”سنڌ مدرسته الاسلام“ ڪراچي
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
(نوٽ: سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي، سنڌ جي مسلمانن ۾
تعليمي، ادبي ۽ سياسي سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ نهايت
بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي. ڪتيرين ئي اهم شخصيتن
جهڙوڪ قائد اعظم محمد علي جناح، شمس العلماعه
ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي ۽ ٻين مشاهيرن هن
تاريخي مدرسي مان تعليم پرائي ملڪ ۽ قوم جي وڏي
خدمت ڪئي. مدرسي کي قائم ٿئي هڪ سئو سال گذري چڪا
آهن، ۽ 1- سيپٽمبر 1985ع تي ان جو سئو سلاه جشن
ملهايو پيو وڃي. ان موقعي تي هي مضمون پيش ڪجي ٿو،
جنهن ۾ سنڌ مدرسته الاسلام ۽ ان جي باني خانبهادر
حسن علي افندي جو تعارف ڏنل آهي. ان کان سواءِ
مدرسي متعلق هڪ اهم ۽ تاريخي دستاويز به ڏنو پيو
وڃي، جيڪو 1897ع جو مدرسي بابت اشتهار آهي. هن
ناياب اشتهار ۾ مدرسي جو مڪمل ۽ مفصل تعارف آيل
آهي. هي پهريون ڀيرو آهي، جو هي اهم اشتهار منظر
عام تي اچي رهيو آهي. اڳ ۾ ڪنهن به محقق پنهنجي
تحقيقي مقالي يا ڪتاب ۾ ان جو ذڪر نه ڪيو آهي. مون
ان مواد کي سالن کان ساهه سان سانڍيو آهي، ۽ هي
مناسب موقعو سمجهي، ان کي شايع ڪري رهيو
آهيان______م.ع.س)
خانبهادر حسن علي آفندي
سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي جو باني خانبهادر حسن علي
آفندي مرحوم 1830ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس والد
بزرگوار جو نالو ميان محمد احسان هو. هو حيدرآباد
جي ”آخوند“ خاندان مان هو، جنهن جو وڏو آخوند محمد
بقا ولد لعل محمد، مير فتح علي خان جي زماني ۾
حيدرآباد شهر جو قاضي هو. ”آخوند“ انهن کي سڏيو
ويندو هو، جيڪي ٻارن کي پڙهائيندا هئا. مرزا قليچ
بيگ مرحوم لکيو آهي ته انهن مان گهڻا ميمڻ آهن.[1]
حسن علي آفندي مرحوم ان وقت جي دستور موجب قرآن شريف
پڙهيو ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين. تعليم حاصل
ڪرڻ کان پوءِ پهريائين پندرهن ويهن روپين تي
”جهرڪ“ ڳوٺ جي ويجهو، راڄي نظاماڻي ڳوٺ وٽ درياءَ
جي پتڻ تي ”ڏاڪ منشي“ مقرر ٿيو . ان وقت درياءَ جي
مختلف پتڻن تي ڪاٺيون گڏ ڪري،
ٻيڙين رستي جدا جدا شهرن ڏانهن موڪليون وينديون
هيون. انهن ڪاٺين کي ”ڏاڪ“ سڏيو ويندو هو. جلد ئي
نوشهروفيروز جي ڊپٽي ڪليڪٽر جي آفيس ۾ ويهن
پنجويهن روپين پگهارتي منشي مقرر ٿيو. اتي جي
ڪلارڪ کان واندڪائيءَ واري وقت ۾ انگريزي سکيائين.
جلد ئي انگريزي لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جهڙو ٿيو.
انهن ڏينهن ريلوي ڪانه هئي، ۽ سکر ۽ ڪوٽڙيءَ جي وچ
۾ ”“انڊس فلاٽيلا“ نالي جهاز هلندو هو. ميان مرحوم
کي ڪجهه وڌيڪ پگهار سان ان جهاز جي ڪوٽڙيءَ واري
آفيس ۾ ڪلارڪي ملي ويئي. اتي هن پنهنجي لياقتن ۽
صلاحيتن سبب چڱو نالو ڪڍيو، ۽ انگريزيءَ ۾ به وڌيڪ
مهارت حاصل ڪيائين. سندس لياقت ۽ محنت کي ڏسي،
ڪراچيءَ جو جج مسٽر ملٽن کائنس ڏاڍو متاثر ٿيو، ۽
کيس ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ڪراچي جو سرشتيدار ۽ ترجمان مقرر
ڪيائين.
ڪورٽن ۾ هن وڪيلن جي ڪارڪردگي ڏٺي، ۽ قانوني موشگافيون
ٻڌيون. ان مان گهڻو ڪجهه پرايائين، ۽ محنت ڪري
انگريزيءَ ۾ به هڻي مهارت حاصل ڪيائين. قانون ۾
ايتري قدر ته ڄاڻ حاصل ڪيائين، جو مسٽر ملٽن،
امتحان پاس ڪرڻ کان سواءِ کيس وڪالت جي سند ڏني، ۽
هو حيدرآباد ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو. انهن ڏينهن ۾ مسلمان
وڪيل اصل ڪونه هوندا هئا. ۽ جوابدار اڪثر مسلمان
هوندا هئا. انهيءَ ڪري حسن علي مرحوم کي تمام گهڻا
ڪيس ملڻ لڳا. هن به ڪيسن تي خوب محنت ڪري، وڪالت ۾
چڱو نالو ڪڍيو. ڪجهه وقت کان پوءِ هو سرڪاري وڪيل
يا پبلڪ پراسڪيوٽر ۽ گورنمينٽ پليڊر مقرر ڪيو ويو.
