اچانڪ منهجي اک کلي وئي. مان اکيون ڦاڙي، ڪمري جي ڇت کي
گهوريندو رهيس. ڪمرو اونده ۾ ٻڏل هو، جيئن منهنجو
دماغ! نه ڪو بني بشر هو ه ڪو هل هلاچو! نه سونهن
هئي، نه سوڀيا! رڳو سانت ئي سانت هئي. ڄڻ ڪنهن
جهنگ ۾ مور رڙ ڪري خاموش ٿي ويو هجي.
اهڙا سهڻ سپنا ٽٽي ڇو پوندا آهن! اهي سپنا، اهي خواب،
آواره ڪڪرن وانگر هڪ لحظي لاءِ زندگيءَ جي سڃ ۾
خوشين جون ڪي ڪڻيون وسائين، اڏامي ڪنهن اڻ ڏٺي
ڏيهه ڏانهن هليا ويندا آهن ۽ انسان ويچارو پنهنجي
اميدن ۽ آسرن جي صحرا ۾، رڃ پٺيان ڀڄندو ۽ ڊڪندو
رهندو آهي ۽ نيٺ ساڻو ٿي، ٿڪجي، پنهنجو وجود وڃائي
ويهندو آهي.
مون کي هڪ انگريز شاعر جو شعر ياد آيو. هن خواب ۾
زندگيءَ جي حسن کي ڏٺو هو، مگر اک کليس ته زندگيءَ
جون سڀ غلاظتون هن جي اکين سامهون اچي ويون. هن
خواب ۾ اميدن جا جيڪي گل ٻوٽا ڏٺا هئا، اهي جاڳندي
۾ کيس ويران نظر آيا. هن جي دل کي ڌڪ ته ڏاڍو لڳو،
پر پاڻ کي آٿت ڏيڻ خاطر چوڻ لڳو ته جهد مسلسل جاري
هجي ته اميد جا گل هڪ ڏينهن ضرور ٽڙندا. ڏاڍو ڪو
چريو هو! اهو ڪونه ٿي ڄاتائين ته خوابن جو حسن،
زندگيءَ جي زهريلي حقيقتن اڳيان ائين پگهرجي ويندو
آهي، جيئن باهه جي اڳيان برف........ پر انسان
نرڄو آهي.....اس جو دامن هٿان ڪونه ڇڏيندو آهي، نه
ته جيئڻ مشڪل ٿي وڃيس.
مان به پنهجي دل کي آٿت ڏيڻ لڳس. سوچڻ لڳس ته حاصل
ٿيندڙ چيز لاءِ هٿ پير هڻڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي.
هميشه اهڙي چيز جي آرزو ڪجي، جنهن جو وجود هماءُ
پکيءَ وانگر اڻ لڀ هجي..... جيئن هن جو پيار!
خوابن ۽ خيالن جي سهاري، پنهجي هڪ تصوراتي دنيا
قائم ڪرڻ، ان ۾ اميدن ۽ آسن جا گل ٻوٽا پوکڻ، انهن
جي پنهنجي دل ۾ جگر جي خون سان آبياري ڪرڻ، اهڙو
ڪارنامو آهي جيڪو دنيا جي سيني تي ائين نقش ٿي
بيهندو، جيئن ڪنهن سر ڦريءَ ڇوريءَ جي ڇاتين تي
مينديءَ جا گل!
مون سوچيندي سوچيندي، ڪاغذن تان اکيون هٽائي، اوچتو هن
ڏانهن ڏٺو. هوءَ ۽ روشن، مون کي گم سم ڏسي، اکين
ئي اکين جي اشاري سان ڄڻ مون تي ٺٺوليون ڪري رهيا
هئا. مون ان جي پرواهه نه ڪئي. اها ڪا نئين ڳالهه
ڪونه هئي. ائين روز ٿيندو هو. مون وري ڪنڌ جهڪائي
ڇڏيو. هٿ رجسٽر ۾ کپندا رهيا ۽ دماغ سوچيندو رهيو.
هڪ ڏينهن مون هن کان آهستي پڇيو هو ته انسان اهڙيون
خواهشون ڇو ڪندو آهي، جيڪي ڪڏهن پوريون ڪونه ٿين؟
کلي چيو هئائين ته اهو انسان جي دماغ جو خلل آهي.
