ڪهاڻي/ آتم ڪهاڻي/ ليک
”…هڪ دفعي انگريزي ليکڪ جوزف ڪانراڊ کان پڇيو ويو
ته“ ڪهڙي ڳالهه ليکڪ کي پيارو ۽ سٺو ٿي بڻائي؟
”چيائين ته انتظار!… جيڪڏهن توهان پڙهندڙن جي من
تي پوريءَ طرح قبضو ڪيو ته توهين سٺا ليکڪ آهيو.“
پر اڄ جو ليکڪ دلچسپيءَ کي ڪهاڻيءَ جي ضروري وصف
نٿو مڃي. هو پاٺڪن جي وندر لاءِ ڪهاڻيون لکڻ لاءِ
تيار ڪونهي. مطلب ته نئين ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻيءَ جي
اهم عنصر ’انتظار‘ جي اڻهوند سبب، ڪمزوري اچي ويئي
آهي. ڪٿا وستو سماجڪ، ڌارمڪ ۽ انتهاسڪ- ڪهڙي به
قسم جي ٿي سگهي ٿي. ڪهاڻي نويس ڪٿان وستوءَ جي
ڌاڳي ۾ وري پاترن کي پوئيندو آهي.
هنديءَ جي مشهور ليکڪ جئيندڙ ڪمار لکيو آهي،
”ڪهاڻي ٻڌائڻ اسان جو مقصد ڪونهي.“ مطلب ته اڄ جي
ڪهاڻيءَ ۾ ڪٿا جي اهميت گهٽجندي رهي آهي. ڪن ڪهاڻي
نويسن بنان پلاٽ يا ڪٿا جي ڪهاڻين جي به ڳالهه
ڇيڙي آهي. اِهي ڳالهيون ڏسي ٻڌي اسان جي من ۾
اهـِو سوال اُٿڻ سڀاويڪ آهي ته ڇا سچ پچ ڪهاڻيءَ
مان ڪٿا وستوءَ جو عنصر ختم ٿي ويندو؟ جيتريقدر
سنڌي ڪهاڻيءَ جو واسطو آهي، اڃاتائين مون کي به
بنان پلاٽ جي ڪهاڻي ڏسڻ ۾ ڪين آئي آهي.
ها، ڪٿا وستوءَ جي اهميت اڳ کان اوس گهٽيل نظر اچي
ٿي. ڪهاڻيءَ ۾ ”ڪٿا وستو ڇڊي ٿي آهي، پر مئي
ناهي.“
حقيقت ته اها آهي ته بنان ڪٿا وستوءَ جي ڪهاڻيءَ
جي ڪلپنا به نٿي ڪري سگهجي. هيلتائين ڪهاڻيءَ ۾
جيڪي به تجربا ٿيا آهن، اُنهن سڀني جو آڌار ڪٿا
وستوتي آهي. ڪڙو ڪڙي ۾ مليل ڪٿا، ٽڙيل پکڙيل ڪٿا
يا بي ترتيب ڪٿا ۽ ڪٿا-هيڻ ڪهاڻيءَ جا بنيادي
پريوگ ٿيندا رهندا آهن، انڪري ائين چئي سگهجي ٿو
ته ڪهاڻيءَ جي الڳ الڳ عناصرن مان ڪنهن به هڪ يا
ڪن جي غير موجودگيءَ ۾ ڪهاڻيءَ جي رچنا ممڪن آهي،
پر اُن ۾ ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ ”ڪٿا وستوءَ“ جو جزو
اَوس رهي ٿو. پر اها حقيقت آهي ته اڄ ڪٿا وستو مان
سلسليوار واقعن وارو روپ غائب ٿيندو پيو وڃي.
هينئر ڪهاڻيءَ مان اسان ”ڪٿا“ جي اُميد نٿا ڪري
سگهون، اها اسان ڪالهه ڪئي هئي. اها حقيقت صرف
سنڌي ڪهاڻيءَ سان لاڳو نه آهي. ورهاڱي کان پوءِ جي
سنڌي ڪهاڻي نويسن ۾ ڏسجي ته آنند گولاڻي، ڪرشن
کٽواڻي، سندري اتمچنداڻي، ڪلا پرڪاش، ڪيرت ٻاٻاڻي
۽ سڳن آهوجا جي ڪهاڻين کان موهن ڪلپنا، لعل پشپ،
گني سامتاڻي (ٽنهي جي شروعاتي ڪهاڻين کي ڇڏي)
ايشور چندر، آنند گولاڻي، وشنو ڀاٽيا، شيام
جئسنگهاڻي، هريش واسواڻي، نند لعل، پريم پرڪاش ۽
پوءِ جي ڪن ڪهاڻي نويسن ۾ ”ڪٿا انش“ گهٽ آهي…“
-جگديش لڇاڻي
[”سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر“، ص 32-34]
سنڌي ٻولي اَمر آهي
لعل پشپ
هيءُ، هئن ڪيترو وقت هلندو، هن پاڻ کان پڇيو، مليل
هڪ سـِٽَ جي خط کي کڻي، ڪجهه ڪرڻ کپي، ڪجهه ڪرڻو
پوندو،ائين نه هلندو، ڪجهه سوچڻو پوندو، نئين سري
کان، هن مسئلي کان فرار ٿيڻ مان ڪو فائدو نه
ٿيندو، نقصان ٿيندو، نقصان ٿيو آهي، گهڻو نقصان ٿي
ويندو، نيٺ هن کي هن جي ڪٽنب سوڌو فاقن ڪڍڻ جي
نوبت تائين پهچائيندو.
غريبيءَ کان هن کي ڊپ نه هو جو ڏهاڪن کان هن غريبي
ڏٺي هئي. تنهن کان پوءِ به هن پاڻ کي غريب نه
سمجهيو هو. هو غريب هو، پوءِ به غريب نه هو جو هن
لاءِ غريب اُهو هو جنهن کي اڄ، هاڻي، اڄوڪو ويلو
کائڻ لاءِ نه هجي. هن جي اهڙي حالت ڪڏهن نه ٿي
هئي. ڪئن به، اُهو ميسر ٿي ويندو هو.
