پنجين موسم
امرجليل
مان تمام تيزيءَ سان ڊوڙندو پئي ويس اوچتو ڪنهن جي روئڻ جو آواز
ٻڌي بيهي رهيس.
ان وقت مان مارگله ٽڪرين جي هنج ۾ گهاٽي جهنگ مان ڊوڙندو
پئي ويس. مان ان ڪري پئي ڊوڙيس، جو موت منهنجو
پيڇو ڪري رهيو هو ڊاڪٽرن چيو هو، جيستائين ڊوڙندو
رهندين، جيئرو رهندين ڊوڙندين نه، ته وقت کان اڳ
مري ويندين مان وقت کان اڳ مرڻ نٿو چاهيان مان مرڻ
کان اڳ کليل اکين سان جا ڳندي هڪ خواب ڏسڻ جو
خواهشمند آهيان اصل ۾ هڪ خواب خاطر مان گهاٽي،
اونداهي جهنگ ۾ ڊوڙندو رهندو آهيان اسلام آباد
گڙنگ ڪامورن،سرمائيدارن ۽ اڇن ڪارن سفارتڪارن جو
شهر آهي. ان قسم جا ماڻهو گهڻو ڪري دل جي بيمارين،
مٺن پيشابن ۽ ٿولهه جي مرض ۾ مبتلا هوندا آهن هو
به موت جي ڊپ کان ڊوڙندا رهندا آهن سندن ڊوڙڻ لاءِ
خاص رستا ۽ جهنگ مان گذرندڙ پيچرا ٺاهيا ويا آهن
شام ٿينديئي سنهڙين ٽنگن ۽ پخال جهڙن پيٽن وارا
گنجا انهن پيچرن تي ڊوڙندي ۽ سهڪندي نظر ايندا
آهن. مان نه ڪامورو آهيان نه سرمائيدار آهيان ۽ نه
ئي سفارتڪار آهيان مان تنهن هوندي به ڊوڙندو رهندو
آهيان مان سمهي نه سگهندو آهيان. جا ڳندو رهندو
آهيان. کليل اکين سان هڪ خواب ڏسڻ جي تمنا ۾
جاڳندو رهندو آهيان ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي هت مون جهڙا
سودائي وقت کان اڳ مري ويندا آهن مان وقت کان اڳ
مرڻ نه ٿو چاهيان وقت کان اڳ مرڻ وارا هميشه لاءِ
نه مرندا آهن هو عارضي طرح مري ويندا آهن کليل
اکين سان هڪ خواب ڏسڻ جي آرزوءَ ۾ هو ٻيهر جنم وٺڻ
جي حق ۾ نه آهيان جواب منهنجو نرواڻ آهي. مان هن
جنم ۾ ئي کليل اکين سان هڪ خواب ڏسڻ جو خواهشمند
آهيان هڪ خواب خاطر مان ڪامورن جي امير پرور شهر
اسلام آباد ۾ ڊوڙندو رهندو آهيان.
هيءَ گذريل هفتي جي ڳالهه آهي_ مارگله ٽڪرين جي هنج ۾
گهاٽي جهنگ مان گذرندڙ پيچري تان مان ڊوڙندو پئي
ويس_ وچ جهنگ ۾ جتي بڙن جا قديم وڻ آهن ۽ بڙن جي
سڪل ٽارين تي سج لٿي مهل چٻرا اچي ويهندا آهن، مون
ڪنهن جي روئڻ جو آواز ٻڌو__ ڊوڙندي ڊوڙندي مان
بيهي رهيس، ۽ روئڻ جو آواز ٻڌڻ لڳس ڪو هنجون هاري
روئي رهيو هو، سڏڪي رهيو هو مون هيڏانهن هوڏانهن
ڏٺو، پر روئڻ وارو شخص مون کي نظر نه آيو مون دل ۾
الله سائين جا لک ٿورا مڃيا ته روئڻ جو آواز ڪنهن
مرد جو هو: عورت جو نه هو عورت جو آواز هجي ها ته
پوءِ مان جيڪر هڪ کن لاءِ اتي نه ترسان ها، ۽ کيس
ڏائڻ سمجهي ڀڄي وڃان ها مان ڏائڻين کان ڏاڍو ڊڄندو
آهيان اسلام آباد ۾ آدمخورن کان سواءِ ڏائڻيون به
چڱي چوکي تعداد ۾ آباد آهن. جڏهن به مان ڪنهن ڏائڻ
کي بيوٽي پارلر ۾ داخل ٿيندي، يا بيوٽي پارلر مان
ٺهي ٺڪي ٻاهر ايندي ڏسندو آهيان تڏهن منهنجو ساهه
وڃي پيرن ۾ پوندو آهي ۽ پير وڃي ساهه ۾ پوندا آهن
مون جهنگ ۾ اڪثر چٻرن کي موت جي ڊپ کان ڊوڙڻ وارن
جي حال تي کلندي ڏٺو آهي جهنگ ۾ روئڻ جو آواز ٻڌي
سوچيم، ضرورڪو دانشور چٻرو آهي، ۽ ماڻهن جي حال
تان کلڻ بدران روئي رهيو آهي، ۽ اهڙي طرح چٻرن جي
تاريخ ۾ نئين باب جو اضافو ڪري رهيو آهي.