آخر ڪراچيءَ ۾ اچي رهڻ لڳو، ۽ اتي پنهنجي آفيس
قائم ڪيائين. انهيءَ عهدي تي 13-14 سال ڪم ڪيائين.
انهن ڏينهن ۾ ڪيترائي جج آيا، جن سڀني کيس سٺا
سرٽيفڪيٽ ڏنا، ۽ سندس هوشياريءَ جي تعريف ڪئي.
مسٽر مئڪفرسن، جڊيشنل ڪمشنر کيس سمال ڪاز ڪورٽ جي
جج جي آڇ ڪئي، پر هن اها قبول نه ڪئي.
وڪالت ۾ هن چڱو ناڻو ڪمايو، ۽ مئڪلوڊ روڊ تي بنگلو
ٺهرائي، خوشحال زندگي گذارڻ لڳو، پنهنجي خوش
اخلاقيءَ سبب معاشري ۾ به پاڻ کي ڏاڍو مقبول
بنايائين، جنهن ڪري عام توڙي خاص کيس عزت ۽ احترام
جي نظر سان ڏسڻ لڳا. انهن ڏينهن ۾ مسلمان، جديد
تعليم ۾ ڏاڍو پوئتي پيل هئا. کيس مسلمانن جي ترقي
۽ واڌاري جو سدائين اونو رهندو هو. هن جو خيال هو،
ته مسلمان پڙهي پون، ته جيئن ٻين قومن سان ڪلهو
ڪلهي ۾ ملائي، زماني جي حالتن موجب زندگيءَ جي ڊوڙ
۾ حصو وٺي سگهن. اهو مقصد سامهون رکي، هن مسٽر
ڏيارام ڄيٺمل سان گڏجي ”سنڌ سڀ“ ۾ ڪم ڪرڻ شروع
ڪيو، پر هن محسوس ڪيو ته ان مان مسلمانن کي خاصو
فائدو نه ٿو ملي.
اتفاق اهڙو ٿيو جو انهن ڏينهن ۾ ڪلڪتي جي ”محمدن
ائسوسئيشن“ جو باني، مشهور اهل قلم ۽ بيريسٽر امير
علي ڪيس جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ آيو، ان جي صلاح سان حسن
علي مرحوم ڪوشش وٺي ڪراچي ۾ ”محمدن ائسوسئيشن“
قائم ڪئي، پهريائين اهو ادارو ڪراچيءَ واري انجمن
جي شاخ هئي، پر جلدئي پوءِ خودمختيار اداري جي
حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. حسن علي آفندي مرحوم ان جو
صدر ٿيو، ۽ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن جا مک
ماڻهو ان جا ميمبر ٿيا. ڪراچيءَ کان سواءِ
حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ به ان جون شاخون قائم ڪيون
ويون. انهيءَ انجمن سنڌ جي مسلمانن جا اهنج دور
ڪرڻ ۽ مسلمانن جي تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري جي
سلسلي ۾ تمام گهڻي ڪوشش ورتي. سنڌ انڪمبرڊ اسٽيٽ
ائڪٽ، انهيءَ انجمن جي ڪوشش سان جاري ٿيو.
حسن علي آفندي مرحوم محسوس ڪيو، ته مسلمانن جي تعليم جي
حصول لاءِ هڪ جدا اسڪول جي ضروت آهي، جنهن ۾ ديني
تعليم جو به معقول بندوبست هجي. ان سان گڏ بورڊنگ
به هجي، جتي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا شاگرد اچي رهن.
انهيءَ رٿ کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ وڏي جدوجهد
ڪيائين. سڄي سنڌ گهمي چندا گڏ ڪيائين، ۽ سڀني
ميونسپالٽين ۽ لوڪلبورڊن کان به رقمون ڇڏايائين.
نه فقط ايترو پر ان ڪم لاءِ هندستان جي ٻين شهرن
جهڙوڪ: بمبئي، ڪلڪتو، مدراس، حيدرآباد دکن جا دورا
به ڪيائين. مخالف ڌر سندس ڪم ۾ اٽڪاءُ وجهڻ جي
ڪوشش ڪئي، پر هن هر ڳالهه کي مڙس ٿي منهن ڏنو. آخر
سندس ڪوششن رنگ لاتو، ۽ 1885ع ۾ بولٽن مارڪيٽ جي
سامهون ”سنڌ مدرسته الاسلام“ جاري ٿيو. ان جو
پهريون پرنسپال مولوي عمرالدين مقرر ٿيو. جو پنجاب
کان آيل هو. ان کان پوءِ حسن علي آفندي جو فرزند
ولي محمد 1887ع کان 1897ع تائين پرنسپال رهيو. هو
ان کان اڳ ۾ شڪارپور هاءِ اسڪول جو پرنسپال هو.
