سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005(1)

 

صفحو :7

شاعري

 

”…اگرچه غزل سنڌ ۾ پيدا نه ٿيو آهي ۽ سنڌيءَ ۾ پارسيءَ جي معرفت داخل ٿيو آهي، تنهن هوندي به صنفي طور  سنڌي شاعريءَ ۾ ايتري قدر ته جذب ٿي ويو آهي جو ڄڻ اُن جو ذاتي انگ پيو لڳي. سنڌيءَ ۾ غزل گوئي اهڙي ته وسيع پيماني تي ڪئي ويئي آهي جو اُن  کان سواءِ اُن جي شاعريءَ جي نشو ونما جو پورو جائزو وٺڻ مناسب ۽ محال آهي. سنڌي غزل ۾ ٻه ڌارائون همڪنار پئي رهيون آهن. هڪڙي لهر پاسي شاعريءَ جي تتبع تي هلندي آئي آهي ۽ ٻي پارسيءَ جي فضول اثرن کان فارغ رهي پنهنجي حيثيت کي قائم رکڻ جي سرجوشي پئي ڪئي آهي. ٻيءَ لهر ۾ غزل  جي فن جا بنيادي عنصر موجود آهن، پر اُن ۾ اجنبيت جي رنگريزيءَ جو اثر محسوس نه ٿو ٿئي ۽ خاص سنڌي رنگ جي پيئي لڳي. غزل کي ”سنڌي“ نوعيت ڏيڻ ۾ ڪن شاعرن تمام گهڻي جانفشاني ڪئي آهي ۽ ڪن ٿوري. بهرحال اِها هڪ حقيقت آهي ته ابتدا کان ئي سنڌي غزل کي نئين رنگ ۾ پيش ڪرڻ جي اهميت محسوس ڪئي ويئي…سچل جو توڙي الف-ب وار ديوان موجود نه آهي، پر شعر ۾ جنهن نموني هن غزل جي سمورن لوازمن کي آندو آهي، تنهن مان ظاهر آهي ته هن ئي پهريائين سنڌي شاعريءَ کي غزل جي صنف سان آشنا ڪرايو. وزن، رديف ۽ لفظن جي جوڙجڪ، ’و‘ ۽ زير اضافت جو استعمال، تمثيلون ۽ تلميحون، ڪنايا ۽ اِشارا-سڀ پارسي ۽ اُردو غزل جي ڍنگ جا آهن. هڪ ڳالهه وسارڻ نه کپي ته سچل غزل جي پارسي لوازمن کي سنڌي خيالن جي ڍانچي ۾ سمائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن اهڙيءَ رمز سان اُنهن لوازمن جو اظهار ڪيو آهي جو اُهي ڌاريا نه ٿا لڳن ۽ سنڌي ماحول جو هڪ خوبصورت حصو بڻجي پيا آهن. اهڙيءَ طرح پارسي خيال سنڌي شاعريءَ ۾ جذب ٿيندا ويا ۽ جنهن حد تائين اُهي خيال سنڌين جي تهذيبي ماحول ۾ قبول پيا، ان حد تائين ان کي پنهنجو ڪيو، باقي رهيل عناصر وقت جي گذرڻ سان پاڻهي خارج ٿي ويا…“

-ڊاڪٽر ارجن ”شاد“

[”سنڌي غزل“، ص 32-33-57]


 

شبير ”هاتف“

 

قطعا

 

اگر تون نه ٿو ٿي سگهين حال ڀائي

اِنهيءَ حال ۾ مبتلائي رهڻ ڏي

پڇي حال ڇا لئي ٿو ڇيڙين ڦَٽن کي

سُتا سُور سهڻا سُتائي رهڻ ڏي.

[حيدرآباد، 19-جون 1992]

 

جي ڪـِن پيار وارن جي پاڙي ۾ گذرون

اُهي پيار واريون گهڙيون پيو سنڀاريان

حياتيءَ جي پونجي اُهي رس رهاڻيون

کُٽي واڻـِئي جئن وَهيون پيو سنڀاريان.

[ڪويت، 8 ڊسمبر 1995]

 

دوستو! شابس ڏيو هن شخص کي

هُو جو هئن کـِلندو کـِلائيندو وتي

رات سورن ۾ سڙي روئي ٿو رت

صبح سان مُرڪون ورهائيندو وتي.

[ڪويت، 9 ڊسمبر 1995]

 

ٽوهه جو ذائقو ۽ رنگ ڏسي

مون کي ڪـِن دوستن جي ياد آئي

ڪنهن اڱڻ ۾ ڏسي گلاب جا گل

پنهنجي اُجڙيل چمن جي ياد آئي

[حيدرآباد، 20 جون 1994]

 

غزل

ڪنهن سان لائي ياري دل؟

اُجرا چهرا ڪاري دل!

مون به اُنهن تان واري دل،

زخمن سان جن ڏاري دل.

هن هڪ ڀيرو ڌتاري دل،

پوءِ ته اسان به وساري دل.

آخر ڌڻين ڀيڙي ٿي،

مون وٽ هئي جا اُڌاري دل.

وسئون وئي ويچاري دل،

خوشين سان ته پويس ئي ڪا نه،

سورن جي ساٿاري دل

عشق ڪجي ها عمر ڏسي،

ڪيڏي ڪرائي خواري دل.

تنهنجي اچڻ سان ڪجهه ڌڙڪي،

تنهنجي وڃڻ بيهاري دل.

