ڏينهن ڏٺي جو سپنو
ايل _ ايم _ رامامرتم
سنڌيڪار: ولي رام ولڀ
(راما مرتم (جنم 1916ع) ننڍپڻ کان ئي لکڻ شروع ڪيو. انگريزي ۽
تامل، ٻنهي ٻولين ۾ لکندو آهي. ڪيتريون ئي ڪهاڻيون
لکيون اٿس. جذبي جي ڀرپور عڪاسي ۽ خيال جي گهرائي
سندس ڪهاڻين جي جان آهي. پنجاب نيشنل بئنڪ ۾ اعليٰ
عهدي تي فائز آهي. نوڪريءَ جي گهڻي مصروفيت جي
باوجود هن ادب کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي.)
ڳالهه اها آهي، جو ٻين وانگي مون کي گهڻو ڳالهائڻ نٿو
اچي ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جو معمولي ڳالهه،
لوڻ مرچ لڳائي ڪجهه اهڙيءَ طرح پيش ڪندا آهن، جو
انهن جي ڳالهين تي ويساهه اچي ويندو آهي ۽ ٻڌندڙ
به خوش ٿيندا آهن.
مون سان ڏکيائي اها آهي جو جيڪي ڪجهه منهنجي ذهن ۽ دل ۾
هوندو آهي، انهيءَ جو اظهار اختصار سان ڪري سگهندو
آهيان،. وڌ ۾ وڌ اهوته جيڪڏهن منهنجي ذهن ۾ چار
ڳالهيون هونديون ته مان سليقي سان هڪ ئي ڳالهه ادا
ڪري سگهندس. انهيءَ جو مطلب اهو ناهي ته ڪو منهنجو
تجربو ۽ مشاهدو ٻنهي کان گهٽ آهي، پر اها پنهنجي
پنهنجي صلاحيت جي ڳالهه آهي ته ماڻهن کي خبرگهٽ
هوندي آهي ۽ ڳالهائيندا گهڻو آهن. مون کي خبر وڌيڪ
آهي، پر ڳالهائيندو گهٽ آهيان. مان ڄاڻي واڻي ائين
نه ڪندو آهيان، دراصل مون کان گهڻو ڳالهايو نٿو
ٿئي.
ڳالهه ڪا اهم ناهي.
مان بس ۾ سفر ڪري رهيو هوس. ايترو پري جو سفر به نه، بس
آفيس ڏانهن پئي ويس. ڀلا آفيس وڃان يا ٻئي ڪنهن
هنڌ، مان ايڏو وڏو ماڻهو ته ناهيان جو ماڻهو
منهنجي ڪٿي وڃڻ جو نوٽيس وٺن.
مان ته هڪ معمولي ماڻهو آهيان صبح جو اٿي، ڪافيءَ جو هڪ
ڪوپ پيئندو آهيان، پوءِ بازار ويندو آهيان، سودو
وغيره وٺي، ان کان پوءِ جلدي جلدي آفيس وڃڻ جي
تياري ڪرڻ لڳندو آهيان. واپسيءَ تي سئر جي خيال
کان سمنڊ جي ڪناري هليو ويندو آهيان، جتي ڪجهه دير
گهمي ڦري، گهر جو رستو وٺندو آهيان. گهر ۾ هر روز
زال جون گاريون ٻڌندو آهيان، ڇو جو مان هر روز رات
جو دير سان گهر پهچندو آهيان.
بس، اهو ئي چڪر آهي جو هميشه کان هلي رهيو آهي. ڄڻ مان
پڻ گهاڻي جو ڍڳو آهيان، جو گهمي ڦري هڪ ئي هنڌ تي
پهچندو آهي. انهيءَ چڪر کان ڇوٽڪارو شايد ناممڪن
آهي.
جيڪڏهن انهيءَ معمول ۾ ٿوري به تبديلي اچي وڃي ته مون
کي سچ پچ خوشي ٿيندي آهي، پر تبديلي ڪيئن ٿي اچي
سگهي.
زال جي هنج مان اجهو هاڻي هڪ ٻارهيٺ لٿو آهي. هو هميشه
گهر کان ٻاهر هليو وڃي ٿو گهٽيءَ ۾ کيڏڻ، مٽي کائڻ
۽ سموري رات دانهون ڪرڻ. هڪ ٻار زال جي هنج ۾ آهي.
شايد هڪ ٻيو اچڻ لاءِ سوچي رهيو آهي. ٻڌو آهي ٽيون
مهينو اٿس. هڪ طرف ايترو بار ۽ ٻئي طرف مان اڪيلو،
فضا ۾ اڏامڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. ڪيڏو زبردست
تضاد آهي!
اوهان ڏٺو، بس منهنجي ڪمزوري اها ئي آهي. ڇا ٿي چوڻ
چاهيم ۽ ڇا چئي ويس. ها، چڱو ياد آيم، مان پنهنجي
بس جي باري ۾ ٻڌائي رهيو هوس. ها، ته ڳالهه اها
آهي ته هڪ ڀيري مان بس ۾ سفر ڪري رهيو هوس، يعني
بس ۾ پنهنجي آفيس وڃي رهيو هوس.
اوهان کي ته خبر ئي آهي ته هن زماني ۾ بس جو سفر ڪيڏو
مشڪل آهي ۽ اهو به جڏهن ڪا نئين فلم لڳي ٿي ته
پوءِ هڪ بس ڄڻ مهاگلم ميلي جو منظر پيش ڪري ٿي. بس
۾ گهڙڻ، کير جي ندي وهائڻ کان ڪجهه گهٽ نه هو.
جيئن تيئن ڪري مان اندر پهچي ئي ويس. جتي بيهڻ
مشڪل هو، خوش قسمتيءَ سان اتي مون کي ويهڻ لاءِ
جاءِ ملي ويئي هئي. هاڻي سچ پچ مون کي پنهنجيءَ
قسمت تي رشڪ اچڻ لڳو هو.
