”ولادت: مکان قريه بهئي پورسنه 1102هجري مطابق
1690ع.....“ ”سال رحلت: سنه 1165هه مطابق 1751
انگلسيه“(15)
سانگي مرحوم جو لطيفي درگاهه ۽ فقيرن سان گهرو لاڳپو
رهيو، تاهم هن صاحب پنهنجي سڄي ڪتاب ۾، ڀٽائي صاحب
جي وفات ۽ ڄم جي تاريخن يا مهيني متعلق ڪابه وضاحت
نه ڪئي آهي.
(ت) ليلا رام وطڻ مل: بعد ۾ هڪ عالم ليلا رام وطڻ مل،
شاهه جي سوانح، مذهب ۽ شروع جو شرح، ٻن جلدن ۾،
سال 1890ع ۾ شايع ڪيو. کيس رسالي جو پهريون شارح ۽
لغت نويس مڃيو ويو آهي. سندس راءِ آهي ته:
”جيتريقدر لطيف جي وفات جو تعلق آهي ته ان ۾ شڪ نه هجڻ
گهرجي ته اها 14 صفر 1165هه/ 1751ع تي ٿي هڪ فارسي
قلمي ڪتاب (جيڪو مون ڏٺو آهي)، ۽ مريدن جي چوڻ
موجب، شاهه لطيف 63 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي هئي
ان ڪري شاعر جي ڄم جو امڪاني سال، سن 1102هه/
1688ع بيهي ٿو“ (16)
باوجود ان جي، ته ليلارام هن مسئلي حل ڪرڻ جي سنجيده
ڪوشش ڪئي، پر هو صاحب به ٺوس ۽ صحيح نتيجي تي پهچي
نه سگهيو. بعد ۾ شاهه جي حياتي ۽ سوانح تي تمام
گهڻو مواد ڇپيو آهي، ۽ عالمن گهڻو ڪري مرزا صاحب
واري راءِ، جيڪا هن پنهنجي سنڌي ڪتاب ۾ قائم ڪئي،
ان کي ئي پئي دهرايو آهي. يعني ته:
”حضرت شاهه صاحب 1102هه/ 1689ع ڄائو، ۽ سن
1165هه/1752ع ۾ وفات ڪيائين“.
غلط بياني ۽ الجهاءَ جي ڪيفيت:
هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته شاهه عبداللطيف رحه جي سوانح
جي هن ٻن اهم نقطن بابت ابتدا کان اڄ ڏينهن تائين
الجهاءَ جي هي ڪيفيت ڇو پئي رهي آهي؟ ان لاءِ
پهرين اسان جو ڌيان مير علي شير قانع ڏي ڇڪجي ٿو.
هن صاحب مقالات الشعرعه ۽ ؟تحفته الڪرام“ ۾ ايترو
ته سرسري احوال ڏنو آهي، جو ان ۾ شاهه صاحب جي
سوانح جا ڪجهه بنيادي جزا سامهون نه اچي سگهيا
آهن. سندس ٽيون ڪتاب معيار سالڪان طريقت جيئن ته
اڻ لڀ آهي، ان ڪري خبر نه آهي ته ان ۾ شاهه صاحب
جي حياتيءَ بابت ڪيترو مستند ۽ اضافي مواد شامل
آهي.
شاهه صاحب جي سوانح جي ضمن ۾ هت اٿاريل ٻن نقطن لاءِ،
مير قانع کان پوءِ اسين عيسوي ڪئلينڊر جي عمل دخل
کي به ذميدار سڏينداسين.، سنڌ جا مانائتا عالم
هجري ۽ عيسوي سنن ۾موجود فرق کي سمجهي نه سگهيا، ۽
نه وري هو هنن ٻنهي ڪئليندڙن ۾ ڪا مطابقت پيد اڪري
سگهيا. اهوئي سبب آهي جو اڄ ڏينهن تائين اسان جا
محقق، شاهه صاحب جي سوانح تي لکندي سندس ڄم ۽
وفاتجي سالن جو ذڪر ڪرڻ وقت، الجهن ۽ مونجهاري ۾
ڏسجن ٿا، پوءِ ڊاڪٽر گربخشاڪي هجي يا ڊاڪٽر سورلي.
هت اسين هڪ چارٽ ذريعي اهڙي فرق ۽ موجهاري کي چٽو
ڪنداسين. (چارٽ پٺ تي ڏسجي.)