”هاتف“ وٽ تو ڇڏيو ڇا،

هڪڙي دردن ماري دل

            [ڪويت، 6-آگسٽ 1994]

 

 

سرويچ سجاولي

 

ڪڏهن آهيان-ڪڏهن ناهيان

 

مان پنهنجي پنهنجي اندر ۾، ڪڏهن آهيان ڪڏهن ناهيان،

مڪي مسجد ۽ مندر ۾، ڪڏهن آهيان ڪڏهن ناهيان.

 

خدا جو خاص خلقيل ۽ خدا جي مان زبان آهيان،

مگر نيڪن جي نمبر ۾، ڪڏهن آهيان ڪڏهن ناهيان.

 

اُچن عرشن تانهن کان، اُڏامان ٿو گهڻو اڳتي،

سُڪي توڙي سمندر ۾، ڪڏهن آهيان ڪڏهن ناهيان.

 

اُتر اولهه ڏکڻ اوڀر، ڏِسيون چارئي ته ڏوريان ٿو،

مگر پنهنجي ڪچي گهر ۾، ڪڏهن آهيان ڪڏهن ناهيان.

 

بيابانن برن پوٺن، ۽ وڻڪارن ۾ وڙڪان ٿو،

سجاول ٺٽي ۾ ننگر ۾، ڪڏهن آهيان ڪڏهن ناهيان.

 

نه مذهب جو مان متوالو، مگر مذهب مڃيان سڀ ٿو،

سچن صوفين سان سنگهر ۾، ڪڏهن آهيان ڪڏهن ناهيان.

 

گلابي ڀون ۾ گهر منهنجو، رهان موتئي جي محفل ۾،

سمن سنبل صنوبر ۾، ڪڏهن آهيان ڪڏهن ناهيان.

 

ڪي جسماني ته ڪي ذهني ۽ اڻ ڳڻ ڌَڪ دلڙيءَ ۾،

سگهو پنهنجي ته سانڀر ۾، ڪڏهن آهيان ڪڏهن ناهيان.

 

هزارن سان هجومن ۾، ڪروڙن ساڻ ڪٽڪن ۾،

دنيا جي شور ۽ شر ۾، ڪڏهن آهيان ڪڏهن ناهيان.

 

ڀٽائي ساڻ دل ڀرمي، عقيدت مند احمد جو،

عنايت ۽ قلندر ۾، ڪڏهن آهيان ڪڏهن ناهيان.

 

سچل سان سَچَ ۾ ساٿي، سدا سرويچ سوڀارو،

متل اُن جي ته مستي ۾، ڪڏهن آهيان ڪڏهن ناهيان.

 

 

سوز ٽکڙائي

 

قطعا

 

تنهنجي ميخاني ۾ بهار آئي،

ميڙ مستن جو هـِت نظر ٿو اچي.

اڄ ته پياسن کي جام جام پيار،

هڪڙي محفل ڪڏهن ڪڏهن ٿي مچي!

ويا ورهه گذري نه آئين وري،

جدائيءَ جي راتين ته ماري ڇڏيو؛

اڃا ننڊ نيڻين مس آئي هئي،

وري تنهنجي يادن اُٿاري ڇڏيو!

 

سينگار ڪري آئي آهين،

تنهنجي صورت تان گهور وڃان!

چهري تي ڇو وار وکيريهءِ،

بادل پاسي ڪر چنڊ پسان!

 

دين دنيا کان ٿي وڃان غافل،

جام اهڙا ڪي يار پياري ڇڏ،

تنهنجي آغوش ۾ پوان ليٽي،

مون کي لولي ڏئي سمهاري ڇڏ!

 

پنهنجي اکڙين کي روڪ اي جانان،

بي گناهن جو قتل عام نه ڪن؛

واٽ ويندن تي ڪن ٿيون حملا،

سوز جهڙا ڪئين پيا ڦٿڪن.

 

تنهنجي در تي ائين پيل آهيان،

نڪي جيئرو نڪو مئل آهيان؛

مرغ بسمل جيان پيو ڦٿڪان،

تنهنجي اکڙين جو ئي ڪٺل آهيان.

 

 

عنايت بلوچ

غزل

مُنهن مـِٺا موڙي نه وڃ،

واسطا ٽوڙي نه وڃ.

ماڻهو گُهوريندئي گهڻا،

وارَتون ڇوڙي نه وڃ.

پهچندي، واپس سنبت،

ويهه، واچوڙي  نه وڃ.

تو ئي جي چيٺيا هُيا،

زخم آهوڙي نه وڃ.

تير نظرن جا تـِکا،

دل اندر کوڙي نه وڃ.

مون تـي راضي ٿي نه ٿي،

غيرَ سان جوڙي نه وڃ.

لوڻ- پاڻي جندڙي،

ماسَ کي روڙي نه وڃ.

اَچُ ’عنايت‘ کي اُڪار،

سـِيرَ ۾ ٻوڙي نه وڃ.

 

غزل

اي پيارا! واٽَ ويندڙ، پيار ۾ پنهنجا نه ڪر،

پر جي ڦاسي پيا ته پو جلدي اُهي آجا نه ڪر.

دل به ڏيندا، جان ڏيندا، ساهه سـِر صدقو ڪندا،

عاشقن سان آزمائش جا مـِٺا چرچا نه ڪر.

تنهنجي صورت جن ڏٺي، ڏسندا رهيا، بيهي رهيا،

برهه جا باندي مسافر، سُونهن سان سوگها نه ڪر.

تنهنجي  پهرين گُهورَ کان پو آ نه ڪجهه باقي بچيو،

دل جي ڌرتيءَ کي لتاڙي، روح ۾ رستا نه ڪر.