بس رواني ٿي، بس جيڪا پنهنجي ٻڍاپڻ جو روئڻُ روئي رهي
هئي. هڪ هنڌ بس بيٺي ئي هئي ته ماڻهن جي هڪ وڏي
ميڙ حملو ڪري ڏنو. ماڻهو اندر گهڙي آيا ڄڻ ماڻهو
نه هئا. سمنڊ جي هڪ تيز لهر هئي، جيڪا اندر داخل
ٿي هئي. انهيءَ وهڪري ۾ هڪ جوان عورت به اندر داخل
ٿي ۽ منهنجي ڀر واريءَ سيٽ تي ويهي رهي. سندس رنگ
ڪارو ئي ٿي سگهي ٿو. عمر 18 يا 20 ورهيه کن هوندي.
ڪنن ۾ هيرن جا ٻندا ۽ ڳچيءَ ۾ سون جوهار. نيري رنگ
جي ساڙهي، جنهن جو پلو ڳاڙهي رنگ جو هو، مٿس خوب
ٺهي رهيو هو. سندس چهري تي عجيب رونق هئي. هڪ اهڙي
ڪشش هئي، جنهن کان ماڻهو متاثر ٿيڻ کان سواءِ نٿي
رهي سگهيو.
اسان ٻنهي هڪٻئي ڏانهن ڏٺو. ٿي سگهي ٿو ته اهو ڏسڻ
اتفاقي هجي. گڏهه پڻ ڪڏهن ڪڏهن ديوارن جي ڀرسان
بيهي ديوارن تي لڳل اشتهارن کي ڏسندو آهي. انهيءَ
جو مطلب اهو ته نٿو هجي ته هو انهن پوسٽرن کي پڙهڻ
جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڏسڻ ته بس هڪ فطري عمل آهي.
مون کي اها به خبر نه هئي ته هو ڪهڙي مذهب ۽ ڪهڙي
خاندان جي هئي. تمام اهم ڳالهه، جا مان هاڻي چوڻ
چاهيان ٿو، اها هيءَ آهي ته سندس موت منهنجي ئي
هنج ۾ ٿيو. مان اڃا تائين انهيءَ حادثي مان پاڻ
سنڀالي نه سگهيو آهيان.
اوچتو سندس چهري تي پگهر جا ڦڙا ڏسڻ ۾ آيا. پوءِ سندس
چهري جو رنگ پيلو پئجي ويو، ۽ هوريان هوريان هوءَ
منهنجي هنج ۾ ڊهي پئي. اوچتو مون کان دانهن نڪري
وئي. مون کيس مضبوطيءَ سان جهلي ورتو. نبض ڏٺم پر
اتي ته ڪجهه به ڪين هو. ڳالهه ٻولهه جو موقعوئي
ڪٿي مليو هو. شايد دل بند ٿي وئي هئي. موت ڀلا
ڪنهن جو انتظار ٿو ڪري! هاڻي مان ڇا ٻڌايان ته بس
۾ ٻيو ڇاڇا ٿيو.
منهنجي دانهن ڪرڻ تي بس بيهاري وئي. ماڻهو هيٺ لهڻ لڳا.
منجهانئن هڪ نوجوان، جيڪو شايد سندس مڙس هو، سندس
ڇاتيءَ تي هٿ رکيو، پر هوءَ هئي ئي ڪٿي! بس سندس
بي جان لاش پيو هو. ٽيڪسيءَ جي ڳولا ڪئي ويئي.
اوهان کي ته خبر آهي ته ڳولا ڪرڻ تي ٽيڪسي به ڪڏهن
نٿي ملي ۽ ضرورت نه هجي ته هزارين ٽيڪسيون اوهان
جي سامهون لنگهي وينديون آهن. زندگيءَ جو چڪر به
ڪجهه اهڙوئي آهي. ضرورت تي هر معمولي شيءِ به
ناياب ٿي ويندي آهي.
سندس مڙس جي ڄمار پنجويهه ورهيه کن هوندي. گهرو رنگ،
خوبصورت چهرو، سچ پچ ڏاڍو ٺهڪندڙ جوڙو هو.
مان آفيس پهتس پر ڪم ۾ دل نه لڳي. ٽي وڄي رهيا هئا ته
مون موڪل ورتي ۽ هيٺ لهي آيس. هاڻي پير پاڻمرادو
سمنڊ ڪناري وڌڻ لڳا. اڄ سمنڊ ڪناري به اداسي ڇانيل
هئي. اس جي تکاڻ ڪري سمورو جسم سڙي رهيو هو.
منهنجي ذهن ۾ بس اهائي ڇوڪري سمايل هئي.
ڀريل جسم، اڃا عمرئي ڇا هيس. گهرٻار جي جهنجهٽ کان شايد
اڃا تائين آزادئي رهي هجي. ڪيڏا امنگ کڻي هن
زندگيءَ جي شروعات ڪئي هوندي. ڇا مرڻ لاءِ کيس
منهنجي ئي هنج کان سواءِ ٻيو هنڌ نٿهي مليو؟ نه
ڄاڻان، اڄ منهنجي دل ۾ اهڙا اهڙا خيال ڇو جاڳي
اٿيا هئا. ماڻهو مون کي پاڳل ته نه سمجهندا؟
مان ڪناري تي چپ چاپ پسار ڪري رهيو هوس. سمنڊ جون لهرون
منهنجي پيرن کي ڇهي آلو ڪري رهيون هيون. ڇا لهرون
منهنجي دل جو بار هلڪو ڪري سگهن ٿيون؟
مان ڪناري تي پسار ڪري رهيو هوس. اڄ صبح جي حادثي جي
ڳالهه تي غور ڪري رهيو هوس. ۽ واقعي کي هر رخ کان
ورجائي رهيو هوس. شايد مون سندس ڳل ڇهيا هئا. هاد
رڳو اهو ڄاڻڻ لاءِ ته منجهن گرمي آهي به يا نه. ڇا
ايترو جلدي گرمي هلي ويندي آهي؟ سندس جسم ۾ ڪنهن
به قسم جي تبديلي نه آئي هئي. چهرو سون وانگر چمڪي
رهيو هو. ها رڳو مٿي جا وار وکري ويا هئا.
