينهن، موت، ملاقات، ٽنهي ميمن جي مهل مقرر نه آهي، ڪنهن ويل به واقع ٿين. وقت جي شڪتي ۽ ڪٺورتا ڄاڻائڻ لاءِ چوندا آهن الوقت سيف قاطع يعني ته وقت قاتل تلوار آهي (جا ڪنهن به گهڙيءَ هڪ ئي ڌڪ سان آدم جي حياتي ٽڪر ڪيو ڇڏي). انڪري دانشمند صلاح ڏيئي ويا آهن ته اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه رکجي، يعني معطل يا ملتوي نه ڪجي ڪهڙي ڪل سڀاڻي جيون سورج اڀري يا نه؟ هنديءَ ۾ ته وقت يا زمان کي سڏين ئي ڪال جنهن جي معنيٰ آهي ملڪ الموت صوفين واسطي فردا جو فڪر ئي بيڪار آهي. ٽاريءَ تي ويٺل ٻن پکين جي آسري ۽ هوس وچان هٿ وارو پکي اُڏائي ڇڏڻ ڪهڙو عقلمنديءَ جو ڪم آهي؟ بقول شاهه

فردا مون ڦٽي ڪيئ، وعدي ڏي نه وهان،

صباح سينءَ نه سهان، خواه ميڙيين، خواه ماريين..

مولويءَ به انهيءَ ڏس ۾ ”فردا“ لاءِ فرمايو آهي

صوفي ابن الوقت باشد، اي رفيق!

نيست فردا گفتن از شرط طريق.[3]

ٻئي هنڌ، سر معذوريءَ ۾ شاهه صاحب ”فردا“ لفظ هن طرح آندو آهي:

فردا منڌ ڦٽي ڪي، نقد کنيو نار.

مطلب اٿس ته جيڪي آهي سو حال. محبوب شاعر جو هي گفتو شيخ فريدالدين عطار جا ”منطق الطير“ ۾ سچي صوفيءَ جي صفت ۾ چيل هي ٻه بيت ذهن ۾ ٿو آڻي:

هر چه دارد پاک در بازد بنقد

در وصال دوست سر بازد بنقد

ديگران را وعده فردا بود

ليک اورا نقد هم انجا بود 2

عظيم صلاحيتن واري شاهه جي سٽ ۾ ”فردا“ ۽ نقد لفظن جو ورجاءَ سوچڻ لائق آهي.

        ساڳيءَ ريت ”انڌن ۽ هاٿي“ وارو مشهور قصو، جيڪو عبداللطيف سر آسا ۾ هن هڪ ئي بيت اندر سمايو آهي.

مئي هاٿي تي مامرو، اچي ڪئو انڌن،

مناڙين هٿن سين، اکيين ڪين پسن،

في الحقيقت فيل کي، سڄا سڃاڻن،

سندي سردارن، بصيرت بينا ڪري.

        مثنوريءَ جي ٽئين دفتر ۾ ڏهن بيتن ۾ ملي ٿو. تصوف جي پهرئين نامياري ايراني شاعر حڪيم سنائيءَ ساڳيو قصو ”حديقه الحقيقت“ مثنوي ۾ في جماعت العميان واحوال الفيل جي سري سان ٻاويهن بيتن ۾ آندو آهي. قصي ۾ وڌيڪ اونهو وڃڻ لاءِ ڏسو پروفيسر بديع الزمان فروزانفور جو پارسيءَ ۾ ”ماخذ قصص وتمشيلات مثنوي“ (صفحا 96__ 97) جنهن ۾ لکيل آهي ته (هجريءَ جي) هزار سالن کان به ڪجهه اڳ، ابو حيان توحيديءَ (وفات 400هه) پنهنجي استاد مشهور فيلسوف ابوسليمان منطقيءَ کان افلاطون جو بيان ڪيل هاٿيءَ ۽ انڌن بابت قصو ٻڌو هئو، جو هن عربيءَ ۾ پنهنجي ڪتاب ”المقابستا“ ۾ ڏنو آهي. امام زاليءَ اهو احوال پنهجيءَ عربي تصنيف ”احياءِ العلوم“ ۾ آندو آهي ۽ ان جو پارسي ترجمو ”ڪيمياي سعادت“ ۾ شامل ڪيو اٿس.