مون وري هن کان پڇيو هو ته چڪور کي خبر آهي ته هو
ڪڏهن چنڊ تائين پهچي ڪونه سگهندو، پر ڪروڙها سالن
کان هو چنڊ تائين پهچڻ لاءِ پنهنجون کنڀڙاٽيون
کوهيندو، اڏامندو رهندو آهي! آخر ڇو؟ چنڊ ۾ هن
لاءِ ڪهڙي ڪشش رکيل آهي، جيڪا هن کي سر تان سانگو
لاهڻ تي مجبور ڪري ٿي؟ هن جي دماغ ۾ اهو ڪهڙو خلل
آهي؟ جڏهن ڄاڻي به ٿو ته چنڊ تائين ڪڏهن پهچي ڪونه
سگهندو، پوءِ به ان ڏانهن اڏامندو ڇو ٿو وڃي؟
”فلاسفر صاحب، مون کي نه توهان جي چنڊ سان ڪا دلچسپي
آهي، نه چڪور سان. اجايو منهنجي مٿي ۾ سور ڇو ٿا
وجهو!“ هن رکانيءُ سان چيو هو. مان ڏاڍو ڦڪو ٿي
ويو هوس.
ان وقت به مون پنهنجي دل کي آٿت ڏنو هو ته مون کي هن
سان ڪو مطلب ڪونهي، ڪا لالچ ڪانهي، ڪا غرض ڪانهي،
مون کي ان ڳالهه جي پرواهه ڪانهي ته هوءَ منهنجي
چاهت، منهنجن جذبن، منهنجن احساسن کي سمجهي ٿي يا
نه منهنجو پنهجو وجود آهي، منهجو پنهنجو جسم آهي،
هڪ دل آهي، من آهي، ان ۾ هڪ مورتي رکيل آهي هڪ بي
جان، بي حس مورتي، اها به منهنجن جذبن کي ڪو نه
سمجهندي آهي، ان کي به منهنجي چاهت جي چريائيءَ جو
ڪو احساس ڪونهي مان ان مورتيءَ جي اڳيان مٿو ٽيڪي
ان جي پوڄا ڪندو رهندو آهيان مون کي خبر آهي ته
اها مورتي منهنجي ڪا آس پوري ڪري ڪانه سگهندي پوءِ
ڇو مان ان جي عبادت ڪندو آهيان؟ ان سوال جو جواب
منهنجي سمجهه ۾ ڪونه ايندو آهي.
شايد منهنجي چهري تي ڦهليل سوچ جي ريکائن هن کي پنهنجي
لفظن جي کهرائپ جو احساس ڏياريو هو. مون وٽ اچي
آهستي چيو هئائين، ”معاف ڪجو، مون شايد تکو
ڳالهايو آهي.“
”مون کي توکان ڪابه شڪايت ڪانهي.“ مون به کيس آهستي
جواب ڏنو هو ۽ ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو هوم. مون کي هن کان
ڪڏهن ڪا شڪايت ڪونه رهي هئي. هن ڪڏهن مون کي
سمجهيو ئي ڪونه هو. سمجهندي وري ڪيئن؟ هن ته ڪڏهن
مون لاءِ سوچيو به ڪونه هوندو! آخر سوچي به ڇو؟
ضرورت به ڪهڙي هئي منهنجي لاءِ سوچڻ جي؟ هن وٽ مون
کان وڌيڪ دلچسپ ۽ بهتر موضوع سوچڻ جي لاءِ هئا، پر
تڏهن به الائي خودپسنديءَ جي ڄار مان نڪري منهنجي
من مندر جي مورتيءَ تي هڪ نظر وجهي. ان ۾ کيس
پنهنجي ئي صورت نظر ايندي............
پر.........پر ظاهر يت پرستيءَ جي چمڪاٽ ۾ هن جي
اکين ۾ سيني اندر ڏسڻ جي شڪتي ئي ڪانه رهي هئي.
هڪ ڏينهن کلندي کلندي هروڀرو ٽوڪيو هئائين، ”ماڻهو اهڙو
به چريو نه ٿئي جو جنهن کي ڏسي ان تي ڇتو ٿي پئي.“
”ائين درست ڪونهي.“ مون کيس جواب ڏنو هو، ”مان چڪور ته
ڪونه آهيان، پر منهنجي تلاش، منهنجي جستجو جو مرڪز
هميشه اهڙي چيز، اهڙي هستي رهي آهي، جنهن جو حصول
ممڪنات جي حدن جي هن پار هوندو آهي، جيئن چڪور
لاءِ چنڊ! مان جنهن کي به ڏسندو آهيان، ان تي ڇتو
ڪو نه ٿي پوندو آهيا. مون هميشه اهڙي مورتيءَ جي
پوڄا ڪئي آهي، جنهن جي هستي همه گير هجي.......
جنهن جي وجود ۾ هزارين داستانن، هزارين ڪهاڻين جا
گل ٽڙيل هجن....... جيئن موهن جي دڙي جي
ناچڻي.......... جيئن تون.....!“
مون کان ڇرڪ نڪري ويو، ڄڻ وڇونءَ ڏنگ هنيو هجيم. هي مان
ڇا چئي ويو هوس! پهريون دفعو سڌي طرح هن جي اڳيان
پنهنجي دل جو آواز نڪري ويو هو. منهنجي وجود ڏڪي
ويو هو.