خبر ناهي ته هن سينڌ سڌي ڪڍي هئي يا پاسي کان مون غور
ته ڪيو هو. ٿي سگهي ٿو، مون کي ياد نه ايندو هجي.
هاڻي ڀلا انهن ڳالهين مان ڪهڙو فائدو! جيڪڏهن ياد اچي
به ويو ته ڇا ٿيندو! اها ڪير به ڇو نه هجي، نيٺ
سڀني بسن کي ڇڏي هوءَ هن بس ۾ ڇو چڙهي هئي؟ بس ۾
ٻيا ماڻهو به ته هئا. سندس مڙس به هو، پر منهنجي
هنج کي هن مرڻ لاءِ ڇو پسند ڪيو هو. ائين لڳي ٿو
ته هڪ وساريل ڪڙي ياد اچي رهي آهي. ٿي سگهي ٿو ته
گذريل جنم ۾ اسان ٻئي هڪٻئي سان منسوب رهيا هجون.
ٿي سگهي ٿو.
تقدير، ها، انهيءَ کي قسمت يا تقدير چوندا آهن. هاڻي
مان انهيءَ حادثي کي افسانو بنائڻ نٿو چاهيان.
جيڪڏهن مان افسانو بنائڻ جي ڪوشش به ڪندس ته مون
تي ڪير اعتبار ڪندو.
انهيءَ کي به دشينت، شڪنتلا، نل، دمينتي، ساوتري، پر
ٿوري راج سميڪت جي ڪهاڻين ۾ شامل ڪرڻو پوندو. اهڙي
ڪهاڻي، جيڪا ڪڏهن وساري نٿي سگهجي. انهي ڪهاڻي ۾
پڻ منهنجي شادي نه ٿي آهي، مان گهرٻار ۾ ڦاٿو
ناهيان مان سندس ٻار جو پيءُ به ناهيان، جو پنهنجي
ماءُ جي هنج ۾ هميشه روئي رڙي ۽ منهجي ننڊ بحرام
ڪندو هجي. مان انهيءَ ٻار جو پيءُ به ناهيان، جنهن
اڄ تائين جنم نه ورتو آهي، پر جنهن جي اچڻ جي فڪر
۾ رات ڏينهن ڳرندو پيو وڃان، منهنجي پنهنجي زال به
منهجي پنهنجي زال ناهي. اسان ته بس ٻه آهيون: مان
۽ منهجي هنج ۾ مئل ”هوءَ“ شايد اسان ٻئي پکيئڙا
بنجي آسمانن جي اوچاين تي اڏري رهيا هئاسين. پر هي
موت! منهجي دل دهلجي رهي آهي. عجيب سپنو آهي اهو.
هڪ عجيب ڪشمڪش. ائين ٿو لڳي ڄڻ منهجي دل اجهو هاڻي
زهر جي سمنڊ مان ٽٻي هڻي آئي هجي.
ڏاڍي دير ٿي ويئي هئي.
مان گهر واپس موٽي آيس
مٽي کائيندڙ ٻار جي منهن تي جيڪا غلاظت هئي، منهنجي زال
اگهي صاف ڪري رهي هئي. جيئن ئي مان اندر گهڙيس ته
هن ٻار منهنجي حوالي ڪيو ۽ ماني تيار ڪرڻ لاءِ هلي
ويئي. هوءَ اڄ به هميشه وانگي ٿڪل نطر اچي رهي
هئي. اهو ئي سبب آهي جو هوءَ چڙيل ٿي لڳي. ٿي سگهي
ٿو ته ٻار، جيڪو اچڻ وارو آهي، انهيءَ جي فڪر ۾
هوءَ ڳرندي پئي وئي.
مان رڳو ٻه گرهه کائي سگهيس.
”طبيعت ته ٺيڪ آهي اوهان جي؟“ زال پڇيو ”اوهان ڪجهه
کاڌو ئي ڪين!“
”ها، اڄ هڪ عورت منهنجيءَ هنج ۾ پنهنجا پساهه ڏنا.“ مون
مختصر جواب ڏنو ۽ مٿهينءَ منزل تي هليو آيس ۽
هميشه وانگر آرام ڪرسيءَ تي آهلجي پيس.
هيٺ روڊ تي ٽرام هلڻ جو آواز ڪنن سان ٽڪرائجي رهيو هو.
بسن ۽ موٽرن به ڏاڍا آواز ٿي ڪيا. انسانن جي ڀيڙ
جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! منهنجي زال پنهنجي هنج واري
ٻار کي وهجارڻ ۾ رڌل هئي. مون محسوس ڪيو ته هوءَ
لڙڪ لاڙي رهي هئي. نيٺ عورت هئي. کانئس ڪٿي ٿي
برداشت ٿي سگهيو ته هڪ ٻي عورت منهنجي هنج ۾ ساهه
ڏئي!
هوءَ غير هئي ۽ مان هن جو ڪو سڳو ڪو نه هئس.
پر هي...... منهنجي زال، نيٺ هن سان منهنجو ڪهڙو سنڱ
هو!
گهر ٻار جي انهن مونجهارن ۾ مان جلد ئي کيس وساري
ڇڏيندس. نيٺ هتي ڪهڙي شيءِ قائم رهي سگهي ٿي. ائين
لڳي ٿو، ڄڻ مان هڪ سائو ستابو وڻ هجان ۽ هوءَ
پنهنجي يادن جي ڪهاڙي سان، انهيءَ وڻ ۾ ڌڪ هڻندي
هجي. جيڪڏهن اها ياد به مون کان کسجي ويئي ته؟ اها
ئي ته منهنجي سڀ کان وڏي ملڪيت آهي!