هن ڦڪڙ جي زندگي گذري هئي ۽ ڪڏهن فڪر نه ڪيو هو.
زال ۽ ٻين ٻارن سان گڏ ممبئيءَ جي شاهوڪار
پسگرداين ۾ رهندي به هن کي هڪ ڀروسو هو ته هن کي
ڏنل دماغ سنڌي ماڻهوءَ جو آهي. اُهو ڪهڙا به داء
پيچ هلائي اَڄوڪو ويلو ميسر ڪري وٺندو.
۽ تنهن کان سواءِ، اِن طرح جي زندگيءَ جي چونڊ هن
پاڻ ڪئي هئي. ڪنهن ٻئي هن تي نه مڙهي هئي. جوانيءَ
جا پهريان سال هن ريلوي ۾ نوڪري ڪئي جيڪا هن کي
راس نه آئي ۽ ڇڏي ڏني ۽ پوءِ نوڪريءَ نالي کان ئي
هن کي چڙ ايندي هئي. هن وري ڪڏهن به ڪا نوڪري نه
ڪئي. ڌنڌي کان، هن کي پهرين ۽ پوئين نوڪريءَ کان
به وڌيڪ چڙ هئي. اَبن ڏاڏن جو ڌنڌو، ڪپڙن ڌوئڻ جي
صابڻ جو ڪارخانو، هن جي اکين ۾ پاڻي ۽ نَڪَ ۾ گوبو
۽ منهن گندي بانس ۽ چمڙيءَ ۾ خارش پيدا ڪندو هو.
ڏهاڪا ٿيا، هن فيصلو ڪيو هو ته هو نه نوڪري ڪندو،
نه ڌنڌو ڪندو.
اُنهن ٻنهي جي وچ ۾ اهڙو ڇا آهي جو کاڌي جو ويلو
به ميسر ڪري ڏئي، ۽ پوءِ به، نه نوڪري هجي، نه
ڌنڌو هجي.
ان معاملي ۾، هن پاڻ ۾ پاتو، پڙهائي سگهجي ٿو،
ڪنهن کي به، ڪنهن درجي تائين، ڪنهن به وشيه تي. هن
اِلاهي علمن جو مطالعو ڪيو آهي، هو اول درجي جو
بڪبڪيو آهي، ڳالهائڻ ۾ هو هوشيار آهي ۽ اِن فن هن
جو نج پنهنجو ڍنگ آهي ۽ هو ماسترن جو ماستر ۽
پروفيسرن جو پروفيسر رهي چڪو آهي. پر ان لاءِ
ماستري-پروفيسري ڪرڻ، اسڪول-ڪاليج ۾، جي معنيٰ
ٿيندي، وري به نوڪري ڪرڻ، ۽ وڏي ڳالهه. سڀاڻي جا
ڪاٽڪو ۽ گنهگار پيدا ڪرڻ. تنهنڪري هن خانگي ٽيوشنس
ڏيڻ شروع ڪيون، جيئن هن جي زال پهرين ئي ڪندي هئي.
پوءِ هنن پنهنجو پاڻ ۾ اِهو سمجهوتو پيدا ڪيو ته
هوءَ ٽيوشن ڏيندڙ ننڍن ٻارن جي وڏن ڀائرن-ڀينرن کي
هن وٽ موڪليندي ۽ هو موٽ ۾ وڏي ٻارن جي ننڍن
ڀائرن، ڀينرن کي هن وٽ موڪليندو. اِن بندوبست ۾،
هنن جي اڄوڪي ويلي جون 75 سيڪڙو شيون ميسر ٿي
ويون. باقي 25 سيڪڙو ميسر ڪرڻ لاءِ هن پارٽ ٽائيم
اهڙو پيشو اختيار ڪيو جيڪو به، ٽيوشنس وانگر نه
نوڪري هو، نه ڌنڌو هو.
هن چوطرف پنهنجي سنڌي قوم طرف نهاريو ۽ هن جو باقي
گهربل 25 سيڪڙو اڄوڪي ويلي جو پاڻمرادو پيش ٿي
آيو.
ٻيڙيون ۽ پانَ جا دڪاندار، تيل، ملائيءَ جي دلالي
ڪندڙ، گانٺيا-پاپڙيون تريندڙ، اُلها سنگر جي گُپن،
چـِڪن مان ٽان ٽان ڪندڙ ڏيڏر پڪڙي بامبي جي ڪاليجن
جي لئبارٽرين کي وڪڻندڙ، شرت بابوءَ ۽ گرديو ٽئگور
جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڪندڙ، شاديءَ جا ڳجها راز،
گڻوان ٻار ڪئن ڄڻجن کان وٺي گرو گرنٿ صاحب ڇپيندڙ،
وڏا پبلشر بڻجي ويا هئا. سنڌي ساهت جي سيوا ڪرڻ
سان گڏگڏ پيٽ پوڄا جي سيوا ڪرڻ جهڙو پوتر سنگم هن
گنگا، جمنا جي سنگم ۾ به نه ڏٺو هو. پيٽ جي معاملي
۾، ڪتابن ڇپائڻ لاءِ ڪي اڻوڻندڙ، سمجهوتا لازمي
هئا. گهڻو تڻو، سنڌي ناولن ۾ جوان ڇوڪريون
عاشق-مڙس ڳولهينديون هيون، يا وري، وڌوائون جيڪي
ٻيهر شادي ڪرڻ کان محروم رهجي ويون هيون، ٻنهي
قسمن جي جنس مونث، گهڻو تڻو، عامل طبقي مان ايندڙ.
ٻنهي طرح جي جوان ڇوڪرين کي جهر جهر ڪري وهي آيل
ڳوڙهن سان آلاٿي ويل هنن جي نيرڻ، منجهند جي ماني
۽ رات جي کاني جا اڻٽرانگ هئا.
اِهي سڀ بيان، حقيقتون، هن ڪهاڻيءَ ۾ وجهڻ، اجايون
آهن، ،مکيه خبر اِها ته مطلب ناولن جو مارڪيٽ آباد
هو.