مون ڪنڌ مٿي ڪري بڙ جي ٽارين تي ويٺل چٻرن ڏانهن ڏٺو
چٻرا هميشه وانگر کلي رهيا هئا ڪو به چٻرو مون کي
روئيندي نظر نه آيو.
مون وڏي واڪ چيو، ”ابا روئڻا، تون ڪٿي آهين؟ مون کي نظر
ڇو نه هو اچين؟“
سڏڪن هاڻو آواز آيو، ”افسوس، اي رحم دل انسان تون مون کي ڏسي نه
سگهندين“
”ڇو ڏسي نه سگهندس؟“ پڇيم، ”تون جن، يا ٻي ڪا غيبات
آهين ڇا؟“
”نه مان جن وغيره نه آهيان“ هن روئڻهارڪي لهجي ۾ چيو
”تون جنهن وڻ جي ٿڙ وٽ بيٺو آهين. مان ٿڙ جي ٻئي
پاسي ويٺو آهيان.
هڪڙي چٻر زور سان ٽهڪ ڏنو
مون روئڻي کي چيو، ”تنهنجو ڏک سور معلوم ڪرڻ ۽ توکي ڏسڻ
لاءِ مان ٿڙ جي ٻئي پاسي اچي رهيو آيهان تنهنجي
روئڻ مون کي به روئڻهارڪو ڪري وڌو آهي“
مان ڦيرو کائي ٿڙ جي ٻئي پاسي کان وڃي بيٺس مون کي تعجب ٿيو ٿڙ
جي ٻئي پاسي ڪو به نه هو روئڻ جو آواز بدستور اچي
رهيو هو مون کي ڪجهه ڪجهه ڪاوڙ لڳي.
چيم، ”اجايو چرچا نه ڪر تون ته هتي به موجود نه آهين“
جواب آيو، ”هينئر مان ٿڙ جي ٻئي پاسي وڃي ويٺو آهيان
مان جهڙي حال ۾ آهيان، تنهنجي سامهون نه ايندس مان
نه ٿو چاهيان ته تون مون کي ڏسين“
”توکي ڇو نه ڏسان!“ کانئس پڇيم، ”يار، تون اگهاڙو ته
ناهين!“
”نه“ هن روئڻي چيو، ”مون کي ڏسي تون ڊڄي ويندين“
”ڇو ڊڄي ويندس!“ کانئس پڇيم، ”ٻن بدران چار ٽنگون
اٿيئي ڇا؟“
هٻڪندي هٻڪندي چيائين، ”ها“
پڇيو مانس، تون ڪٿي ڪو جانورن جو مائٽ ته نه آهين؟
هن روئيندي چيو، ”مان هڪ خونخوار جانور آهيان“
ته پوءِ مڙيوئي خير آهي چيم، ٽيليويزن تي روزانو قسمين
قسمين جانور ڏسڻ کان پوءِ اسان جانورن کان ڊڄڻ ڇڏي
ڏنو آهي توکي ڏسڻ لاءِ مان ٿڙ جي ٻئي پاسي اچي
رهيو آهيان خدا جي واسطي مون کي گوهي نه ڏجاءِ“
مان هڪدم ڦيرو کائي ٿڙ جي ٻئي پاسي کان وڃي بيٺس ڏٺم ته
هڪ شينهن ٿڙ کي ٽيڪ ڏيئي ويٺو هو ۽ هنجون هاري
روئي رهيو هو مون زندگيءَ ۾ پهرين دفعي ڪنهن شينهن
کي روئيندي ڏٺو هو. ۽ هنجون هاري روئي رهيو هو.