مون کي ڳڻتي بس انهيءَ ڳالهه جي لڳل هئي. منهنجي اکين
آڏو اهو آخري منظر گهمي ويو، جڏهن هن جو مڙس کيس
رڪشا ۾ کڻي وڃي رهيو هو ته هن جا هٿ هيڏانهن
هوڏانهن لڏڻ لڳا هئا ۽ هن جو بي جان جسم به لڏي
رهيو هو. وران ۾ گلاب جو گل هو. منهنجي دل دهلجي
ويئي. مون کان دانهن نڪري وئي.
منهنجي دانهن تي منهنجي زال ڊوڙندي آئي. هن منهنجي نرڙ
تي هٿ رکيو. ”اڙي، هي ته باهه وانگي تتل آهي! تو
ٻڌايو ڇو نه. هاڻي دير به ٿي ويئي آهي. گهر ۾ ڪو
به ناهي جو ڊاڪٽر کي وٺي اچي. خير، ليٽي پئو.“
منهنجي زال هلي ويئي. هاڻي هو چلهه جي رک ۽ ڦاٽل
ڪپڙو ڳولي رهي هئي، جيئن منهنجي نرڙ تي ٿڌي پاڻيءَ
جي پٽي رکي سگهي.
مـــقــــالا
سنڌ جو ثقافتي ورثو
(هڪ مختصر جائزو)
ڊاڪٽر غلام علي الانا
سنڌ جي سرزمين سونهن، سر، ساز ۽ سخن جي زمين آهي. اڄ
کان هزار ها سال اڳ به هن زمين جي سونهن، سر ۽ ساز
جي ساک هوندي هئي. هن ڏس ۾ تاريخ جا ورق سنڌ جي
سڀيتا جي ثبوتن سان ڀريل آهن. ڪارونجهر ٽڪري،
آمريءَ جا دڙا، ڪوٽ ڏجي، موهن جو دڙو، رني ڪوٽ،
بهمن آباد، ڀنڀور، ٻڌڪن جا ٽڪر، روپا ماڙي ۽
امراڻي جا پڊ ۽ پوٺا پنهنجن سينن ۾ سنڌ جي سڀيتا
جا داستان سانڍيو اچن.
موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ ته دنيا جي ماهرن کي حيران ڪري
وڌو آهي. هنن کنڊرن جي کوٽائي مان مليل معلومات،
اڳ جي لکيل تهذيب جي تاريخ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ۽
تاريخ کي نئين سر لکڻ لاءِ نيون راهون، نوان گهاٽ
۽ گس گهڙيا آهن. اڄ ڌار ڌار ملڪ ۽ ماهر موهن جي
دڙي جي ڌار ڌار موضوعن تي ڪم ڪري رهيا آهن. هڪڙا
ماهر هتان نون لڌل مورتين جي مطالعي جي مدد سان اڄ
کان پنج هزار سال اڳ جي رهاڪن جي مذهب، مذهبي
اصولن ۽ رسم رواج تي کوجنا ڪري رهيا آهن، ٻيا
ڪمپيوٽرن ذريعي هتي جي مهرن کي پڙهي رهيا آهن ۽ ان
ڏس ۾ ڪافي قدر ڪامياب به ٿيا آهن. هو هن راءِ جا
آهن ته هنن مهرن تي لکيل زبان دراوڙي زبانن جي
ماءُ هئي. انهيءَ لحاظ سان اهي ماهر موهن جي دڙي
جي زبان کي دراوڙي زبانن جي موجوده لهجن سان ڀيٽي،
ان جو لسانياتي تجزيو ڪري رهيا آهن.
ماهرن جو ٽيون گروهه موهن جي دڙي وارن کنڊرن، گهرو
اڏاوت جي نموني، عمارت سازي جي فن، روزانه زندگيءَ
سان واسطو رکندڙ سامان جهڙوڪ ٿانو، مختلف ڌاتن جي
زيورن، ٽامي ۽ پٿر جي اوزارن، ڪپڙي سازيءَ جي فن،
آڏاڻن، مورتي سازيءَ جي فن، ڪنڀارڪي ڪم، ٿانون تي
نڪتل چٽن، گلن ۽ ٻين مورتين ۽ شڪلين کي سامهون رکي
هن سرزمين جي پنج هزار سال پراڻي فنون لطيفه جو
مطالعو ڪري رهيا آهن.
جان مارشل، ماريٽمر وهيلر، پگٽ، روس ۽ ڪوبن هيگن جي
ماهرن جون رپورٽون مطالعي ڪرڻ سان حيرت وٺيو وڃي،
۽ سوچجي ٿو ته واديءِ سنڌ جا رهاڪو اڄ کان پنج
هزار سال اڳ عمارت سازيءَ، مورتي سازيءَ، مصوري،
نقش نگاري، چٽساليءَ، ڪپڙي سازيءَ، ڪنڀارڪي،
سونارڪي، واڍڪي ۽ حڪمت جي ڌنڌي ۾ ماهر هوندا هئا.
ٻيڙين ذريعي وڻج واپار هلندو هو. نه فقط ايترو پر
هي خطو زراعت ۾ به اڳڀرو هو. جان مارشل دعوا ڪئي
آهي ته ڪپهه جي پيداوار پهرين پهرين سنڌو ماٿري ۾
ٿي، يعني دنيا ۾ ڪپهه پهرين پهرين سنڌ ۾ پيدا ڪئي
ويئي. ڪپهه ٽاڻڻ، ڪپڙي اڻڻ ۽ ڪپڙي سازيءَ جو هنر
سنڌ کان شروع ٿيو. چرخي ڪتڻ جو رواج عام هو، گهر
گهر ۾ چرخو موجود هوندو هو. هتي سنڌڻ جي نالي سان
هڪ قسم جو بهترين ڪپڙو ٺاهيو ويندو هو، جيڪو مغرب
طرف ميسوپوٽيما ڏانهن روانو ڪيو ويندو هو. ۽ ماهرن
اها به دعوا ڪئي آهي ته مصر جي بادشاهن جون مميون
(لاش) ”سنڌڻ“ ڪپڙي ۾ ويڙهي دفن ڪيون وينديون هيون.