خالي، ناولن جي چونڊ دماغ سان ڪرڻ گهرجي، يعني، بي
دماغ سان. اصلوڪا ناول، جيڪي بالغ هوندي به نابالغ
ليکڪن طرفان، نابالغ ڇوڪرين ۽ ٻڍين وڌوائن لاءِ
هجن.
ڇاڪاڻ ته سنڌيءَ ۾، شرت بابوءَ ۽ ٽئگور جا، خاص
ڪري، شرت بابوءَ جا ڪتاب، ٻه ٻه ڇاپا ڇپجي ويا آهن
۽ خلاص ٿي ويل آهن ۽ ٽئين ڇاپي جي مارڪيٽ ۾ گهرج
نه آهي، تنهنڪري اُهي ناول چونڊيا وڃن جيڪي بنگالي
هجن، ۽ ناول لکندڙ شرت بابوءَ ۽ ٽئگور جا پوئلڳ
هجن، اُنهن پوئلڳن جون پوڄارڻيون سدا موجود هيون.
۽ ائين هو به هنن مان هڪ ڪامياب پبلشر بڻجي ويو.
هو هر مهيني ناول ڇپڻ لڳو، پورائو نه ٿيو،گهرج
وڌيڪ هئي، مارڪيٽ وڏو هو. هن هر مهيني ٻه ٻه ناول
ڇپائڻ شروع ڪيا. مالَ کان وڌيڪ پئڪنگ اهيمت واري
هئي. هن ڇوڪرين، زالن جا خوبصورت فوٽا، ڪورَن تي
ڇپڻ شروع ڪيا. الاهي وڪاميا. ديس توڙي پرديس جي
سنڌين ۾. پيسا، نلڪي هيٺان پاڻيءَ وانگر وهڻ لڳا.
هر ناول نڪرڻ سان اڄوڪو ويلو ته ننڍي ڳالهه،ايندڙ
ڇهن مهينن جي سڀن ويلن جا کاڌا ميسر ٿي ويا.
۽ پوءِ اوچتو آفت آئي.
اوچتو آئي يا اُن جا اِرڪان، شروع کان، ڪن ٻاهرين
حالتن جي دٻاءَ هيٺ، پنهنجون سازشون جاري ڪري
ويٺا هئا، ان جي خبر اڄ تائين نه پئجي سگهي آهي.
چوڌاري دانهن اُٿي ته ڪتابن جو وڪرو ۽ پڙهندڙن جو
تعداد ڏاڍو گهٽجي ويو آهي.
هن جي هٿ ۾ خط هو.
هڪ ئي سٽ لکيل هئي:
توهان جي موڪليل تازي ناول جون چارَ ڪاپيون، هميشه
وانگر مليون، ٻن مهينن ۾ پنجاهه به نه وڪاميون
آهن. آئينده مهرباني ڪري، ڪنهن به نئين ناول جون
فقط ويهه ڪاپيون موڪليندا جن مان بچيل واپس ڪيون
وينديون.
هاڻي هو ڇا ڪري؟ ڪيڏانهن وڃي؟
ٻين جي حالت به خراب هئي. تيل-ملائي وڪڻندڙ پبلشر
باقي پبلشرن جومنهن ڪارو ڪري آيو. خبر ملي ته هن
ڪتابن جو باقي بچيل سڄو اسٽاڪ هڪ بوڪ اسٽال وٽ
رپئي جي 25 پيسن ۾ وڪڻي آيو. خبر خوف ڦهلايو ۽
باقي به پنهنجو پنهنجو اسٽاڪ ساڳئي اگهه ۾ نيڪال
ڪري آيا. دوڪان بند. سنڌي ادب برباد. فقط هڪڙو
پبلشر نَود ٿي ويٺو، جو هو پنهنجي سنان گهر ۾ کسڪي
وڃڻ جي حالت جي ڪري نلڪي سان وڃي ٽڪريو هو ۽
بيهوشيءَ جي حالت ۾، ڀڻ ڀڻ ڪري رهيو هو، ’مان نه
وڪڻندس، مان نه وڪڻدس…‘
هاڻي، پوءِ جو سوال
’هاڻي‘ هوندي ئي ’پوءِ‘ آهي.
پورت ڪئن ٿيندي؟
ته اوچتو:
هن جي گهر جي گهنٽي وڳي.
گهر ۾ ڪو به نه هو.
هن پاڻ وڃي دروازو کوليو.
سامهون، اڇن ڪپڙن ۾، اَڻ سڃاتل شخص، سڃاتڻ ۾ ئي
سنڌي هو.
-سائين، هري رام.
-اچو.
-اندر اچان؟
-هو اندر آيو.
-مان سيٺ نهالچند آهيان.
-حڪم ڪريو،
-مان ويهي سگهان ٿو؟
-ويهو.
-هو ويٺو.
-مان هت کار ۾ ئي رهندو آهيان.
-حڪم ڪريو.
-حڪم ڇا جو، وينتي آهي.
-پنهنجو گهر سمجهو.
-مون کي سنڌي ڪتاب کپن.
هن جومٿو چڪرائڻ لڳو. هن کي سنڌي ڪتاب کپن، سنڌي
ڪتاب ڪنهن کي ڪو نه کپن، هن کي کپن، هيءُ ڀڳوان
پاڻ ڪهي آيو آهي، دکين جا درد دور ڪرڻ لاءِ. ڪير
ٿو چئي ته سنڌي ڪتابن جو وڪرو ويهجي ويو آهي؟ هيءَ
سنڌي بوڪ اسٽاڪ وارن جي گڏيل سازش آهي. هو ڄاڻي
واڻي گراهڪن کي ڪتاب نٿا ڏين ته جيئن ڇپيندڙ
ڏيوالو ڪڍن، پنهنجون پبليڪيشنس بند ڪن ۽ جمع ٿي
ويل اسٽاڪ هنن وٽ ئي رديءَ جي اگهه ۾ وڪڻي اچن.