سوال جو حقيقي ۽ منطقي جواب:
هاڻي سوال آهي ته:
(الف) حضرت شاهه صاحب سن 1102هه ۾ ڄائو، ان وقت عيسوي ڪئليندڙ
موجب ڪهڙو سال هو؟
(ب) ڀٽائي صاحب 14 صفر 1165هه تي وفات ڪئي. هن تاريخ تي ڏينهن
ڪهڙو هو ۽ عيسوي ڪئلينڊر موجب تاريخ، مهينو ۽ سال
ڪهڙا هئا؟
سڀئي عالم ان ڳالهه تي متفق آهن ته شاهه عبداللطيف
ڀٽائي رحه سن 1102هه ۾ پيد اٿيو. محققن جو رايو
آهي ته عيسوي ڪئلينڊر موجب اهو سال 1689عيسوي هو،
پر هي حساب غلط آهي. ”صحيح عيسوي سال 1690 آهي“، ۽
مذڪوره هجري سال ۾ محققن جي عام راءِ وارو سال
(يعين: 1689ع( بلڪل نٿو بيهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي: ڄم جو سال ۽ وفات جي تاريخ
(الف) ابتدائي ليکڪن جا رايا
نمبر ليکڪ جو نالو تحقيق جو سال ڄم جو سال
وفات جي تاريخ
1 مير علي شير قانع 1760ع
؟ 1165هه
2. رچرڊ برٽن 1851ع 1680ع
1161هه
3. فريئر وارو ڪتابڙو 1851-1885ع 1102هه/ 1690ع
1125هه/ 1751ع
4. ڊاڪٽر ٽرمپ 1866ع 1680ع
1161هه
5. ڏيارام گومل سگما 1882ع 1097هه
1160هه
6. مرزا قليچ بيگ 1887ع 1102هه/1688ع
14صفر 1165هه/1751ع
1887ع 1102هه/1689ع 14صفر 1165هه/1752ع
7. مير عبدالحسين سانگي 1888ع 1102جج/1690ع 1165هه/1751ع
8. ليلارام وطڻ مل 1890ع 1102هه/1688ع 14 صفر
1165هه/1751ع
(ب) ويهين صديءَ جي ڪجهه عالمن جي تحقيق
نمبر عالم جو نالو تحقيق جو سال ڄم جو سال وفات جي
تاريخ
1. ڊاڪٽر گربخشاڻي 1923ع 1102هه/1690ع 14 صفر 1165هه/
1751ع
2. ڄيٺمل پرسرام 1924ع
1680-1690ع 1747ع
3. ڊاڪٽر سورلي 1940ع 1689ع
1752ع
4. مولانا دين محمد وفائي 1950ع
1102هه/1690ع 14 صفر 1165هه/1751ع
5. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي 1951ع
1102هه/1690ع 14 صفر 1165/1752ع
6. ڪلياڻ آڏاوڻي 1958ع 1689ع
14 صفر 1165هه/ 1752ع
(ت) هن مقالي ۾ ڪڍيل نتيجو
ڄم جو سال وفات جي تاريخ ۽ ڏينهن
هجري عيسوي هجري ڪئليندر موجب عيسوي سن موجب
ڏينهن
1102هه 1690ع 14 صفر 1165هه 22 ڊسمبر 1751ع آچر
ان بعد سوال آهي ته، 14 صفر 1165هه تي عيسوي سن موجب ڇا
تاريخ هئي، ۽ ان تاريخ تي ڏينهن ڪهڙو هو؟
عيسوي ۽ هجري تقويم جي ماهرن جي کجان آهي ته پهرين صفر
1165هه تي ڏينهن سومر جو هو، ۽ ڊسمبر 1751ع جي
نائين تاريخ هئي. ان ريت 14 صفر 1165هه تي آچر جو
ڏينهن، ڊسمبر سن 1751ع جي ٻاويهين تاريخ هئي. يعني
ته حضرت شاهه صاحب 14 صفر 1165هه برابر 22 ڊسمبر
1751ع تي وفات ڪئي ۽ اهو ڏينهن آچر جو هو.