اڳتي هلي هن ڏس ۾ عرب سياحن جي سفرنامن مان مثال
پيش ڪري سگهجن ٿا. هتان ”ڇيٽ“ جو ڪپڙو، ”بافتو“ ۽
” پٽ“ مغرب توڙي مشرق طرف روانو ڪيو ويندو هو.
جان مارشل جي رپورٽ مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته هت ڇر ۽
رڱاوت جو ڪم به ٿيندو هو.
موهن جي دڙي مان لڌل مورتين کي جاچي ڏسڻ سان معلوم ٿو
ٿئي ته ان زماني ۾ پٿر مان هٿيارن، ٿانون، مورتين
۽ ونتن، تورن ٺاهڻ کان سواءِ پٿر تي اڪر جو ڪم به
ڪيو ويندو هو.
مون اڳ ۾ عرض ڪيو آهي، سنڌ جي سرزمين سونهن، سر ۽ ساز
جي زمين آهي: نزاڪت، نفاست، سونهن، ساز ۽ سر اسان
کي ورثي ۾ مليا آهن. انهيءَ ورثي جو ثبوت گهٽ ۾
گهٽ پنجن هزارن سالن واري عرصي تائين ته ڏيئي
سگهجي ٿو. موهن جي دڙي مان لڌل ناچو ڇوڪريءَ جي
مورتيءَ جي مدد سان اهو ثابت ڪري سگهجي ٿو ته ناچ
هن خطي ۾ پنج هزار سال اڳ به رائج هو. ناچ سر ۽
ساز کان سواءِ ناممڪن آهي، انهيءَ ڪري اها دعوا
ڪري سگهجي ٿي ته ساز ۽ سر، رس ۽ رهاڻ سنڌ جي
سرزمين کي پيدا ٿيڻ سان ئي ورثي ۾ مليا آهن.
علامه آءِ آءِ قاضي مرحوم هڪ دفعي عبرت اخبار کي خط
ذريعي لکي موڪليو هت ”سنڌي ٻوليءَ ۾ موسيقي آهي.
يقينا اها موسيقي يا موسيقيت هزارين سالن کان
هلندي، جيئندي ۽ اسان مان هر هڪ ۾ سنڌوءَ جي لهرن،
مٽيءَ جي ريٽ سان گڏ سمائجي ويئي آهي.“
هي ڳالهيون قديم تهذيب ۽ تمدن طرف توجه ڇڪائين ٿيون آءٌ
”پدرم سلطان بود“ واري نظريي جو حامي نه آهيان.
اسان جي شاندار ماضيءَ جي ذڪر ڪرڻ مان منهنجو مقصد
هي آهي ته قديم سنڌ ۽ موجوده دور جي ثقافت، رهڻي
ڪهڻي، لباس، کاڌي خوراڪ ۽ هار سينگار جي سامان جو
مطالعو ڪجي ۽ انهن جو تقابلي اڀياس ڪجي. اڄ جن جن
شين جو استعمال اسين ڪريون ٿا، انهن جو اڀياس
ٻڌائي ٿو ته سنڌ وارن پنهنجي قديم تهذيب ۽ تمدن کي
ضايع نه ڪيو آهي، بلڪ ان کي سانڍيو آهي ۽ دانسته
يا نادانسته ان کي هئين سان هنڊايو آهي. هزارين
سالن جي گذرڻ جي باوجود، اسان جو چوڙيگر عاج مان
ساڳئي قسم جا چوڙا يا چوڙيون ٿو ٺاهي. ڪنڀار جي چڪ
۾ ڪو به ڦيرو نه آيو آهي، ڪنڀار اڄ به ٿانون تي
ساڳيا چٽ ٿو چٽي. اوهين پاڻ موهن جي دڙي مان لڌل
مٽيءَ جي سادن ٿانون تي نڪتل چٽ، موجوده وقت ۾
ٺهيل مٽيءَ جي ٿانون تي نڪتل چٽن سان ڀيٽي ڏسو.
ٿانون تي ٿيل نقش نگاري، نڪتل چٽن، گلن شڪيلن
مورتين کان سواءِ خود ٿانون جي ساخت ۽ نمونن کي به
جاچي ڏسو. اڄ به دکيون، پاڻيون، ڪوزا، مٽ، دلا
وغيره ٺهن ٿا، جيڪي موهن جي دڙي مان هوبهو نموني
جا لڌا ويا آهن. اهڙيءَ طرح هڏيءَ، عاج ۽ ڪوڏ مان
ٺهيل سامان، ٽامي مان ٺهيل بالا، چڙا، چاقو،
ڪهاڙيون ۽ ڇيڻيون وغيره وغيره عام جام لڌيون ويون
آهن، جيڪي اڄ جي بالن، ڇرن، چاقوئن، ڪهاڙين ۽
ڇيڻين کان مختلف نه آهن.
اڄ سنڌ علم الانسان (Anthropology) جي علوم جي ماهرن جي نظر جو مرڪز بڻيل آهي. اڄ واشنگٽن جي سمٿ
سونين انسٽيٽيوٽ، نيويارڪ جي نيچرل هسٽريءَ جي
ميوزيئم، پئرس جي موزي دي لاهه، لنڊن جي برٽش
ميوزيئم ۽ آسٽريا توڙي آسٽريليا ۽ ڪوپن هيگن جا (Anthropology
۽
Enthnology) جا ماهر سنڌ تي ڪم ڪري رهيا آهن. ڪي سنڌ جي لباس ۽ رهڻي
ڪهڻيءَ تي تحقيق ڪري رهيا آهن ته ڪن سنڌ جي ڀرت ڇر
۽ رنڱاوت جي ڪم تي ڪتاب لکيا آهن، ته ڪي اسان جي
گهرن، گهرو سامان تي گهري ڦولها ڪري رهيا آهن. ڪي
ماهر سنڌ جي قديم قومن ۽ قبيلن، جهڙوڪ جتن، نومڙين
۽ منڇري مير بحرن تي تحقيق ڪري رهيا آهن. ڪن ماهرن
جو خيال آهي ته درياهه جي ڪنڌين، ڍنڍن جي ڪنارن،
سامونڊي ساحل، جبلن، جوڌن ۽ مڙهن ۾ رهندڙ ماڻهن جو
مطالعو ڪجي.