سال 1881ع ۾ حسن علي آفندي مرحوم ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو
ڪائونسلر ٿيو. سال 1891ع ۾ سنڌ جي جاگيردارن ۽
زميندارن پاران بمبئيءَ جي گورنر جي ڪائونسل جو
ميمبر ٿيو. انهن عهدن تي رهي به هن تعريف جوڳا ڪم
ڪيا. اهوڏسي سرڪار به سندس عزت ڪرڻ لڳي. سندس حسن
خدمتيءَ سبب سال 1888ع ۾ کيس سرڪار ”خانبهادر“ جو
خطاب ڏنو.
سال 1875ع ۾ روس، بين الاقوامي معاهدن جي خالف ورزي
ڪندي، ترڪيءَ سان جنگ جوٽي. ترڪن جي زخمي سپاهين
جي مدد لاءِ حسن علي مرحوم چندو گڏ ڪري اوڏانهن
موڪليو، انهيءَ ڪري ترڪي سلطان طرفان کيس ”مجيدي“
تمغو ۽ ”آفندي“ جو خطاب مليو. ان سان گڏ کيس ڪراچي
۾ ترڪي حڪومت جو سفير مقرر ڪيو ويو.
سن 1895ع ۾ سنڌ جي هن عظيم سپوت وفات ڪئي. کيس سندس
وصيعت موجب 24 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ سندس باغ ۾
دفنايو ويو. سندس وفات تي ڪيترن ئي شاعرن شعر
لکيا. مرزا قليچ بيگ مرحوم سندس وفات جي تاريخ هن
طرح منظوم ڪئي آهي.
خوش گفت که ”شدبهار آخر“ هم گفت که ”رحمت خداوند“.
1313 هه 1313هه
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سندس وفات جي تاريخ هن طرح لکي آهي:
چون زهاتف سنش بپر سيدم___ گفت: نيک زمان بجنت رفت“
1313 هه
اهڙا انسان مرندا نه آهن، پر هو پنهنجي ڪارنامن سبب سدائين
زندهه آهن. الله تعاليٰ جون مٿس رحمتون هجن. آمين
سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي
سنڌ تي تمام گهڻي وقت کان مسلمان حڪومت ڪندا ٿي آيا،
تان جو سن 1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو.
انگريزن، درپرده اها پاليسي اختيار ڪئي ته مسلمانن
کي هر شعبي ۾ نظرانداز ڪيو وڃي. تعليمي پاليسيءَ ۾
به هنن اها ڳالهه قائم رکي، ته جديد تعليم ۾
مسلمانن کي پوئتي رکيو وڃي. مسلمانن کي جئين ته
انگريزن کان نفرت هئي، انهيءَ ڪري هنن جديد تعليم
ڏانهن توجه ڪونه ڏنو. هندن حالات مان پورو فائدو
حاصل ڪيو، ۽ جديد تعليم ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪرڻ
لڳا.
مسلمانن جو اهو حال ڏسي، سن 1882ع ۾ سيد امير علي ڪلڪتي
۾ نيشنل محمدن ائسوسئيشن قائم ڪئي. ائسوسئيشن جي
قيام جو مقصد هو، مسلمانن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ
ڪوشش وٺڻ. سن 1884ع ۾ سيد امير علي هڪ مقدمي جي
پيرويءَ جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ آيو، ڪراچيءَ جي مسلمانن
سندس اعزاز ۾ هڪ جلسو منعقد ڪيو، جنهن ۾ هنن طاهر
ڪيو ته سنڌي مسلمان جديد تعليم ۾ گهڻو پوئتي آهن
هنن اهو به ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ هو ڪجهه ڪرڻ گهرن
ٿا. سيد امير علي سندن همت افزائي ڪئي، ۽ کين
مشورو ڏنو ته هو سنڌ ۾ نيشنل محمدن ائسوسئيشن
ڪلڪته جي شاخ قائم ڪن، جنهن جي ذريعي مسلمانن لاءِ
جديد تعليم جو بندوبست ڪن.
خانبهادر حسن علي آفندي، جو اصل ۾ ذات جو ميمڻ هو،
ڪراچيءَ جو هڪ مشهور وڪيل هو. هن کي سدائين
مسلمانن جي ترقيءَ ۽ واڌاري جو فڪر رهندو هو. هن
محسوس ڪيو ته جيستائين مسلمانن لاءِ جديد تعليم
حاصل ڪرڻ جو جدا ادارو نه هوندو، تيستائين کين
تعليم پرائڻ جا موقعا ملي نه سگهندا. سيد امير علي
جي مشوري کان پوءِ هن انهيءَ سال ڪوشش وٺي ڪراچيءَ
۾ نيشنل محمدن ائسوسئيشن جي شاخ قائم ڪئي. ان جو
بنيادي مقصد هو مسلمانن لاءِ هڪ مرڪزي اقامتي
درسگاهه قائم ڪرڻ. حسن علي آفندي مرحوم جي قيادت ۾
مدرسي لاءِ هڪ بورڊ قائم ڪيو ويو.