روميءَ وارو قصو:

پيل اندر خانهءِ تاريک بود

عرضه را آورد. بود نودش هنود[4]

سان آغاز ٿئي ٿو، ۽ سنائيءَ جو

بود شهر بزرگ درحد غور

اندران شهر مردمنا همه کور 2

سان. روميءَ جي داستان موجب سائي نور وارا اونداهي جاءِ ۾ بند ٿيل جيئري هاٿيءَ کي ٿا پروڙين، سنائيءَ مطابق وري انڌا جيئري هاٿيءَ کي ٿا مناڙين. شاهه صاحب لاشڪ ٻنهي پڙهڻين ڏانهن ڌيان ڏيئي، سندن عيب ثواب پروڙي راءِ قائم ڪئي آهي ته

في الحقيقت فيل کي سڄا سڃاتن

پوءِ قصي کي زياده مقبول ۽ موثر بنائڻ خاطر هاٿيءَ کي ”مئل“ يعني بي ضرر ڏيکاريو اٿس، ڇو ته جيئري جانور تي ڪهڙو اعتبار؟ اونداهيءَ ۾ توڻي انڌي هٿ لڳائيندڙ کي اوچتو ضرب وسائي سگهي ٿو. اها لطيف جي سهڻي ترميم آهي، جا ڪافي وزنائتي ٿي لڳي.

        سر سهڻيءَ ۾ دريا جي هشت ۽ ڪنن جي قهر جو هولناڪ مگر جادوءَ ڀريو منظر اکين آڏو آڻيندي، اوچ ڪوٽيءَ جو ڪوي عبداللطيف ڄاڻائي ٿو:

سڄا ٻيڙا ٻار، ۾، هليا هيٺ وڃن،

پروزو پئدا نه ٿيي، تختو منجها تن.

ڪير چوندو ته اهي سٽون شيخ سعديءَ جي ”بوستان“ ۾ آيل هن بيت جي قابل داد ترجماني نه ٿيون ڪن:

در اين ورطه کشتي فرو شد هزار

که پيدا نه شد تخته اش بر کنار [5]

سر حروفي ته سون تي سهاڳو آهي،. نه فقط ايترو پر پروانهءِ دل لطيف جون

پڇ پتنگن کان، سنديون کامڻ کبرون

لــــــــڇڻ لنؤ لطيف چي، پڌر هڏ م پاءِ

پڻ سعدي شيرازيءَ جي

اي مرغ سحر! عشق زپروانه بياموز

کن سوخته را جان شد و آواز نيامد [6]

جون سڪون لاهين، ساڳيءَ ريت

        جي وصل ٿئا وصال ۾ سي ذرو ظاهر نه ڪن پڻ مٿئين پارسي شاعر جي

ان راکه خبر شد خبري باز نيامد2

ڏانهن ڇڪيو وڃي. سٽ اندر ماٺ ۾ مشاهدو ماڻڻ ڏانهن اشارو آهي، پڻ حيرت ڏانهن، جنهن ۾ ڪابه خبر نه ملي، يعني من عرف الله کل لسانه (جنهن الله کي ڄاتو تنهن جي زبان گونگي ٿي پيئي)، يا جئن صوفي باصفا مولانا روميءَ فرمايو آهي.

هر که را اسرار حق آمو ختند

مهر کردند و دهانش دوختند.3

دل درپن تان دوئيءَ جي ڪٽ لاهڻ ۽ سيني ۾ صفائي پائڻ، واري سنڌي صوفي سنت جو لاثاني بيت

اندر آئينو ڪري، پر ۾ سو پسيج،

انـــــهم راه رميج، ته مشهادو ماڻين

غور سان پڙهبو ته هري ايندو

                سعدي! حجاب نيست، تو آئينه پاک دار

                زنگار خورده چون بنمايد جمال دوست.[7]

روميءَ ته انهن کان به صاف لفظن ۾ ساڳي تشبيه ڏني آهي.

آئنه کز زنگ والايش جداست

پر شعاع از نور خورشيد خداست

آئنه ات داني چرا غماز نيست.

زانکه زنگار از رخش ممتاز نيست

روتو زنگار از رخ او پاک کن

بعد ازان آن نور را اداراک کن.2

ائين برابر آهي ته الاهي فرمان بجا نه آڻڻ ڪارڻ، عزازيل لعنتي يا شيطان بڻيو، پر هن جي صداقت، ثابت قدميءَ ۽ ”غير“ اڳيان نه جهڪڻ جي صفتن کي سلام ڪندي، عاشق عبداللطيف بي باڪيءَ سان اظهار ڪيو آهي

عاشق عزازيل، ٻيا مڙئي سڌڙيا،

منجها سڪ سبيل، لعنتي لال ٿئو.