ٻئي پاسي، وري،هن جو، هن جهڙن جو، ڌيان ئي نه ويو
آهي ته سنڌي ڪتاب ڇپيندڙن جي ماڻهن وٽ لسٽ آهي،
ائڊريس آهي، فون نمبر آهي. هو هروڀرو بوڪ اسٽالن
وٽ وڃي پنهنجو وقت برباد ڇو ڪن ۽ اِهو به مڃڻ
گهرجي ته ڪا به ٻولي ائين نه مرندي آهي. مٿان وري
ههڙيءَ سهڻيءَ مٺيءَ ٻوليءَ جي مرڻ جو ته سوال ئي
نٿو اُٿي جيڪا پنج هزار سال پراچين آهي. اسان جا
ماڻهو شاهه، سچل، ساميءَ کي ڪيئن وساري وِهندا؟
ٺيڪ آهي، ڪتابن جو وڪرو گهٽجي ويو آهي ته ڪهڙي
ثابتي آهي ته اُھو سڀاڻي نه وڌندو، اهو گهٽجڻ وڌجڻ
ته دنيا جو دستور آهي. هڪ سڀاڳي ته ائين به لکيو
آهي ته سنڌي ٻولي زندهه رکڻ واسطي ۽ پنهنجي سنسٿا
لاءِ دان پڃ وٺڻ واسطي جڏهن هو ائميريڪا جي سنڌين
وٽ ويو ته جهولَ ڀري ڇڏيائونس، پنهنجي ليک ۾ هن
سنڌين کي خاطري ڏني آهي ته هت هندستان ۾ برابر
سنڌي مري وئي آهي پر سنڌي ائميريڪا جو هر ڳالهه ۾
نقل ٿا ڪن تنهنڪري هندستان جا سنڌي ائميريڪا جي
سنڌين جو نقل ڪري پنهنجي ٻولي زندهه ڪندا.
هن مٿي نهاريو ۽ پاڻ کي پڪڙي ورتو ۽ بيحد پڇتايو.
هو پنهنجي خوش خيالن ۾ ايترو غرق ٿي ويو هو جو
آيل ڀڳوان کي به ڀلجي ويو هو.
مون کي معاف ڪجو.
-مون دل ۾ نه ڪيو آهي.
-ڪهڙا ڪتابَ کپنوَ؟
- مون کي خبر نه آهي، توهان ٻڌايو.
-ڪتاب توهان کي کپن، مان ڪيئن ٻڌايان؟
-ٻڌايو توهان، مون کي ڪتاب کپن.
-مون کي سمجهه ۾ نه آيو.
-مان سمجهايانوَ، منهنجو ڌنڌو وڏي پئماني تي هلندڙ
آهي. مان شيئر مارڪيٽ ۾ آهيان. منهنجا سڀ دوست
گجراتي آهن. هو جڏهن به هنن جي گهر وڃان ته هنن وٽ
گجراتي ڪتاب ڏسان. هو جڏهن به منهنجي گهر اچن ته
عجب کائن ته منهنجي گهر ۾ سنڌي ڪتاب ڇو نٿا نظر
اچن. مون کي سٺو نٿو لڳي. اسان سڀن کي سُڌ آهي ته
ٻولي ماءُ ٿيندي آهي. مون فيصلو ڪري ورتو آهي ته
مان پنهنجي گهر ۾ سنڌي ڪتاب رکندس.
-توهان وانگر ٻيا سنڌي به اِن طرح سوچين ته مون کي
وشواس آهي ته اسان جي ٻولي اَمر آهي.
-سڀ سڻائي ٿيندي. مان ته خوش آهيان، ورهين کان
پوءِ اسان جي گهر ۾ سنڌي ايندي. عجب لڳندوَ، مون
مئٽرڪ ۾ سنڌي وشيه ۾ اَسي سيڪڙو مارڪون کنيون
هيون. پر جلد ئي ڌنڌي ۾ گهڙڻ کان پوءِ مون کي ڪڏهن
سنڌي پڙهڻ جو وقت نه مليو. ها، منهنجي گهر واريءَ
پڙهڻ جاري رکيو. هوءَ سالن جا سال، گهٽ ۾ گهٽ، گهر
۾، اِها نالو ڇا اٿس، سنڌي هفتيوار نت نيم سان
گهرائيندي هئي. پنجن سالن کان بند ڪئي اٿائين جو
عينڪ جو نمبر وڌي هيس. باقي ٻارن جي ته توهان کي…
-مان توهان کي اسان جا ڇپايل ڪتاب ڏيکاريان ٿو.
-اصل تڪليف نه ڪريو.
چوندي هن ٿيلهي مان هڪ پني ٽڪر ڪڍيو. منهنجي اڳيان
رکيائين. ’مون پنهنجي گهر ۾ هڪ ڪنڊ وٽ ڪاٺ جو ٽي
فوٽ ڊيگهه جو تختو وجهايو آهي. توهان بلڪل اوتريءَ
ئي ماپ ۾ ايندڙ ڪي به ڪتاب ڏيو.‘
_________________
مُون مُطالع سُپرينِ!
سانول
ساڳي ڪراچي سڳوريءَ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ. ساڳي
بيچ لگزري هوٽل. ساڳيو پرنسيس روم. ساڳي ڪنڊائتي
ٽيبل. ساڳيو ساگر. ساڳيو اوسيئڙو-ساڳي سونا جو!
’پر هُن کي ته شاپنگ تي وڃڻو هو مسز شاهه سان!
متان نه وئي هجي! موٽي آئي هجي! ۽ ڪنهن به مهل در
مان طلوع ٿي پئي!‘ پرنسيس روم جو در کليو. ساگر
جا نيڻ کڄيا. نتاشا ۽ ماڻس اندر گهڙيون. نتاشا اڇي
فراڪ، اڇن جورابن، اڇي بوٽ ۽ بواءِ ڪٽ وارن سان
ڪيڏي نه سُونهي پئي! ’نتاشا هُن جي ڄائي نه هئي،
پر هن
adopt
ڪئي هئي.‘ مسز شاهه ٻڌايو هوس. ’پر هن نتاشا کي
سڳيءَ ماءُ کان به وڌيڪ پيار ٿي ڪيو.‘ اُهو پيار
ته ساگر ڏسي به چڪو هو. صبح سوير جڏهن هوٽل لڳ هُو
سمنڊ تي سج اُڀرڻ جي ڏيک ڏسڻ لاءِ اوڀر ڏانهن
اکيون سَڃيو ويٺو هو، تڏهن نتاشا ڀر سانس ڊوڙندي
لنگهي هئي ۽ پٺيان ماڻس جون رڙيون پئي پيون.
