ڏاڍن جي هن ڏيهه ۾
واجد
ننڍ پڻ کان ئي هن پاڻ کي ڏاڍو هيڻو ۽ ڪمزور ڀانيو آهي.
هن ڪڏهن به پان کي محفوظ نه سمجهيو آهي. هر وقت
اهوئي ڊپ رهندو اٿس ته ڪٿي ڪو ڏاڍو ڏمرجي زندگي ئي
نه کسي وٺي.
هو جڏهن ٻارڙو هو، ۽ خوبصورت رنگن جهڙا خواب کڻي هلندڙ
وهيءَ مان گذري رهيو هو، تڏهن به ساڳيوئي سفر ڪندو
رهيو هو. تڏهن به هن پاڻ کي وقت کان گهڻو اڳ جهور
ٿيل ڀانيو هو. هو ننڍڙو هو جو ڪتابن جو صاف سٿرو
ٿيلهو کسي، هن جي ڳچيءَ ۾ چانهه واري هوٽل جو ميرو
گدلو ٿيلهو وڌو ويو هو، جنهن ۾ جست جون ڪجهه
ٽڪيلون وجهي هو ٻاهر واري ڪندو هو، ۽ ماڻهن جون
گاريون جهليندو هو. هن ڪڏهن به انهن گارين تي ڪو
احتجاج نه ڪيو هو، جو کيس محسوس ٿيو هو، ته هيڏي
وڏي وشال دنيا ۾ هن کي فقط گارين جهلڻ ۽ ٻاهر واري
ڪرڻ لاءِ ئي هن جي ماءُ جنم ڏنو آهي.
هن کي ياد آهي: هو ٿڪل ٽٽل، گهر ڏانهن وري رهيو هو، ته
پاڙي جي هڪ ڏاڍي ڇوڪري کيس رستي ويندي ڏنڊي هڻي
ڪيرايو هو، ۽ جڏهن احتجاج طور کيس ڪجهه چوڻ چاهيو
هئائين، تنهن کان اڳ ئي اڇلايل پٿر سان هن جو مٿو
رتورت ٿي ويو هو، ۽ هو رت وهائيندو جڏهن گهر پهتو
هو، تڏهن ماڻس سندس مٿي مان ٺينڊيون ڪري وهندڙ رت
ڏسي رئندي پڇيو هو: ” اڙي هي قهر ڪنهن ڪيو آهي،
ڪنهن ماريو آهي توکي؟“
۽ پوءِ جڏهن هن مٺل جمعدار جي پٽ ستار جو نانءُ کنيو
هو، تڏهن ماڻس سڄي لرزي وئي هئي. سندس مامتا واري
گرم جذبي مٿان ڄڻ سرد پاڻي هارجي ويو هو. لڳو هيس،
ڄڻ کانئس ڪو اهڙو گناهه ٿيو آهي، جنهن جي سزا هن
سان گڏ ماڻهس کي به ڀوڳڻي پوندي.
تڏهن ماڻس سندس مٿي مان وهندڙ رت اگهي، هن جو لڙڪن هاڻو
منهن چمي چيو هو: ” پٽ انهن ڏاڍن ساڻ اسان جي ڀيڻي
ناهي. جي جمعدار کي ڪجهه چئبو ته الٽو اسان کي در
تي بيهي گاريون ڏئي ويندو!“ ۽ تڏهن اهو احساس هن
جي ننڍڙي وجود کي وڻ ويڙهيءَ جيان ويڙهي ويو هو،
هت هو ۽ هن جا ماءُ پيءَ بيحد ڪمزور ۽ ڊڄڻا آهن،
تڏهن ته ٻين جي زيادتيءَ تي ٻڙڪ ٻولڻ جي به ڀيڻي
نٿا ڀانئن!
هڪ ڀيري هو پنهنجي پيءُ سان گڏ گوشت مارڪيٽ وڃي رهيو هو
ته رستي ۾ هڪ وڏيري جي گهوڙي هن جي ٻانهن ڦٽي وڌي
هئي. ٻانهن سڄي رتورت ٿي وئي هئس، تڏهن سندس پيءُ
وڏيري کي ڪجهه چوڻ بجاءِ، اکيون ڌرتيءَ ۾ کپائي،
چپ چپاٽ ۾ پنهنجي پٽڪي مان اڳڙي ڦاڙي پنهنجن هيڻن
هٿن ساڻ هن جي ٻانهن ٻڌي هئي. تڏهن هن وڏيري ڏانهن
ڏٺو هو، جنهنجي چهري تي ڪو به پڇتاءُ يا افسوس ڪو
نه هو، ۽ پوءِ هن پيءُ ڏانهن ڏٺو هو، جنهن جو چهرو
زرد ٿي ويو هو، تڏهن هو هن جي ٻانهن جهلي هڪ طرف
هلڻ لڳو هو تڪڙو تڪڙو ۽ ڊنل ڊنل، ڄڻ ته وڏيري جو
گهوڙو هن ڀيري کيس ئي چڪ هڻندو.
۽ پوءِ جڏهن ٻئي گهر پهتا هئا، تڏهن هن جي ڦٽيل ٻانهن
ڏسي، ماڻس باهه ٿي وئي هئي ۽ پڻس کي ڪاوڙجي چيو
هئائين: ”مئا،گهوڙي ٻار جي ٻانهن کائي وڌي آهي، ۽
تون ممڙو بڻيو ماٺ ميٺ ۾ اچي گهر پهتو آهين. وٺي
ڳچيءَ کان مئي کي پادر نه پئي هنيئي! اڙي ڪو راڻي
راڻو ملڪ ۾ آهي ڪ نه؟“
تڏهن پڻس، ماڻس کي سمجهائيندي چيو هو: ”اڙي رن، هجي ها
ڪو پاڻ جهڙو ته ڳالهايانس به ها. وڏيرو شاهنواز
خان ڪو جهڙو تهڙو ماڻهو آهي، جنهن کي وچ رستي تي
ڳچيءَ کان وٺان ها. خبر نه ٿئي ته ڳوٺ ۾ ڪيڏيون
تعديون ڪرايون هئائين. ان جي آزار ڪري ئي ته
پنهنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏي، هن اڻ ڏٺي شهر ۾ اچي
ويٺاسون خبر اٿئي ته انسپيڪٽر وڏيري جو ڄاٽو آهي.