ساوه (قزوين) جو جعفر نالي ستهرين صديءَ جو شاعر، اهوئي مضمون هڪ رباعيءَ اندر هن ريت قلمبند ڪري ويو آهي:

                جعفر سخن از کعبه و از دير مکن

                در واديءَ  شک چوگرهان سير مکن

                رو، شيو. بندگي زشيطاني آموز

                يک قبله گزرين وسجده غير مکن. [8]

حديث جي ”آنا احمد بلاميم2 تي ٻڌل هيٺ ڏنل بيت ۾ احد ۽ احمد وچ ۾ فرق ٻڌائيندي، لطيف چيو آهي.

اَحد احمد پاڻ ۾، وچان ميم فرق،

آهي مستغرق عالم انهيءَ ڳالهه ۾

ڀيٽ لاءِ آڏو آڻيو صوفي شاعر محمود شبستريءَ جو ”گلشن راز“ ۾

ز احمد تا احد يک ميم فرق است،

جهاني اندر ان يک ميم غرق است.3

ٻنهي بيتن ۾ ”احد“، ”احمد“، ”ميم“، ”فرق“، غرق“ جا لفظ، ۽ هڪ ۾ ”عالم“ ته ٻئي ۾ ان جو برابر لفظ ”جهان“  قابل غور آهن. شاهه جي هيترن سارن لفظن ۽ هم معنيٰ بيت کي اتفاقي هڪ جهڙائي سڏي سگهبو؟

سر سهڻيءَ جو خيال:

پاڻ پردو پاڻ کي، سڻي ڪر سنڀال،

وچان جو وصال، سو تان هئڻ هن جو.

حافظ شيرازيءَ جي هڪ غزل ۾ هينئن آيل پيو ڏسجي:

ميان عاشق ومعشوق هيچ حائل نيست،

توخود حجاب خودي، حافظَ ازميان برخيز[9]

يمن ڪلياڻ ۾ قرب جي ڪٺل مگر آساوند عاشق جو بيت:

جان جان ناهه ضرور، تان تان طبيب ناهه ڪو،

جه سو سرئو سور، ته ڪر ويڄ ور پئو.

خواجه حافظ جي هن بيت جو مفهوم ادا ٿو ڪري:

عاشق که شد که يار بحالش نظر نکرد؟

اي خواجه! درد نيست، وگرنه طبيب هست2

ڀٽ ڌڻيءَ جو

مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾،

اڀا اينءَ چون، مڇڻ پاند پسائيين.

هن پارسي بيت جو نس پس، مگر قابل تحسين ترجمو لڳي:

در ميان قعر دريا تخته بندم کرده اي،

باز ميگوئي که دامن تر مکن هشيار باش[10]

عام طرح ٻڌبو آهي ته اهو بيت پڻ حافظ جو آهي، پر ”ديوان شمس تبربز“ ۾ جڳهه اٿس. حافظ جو همخيال بيت وري هن ريت آهي:

آشنايان ره عشق درين بحر عميق،

غرق گشتندو نگشتند به آب الوده.2

اهڙيءَ طرح

ڏوريان ڏوريان م لهان، شال ۾ ملان هوت!

تن اندر جا لوچ، مڇڻ ملڻ سان ماٺي ٿيي.

سورهين صديءَ جي مايه عه ناز شاعر عرفيءَ جو هيٺ ڏنل بيت خيال ۾ ٿو آڻي:

گر بميرم منما چهره بمن روز وصال،

حسرت روي تو حيف است که ازدل برود 3

”وحدت“ بنسبت باڪمال شاعر جو ڪڏهين به نه وسرڻ جهڙو بيت:

پڙاڏو سو سڏ، ور وائي جو جي لهين

هئا اڳهم گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿئا

بابت ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي راءِ آهي ته روميءَ جي

ان ندا که اصل هر بانگ و نواست

خود ندا آست واين باقي صداست[11]

جي ترجماني ٿو ڪري، پر خادم جو ويچار آهي ته عبدالرحمان جاميءَ جي هن بيت جو سنڌي ويس آهي:

يک صوت بردو گو نه همي آيدت بگوش،

گاهي ندا همي نهيش نام گه صدا 2

ڪئين به هجيم پر انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ٻوليءَ ۽ خيال جي چٽائيءَ جي لحاظ کان شاه صاحب پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ساڳئي جاميءَ لاءِ مشهو رآهي ته نهايت ظريف ۽ حاضر جواب شاعر هئو. چون ٿا ته هڪ دفعي پنهنجو هيءُ بيت جهونگاري رهيو هئو.