مگر هن کلي ڏنو هو...... ۽ هن جي کل منهنجي آس جي آسمان
۾ انڊلٺ جا رنگ پکيڙي ڇڏيا هئا. منهنجي دل ۾ الائي
ڇو اها آس جاڳي ته هڪ ڏينهن هوءَ ضرور منهنجي اندر
جو آواز ٻڌندي، منهنجي دل جي درد کي سمجهندي!
مون وري ڪاغذن مان ڪنڌ مٿي کڻي هن ڏانهن نهاريو. هوءَ
ڀرسان ويٺل ٽائپيسٽ سان کلي، ڳالهائي رهي هئي، هو
به کلي رهيو هو. مون ڪنڌ ورائي روشن ڏانهن ڏٺو هو
پنهجي سيٽ تي ڪو نه هو، هال ۾ ئي ڪو نه هو. شايد
ٻاهر هليو ويو هو. ڏينهن ۾ هڪ ٻه دفعا هو ٻاهر
هليو ويندو آهي. چوندو آهي ته جڏهن هو آفيس مان
ڪنهن سان فون تي ڳالهائڻ نه گهرندو آهي ته ٻاهر
وڃي فون تي ڳالهائي ايندو آهي.
مون کي مئنيجنگ پارٽنر پنهنجي ڪمري ۾ سڏايو ۽ ضروري
مسئلن تي ڪجهه هدايتون ڏيڻ لڳو. جڏهن ڪمري کان
ٻاهر نڪتس ته ڏٺم ته هوءَ فون تي ڪنهن سان کلي
ڳالهائي رهي هئي. مون کي ڏسي سندس ڳالهائڻ ۽ کلڻ
کي بريڪ لڳي ويو. مون هن جا رڳو چند لفظ ٻڌا:
”چڱو، ٺيڪ آ.... هينئر فون بند ٿي ڪريان.“ مان
پنهنجي ڪرسيءَ تي اچي ويهي رهيس. هوءَ به رسيور
رکي پنهنجي سيٽ تي هلي آئي. ڏهن پندرهن منٽن کان
پوءِ روشن به ٻاهران اچي ويو.
اڄ صبح کان ئي دل ڏاڍي اداس هئي. آفيس ۾ سارو وقت رڳو
سوچڻ ۾ گم رهيس ذهن منجهيل منجهيل هو، دم گهٽجي
رهيو هو، ڪم ڪرڻ چاهيم پئي پر ڪري نه پئي سگهيس.
دل ۾ وهم ۽ وسوسا پيدا ٿيندا رهيا، ائين پئي لڳو
ڄڻ ڪجهه ٿيڻ وارو آهي. خبر ناهي ڪيئن وقت گذريو،
ڪيئن شام ٿي. سوچيم ته ڪيڏانهن ٿوريءَ دير دل
وندرائڻ لاءِ نڪري وڃان. آفيس جو وقت پورو ٿيو.
گهر اچي، وهنجي اسڪوٽر کڻي ڄامشوري درياهه تي
هليووس. پل جي ڀرسان لوهي ڪٽهڙي وٽ ڪرسي رکي ويهي
درياهه جي وهڪري کي ڏسندو رهيس. الائي ڪيتري دير
گذري وئي،. وقت جو ڪو احساس ئي ڪو نه رهيو. پريان
اٺين تاريخ جو اڌ چنڊ آسمان تي اڀري آيو هو ۽ ان
جي چانڊاڻ ۾ درياهه جي پاڻيءَ جي ڇر دل کي ڏاڍو
وڻي رهي هئي. دل گهر واپس ورڻ تي ڪو نه پئي چاهيو،
پر دير ٿي وئي هئي، ان ڪري موٽڻ لڳس. جڏهن اسڪوٽر
لائين مان ڪڍي رهيو هوس ته ”شيريڊ ڪار“ منهنجي
ڀرسان لنگهي وئي. مون رڳو اندر ويٺلن جي هڪ جهلڪ
ڏٺي. روشن سان گڏ هوءَ ويٺي هئي. منهنجي پيرن
هيٺان زمين ڦاٽي پئي ۽ مان زمين ۾ هيٺ ڪرندو ويس،
ڄڻ ڪنهن منهنجي چيلهه سان ڪو وڏو پهڻ ٻڌي مون کي
درياهه ۾ اڇلي ڇڏيو هو ۽ مان تيزي سان ٻڏندو ٿي
ويس.
مون کي خبر ڪونهي ته مون ڪيئن اسڪوٽر اسٽارٽ ڪيو....