تون ڇاٿي سمجهين ته مان وڏيري سان وڙهي خير سان
گهر پهچان ها. ٿورو به جي ڪڇان ها، ته هن وقت مون
سان گڏ تون به ٿاڻي ۾ ويٺي هجين ها.“
پيءُ کي ايڏو ڪمزور ڏسي سچ ته هو ڏڪي ويو هو. الائجي ڇو
ان وقت ٻانهن جو سور ٻيڻو ٿي ويو هئس. اصل ٻانهن
ڪپجندي محسوس ڪئي هئائين، ۽ هاڻ جڏهن سندس ماءُ
پيءُ پنهنجن هيڻن هردن سان مٽيءَ ۾ ملي مٽي ٿي ويا
آهن، تڏهن هو بلڪل اڪيلو رهجي ويو آهي، ڏاڍن جي هن
ڏيهه ۾، جتي جو ڏاڍو سو ڳابو وارو ڪارو قانون رائج
آهي. جيتوڻيڪ اڄ هو ذهني توڻي جسماني طور وڏو ٿي
ويو آهي، پر هردي ۾ اڄ به ساڳيوئي هراس اٿس. هو
ڪالهه جيان اڄ به ڪمزور آهي. اڄ به پاڻ کي ساڳيوئي
غير محفوظ تصور ڪري ٿو. هن جو هي احساس ڪنهن وهم
يا وسوسي جي پيداوار ڪونهي. هو ماضي جيان حال ۾ به
هڻيو آهي ۽ اهي ڏاڍا ماڻهو ڪالهه جيان اڄ به ڏاڍا
آهن. هنن جا هٿ اڃا به ڊگها ٿي ويا آهن، جيڪي اڄ
به هن جي گريبان تائين آسانيءَ سان پهچي وڃن ٿا.
اڃا ٽئين ڏينهن جو ئي واقعو آهي: هن گهر ٻهاري، تڙ ڪري،
ويٺي ڪورس جو ڪتاب پڙهيو (هن جي اها پڙهائي اسڪول
۽ ڪاليج جي چؤديواريءَ کان گهڻو پري، پنهنجي ئي
گهر جي اڪيلاين ۾ ٿيندي رهي آهي)، جو سندس پاڙيسري
پنهنجي گهر جي ٻير ڪٽي ۽ ڄاڻي واڻي ٻير کي هن جي
پڌر ڏانهن اڇلايائين. نتيجي طور ٻهاريل ٻڌر وڻ جي
ڪرڻ سان سڄو پن ۽ ڪنڊا ٿي ويو پوءِ ڪهاڙو هن ڏانهن
اڇلائيندي چيائينس: ”ان کي ڪٽي ، اسان جي گهر
اڇلجانءِ.“
هن جو پڙهڻ ته ناس ٿيو ئي، مٿان وري اهو چنگيزي حڪم
ٻڌي، تهائين باهه ٿي ويو. چيائينس: ”هڪ ته ٻير
هيڏانهن اڇلي، سڄو گهر ڪنڊا ڪري ڇڏيو اٿئي، رهندو
حڪم ٿو ڏين ته مان ٻير کي ڪٽي، تنهنجي گهر
اڇلايان!؟“
تنهن تي همراهه کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، ۽ وڻ تي بيٺي ئي
گارين ۾ مچي ويو، ۽ جڏهن هن سندس بيجا روشن تي کيس
شرمائڻ چاهيو، تڏهن هو ڪهاڙي کڻي اچي سندس در تي
بيٺو. ڌمڪائيندي چوڻ لڳس: ”اڙي، تون اسان سان
مهاڏا ڏيڻ جهڙو ٿيو آن! الله جو مناسبو ڪيون، ٽريا
ٿا وڃون ته ڏند ٿو ڏيکارين! سڄو سڄو ڏينهن گهر ۾
ماڻهو وهاريو ويٺو آن. سمورو ڏينهن کجڪو لڳو ٿو
وڃئي اڙي اسان ٻچڙيوالن جي پاڙي ۾ تو جهڙي ڇڙي
ڇانڊ جو ڪهڙو ڪم ويڙهه پنهنجا ٽپڙ، نه ته بي عزتو
ڪري نه ڪڍانءِ!“
۽ تڏهن هن کيس سجهائيندي (ليلائيندي)چيو هو: ”مان پڙهيل
ڳڙهيل ۽ شريف ماڻهو آهيان. اهو برابر آهي ته منهجا
ڪي دوست مون ايندا ويندا آهن، پر اهي ڪي لوفر يا
بدمعاش ڪونهن، جن مان توهان کي شڪايت پهتي هجي.“
تنهن تي همراهه صفا چڙي پيو: ”ڇا مان ڪوڙ ٿو ڳالهايان؟
تون ايڏو معتبر ٿي پيو آن. اڙي مان پڻهين، ڏاڏهين
کي به سڃاڻان!“ ۽ پوءِ ڌمڪي ڏيندي چيائين: ”توکي
اڄ ئي ڏسي رهندس، تو پاڻ کي سمجهيو ڇاهي؟“
اهو سمورو ڏينهن هن دوستن ساڻ گهمندي گذاريو هو. دل ۾
ڊپ پاڙون هڻي ويو هئس، ته اهو ڏاڍو ماڻهو کيس ضرور
ماري وجهندو، ۽ پوءِ رات جو جڏهن گهر آيو هو تڏهن
گهر جا ٻئي دروازا چڱيءَ طرح بند ڪري ستو هيو.
تنهن ڏينهن شدت ساڻ احساس ٿيو هئس ته هو پنهنجي
گهر ۾ به غير محفوظ آهي!
هن جي پاڙي ۾ ڪجهه گهر اهڙا به آهن، جتي سڄو ڏينهن جوا
۽ بدڪاري ٿيندي رهندي آهي. سج لٿي کان پوئين رات
تائين عياشن جي اچ وڃ آهي، هوندي آهي، پر ان تي
پاڙي جي ڪنهن به فرد کي ڪو اعتراض ڪو نه هوندو
ڪنهن کي به ڪڏهن انهن گهرن مان بي حيائيءَ جي بوءِ
ناهي آئي.
هن سوچيو هو: هڪ مان ئي ته خراب ۽ بدڪردار آهيان، جنهن
مان پاڙي وارن کي آزار آهي. هر ننڍي وڏي ڳالهه تي
مٿاهينءَ کان ايندڙ پاڻيءَ جيان لهي پوندا آهن.“
هو اڪثر سوچيندو آهي: آخر اهو سڀ ڪجهه ڇو ۽ ڇاجي لاءِ
آهي؟ ڇا ان ڪري جو مان مفلس آهيان؟ هائو واقعي،
اهو سڀ ان ڪري ئي ته آهي، جو منهنجو گهر هنن جي
گهرن کان ڪچو ۽ هيٺانهون آهي، پر ان ۾ منهنجو قصور
ئي ڪهڙو آهي. هڪ مفلس ۽ بيروزگار ماڻهو ڪري به ڇا
ٿو سگهي؟!“
ڪالهه دوستن سان شهر پئي ويو، جو پٺيان اوچتوئي سڏ ٿيس.