يک در جان  فگارو چشم بيدارم توئي،

هر که پيدا ميشود از دور پندارم توئي 3

نه ڀر ۾ بيٺل ڪنهن بدتميز ٺٺوليءَ جي نوع ۾ پڇيس:

گر خري پيد اشود؟ 4

ته هڪدم ڏانهس آڱر جو اشارو ڪري وراڻيائين:

من باز پندارم توئي [12]

سڀ ۾ صاحب پسندڙ صوفي لاڪوفيءَ اهو مفهوم سنڌي سانچي ۾ هينئن آندو آهي:

مون کي اکڙين وڏا ٿورا لائيا،

ته پڻ پرين پسن، کڻا جي کر سامهون.

بندي جو ڪم آهي ٻاڏائڻ، پوءِ مرضيءَ جو مالڪ چاهي ٻڌي چاهي نه ٻڌي. شاهه جي لفظ ۾:

مهجي وس واڪا، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.

اهڙي ڳاله خواجه حافظ به ڪري ويو آهي:

حافظ! وظيفئه تو دعا گفتن اسيت وبس

در بند آن مباش که بشنيد يا نشنيد2

پر بندي کي انهيءَ کان به وڌيڪ نزديڪ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ڄاڻايل جاميءَ جو هيءُ بيت ٿو لڳي:

راز هائي سينه را گفتم بپش يار خويش،

گـــوش گردد يا نگردد گفتگوئي ميکنم3

هتي به سنڌي شاعر جو هڪ سٽ ۾ سمايل خيال پارسيءَ واري بيت جي مواد کان گهڻو مٿي اڀري ٿو بيهي.

        شاهه سائينءَ جي حڪيماڻي اک ۽ ننڍڙين ڪين جهڙين شين مان سهڻو سبق پرائڻ جي صفت ساراهيندي، رسالي جا مفسر ۽ محسن، هيءُ لطيفي بيت مثال طور پيش ڪندا آهن:

پاڇاهي نه پاڙيان، سرتيون! سئيءَ ساڻ،

ڍڪي اگهاڙن کي، ڪين ڍڪيائين پاڻ!

مگر جن عالمن ۽ اديبن ڪشمير جي لا ابالي شاعر محمد طاهر ”غني“ جو ديوان اٿلايو هوندو، تن کي رديف ”الف“ ۾ هيءُ بيت ضرور نظر چڙهيو هوندو:

همچو سوزن دايم از پوشش گريزانيم ما

جامه بهر خلق ميدوزيم وعريانيم ما [13]

هر سنڌيءَ جي زبان تي چڙهيل:

پائي ڪان ڪمال ۾، ميان! مار م مون،

مون ۾ آهين تون، متان تهنجوئي توکي لڳي.

پڻ هيٺ ڏنل پارسي بيت سان مشابهت ٿو رکي، البته مارڻ وارو هٿيار ٻئي قسم جو آهي.

مکش خنجر مزن بر سينئه من،

توئي در دل مبادا بر تو آيد2

ٻهڳڻي جو ٻول:

هئڻ حبيب! هٿ کڻي، ٻنگا لهي ٻاڻ،

ماڳهه مـﺂن منـﮣ ٿيي، جهولي وجهان پاڻ،

پڻ امير خسروءَ جو هيءُ بيت ياد ٿو ڏياري

کمان ابرويت راگو بزن تير،

که پيش دست و بازويت بميرم.[14]

ساڳيءَ ريت

ڪوڙو تون ڪفر سين، ڪافر م ڪوٺاءِ،

هندو هڏ نه آهيين، جڻيو تو نه جڳاءِ.

”طوطي عه هند“ وارو سر ٿو آلاپي:

در کفر هم صادق نه اي، زنار را رسوا مکن.2

عشق ۾ رشڪ ڪندڙ شاه جي هن بيت

ونين ۾ ٿي ويـﮣ، ته آئون واري ڍڪئان،

توکي ڏسي نه ڏيـﮣ، آئون نه پسان ڪي ٻئو

جو مقابل مرزا قليچ بيگ جي ”جواهر فارسي“ جي ٽئين ڀاڱي ۾ پاتو ويو آهي، پر موصوف کي شاعر جو نالو نه ملي سگهيو آهي، تنهنڪري ”لا اعلم“ تي ڪفايت ڪئي اٿس. مذڪور بيت آهي

بيابنشين بچشم من که از خلقت نهان دارم

نه بيند کس ترا چيزي دگر جز تو نبينم من.3

البته تحقيق ڪرڻي پوندي ته اهو بيت ڪنهن جو آهي ۽ ڪڏهن لکيو ويو شاهه صاحب جي وقت کان اڳ يا پوءِ؟

