هيءَ جا لات ”لطيف“ جي
آگمَ ايَ نه اَنگَ، جَهڙو پَسَڻُ پِرينءَ جو،
سيڻَنِ رِءَ سَيدُ چئي، روُحَ نه رُچَنِ رَنگَ،
سَهَسينِ ٿيا، سارَنگَ، جانِي آيو جُوءِ ۾!
اڄ رَسِيلا رَنگَ، بادَلَ ڪَڍِيا بُرِجَنِ سين،
سازَ سارنگُيون سُرَندا، وَڄائي بَرُ چَنگَ،
صُراحِيُون سارَنگَ، پَلِٽِيُون رات پَڌامَ تي.
ميِنهان ۽ نيِنهان، ٻَئِي اَکَرَ هيڪِڙي،
جي وَسَڻ جا ويسَ ڪَري ته ڪَڪَرَ ڪَنِ ڪِيهان،
بادَلِ ٿِي بيِهان، جي آگَم اَچَڻَ جا ڪَرِين.
ڪانڌَ! تُنهنجي پاندَري، سَنجهي سِيءَ مَران،
ڪامِلَ! ڪپاهُنِ ۾، پيئِي ٺارَ ٺَران،
تارِيءَ تو تَران، جِئن وَرُ وِهاڻِيءَ وارئِين.
[”شاهه جو رسالو“، مرتب: ڪلياڻ آڏواڻي، سُر سارنگ]
It may be asked where are my preference in this
pageant of the lyric and wondering muse. In
literature preferences are always a matter of
taste. It is rarely fair in dealing with the
works of supreme poetical skill to attempt to
say that one is greater than another. Men will
always differ in appraisement of that kind. It
is well it should be so.
But to me in this gathering of excerpts from the
works of thirteen real poets speaking six
different languages, the first place goes to
Shah Abdul Latif of Sind.
H.T. Sorley
[ترجمو]
”مون کان ڪو پڇي سگهي ٿو ته سُرَ ۽ سَنگيتَ جي هن
بي مثال منظرنامي ۾، منهنجي ذاتي پسند ڪهڙي آهي؟
”ادب ۾ پسند يا ناپسند (ماڻهوءَ جي) ذاتي ذوق تي
منحصر آهي. عظيم شاعرن جي تلخيقات تي تبصرو ڪندي،
اِها ڳالهه چوڻ مناسب نه آهي ته هيءُ شاعر هُن
شاعر کان وڏو آهي. ماڻهو اِنهيءَ ڳالهه ۾ هميشه
هڪٻئي سان اختلاف ڪندا رهندا ۽ اِهو صحيح به آهي.
”پر منهنجي خيال ۾، (دنيا جي) ڇهن مختلف زبانن جي
تيرهن سچن پچن شاعرن جي هن انتخاب ۾، عظمت جي لحاظ
کان، سنڌ جو شاهه عبداللطيف ڀٽائي پهرئين نمبر تي
آهي...“
- ڊاڪٽر. ايڇ. ٽي. سورلي
[”ڊاڪٽر سورلي جي ڪتاب
"Musa Peravagunis"
مان کنيل ٽڪرو، ترجمو غلام رباني آگرو]
سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
[شاهه]
سوچ - لوچ
آيا آس ٿيام.......!
”شاهه سچل سامي عالمي امن ڪانفرنس“ جو منعقد ٿيڻ،
نئين صديءَ-نئين ملينيم جو، ادبي سطح تي، هڪ وڏو
واقعو آهي. ان ڪافرنس ۾ سنڌ-هند جي اديبن، شاعرن،
عالمن توڙي سنڌي عوام جي ڀرپور شرڪت رهي:
اڄ پڻ آڳڙين، ميڙو مچ تي!
انهيءَ واقعي کي رڳو انڪري ئي نئين صديءَ-نئين
ملينيم جو هڪ وڏو واقعو قرار نٿا ڏيون ته ان ۾
سنڌ- هند جي ساهتڪارن/اتهاسڪارن ڀرپور شرڪت ڪئي-يا
هند جي سنڌي اديبن جي سڄيءَ سنڌ ۾ شاندار آجيان
ڪئي وئي- بلڪ ”شاهه سچل سامي عالمي امن ڪانفرنس“
کي هن صديءَ-ملينيم جو هڪ وڏو واقعو انڪري به قرار
ٿا ڏيون ته اها ”امن“ جي ماڳ ڏانهن صحيح ڏِس ۾
وڌندڙ وک آهي، ساڳئي وقت پاڪ-هند جي رت ۾ وهنتل
ماضيءَ جي چهري کي لڙڪن سان ڌوئڻ جي ڪوشش آهي.
ڪيڏاري بدران سارنگ ڳائڻ جي رُت جي آجيان آهي.
پاڪ-هند ننڍي کنڊ جي ماضي توڙي حال، سارڪ ڏيهن جي
ناتن ۽ ان کان اڳتي عالمي امن جي ڳڻتيءَ جوڳي
صورتحال کي به جيڪڏهن آڏو رکجي ته ”شاهه سچل سامي
عالمي امن ڪانفرنس“ جي اهميت تهائين وڌيڪ اجاگر ٿي
وڃي ٿي.
ڪانفرنس جي موقعي تي ڪراچيءَ ۾ مختلف نشستن ۾ سنڌي
ٻوليءَ، ادب ۽ ثقافت تي ڪيترائي معياري مقالا
پڙهيا ويا، جيڪي ڪتابي صورت ۾ پڻ ڇپايا ويندا ۽
پڙهندڙن تائين پهچندا.
”شاهه سچل سامي عالمي امن ڪانفرنس“ منعقد ڪرڻ تي
سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسئيشن کيرون لکهڻيون.