حسن علي آفندي مرحوم وڏي جدوجهد کان پوءِ مدرسي هلائڻ
لاءِ پئسو جمع ڪيو. آخر سندس ڪوششون ڪامياب ٿيون،
۽ پهرين سيپٽمبر 1885ع تي سنڌ مدرسته الاسلام
ڪراچيءَ جو قيام عمل ۾ آيو. هي مدرسو اڳتي هلي سنڌ
جي مسلمانن جي تعليمي بيداريءَ جو سنگ بنياد ثابت
ٿيو.
هي مدرسو پهرايائين بولٽن مارڪيٽ جي سامهون هڪ ڪرايه جي
عمارت ۾ قائم ڪيو ويو. اها جڳهه مدرسي لاءِ
ناموزورن هئي، انهيءَ ڪري شاگردن کي ڏاڍي تڪليف
هوندي هئي. حسن علي مرحوم ڪوشش وٺي، ميونسپل بورڊ
کان 75 رپيا ماهوارڪرايه تي اها سراءِ حاصل ڪئي،
جيڪا ريلوي قائم ٿيڻ کان پوءِ بيڪار پئي هئي، ان
کان پوءِ شاگردن جي تعداد ۾ اضافو ٿيو. ته سراءِ
جي سامهون هڪ ٻه منزلي عمارت ڪرايه تي حاصل ڪئي
وئي.
سراءِ جي ڀرسان ميدان هو، جنهن ۾ قديم زماني ۾
قافلا اچي ترسندا هئا. ريلوي قائم ٿيڻ کان پوءِ
اهو بيڪار پيو هو، حسن علي آفندي مرحوم اهو پلاٽ
حاصل ڪري، مدرسي جي عمارت جي تعمير شروع ڪئي. سن
1890ع تائين مدرسي جي عاليشان عمارت، شاندار هاسٽل
۽ ٻه مسجدون ٺهي تيار ٿي ويون.
سنڌ ۾ انهيءَ مقصد کي وسيع بنائڻ لاءِ آفندي مرحوم جي
ڪوشش سان ڪراچيءَ کان سواءِ لاڙڪاڻي، سکر ۽
شهدادپور ۾ نيشنل محمدن ائسوسيئيشن جون شاخون قائم
ڪيون ويون. انهن جي ماتحت سنڌ مدرسته الاسلام
ڪراچيءَ جي نموني تي جديد تعليم لاءِ مدرسا قائم
ڪيا ويا. انهن مدرسن ۾ پهريائين فقط مڊل تائين
تعليم هوندي هئي، انهيءَ ڪري اتان جا شاگرد به
مئٽرڪ اچي سنڌ مدرسي ۾ پڙهندا هئا، اهڙيءَ طرح هن
مدرسي سنڌ ۾ جديد تعليم ڦهلائڻ لاءِ بنيادي ڪرادار
ادا ڪيو.
سرسيد احمد خان به اهڙي مقصد لاءِ عليڳڙهه ۾ هڪ درسگاه
قائم ڪيو هو. حسن علي آفندي مرحوم کي، سنڌ مدرسي
کي بهتر بنائڻ جو هميشه اونو رهندو هو. هن سرسيد
احمد جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ به ضروري
سمجهيو، انهيءَ ڪري هو سن 1888ع ۾ عليڳڙهه ويو، ۽
ڪجهه وقت اتي رهي، حالتن جو جائزو وٺي آيو. ان کان
پوءِ هن مدرسي جي انتظام کي بهتر بنائڻ لاءِ گهڻو
ڪجهه ڪيو. سندس فرزند ميان ولي محمد به تعليم کاتي
سان وابسته هو. هو پهريائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول
شڪارپور جو هيڊ ماستر هو، جتي هو 8 اپريل 1887ع
کان 3 آگسٽ 1887ع تائين رهيو. پر پوءِ سنڌ مدرسي
جي ترقي ۽ وڌاري لاءِ سرڪاري نوڪري ڇڏي اچي مدرسي
جو پرنسپال ٿيو. نو سال مدرسي جو پرنسپال ٿي رهيو،
۽ مدرسي جي واڌاري لاءِ ڏاڍو پاڻ پتوڙيائين، ۽ سنڌ
جي مسلمانن ۾ انگريزي تعليم پرائڻ جو شوق پيدا ڪرڻ
واريءَ تحريڪ کي اڳتي وڌا يائين. ان جي ڏينهن ۾
مدرسي وڏي ترقي ڪئي.
حسن علي آفندي مرحوم ۽ سندس ساٿين جون ڪوششون ڪامياب
ثابت ٿيون، ۽ سنڌ مدرسته الاسلام جي نالي سان فيض
جو چشمو جاري ٿيو. ان ملت جي فڪر ونظر ۾ تازگي،
قلب کي عزم ۽ حوصلو ۽ جسم کي قوت ۽ توانائي بخشي.
انهيءَ تحريڪ سنڌ جي مسلمانن کي نه فقط تعليمي
اعتبار کان بلڪ سياسي لحاظ کان به بيدار ڪيو.