سر سهڻيءَ ۾ يار جي وصال وارو لطيفي خيال

جي قيام مڙن، ته ڪر اوڏا سپرين

تهان پري سڄن واڌايون وصال جيون

حڪيم شرف الدين حسن شفائي (وفات 1038/1628) جي هيٺ ڄاڻايل ويچار ۾ سهڻو اضافو آهي:

بحشرم وعده. ديدار اگر دادي نمي رنجم

وصال چون توئي را صبر اين مقدار مي بايده.[15]

انهيءَ سڀ جي باوجود، هيڏي ساري رسالي ۾، خود پارسيءَ جي فقط هڪ سڄي سٽ نظر اچي ٿي، جا لاشڪ صوفي شاعر جي طبيعت تي چونڊيل مصرع جو ڪرشمو آهي

سر در قدم يار فدا شد چه بجا شد وصل اهو ئي ونگ.

چون ٿا هت جڏهين جهوڪ ڌڻيءَ شهادت پاتي ته ڪيترائي عاشقي رمزن وارا پارسي بيت چيائين، جن مان هڪڙو هئو.

سر در قدم يار فد اشد چنه بجا شد،

اين بار گران بود ادا شدچه بجا شد.2

چاليهه ايڪيتاليهه ورهيه اڳ، ڪراچيءَ، ۾ قيام جي دوران ٻڌو هئم ته شاهه شهيد جا مٿئين واقعي تي چيل اٽڪل 700 بيت، ڪتابي صورت ۾ آيل آهن ۽ قلمي نسخي جو نالو ”بي سر نامه“ آهي، مگر افسوس جو گهڻيءَ جاکوڙ کان پوءِ به ان جي زيارت نصيب نه ٿي.

سر يمن ڪلياڻ ۾ هڪ پارسي جملو به ڪتب آندو اٿس

برخيز بده باقي پيار کي پرين.

جنهن منجهان خواجه حافظ جي

ساقيا! بر خيز و در ده جام را [16]

جو اثر ظاهر آهي.

        ڪيترن بيتن ۾ مجاز جي چاٽ آهي، خاص طرح سر ڪاموڏ، کنڀات، پورب ۽ مومل راڻو ۾. يار جو رخسار، خط خال، لال لب، زلف، ڪاڪل ته آيا آهن،

پر انهن سان گڏ ساقي، مطرب ميخاني، جام، خمار ۽ ڪيف جو ذڪر پڻ آهي، البته اڻلکائتو ۽ مقامي ماحول ۾.

        سر معذوري ۾ هڪڙي وائيءَ جي آخري مصرع

                        پريان جي پستان جو، فاقو ئي فرحت

تصور جي خيال کان پارسي غزل جي بيت جون سڪون ٿو لاهي.

        سارو رسالو پارسي شعر جي مجموعن وانگر تمثيلن ۽ تشيهن سان ڀريو پيو آهي. عشقي داستان ۽ لوڪ ڪهاڻيون پڻ آهن، پر اهي نه ”يوسف زليخا“ ۽ ”شيرين وفرهاد“ وانگر پيرائتيون آهن، ۽ نه وري منجهن مجازي عشق جو غلبو آهي. وطن دوست شاهه، مادري ٻوليءَ سان سهج ڪري سنڌي محاورا، سنهري بناوتون، استعارا ۽ تشبيهون ڪم آڻي کين ڏيهي رنگ ۽ روايتن ۾، نهايت سنجيدگيءَ ۽ روحاني رمزن سان پيش ڪيو آهي. ٿوري ۾، سونهاري شاهه اهوڪجهه ڪيو آهي، جيڪو حضرت ورمي چئي ويو آهي:

خوشتر آن باشد که سر دلبران،

گفته آيد در حديث ديگران [17]

پڇالڙيءَ ۾ اهو ڄاڻائڻ نامناسب نه ٿيندو ته سر حسينيءَ ۽ ڪيڏاري ۾ چند بيت ملن ٿا. جن لاءِ ملا حسين واعظ ڪاشفيءَ جي ”روضته الشهدا“ جهڙن ديني ڪتابن ۾ آيل بيانن ڏانهن ورڻو پوندو، هتي پنج مثال پيش آهن:

(1) سر حسينءَ جو ________

حسيني حسين لءِ، بيبي پاڻ چئي،

تهان پوءِ ٿئي، خبر ٻيءَ خلق کي.