شاهه صاحب جي وفات وقت سنڌ جو حاڪم ميان نور محمد
ڪلهوڙو هو. ان وقت هي ملڪ مغل ۽ ايراني اثر مان
آجو هو. ستت ئي پوءِ 13 اپريل 1752ع 9 جمادي
الثاني 1165هه، سومر ڏينهن هڪ معاهدو ٿيو، جنهن
موجب سنڌ جو ملڪ وري افغان تسلط ۾ اچي ويو. ٻه سال
پوءِ هتي جو حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙو پڻ، تاريخ
12 صفر 1167هه/9 ڊسمبر 1753ع تي فوت ٿيو.
حوالا ۽ واڌارا
(1) قريشي حامد علي خانائي مضمون ”ڪوٽڙي مغل“، ڇپيل رسالو مهراڻ
نمبر 4، سال 1983،
(2) لطائف لطيفي فارسي، ص 204 سال 1967ع،
(3) مير صاحب جي وڌيڪ ٻن ڪتابن: شجره اطهر اهل بيت ۽ طومار
سلاسل گزيده ۾ پڻ شاهه صاحب جو حوالو اچي ٿو.
(4)”مقالات الشعرا“، ص 29، 428، ۽ ”تحفته الڪرام“ فارسي، ص 3_
152، مطبع ناصري دهلي، سال 1304 هجري.
(5) ”مقالات الشعرا“، ص 429، ايڊٽ سيد حسام الدين راشدي، ناشر
سنڌي ادبي بورڊ، سال 1957ع
-- رجا جي شعر جا ٽي بيت هن ريت ملن ٿا:
(i)
زد مــــــــــغز در فراق دگر کرد سينه چاک
شد محو در مراقبه جسم لطيف پاک
(سيد حسام الدين راشدي، مقدمو ص 21، حديقته الاولياءُ)
(ii)
زد نـــــــــعره در فراق دگر کرد سينه چاک
شد محو در مراقبه جسم لطيف پاک،
(iii)
گفــــــــت اين راجا مريد سن ارتحال پير
گـــــــرديده محو عشق وجود لطيف مير،
هنن ٽنهي بيتن جي آخري سٽ ابجد جي حساب موجب، سن 1165هه ڏيکاري
ٿي (ڏسو لطائف لطيفي، ص 8-204).
(6) مير علي شير قانع ”تحفته الڪرام“ فارسي، ص 3-152، پراڻو
ڇاپو.
(7) رچرڊ برٽن ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿر ۾ رهندڙ قومون“ انگريزي، ص 83،
آڪسفورڊ ايڊيشن ڪراچي 1975ع.
هن ڪتاب جي سنڌي ترجمي ۾ ڏنل سال، اصل ڪتاب جي متن سان
ٿيل هٿ چراند جي نشاندهي ڪن ٿا، (ڏسو: سنڌي ڇاپو،
ص 81-80، از محمد حنيف صديقي، ناشر سنڌي ادبي
بورڊ).
(8) ڊاڪٽر دائود پوٽو ”مضمون ۽ مقالا“، ص 98 ۽ 108، سال 1978ع.
سائودي وارو انگريزي ايڊيشن، وري سنڌ اطلاعات کاتي جي
ڪتاب ”عوامي شاعر“، انگريزيءَ ۾، سال 1972ع ۾ ڇپيو
آهي، ان ۾ ڏنل سال، مرحوم دائود پوٽي واري ايڊيشن
کان مختلف آهن (ڏسو: دي پوئيٽ آف پيپل“ ص 44 ۽ 51،
سال 1972ع).
(9) ڊاڪٽر ٽرمپ ”ديوان شاهه عبداللطيف“ انگريزي مهاڳ، ص
Vii
ڇپيل سال 1866ع جرمني.
(10) ڏيارام گدومل سگما ”ڪجهه سنڌ جو ذڪر“، انگريزي، ص 8، بليو
ٽئسڪي پريس حيدرآباد سال 1882ع.
(11) حوالو (10)، ص 8 ۽ 9.
(12) مرزا قليچ بيگ ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ انگريزي، ص 2
۽ 25، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، سال 1980ع.
مرزا صاحب حاشيي (ص 25)، ذريعي ٽرمپ جي ڏنل سالن تي
ڀرپور تنقيد ڪئي آهي.
(13) مرزا قليچ بيگ ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“، سنڌي، ص 9 ۽
43، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، سال 1972ع.
(14) مير عبدالحسين سانگي ”لطائف لطيفي“، ص 29 ۽ 188 ۽ پڻ حاشيو
ص 188، از ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز سال 1967ع.