’نتاشا پليز- سمنڊ ڏانهن نه وڃ!‘ ۽ نتاشا ڀنڀوريءَ
وانگر گوهي ڏئي وري لان ڏانهن هلي ٿي ويئي.
Hi Natasha!
ساگر ڪانٽي سان خالي گلاس تي هلڪو ردم ڏنو. Hi! How r u? i m fine!
مَما، هي نوزماءِ نيم! نتاشا،
ساگر ڏانهن اشارو ڪري، ماءُ کي چيو، جيڪا پليٽ ۾
هن لاءِ لنچ کڻي آئي هئي. نتاشا جي ماءُ ساگر
ڏانهن ڏٺو. اکين ۾ مُرڪ جا ڏيئا ٻريس.
پرنسيس روم جو در کُليو- رئيس ننڍو اندر گهڙيو-
نتاشا جي ماءُ جي اکين ۾ مُرڪ جا ڏيئا وسامي ويا!
رئيس ننڍي ڪرسي ريڙهي ويهڻ لاءِ، ته ساگر تي نظر
پيس ۽ اکين ۾ رت ڀرجي آيس. پرنسيس روم ۾ هن جي رڙ
ٻُري
ويٽر ررر…!
رڙ تي ويٽر، هيڊ ويٽر ڊوڙندا اُتي پُڳا. رڙ تي
پرنسيس روم ۾ لنچ ڪندڙن کان ڇرڪ نڪري ويو . پويان
ويٺل اڪيلي چينياڻيءَ کان چمچو ڇڏائجي، ٽيبل تي
لڳي پٽ تي وڃي ڪـِريو. لنچ ٽيبل تي بيٺل يورپين
جوري جي هٿن مان پليٽون ڇڏائجي ويون ۽ ڪپڙا خراب
ٿي پين! رئيس ننڍي هڪ هٿ نتاشا جي ٻانهن ۾ وڌو.
”هتي به ڄٽ اچي ٿا ويهن!“ هُن ساگر ڏانهن ڌڪار ڀري
نهار اڇلي ”اسان کي لنچ ڪمري ۾
Serve
ڪئي وڃي!“ ۽ پوءِ نتاشا کي ذري
گهٽ گهليندو در ڏانهن وڃڻ لڳو ۽ هوءَ روئندي رڙندي
رهي- ”پپا- پليز-مَما…“ ۽ هن جي مَما ويچاري ڪجهه
نه ڪري سگهي! پرنسيس روم جو در کُليو-بند ٿيو-۽
نتاشا سان سندس رڙيون به ٻاهر هليون ويون. ساگر
هيڏي ساري ڀريل پرنسيس روم ۾ پاڻ کي هڪدم اڪيلو
ڀانئيو. ۽ هو سونا کي سارڻ لڳو (جيڪا ڪڏهن وسري
به نه هيس!)
”سونا!“ سونا جا ڪجرارا نيڻ کڄيا ”منهنجو توسان
پيار ٿي ويو آهي!“ سونا ڪجهه چوڻ چاهيو پر ساگر
چوڻ نه ڏنس ”مون کي ڳالهه پوري ڪرڻ ڏي.“ ۽ هوءَ چپ
چاپ هن کي ٻڌڻ لڳي ”سچ پڇين، مون کي توسان، پهريون
ڀيرو ملڻ پهريون ڀيرو نه لڳو. تون مڃين نه مڃين،
پر مون اِها ڳالهه، پيار ٿيڻ واري، توکان پهرين،
ڪنهن به ڇوڪريءَ کي نه چئي آهي! ائين ناهي ته مون
ڪنهن کي چاهيو ئي نه هجي، پر اهڙو اظهار، پيار جو،
مان پهريون ڀيرو توسان ئي ڪري رهيو آهيان- ۽ اهو
به ضرور ناهي ته تون به اُهائي ڳالهه چئين جيڪا
مون چئي آهي! تون نٿي چاهين نه چاهي آءٌ چاهيان ٿو
اِهو- چاهه مون تي قرض آهي قرض لاهيان ٿو اِهو!“
سونا ڪا به ورندي نه ڏني ۽ اٿي
Sea View restaurant
مان وڃڻ لڳي. ساگر کيس پٺيرو
ويندو ڏسندو رهيو. ۽ جڏهن هُن جي نظر کان اُلهي
وئي، تڏهن ساگر پاڻ کي هڪدم اڪيلو ڀانئيو.بلڪل تن
تنها، توڙي جو سي وِيو ريسٽارنٽ جون سڀئي ٽيبلون
ڀريل هيون.-
-در کي ڪنهن هلڪو کُڙڪايو هو، ۽ ائين اُن ٻه ڀيرا
ڪيو هو. ٻيو ڀيرو تڏهن جڏهن ساگر چيو هو- ”کُليو
پيو آهي“- پر نيٺ کيس اُٿڻو پيو هو، هن کي الاءِ
ڪيئن ڀاسيو ته ٺڪ ٺڪ سان گڏ چوڙين جو ڇڻڪو به هو!