(2) ڪيڏاري جي پهرئين داستان جي وائيءَ جون ٻه مصرعون:

سج چنڊ مصطفيٰ ڏي، يڪدل گڏي هليا،

هيءِ! هيءِ انڌارو ٿيو، ان ري، تارا لڏي هليا.

ساڳئي ئي سر جي وائي:

(3) واويلا! واويلا! ملڪن ڪيو رڻ ماتام

هيءِ! هيءِ! شاهه حسين سڌاريو!

ڪربلا جي پڙ ۾، آيا اڄ امير،

جهڙ وائي جهوري جهليا، طرف سندي تقدير،

هيءِ! هيءِ! شاهه حسين سڌاريو!

پسي سختي مير حسين جي، رنو نبين زارون زار،

ملڪ، فلڪ، ڌرتي ڌٻي، آئي عرش مٿان اڇنگار،

هيءِ! هيءِ! شاهه حسين سڌاريو!

(4) پرهه پکي آئيو، ڪربلا مان ڪهي

روضي پاس رسول جي، تهه لي هاڪ هنئي.

(5) رات جه جي ماءُ، ورئي، پرنئو رب کي.

سرڳواسي ڊاڪٽر گربخشاڻي پهريون شارح آهي، جنهن ”روضته الشهدا“ ۽ لسان الملڪ ميرزا محمد تقيءَ جي ”ناسخ التواريخ“ ۾ انهن جا تفصيل ڏنا آهن: (1) ۾ انهيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته الله تعاليٰ جبرئيل فرشتي کي سڏي فرمايو ته امام حسين جي والادت ۽ شهادت جي اڳڪٿي حضرت پيغمبر کي سڻائي اچ. حضرت رسول اها خبر پنهنجي نياڻيءَ (امام عليءَ جي گهرواريءَ، پوءِ حسين جي ماءُ) بيبي فاطمه کي ٻڌائي، جا ٻڌڻ شرط پار ڪڍي روئڻ لڳي. حاصل مطلب ته خدائيءَ مان هوءَ پهريون شخص هئي جنهن واويلا ڪئي. (2) ۾ ڪربلا جو قهر ڏسي، سج چنڊ ۽ تارن جي ڪاري ٿي وڃڻ جو احوال آهي، گويا هو به آسمان ڇڏي نبيءَ سان اعزاپرسي ڪرڻ ويا هئا. (3) ڏيکاري ٿو ته شاهه شهيد جي سر لهڻ تي خود ڪائنات ماتم جو ويس پهريو: ”ڌرتي جوش ۾ جلي، ڌٻي دانهون ڪيون، آسمان عرش ڪرسي لرزي ۾ اچي، لهوءَ جا لڙڪ وهايا، ملڪن پنهنجا مڪان ڇڏي، هوا ۾ آهون صدائون ڪيون، ۽ نبين پڻ زارون زار رنو. ازانسواءِ ماڻهن، مرن، پکين، ديون ۽ پرين وغيره به پاڻ پڇاڙي رت جا ڳوڙها پئي ڳاڙيا.“ (4) پکين مان مراد اهو ڪبوتر آهي جو چون ٿا ته امير حسين جي شهادت وقت هن جي خون ۾ ليٽي، ڪوڪون ڪري، پاڻ پڇاڙي، اڏامي مديني ۾ آيو ۽ شاهه مديني جي روضي جي چوڌاري پئي ڦريو سندس کنڀن مان رت ڦڙا پئي ٽميا. ڪربلا جي قهر جي خبر ٻڌڻ بعد ئي ماڻهن جي من ۾ خيال آيو ته پکي انهيءَ المناڪ واقعي جو اطلاع ڏيڻ آيو هو. (5) ۾ حوالو آهي ته شهادت رات، يعني 9 محرم تي امام حسين جي زال (بيبي شهربانو) خواب ۾ بيبي فاطمه کي ڪربلا جو ميدان ٻهارنيدو ڏٺو. سبب پڇڻ تي، هن وراڻيو ته ”سڀاڻي منهنجو فرزند، تنهنجو دلبند شهيد ٿيڻو آهي. پٽ انهيءَ ڪري پيئي صاف ڪريان، جيئن سندس ڪومل سرير کي ڪا ڪڪري نه لڳي.“ اهو جواب ڏيئي، رب ڪريم کي عرض ڪيائين ته ”اي خدا! هاڻي منهنجو ٻچرو پرتو اٿيئي.“

 

اورنگزيب مسجد، روهڙي

رشيد ڀٽي

 