(15) ”لطائف لطيفي“، ص 204.
(16) ليلا رام وطڻ مل ”شل جي سوانح، مذهب ۽ شعر“، انگريزي، ص 2،
16 ۽ 3، سنگ ميل پبلشرز لاهور، ڇاپو ٻيون، سال
1978ع.
شاهه صاحب جي شعر تي پارسيءَ جو اثر
سدا رنگاڻي ”خادم“
(نوٽ: شامل مضمون منهنجن وقت بوقت ورتل نوٽن جي آڌار تي
لکيل آهن.*
مون کي ياد آهي ته شاگرديءَ واري زماني ۾،
حيدرآباد سنڌ جي نئشنل ڪاليج ۾، مون هڪڙي موقعي تي
(1934ع، ”اقبال ۽ شاهه لطيف تي روميءَ جو اثر“ جي
سري سان ننڍڙو مقالو پڙهيو. چڱي حوصله افزائي ٿي.
ايم اي واري زماني دوران (1936_ 1938ع) بمبئيءَ جي
اسماعيل ڪاليج ۾ استاد ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ڪرم ۽
فيض جي نظر انهيءَ اتساهه کي ٻيڻو ڪيو.
مان شروعات کان انهيءَ راءِ جو رهيو آهيان ته حضرت شاهه
عبداللطيف عارف ڪامل هو، جنهن کي قلبي يا لدني علم
عطا ٿيل هو، پر ان سان گڏ ظاهري علم پڻ حاصل هئس.
سنه 1961ع ۾، ساهتيه اڪيڊميءَ لاءِ ”شاهه جو چونڊ
شعر“ تاليف ڪندي پڻ ڄاڻايو هئم ته قرآن مجيد جون
آيتون تلميح يا تضمين طور ڪم آڻڻ، حديثن جو الٽو
يا استعمال ڪرڻ ۽ تڪن جي وچ ۾ کين نزاڪندار ڪڙي
ڪري بيهارڻ، مادري ٻوليءَ کي مالا مال ڪرڻ ۽ هم
وطنين کي پارسي، هندي ۽ پنجابي وغيره زبانن جي هم
خيال شعرن، سلوڪن ۽دوهن جو لطف وٺائڻ، اڳ ۽ پنهنجي
وقت جي سنڌي شاعرن جي طرز ۽ خيال تي يا سندن جواب
۾ شعر چوڻ، وغيره سندس عالم هجڻ جي گواهي ٿا ڀرين.
دراصل عالمن ۽ اديبن جي شاهه صاحب جي علمي لياقت بابت
ٻچتائي ڏيکارڻ جو مکيه ڪارڻ ”تحفته الڪرام“
(1767ع) ۾ آيل ”امي“ (اڻ پڙهيل يا لکي پڙهي نه
ڄاڻندڙ) لفظ آهي، جو مير علي سير قانع شاهه صاحب
سان لڳايو آهي، مگر مان حيران آهيان ته اسانجن
تحقيق ڪندڙ عالمن ۽ فاضلن جي نظر ساڳئي مورخ جي
مٿئين لکيل ڪتاب کان اٺ ورهيه اڳ لکيل سنڌ جي
پارسي شاعرن واري تذڪري ”مقالات الشعراعه“ (1859ع)
تي ڇو ڪين پيئي آهي، جنهن ۾ موصوف ”ع“ اکر وارن
شاعرن ۾ عبداللطيف ڀٽائي، عبدالڪريم بلڙيءَ واري
جي تڙ پوٽي، کي پارسي شاعرن ۾ شامل ڪري، سندس
لقب/تخلص ”تارڪ“ ڄاڻايو آهي، قانع، دليل طور، هن
جي پارسي شعر جو نمونو پيش ڪرڻ کان قاصر رهيو آهي.