هن در کوليو ته اُتي ڪو به نه هو. هن لفٽ ڏانهن
لُوهه پاتي. لفٽ به ساڳئي فلور تي هئي. ڏاڪڻ ڏانهن
ڊوڙيو. اُها به خالي خالي خاموش خاموش هئي. تڏهن
ڪمري جي پوري کُليل در وٽ اڌ کُليل گلاب تي نظر
پيس. ڊوڙي وڃي کنيائين ۽ مٿئين فلور ڏانهن ڏٺائين
ته سونا کي ٿنڀي جي اوٽ ۾ ٿيندي پَسيائين ۽ پوءِ
هن جي ڪمري جي در بند ٿيڻ جو آواز ٻڌائين. ساگر جي
ٻُڪ ۾ اڌ کُليل گلاب ائين ٿي ڀاسيو ڄڻ دعا هجي! او
کُليل گلاب جي چهچ سائي ڏانديءَ تي بوشيپ پـِنڪ
رِبن ۾ ٻڌل دل جي شڪل جو ڪاڳر لرزي رهيو هو (يا
شايد هن جا هٿ!) هو ائين اڌ کُليل گلاب ٻُڪ ۾ کڻي
ڪمري ۾ آيو. شيشائين ڀت تان فل پردو هٽائي ڌڙڪندڙ
دل ڏڪندڙ هٿن سان ڪاڳر کوليائين. لکيل هو
”منهنجي دل ۾ به اهائي ڳالهه آهي
جيڪا توهانجي دل ۾ آهي.“
اُن ڏينهن ساگر گهير واري سلوار تي آڏي ڳچيءَ
وارو ڀرت ڀريل پهراڻ پهريو. ڪلهن ۾ اجرڪ پاتي.
ڪانفرنس روم ۾ سڀني جون نظرون هن تي کُپي ويون
هيون.
چانهه جي ساهيءَ تي مسز شاهه کان رهيو نه ٿيو-
-اڄ ته سنڌ جا شهزادا پيا لڳو!
”لڳان پيو!“ ساگر نراڙ گهنجايو.
-نه نه- توهين ته آهيو! مسز شاهه ٽهڪ ڏنو.
۽ سونا جو مُک سونو ٿي ويو هو.
پهرئين ڏينهن
جڏهن ساگر ٽئڪسيءَ کي ڀاڙو ڏئي ڪائونٽر تي پنهنجي
ڪمري جو پڇڻ ويو تڏهن ڪائونٽر لائونج ۾ کُتل
مهورتي پٿر تي نهار پيس ۽ هو ڊائريءَ ۾ نوٽ ڪرڻ
لڳو:
Beach Luxury Hotel
Opend by
The Honourable Mr. M.AKhuhro
The first Premier of Sindh
In the Pakistan State
Karachi, 21 Marh 1948.
ساگر جئن ئي ڊائري ٺَپي تئن هڪ وينگس تي اک کُپي
ويس. هوءَ پٺيري بيٺي هئي. مُڙي ته سندس ڇاتيءَ تي
ڪانفرنس جو بيج ڏسي ڏانهنس لڙي ويو هو.
-ايڪسڪيوز مي!
وينگس ساگر ڏانهن ڪجرارا نيڻ کنيا ساگر انهن جو
ٿاهه لهڻ لڳو.
”جي!“ ڪيڏو نه مڌر آواز هو اُهو! سامونڊي هوا ڪلهن
تائين ڪٽيل هن جي ڀنڀن کي اُڏاريو اُڏاريو پئي
وئي. ۽ هوءَ انهن کي ڪنول مُک تان هٽائڻ جا وئرٿ
جتن ڪري رهي هئي. ’مان هٽايان!‘ ساگر چوڻ چاهيو.
”توهان ڪجهه چيو ڇا!“
ساگر کي ڀاسيو هوءَ ته ذهن به پڙهي ٿي وٺي! ۽ شاهه
سائينءَ جي سـِٽ ياد آيس-
جا چتايم چـِتِ ۾، سڄڻ سا ٿو ٻُجهي!
”ها.“ ساگر کان ڪانفرنس روم بابت پڇڻ وسري ويو. ۽
هن جي چپن تي پنهنجي ئي هڪ نظم جون سٽون اُچارجي
ويون:
”پاڻ اڳ ۾ به مليا آهيون ڪٿي
پر ڪٿي سو ته نٿو ياد اچي!“
”اها ڳالهه توهين اڳ ۾ گهڻين ڇوڪرين کي چئي چڪا
آهيو!“
”جي!“ساگر کان رڳو ايترو ئي اُڪليو.
”جي! پر هاڻي اِهي ٽَلون ڇوڪرين کي امپريس ڪرڻ
جون، گهڻيون پراڻيون ٿي چڪيون آهن!“ ۽ پوءِ هوءَ،
ساگر کي حيران پريشان ڇڏي، پريان بيٺل، مسز شاهه
ڏانهن وڌي وئي هئي!
ڪانفرنس ۾ پهريون سيشن تعارف ۽ ڪانفرنس جي ڪارج
بابت هو. هوءَ ساگر جي سامهون واريءَ
row
۾، مسز شاهه جي ساڄيءَ ويٺل هئي. هن جو نالو سونا
هو، هوءَ گهوٽڪيءَ ۾ ٽيچر هئي. ساگر گهڻو ئي
لنوايو پئي، پر نيڻ هر هر هن ڏانهن کڄي ٿي ويس.
”ساگر صاحب کي اسين سڀ هڪ شاعر جي حيثيت سان ته
سڃاڻون ٿا، پر هتي پاڻ شاعر جي حيثيت ۾ نه، هڪ
ماهر جي حيثيت ۾ شريڪ آهن!!“ سَررحمان، ساگر جو
تعارف ته ڪرائي ڇڏيو هو، پر ساگر جئن ڪجهه چوڻ
لاءِ اُٿيو ته سندس کاٻي پاسي واري
row
۾ سڀئي نوجوان ٽيچر هئا، جيڪي سنڌ جي مختلف شهرن ۽
ڳوٺن کان آيا هئا. ۽ هُو منجهي پيو.