        روهڙي وارين ٽڪرين جو سلسلو، ساري دنيا ۾، آڳاٽي پٿر واري دور جي آثارن ڪري مشهور آهي. آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي آثار قديم جي ماهرن جي تازي کوجنا پٽاندر، انهن ٽڪرين مان ڪيترن تي سکر ۽ روهڙيءَ جي پسگردائيءَ ۾ هڙاپا عهد جي پٿر جي هٿيار سازيءَ جا پڙ پکڙيل نظر آيا آهن انهن ٽڪرين جي چوٿين مٿاڇرن تي پگر جا ڦر ۽ ڦرن جا پتا (Blades & Blade_ Cores) ڀڳل ٽٽل ڦرها، چٿڙيون ۽ چاڪو سازيءَ سان لاڳو ٻيون پيداوارون ججهي تعداد ۾ ٽڙيل پکڙيل اڄ به نگاهجن ٿا.

        روهڙي ۽ سکر جي ٽڪرين جون اُهي مٿاهيون تاريخ جي ساري وهڪري دوران تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جو مرڪز پئي رهيون آهن. تاريخ جي وچين دور ۾ به اروڙ، بکر، روهڙي ۽ سکر سنڌ جي تاريخ ۾ اهم جڳهه والاريندا رهيا آهن. سکر ۽ روهڙيءَ ۾ ۽ آسپاس اڄ به ڪيتريون ئي تاريخي جايون ۽ يادگيريون، خاص ڪري مغل دور جون ڏسي سگهجن ٿيون. اڄ هن مضمون ۾ به اسين هڪ اهڙي ئي تاريخي يادگار جو ذڪر ڪنداسين، جنهن کي ڪافي وقت کان هن مهل تائين، اسان جي تاريخدانن ۽ آثار قديم وارن نظرانداز پئي ڪيو آهي، ۽ ان کي ڪنهن به ڌيان يا توجه جي لائق نه سمجهيو آهي_ اهو آهي، روهڙيءَ واري اورنگزيب جي مسجد.


 


[1]  جيڪڏهن اڃايل جهان ۾ پاڻي ٿا ڳولين

   (ته) پاڻي پڻ دنيا ۾ اڃايل ٿو ڳولي.

 

2 مون پاڻ وڃائڻ ۾ پاڻ (بقا) کي پاتو

 

[2]  اسان بها ۽ خون بها ٻئي حاصل ڪيا

جان ڏيڻ لاءِ تڪڙا هلياسين

مرڻ (فنا) ۾ ئي عاشقن لاءِ حياتي (بقا) آهي

(جا) دل ڏيڻ بنا حاصل ڪري نه سگهندين.

 

[3]  اي رفيق! صوفي اين الوقت (وقت جو پٽ يعنيٰ پڪو) ٿئي ٿو

   سڀاڻي چوڻ هن جي طريقي يا طريقت جو شرط ئي نه آهي

2 جيڪي به اٿس، اهو نقد ٿو لڳائي

يار جي وصال ماڻڻ لاءِ نقد سر جو داءُ هڻي

ٻين کي سڀاڻي جو وعدو ٿو رهي

پر هن لاءِ نقد پڻ هتي ئي آهي.

 

[4]  هاٿي اونداهي گهر ۾ (بند) هئو

هندن هن کي (تخفي) طور آندو هئو.

2 غور جي حدن (افغانستان) ۾ هڪڙو وڏو شهر هئو

انهيءَ شهر جا رهندڙ سڀئي ماڻهو سورداس هئا.

 

[5]  هن ڪن ۾ هزارين ٻيڙا هيٺ هليا ويا

        جن جو هڪڙو تختو پڻ ڪناري تي پيدا نه ٿيو (نه مليو).

 

[6]  اي بلبل! عشق ڪرڻ پرواني کان سک

      جنهن سڙندي ساهه ڏنو، پر ٻڙڪ به نه ڪڍي.

2  جنهن جاتو تنهن حال ظاهر نه ڪيو.

3    جنهن کي حق جا راز ڏيکاريائون (سيکاريائون)

     ان کي مهر ٿا ڪن، ۽ ان جو وات سبن.

 

[7]  اي سعدي! ڪوئي پردو (رڪاوٽ) ڪونهي، تون آئينو صاف رک

    ڪٽ چڙهيل (آئينو يار جو جمال ڪئن پسائيندو؟

2 اهو آئينو، جو ڪٽ ۽ آلاڻ بنا آهي

   خدا جي نور سان پيو چمڪي

   خبراٿئي ته تنهنجو آئينو ڇوعڪس لائق نه آهي؟

   ڇاڪاڻ ته ان تان ڪٽ نه لٿي آهي

   وڃ ۽ وڃي ان تي چڙهيل ڪٽ لاهه

   ان پڄاڻا اهو نور معلوم ڪر (ڏس).