مون زندگيءَ ۾ پهرين دفعي پنهنجين اکين تي اعتبار
ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي هڪ دفعي اسلام آباد ۾ مون هڪ بي
انتها سهڻي ڇوڪري گهمندي ڦرندي ڏٺي هئي هوءَ
هميشه پنهجين ڇهن ڀينرن سان سير سپاٽا ڪندي هئي، ۽
هونڊا سوڪ ڪار ۾ گهمندي رهندي هئي هوءَ ڇهن ئي
ڀينرن کان تمام ننڍي لڳندي هئي مان مٿس آڪن ڇڪن ٿي
پيس سوچيم، ڪجهه به ٿي پوي، نه مڙندس، ساڻس شادي
ضرور ڪندس! پوءِ، جڏهن پڇا ڳاڇا ڪرايم، تڏهن خبر
پئي ته هوءَ ڇهن ڇوڪرين جي ننڍي ڀيڻ نه هئي هوءَ
ڇهن ڇوڪرين جي وڏي ڀيڻ به نه هئي. هوءَ ڇوڪرين جي
ماءُ به نه هئي ڇوڪرين جي ماءُ مري ويئي هئي هوءَ
ڇهن ئي ڇوڪرين جي ناني هئي، پر پريان ڇهن ئي
ڇوڪرين جي ننڍي ڀيڻ لڳندي هئي مان سمجهان ٿو، ان ۾
سمورو ڏوهه ويچارين اکين جو به نه آهي جڏهن به
پنجين موسم ماحول تي ڇانئجي ويندي آهي، تڏهن اسين
جيڪي ڪجهه ڏسندا آهيون، سو اصل ۾ اهو نه هوندو
آهي، جيڪي اسان کي نظر ايندو آهي؛ ۽ اصل ۾ جيڪي
ڪجهه هوندو آهي، سو اسان کي نظر نه ايندو آهي.
مون کي شينهن جي هئڻ تي شڪ ٿيڻ لڳو. سوچيم، هيءُ ضرورڪو
ٻڪر آهي، ٻڪر جو پٽ آهي، يا ٻڪر جو پيءُ آهي، ۽
شينهن جي کل پائي قاصائين کان بچڻ جي اٽڪل ڪري
رهيو آهي مان سوچ ۾ گم سم هيس، جو شينهن چيو،
”توکي چيو هوم نه، ته مون کي ڏسي ڊڄي ويندين.“
”اهڙي ڪابه ڳالهه ڪونهي“ چيم، ”اصل ۾ مان تنهنجي باري ۾
سوچي رهيو هوس“.
پڇيائين، ”منهنجي باري ۾ ڇا پئي سوچيئه؟“
چيم، ”سوچيم پئي ته ، بظاهر ته تون ڏسڻ ۾ هوبهو ببر شينهن جهڙو
آهين، پر اصل ۾ ڪير آهين؟“
گجگوڙ ڪندي چيائين، ”مطلب جي ڳالهه ڪر“
چيم، سوچيان پيو ته تون سچ پچ شينهن آهين، يا شينهن جي
کل ۾ ٻڪر آهين، ٻڪر جو پيءُ آهين، يا گدڙ آهين!“
”اجائي يخي نه هڻ“ شينهن ناراض ٿيندي چيو، ”مان اصلي ۽
خالص شينهن آهيان منهنجي کل ڇڪي ڏس“
”معاف ڪجانءِ يار اصلي شينهن“ چيم، ”ڏوهه منهنجو به
ڪونهي! اصلي شينهن کي مون هميشه پڃرن ۾ بند ڏٺو
آهي تون پهريون شينهن آهين جنهن کي مون آزاد
گهمندي بلڪ روئيندي ڏٺو آهي“.
”مون کي خبر آهي، مون کي خبر آهي“ شينهن گجگوڙ سان روئڻ
لڳو چٻرا بڙ جي ٽارين تان اڏامي ويا.
چيم، ”تنهنجي روڄ راڙي مان ڪجهه هڙ حاصل نه ٿيندو تون
جيڪڏهن سچو پچو شينهن آهين، ته پوءِ هڪ نه هڪ
ڏينهن پڃرن ۾ بند ڪيو ويندين تون وڌيڪ عرصي تائين
آزاد گهمي ڦري، بلڪ روئي به نه سگهندين“.
”مان پڃرن کان نه ٿو ڊڄان“ شينهن پنهنجي چنبي سان نڪ
اگهندي چيو، ”بس، مان سرڪس وارن کان، بلڪ سرڪس
وارن جي رنگ ماسٽر کان ڊنل آهيان“
چيم، ”ڏاڍي عجيب ڳالهه ڪئي اٿئي“.
شينهن گجگوڙ واري نوع ۾ روئيندي چيو، ”مان رنگ ماسٽر جي اشارن
تي ڪرتب ڏيکاري نه سگهندس اسٽول تي ويهي تماشائين
کي سلام ڪري نه سگهندس مان خودڪشي ڪندس“
ان کان اڳ جو مان شينهن کي دلداري ڏيان؛ شينهن چيو،
”تون جيڪڏهن چاهين ته منهنجي مدد ڪري سگهين ٿو“
”ڪهڙي قسم جي مدد؟“ مون کانئس پڇيو.
شينهن چيو، ”مون کي خدا جي واسطي هڪ ٻڪر يا ڪنهن گدڙ جي
کل آڻي ڏي“ ”ڇاجي لاءِ؟“ مون تعجب وچان پڇيو.