ياد جنهن دم ڀي ڪندين، هوندس سدائين اوڏڙو،

پاڻ کان پرتي پرين، منهنجي ڪٿي ڳولا نه ڪر.

 تو ڏٺي ڪي ڏينهن گذريا، وصل واڌايون به ڏي،

پاڻ کان هرگز پري، مون کي پيارا نه ڪر.

درد کان او دادلا! يَرَدانهن نڪري ٿي وڃي،

ڀل ’عنايت‘ ڪر اڃا، پر بيرُخي بيجا نه ڪر.

 

 محسن ڪڪڙائي

غزل

هُو جو هڪڙو پوڙهو هو،

پنهنجي گهر جو لوڙهو هو.

هيڏي ساري دنيا ۾ ڇو،

ماڻهوءَ جو منُ سوڙهو هو!

جوڀن ٻوسٽ ۾ پيو ڦٿڪي،

هن جو ڪمرو سوڙهي هو!

ڪنهنجي ڳچيءَ ۾ هار گلن جا،

ڪنهن جي ڳلي ۾ ٽوڙهو هو!

’محسن‘ جا سڀ ساٿي ڳڀرو،

پاڻ ته بيشڪ پوڙهو هو.

 

غزل

ڪجهه به ته ناهي چاهه برابر،

چاهه ته آهي ساهه برابر.

مُنهنجي دل ۽ هن جو جوڀن،

ڏي-وٺ ٿي وهه واهه برابر.

رشتن جي ڪاتن جي وچ ۾،

ڪُتر ٿياسين گاهه برابر!

عورت جي پيڙا ۽ سـِڪ کي،

ڪنهن ڳايو هو شاهه برابر؟

من ۾ ويهي وڃ ته مڃان،

مومن جي ويساهه برابر.

بيشڪ اُن جو  نائب آ، پر،

آدم ڪيئن الله برابر؟

سنڌ تي شال نه مهل اچي،

نادرشاهه جي ڪاهه برابر!

’ڏاڏا‘ جي نسبت سان ’محسن‘،

پاڻ به آ گمراهه برابر!


 

حميد ”شهيد“ هالائي

غزل

تنهنجي آئي اي مـِٺا مهڪي اُٿيا،

گل به هئا آسائتا، مهڪي اُٿيا.

 

هڪ پني تي هڪڙو نالو مون لکيو،

ڊائريءَ جا سڀ پنا،  مهڪي اُٿيا.

 

ڪنن ڏنا پئي ڪنهن کي چاهت جا گلاب،

منهنجي من ۾ موِتيا، مهڪي اُٿيا.

 

اڄ به من! ڪو پياسو منُ پاڻي پئي!

اڄ به هي ڪورا گهڙا، مهڪي اُٿيا.

 

چنڊ جئن چانئٺ ٽپي آيواڱڻ،

ڪارا پاڇا رات جا مهڪي اُٿيا.

 

خواب هويا خواب ۾ ڪو خواب هو،

هٿ ۾ هٿ مينديءَ رتا مهڪي اُٿيا.

 

شب برات آهي نه اڄ ڏياريءَ جو ڏڻ،

من اندر ڇو هي ڏِيا، مهڪي اُٿيا؟

 

توسان گڏجي آ گهمڻ جو ڇا مزو!

رڱ-رتا سڀ پيچرا، مهڪي اُٿيا.

 

چنڊ روشندان مان جهاتي وڌي،

سُور مس مس هئا سُتا، مهڪي اُٿيا.

 

پهرين بارش جو وَسيو پهريون ڦڙو،

ٿر جا سڀ ننڍا وڏا، مهڪي اُٿيا.

 

 

وسيم سومرو

 

گيت

 

نـِيريون، پـِيليون، ڳاڙهيون ڦُلڙيون،

ڪهڙي هٿَ اُکيليون ڦُلڙيون،

منهنجون سنگ سهيليون ڦُلڙيون، سنگ سهيليون ڦُلڙيون.

 

پيرن ۾ رُت ڇم ڇم ڇمڪي،

سج تي منهنجي چُني چمڪي،

چمڪي نـِت نويليون ڦُلڙيون، نـِت نويليون ڦُلڙيون.

 

لامَ ٻَٻُرَ جي جئن پَلڙن سان،

منهنجي وارن جي ڇَلڙن سان،

ناهن مُور اڪيليون ڦُلڙيون، مُور اڪيليون ڦُلڙيون.

 

روشن کـِڙڪيءَ جي ليئڙي ۾،

هر پل تنهنجي اوسيئڙي ۾،

ڪئن ڪن نـِنڊ ڳَهيليون ڦُلڙيون، نـِنڊ ڳَهيليون ڦُلڙيون.

 

توتو سوچي پاڻ ولوڙيان،

ڌوٻي ڌوئي يا مان چوڙيان،

ڪڏهن نه ٿينديون ڀيليون ڦُلڙيون، ڪڏهن نه ڀيليون ڦُلڙيون.

 

سمجهه اُڃاري، خواب اُڃارا،

تنهنجي اکڙين منجهه اشارا،

منهنجي پاند پهيليون ڦُلڙيون، پاند پهيليون ڦُلڙيون.     

 

مير عبدالرسول ”مير“

بيت

 

ساٺيڪي تي سومرا، وُٺو سانوڻ مينهن،

نـِڌر هـِتي نينهن، قابو اندر ڪوٽ جي.