سڏيندڙ اهوئي سندس پاڙيسري هو، جنهن جي گهر جي پٺ
۾ آهي. اڙي توکي ڪيترا ڀيرا چيو اٿم ته پنهنجي ڀت
ٺهراءِ“. هو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي چوڻ لڳو: ”پر توکي
پرواهه ئي ڪانه ٿي ٿئي. سڄي ڀت کاڄي وئي آ. پنهنجو
خيال نٿو ٿئي ته ڀل دٻجي مر، پر ٻين جو ته خيال
ڪر.، جي ڀت پوئتي ڪري پئي ته پوءِ پورو ڪونه
پوندين گهر آهي جهڙو گڏهن جو واڙو، ۽ همراهه آهي
جو ڪامورو بڻيو ڄنگهون ٺوڪيندو وتي.هاڻي هنن
همراهن آڏو آخري ڀيرو ٿو چوانءِ، جي سڀاڻڪي سج ۾
ڀت نه ٺهرايئي ته پوءِ منهنجا هٿ تنهنجي ڳچيءَ ۾
هوندءِ. سڄي پاڙي سان کڻي اچائي اٿئي. ڀيڻيان،
اسان مؤن جن به ڪڪ ۽ تون وري ٿو لاپرواهيون
ڏيکارين.“
تڏهن هن کيس خاموش رهڻ لاءِ سندس کاڏي تي هٿ رکيو هو،
جنهن کي هن پنهنجي هٿ ساڻ جهٽڪي ڇڏيو هو ۽ پوءِ هو
وڦلندو هليو ويو هو. تڏهن هن پاڻ کي ذلت جي ڌٻڻ
مٿي تائين لهندي محسوس ڪيو هو. کيس پنهنجي بي
عزتيءَ جو شديد احساس ٿيو هو، ان وقت سندس دوستن
مان ڪنهن چيو هئس: ”يار سليم! حد ڪري ڇڏيئي. هن
جنسي گاريون پئي ڏنيو، پر تون ائين چپ هئين ڄڻ ڪا
ڀت. توکي به ته ٻه هٿ ۽ زبان آهي، ڪو گونگو ٻوڙو
ته ناهين. جي ايڏو مٺو ٿيندين ته کائي ويندءِ اهڙا
ماڻهو.“
تڏهن هن کي پنهنجي زبان سسندي محسوس ٿي هئي. کيس لڳو
هو، ڄڻ هو ازل کان ئي گونگو ۽ ٻوڙو هجي.....
ٽانڊا
محمود مغل
هُن ٻانهن کي مٿي ڪري، پنهنجي ڪڇ وٽان سويٽر جا گهنج
ٺاهيا.اندران پاتل ان سويٽر مٿان، کيس خاڪي رنگ جي
اڌ ٻانهن واي بوشرٽ پيل آ. هن سويٽر جي ٻانهن ٺيڪ
ڪري، بوشرٽ جي ٻانهن کي هيٺ ڏانهن ڇڪيو. جنهن مهل
هن ٻانهن مٿي ڪيئ هئي ته بوشرٽ سندس ڍري سوٽ مان
نڪري، سندس چيلهه ۽ پيٽ کي ٻاهر جهاتيون پائڻ لاءِ
ڇڏيو هو. بوشرٽ جو هيٺيون بٽڻ ڍرو ۽ اهو سويٽر
دامن وٽان ڪجهه ويڪرو هو. هن سوٽ ۾ ٻئي، شرٽ ۽
سويٽر وڌا ۽ مطمئن انداز سان، ڊرائيور جي ڀرسان
ٽانڪيءَ تي ويهي رهيو. ٽانڪيءَ تي ويٺي، سندس وجود
جهاڪن جو شڪار هو.
سندس کيسي ۾ پيل ريزگاري، جهاڪن ساڻ ڇڻڪڻ لڳي. هن کيسي
۾ پيل رومال ويڪرو ڪري، کليل جڳهه کي ڀريو. کيسي
کي ٺاهيندي، هن ٽيڏيءَ اک سان پويان نهاريو. اتي
ويٺل اهو نوجوان اڃان به اٻهرو ٿي لڳو، حالانڪ بس
ڪافي تکي هلي رهي هئي، پر هن کي پهچڻ جي شايد اڃان
به وڌيڪ جلدي هئي.
کيس هن نوجوان جوان اکيون ڏاڍيون عجيب لڳيون هيون، کيس
الائي ڇو، پهرين سٽ ۾ ئي اهو محسوس ٿيو هو، ڄڻ
سندس جواني پورين ارڏاين سان موٽي ائي هجي.
بس ۾ الاهي رش هئي. الاهي سارا ماڻهو بيٺا هئا. روشن
هاڻي اڃان، ڀاڙو وٺي بس ڪيئ هئي. اڄ ته ڏينهن ئي
اهڙوهو: هڪ ته هفتي جي آخر، ٻيو تهوار به مٿان هو.
کيس ڪافي ڪمائي ٿي هئي.
ياد ٿو اچيس، پوين سيٽن کان جڏهن هن ڀاڙو وٺڻ شروع ڪيو
هو ته هڪ ڇوڪري چار ٽڪيٽون وٺي، هڪ پاڻ ڏانهن ۽ ٽن
اڳين همراهن ڏانهن اشارو ڪيو هو. روشن انهن ٽن ڄڻن
وٽ پهتو ته کيس ڌيان مان ڳالهه لهي وئي هئي. کانئن
ڀاڙي وٺڻ لاءِ هٿ وڌايائين ته هڪ همرهه ٽوڪ طور
ڏانهنس نهاري مرڪيو هو.
”ڊبل ڪندين ڇا؟“
روشن سڄي ڳالهه سمجهي ويو هو. بس ڪري رسمي طور معذرتي
انداز ۾ مرڪي، اڳيان نڪري آيو هو ۽ هيئنر ان کان
پوءِ سڄيءَ بس کان ڀاڙو وٺندي، سندس ذهن ۾ اهي
نظرون لهي ٿي آيون. حالانڪ اها هن لاءِ ڪا نئين
ڳالهه ڪانه هئي، پر ان ڇوڪر جون اکيون، الائي رک ۾
پيل ٽانڊا هئا. الائي....