سنڌ ۾ بي بها خزانو آهي. پٿر تي اڪر جو ڪم، گلڪاري، چٽ
۽ تصويرون حيرت ۾ وجهو ڇڏين. مڪلي ٽڪري، چوڪنڊيءَ
واروپ قبرستان، پليجن جون ڇٽيون، لاکي لطف الله
وارو قبرستان، شيخ ترابيءَ وارو قبرستان، ميين
ونهين جو قبرستان، جوهيءَ طرف بلوچن جون قبرون،
مانجهند جي سامهون شاهه اويس جو قبرستان، منگهي
پير وٽ برفتن جون قبرون، جوکين جو قبرستان ڏسي ۽
انهن قبرن تي مختلف نمونن جا چٽيل چٽ ڏسي، حيرت
وٺيو وڃي. هن قسم جي فن تي ڪتاب لکي سگهجن ٿا.
رنگين تصويرن، رنگين ٽرنسپئرنٽ سلائينڊن ذريعي
هيءُ هنر محفوظ ڪري، هتي جي ڪاريگرن جي ڪاريگري،
فنڪارانه انداز ۽ سوچ کان دنيا وارن کي واقف ڪري
سگهجي ٿو.
پٿر تي ٿيل اڪر جي ڪم کان سواءِ ڪاٺ تي ٿيل رنبيءَ جو
ڪم ۽ گلڪاري به پنهنجي ليکي هڪ اهم ڪم آهي. سنڌ ۾
درويشن جي درگاهن ۽ پڃرن تي ٿيل ڪاٺ تي اڪر جي ڪم
جا بهترين نمونا موجود آهن. انهن کان سواءِ گهرن
جي شهتيرن، ڇتين، درين ۽ دروازن تي ٿيل ڪم ته ڏسڻ
وٽان آهي. هن ڪم ۾ خدا آباد، ٺٽي، نصرپور ۽
شڪارپور جا واڍا برک ليکبا هئا. شڪارپور، ٺٽي ۽
نصرپور ۾ ڪي نمونا باقي وڃي بچيا آهن، جن کي
بچائڻو آهي، ورنه هي هنر هاڻ ذري گهٽ ختم ٿي چڪو
آهي.
هيءَ حقيقت اڃا تحقيق طلب آهي ته اڪر جو ڪم پهرين ڪاٺ
تي ڪيو ويو يا پٿر تي؟ موهن جي دڙي مان لڌل پٿر جي
مورتين تي هن ڪم جو رواج هوندو هو.
سنڌ جي هنر ۾ ڇر ۽ رڱاوت جو هنر به هڪ اهم فن آهي. در
حقيقت پٿر ۽ ڪاٺ تي چٽيل يا اڪريل گل، نقش يا چٽ
جا ڪيترائي نمونا اجرڪ، چادر وغيره تي ڇريل گل يا
چٽ سان گهڻي قدر مشابهت رکن ٿا. مڪلي ٽڪريءَ تي
مرزا جان بابا جي مزار جي اندرئين حصي تي چٽيل گل
۽ نقش، ٽنڊي محمد خان ۽ ٽنڊي جان محمد ۾ ڇريل چادر
تي گل ۽ نقش سان هڪجهڙائي رکن ٿا. هن هنر جي مختلف
نمونن ۽ انهن ۾ آيل تبديلين کي سلائيڊ يا رنگين
تصويرن ذريعي محفوظ ڪرڻو آهي ته جيئن گذريل دؤر جي
فنڪارن جو هلندڙ زماني ۾ ۽ هلندڙ زماني جي فنڪارن
جي فن جو ايندڙ زماني ۾ مطالعو ڪري سگهجي. موهن جي
دڙي مان لڌل مرداني مورتيءَ کي اوڍيل چادر تي گل،
اڄ به سنڌ ۾ ڇريو وڃي ٿو.
وادي سنڌ ڀرت جي هنر ۾ به قديم زماني کان مشهور رهي
آهي. ٿر، بلوچي، ڪوهستاني ۽ سنڌي ڀرت جا ڌار ڌار
نمونا پنهنجي ڌار ڌار خصوصيتن جي ڪري ڄاتا سڃاتا
ويندا آهن. سنڌي ڀرت جو ”هر مچ“ وارو نمون، ٿر ۽
ڪوهستان ۾ ٽڪن تي ٿيندڙ ڀرت، دنيا ۾ شهرت حاصل ڪري
چڪا آهن. ڌار ڌار نمونن ۾ ڌار ڌار رنگ جي بيهڪ،
جاميٽريءَ جون ڊزائنون، سئيءَ جي کڻ ۾ نفاست،
باريڪي ۽ دلڪشي، مختلف گلن ڀرڻ ۾ سونهن، سوڀيا ۽
سندرتا، ڪاريگر جي اک جي ڪوملتا ۽ نرملتا، مطلب ته
ڀرت ڏسڻ سان ئي ڀرڻ واري جي دانائي، ڄاڻ رنگن جي
بيهڪ ۽ ورهاست، پسند ۽ سليقي ۽ نفاست لاءِ واکاڻ
ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. ڀرت جي نمونن ڏسڻ
سان سهي ڪري سگهبو ته هي ڪهڙي خطي ۾ ڀريل آهي،
ڪهڙي قوم جو ڀريل آهي، هندن جو ڀريل آهي يا
مسلمانن جو؟ ڄاڻو هي به ٻڌائي سگهندا آهن ته
جيڪڏهن هندن جو ڀريل آهي ته انهن ۾ ڪهڙيءَ ذات جو؟
مينگهواڙن جو وغيره اهڙيءَ طرح مسلمانن ۾ به ڀرت
ڀرڻ جو فرق ٿيندو آهي.