 

[8]  اي جعفر! ڪعبي ۽ مندر جي ڳالهه نه ڪر

    ڀٽڪيلن وانگر شڪ جي واديءَ ۾ سئر نه ڪر

    وڃ، بندگيءَ جو طريقو شيطان کان سک

    هڪڙو قبلو چونڊ، ۽ غير اڳيان سجدو نه ڪر.

2    آءٌ احمد آهيان بنا م جي، يعني احد (هڪ يا الله)

    آهيان، ”م“ مان مراد آهي ماسواءِ الله

    (مظهر صفات يا علام ڪثرت).

3   احمد کان احد تائين هڪ ”م“ جو فرق آهي

     جهان انهيءَ هڪ ”م“ ۾ غرق آهي.

 

[9]   عاشق ۽ معشوق جي وچ ۾ ڪوئي پردو ڪونهي

     تون خود حجاب آهين، اي حافظ! وچ مان اٿ.

2     ڪهڙو عاشق ٿيو جنهن جي حال تي يار نظر نه ڪئي؟

     اي خواجه! درد نه هوندو، نه ته ته طبيب آهي ئي آهي.

 

[10]  مون کي ٻڌي کڻي دريا جي تري ۾ وڌو اٿئي

     مٿان ٿو چوين ته سنڀال، پاند نه پسائج!

2  عشق جي راه کان واقف، هن اونهي سمنڊ ۾

     غرق ٿيا، پر پاڻيءَ م نه پسيا.

3    مران ته وصال واري ڏينهن مون کي منهن نه ڏيکارج

      حيف آهي جي توکي ڏسڻ جي حسرت دل مان هلي وڃي.

 

[11]   سڏ، جيڪو هر آواز ۽ پڙاڏي جو اصل آهي

     سڏ اهو آهي، باقي پڙاڏو آهي.

2   هڪڙو ئي آواز توکي ڪن ۾ ٻن نمونن ۾ ٿو ٻري

   ڪڏهن ان کي سڏ ٿو ڪوٺين ته ڪڏهن پڙاڏو

3   منهنجي ڦٽيل جان ۽ بيدار اکين ۾ تون اهڙو ٿو

 وسين جو ڪجهه به ظاهر ٿئي ته پري کان پرکيو وڃان ته تون آهين.

4 جڪڏهن ڪو گڏهه ظاهر ٿئي؟

 

[12]  مان پوءِ به ڄاڻي ويندس ته ”تون“ آهين

اي حافظ! تنهنجو ڪم آهي ڪارون ڪرڻ

  انهيءَ ٻنڌن ۾ نه پؤ ته الائي ٻڌائين يا نه.

3 اندر جا ڳجهه يار اڳيان ڳرهيم

   ٻڌا وڃن يا نه، مان ته چوندس ئي چوندس

 

[13]   سئيءَ جيان سدائين پوشڻ کان پري ٿا ڀڄون

    خلق لاءِ ڪپڙا ٿا سبون، ۽ پاڻ اگهاڙا رهون.

خنجر نه ڪڍ، سندم سيني تي نه هڻ

    دل اندر تون آهين، متان توکي لڳي.

 

[14]  پنهنجي ابرو ڪمان کي چئو ته تير ڇوڙي

       جئين تنهنجن هٿن ٻانهن اڳيان سواسن سکالو ٿيان

2     ڪفر ۾ پڻ سچو نه آهين، جڻئي کي بدنام نه ڪر.

3      اچ، منهجين اکين ۾ ويهه ، ته توکي خلق کان لڪايان

       جئين تو کي ڪوئي نه ڏسي، ۽ توبنا مان ڪائي شيءِ نه پسان.

 

[15]  جيڪڏهن قيامت ۾ ديدار ڏيڻ جو وعدو ڏنءِ ته

       رنج نه ٿيندس، تو جهڙي جي وصال لاءِ ايڏو انتظار ته گهرجي ئي.

    2    يار جي قدمن تي سر قربان ٿيو ته ڪهڙو نه ٺيڪ ڪم ٿيو

      هيءُ ڳورو بار هئو، لٿو ته ڪهڙو نه ٺيڪ ڪم ٿيو.

 

[16]  ساقي! اٿ ۽ پيالو پيار.

 

[17]  وڌيڪ وڻندڙ آهي ته دلبرن جو راز ٻين جي احوال ۾ ٻڌائجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com