“ٽيم گهڻو ٿيو آ؟“
خميسو، ڊرائيو کانئس پڇي ٿو
هو ڇرڪي ٿو پئي.
”سوا نو.“
هوش ۾ اچڻ تي، کيس محسوس ٿو ٿئي، بس اڌ فاصلو لتاڙي آئي
هئي. هو خميسي ڏي غور سان ٿو نهاري ۽ سوچي ٿو هڪ
ته هن به تنگ ڪيو آ، ڀلا جي هر هر بس کي نه بيهاري
ته ڇا ٿي پويس. ڪهڙو شهر مٿان ڪرندس، پر مان هي
سوچيان ڇو پيو. هي جو روڪي ٿو ته اسان ٻنهي جو ڀلو
آ. سواري چڙهي ٿي ته ڪمائي به ته اسان ٻنهي لاءِ
ئي آهي نه. پر ..... جي هر هر نه بيهي ته منهن
ڪچا، وات ڳاڙها ڇوڪرا، ائين گوڙ ڪن............ ڇو
ڪندا..........“
ڇوڪرن تي کيس الائي ڇو سويل وارو واقعو ٿو ياد اچي. هڪ
هنڌ رپئي رپئي واري سواري الاهي بيٺل هئي. خميسي
بس بيهاري هئي ته الاهي دير ٿي ويئي هئس. ۽ هلڻ ۾
دير ٿي هئي ته پويان ويٺلن مان ان ڇوڪري رڙ ڪئي
هئي.
”اڙي او برائي! اوڪنڊيڪٽر! هٿ سڪل ٿئي ڇا، جو ڌڪ نه ٿو
هڻينس.“ ۽ اتي ئي ان جي ڀر واري زور سان چيو هو:
”ادا سُڪل نه ٿس. ڏسين نه پيو، ڪرايو ڊبل جو گهري پيو.
هاڻي ڊبل ڪرايو وٺي يا بس ڊبل ڪري.“
روشن اهو جملو ٻڌي، ڄڻ ٻري پيو هو. هن بظاهر ته لنوائي
ڇڏيو هو، پر سندس اندر ڏکڻ لڳو هو.
بس هلڻ کان پوءِ هن ڀاڙو وٺي اچي ان ٽانڪيءَ تي پٿال
ماري هئي. سندس عادت ۾ هو ته هو هميشه ڀاڙو وٺي،
در وڃين وسائيندو هو. اڄ ڄڻ سندس اندر ۾ ڪا هورا
کورا هئي.
هي ڇوڪرو ڪيڏو نه ارڏو آ. ڪئين نه ڇت ڪتائيءَ سان
ڳالهائي ٿو.......... پر نه، هن عمر ۾ هر ڪوئي
اهڙو ئي هوندو آ. مان ڇا گهٽ هوندو هئم.“ کيس
جواني ياد اچڻ لڳي.
مان به ته ائين ئي ڇڙواڳ نموني ڳالهائيدو هئم. بس ۾
ويهندو هئم ته جهڙو شهزادو...... پوءِ ڪنهن جو
ڪهڙو ڌيان هوندو هئم.“ کيس ياد آيو، هڪ دفعي هن هڪ
ڪنڊيڪٽر کي دير ڪرڻ تي دٻڙاٽ پٽيو هو، ۽ پتڻ کان
پوءِ پنهنجي گهر تي لهي، کيس سوچ آئي هئي، هو ڪيئن
نه منهجا اڇليل اڱر ماٺ ڪري جهٽيندو، پاسي کان
رکندو ويو هو. شايد مجبور هئو.... پر ڪهڙي مجبوري
هئس.......مون کي وراڻيءَ ۾ ڇڙٻي به سگهيو ٿي ۽
تنهن کان سواءِ لهڻ مهل به کيس ڇنڀيو هو ۽ ان مهل
به هن مرڪي معذرت ڪئي هئي.......... ڇا هي ايترائي
مجبور هوندا آهن.........“
”پوئتي وڃ، ڦاٽڪ ٿو اچي.“
خميسو شايد هن جي حالت زار کان واقف هو. روشن هڪ دفعو
وري ڇرڪي ٿو پئي. سندس اکين ۾ ڄڻ رنگ موٽن ٿا.
ڦاٽڪ هاڻي هڪ ٻه منٽن جي مفاصلي تي هو. روشن
ٽانڪيءَ تان اٿي، ماڻهن کان پاسو وٺندو، گيٽ تي
هليو ٿو اچي.، انهن هيترن ماڻهن جي وچ مان لنگهندي
به کيس ڄڻ ان ڇوڪري جي نظرن جي تپش گرمائي رهي
هئي.
”هي ڇوٿو ائين ڏسي.........مان ڪو هن جو کاوان ٿو ڇا،
اڄ ته مون سان هن ٽڻ ٽڻ ڪئي ته مان به ڏهه
ٻڌائيندو مانس. نوڪري ٿا ڪيون ته سرڪار جي، ڪو هنن
جا ملهه ٿيل آهيون ڇا. اهي ٻيا ڪنڊيڪٽر هوندا، جي
سهي ويا هوندا.... پر....جي تون هن کي هڪ ٻه جملو
چئي وجهين ۽ هو به ڪو هٿ پير کڻي وجهي
ته.......... ته ڇا پوءِ ڏٺو ويندو......... يا
هو زور يا مان..... ۽ پوءِ جي انڪوائري ٿئي ۽ تون
لهي وڃين ته ..... پر اهو سڀ مان سوچان
پيو؟........ ائين ڇو سوچڻ لڳو آن..........،
هو ذهن جهٽڪي ٿو. خميسي بس ڦاٽڪ تي آڻي بيهاري آ. ماڻهو
لهن پيا. روشن کيسي مان ٽوڪن ڪڍي، ٽڪيٽن جا نمبر
ڏسي، انهن جو تعداد لاگ بوڪ تي لکي ٿو. اڄ شايد
هوش جاءِ تي ناهنس، خميسو در تي نهاري ٿو. روشن
هيٺ بيٺو ٿو لکي. بس هلڻ ۾ لمحن جي دير ٿئي ٿي ته
پويان ڇوڪرا ٻوڪ ٿا ڪن.