(جيئن ڪن ٻين جي حالت ۾ به ٿيو آهي). اهو البته
علحده سوال آهي، جو تفتيش ۽ تحقيق طلب آهي، پر هن
جي لکڻ مان گهٽ ۾ گهٽ ايترو واضح آهي ته شاهه
سائين نه فقط پڙهيل هو، پر پارسي ٻوليءَ تي پڻ
خاصو عبور هئس ۽ علم عروض جو پڻ چڱو ڄاڻو هو، جنهن
جو صحيح استعمال نه ڪري ٿي سگهيو . انهيءَ جي
تائيد قانع جي ئي ڏنل هن ڳالهه مان ٿئي ٿي، جا هنن
مذڪور ٻنهي تصنيفن ۾ ڪئي آهي ته مرزا مغل بيگ
ارغون جي مرڻ پڄاڻان، شاهه صاحب جي ڪنهن مريد،
ابجد رستي ”بود خبيث“ (خبيث هو) مان مرحوم جي وفات
جي تاريخ (1124هه) ڪڍي مرشد جي حضور ۾ پيش ڪئي.
عارف امالڪ وراڻيو ته ائين چوڻ نه جڳائي، بلڪ چئو
”يڪ مغل به بوده“ (هڪ نيڪ مغل هو.). حساب ڪيائون
ته انهيءَ ماده مان پڻ ساڳيوئي انگ (1124) نڪتو.
قانع جهڙي عالم فاضل ۽ تاريخ ڪڍڻ ۾ زماني جي مڃيل
استاد، هن واقعي کي ”قطب“ جي ڪرامت ڄاڻڻ تي ڪفايت
ڪئي آهي، ڇو ته اهو دؤر پيرءَ فقيريءَ جو هو، جنهن
۾ شاعري يا ٻيو ڪو به علم، درويشن جي ڪمالات جو
ادنيٰ ڪرشمو شمارجڻ ۾ ٿي آيو، حالانڪ عظيم شاعر جي
اعليٰ درجي جي عالم هجڻ جو پڌرو ۽ پڪو تاريخي ثبوت
موجود آهي عروضدان شاعر شاهدي واريندا ته تاريخ جو
مادو ڪڍڻ ڪهڙو نه مشڪل ۽ دقيق فن آهي، جو علم ٿو
گهري، مشق ٿو گهري، مهارت ٿو گهر، ازانسواءِ مذڪور
مادو پارسي زبان ۾ آهي جو ٻذات خود گواهي ٿو ڏئي
ته ڀٽائي گهوٽ جي سر تي علم جو سهڻو سهرو هو.
هونءَ به ڏٺو وڃي ته ڪلهوڙن جي ايامڪاريءَ (1700ع کان
1783ع) ۾، پارسي نه فقط درٻاري يا سرڪاري لکپڙهه
جي ٻولي هئي، پر گهرن ۾ پڻ عام جام ڳالهائي ۽ لکي
ويندي هئي. گهڻي ئي شاعر پارسيءَ ۽ سنڌيءَ، يعني
ٻنهي ٻولين ۾ شعر چوندا هئا. هن مان مشهور آهن
ميان سرفراز خان ڪلهوڙو (قتل 1777ع) جنهن پارسي
غزلن کان سواءِ سنڌيءَ ۾ مدح چئي آهي، سچل سرمست
(1739ع کان 1828ع)، جنهن جو پارسيءَ ۾ ”ديوان
آشڪار“ شايع ٿيل آهي، ۽ هيڏو سارو سنڌي ڪلام، ۽
سيد ثابت علي شاهه (1740ع کان 1810ع) جنهن جو
پارسي شعر ۾ ”زوار“ تخلص هو ۽ سنڌي عروضي شاعريءَ
۾ مرثين ۽ قصيدن جو باني ليکبو آهي.
هن سلسلي ۾ پڙهندڙن ۽ کوجنا ڪندڙ جو ڌيان پارسيءَ ۾
لکيل انهن ٻن خطن ڏانهن ڇڪائڻ واجب ٿيندو، جيڪي
ڀاءُ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”شاهه عبداللطيف
ڀٽائي“ مخزن (سال 1954ع) ۾ شايع ڪيا آهن. هڪڙي ۾
شاهه صاحب، وقت جي مشهور عالم، اديب ۽ بزرگ صوفي
مخدوم معين ٺٽويءَ کان ”اويسي طريقي“ متعلق ڪي
سوال پڇيا آهن ۽ ٻئي ۾ مخدوم صاحب انهن جا جواب
ڏنا آهن. ڊاڪٽر بلوچ صاحب انهيءَ راءِ تي پهتو آهي
ته ”شاهه صاحب جو مخدوم صاحب کي خاص تاڪيد ته سليس
فارسيءَ ۾ جواب ڏنو وڃي، انهيءَ لاءِ ته هر ڪو هن
ڳالهه کي سمجهي سگهي، ڏيکاري ٿو ته شاهه صاحب کي
سليس ۽ ڳوڙهي فارسي عبارت جي فرق جي پوري ڄاڻ هئي،
۽ سليس فارسيءَ جي عام فاعدي جو احساس هو. هيءَ
اندروني شاهدي، شاهه صاحب جي فارسيءَ مان واقفيت
تي هڪ خاص دليل آهي.“
ڪي علم دوست شايد سوال اٿارين ته ايتري فارسي ڄاڻندي به
شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ فارسي سٽن جو استعمال ڇو
ڪين ڪيو آهي؟ مان جيڪر چوان ته هو تهه دل وطن پرست
هو، سنڌ سان والهانه محبت هيس ۽ سنڌي عوام سان
اٽوٽ رشتو. سنڌين سان سندن ئي زبان ۾ هن ڪجهه چوڻ
۽ ٻولڻ ٿي چاهيو.