وراڻيائين، ”توهان ماڻهنجي معاشري ۾ گدڙن ۽ ٻڪرن جو قدر
آهي، شينهن جو نه مون کي خدا جي واسطي ٻڪر يا گدڙ
جي کل آڻي ڏي مان گدڙ يا ٻڪر ٿي جيئرو رهندس، ۽
قوم ۽ ملڪ جي خدمت ڪندس“
شينهن جي قومي جذبي کان مان ڏاڍو متاثر ٿيس. چيم،
”تنهنجي قومي جذبي کان مان ڏاڍو متاثر ٿيو آهيان
تون دنيا جو واحد شينهن آهين، جنهن ٻڪر يا گدڙ ٿي
قوم جي خدمت ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي مان توکي
سلام ٿو ڪريان، ۽ واعدو ٿو ڪريان ته سڀاڻي شام
تائين توکي ٻڪر يا گدڙ جي کل آڻي ڏيندس ته جيئن
تون قوم ۽ ملڪ جي خدمت ڪري سگهين“
شينهن ڇڪي مون کي ڇاتيءَ سان لاتو چيائين، ”مان تنهنجو
انتظار ڪندس، پرديسي بابو“
چيم، ”اهو ڊائلاگ تنهنجي واتان بنهه نه ٿو ٺهي اهو ڊئلاگ ڪنهن
درد ناڪ فلم ۾ پهاڙي حسينه جي واتان ٺهندو آهي.“
ان کان پوءِ اسان ٻنهي هڪ ٻئي کان خدا حافظ چئي
موڪلايو.
مان وري جهنگ ۾ ڊوڙڻ لڳس ڊوڙندي ڊوڙندي مان شينهن لاءِ
ڪنهن ٻڪر يا گدڙ جي کل هٿ ڪرڻ لاءِ ترڪيون سوچيندو
رهيس اوچتو مون کي ياد آيو ته ڪيترائي قاصائي
منهنجي مامي جا جگري دوست آهن کانئن هڪ ٻڪر جي کل
هٿ ڪري سڀاڻي شام تائين شينهن کي پهچائيندس مون
سوچيو، ان نيڪ ڪم ۾ مون کي دير نه وجهڻ گهرجي
پنجين موسم ۾ شينهن گهڻي وقت تائين آزاد گهمي نه
سگهندا آهن پنجين موسم ۾ شينهن پڃرن ۾ بند ٿي
ويندا آهن؛ يا سرڪس وارن کي هٿ لڳي ويندا آهن، ۽
پوءِ رنگ ماسٽر جي اشارن تي ڪرتب ڏيکاريندا آهن
مون کي شينهنجي حال تي ڏاڍو رحم آيو۔
پنهنجي گهر بدران مان ڊوڙندو سڌو پنهنجي مامي جي گهر
ويس منهنجو مامو ٽن ٽنگن واري ڪرسيءَ تي ويٺو هو،
۽ آواز بند ڪري ٽيليويزن تان خبرون، يا خبرون
ٻڌائڻ واريءَ کي ڏسي رهيو هو.
مون کي ڏسندي مامي نه پڇيو، ”اڄ وري ڪهڙي ماليخوليائي
خبر کڻي آيو آهين“
”اڄ مون هڪ شينهن کي روئيندي ڏٺو آهي“ ان کان پوءِ مون
مامي کي شينهن سان پنهنجي ملاقات ۽ سموري گفتگوءَ
جو سربستو احوال ڏنو.
”اجائي بڪ ٿو ڪرين“ .مامي سخت ڪاوڙ وچان چيو، ”جاڳندي
هڪ خواب ڏسڻ جي تمنا توکي پاڳل ڪري ڇڏيو آهي“
”مان پاڳل نه آهيان، ماما“ مون آهستي چيو، ”جڏهن پنجين
موسم ايندي آهي، تڏهن ماڻهو مون وانگر محسوس ڪرڻ
لڳندا آهن.“
”اڙي ڪهڙي پنجين موسم!“ مامي ڪاوڙ وچان ڪنبندي چيو،
”تون چريو ٿي پيو آهين مان توکي گدو بندر موڪلي
ڇڏيندس“.