ڪئين واپس وريس. مان ڪجهه به ڪونه ٿي ٻڌي سگهيس،
ڪجهه به ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آيو. مون رڳو اهو ڏٺو ته
منهنجي هٿ ۾ هٿوڙو آهي، جنهن سان مان پنهنجي من
مندر جي مورتيءَ کي ضربون هڻي پرزا پرزا ڪري رهيو
آهيان. منهنجي ڪنن تي رڳو پنهجي ئي آواز جو پڙاڏو
پيو. مون رڳو پاڻ کي ايترو چويندي ٻڌو: ”چنڊي!“
ڌنڌلا
عڪس
ستار
مينهن هڪ ڀيرو وسي بيٺو ۽ تمام ٿوري وقفي کان پوءِ وري
وسڻ شروع ڪيائين. رفتار اڳ کان به ڪجهه تکيري، ان
جي باوجود به بجلي نه وئي هئي ۽ نه هوا ئي گهلي.
ٽي ويءَ تي آزاديءَ جي جشن جا پروگرام هلي رهيا
هئا. هو پنهنجي ننڍي ڪمري جي سامان جي نئين
سرترتيب ڪرڻ ۾ رڌو رهيو. هن لاءِ اڄ به ڪم نڪري
آيو هو، ڄڻ کيس موڪل ئي نه ئي. پکي جي هلڻ جي
باوجود پگهر ريڳاڙيون ڪري ڳڙي رهيو هوس. هوا بنهه
ڪانه هئي، ٻٽ لڳي پئي هئي، فضا ۾ گهم ته هئي پر ٿڌ
نه۔
موڪل جي ڏينهن هئڻ ڪري هن ڪن مهمانن کي ڪوٺ ڏني هئي، پر
جنهن وقت تي اچڻ جو واعدو ڪيل هو، اهو گذري چڪو
هو. ڀانيائين ته: جيسين مينهن نه هو، جيڪڏهن ان
وقت تائين اچي نه سگهيا آهن ته هاڻ ڪهڙو ايندا.
کيس مٺيان به لڳي. سوچيائين: ماڻهو واعدو ڪري ته
ضرور پورو ڪري، ورنه اهڙو واعدو ڪري ئي نه: هن
انهيءَ ڪري ئي گهر ۾ ويهي مکيون مارڻ بدران پنهنجي
کولي نما ڪمري جي سامان جي ورائي ترتيب ٿي ڪئي.
ڪجهه ڏينهن کان پنهنجي ان خيال کي عملي جامو پهرائڻ جو
اڄ سٺو موقعو هو. ان بهاني ڪمري جي ڪنڊ ڪڙڇ جي
صفائي به ٿي ويندي ۽ ڪتابن جي ڇنڊ ڦوڪ پڻ. ڪتاب
جنهن رئڪ ۾ هڪ سال ان وڍي رکيا هئائين ته اهي اتي
ئي بنا ڪنهن ڇنڊ ڦوڪ جي رکيا هئا.
هن ڪمري جي ترتيب بدلائي ورتي. ڪتابن جي رئڪ اترين ڀت
وٽان کڻي، ڏاکڻي ڀت جي ڪنڊ ۾ رکيائين. ٽيبل، جنهن
تي پراڻي ماڊل (Philco)
جو وڏو ريڊيو پيو هو، ۽ ان کان سواءِ ڪجهه ڪتاب ۽
ميز، جيڪا کيس ساڳئي وقت لکڻ، پڙهڻ ۽ کائڻ جو ڪم
ڏيندي هئي. اها ڏاکڻي ڀت وٽان کڻي اوڀارين ڀت،
جيڪا دروازي جي سامهون هئي، ان سان ملائي رکيائين.
ڀتين تي چڙهي آيل اڏوهيءَ جي مٽيءَ جي ٻنوڙن جهڙن
گهڙن کي ڊاهيندي، کيس افسوس به پئي ٿيو، پر کيس
پنهنجا ڪتاب وڌيڪ پيارا هئا، جيڪي هن پنهنجي محدود
آمدنيءَ مان، پنهنجي ادبي بک ٻجهائڻ لاءِ خريد ڪيا
هئا، انهن جي ڪري اهو گناهه پنهنجي سر کنيو ۽
پنهنجي گناهن ۾ جيون جي قتل ڪري پاڻ کي قاتل سمجهڻ
لڳو. ڪنهن انسان جي قاتل کي قاتل سمجهيو ويندو
آهي، ائين ڇو آهي؟ جيتوڻيڪ دنيا ۾ الائي ڪيترا هر
روز قتل ٿيندا رهن ٿا جيت جڻين جو قتل ، پکين
پرندن جو قتل، خواهشن جو قتل، آسن اميدن جو قتل.
انسان ازل کان ابد تائين ڪئين قتل ڪري ٿو. دنيا ۾
انسان کان وڌيڪ ٻيو ڪو به وحشي ناهي.