قائداعظم محمد علي جناه رح به ان مدرسي مان تعليم
حاصل ڪئي هئي. اهو سنڌ مدرسي جو ئي فيض هو، جو
برصغير پاڪ وهند جي مسلمانن کي قائد اعظم جهڙو
رهنما مليو، جنهن پاڪستان بڻايو. سنڌ جي عظيم
تعليم ماهر، محقق ۽ اديب شمس العلماءُ ڊاڪٽر عمر
بن محمد دائود پوٽي به هتي تعليم حاصل ڪئي. ان کان
سواءِ ٻين به ڪيترين ئي اهم شخصيتن هن مدرسي مان
تعليم حاصل ڪئي، جن اڳتي هلي تعليمي، ادبي،
ثقافتي، سماجي ۽ سياسي ميدانن ۾ سنڌ جي مسلمانن جي
وڏي خدمت ڪئي.
اڄ به سنڌ مدرسو تعليمي اعتبار کان ممتاز ادارن ۾ شمار
ٿئي ٿو. مدرسه بورڊ طرفان قائم ڪيل ٻيا ادارا
جهڙوڪ : سائنس ڪاليج، سنڌ مسلم آرٽس ۽ ڪامرس
ڪاليج، سنڌ مسلم لاڪاليج، ايس ايم سي فاطمه جناح
گرلس اسڪول ۽ ايس ايم لياري هاءِ اسڪول به تعليم
جي ميدان ۾ نمايان خدمت سرانجام ڏئي رهيا آهن.
سنڌ مدرسي جو پهريون پرنسپال مولوي عمرالدين هو، جيڪو
پنجاب جو رهاڪو هو ۽ پنجاب يونيوسٽيءَ جو ايم اي
هو. ٻن سالن کان پوءِ خانبهادر حسن علي آفندي
مرحوم جي لائق فرزند آخوند ولي محمد کي تعليم کاتي
جي سرڪاري نوڪري ڇڌارائي پرنسپال مقرر ڪيو ويو،
جنهن نوَ سال مدرسي جي نهايت خلوص ۽ محنت سان خدمت
ڪئي. انهيءَ دوران آخوند ولي محمد قانون جو امتحان
پاس ڪري ورتو، جنهن ڪري حڪومت کيس ڊپٽي ڪليڪٽر،
سبارڊينيٽ جج ۽ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ جي ممتازعهدي
تي فائز ڪيو. 1896ع کان 1897ع تائين مدرسي جو
مشهور ۽ لائق استاد مسٽر ڊي پي ڪوٽوال پرنسپال ٿي
رهيو، جيڪو اڳ ۾ ۽ پوءِ مدرسي جو وائيس پرنسپال ٿي
رهيو.
اشتهار:
سن 1897ع ۾ خيرپور رياست جي وزير اعليٰ خانبهادر قادر
داد خان[2]
انهيءَ شرط تي مدرسي کي گرانٽ ڏيڻي ڪئي. ته آئنده
مدرسي جو پرنسپال يورپي مقرر ڪيو وڃي. مدرسي جي
انتظاميه اهو شرط قبول ڪري، مسٽر ”پرسي هائيڊ“ کي
پرنسپال مقرر ڪيو. هو آڪسفورڊ جو ايم اي هو، ۽
فوجي قبيلي جو فرد هو. سندس ڏينهن ۾ مدرسي ۾ لازمي
فوجي تربيت جو بنياد پيو.
مسٽر پرسي هائيڊ اچڻ سان پهريون ڪم اهو ڪيو، جو سنڌي ۾
ڇهن صفحن تي مشتمل هڪ اشتهار ڇپائي عام ڪيو. هي
اشتهار ڄڻ ته مدرسي جوProspectus
آهي، جنهن ۾ مدرسي بابت مفصل معلومات ڏنل آهي. اهو
اشتهار هو بهوهت ڏنو پيو وڃي، جنهن مان مدرسي جي
انتظاميه، تعليمي شعبن، مکيه استادن جي نالن ۽
پڙهائيءَ جي طريقي جي مڪمل واقفيت ٿيندي. هي
اشتهار راقم الحروف کي 1952ع ۾ هڪ جهوني
سپروائيزنگ تپيدار ڏنو هو، جڏهن آءٌ تعلقي آفيس
لاڙڪاڻي ۾ ڪلارڪ هوس. آءٌ انهيءَ ئي سال مئٽرڪ پاس
ڪري ڪلارڪ ٿيو هوس ۽ علمي ادبي ذوق ننڍ پڻ کان هو.
منهنجي ذوق ۽ تاريخ سان دلچسپي کي ڏسي سپروائيزنگ
تپيدار صاحب اهو استهار تحفي طور مون کي ڏنو. ان
سان آفيس جي سلپ به لڳل آهي، جنهن تي هي مضمون
لکيل آهي:
”فردي نمبر 28
ته سنڌ کاتي ۾ جي مسلمان رهاڪو آهن، تن جي پٽن کي
انگريزي علم سيکارڻ جي نسبت ۾ ڇاپيل اشتهار.“
(ننڍي صحيح).
معلوم ٿئي ٿو، ته هي اشتهار مختيار ڪارن کي موڪليو ويو
هو، ته جيئن هو پنهنجن تپيدارن جي ذريعي ان کي سنڌ
جي مسلمان ڳوٺاڻن کي پڙهي ٻڌائين، جئين هو پنهنجا
ٻار سنڌ مدرسته الاسلام ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ
موڪلين.