ان صورتحال ۾ هو سدائين منجهي پوندو هو. مشاعري ۾
پڙهڻ لاءِ شعر هڪڙا چونڊيندو هو- پڙهندو ٻيا هو ۽
فرمائشون ٽين جون ٿينديون هيون. ڪامريڊ ڌڻي بخش ته
سدائين ”سنڌ جند“ ٻڌائڻ لاءِ چوندو هوس، جيڪو ساگر
کي ياد به نه هوندو هو، اهو نظم ته هن جي مجموعي
”دُکندو رهڻ- ۾ به ڇپيل هو، هو ته سدائين نوان شعر
ٻڌائڻ چاهيندو هو، ”ساگر صاحب! ٿي وڃي.“ سر رحمان
هن کي ان اِسٿتيءَ موٽائي نه سگهيو. هن سونا کي
ڊائري کوليندي ڏٺو. کن اکن سوچيائين- پوءِ في
البديهه چيائين:
هر ڪنهن کي ڏک آهن
مون کي به آهن
سونا ڊائريءَ تي نوٽ ڪرڻ لڳي. ساگر سٽون ورجايون:
هر ڪنهن کي ڏک آهن
مون کي به آهن
هر ڪنهن کي سُک آهن
مون کي به آهن
هر اک ۾ لڙڪ آهي
مون کي به آهي
هر چَپَ تي مُرڪ آهي
مون کي به آهي
پر مون کي
ڏک آهي ته اِهوئي آهي
اک ۾ لڙڪ آهي ته اِهوئي آهي
ته ايڏو هوءَ اوير ملي
۽ مون کي
سُک آهي ته اِهوئي آهي
چَپَ تي مرڪ آهي ته اِهائي آهي
ته هوءَ اوير ملي سوير ملي
پر ملي ته سهي!
”سائين جوڙو ڪريو“ ڪنهن چيو. ساگر مُرڪيو ۽ نظم
ٻڌائڻ لڳو:
لکندي لکندي
پين تان کڻي وتائين
۽ سوچيائين
ڇو؟ ۽ ڪنهن جي لاءِ لکي؟
هُن ته لکڻ مان اڄ تائين
پـِيڙ ئي پـِيڙ پـِرائي هئي
وصل ڪٿي به نه هو هُن لئه
پني جي ٻـِن پاسن تي
هئي ته صرف جدائي هئي
هيڏن سارن تارن هوندي
چنڊ جيان، هُن جي راتين ۾
تنهائي تنهائي تنهائي…هئي!
”ساگر صاحب! سنڌڙي جندڙي نظم ٻڌايو، اُهوئي چنڊ ۽
چڪور وارو نظم.“ ساگر ڪنڌ سان هائوڪار ڪئي. (پر
هن سوچيو ته ڇا اُهو نظم ڪٿي ڇپيو آهي! سونا تائين
اُهو نظم ڪيئن پهتو!) ۽ نظم ٻڌائڻ لڳو:
اي منهنجي سنڌڙي
اي جندڙي منهنجي
چڪوري چنڊ کي چاهيو نه هوندو
جيئن چاهيو آهه مون توکي
اي منهنجي سنڌڙي
اي جندڙي منهنجي!
ساگر سيمينارن، ورڪشاپن، ڪانفرنسن، مهورتن، ميٽنگن
کان وؤن ويندو هو. پرڊيوٽي- نوڪري ٽوڪري! من ۾
ايندو هوس ته اُها ٽوڪري مٿي تان لاهي اُڇلي پَٽ
تي هڻي، پر پوءِ پوڙهي پيءُ، اگهي ماءُ، ننڍو ڀاءُ
۽ ڀيڻ اکين آڏو اچي ويندو هئس. سڄي گهر جو گذارو
ساگر جي سُڪي پگهار تي هوندو هو. هن جي پيءُ ماءُ
لنگهڻ ڪٽي، ڪپڙن ۾ چتيون هڻي، پورهيا ڪري هن کي
پڙهايو هو.
جڏهن ساگر پهريون آفيشل ٽوئر تي پشاور وڃي رهيو
هو، تڏهن هُن گهڻو ئي لنوايو هو، پر ڊائريڪٽر، هن
جي سيڪشن مان سندس ئي نالو ڏنو هو. هُن جا ڪليگز
ته آفيشل ٽوئر لاءِ ٿُڪ تي مُک وانگر هوندا هئا.
اُن جي ڪارڻن جي کيس تڏهن خبر پئي، جڏهن ائڊوانس
جي ڏوڪڙن مان ٽرين جي اي سـِي جي ٽڪيٽ وٺي. اُن جي
فوٽو ڪاپي ڪرائي، ٽڪيٽ واپس ڪري، ٿرڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ
تي هوشيار پشاور پهتا- ۽ اي سـِيءَ جو ڀاڙو وصول
ڪيائون. ”ائين به ٿيندو آهي شاعر صاحب!“ شيخ صاحب
اک ڀڃندي کيس چيو هو ۽ ساگر صرف مُرڪيو هو. هڪ
رُنل مُرڪ!
”ساگر صاحب! ڇا پيا سوچيو؟“ مسز شاهه پريان کان
ويجهو ايندي چيو- ۽ هُن جي پُٺيان هوءَ هئي- سونا!
مسز شاهه سان ته هو اسلام آباد ۾ ملي چڪو هو هڪ
ٽيچرز ٽريننگ ورڪشاپ ۾. ”ڪو شعر پيا سوچيو ته اسان
کي به ٻڌايو! ”مسز شاهه ۽ هوءَ-سونا-ساگر جي
سامهون پيل ڪرسين تي ويهي رهيون ”ارشاد!“
”ڇا ارشاد به آئي آهي؟“ ساگر جي جملي تي ٽنهي- مسز
شاهه، ساگر ۽ هن جو-سونا جو- گڏيل تهڪ ٻريو. ”اندر
اچو-سيشن شروع ٿيڻ وارو آهي.“ مسٽر ڪبير جي آواز
تي هُو ٽيئي ڪانفرنس روم ڏانهن وڃڻ لڳا- ساگر
اڳتي وڌي ڪانفرنس روم جو در کوليو ۽ مسز شاهه ۽
سونا اندر داخل ٿيون ۽ پوءِ پاڻ!