هن ڪتاب لکڻ مان منهنجو خاص مطلب آهي ته ڀٽ ڌڻيءَ کي
پڙهيل ڪڙهيل ثابت ڪريان ۽ رسالي ۾ نظر ايندڙ مختلف
ٻولين جي ادب جا اثر خواه مشابهتون پيش ڪريان.
انهيءَ جي مراد اها هرگز نه آهي ته سڳوري شاهه ڪي
به ويچار، بيت يا مصرع ترجمو يا نقل ڪيا آهن، پر
جيڪڏهن انساني سڀاءَ انوسار، پڙهندي پڙهندي،
ڳالهائيندي يا سرود وسماع جي محفلن، صوفين ۽ جوڳين
جي صحبت ۾ ٻڌندي، پنهنجي من ٻڌيءَ فڪر ۽ فلسفي سان
ٺهڪندڙ ڪي خيال هن جي اندر گهڙي، هن جي طبيعت جو
اٽوٽ جزو بڻجي، جدا جدا وقتن تي، مختلف سرن ۾ ۽
علحدي طور سندس روشن ڪلڪ جي نوڪ سان اجاگر ٿي (مان
ته چوندس ته اصلي ٿي) نڪتا، ته انهيءَ ۾ عيب ئي
ڪهڙو آهي؟ ٿي سگهي ٿو ته ڪن حالتن ۾ شاه سائينءَ ۽
ٻئي شاعر يا اديب جي لکڻيءَ ۾ هڪ جهڙائي محض
اتفاقي هجي، پر ڳچ حالتن ۾ هم معنيٰ بيت، تشبيهون،
تمثيلون ۽ ٻوليءَ جو ساڳيو رنگ ۽ ٺاٺ تقاضا ٿا ڪن
ته تحقيقات ڪجي ته سنڌيءَ جي عالم شاعر جي ڪلام تي
ڪو ڌاريو يا خود سنڌ جي شاعرن جو اثر پيو آهي؟ جي
ها، ته ڪنهن جو ڪنهن جو، ڪهڙو ۽ ڪيترو؟ - خادم)
شاهه صاحب جي زندگيءَ وارو زمانو سنڌ اندر پارسي علم،
ادب ۽ تصوف جي عروج جو دؤر هو. علامه مخدوم محمد
معين ”سليم“ (وفات 1748ع)، محمد محسن ٺٽوي (وفات
1750ع)، مير علي شير قانع (وفات 1789ع)، سيد جان
محمد مير (وفات 1754ع) ۽ صوفي شاهه عنايت الله
(قتل 1718ع)، انهيءَ وقت جون ممتاز شخصيتون آهن.