”هلي هلي.“
بس جي باڊي وڄي ٿي. روشن سٽ ڏئي چڙهي ٿو. خميسو کيس
سامهون واري آئيني ۾ ٿو نهاري. روشن در کان ٻاهر
ٿو ڏسي.
”اڳي مون به ائين ئي، ان در تي بيٺل ڪنڊيڪٽر کي لتاڙيو
هو، ۽ پوءِ ڪيئن نه هن مرڪي چيو هو: ڇا ڪيون بابل
انسان هون.......“ سڄو ڏينهن ٿا وهون، غلطي ته ٿي
ٿي وڃين نه..........“ ۽ ان کان پوءِ هن ڪيئن نه
مرڪي ڊرائيور کي ڊبل چيو هو. حالانڪ هو به سندس
اشارو ڏسي شايد لهي اچي ها. گيدي هو.... نه نه
مجبور هوندو، پر ڪهڙي مجبوري؟....“
بس مختلف اسٽاپن تي بيهي ٿي. ماڻهو لهندا چڙهندا ٿا
رهن. روشن ٽيڏي اک سان نهاري ٿو. هو ۽ سندس ٽي
دوست اڃان نه لٿا آهن، ۽ ان مهل ئي هو پنهنجين ٽن
سيٽن تان اٿن ٿا. روشن جي دل الاءِ ڇو ڌڙڪي ٿي. هو
سندس ويجهو اچي ٿا بيهن.
”استاد، سهڻل، آئيندي ڪرم ڪندا ڪيو اسان جي حال تي. هي
سڀ چاچي جا پٽ آهن اوهان جا، جو انهن کي کڻندي
کڻندي اسان جي بيخ ٿا ڪڍو. هي بسون شاگردن جون آهن
يا انهن جون!“
هو الاءِ ڇاڇا ٿو چوي. سندن اسٽاپ اچي ويو آ پريان
خميسو کين آئيني ۾ ڏسندي بس بهاري ٿو. هنن مان ٻه
لهن ٿا، اهو ڇوڪرو به کيس ڏسندي لهي ٿو خميسو،
اشاري سان هن کان پڇي ٿو....... ڇا
ٿيو؟........روشن لنوائي ٿو. ان ڇوڪري جو هڪ ساٿي
هن ڏي گهوري ٿو.
”اڙي، اسان توکي هون نه.“
روشن جي منهن تي الاءِ ڇو مرڪ تري ٿي اچي. سندس وات مان
نڪري ٿو:
”ڇا ڪيون بابل، انسان هون، سڄو ڏينهن ٿا هڻ هڻ ڪيون.
غلطي ته ٿي ٿي وڃين نه،...... ڪمايون ڪيئن، جي
انهن کي نه کڻون.“
هو الاءِ ڇا ڇا ٿا چون. روشن بس کي ڌڪ هڻي هلڻ لاءِ
اشارو ٿو ڏئي. خميسو بس ٿو هلائي. روشن محسوس ٿو
ڪري، ڄڻ سندس هٿن ۾ ڪنهن ٽانڊا رکيا هجن ۽ ڄڻ اتي
هاڻي ڦلوڪڻا ئي ڦوڪڻا هجن.
احسان
محمد دائود بلوچ
مان هينئر ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ بند ٿيو پيو آهيان، ۽ پنهنجي
زندگيءَ جي آخري گهڙين کي ڳڻي رهيو آهيان، سڀاڻي
صبح سان منهنجي زندگيءَ جي ٽمڪندڙ ڏيئي کي گل ڪرڻ
جو فيصلو ٿيندو ۽ مون کي ڦاسيءَ جي سزا ملندي،
ڇاڪاڻ ته مون دوستيءَ جي هام هنئين. مان غريب هوس،
مون هن جي احسان جو بدلو ڏيڻ ٿي چاهيو، مون احسان
فراموش ٿيڻ نٿي چاهيو. انهيءَ چڪر ۾ هتي اچي پهتو
آهيان ۽ توکي خط لکي رهيو آهيان.
* * *
توکي ته خبر آهي، مان هڪ ڪلارڪ آهيان، هڪ معمولي ڪلارڪ،
جنهنجو پگهار مهيني جي پندرهين تاريخ تائين به نه
هلندو آهي، ۽ پوءِ دڪان تان کنڌو کڻي، يارن دوستن
کان پٽ سٽ ڪري پورت ڪبي آهي. مان انهن ڪلارڪن مان
آهيان مون پنهجي وس ۽ وت آهر، توکي خوش رکڻ جي
ڪوشش ڪئي، توکي خوش رکڻ لاءِ ڪيئي حيلا هلايا.
تنگدستيءَ کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ پارٽ ٽائيم ڪم
ڪرڻ لاءِ مون محنت ڪرڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪئي، مگر
افسوس، ڪٿان به ڪو ڪم نه مليو، نه وري ڪا نوڪري
ملي. منهنجي آفيس ۾ سپرنٽينڊنٽ، سينئر ڪلارڪ ۽
ٻيا، جن وٽ سٺي ٽيبل هوندي هئي، اهي روزانه فل سوٽ
پائي، سئو سئو روپين وال وارا ڪپڙا پائي، ٽي سئو
ٽي سئو روپين وارا بوٽ پائي، آفيس ايندا هئا. ۽
مان هڪ ئي وڳي کي رات جو ڌوئي، صبح جو سوير استري
ڪري پائي، آفيس ويندو هوس. آفيس ۾ اهي دوست مون کي
چانهه پياري، ڪاغذ ٽائيپ ڪرائيندا هئا، ڊرافٽ
ٺهرائيندا هئا صرف چانهه جي ڪوپ تي. ۽ مان انهن جو
ڪم خوشيءَ سان ڪندو هوس.
منهنجي پياري! هڪ دفعي جڏهن توکي ويم جا سور هئا ۽ مان
موڪل وٺي ڳوٺ آيو هوس، پوءِ جڏهن داين جواب ڏيئي
ڇڏيو، ته ٻار شايد پيٽ ۾ مري ويو آهي ۽ هي ويم
اسان کان زور آهي، هن کي حيدرآباد اسپتال کڻائي
وڃو. تڏهن منهنجي اڌ ڌڙ مان ساهه نڪري ويو منهنجو
مٿو ڦرڻ لڳو، منهنجا حوصلا خطا ٿيڻ لڳا، ڪابه
ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي ، منهنجي پياري! توسان
مون کي ڪيتري نه محبت هئي ۽ آهي. اها محبت مان هن
مهل دهرائڻ نٿو چاهيان. توکي اها به خبر آهي ته
تون ئي منهنجي زندگي آهين. تون ئي منهنجي زندگي
آهين، تون ئي منهنجي رفيق حيات آهين. تون ئي متاع
حيات آهين. پوءِ منهنجي ذهن ۾ پتي ڪتي واري ڊوڙ
شروع ٿي. خميسي کي چوان، پر انڪار ڪري ته پوءِ.