”ساگر، هيءَ سونا…!“
”اسين اڳ ۾ ملي چڪا آهيون ۽…“
”تعارفي سيشن وارو ملڻ به ڪو ملڻ آهي!“ مسز شاهه
ساگر جي ڳالهه ڪٽيندي چيو ”جنهن ۾ رڳو نالو، ڳوٺ
يا شهر، تعليمي لياقت ۽ وغيره وغيره جو ذڪر ڪيو
ويندو آهي.“
”نه نه!“ ساگر منجهي پيو ته ڇا چئي ”اسين ان کان
به اڳ ملي چڪا آهيون!“
”هون ن ن…!“ مسز شاهه جي ’هون‘ ڪجهه ڊگهي ٿي وئي
”لـِڪي لـِڪي-اڪيلي!“ ۽ هُن سونا کي ٺونٺ هنئي ”ڇا
ڳالهه آهي؟“
”اصل ۾ ساگر صاحب سان پهرئين ڏينهن ملاقات ٿي هئي
۽…“
”۽ تون هُن کي اهو ٻڌائي ڇڏيو ته تون هُن جي وڏي
مداح آهين ۽ تنهنجي ڊائري ساگر جي شعرن سان ڀري
پئي آهي!“ مسز شاهه ٿڌي ساهه ڀرڻ لاءِ ترسي ”هاڻي
منهنجي ٻڌائڻ لاءِ باقي ڇا بچيو آهي!“
”مون اهڙو ڪجهه نه ٻڌايو هو ساگر صاحب کي!“ سونا
ساگر ڏانهن ڏسندي چيو.
”شڪر!“ مسز شاهه ٿڌو ساهه کڻندي-ڇڏيندي چيو. ۽
پوءِ ٽيئي ڄڻا
Sea view Restaurant
ڏانهن وڃڻ لڳا ڊنر لاءِ.
سونا، نوري ۽ مسز شاهه ساگر کي هوٽل جي سامهون،
PCO
تي مليون.
”پڪڙ جي پيا نه!“ مسز شاهه جملو اُڇليو. ساگر چوڻ
چاهيو ته ’پڪڙجي ته ڪڏهن ڪو چڪو آهي!‘ پر هُو صرف
مُرڪيو هو. مسز شاهه کي پنهنجي شاهه صاحب سان
حيدرآباد ڳالهائڻو هو. نوريءَ کي ٽي وي جي ڪنهن
پروڊيوسر سان ڳالهائڻو هو. ٻيئي ٽيليفون بوٿ ۾
هليو ويون. سونا ۽ ساگر ٻاهر ڏاڪڻين تي ويهي رهيا.
سونا ساگر ڏانهن مُٺ وڌائي. ساگر ٻُڪ جهليو. ٻُڪ ۾
مُٺ کُلي. ساگر جي ٻُڪ ۾ ڦوٽا هئا. هڪ ڦوٽو هن وات
۾ رکيو ۽ ٻيا کيسي ۾.
-”بوتل پيون؟“
-”ڀلي!“
ساگر بوتلون وٺي آيو. ٻَٽن ڍُڪن کان پوءِ
”بدلايون؟“
”ها!“
۽ ٻنهي بوتلون بدلايون.
واپسيءَ تي سيڪيورٽي وارن هن لاءِ پورو گيٽ کوليو.
”توهان جي ڪري پورو گيٽ کُليو آهي!“ ساگر چيو.
”ها-“ سونا ساگر ڏانهن نهاريو ”گيٽ واري اسان کي
به گاڏيون سمجهيو هو!“ ان تي چئني جو-سونا، ساگر،
نوريءَ ۽ مسز شاهه جو گڏيل ٽهڪ ٻريو هوٽل جي
لائونج ۾. انگريز جوڙي هنن ڏانهن مُڙي ڏٺو- پر هو
لفٽ ڏانهن مُڙي چڪا هئا. لفٽ جو در کُليو ته اُن ۾
رئيس ننڍو اڳ ۾ ئي موجود هو. جيڪو هنن کي ڏسي،
ساگر کي ٿيلهو ڏئي، ڀُٽ ڀُٽ ڪندو، ٻاهر نڪري ويو.
نڪري ته ساگر به ويو هو ڳوٺ مان-انهيءَ رئيس ننڍي
جي ڪري.
ساگر جي پڙهڻ تان ئي هنن کان ڳوٺ ڇڏايو ويو هو،
ساگر مئٽرڪ پاس ڪئي هئي ۽ پڻس مـِٺائي کڻي رئيس
وڏي وٽ ويو هو.
”مٺائي پنهنجي پُٽ جي پاس ٿيڻ جي آندي اٿئي يا
منهنجي پُٽ جي ناپاس ٿيڻ جي!“
پوءِ ته رئيس وڏي هنن سان پائي کنئي هئي، هنن جي
ٻنيءَ ٽُڪر جو پاڻي بند ڪرڻ، پوءِ وري ٻوڙائڻ،
بيٺل فصل ڀيلائڻ. هنن جا گس پنڌ بند ڪرڻ- ۽ هُو
شهر هليا ويا- پنهنجا سر کڻي، ٽن ڪپڙن ۾، پنهنجو
سڀڪجهه پٺيان ڇڏي. ٻني-گهر-ڍور-هاڻي اُهي سڀ رئيس
وڏي جي ملڪيت هئا! ۽ اُها وارتا هُن سونا کي ٻڌائي
هئي-
-هُو
Sea view Restaurant
۾ ڊنر ڪري چڪا هئا. سنڌ جي آڪاس تي چوڏهينءَ جو
چند سونا جي چوٽ تي ٽـِڪ ٻڌيو کـِڙيو بيٺو هو ۽
سنڌ جي سمنڊ جي ٽـِڪ ۾ پنهنجو اولڙو پسي رهيو هو.
-توهان جي شاعريءَ ۾ ايترو ڏک ڇو آهي؟ ان ڪري،
شايد، ته زندگيءَ ۾ ڏک آهي! ۽ پوءِ ساگر سونا کي
اها وارتا ٻڌائي هئي، ۽ سونا هُن جي هٿ تي پنهنجو
هٿ رکي ڇڏيوهو- ڦَٽ تي پهي وانگر.
”Sorry
مون توهان جا چاڪ چڪائي ڇڏيا!“ |