”جيڏانهن وڻيو مون کي موڪلي ڇڏجو“ چيم، ”پر، ڪيڏانهن
موڪلڻ کان اڳ هڪ ٻڪر جي کل جو انتظام ڪري ڇڏجو هڪ
مظلوم شينهن سان مون کي واعدو نڀائڻو آهي“. مامي
ساڙ کائيندي چيو، ”اڙي، تنهنجي لاءِ ه ڪريان هڪ
کوتي جي کل جو انتظام!“ في الحال هڪ شينهن جي عزت
جو سوال آهي“ چيم، ”ڪيترائي قاصائي اوهان جا دوست
آهن روزانو اوهان سان ڪچهري ڪرڻ ايندا آهن اوهين
کين چوندا ته هو سولائيءَ سان هڪ ٻڪر جي کل جي
بندوبست ڪري ڏيندا“
”اڙي هو سڀيئي ڊاڪٽر آهن“ مامي ميز تي مڪ هڻندي چيو،
”هو قاصائي نه آهن“ هو سڀيئي قاصائي آهن چيم،
”الاءِ ڇو، سڀيئي قاصائي اوهان کي ڊاڪٽر نظر ايندا
آهن!“
”بدبخت، مان توکي قتل ڪري ڇڏيندس“ مامي ڪاوڙ وچان چيو،
منهنجن سمورن دوست ڊاڪٽرن چيو هو ته تنهنجو ڀاڻيجو
چريو ٿي پيو آهي کيس چرين جي اسپتال ۾ داخل ڪرائي
ڇڏ“
”اوهان جا قاصائي دوست جنهن جاءِ کي چرين جي اسپتال
سڏين ٿا، سا جاءِ اصل ۾ چرين جي اسپتال نه آهي“
ماما کي ٻڌايم، ان هنڌ اوهان جا قاصائي دوست ڳئون،
مينهون، ۽ ٻڪر ذبح ڪندا آهن اوهين سولائيءَ سان هڪ
ٻڪر جي کل مون کي ڏياري سگهو ٿا هڪ مظلوم شينهن
اوهان کي به پنهنجين دعائن ۾ شامل ڪندو“.
ماما فون ڏانهن ويندي چيو، ”مان اجهو ٿو تنهنجي لاءِ
ٻڪر جي کل جو بندوبست ڪريان تون فڪر ئي نه ڪر“
ماما به چار دفعا فون جا مختلف نمبر گهمايا. هن رسيور ۾
وات وجهي تمام آهستي ڳالهايو مان سندس گفتگو ٻڌي
نه سگهيس.
ٿوري دير کان پوءِ ماما جا قاصائي دوست، جن کي هو ڊاڪٽر
سڏيندو هو، پهچي ويا. کين ڏسي مان ڏاڍو خوش ٿيس
زور زور سان تاڙيون وڄايم ۽ پوءِ ڪيتري دير تائيم
تاڙيون وڄائيندو رهيم هو مونکي ڪمال شفقت ۽ پيار
سان هڪ اهڙي ڪمري ۾ وٺي ويا، جتي بي انتها روشني
هئڻ جي باوجود اونده هئي گگهه اونده هئي ڪپڙا لاهي
هنن مون کي اگهاڙو ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ اک ڇنڀ ۾ هنن
منهنجي جسم تان منهنجي کل لاهي ڇڏي سڀ ڪجهه بي
انتها اذيتناڪ هو.
ان کان اڳ جو مان تڪليف وچان صور اسرافيل سان ابدي
اوندهه کي روشنين ۾ بدلي ڇڏيان هنن منهنجي جسم تي
ٻڪر جي کل چاڙهي ڇڏي.
مان اڪثر وساري ويهندو آهيان ته ٻڪر خواب نه ڏسندا آهن
جاڳندي هڪ خواب ڏسڻ جي تمنا ۾ مان گهاٽن جهنگن ۾
ڊوڙندو رهندو آهيان اهڙا گهاٽا جهنگ، جتي قديم بڙ
۽ پپر جا وڻ آهن، ۽ جن جي ٽارين تي چٻرا ويٺل
هوندا آهن ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته موت منهنجوپيڇو
ڪري رهيو آهي مون کي ڊوڙڻ گهرجي مان ڊوڙندو رهندو
آهيان تسلسل جي ٽٽل پيچرن تي مان ڊوڙندو رهندو
آهيان ۽ ڪڏهن جهنگ ۾ هيڪلي روئيندڙ شينهن کي ياد
ڪندو آهيان، جنهن ٻڪر جي کل پائي زنده رهڻ جي تمنا
ڪئي هئي.
مٺوءَ جي ڪهاڻي
حميد سنڌي
مٺو چيچٽن جي آواز تي ڇرڪ ڀري اٿيو ۽ ٽپ ڏئي کٽ تان لٿو، سڌو
ڪوٺي جي پلئوڙي واريءَ ڀت وٽ وڃي بيٺو. هن ڀت
ڏانهن نهاري مايوس ٿي موٽڻ جي ڪئي ،ڇاڪاڻ ته ڀت
کانئس گهڻو مٿي هئي، ائين ٻن مضبوط هٿن کيس مٿي
کنيو ۽ ڀت تي جهلي بيهارياينس.