سنڌ ۾ هاڻ ڌار ڌار ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڌار ڏڌار ڪم ٿئي ٿو.
ساڳئي شهر ۾ ساڳيو ڪم مشڪل سان ٿيندو هوندو. مثال
طور رلي ته هر هنڌ ٺهي ٿي، پر سانگهڙ، عمر ڪوٽ ۽
ڪاڇي ۾ ميل واري حصي ۾ سبيل رليءَ جو مٽ ئي ڪونهي.
اهڙيءَ طرح ڇر جي ڪم ۾، خاص ڪري اجرڪ جي مختلف نمونن
ڇرڻ ۾ اڄ سيکاٽ، مٽياريون، ماتلي ۽ ٽنڊو محمد خان
مرڪز ليکيا ويندا آهن. بستر يا پلنگ جي چادرن ڇرڻ
۾ ٽنڊو محمد خان ۽ ٽنڊو جان محمد خان شهر آهن. بگ،
هندڪي ۽ مسلمانڪي پڙي، سوڙ، ٻانڌڻي، ملير جي ڇرڻ ۾
عمر ڪوٽ، غلام نبي شاهه، هٿونگو ۽ مٺي مشهور شهر
آهن. اوهان کي معلوم هوندو ته مٽيءَ جي سادن ٿانون
تي به ڇر جو ڪم ٿيندو آهي. هن هنر کان بلڙي ۽
گرهوڙ مشهور آهن.
سنڌ اوڄي ۽ ڪپڙي آڻڻ کان قديم زماني کان ساکائتي آهي.
موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪندي گهر گهر مان چرخو لڌو
ويو آهي. اڳتي هلي هردور ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۾
آڏاڻن جو ثبوت ملي ٿو. ڪلهوڙن جي زماني ۾ ٺٽو ۽
ٻيا شهر ڪپڙي سازيءَ جي فن ۾ ناميارا هيا، سنڌ هن
فن کي قديم زماني کان جاري رکندي اچي. اڄ به هت
لونگيون، کيس، گربي، سوسي، موٺڙو، کٿا، گيگم،
فراسيون، کرڙيون، جاجم، گلم، غاليچا، توبرا ۽ نود
اڻيا ويندا آهن. ٺٽو لونگي اڻڻ ۾، نصرپور ۽ گنبٽ
کيسن اڻڻ ۾، ننگر پارڪر ۽ ڇاڇرو کٿن ٺاهڻ ۾، هالا
گربي، سوسي ۽ موٺڙو اڻڻ ۾، کپرو، کور واهه، بوبڪ،
مٺي، حيدرآباد ۽ ڪوهستان گلمن، غاليچن، فراسين ۽
کرڙين وغيره ٺاهڻ ۾ مشهور آهن.
ڪاشيءَ جي ڪم جو رواج به موهن جي دڙي واريءَ تهذيب واري
درو کان هلندو اچي. هن ڏس ۾ جان مارشل کان سواءِ
ماريٽمر وهيلر ”انڊس سولائيزيشن“ ڪتاب ۾ لکي ٿو ته
موهن جي دڙي مان لڌل ڪاشيءَ برتنن تي هلڪي سليٽي
رنگ تي گهري
Purple
رنگ جو ته چڙهيل آهي. اويءَ ۾ وجهڻ کان اڳ، برتنن
تي ڦڻيءَ سان ڪاشيءَ جو مصالحو هٽايو ويندو هو،
انهيءَ لاءِ ته سڌيون ۽ لهريدار ليڪون ٺهن ته جيئن
انهن تي سونهن پيدا ڪندڙ ڊزائين ٺهي پوي. بهرحال
ڪمانگر اڄ به پنهنجي ڪم ۾ مشهور آهن. اڄ به هالا،
سيوهڻ ۽ نصرپور ۾ سرون، صراحيون، دکيون، پاٽيون،
نيلون، ماٽيون، ڪونڊا، پيالا، منجا، ڍاڪون ۽
رانديڪا ٺاهيا وڃن ٿا، جي پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا جي
ڪري سينگار جي سامان طور رکيا ويندا آهن.
ڪاشيءَ جي سامان کان سواءِ جنڊيءَ جا سامان به سنڌ
سوکڙيءَ طور ڏبا آهن. هالا، کاڻوٽ ۽ ڪشمور هن
سامان جي ڪري مشهور آهن.
سنڌ ۾ مردن توڙي زالن جو لباس به اڄڪلهه ملڪي توڙي
غيرملڪين وٽان استعمال ٿيڻ لڳو آهي. سنڌي گج،
گگهو، گاجرو، پهراڻ، پڙو، چني، پوتي، چولو، سٿڻ،
ٽئونر واريجتي، پٽڪو، صدري ۽ گندلو اسان جي لباس
جا نمونا آهن. لباس کان سواءِ سنڌي زيور به تعريف
جي لائق آهن. موهن جي دڙي مان لڌل چوڙا، هار،
مڻڪا، موتي ۽ منڊيون اڄ به ساڳئي نموني وارا سنڌ
مان ملن ٿا ناچو ڇوڪريءَ جي مورتيءَ کي پيل هار،
ٻانهين، چوڙا، ڪنگڻ ۽ ٻانهوٽا اڄ به عام طور
استعمال ڪيا ويندا آهن. موجوده زماني ۾ نٿ، وينڊو،
ڪنٺمال، چندن هار، هسي، نسبيون، تسائيٿ، ڪريون،
نورا، ڇير، ورڻا، منڊيون، ٻه کير، ٻانهونٺا ۽
چوٽيءَ ڦل سنڌي عورتن جي سونهن ۽ سوڀيا ۾ سرسي
پيدا ڪن ٿا.