اهڙي دور ۾ جڏهن پارسي نه فقط درٻاري ٻولي هئي، پر
عام جام ڳالهائي ۽ لکي ويندي هئي، ان ۾ مشاعرا به
ٿيندا هئا، ۽ شعر لکڻ ۾ مردن سان گڏ زالون پڻ طبع
آزمائي ڪنديون هيون، ڪهڙو عجب جيڪڏهن اسان جي
درويش دل شاعر جي انتخاب جي نظر توحيد ۽ تصوف جي
بي پايان بحر مولانا جلال ادين رومي (وفات
672هه/1273ع) جي مثنوي معنوي تي پيئي ۽ انهيءَ کي
پنهنجي الهام جو سرچشمو بنايائين انهيءَ جو اهو
مطلب نه آهي ته ايران جي ٻين نامور صوفي شاعرن
جهڙوڪ سنائي (545/1150)، عطار (627/1230.) سعدي
(691/1291)، شبستري (720/1320) حافظ (791/1389)،
جمي (898/1493) ۽ هند جي امير خسرو (725/1324)،
عرفي (999/1592)، غني (1079/ 1668)، وغيره کان
متاثر نه ٿيو، ليڪن اهو مشرق جو اول نمبر صوفي
شاعر رومي ئي هو، جنهن جي ڪلام، خاص طور مشنويءَ
جو گهاٽو اثر رسالي مان نمايان آهي، ۽ اها به
حقيقت آهي ته هن جو ئي نام نامي پنهجي شاهڪار ۾
وڌو اٿس، اهو به هڪ دفعو نه، پر لاڳيتا ڇهه لڱا.
ملاحظه فرمايو سريمن ڪلياڻ جي پنجين داستان جو هيٺ
ڏنل بيت (۽ ان بعد آيل پنج بيت):
طالب ڪثر،سنه سر، اندر روسمي راءِ،
ماڙهو ات ڪئاءِ، منڊ نه پسيس منڊئو!
پهرئينءَ مصرع جو مطلب آهي ته روميءَ جي نظر ۾ محبوب سونهن جو
سر يا سرچشمو آهي، ۽ عالم ڪثرت هن جي ابدي جمال جو
طالب: سنه سر جو حوالو پڻ مولانا روميءَ جي هن بيت
۾
ملي ٿو:
عاشقي گر زين سر وگر زان سر است
عاقبت مارا بدان سر رهبر است[1]
ازانسواءِ:
وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري
هن پن پاهنجا ساريا، هي هنجون هن لاءِ هاري
ڪو جو وڍيءَ وڍ، جن وڻ وڍيائين وڍسين،
ڏک ڏکيءَ کي ڏڍ، جن ڏٺي ڏکيا ٿيا.
جهڙا بيت پڻ
بشنو از ني چون حکايت ميکند
وز جدائيها شکايت ميکند
کز نيستان تا مرا ببريده اند
از نفيرم مرد وزن ناليده اند
سينه خواهم شرح شرح از فراق
تا بگويم شرح درد اشتياق[2].
جي ياد تازي ٿا ڪن. وري لطف ڪهڙو جو رسالي جي ”گنج“
(1207هه/1792ع) ۽ ٻين ڪيترن اوائلي نسخن جي
ابتدائي ”وڍي ٿي وايون ڪري“ سان ٿي ٿئي، جنهن
منجهان انهيءَ وقت جي ماڻهن جي دلين تي تصوف جو
غلبو ظاهر نظر اچي رهيو آهي.
انساني عيبن جو ويچار ڪندي، نماڻو لطيف ننگيءَ ننگپال
کي عرض ٿو ڪري:
مَ ڪر ڍول! ڍلو، ناتو نماڻيءَ سين،
ڪونه ڪميڻيءَ جو، بگر توءِ بلو،
تهجو نانءُ نلو، وٺيو ويٺي آهيان.
مولويءَ به ڌڻيءَ در اهائي التجا ڪئي آهي:
اي خدا اين بنده را رسوا مکن
گر بدم هن ستر من پيدا مکن
جز ترو پيش که بر آرد بنده دست
هم دعا وهم اجابت از تو هست
[3].
روحاني دنيا ۾ طالب لاءِ ڪامل مرشد جي رهنمائي نهايت
ضروري آهي. شاهاڻي شاهه جا هي بيت:
1- اوجهڙ اسونهن، ڏيـﮣ گهڻو ئي ڏورئو،
سڳر رءَ سونهن، پهتي ڪانه پنڌ ڪري.
2- رءَ همراهيءَ هاديءَ جي مور نه مڙي ماءِ،
لطف ساڻ لنگهاءِ، لهرون لهرن وچ مان.