”بابا، هيءُ ڇا آهن؟“
”پٽ، اهي ڍڳي گاڏيون آهن.“
”پر بابا، اسان واري ڳوٺ ته اهي ڪو نه هيون؟“
”پٽ هن پاسي ڍڳي گاڏيون ٿينديون آهن.“
”بابا، گهوڙي گاڏيون به ته ٿينديون؟“
”ها پٽ، ٿينديون آهن، پر هت نه ٿينديون آهن.“
”ڇو؟“
”هت ڪچا رستا ۽ وار ياسو علائقو آهي،ڍڳو هن بار کي ڍوئي
سگهي ٿو.
”بابا، ماڻهوءَ گاڏي به هوندي آهي؟“
”ها پٽ، پر شهر ۾.“
ڪا گهڙي مٺو گاڏين جو قافلو ڏسندو رهيو ۽ پوءِ پڻس کيس ڪوٺي جي
پلئڙي وٽان هيٺ لاٿو. هو ٽپ ڏئي هيٺ لٿو.
اڃا هو بيٺو ئي مس ته زور سان گهنڊ وڃڻ لڳو. هو وائڙن
وانگر چوڌاري نهارڻ لڳو. پوءِ هو ڊوڙي ڪوٺي جي ٻي
ڪنڊ تائين ويو ۽ پلئڙي جي ڀت ۾ ٺهيل ٽنگن مان ٻاهر
نهارڻ لڳو. کيس گهڻو ڪجهه نظر نه آيو. هن پٺتي
پيءُ ڏي نهاريو. پڻس کلي چيو، ”مٺو! اهو اسڪول جو
گهنڊ آهي.“
”بابا، اهو اسڪول ڇا ٿيندو آهي؟“ ائين نوڪر اچي پاسي ۾
بيٺو.
”ڇاهي گلو!“
”سائين، استاد ڇاڱومل آيو آهي.“
”واهه واهه! سڏ ڪرينس. مٺو! تنهنجو ماستر اچي ويو آهي.
هاڻي اهوئي سڀ ڪجهه توکي سمجهائيندو ته اسڪول ڇا
ٿيندو آهي.“
”پر بابا، ماستر ڇا ٿيندو آ؟“
”ماستر اسڪول ۾ پڙهائيندو آهي.“
”پر بابا، اسڪول ڇا ٿيندو آ؟“
ائين استاد ڇاڱيمل منهن ڪڍيو ۽ هو هٿ ٻڌي بيهي رهيو.
”سائين! نياز ٿئي.“
”استاد! هاڻي ڳالهه ٻڌ، هيءُ ڇوڪرو منهنجو مٿو کائي ويو
آهي. پاڻ سان وٺي وڃينس ۽ سڀ ڪجهه سمجهائينس. توکي
ته خبر آهي ته اسان جهنگ جا ويٺل آهيون. نوڪري
سانگي ٻاهر نڪتو آهيان ته اولاد کي به تعليم ڏيارڻ
ضروري سمجهان ٿو........“
”سائين، توهان خيال نه ڪيو. اوهان اڳ به ڳالهه ڪڍي هئي.
نينگر آيو آهي ته اکين تي. توهان ڀلي آفيس لاءِ
تيار ٿيو مان ڪڪي کي شنان پاڻي ڪرائي وٺي ٿو
وڃان.“
”پر توهان کي اسڪول لاءِ دير ٿيندي هوندي.“
”مان ديوان هاسا رام هيڊ ماستر کي چئي آيو هيس ته
مختيار ڪار صاحب گهرايو آهي، سو فڪر جي ڳالهه نه
آهي.“
خانصاحب محمد علي خان ويٺل ته هڪ ننڍڙي ڳوٺ جو هو، پر
پڙهي پيو ۽ اچي ڪلارڪي مان چڙهي مختيارڪار ٿيو.
ورهاڱو مس ٿيو ته همراه کي ڳڙهي خيري ۾ مختيارڪار
ڪري رکيائون. سندس گهر ۾ پڙهيل ڳڙهيل زائفان ته
هئي ڪانه، نه ڪي سندس ڳوٺ ۾ ڪو اسڪول هو. پاڻ به
ڳوٺ کان پنج ميل پري اسڪول ۾ پڙهيو هو، تڏهن ته
سندس پيءُ حيات هو. هاڻ سندس اولاد کي ڪير سنڀاري
۽ پڙهائي، سو پنهجي پٽ کي وٺي اچي ڳڙهيءَ جي استاد
ڇاڱي مل جي حوالي سان ڪيائين استاد بڻيادي ديوان
هو. سندس وڏا واپاري هيا، پر هيءُ همراه تعليمي
کاتي ۾ اچي گهڙيو. مشهور ته اهو هو ته استاد
ڇاڱيمل جو پڙهيل هميهشه ڪڙهيل ئي نڪتو. سندس شاگرد
وڏين ڪرسين تي هيا. خانصاحب محمد علي خان پر ۾
پڇائون ڪري ئي کيس نينگر حوالي ڪيو هو.