 

نه ڪي ننڊون ڪَنِ، نڪي سنڀرن قُوت کي،

مارو ”مير“  ملير ۾، ڏکيا ڏينهن ڏسنِ،

اَٺئي پهر اُداس ۾، جيئڙو جهانگيئڙنِ،

بادل جان بَرسنِ، سانگي منهنجي سار ۾.

وسن سانوڻ مينهن، ڏوٿيئڙن جي ڏيهه ۾،

ڏکيا هتي ڏينهن، راتيون گذرن روڄ ۾.

 

اُڃ ۾ سارو ٿَرُ، بوند نه ڪا برسات جي،

آنءُ ڪئن ههڙي حال ۾، ڪُڏي کڻان ڪَرُ،

بُٺو سارو بَرُ، سُڪا سَرَ ساڻيهه جا.

 

هجر منجهه حيات، مون جئن گهاري، جيڏيون،

هوند نه هڪڙي رات، سنڀري ڪائي ڪامڻي.

 

سانوڻ سانوڻ ڪن، ڏوٿي منهنجي ڏيهه جا،

اَلا اچي اوچتو، بادل جي برسن،

ته جهوپا جهانگيئڙن.، سَرها ٿين ۾ سيگهه ۾.

 

اُڀري ايندي آهَه، جڏهن سانوڻ سج ۾،

ته سڙي ويندا سومرا، تنهنجا ساهه پساهَه،

”مير“ ڇڏيندءِ مامري، اباڻن آڙاهَه،

وسري ويندءِ واههُ، سنگهرون سوگهيون ساهه ۾.

 

ڇاتيءَ اندر ڇيههُ، سـِڪُ سنگهارن جي ڪيو،

صبح سانجهيءَ سومرا، ڏسيو ڏسان ڏيههُ،

سارو ئي ساڻيههُ، سانڍيم ”مير“ سرير ۾.

ڀينر! جنهن کي ڀونءِ جو، دل ۾ آهي ڌيان،

”مير“ اُهو انسان، مري مرندو ڪينڪي.

 

ڀينر! جنهن کي ڀونءِ جو، دل ۾ ناهي ڌيان،

”مير“ اُهو انسان، جيئري ڄڻ ته مري يو.

 

ڀينر! جنهن کي ڀونءِ جو، خاصو آهي خيالُ،

اندر جو اَحوال، اُن سان اوري اورِيان.

 

ڀينر! جنهن کي ڀونءِ جو، پلپل پوي پُورُ،

سوئي نيڻن نُورُ، سوئي رهبر راهه جو.

 

 ڀينر! جنهن کي ڀونءِ جو، پَوي نه ٿو پُورُ،

”مير“ نه اُن کي مُورُ، ساٿي سڏبو ساٿ جو.

وتم ڄاڻ وجود مان، اُڀريو هي اُهڃاڻُ،

پَسجي پنهنجو پاڻُ، جهاتي پائي جيءَ ۾.

 

وتم ڄاڻ وجود مان، دل جو کولي دَر،

ساروئي جوهر، آهي پنهنجو پاڻ ۾.

 

وتم ڄاڻ وجود مان، سڀ ڪجهه اَٿم ساڻ،

سينو ڪري سوجهرو، پَسيم پنهنجو پاڻ.

پَتو پيو پاڻ مان، اُڀريو هي اُهڃاڻ،

ڪونهي مَديءَ ماڻ، ڪهڙو ماڻ مديءَ سندو؟

 

وتم ڄاڻ وجود مان، ٻڌم لائي ڪَن،

اندر منجهه اَمن، جنگ به ساري جيءَ ۾!

 

وتم ڄاڻ وجود مان، کولي ”مير“ ڪتاب،

جيڪو پڙهان باب، اکر پَسان هيڪڙو.

 

ڪرشن راهي

 

غزل

 

ڪوئي رستم هو، نه ڪو سهراب هو،

جنگ ۾ هر ڪو شڪسته ياب هو!

 

خواب جيڪي مون اکين ۾ ها رکيا،

ننڊ ڀي تن مان ئي هڪڙو خواب هو.

 

ڪجهه ڇڏي ۽ ڪجهه کڻي نڪتس گهران،

هر سفر ڀي، جيترو اسباب هو.

 

چمڪندڙ تارو انڌيري رات ۾،

روشنيءَ جو مختصر مهتاب هو.

 

منتظر ايڏو اچڻ جي لئه نه هو،

هو وڃڻ لئه جيترو بيتاب هو.

 

زندگيءَ ۾ عمر باقي اِئن بچي،

کنڊرن ۾ جئن کڙو محراب هو.

 

ڪو بيابان ٿو اچي وڌندو ائين،

ڄڻ ته واريءَ جو ڪوئي سيلاب هو.

 

مايا راهي

زندگي

 

صبح، منجهند، شام

اُس ۽ ڇانوَ

اونهارا ۽ سيارا

سال جون سڀ مندون

مندن جا سڀ ڏينهن

ڏينهن جا سڀ ڪلاڪ

ڀَڄَ ڊُڪَ

هَلا هَلان!

 

گهر، بسيون، آفيسون،

اَڪيلا خالي گهر

ڳُتيل بسيون

۽

مشغول آفيسون

زندگي ٽُڪر ٽُڪر ٿي

ورهائجي ويئي آهي.