بهرحال سنڌ مدرسته الاسلام جي تاريخ جي سلسلي ۾ هي هڪ
اهم ۽ ناياب دستاويز آهي، جنهن کي وڏي تاريخي
حيثيت حاصل آهي. ان جي تاريخي اهميت ۽ افاديت جي
مدنظر آءٌ ان کي ورهين کان ساهه ۾ سانڍيندو اچان
ٿو، ۽ ان کي هن خاص موقعي تي پڌرو ڪريان ٿو، جڏهن
سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي کي قائم ٿئي هڪ سئو سال
گذري چڪا آهن ۽ ان جو سئو سلاه جشن 1 سپٽمبر 1985ع
تي ويڏي ڌام ڌوم سان ملهايو پيو وڃي.
مون هي اشتهار عاريتا، محترم تاج محمد صحرائي جي معرفت،
سئو سالا جشن ملهائيندڙ انتطاميه جي حوالي ڪيو
آهي، ته جيئن ان کي نمائش ۾ رکن، ۽ نمائش ختم ٿيڻ
کان پوءِ مون کي واپس ڪن.
سنڌ مدرسته الاسلام جو اشتهار
ڪراچي
هن مدرسه جي مدعا آهي ته سنڌ کاتي ۾ جي مسلمان رهاڪو آهن، تن جي
پٽن کي بلڪل چڱيءَ طرح انگريزي علم سيکارجي ۽
مذهبي تعليم سني ۽ شيعن جي متن موجب ڏجي.
هن اسڪول جو جوڙجڪ هڪڙي بورڊ جي هٿ ۾ آهي، جنهن بورڊ جو
پر يزيڊنٽ سنڌ جو ڪمشنر صاحب بهادر آهي ۽ جيئن ته
اهو اسڪول سنڌ جي ڪنهن به ڀاڱي جي مسلمانن لاءِ
آهي، تنهن ڪري مٿئين بورڊ جا ميمبر سڀئي هلنديءَ
وارا سکر ماڻهو، جي سنڌ کاتي جي جدا جدا ڀاڱن ۾
رهن ٿا، سي آهن. في الحال انهيءَ بورڊ جا ميمبر
هيٺيان آهن:
ڪمشنر صاحب بهادر سنڌ _____ پريزيڊنٽ
آر جائيلس ايم. اي ____________وائيس پريزيڊنٽ
پي ڪئڊيل آءِ سي ايس
خان بهادر قادر داد خان سي آءِ اي (خيرپور)
خان بهادر شيخ صادق علي (سکر)
خان صاحب علي محمد حسن علي بي اي، ايل ايل بي
خان بهادر خدا داد خان
معزالدين جي. عبدالعلي
ڊاڪٽر جي ايف مرزان (ڪراچي)
محمد حسين وڪيل (شڪارپور)
محمد حسين چاڳلو (ڪراچي)
خير محمد عابداڻي (ٺٽه)
خان بهادر غلام رسول جتوئي (مورو)
مرزا لطف علي بيگ (حيدرآباد)
اهو مدرسه ٻن شاخن ۾ ورهايل آهي انگريزي ۽ ورنيڪيولر.
پهرين شاخ ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ جي ميٽريڪيوليشن
امتحان جي درجي تائين پڙهائي ٿئي. پرنسيپال ۽ ٻيا
هيٺيان چالاڪ پاڙهيندڙ انگريزي سيکاريندا آهن:
مسٽر پرسي هائيڊ بي اي (بيليل ڪاليج آڪسفورڊ) پرنسيپال
مسٽر ڊي پي ڪوٽوال بي اي، ايل ايل بي (بمبئي) وائيس پرنسيپال
مسٽر حميدالدين بي اي (علي ڳڙه ڪاليج) فرسٽ اسٽنٽ ۽ عربڪ ٽيچر
مسٽر محمد هاشم تيجاڻي -- ٻيو اسسٽنٽ
مسٽر پرشوتم امرسي -- ٽيو اسسٽنٽ
مسٽر ڪي علي محمد -- چوٿون اسسٽنٽ
مسٽر عبدالحق -- پنجو اسسٽنٽ
مسٽر محمد پير محمد -- ڇهون اسسٽنٽ
مسٽر دلاور علي -- ستون اسسٽنٽ
فارسي پاڙهيندڙ مولوي الهه بخش محمد شاهه
ورنيڪيولر شاخ ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، يعني سنڌي، اردو ۽
گجراتي. انهن ڀاڱن ۾ بمبئي سرڪار جي منظور ٿيل
ورنيڪيولر درجن جي چوٿين درجي تائين ڇوڪرن کي
تعليم ملندي آهي.