قاسم کي چوان، نه هجنس ته پوءِ ائين پور پچائيندو،
پاڻ کان سوال ڪندو ۽ پاڻ ئي سوالن جا جواب ڏيندو
رهيس اوچتو تنهنجي ڪيڪن جو آواز ڪنن تائين پهتو ٽپ
ڏيئي، اٿي کڙو ٿيس هڪدم سوچيم ته ڇو نه وڏيري
جيئندي خان کان جيپ وٺي، توکي حيدرآباد کڻائي
وڇان. باقي بيل گاڏيءَ جي رينگٽ، لوڏن ۽ ڪچن رستن
جي جهاڪن ۾ پڪي رستي تائين پهچڻ کان اڳ، تنهنجو
الائي ڪهڙو حال ٿيندو. هڪ اميد جو ترو رو نظر آيو.
ڀڄندو ڀر واري ڳوٺ ۾ وڏيري جيئندي خان وٽ ويس. دل
۾ اهي وهم ۽ وسوسا ته الئي ڏيندو يا نه. جيپ اٿس،
الائي وڪڻي ڇڏيائين. مون کي ساڻس ملئي گهڻو وقت
ٿيو هو. جيئندو خان ڦٽين جو زميندار هو. هر سال
ڦٽين لهڻ مهل جيپ خريد ڪندو هو. حيدرآباد جي دلالن
وٽ پيو چڪر ڏيندو هو ۽ ڍل ڏيڻ مهل ساڳي جيپ اڌ
ملهه ۾ وڪڻي ڍل ڏيندو هو. خدا ڪري شل جيپ هجيس ۽
ڏئي به. ائين ٻه ٽي دفعا آفيس ۾ ڪم سان آيو هو ته
مون سندس سٺي خاطري ڪئي هئي. ڪاغذ به ٺهرائي
ڏنامانس. اهي ويچار ويچاريندو، مان وڏيري جيئندي
خان جي اوطاق تي پهتس. وڏيرو ويٺو هو، خوش ٿي
مليو. سربستو احوال ڏنو مانس. چيائين:
”اڪبر، هن موقعي تي به جيڪڏهن مان تنهنجي ڪم نه ايندس،
ته وري ڪڏهن ڪم ايندس. اهي مهلون به مڙسن تي
اينديون آهن.“ ڊرائيور کي رڙ ڪري چيائين: ”شير
علي! گاڏي تيار ڪر.“ پوءِ کيسي ۾ هٿ وجهي سئو
روپيا ڪڍي مون کي ڏنائين ته توکي ضرورت پوندي.
پوءِ ته ڄڻ مون کي خريد ڪري ڇڏيائين. اکين مان شڪر
گذاريءَ جا ڳوڙها، روڪيندي به نه رڪيا ۽ ڳڙي پيا
گلو ڀرجي آيم سوچيم ته هن جوان جي ڪهڙن لفظن ۾ شڪر
گذاري ڪريان ڀريل گلي سان ڪجهه چئي ڪو نه سگهيس.
فقط هٿ جوڙ ڪري ”مهرباني“ چيم.
جيئندي خان ڳراٽڙي پائي چيو:
”دل نه لاهه، جيڪڏهن ڪو ڪم هجي ته بي فڪر ٿي هليو اچ.“
مان جيپ ۾ چڙهي ڳوٺ پهتس اتان توکي کڻائي حيدرآباد
آياسين. اسپتال ۾ داخلا ملي ويئي، ڇو ته ڪيس ئي
اهڙو هو. ليڊي ڊاڪٽر سخت ناراض ٿي چوڻ لڳي:
”هينئن ماڻهو ماري پوءِ کڻي ٿا اچو، ان جو اسين ڪهڙو
علاج ڪريون.“
مان صرف هٿ جوڙ ڪري پيو سگهان. نيڻن مان نير جاري، گلي
مان آواز نه نڪري. ليڊي ڊاڪٽر چيو: ”هڪ انسان جي
زندگيءَ جو سوال آهي، پر رت جي ضرورت پوندي رت ڪير
ڏيندو؟“ مون پنهنجي ڏٻري جسم کي ڏسي چيو:
”مان ڏيندس.“
”تو وٽ رت ڪٿي آهي.“
”تنهنجو رت ٺيڪ نه آهي. مڙس جو رت زال کي ملندو ته ڀاءُ
ڀيڻ ٿي پوندا.“ اسان سان گڏ آيل سوٽ چيو.
اتي شير عليءَ رڙ ڪئي:
”سائين آءٌ رت ڏيان.“
”واهه شير علي واهه! جيئندا خان واقعي مڙس آهين“. اهي
جي شهرن ۾ ويهي وڏيرن جي ظلمن جو داستان بيان ڪندا
آهن ته وڏيرا هارين تي ظلم ڪندا آهن انهن کي هڪڙي
ڪني گار دل ئي دل ۾ ڏيئي ڇڏيم. ”واهه جيئندا خان،
تو جهڙا جوان ڪٿي.“
سوٽ چيو: ”مان رت ڏيان ٿو.“
ائين تنهنجي حياتي بچي، ٻارڙو ته اڳ ۾ ئي ختم ٿي چڪو
هو.
انهيءَ ڳالهه کي ٻه مهينا گذري چڪا هئا. هڪ ڏينهن وڏيرو
جيئندو خان آفيس ۾ مون وٽ آيو. جنهن وقت منهجي نظر
مٿس پئي، ٽپ ڏيئي وڃي ڀاڪر پاتومانس، اها جاءِ نه
ملي جتي وهاريانس. سڀني سان سندس تعارف پيو
ڪرايان. چانهه ڪيڪ جا دور هليا. جيئندو خان گهڻيءَ
دير تائين مون وٽ ويٺو رهيو. اهڙي جوان جي چاڪري
ڪيئن نه ڪجي، جنهن اهڙو قرب ڪيو. ان وقت به مون وٽ
پئسو ڪو نه هو، پر هوٽل واري سان کنڌو هلندڙ هو.