 

آفيس ۾

گهر ۽ ٻار جي چنتا

گهر ۾

آفيس ۽ باس جا دڙڪا

بس ۾

ٻه پير کوڙي بيهڻ لاءِ

ڌڪم ڌڪا

هيءَ زندگي به ڪا زندگي آهي

ڪا ڪُتي جي زندگي آهي

پر ڪُتو؟

وڻ جي ٿڌيءَ ڇانوَ ۾

ڇا ته مزي سان

سمهيو پيو آهي!

 


 

نصير مرزا

 

شهبازحيدر مرزا

 

 

خُسرو بيگ جو تُخم آهي:

قليچُ بيگ جي ننڍيءَ ڀيڻ  جي

پوٽي جو هـِي پُٽ آهي؛

الهه ڪندو جو،

’علي زمان‘ تخلص رکندو،

۽ پيءُ وانگر،

ٻائر نه، مگر هو شاعر ٿيندو.

 

هُن ۾ ڏاتُ جا ڏيئا ٻَرندا،

نادر بيگَ جو وارثُ ٿيندو،

اياز جهڙو نثر به لکندو

نصيرَ وانگر ڳالهائيندو.

 

ڦُوهه جوانُ جڏهن هُو ٿيندو،

مُحرمَ ۾ زنجيرون هڻندو،

مرثيو تحت اللفظ به پڙهندو،

عليءَ وليءَ جو قائل ٿيندو.

 

سيوهڻ منجهه ڌمالونُ هڻندو،

دُور درازا ڏي ڀي ويندو،

ساميءَ سان ڀي پريت ڪندو پر،

شاهه حبيبَ جون مَٽيون ڀريندو،

’ڀٽّ-ڌڻيءَ‘ جو ئي هُو ٿيندو!

 

 

اياز گل

 

غزل

 

اڳيان تنهنجو دَر ئي نه آيو هُيو،

لڳو ڄڻ سفر ئي اَجايو هُيو.

اسان کي وري هُو مليو پوءِ ڪٿي،

اسان هڪڙو سپنو وِڃايو هُيو!

اسان کي نه آئي چڱي ڳالهه ڪا،

اسان کي جيڻ ڪهڙو آيو هُيو!

اسان وقت کي ڪين ويجهو ڪيو،

ڀلا وقت ڪهڙو نڀايو هُيو!

اُنهيءَ هنڌ هڪ درد رهجي ويو،

جتان تو کـِلي موڪلايو هُيو.

بَدن جي رهي پوءِ به خوشبو الڳ،

عَطر تو لَٽن کي لڳايو هُيو،

مڃون ٿا نه لاهي سگهياسي ڪڏهن،

مگر تُنهنجي ٿورن کي ڳايو هُيو.

وڇوڙائي ياد آيا ڇا لئه سدا،

جڏهن ڀي ڪٿي موڙُ آيو هُيو!

ها وِڇڙي ڪَمـِي ئي رهي هر طرح،

رُڳو سُور دل ۾ سَوايو هُيو.

هو گڏجڻ جو آيو ته احساس ٿيو،

ته هر وهم دلِ ۾ اَجايو هُيو.

سڄي شهر کي ڪير نابين چئي؟

اسان نُور پنهجو وِڃايو هُيو!

رُڳو نانءُ ئي ڪين هو سنڌڙي،

اَجهل عشقُ اکرين سمايو هُيو.

 

ادا سومرو

 

مان پنهنجو وقت وڪڻان ٿو

سڀڪو وقت گهري ٿي-

مون وٽ وري وقت کان سواءِ

ڪنهن کي ڏيڻ لاءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي

شاعري به محبوبا وانگر

وقت گهري ٿو

ڪتاب به وقت گهري ٿو

گهر واري ۽ ٻار به وقت گهرن ٿا

دوستن کي وقت نٿو ملي

ته وساري ٿا ڇڏين-

منهنجو بهترين ۽ تازو توانو وقت

آفيس جي فائلن ۾

فنا ٿي وڃي ٿو

ٿڪل ۽ فالٽو وقت

محبوبا قبول نٿي ڪري

موڪل واري ڏينهن جو وقت

ٽُڪرن ۾ ورهائجي ٿو وڃي

۽ ڪو به مطمن نٿو ٿئي-

پنهنجن ٻارن جي روزي روٽيءَ لاءِ

مان پنهنجو وقت وڪڻان ٿو

هڪ ڏينهن

دوست مون کي سڃاڻڻ کان

انڪار ڪندا

شاعري محبوبا وٽ رهجي ويندي

ڪتابن ۾ اُڏوهي رستا ٺاهيندي

جن کي

رديءَ وارو به خريد ڪو نه ڪندو!

 

 

احمد سولنگي

 

نظم

 

خون پَرَن تي چهنب رتائين، هانوَ ڪڍن هيراڪَ،

جهنگ ۾ رت جي بانس پکي ٿا اُڏرن رَتَ پياڪَ.

زهر زهر آ ڪنڊو تن جو، پيٽ سُڪا بدنام،

تيز هوا ۽ وڻ جي هيٺان، نانگن جو آرام.

ڪير ڪنڊن کان هاڻ ڇڏائي، جهنگ سڄي ۾ شور،

هر پاسي کان گهيرو گل جي نڙيءَ نڙيءَ تي زور.

طاقت جو آ آنڌ سڀن کي، تارا تجلي آور،

ڊگها ڊگها هي وحشي پاڇا، آڏو حملي آور.

 

مقصود گل

غزل

 

نينهن ۾ نرتڪي دل نچي ٿي پرين!

مُنڌ تنهنجي ملڻ جي اچي ٿي پرين!

چاندنيءَ جو وڳو رات، پهري وري،

راهه تارن سان تنهنجي تڪي ٿي پرين!