ورنيڪيولر جي چوٿين درجي جي پاس ڪرڻ کان پوءِ ڇوڪرا
انگريزي پهرئين درجي ۾ داخل ٿيندا آهن. ورنيڪيولر
شاخ جا پاڙهيندڙ هيٺيان آهن:
سنڌي
مسٽر احمد مراد -- هيڊ ماستر
مسٽر عبدالحق -- پهريون نائب
مسٽر عبدالله -- ٻيو نائب
مسٽر عبدالزاق -- ٽيون نائب
مسٽر عبدالمجيد -- چوٿون نائب
گجراتي
مسٽر لالجي -- هيڊ ماستر
مسٽر ايڇ فقير محمد -- پهريون نائب
مسٽر هير جي -- ٻيو نائب
مسٽر ڪليانجي -- يو نائب
مسٽر وسرام -- چوٿون نائب
اردو
مسٽر محمد باني -- هيڊ ماستر
مسٽر ملڪ محمد -- پهريون نائب
مسٽر غلام محمد -- يو نائب
مسٽر نظام الدين -- ٽيو نائب
مسٽر ابراهيم -- چوٿون نائب
هن اسڪول سان ٻه مسجدون ملحق ٿيل آهن، هڪڙي سني ماسترن
۽ ڇوڪرن جي لاءِ ۽ ٻي شيعن جي لاءِ سني ۽ شيعا
مولوي نه رڳو هر هڪ ڪلاس کي مذهبي تعليم ڏين ٿا،
پر سڀني ڇوڪرن کي سڀڪنهن جمع جي ڏينهن جڏهن سڀيئي
ٻنهي مسجدن ۾ گڏ ٿيندا آهن، و عظ به ڪندا آهن.
تمام ننڍن ڇوڪرن لاءِ خاص قرآن شريف پاڙهڻ لاءِ هڪ خاص
ڪلاس ٺهيل آهي ۽ پهرين چئن درجن وارن ڇوڪرن کي
واڍڪو ڪم سيکاريندو آهي. هن ڪم جي نگهباني ڊرائنگ
ماستر مسٽر ٺاڪر ڪندو آهي ۽ گهڻو ڪري پرنسپال به
نظر داري ڪندو آهي.
ورنيڪيولر شاخ جي سڀڪنهن ڪلاس ۾ بمبئي جمنيشن مان پاس
ٿيل استاد هفتي ۾ ٻه دفعا ڊرل ڪرائيندو آهي. جڏهن
ڪو به ڪلاس ڊرل ڪندو آهي، تڏهن انهيءَ ڪلاس جو
ماستر به مٿين استاد کي مدد ڏيڻ لاءِ هميشه حاضر
رهندو آهي ۽ پرنسيپال گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو هر هڪ
ڪلاس کي ڊرل ڪندو ڏسندو آهي. جمنيشن سڄي اسڪول
لاءِ کليل آهي ۽ ڇوڪرن کي انهيءَ راند ڪرڻ لاءِ
همتائبو آهي. مسلمان شاگردن کان سندن تعليم لاءِ
هيٺ لکيل نرخ پٽاندر في وٺڻ ۾ ايندي آهي:
انگريزي شاخ
درجا 1- 2- 3 8 آنا در مهينو
درجو 4 12 آنا در مهينو
درجا 5 ۽ 6 هڪ رپيو در مهينو
درجو 7 ڏيڍ رپيو در مهينو
ورنيڪيولر شاخ
درجا 1 ۽ 2 ۽ ٻارن جو ڪلاس 2 آنا در مهينو
درجا 3 ۽ 4 4 آنا در مهينو
شاگرد، جي مسلمان نه آهن، سي ٿورو وڌيڪ فيئون ڀرين ٿا.
مٿين فيئن کان سواءِ شاگردن کي اسڪول جي ڪرڪيٽ ڪلب لاءِ سڀڪنهن
مهيني ٿورو چندو ڏيڻو پوي ٿو. انهيءَ ڪلب جو ڪم
ڪار پرنسيپال ۽ مسٽر عبدالحق ۽ ٻيا ڪيترا ماستر
سنڀاليندا آهن، جي
ڇوڪرن سان راند ڪندا آهن ۽ انهن
کي اها راند سيکاريندا آهن.
بورڊنگ هائوس
(يعني کاڌي ۽ ٽڪڻ جي جاءِ)
هن مدرسه سان ملحق شاگردن جي کاڌي ۽ ٽڪڻ لاءِ هڪڙي
جاءِ، جنهن کي ”بورڊنگ هائوس“ چوندا آهن، جوڙي
ويئي آهي. جن ڇوڪرن جا گهر ڪراچيءَ کان پري آهن،
سي انهيءَ جاءِ ۾ ٽڪندا آهن. انهيءَ بورڊنگ هائوس
۾ 80 ڇوڪرا رهي سگهن ٿا، پر جيڪڏهن گهرج ٿي ته
ڪيترن ئي ڇوڪرن لاءِ جاءِ جو بندوبست ڪري سگهبو ۽
هيٺيان نرخ رهڻ ۽ کائڻ لاءِ وٺبا آهن:
پهرئين درجي جا بورڊر
پهرئين درجي جا بورڊر 15 روپيا در مهينو
ٻئي ” “ 10 روپيا در مهينو
درمياني ” “ ساڍا ست روپيا در مهينو
ٽئي ”
“ 5 روپيا در
مهينو
بورڊر، جي وڏيون فيئون ڏين ٿا، تن کي کاڌو ۽ سامان وڌيڪ
چڱي قسم جو ملي ٿو. مٿين فئين ۾ کاڌي، رهڻ،
روشنائي، نوڪرن ۽ ڌوئارڻي وغيره جو خرچ اچي وڃي
ٿو، پر سڀڪنهن بورڊر کي ڪپڙا ۽ بسترا، پنهنجا پاڻ
موجود ڪرڻ گهرجن ۽ ڪتاب به پنهنجا پاڻهين وٺندا،
جن جي قيمت هڪڙي روپئي کان زياده نه ٿيندي انهيءَ
بورڊنگ هائوس ۾ فري بورڊرن جو مقرر ڪيل تعداد يعني
سنڌ کاتي جي هر هڪ تعلقي مان هڪڙو ڄڻو ٿئي، اهو
ٽين درجي جو بورڊر ٿيندو. فري بورڊريءَ لاءِ
درخواستون، جنهن ڊويزن ۾ درخواست ڪندڙ رهندو هجي
تنهن ڊويزن جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر صاحب بهادر جي معرفت
پرنسيپال ڏي موڪلڻ کپن. انهيءَ بورڊنگ هائوس ۾
هڪڙو مولوي رهي ٿو، جو ڏينهن ۾ پنج دفعا نماز
پڙهائيندو آهي ۽ نماز پڙهڻ وقت سڀڪنهن بورڊر جو
حاضر هئڻ فرضي آهي.