هن ڪمري جي ترتيب ٺاهي پوري ڪئي ۽ آخري پنهنجي کٽ 6-10
فوٽ ڪمري جي اترين ڀت وٽ رکيائين ته افوهه ڪري
بيهي رهيو. سندس ذهن ۾ جنهن نموني جي ترتيب هئي
ائين ٿي نه سگهيو. سندس خيال مطابق ڪمرو ننڍو هو ۽
کيس اها ترتيب پسند نه آئي. هن ڪيتري عرصي پڄاڻان
اڪيلي سر ايترو ڪم ڪيو هو، جيتوڻيڪ سندس زال آرام
سان ويٺي ٽي وي پروگرام ڏسي رهي هئي. هن زال کان
صرف ڪمري مان پکٽ ٻاهر ڪڍڻ جي مدد ورتي هئي، باقي
سٺي ڇنڊ ڦوڪ ۽ ڊاهه ڊوهه وري ٺاهه ٺوهه پاڻ ئي ڪئي
هئائين، ان ڪري ٿڪجي پيو هو. ڪيئي ڀيرا پگهر جون
لوڻاٺيون ريڳاڙيون سندس وات ۾ پيو هيون ۽ هن صرف
ٿو ٿو ڪري ۽ ان جو ذائقو وڃائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي
اهڙيءَ حالت ۾ هو پگهر قميص جي ٻانهن سان به اگهڻ
۾ عار نه ڪندو آهي، پر اڄ سندس بت قميص کان آجو
هو. اگهاڙي جسم تي پگهر جون رڳاڙيون ڳڙي رهيون
هيون، بلڪل اهڙيءَ طرح، جهڙيءَ طرح ٻاهر مينهن جون
ڇاٽون گهر جي ديوار سان ٽڪرائجي هيٺ رڙهي رهيون
هيون. کيس نئين ترتيب پسند نه آئي سو چيائين: هيڏي
محنت ئي اجائي وئي. پهرين ترتيب (جيڪا هن لاشعوري
طور هن جاءِ ۾ ٺاهي هئي، جا اڄ تائين قائم هئي)
اها بهتر هئي. پر ان نئين ترتيب کي ورائي، پراڻي
ترتيب ۾ بدلائڻ جو ساهس نه ساريائين. صرف افسوس جي
هڪ اڇاتري نگاهه نئين ترتيب تي اڇلائي، وهنجڻ لاءِ
هليو ويو.
مينهن لڳاتار وسي رهيو هو. ڪڏهن هلڪو ٿي ٿيو ته ڪڏهن
تيز ٿي تي ويو. پر بجلي مسلسل ٻري رهي هئي، پوري
وقت ۾ هڪ جهٽڪو به نه ڏنو هئائين ۽ ٽي وي پروگرام
جاري هئا. هن سوچيو: اڄوڪي ڏينهن لاءِ بجليءَ وارن
کي خاص هدايتون هونديون ته اڄ ڪنهن به حالت ۾ بجلي
فيل نه ٿيڻ گهرجي. هو وهنجي نڪتو. مينهن پنهجي
پوري جوڀن سان وسي رهيو هو. هن در کان منهن ٻاهر
ڪڍي جهڙ جو جائزو ورتو، کيس ڪٿي به ڇڙو ڇڙ ڪا ڪڪري
ڏسڻ ۾ نه آئي. سمجهيائين: اڄ مينهن بس نه ڪندو.
ويچارن ماڻهن جو ڪيل خرچ تباهه ٿي ويو. ٽي وي تي
لوڪ ناچ اچي رهيا هئا. کيس بلوچي ۽ سنڌي لوڪ ناچ
پسند آيو.
ماني تيار ٿي ته کائي ڪجهه وقت سمهڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر
کيس ننڊ نه آئي. ٻاهر ٽي وي ۽ ٻارن جي آوازن کيس
ننڊ ڪرڻ نه ڏني. هو اٿي کڙو ٿيو ۽ ٻاهر اچي دروازي
تي بيهي مينهن جي وسڪاري کي ڏسڻ لڳو ۽ مينهن ۾
ٻارن کي پسندو ڏسڻ لڳو. بيهي بيهي ۽ ٻارن کي ائين
پسندو ڏسي نيٺ سندس من چلو لائي ڪئي ۽ هڪ ضدي ٻار
جيان ضد ڪيو ته ٻاهر نڪر،. هو اندر ويو ۽ پهراڻ
پائي گهر کان ٻاهر نڪري ويو.