موسمون تنهنجي منهن ڏي نهاري نچن،

مُند مرضيءَ سان تنهنجي ڦري ٿي پرين!

رات زلفن ۾ تنهنجي ڪري ننڊ ٿي،

باک تنهنجي اکين مان ڦٽي ٿي پرين!

ماڪ کان پاڪ، او! جوت کان جرڪڻا،

توکي هر هر ڏسان دل ٺري ٿي پرين.

چنڊ تارا وٺي ميڙ، هٿڙا ٻڌي،

سوڀيا، سونهن توکان گهري ٿي پرين!

’گل‘ کان خوشبو ڀلا ڌار ڪيئن ٿي ٿئي.

سنڌ ڀـِٽ شاهه سان جئن ٺهي ٿي پرين.

 

بيدل مسرور

 

غزل

 

اسان دنيا ڪنان جيڪا لڪائي،

اُها تصوير  تو وٽ ڪيئن آئي.

 

اسان جي دور ۾ آهرڪو ڏوهي،

مگر هيءَ ڳالهه ناهي ڪنهن ڳڻائي.

 

اسان ٽي ڪوڙ روزانو چئون ٿا،

زبان ۽ ذهن جي آهي ٻـِيائي.

 

ادب نالي ٿيو لُڙ ڪانءَ وارو،

عدالت آ لڳي ادبي اجائي.

 

وڄي ڪيسٽ مان هر ڪو نقل گانو،

نئين ڌن ڪنهن به راڳيءَ ڪين ڳائي.

 

ڪلاشنڪوف ۽ روشن خيالي،

اچي ٿي کـِل مون کي يار جاني.

 

سُکن جي سج اُڀارڻ لئه اُٿو اڄ،

جيڻ جا ڏينهن آهن ڪُل اڍائي.

ڪئي ڪلهه ڳالهه جا هڪ جهور پوڙهي،

مگر پوڀي سڀن پئي ٿي لنوائي.

 

ڏيو حق نه ته ڪيون ٿا ملڪ کي اڌ،

بڪن ٿا اڄ گهڻا وائي توائي.

 

ڪرم هاڻي ڪري ڪو پاڻ مولا،

وجهي ملعونَ جي مُنهن ۾ منجهه ڇائي.

 

 

پشپا ولڀ

 

تلاش

 

منهنجي طبيعت ائين ڇو آهي

هر وقت ڪجهه ’نئون‘

’اڃان نئون‘ جي تلاش ۾

هڪ بي چين روح وانگر

سوچ جي سراب ۾

ڪنهن ’خوبصورت هرڻ‘

جهڙي خواب جي تلاش ۾.

ڪنهن به  جاءِ تي

ڪنهن به شيءِ ۾

ڪنهن کي چاهڻ

۽ حاصل ڪرڻ کان پوءِ به

خوشي حاصل نٿي ٿئي!

بي چيني اُتي ئي موجود رهي آهي

هڪ عجيب الجهن

من کي مُنجهائي رکندي آهي

خيال جو سُٽ اڃا وڌيڪ

مُنجهندو ٿو  وڃي.

منهنجو من  ائين ڇو آهي؟

’نئين‘ اڃا هڪ

نئين جي تلاش ۾.

 

 

طارق عالم

 

سارَ- اوسارَ…!

 

نه اُهي نيڻ هٺيلا نه اهي گهاٽا وارَ،

نه شرارت سا چپن تي، نه ڳَلن تي گلذار،

نه اُهي ٽهڪ جي ٽـِڙندا هئا ٽانگر وانگر،

نه اُهي سَڏَ پڙاڏا، نه ڪي ساڳي گونجار،

نه اُها وِکَ تـِکيري، نه اُهي تيل ڦُليلَ،

نه اُهي وَڻَ نه پکي، ۽ نه ڳَلي ۾ سا گُليلَ،

نه ڳليون ساڳيون، دريون ۽ نه اُهي دَروازا،

نڪي ٽهڪن جون ٽليون، ۽ نه ڪانيڻن جي ڪَٽارَ،

پيو محسوس ڪريان پاڻ کي اڄ پاڻ کان ڌار…!

 

منهنجي اسڪول جو ٽاور به اُهو ساڳيو آهه،

جنهن جي گهڙيال جو آواز اُهوئي آهي.

پر ڇو اسڪول جي حُسنا ڪي وئي آ گُم ٿي؟*

منهنجي اسڪول جا سڀ دوست ٽڙي پکڙي ويا.

نه ڪو منصور، نه امداد، نه ئي نورالدين*

نـِڙيءَ مان مُرلي وڄائيندو هيس جن سان مان

مون کي رخسانا اچي ياد پئي ڇو ايڏي…!*

جنهن جي رخسار تي هرپل هئي هــِڪَ چَڳَ لُڏندي،

جنهن جي اک ڀرسان هو تاري نما هڪڙو نيشان

جنهن جي چهري کي ڏسي ٿيندو هو ههڙو ڪو گُمان،

مُلڪ يونان جي سا ڄڻ ته هُجي شهزادي

هوءَ آواز جي (مهتاب) برابر نه هئي،*

پوءِ به آواز ۾ ڪا ڳالهه هيس (مهتابي)

سا ڪٿي آهه؟ ڪٿي هوندي؟ خبر ئي ناهي!

ياد، ماضيءَ جا ورقَ ڇو ٿي پئي اُٿلائي…!