بورڊرن جي احتياجن جي پورائي بورڊنگ هائوس
جو سپرنٽينڊنٽ مسٽر نورالدين ڪندو آهي ۽ پرنسيپال
به، جوڪ بورڊنگ هاﺆس جو سڀڪو ڀاڱو روز ڏسندو آهي ۽
هيءَ به نظر ڪندو آهي ته بورڊرن کي برابر کاڌو ملي
ٿو ۽ پوري خاطرداري ٿئي ٿي. مسٽر حميدالدين، جو
بورڊنگ هائوس ۾ رهندو آهي ۽ مسٽر لوڌي، اهي ٻئي
ڇوڪرن جي نگهبانيءَ ۾ مدد ڪن ٿا. بيماريءَ جي حالت
۾ بورڊرن کي دوا دارو ڊاڪٽر جي ايف مرزا، جو مدرسه
بورڊ جو هڪڙو ميمبر آهي، سو ڪندو آهي ۽ جنهن جون
فهمائشون سپرنٽينڊنٽ خبرداريءَ سان بجا آڻيندو
آهي.
پرنسيپال سڀڪنهن ڇوڪر وٽ روز ويندو آهي ۽ ڏسندو آهي ته ڊاڪٽر جي
حڪمن جي پوريءَ طرح بجا آوري ٿئي ٿي يا نه.
سڀڪنهن بروڊر کي هڪڙي ڪوٺي ملي ٿي، جنهن ۾ هو پڙهندو ۽
سمهندو آهي، پر سڀني وقتن جا کاڄ سپرنٽينڊنٽ جي
حاضريءَ ۾ سڀئيي هڪ هنڌ گڏ کائيندا آهن، جو ڏسندو
آهي ته طعام پوريءَ خاصيت جو آهي ۽ ڇوڪرن جي هلت
چلت پوري آهي يا نه.
آچر جي ڏينهن مدرسو بند رهندو آهي ۽ جمعي جي ڏينهن
ٻارهين لڳي جمعي جي نماز پڙهڻ لاءِ موڪل ملندي
آهي، مدرسو اڌ ڏينهن بند رهندو آهي. هڪڙي نه ٻيءَ
خميس جي ڏينهن اڌ ڏينهن راند ڪرڻ لاءِ انگريزي شاخ
کي ۽ ڏيهي زبان جي شاخن کي واري واري سان موڪل
ملندي آهي.
مدرسو سياري جي تعطيل ۾ بند ٿيندو ۽ جنوري سن 1898ع جي
17 تاريخ وري کلندو ۽ مئي جي پڇاڙيءَ سوڌو پڙهائي
ٿيندي. وري ٽيهن ڏينهن جي تعطيل ٿيندي ۽ وري
پڙهائي شروع ٿي ڊسمبر جي پڇاڙيءَ سوڌو هلندي.
مدرسي ۾ داخل ٿيڻ جي درخواست پرنسيپال کي يا اسسٽنٽ
سيڪريٽري مسٽر لوڌي کي ڪئي وڃي.
پرسي هائيڊ
پرنسيپال مدرسته الا سلام سنڌ ڪراچي
29 نومبر 1897ع
(مرزا
قليچ بيگ: سوانح حيات خانبهادر حسن علي آفندي،
سنڌي ادبي بورڊ، ص 8
خانبهادر
قادر داد خان پٺاڻن جي ڪاڪڙ قبيلي مان هو. سن
1846ع ۾ تولد ٿيو. هن شڪارپور مان پارسي ۽
ٿوري عربي تعليم حاصل ڪئي. تعليم، پرائي
شڪارپور جي ڪليڪٽر وٽ منشي ٿيو، ڇاڪاڻ جو انهن
ڏينهن ۾ اڃا پارسي دفتري زبان طور رائج هئي.
پنهنجي ذهانت سبب انگريزي سکي ويو، ۽ جلد ئي
”هائر“ به پاس ڪري ويو. پنهنجي محنت سان
ترقيءَ جون منزلون طيءِ ڪري ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو.
19 سال ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي رهيو. 1894ع ۾ کيس
خيرپور جو وزير اعليٰ مقرر ڪيو ويو. 1892ع ۾
خانبهادر جو لقب مليو ۽ بعد ۾ سي آءِ اي جو پڻ
اعزاز ڏنو ويو 31 مئي 1903ع تي وفات ڪيائين.
|