استاد جيئن نينگر کي وٺي هيٺ لٿو ته نوڪر ڦري آيس.
”ديوان! مٺو کي تيار ڪري وٺان؟“
”تون ڪير ٿيندو آهين؟ مٺو پٽ اڄ کان وٺي منهنجو پٽ آهي،
کيس مان تيار ڪندس!“
مٺو اکيون ڇنڀيندو ٻنهي کي نهاريندو رهيو. پوءِ ديوان
کيس ڇنڊيو ڦوڪيو، سنواريو، سرمان تيل ڦليل ڪرائي،
اڇا ڪپڙا اوڍائي، گهر کان ٻاهر وٺي آيو.
ڳڙهيءَ جو شهر وڏو ته ڪونه هو، پر ننڍڙي مٺوءَ لاءِ
گهڻو ڪجهه هو. سامهون سارين ڇڙن جو ڪارخانو هو.
ڏاند گاڏيون بيٺيون هيون. ماڻهن جا ميڙ هيا. هو
حيرت وچان ڪن کي پلال ڍوئيندو، ڪن کي ڳوڻيون
چاڙهيندو پڇي ويٺو.
”سائين! هيءُ ڪير آهن؟“
”هيءُ پورهيت آهن بابلا! پورهيت.“
پورهيت ڇا ٿيندو آهي؟“
”پورهيت هٿ جو پورهيو ڪندو آهي. هيءُ هٿ جي پورهئي سان
اَن اپائين ٿا.“
”مامي غلام وانگي.“
”ها پٽ، ڪي ڪڙمي، ڪي ڪاسبي، هٿ جي پورهئي سان ٿانو
ٺاهين ته ڪنڀر، ڪپڙو اُڻن ته ڪوري، ڪاٺ جو ڪم ڪن
ته واڍا.“
”اسان وٽ ڳوٺ ۾ به ولو ڪنڀر ۽ علڻ واڍو آهي.“
”ها من، هر ڳوٺ، هر شهر ۾ ڪڙمي به آهن ته ڪاسبي به،
سندن هٿ جو پورهيو سون آهي. اسين جيڪي کائون ٿا،
پهريون ٿا، سو سڀ ڌڻي ڏئي ٿو ۽ ان ئي هن پورهيت کي
بڻايو ۽ هنر ڏنو اٿس ته هو سڄي انسان ذات جي ڀلائي
لاءِ ڪم ڪري.“
مٺوءَ ڪجهه سمجهو، ڪجهه نه، هو هر شيءِ کي عجيب نظرن
سان ڏسندو اسڪول پهتو. استاد ڇاڱومل کيس سڌو ديوان
هاسا رام هيڊ ماستر وٽ وٺي ويو، جنهن کلي کيڪاريس
ته هن استاد کان يڪدم پڇيو:
”سائين، هيءُ ڪير آهي؟“
”هيءُ هيڊ ماستر صاحب آهي.“
”اهو وڏو ماستر هوندو آهي.“
”اهو وري ڇا هوندو آهي؟“
هاسا رام کلي ويٺو. ڇاڱومل يڪدم کيس آفيس کان ٻاهر وٺي آيو. مٺو
اسڪول جي عمارت ۽ ڪلاسن کي ڏسندو تڪيندو توريندو
سوال پڇندو ڪلاس ۾ پهتو. استاد ڇاڱي مل ڪٻٽ مان
پٽي، ڪلڪ ۽ مس ڪڍي، پوءِ پٽيءَ تي ليڪا ڪڍي انڊا
ڀرڻ لاءِ ڏنا. مٺو ته قلم جهلي نه پيو سگهي. استاد
هٿ کان وٺي کيس لکڻ جي مشق ڪرائيندو رهيو ته ٻين
ٻارن جي سار سنڀال به ڪندو رهيو. مٺو به ڪوشش ڪندو
رهيو، مس هاريائين ، ڪلڪ پڃي وڌائين، سو سوال
پڇيائين. ڪپڙا، پوءِ منهن، مس سان ڀريائين. استاد
کيس ڏسندو رهيو ۽ مسڪندو رهيو. رسيس ۾ کيس بسڪوٽ ۽
کٽمٺڙا وٺي ڏنائين، ٻين ٻارن سان رانديون
ڪرايائين. جڏهن موڪل مهل کيس وٺي گهر آيو ۽ آئينو
ڏيکاريائين ته مٺو کلي ويٺو.