 

ڪو به ناهي، جو ڳلي لاءِ ۽ مَن پرڀائي،

ٿي هوا گيت اُداسيءَ جو اڱڻ ۾ ڳائي

ريل جي ڪُوڪ انڌيري کي پئي پرچائي…

بلب آهي ته سهي روشني پوءِ ڀي ناهي

آرسي آهه، مگر ڪوئي به چهرو ناهي

دل ته ڌڙڪي پئي، پر جسم ڪٿي ڀي ناهي

لڙڪ لرزي ٿو مگر نيڻَ ڪٿي ڀي ناهن

درد آهي ته سهي، زخم ڪٿي ڀي ناهي!

 

طلسم

توکي پَسند رستو وسريو

۽ رستي کان گهر

گهرَ کان دروازو وسري ويو

دروازي کان در

مورن کان جهنگل وسري ويو

جهنگل کان درياء

دريائن ئان ڇوليون وسريون

ڇولين کان چنڊ

چانڊوڪي وسري چنڊَ کان

مون کان پنهنجو نان

وڻڪارن کان ٽاريون وسريون

۽ ٽارين کان ڇان!

 

 

اطهر منگهي

منڇر منظر

پنهنجي ڌرتيءَ جي مٽيءَ جي مهڪ نرالي،

جنن کان جُدا ٿي جيون ڏکيو گذري ٿو!

ڪوئيٽا وادي ڏاڍي وڻندڙ آهي پَر،

مون کان منڇر منظر، مور نه وسري ٿو!

سندر يادون

جيونَ جي ڊُڪَ ڊوڙ ۾، او ’اطهر‘ جاني!

گهرا گهرا گهاءَ به وسري ويندا آهن!

مَنَ تي رهجي وينديون آهن سُندر يادون،

دوست ۽ پيارا ڀاءُ به وسري ويندا آهن!

وَڻ واهيرا

پنهنجا وَڻَ واهيرا، ڪنهن کي پيارا ناهن،

جانِ جـِگر ۽ جيرا، ڪنهن کي پيارا ناهن!

شهر بحر ۽ ڳوٺن ڳليون، ڪيئن وساريون،

پنهنجي ڌرتيءَ ديرا، ڪنهن کي پيارا ناهن!

دردن جا دستور

دردن جا مـِڙ دستور مٽائڻ چاهيون ٿا،

خوشيون کٽمٺڙن جيئن ورهائڻ چاهيون ٿا،

امن ۽ انسانيت جي لئه لفظ لکون ٿا،

نفرت جو ديوارون ڪيرائڻ چاهيون ٿا.

ڳالهه ته ساڳي آهي

پيار ته پهرن جو پابند نه، رهندو آ، پر!

دوري ۽ مجبوري، ڳالهه ته ساڳي آهي!

جهرمر جذبن ساڻ، اندر ٿو اُجرو  ٿي پئي،

’اطهر‘ سچ ۽ سوري، ڳالهه ته ساڳي آهي!

پنهنجو رشتو

اُڀ اوچائين ساڻ نه، پنهنجو رشتو ’اطهر‘!

ڌرتي، پنهنجي چاهت ڀي آ، راحت ڀي آ،

ڀَل ڪو هوا ۾ اُڏري، اُن جي مرضي ليڪن،

ڌرتي پنهنجي جيجل، سوچ، سڇاڻپ ٿي آ.

 

 

ملهار سنڌي

غزل

 

تو سوا ڪٿ زندگيءَ ۾ سوجهرو،

اچ ته  ٿي پئي هر گهڙيءَ ۾ سوجهرو.

کيت مان بيٺي ٿي هڪلي جهار کي،

هوءَ ته آهي ڄڻ ٻنيءَ ۾ سوجهرو.

ڏات جا ڏيئا پيو ٻاريان پرين،

آهه منهنجي شاعريءَ ۾ سوجهرو.

ڄڻ ته مون سان چنڊ بڻجي ٿي هلي،

ڪيترو آهي مـِٺيءَ ۾ سوجهرو.

ڦهلجي وئي روشني اڌ رات ۾،

ايترو تنهنجي چـِٺيءَ ۾ سوجهرو.

تو جا پاتي جهات دروازي منجهان،

ٿي پيو ساري گهٽيءَ ۾ سوجهرو،

هيءَ دعا  هر دم  گهري ’ملهار‘ ٿو،

شال! ٿي پئي سنڌِڙيءَ ۾ سوجهرو.

 

بخشل باغي

غزل

 

زمانن کي آهنِ ڳـِچيءَ ڳَٽَ ساڳيا،

اسان جا نه ڀرجي سگهيا ڦَٽَ ساڳيا.

اڃا ڀي حقن تي سندءِ حڪمراني،

اڃا ڀي ڳجهن جئن سندءِ جَهٽَ ساڳيا.

ڪٿي آهين اَبر ڪرم جا اومالڪ!

اُڃا ڇو اَڃا سنڌ جا پَٽَ ساڳيا.

نه پيرن جو کڙڪو نه ڪا انتظاري،

نماڻا پيا هن مگر گهَٽَ ساڳيا.

انهن جا ئي هٿ هوندا تنهنجي ڳچيءَ ۾،

اِنهن کي نه تون سمجهجان ڄَٽَ ساڳيا.

نه مَٽ سي پروڪا متارانه موکي،

نه هوڪا نه واڪا، نه ئي هَٽَ ساڳيا.

اڃا ڀي ملين ٿو ته مُنهن کي گُهنجائي،

اڃا ڇا اٿئي هانوَ ٿي ڪَٽَ ساڳيا.

 

حبيب الله صديقي

ڳوٺ جي ياد!