هو گهران ته اڪيلو نڪتو ، پر ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ هو
اڪيلو نه هو. هن پاڻکي هجوم ۾ ڀانيو. ڪئين آواز
سندس ڪنن ۾ پڙاڏجڻ لڳا. سمجهيائين: شايد ماڻهو
ڪڏهن به بنهه هيکلو ٿي نٿو سگهي. هن سان گڏ هيون
ڪيئن يادون، ڪيئن حسين گهڙيون ۽ پل. هو بلڪل اڪيلو
نه هو. مينهن پنهني ساڳي رفتاري سان وسي رهيو هو،
شايد ڪٿئين ڪنهن پنهنجي ناني کي هوڏ مان سارنگ
ڳائڻ لاءِ چيو هجي ۽ هو هاڻ بس ئي نه ڪندو هجي.
کانئس هڪ اونهي آهه نڪري وئي. هاءِ نانو!، نانهنس
کي راڳ ڳائڻ ايندو هو، پر هن جي اها خاصيت هئي جو
سارنگ تي ڏاڍو ڪنٽرول هوس. جيتوڻيڪ هن ڪڏهن به
باضابطه ڪنهن وٽان راڳ جي سکيا نه ورتي هئي. بس
صرف شؤق ۾ هر راڳ ٻڌي ٻڌي سکيو هو ۽ هر راڳڻي ڳائي
سگهندو هو،. ايتريقدر جو کيس راڳڻي جي بڻ بڻياد جي
به ٿوري ٿڪي ڄاڻ هئي. هن کي افسوس ٿيو ته هن
پنهنجي ناني مان ڪو به فائدو نه ورتو هو.
”ڪاش! هن کان راڳ سکي پوان ها.“ هن جا سريلا ٻول هن جي
ڪنن ۾ ٻرڻ لڳا ۽ کانئس بي اختيار نڪري ويو:
”حڪم ٿيو بادل کي، ته سارنگ ساٺ ڪجن.“
مينهن هڪ ئي رفتار سان وسندي اوچتو تيز ٿي ويو. سندس
يادن به ان ئي تيزيءَ سان ڦيرو کاڌو، ائين جيئن
فلم جي ڪائي نه ڏيکارڻ جهڙي سين تبديل ٿي وئي هجي،
۽ هڪدم ٻي پيار ڀري سين اچي وئي هجي.
”مون کي برسات ۾ پسڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو آهي. ٿڌو ٿڌو
ڪرندڙ پاڻي، جسم ۾ عجيب ڪتڪتايون ڪندو اٿم.“ سرمد
جيڪو سندس سامهون صوفا تي ليٽيو پيو هو، تنهن
خورشيد کي چيو: ”۽_____توکي؟“ ڄڻ چوڻ چاهيندو هجي
ته مينهن ۾ پسڻ هلون.
”پسڻ ته مون کي به پسند آهي، پر.....“ خورشيد ڪجهه وڌيڪ
چوندي لفظ کائي وئي.
”پر؟“ سرمد هن ڏانهن سوالي نگاهن سان ڏسڻ لڳو. جڏهن
هوءَ ڪو خاطر خواه جواب پؤنسٽ ڳولي نه سگهي ته
جواب وري به سرمد ڏنو.
”تنهن جو مطلب آهي، بينش جي ڪري ڪيئن هلجي.“ هن ڦڪي کل
کلندي چيو: ”ها__ها. ائين ئي ڄاڻ.“
”ائين ئي ڄاڻ؟“ هن سندس جملو سواليه نموني دهرايو. ”ان
مان ته ظاهر ٿو ٿئي ته ڳالهه ڪا ٻي آهي.“ سرمد
شرارت ڀرين نظرن سان هن کي ڏسڻ لڳو.
هن کي ڪو به جواب نه ٿي سجهيو، ان ڪري لکڻ لڳي.
”اڙي، ڇا ٿيو؟ ان ۾ کلڻ جي ته ڪا ڳالهه ناهي.“
”ڳالهه ڪا روئڻ جي به ناهي.“
هاڻ هو به کلي پيو. ٻنهي جي کل مينهن جي ڇپڪي ۾ ملي،
ملياميٽ ٿي وئي.
برکا رت جي باک ڀلي،
تون آءُ هلي، اي جيون ساٿي.
هن جهونگاريو.
”ڀنل رت جي سڳنڌ به مخصوص ٿيندي آهي، ائين جيئن..... جئين...“
هو شرارت ۾ ڀرجي چڪو هو.
”تنهنجو اڌورو جملو مون سمجهي ورتو. تون جو ڪجهه چوڻ
پيو چاهين، مان ڄاڻان ٿي.“
”واهه! ڏاڍي ڄاڻو ٿي وئي آهين؟ ڪڏهن کان؟“
سرمد جون اکيون، شرارتي نموني مرڪي رهيون هيون.