جتي پشم، ڌاڳي، ڏاس، ملس ۽ ريشم کي اڻي مختلف شيون
ٺاهيون وينديون آهن، تيئن سنڌ وارا ڪکن ۽ ڪانن
وغيره کي به ضايع ٿيڻ نه ڏيندا آهن. درياءَ جي
ڪنڌين تي، ڍنڍن جي ڪنارن تي، واهن جي ورن تي،
ڪاٺي، ڪاني ۽ تيليءَ مان گهرو استعمال جون شيون
ٺاهيندا آهن. ڪاني مان پکا، موڙا ۽ ڇڄ ۽ کارا
ٺاهين، ڏير مان تڏا ۽ تئونريون ٺاهين، سرن مان
ٽوئا ۽ پليون ٺاهين. ڪانيءَ مان دٻڪيون، سونگا ۽
ٽٻڪڙا ٺاهين. اهڙيءَ طرح ڪاٺيءَ مان سونڊا ۽ ڏکها
ٺاهين. سنڌ جا غريب مهاڻا ميربحر، ٻالا شڪاري ۽
پارهيڙي قومن جا ماڻهو هن طرح سان پنهنجو پيٽ گذر
ڪن.
سنڌ ۾ مختلف خطن ۾ رهندڙ مختلف قومن جي مردن توڙي عورتن
جي روايتي لباس، ڏڻ وار تي پهريل پوشاڪ جو مطالعو
معلومات افزا آهي. هتي جا ڪولهي، ڀيل، ڪوڪڙي،
گرگال، جوڳي، ڪوچڙا، اوڏ، مڱڻهار، لنکيا، ميراسي ۽
مينگهواڙن کان سواءِ پالاري، جوکيا، جاکرا،
نومڻيا، شودا، منورا، گندرا ۽ ونگرا پنهنجي روايتي
لباس جي ڪري تاريخ جي انوکي باب مثل آهن. هتي جا
واڍا، موچي، سوچي، ڪوري، پکٽي رنگريز، چاڪي، رازا،
چوڙيگر، ماري، سرهيا ۽ شيدي سنڌي ثقافت جا سونها
آهن.
اسان جي روزانه زندگيءَ ۾ ڪم ايندڙ سامان به ڏاڍو دلچسپ
آهي، حالانڪ وقت سان گڏ ان ۾ به تبديليون آيون
آهن. اسان جو هند ورو، پينگهو، کٽم، منجي، کٽ
ڊٻڪي، مانڌاڻي، جهرڻو، چاڏي، سونکي، ڇڄ، وڃڻي،
تڏو، تئونري، ويلڻ ۽ پاٽيو، اکري ۽ مهرلو، مهري،
سينهوڙي، ڦڻي، ڇڪو، سرميداڻي، اڳٺ وجهڻي، ڏندن
کوٽڻي، سڳيون، ڪنڊل، ڏوئي ۽ سياري ۾ اڳٺي سنڌ جي
ثقافت ۽ روزانه زندگيءَ جي نمائندگي ڪندڙ آهن.
انهن ۾ هاڻي تبديلي ايندي وڃي. کير ڏهڻ، کير
ولوڙڻ، وهراج ۽ لابارو، ڀريو کڻڻ، کوهه تان پاڻي
ڀرڻ، ٻيڙين کي مال ڍوئڻ، ٻيڙن تي رهڻ، مڇي ۽ پلي
مارڻ جا طريقا، چاڪيءَ جو گهاڻو ڪوريءَ جو آڏاڻو،
هاريءَ جو هرلو، پيهي تي بيهي پکي هڪلڻ، لڳڻ جو
ٺڪاءُ، مچ تي ميڙو، راڄن چڱن مڙسن جون اوطاقون.
مطلب ته اهي منظر اسان جي ثقافت جي نمائندگي ڪندڙ
آهن. انهن کي محفوظ ڪرڻو آهي. جيڪڏهن انهن منظرن
کي هينئر تصويرن ذريعي رنگين سلائيڊن ذريعي محفوظ
نه ڪيو ويو ته اسان وڏي غلطي ڪنداسين. دنيا تيزيءَ
سان ترقي ڪري رهي آهي، انهيءَ ترقيءَ جو اثر سنڌ
تي به ٿيندو رهيو آهي. اڄ ٽرانسٽر، بجليءَ ۽ پڪين
سڙڪن اسان جي روزانه زندگيءَ ۾ انقلابي تبديليون
آنديون آهن براج ۽ واهن اسان جي رهڻي ڪهڻي ۽
اقتصادي حالت ۾ وڏو ڦيرو آندو آهي. اڄ فجر جو
لاچار ڪنهن گهر مان جنڊ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. اناج
جي چڪين جنڊ جي استعمال کي موڪل ڏيئي ڇڏي آهي. اڄ
مائرن کي ڪوڏاڻا ڏيڻ نٿا اچن. مائرن کي لولي ڏيڻ
وسرندي وڃي. اڄ ڇيڄ ۽ جهمر جو رواج گهٽبو وڃي. اڄ
شادين تي دهل ۽ شرناءِ جي بدران بئنڊ گهرائڻ جو
رواج شروع ٿي ويو آهي.
هي ئي وقت آهي، جنهن ۾ اسين پنهنجي روايتي زندگيءَ جي
طور طريقي کي ۽ سنڌي ثقافت کي بچائي سگهون ٿا.
خالي سنڌي ٽوپي پائي هلڻ يا اجرڪ ڪلهي تي رکڻ سان
سنڌي ثقافت جو تحفظ ٿي نه سگهندو. اسان کي پنهنجي
ورثي کي سنڀالڻ لاءِ ان کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ميوزيم
۽ آرٽ گئلرين جي ٺاهڻ جي ضروت آهي. انهن ۾ تصويرن
ذريعي، ماڊل سنڌي ثقافت جي مختلف پهلوئن جي نمائش
ڪرڻي آهي.
اچو ته پنهنجي ورثي کي سنڀاليون، اچو ته
پنهنجي ثقافت کي محفوظ ڪريون، اچو ته پنهنجي ثقافت
جي خوبين کي ڏورانهن ملڪن سان روشناس ڪريون. |