اجها ٿي عيد اچي، هلو ته ڳوٺ هلون،

اُداس دل ٿي چوي، هلو ته ڳوٺ هلون.

ڪي يادگار اڳيان، مڪان ماڳ گهٽيون،

ڏس ته ديد ٺري، هلو ته ڳوٺ هلون.

ڪچن گهرن ۾ خوشي، وڻن جي ڇانوَ وري،

جتي ٿو واهه وهي، هلو ته ڳوٺ هلون.

نماز عيد ٿئي ٿي، عيدگاهه اندر،

قضا نه عيد ٿئي، هلو ته ڳوٺ هلون.

مبارڪون به ڏجن، ڪلهو ڪلهي سان ملي،

گُسي نه وار وڃي، هلو ته ڳوٺ هلون.

وڏا مقام ۾ ٿا، سڪن سلامن کي،

ميار ڪير کڻي، هلو ته ڳوٺ هلون.

مٽيءَ جي رهت رهي تمام عمر ’حبيب‘،

ڏجي ته قرض لهي، هلو ته ڳوٺ هلون.

 

غزل

 

ايڏي جلدي ڇا جي آهي،

اهڙي گڙدي ڇا جي آهي؟

انسانن جي دنيا ۾ اڄ،

دهشتگردي ڇا جي آهي؟

هت روز مرن ٿا بي ڏوهي،

هي بي مردي ڇا جي آهي؟

باغ بهار جي موسم ۾،

رنگت زردي ڇا جي آهي؟

دنيا جي تبديليءَ ۾ هيءَ،

گرمي سردي ڇا جي آهي؟

ڪنهن سان ملجي ڪنهن سان کلجي،

سڪ همدردي ڇا  جي آهي؟

ڪو نه ’حبيب‘ پڇي ٿو ڪنهن کي،

هيءَ بي دردي ڇا جي آهي؟

 

مسرور پيرزادو

 

جيڪڏهن!

ڪنهن ڪفن جهڙو نه هي جيون هجي ها،

ڀرت اُن ۾ هوءَ ڀري ها جيڪڏهن!

دل ٻُسي گلدان وانگر ڇو هجي ها،

پيار جا هوءَ گل وجهي ها جيڪڏهن!

دوستي در در نه لايان ها ڪڏهن،

هوءَ نه مون کان دُور ٿئي ها جيڪڏهن!

مان فقيرن جئن صدائون ڇو هڻان ها،

دل سندو هوءَ دان ڏي ها جيڪڏهن!

هُو شڪاري ڪو نه ماري ها پکي،

ٻولڙيون تن جون ٻُڌي ها  جيڪڏهن!

هاڻ ڳالهيون هي اجايون ٿيون لڳن،

هئن ٿئي يا هُونءَ ٿئي ها جيڪڏهن!

 

ڪي.ڊي سومرو

ڳالهه اندر جي

تنهنجي حسن جو هي قيد پرين،

هي قيدُ وڏو آ ڀيدُ پرين.

توکي کلندو ڏسندي سوچان،

ڪاڪِ ڪنڌيءَ تا ڇا پيو لوچان.

روح ۾ ڪيئي رنگَ رچايان،

خام خيالي محل بنايان.

تون وک جا کڻين ڪا منهنجي لئه،

مان ڇا ڇا نه ڪريان تنهنجي لئه.

تون ڳالهه اندر جي ڪَر ته سَهي،

ويهه اچي منهنجي ڀَر  ته سَهي.

مون ’سهيل‘ جي آدل جي دُعا،

ٿي تون به پوين شل مون تي فـِدا.

 

عامر سهيل

 

چوڪنڊي مقام تي

 

چوڪنڊيءَ جي قبرن اندر،

ڪيئي نيڻ سُتا پيا آهن؛

جن جا خوابَ اڃا جاڳن ٿا،

ٿي مهتابَ اڃا جاڳن ٿا.

 

ڇاهي منهنجا راڻا ناهن؟

جيڪي وڙهندي ڪالهه مري ويا!

ڇا هي فاتح ورڻا ناهن؟

جن جا ماضي  حال مري ويا؟

 

ڇا سو دَور نه ايندو ٻيهر،

جنهن جا قصا آنءُ ٻڌان پيو؛

قبرن تي چـِٽسالي آهي،

ڪتبا ڪجهه بي نانءُ ڏسان پيو.

 

منهنجي سيني ۾ هڪ دل آ-

جا تاريخي گهٽي آهي!

جنهن ۾ سندم خيال رُلن ٿا،

هر ڪو ماڻهو مـِٽي آهي!

شام ٿئي ٿي، سـِج لهي  ٿو،

هوريان هوريان ٿڌ وسي پئي!

چوڌاري خاموشي آهي،

ٿڌ اڳي کان وَڌ وسي پئي!

 

تاريخي ماڳن تي گهمندي،

اکڙين کي آلاڻ چُمي ٿي!

اُڀ تي چنڊ اڪيلو آهي،

قبرن کي چانڊاڻ چُمي ٿي!

 

دنيان وارا وسري ويئڙا،

سنڌ جا سيڻ سُتا پيا آهن!

چوڪنڊيءَ جي قبرن اندر،

ڪيئي نيڻ سُتا پيا آهن!


* ماڊل اسڪول، سنڌ يونيورسٽي پراڻو ڪئمپس

* منصور ٿيٻو، امداد نظاماڻي، نورالدين قريشي ۽ رخسانا [هم ڪلاسي]

* مهتاب اڪبر راشدي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com