”ڪڏهن کان؟ جڏهن کان توسان سڃاڻ ٿي آهي.“ هوءَ انهيءَ
ئي رفتار سان سوئيٽر آڻي رهي هئي. هيٺ بينش بانبڙا
پائي، وڃي ٽي وي کي پهتي هئي ۽ ان کي جهلي، اٿڻ جي
ڪوشش ڪري رهي هئي. سرمد ٽپ ڏئي اٿي، جهٽ ڏئي بينش
کي کڻي ورتو. هن کي اها سڌ ئي نه پئي ته ڇا ٿي
ويو، ورنه هوءَ ضرور ضد ڪري، روئي ها. هوءَ پنهنجي
ننڍي ذهن سان انهيءَ ڪشمڪش ۾ هئي ته ڇا ٿي ويو.
سندس اوچتي ٽپ ڏيڻ تي، خورشيد به حيران ٿي هئي ۽ هٿ
سوئيٽر آڻڻ کان بيهي ويو هوس. هن به سمجهيو ته خبر
ناهي ڇا ٿي ويو. پوءِ حيرانگي گاڏڙ کل کلي.
”آه! اسان ته پنهنجي خيالن ۾ مگن هئاسين، ڪٿي هيءَ ٽي
ويءَ سوڌي ڪري هئي، غضب ٿي وڃي ها.“ هوءَ هڪدم
سوئيٽر هڪ طرف رکندي اٿي آئي ۽ بينش کي ڳل تي پيار
ڀري ٿڦڪي هڻندي چيو. بينش سمجهيو ته هوءَ کيس کڻڻ
آئي آهي، ۽ هوءَ اون اون، ڪري وري به هيٺ لهڻ جي
ڪوشش ڪري رهي هئي.
”انسان ۾، پنهنجي مرضيءَ کي ڪيڏي نه اهميت آهي. جيتوڻيڪ
هيءَ ننڍي آهي. اسان جي لحاظ کان بي سمجهه آهي،
تنهن هوندي به کيس پنهنجي مرضيءَ جو دک ٿو ٿئي ۽
ان جو اظهار به ڪري ڄاڻي.“
هن ڪڪيءَ کي هيٺ لاهي ڇڏيو. هوءَ وري به بانبڙا
پائيندي، تيزيءَ سان اوڏانهن وڃي رهي هئي.
”واقعي اهو سچ آهي ته انسان کي جنهن شيءِ کان جهلبو آهي
يا جا شيءِ حاصل ڪري نه سگهندو آهي، انهيءَ کي
حاصل ڪرڻ جي تمنا، هر ڳالهه تي حاوي پئجي ويندي
اٿس. ان کي حاصل ڪرڻ واسطي في الحال ان جي نفعي
نقصان جي پرواهه نه ڪندو آهي.“
۽ اهو به سچ آهي، خورشيد، پنهنجي مڙس سان تعلقات بگاڙڻ
کان پوءِ سرمد جي، هن ۾ گهري دلچسپي وٺڻ کان پوءِ
ئي پاڻ سنڀالي سگهي هئي. ورنه هوءَ جتي به ويندي
هئي، جنهن به سهيليءَ سان ملندي هئي، موٽڻ کان
پوءِ روئندي ايندي هئي. ان وقت هن وٽ ايترن سوالن
جا جواب ئي نه هئا. سرمد، سندس هر سالو جو جواب
بڻجي سندس زندگيءَ ۾ داخل ٿيو هو. هن جا مڙس سان
تعلقات به ان جي ڪري ئي خراب ٿيا هئا جو هن وٽ هر
سوال جو جواب ، پادر ۾ هٿ هو. زندگيءَ ۾ اهي ئي
انسان ڪامياب ٿيندا آهن، جن وٽ سوالن جا جواب
هوندا آهن.
خورشيد وري وڃي سوئيٽر کنيو ۽ ڳالهائڻ جو، واندڪائيءَ ۾
ماٺ جي مٽ کي ڀڃڻ جو سلسلو ڪجهه وقت تائين بند ٿي
ويو.
سرمد اٿي اچي گيلريءَ ۾ بيٺو. مينهن جي پوڻ، ڦڙين جي
لڙهين کي ڏسي، لطف اندورز ٿيڻ لڳو. دور دور تائين
نظر کي اماڻڻ جي ڪوشش ڪيائين. سڄي فضا ۾ وسڪاري جي
سڳنڌ پکڙيل هئي. سڀ وڻ ڌوپي ساوا چهچ ٿي ويا هئا.
پري پري کان ڌنڌلا ڏسڻ ۾ ايندڙ جبل، کنوڻ جي کجڪار
۾ ائين ٿي لڳا ڄڻ ڪائي سانوري پوڄارڻ هاڻ هاڻ،
نديءَ مان اشنان ڪري نڪتي هجي. هن جي ساهن ۾ ان جي
وارنجي ڇنڊيل خوشبوءِ گهڙي وئي.