ڪجهه وقت کان پوءِ جيئندي خان چيو: ”هاڻي موڪل وٺ ته
هلي ڪجهه خلاصي ڪچهري ڪريون.“ مون موڪل ورتي. جيپ
۾ چڙهي هوٽل ۾ پهتاسون. گرميءَ جا ڏينهن هجن،
وڏيري آئسڪريم جو آرڊر ڏنو. پوءِ هن چيو: ”مون کي
صلاح ڏي ۽ تنهنجي مدد به گهرجي.“
”حڪم ڪريو.“
”اڪبر، ڪراچيءَ مان دلالن جي معرفت هڪڙي شادي ڪريان ٿو.
ائين ته ٻه شاديون اڳ ۾ ڪيل اٿم، پر ڪا شهر پدمڻي
کپي. تمام گهڻي ملڪيت واري آهي، لکاپتي آهي، صرف
هڪ ماءُ اٿس. هو چاهين ٿا ته ڪو زميندارهجي، جنهن
سان مائٽي ٿئي، جيڪو مڙس ماڻهو هجي. شهر جي ڇوڪرن
کان بيزار آهن، ڇو ته شهري ڇوڪرا روز نئين ڪاليجي
ڪڪيءَ جي پٺيان ڊوڙڻ، چلولا، ڪڏهن ڪهڙا خيال ته
ڪڏهن ڪهڙا خيال مون پنهنجي حثيت کان وڌيڪ ڏيکاءُ
ڏنو آهي. حيدرآباد ۾ هڪڙو بنگلو مسواڙ تي ورتم،
چيم ته پنهنجو آهي. ڳوٺ ۾ پنهنجو بنگلو به ڪو گهٽ
ڪو نه آهي. جيپ تي کين ڳوٺ وٺي ويس، ڀر پاسي جي
سموري زمين کين ڏيکاريم. پنهنجي ۽ پرائي زمين لاءِ
کين ٻڌايم ته منهنجي آهي. ڪري ته شهر جي ڪا حور
ملي ۽ بس.“
”هنن وٽ واقعي ڪا ملڪيت آهي يا رڳو اوهان وارو ڏيکاءُ
اٿن.“
”هو ملڪيت وارا آهن، اها خاطري اٿم.“
”مان اوهان سان ٻڌل آهيان، ڪنهن به وقت حڪم ٿئي ته حاضر
ٿيندس.“
”گهٽ ۾ گهٽ ڏهن لکن جو شڪار آهي. توکان ڇا لڪايان. ڪنهن
به وقت ضرورت پئيي ته تو وٽ هليو ايندس. پنهنجو
آهين، ڳوٺ جو آهين، چيم توکي اڳواٽ ٻڌائي ڇڏيان.“
پوءِ چيائين: ”بک لڳي آهي، ڪافي وقت گذري ويو آهي.“ مون
موڪلائڻ جي ڪئي. چيائين: ”چريو آهين ڇا.“ پوءِ
آرڊر ڏنائين، ماني کائي بس ڪئيسين. بل آيو اسي
رپيا پنجاهه پئسا. منهجو وات ڦاٽي ويو. هڪ ئي ويلي
تي ايترو خرچ! پر ڪهڙي پرواهه آهي، اڃا تازو ڦٽيون
لٿيون آهن. موڪلائي جدا ٿياسين.
اٽڪل ڇهن مهينن بعد هڪ ڏينهن وري جيئندو خان آيو.
چيائين:
”شاباس هجيئ، شاديءَ جي مبارڪ ڏيڻ به نه آئين.“
مون کانئس معافي ورتي، ۽ کيس پنهنجي مجبوري ٻڌايم ۽
کانئس خبر چار پڇيم ته ڪيئن آهيو.
چيائين: ”چئن زالن واري کان خوش آهيان، هنن گهٽ ۾ گهٽ
ڏهن لکن روپين جي ملڪيت ڏني آهي، جنهن ۾ زيور سون،
روڪڙ، بنگلو، زمين ۽ ڪار وغيره تنهن کان سواءِ
ضرورت ۽ عيش آرام جو هر سامان موجود آهي. مون به
حق مهر ۾ پنجاهه هزار رپيا، ڪار، بنگلو ۽ پنج سو
ايڪڙ لکايا، پر هن وٺڻ کان انڪار ڪيو. هن جي ماءُ
چيو:
”اسان جي نياڻي سکي رهي، اسان کي ڪجهه به نه گهرجي.“
پر هنن هڪڙو شرط رکيو ته جيڪڏهن ڇوڪري خوش نه رهي يا
طلاق ڏنئي ته ڏيج ۾ ڏنل سموري رقم، زمين، ڪار،
روڪڙ ۽ زيور وغيره واپس ڪندين ۽ مون اهو شرط قبول
ڪيو.
”پوءِ.“
”پوءِ شادي ٿي گذري. توکي خبر آهي ته اسين وڏيرا
ويچارين ڳوٺاڻين گگدامن کي حويليءَ ۾ بند ڪيو ويٺا
آهيون اهي ويچاريون ته ڊپ کان ڪڇن ئي ڪونه. ٻه ٽي
مهينا ته ٻن زالن کي لڪايم. هن جون فرمائشون، ڪڏهن
ڪراچي جا چڪر ته ڪڏهن حيدرآباد جون هوائون، ڪڏهن
فلم ته ڪڏهن سير تفريح. آخر ڳوٺاڻن ۾ اچي چوپچو
شروع ٿي: ”وڏيرو نئين زال جي پٺيان بلڪل ڇيلو ٿيو
پيو هلي.“ آخر سوچيم ته مڙس آهيان. هينئر سموري
زمين، نقدي، ڪاغذ ۽ دستاويز وغيره سڀ مون وٽ آهن.
هاڻي مون کي ڇا ڪندي.
هڪ ڏينهن دل جهلي کيس ٻڌايم ته منهنجون اڳ ۾ ٻه زالون
آهن، اکين سان ته اڳ ۾ ڏٺيون هئائين. منهنجو ايترو
چوڻ ۽ هوءَ منهن مٿو پٽڻ، دانهون ڪرڻ، ڪرم ڪٽڻ ۽
ڪپڙا ڦاڙڻ لڳي. پوءِ ته روز روز جي مصيبت شروع ٿي.
جهيڙا، جهڳڙا، گاريون، روئڻ پٽڻ، ماڻهو کڻي
کلايائين. چوي ٿي ته مون کي طلاق ڏي.