استاد ڇاڱي مل شايد خانصاحب محمد علي جي مهربانين ڪري،
يا الائجي کيس نينگر وڻيو، يا وري فرض ڀانيئين جو
وري ويٺس کيس ڳيٽيون ٺاهي ماني کارائڻ. خانصاحب
محمد علي جيڏي مهل آفيس مان موٽيو ته مٺوءَ کي ستل
۽ استاد کي ڪرسيءَ تي گهڏندي ڏٺائين. هو مرڪي وڌي
آيو ۽ استاد کي هوشيار ڪيائين.
”سائين! مٺو ٺيڪ آهي. شام مان وري ايندو مانس ۽ گهمائڻ
وٺي ويندومانس.“
”مهرباني ديوان! تڪليف جي معافي.“
”خانصاحب! مٺو جهڙو اوهان جو ٻچو، تهڙو منهنجو.“
شام جو سج اڃان چڱو بيٺو هو ته استا اچي نڪتو. مٺوءَ
ويٺي ٿاڌل پيتي، الائجي ڇا خيال آيس.
”سائين ٿاڌل پيئو.“
هن پنهنجو گلاس ڏانهس وڌايو:
”هان هان! جوٺو گلاسم ترس، استاد لاءِ ٻيو گلاس ٿا
گهرايون.“
”نه سائين، مان پيئندس ته ان گلاس ۾ ۽ مٺوءَ سان گڏ.“
پڻس ڏٺو ته ٻنهي گلاس مان سرڪيون ڀريون مٺو گدگد پئي
ٿيو، اوچتو مٺو گلاس رکي پيءُ ڏانهن نهاريو:
”بابا، اسان اڄ پورهيت ڏٺو. بابا پورهيت سٺو هوندو آهي
نه، مان وڏو ٿي پورهيت بڻبس، پنهنجي هٿ سان ان
اپائيندس، مامي غلام وانگر.“
”هي وري ڪهڙيون ڳالهيون ٻڌايون اٿئيس. اباڻو پورهيو ڇڏي
نوڪري ڪئي اٿئون. محنت ڪري ته مختيار ڪار ٿيو
آهيان، وري هن کي سمجهائين ٿو ته ڪڙمي ٿئي.“
”نه سائين! اوهان به ته پورهيت آهيو. مٺو! تنهنجو بابا
به پورهيت آهي قلم جو پورهيو ڪندو آهي.“
”هاڻ هل ته قلم جو پورهيو ڪريون ۽ ڪتاب وٺي اچون.“
جيئن هو بزار ۾ گهڙيا ته مٺوءَ جا سوال شروع ٿي ويا.
”هيءُ ڇا آهي؟“
”انگو ڇو آهي.“
”انگو ڇو ڇا ٿيندو آهي؟“
”پوتڙو_!“
ائين چئه.“
”هي ڇا آهي؟“
”هوٽل.“
”هوٽل ڇا ٿيندو آهي؟“
استاد کيس سمجهائيندو اچي ڪتابن جي دوڪان تي پهتو.
ٻاراڻي جو ڪتاب، مس قلم ۽ ٻيون شيون چڪائي کيس وٺي ڏنائين.
مٺوءَ جيئن ڪتاب کوليو ته رڙ ڪيائين:
”سائين ڍڳو، ڍڳي گاڏي.“
استاد هاڻ کيس جواب نه ڏنو، سڌو کيس پنهنجي گهر وٺي
آيو.
جيئن گهر ۾ گهڙيا ته ڏٺائون ديوان جي گهر واري پئي ڀرت
ڀريو ۽ جهونگاريائين. مٺو وڌي وڃي مٿائنس بيٺو
ديوان جي گهر واري ڀرت ڀرڻ ۾ ايڏي ٻڏل هئي جو کيس
خبر نه پئي هت ڪير مٿان اچي بيٺو آهي. هوءَ ڳوڙها
ڳاڙيندي وڃي ۽ چوندي وڃي:
الله ڪارڻ اوٺيا، ڪرهام ڪاهيو،
جانب، جڏي جيءُ جو اڳانڍو آهيو،
لاڳاپو لاهيو، متان منهنجا سپرين.
مٺو پوئتي هٽي، اچي استاد وٽ بيٺو، جنهن جي اکين ۾ به پاڻي هو.
هو ٻنهي کي تڪيندي پڇي ويٺو.
”سائين هيءَ ڪير آهي؟ توهان رئو ڇو ٿا!“
”هيءَ منهنجي گهرواري آهي مٺو!“
”ڏس، هٿ جو پورهيو اها به ڪري ٿي.“
”پوءِ هيءَ به پورهيت آهي؟“
”ها من! هر ماڻهو پورهيت آهي، مان تون اسين سڀ.“
پوءِ هيءَ روئي ڇو ٿي.“ |