هوا ۾ ٿڌ وڌي وئي هئي. هو وڌيڪ بيهي نه ٿي سگهيو، ان
ڪري موٽي ڪمري ۾ آيو. خورشيد خاموشيءَ سان سيون
هلائي رهي هئي. سندس آڱريون ڪنهن خود ڪار مشين
جيان ٿي هليون. هو ڪجهه دير انهن آڱرين کي ڏسندو
رهيو. اهي آڱريون ڪنهن تخليقڪار جون آڱريون لڳي
رهيون هيون.
”انسان عظيم آهي. سندس هر تخليق عجيب ۽ ڪيڏي موهنيدڙ
آهي. سوئيٽر ته ٺهيل ٺڪيل به ملندا آهن، پر انهن ۽
هٿ جي اڻيل ۾ ڪيڏو تفاوت آهي. جا سونهن هٿ جي اڻيل
سوئيٽر ۾ آهي اها مشيني ٺهيل ۾ ڪڏهن ٿي نه ٿي
سگهي.“
هو به ماٺ، بلڪل ماٺ، بنا اکڇنڀ جي ان وقت هن جي آڱرين
هلائڻ ۽ سوئيٽر جي اڻت کي ڏسي رهيو هو. سندن ذهن ۾
ڀٽائيءَ جو بيت هرڻ لڳو:
نه سي وؤڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،
پسي بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.
وڻن ۾ وؤڻ ته اڄ به آهن، پر اهي ڪتاريون..... ڇا ٿيو
انهن جو؟ ڪيڏانهن ويون آهي؟ شايد انهن ڪتارين مان
ڪنهن جو ڀٽڪيل روح رلندو رلندو اچي خورشيد جو روپ
ڌاريو آهي
”ها، خورشيد هڪ خوبصورت ڪاتاري آهي، اها ٻي ڳالهه آهي
ته ائٽ جي جاءِ سئين ورتي آهي ۽ ڪپهه جي جاءِ تي
ان.“
”خورشيد! لڳي ٿو، تون گذريل جنم ۾ ڪائي ڪپهه ڪتڻ واري ڪاتاري
هئينءَ،“ سندس ماٺ جو شيشو، بيت سان ٽڪرائيجي ڀڄي
پيو.
” اها وري ڪهڙي جنم جنم جي ڦيري جي ڳالهه کوٽي ڪڍي
اٿئي. مون کي ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته تون آهين ڇا؟“
”مان، مان ڇا آهيان، ڇالاءِ آهيان، انهيءَ سان منهنجو
ڪوبه واسطو ناهي. مان آهيان، انهيءَ ۾ منهنجو
ويساهه آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن مون کي اها جنم جنم جي
ڦيري جي ”مٿالاجي حقيقت لڳندي اٿم.“
هو گنڀير بڻجي ويو هو، ڄڻ هو پنهنجي گذريل جنم جي باري
۾ سوچيندو هجي. هڪ ڀيرو وري ماٺ مڙهجي وئي.
ڪنهن گوڙ سبب سندس خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو. پريان ڇڪڙي
تي ڪجهه مرد ۽ ٻار نعرا هڻندا پئي آيا. اٺ جي
ڳچيءَ ۾ جهنڊيون ڦڙڪي رهيون هيون، جيڪي مينهن سبب
پسي ويون هيون. اٺ جي ڳچيءَ ۾ جهنڊيون ڦڙڪنديون
ڏسي کانئس بي اختيار کل نڪري وئي. مرد ۽ ٻار گوڙ
مچائيندا، هنبوشيون هڻندا، هن جي ڀر مان اچي
لنگهيا. وسڪاري ۾ تيزي اچي وئي ۽ هوا جو هڪ تيز
جهوٽو آيو. ڀنل جسم تي گهميل هوا جي ٽڪرجڻ سبب
سندس جسم مان دهرڙي نڪري وئي. مينهن سندس لڱ لڱ
مان ڳڙهي رهيو هو. ڇڪڙي وارا اڳتي نڪري ويا هئا.
اهائي مرڪ سندس منهن تي ڪڏ ڪيون ڏئي رهي هئي. هنن
جا نعرا هوا ۽ مينهن جي آواز ۾ جهڪا ٿي ويا هئا.
کيس ڳوٺ ۾ برسات جي موسم ياد آئي. اهڙي ڏينهن تي
ڳوٺاڻا ٻار لانگوٽا کڻي گهٽين ۾ نڪري پوندا آهن ۽
هل هنبو شيون هڻندا ۽ گڏجي ڳائيندا: ڪارڙو ڪمارڙو،
ان پاڻي ڏي ته مينهن وسي.، هن جي دل جي ڪنهن گوسي
مان نڪتو: ان پاڻي ڏي ته مينهن ويس،“ ۽ مينهن وسي
رهيو هو. |