روميءَ جي
پير رابگزين که بي پير اين سفر
هست بس پر آفت وخوف و خطر
هر که او بي مرشدي در راه شد
او ز غولان گهره و در چاه شد2
ڏانهن ملتفت ٿا ڪن. حافظ شيرازيءَ جو پڻ اهروئي بيت آهي:
قطع اين مرحله بي همرهيءَ خضر مکن،
ظلمات است وبترس از خطر گمراهي
[4]
قرآن شريف جي سوره ولعصر (زمانو شاهد آهي) وتو آصوا
بالصبر سان ختم ٿئي ٿي، ان جو آخري لفظ آهي صبر
گهري نظر واري سنڌي سخنور پڻ صبر کي ئي دل جي درد
جو دارو ڄاڻايو آهي:
پر ۾ پڇيائون، عشق جي اسباب کي،
دارؤن هن درد جو، ڏاڍو ڏسيائون،
آخر والعصر جو ايهم اتائون،
تهان پوءِ آئون، سڪان ٿي سلام کي.
سر ڪلياڻ ۾ آيل انهيءَ بيت لاءِ سامهون آڻيو روميءَ جا هي ٻه
بيت:
صبر گنج است، اي برادر! صبر کن
تا شفايابي تو زين رنج کهن
صبر رابا حق قريبن کن، اي فلان!
آخر والعصر را انگه بخوان2
پارسي
۽ عربيءَ جي برک عالم ۽ بزرگ سنڌي اديب ۽ شاعر
محترم ڊاڪٽر هرومل ايسرداس سدا رنگاڻي ”خادم“
دهليءَ مان، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي
هڪ معياري ڪتاب شايع ڪيو آهي، جنهن جو عنوان
آهي ڪنور پارون پاتار ۾“ ان ڪتاب ۾، لائق ليکڪ
ڀٽائي صاحب جي ڪلام تي عربي، پارسي،هندي،
پنجابي ۽ سنڌي شاعريءَ جي اثرن جو عالمانه
اڀياس پيش ڪيو آهي. هي مضمون، ان ڪتاب جو ٻيو
باب آهي، جيڪو ڪتاب جي پيش لفظ سان گڏ، مضمون
جي صورت ۾، مهراڻ جي قارئين لاءِ پيش ڪجي ٿو.
ڪتاب جا باقي باب پڻ ساڳئي نهج تي لکيل اهن.
ڪتاب جو پهريون باب، جيڪو عربيءَ جي حوالي سان
آهي، قارئين مهراڻ گهڻو پسند ڪيو آهي، جيڪو
اسان مهراڻ جي گذريل اشاعت ”مقالا نمبر“
(4---84ع) ۾ شايع ڪيو هو (ادارو).
عاشقي
هن طرف جي هجي يا هن طرف جي
نيٺ ان سر (چشمي) ڏانهن رهبر ٿي ڪري.
نڙ کان ٻڌ ته ڪهڙي حڪايت ٿو ڪري
۽ جداين جي شڪايت ٿو ڪري.
(چوي ٿو)
جڏهن کان
مون کي ٻوڙي مان ڪاٽيو اٿن،
زالين مردين منهنجين دانهن کان پيا روئن،
سينو گهر جيم جو وڇوڙي کان وڍيل هجي،
جئن مان سڪ جو سوز ان کي ٻڌايان.
اي
خدا! بندي کي رسوا نه ڪر
توڻي بڇڙو آهيان، منهنجو ڳجهه ظاهر نه ڪر
تو بنا بندو ٻئي ڪنهن اڳيان هٿ کڻي؟
تنهنجي ئي دعا ۽ منظوري درڪار آهي.
2
مرشد ڳول، جو رهبر بنا هيءُ سفر
مصيبتن،
خوفن ۽ خطرن سان ڀريو پيو آهي
جيڪو به هن
واٽ تي بنا مرشد هليو
ديون راڪاسن هٿان گمهراهه ٿي وڃي کوهه ۾ پيو
هيءُ
مارڳ خضر جي ساٿ (سونهپ) بنا نه وٺ
گهور انڌارو آهي، واٽ وڃائي وهڻ جي خطر کان دڄ
راويت آهي ته خضر ۽ سڪندر اب حيات (آمرت) جي تلاش ۾ نڪتا؛ ظلمات
جي حدن ۾ سڪندر راهه وڃائي ويٺو ۽ ڀٽڪندو رهيو
۽ خضر اهو پاڻي پيتو ۽ سدائين حيات آهي.
2
ڀائو! صبر خزانو آهي، صبر ڪير
جيئن هن جهوني درد کان شفا پائين
اي فلانا! صبر کي حق سان ملاءِ:
ان وقت آخر والعصر، اچار
|