”پوءِ.“
”جيڪڏهن طلاق ڏيندس ته بدنامي ٿيندي، سموري ملڪيت تان
هٿ ڌوئي وهندس ۽ مون وٽ ڪوڏي به ڪانه بچندي.“
”جيڪڏهن هوءَ خود طلاق وٺندي ته انهيءَ صورت ۾ کيس ڪجهه
به ڪو نه ملندو.“
”ملي يا نه ملي، پر مون کي ائين ڪرڻو ڪونه آهي. ڪير پيو
ڪورٽن ۽ وڪيلن جا در کڙڪائي. هاڻي توکي صرف هڪڙو
عرض آهي ته هفتي کن لاءِ تو وارو ڪوارٽر مون کي
ڏي. زال وٺي اچي اتي رهان، تنهائيءَ ۾ کيس
سمجهايان. رهڻ لاءِ هوٽلون به آهن، پر ڪير پيو زال
سان دربدر ٿئي. وڏيرو ماڻهو هر هڪ پيو سڃاڻي ته
پنهنجو بنگلو نٿو وٺي، هوٽل ۾ زال سميت ترسيو پيو
آهي. تون شهر جي ٻهراڙيءَ ۾ رهيو پيو آهين، هتي
اسين خوش هونداسين، نه ڪو ايندو نه ڪو ويندو، ٻه
ٽي ڏينهن رهي ته دماغ ٺڪاڻي اچيس.“
مون سوچيو ته مان ڪٿي وڃي رهندس، پر هن جوان جو ڪيل
احسان اکين آڏو تري آيم. سندس احسان لاهڻ جو گهٽ ۾
گهٽ ڳائڻ جو هي سٺو وجهه مليم.مون دل ئي دل ۾
فيصلو ڪيو. مون کي سوچ ۾ پيل ڏسي وڏيري مون کي به
سئو رپيا ڪڍي ڏنا ۽ چيائين:
”في الحال تون وڃي ڪنهن دوست سان، يا ڪنهن هوٽل ۾ رهه،
منهنجي زال خوش رهي ته پوءِ ڪجهه وقت وڌيڪ رهندس،
توکي ڪنهن به وقت پئسن جي ضرورت پوي ته هڪدم هليو
اچ.“
مان انڪار ڪري نه سگهيس مون وڃي هڪڙي دوست کي عرض ڪيو:
يار، ٻه ٽي ڏينهن قرب ڪر، ڳوٺان مهمان آيل آهن. هن
دوست به انڪار نه ڪيو ۽ مان وڃي هن سان گڏ رهڻ
لڳس.
هفتي کن کان پوءِ هڪ ڏينهن اوچتو انسپيڪٽر، صوبيدار،
پوليس جي اٽالي سان آفيس ۾ اچي پهتو. وڏيرو جيئندو
خان ساڻن گڏ هو. مون سمجهيو ته سندس دوست آهن.
جئين ڪرسيءَ تان اٿي کيس ڀاڪر پائڻ جي ڪيم ته
ايتري ۾ چيائين:
انسپيڪٽر صاحب، هي آهي اهو اڪبر، جنهن جي ڪوارٽر ۾ اسين
اچي مهمان ٿي رهياسين ۽ رات منهنجي غير حاضريءَ جو
فائدو وٺي هن منهنجي گهرواريءَ کي قتل ڪيو. ٿي
سگهي ٿو ته هن پهريائين دست درازي ڪئي هجي، ۽ پوءِ
هن کي پنهجي راهه تان هٽائڻ لاءِ جيئن راز فاش نه
ٿئي، هن گهٽا ڏيئي بيدرديءَ سان منهنجي زال کي ختم
ڪيو.“
انسپيڪٽر اسان جي صاحب کي چيو: ”سائين معافڪجو، مسٽر
اڪبر اسان کي خون جي جاچ ۾ گهربل آهي.“ ائين چئي
هن مون کي هٿڪڙيون هنيون ۽ جاءِ واردات تي وٺي
هليو.
مون اتي ڏٺو: هن جي خوبصورت زال کي منهن ۾ ڪافي ڌڪ لڳل
هئا، نڪ ۽ وات مان ڪافي رت وهيل هوس، ڌڪن جي جاءِ
، منهن ۽ ڳچيءَ ۾ ڌڪن ۽ گهٽن جا نيرا داغ ٿي پيا
هئا. هن جا ڪپڙا ڦاٽل هئا، ڄڻ ڪافي ويڙهه ٿي هجي.
جيئدي خان سڀني جي اڳيان روئيندي اکيون مهٽيندي چيو:
”اڪبر! تون ڳوٺ جو هئين، آئون وڏيرو آهيان مون وٽ ڪهڙي
ڪمي آهي. جيڪڏهن تون ناراض هئين ته اسان کي منٿ
ڪري هتي نه رهائين ها. مون کي رهڻ لاءِ سوين جايون
هيون. واهه جو مهمان نوازيءَ جو حق ادا ڪيئي
منهنجو گهر تباهه ٿي ويو. هاءِ منهنجي مٺڙي ڪنوار!
اڃان ته سندس هٿن تان شاديءَ جي ميندي به نه لٿي
آهي.“ ائين چئي هو وري اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو.
مان حيران پريشان وائڙن وانگر وات پٽيو، ڪڏهن وڏيري کي،
ڪڏهن لاش کي ۽ ڪڏهن صوبيدار کي ڏسندو رهجي ويس، ۽
پوءِ جيل روانو ڪيو ويس.
هن جي هٿ ۾ پئسو هو، هن جا سوين شاهد ٿيا، پوليس سندس
مددگار هئي. مان اڪيلو، تن تنها، مسڪين، بي يارو
مددگار هوس، ۽ اڄ تائين جيل ۾ سڙندو رهيو آهيان.
چوندا آهن ته سچ جي ٻيڙي لڏندي آهي، پر ٻڏندي نه
آهي پر وڏيري بدران منهنجي ٻيڙي غرق ٿي ويئي.
منهنجو سڀڪجهه تباهه ٿي ويو، منهنجي زندگي زهر
بنجي ويئي، پر ان سان گڏ توکي به راهه ۾ رلائي
وڃان ٿو. منهنجي پياري! مان بي قصور آهيان. قاتل
وڏيرو آهي، هن دولت جي لالچ ۾ پنهجي زال جو خون
ڪيو، مگر ڦاسيءَ کان بچڻ لاءِ هن مون مسڪين کي موت
جي منهن ۾ ڏنو. خبر ناهي، حقيقت ڪڏهن حقيقت ثابت
ٿيندي. جيستائين سچ، سچ ثابت ٿئي تيستائين اهوسچ
منهنجي ڪهڙي ڪم جو. جڏهن آءٌ ئي نه هوندس! |