ڄام شوري ۾ سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌي ادبي
بورڊ پاران هند جي سنڌي اديبن جي مانَ ۾ تقريبن جو
اهتمام ڪيو ويو. حيدرآباد ۾ ان ڏس ۾ بزم ”روح
رهاڻ“ پاران مشاعرو ٿيو ۽ راڳ رهاڻ ٿي. مشاعري ۾
هند- سنڌ جي شاعرن پنهنجو ڪلام ٻڌايو ۽ راڳ رهاڻ
۾ به هند-سنڌ جي راڳين پنهنجي سُرن جي سرهاڻ
پکيڙي.
سڳوريءَ سنڌ ۾ جتي جتي به، سنڌي اديبن جو وفد ويو.
اُتي اُتي سنڌين سندن راهه ۾ اکيون وڇايون-پنهنجي
جيءَ ۾ کين جايون ڏنيون. انهيءَ سڄي سفر ۾ ڪيترائي
جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا. اکين ۾ لڙڪ-چپن تي مُرڪ ۽
هٿن ۾ گل! انهيءَ وفد ۾ ڪيترا اهڙا اديب/ شاعر/
عالم هئا، جن جو جنم سنڌ ۾ ٿيو، انهن پنهنجي ماتر
ڀوميءَ جي مٽيءَ کي مستڪ تي لاتو- پراڻن پڊن هنڌن
ماڳن کي ڀيٽيو- گهٽيون گهميون، گهر جي چانئٺ کي
چميو. پر انهيءَ ۾ وفد ۾ ڪيترا اهڙا به هئا، جن جو
جنم سنڌ ۾ نه ٿيو هو، پر سنڌ-ماءُ جي ٿڃ سندن رت
جي روانيءَ ۾ هئي، دل جي ڌڙڪن ۾ هئي.
ٻنهي ڏيهن- پاڪ،هند-۾ ”امن“ جو جيڪو سڻائو واءُ
گُهليو آهي، اُهو بند نه ٿيڻ گهرجي. امن جي ماڳ
ڏانهن جيڪا وک کڄي آهي، اُها وڌندي رهڻ کپي. اهو
امن، ٻنهي ڏيهن جي عوام جي، اڌ صديءَ کان به مٿي
ڊگهي ٻاٽ رات جو اَڇو اُجرو صبح آهي.
هن خطي، پاڪ-هند، سارڪ ڏيهن ۾، امن لاءِ هڪ آدرشي
وايو منڊل جوڙڻ ۾ علمي، اديبي ۽ ثقافتي سطح تي
گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو. اديبن عالمن، شاعرن ۽
فنڪارن لاءِ ويزا پاليسي نرم ڪرڻ گهرجي، ڪتابن تي
پوسٽل خرچ گهٽائڻ گهرجي.
ٻنهي ملڪن جي سرڪارين امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ جيڪي به
جوڳا اُپاءَ ورتا آهن، اسين انهن جي انهيءَ ڪري به
پٺڀرائي ٿا ڪريون، جو امن کان سواءِ، ٻي هرڪا واٽ
تباهيءَ، برباديءَ، بک ۽ جهالت ۽ بيماريءَ ڏانهن
وڃي ٿي. اها ڳالهه هتي ورجائڻ سڀاويڪ آهي ته سنڌ
کي امن ۽ سڪار لاءِ، هڪ پيغام آهي، ۽ انهيءَ پيغام
کي پوري دنيا ۾ پکيڙڻ جي ذميواري به سنڌ جي اديبن،
شاعرن ۽ عالمن تي آهي ۽ اُهو لازوال پيغام لاکيڻي
لطيف جي لفظن ۾ اِجهو هي آهي:
سائين سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
واڪا ڪرڻ مون وس…!
اسان وٽ جڏهن به ڪو سنڌي اديب بيمار ٿئي ٿو، تڏهن
سرڪار سڳوريءَ کان، اُن جي علاج لاءِ گهر ڪئي ٿي
وڃي. اُن ڏس ۾ ٺهراءَ پاس ڪيا ٿا وڃن، اپيلون ڪيون
ٿيون وڃن-جنهن مان ڪو به کڙتيل نٿو نڪري-۽ جڏهن
اُهو اديب لاڏاڻو ڪريو وڃي ته پوءِ اسين تعزيتي
ميڙن واري جڳ- پـَرِ نڀائڻ ۾ جنبيو وڃون. ان کان
پوءِ اسين وري ٻئي ڪنهن بيمار اديب جي ڳولا ۾
نڪريو پئون!
سنڌ ادبي بورڊ- وفا ناٿن شاهيءَ ۽ حافظ محمد بخش
جي مالي مدد ڪري هڪ سٺو مثال پيش ڪيو آهي، ان عمل
جي تقليد ٿيڻ کپي. ائين جيڪڏهن سڀئي ادارا، جن جو
ٻوليءَ، ادب ۽ ثقافت سان لاڳاپو آهي، ان مَد ۾
پنهنجي بجيٽ ۾ رقم رکن ٿا ته جيڪر اديب، شاعر ۽
عالم ڏکين ڏينهن ۾، اڪيلا ۽ سخت وقت ۽ بيرحم حالتن
جي آڏو هوند نڌڻڪا نه ٿين!
سنڌ جي ثقافت جي وزارت وٽ به اهڙن گُهرجائُو اديبن
۽ فنڪارن جي لسٽ آهي، اها لسٽ به
review
ٿيڻ گهرجي. اسين ته اهو به چونداسين ته اديبن کي
وظيفه خوريءَ جي مرض ۾ مبتلا ڪرڻ بدران، ڪو
شانائتو طريقو اختيار ڪيو وڃي، مثال طور اديبن کي
ڪو ڪم ڏنو وڃي، يا انهن کان سندن تصنيفون وٺي
ڇپايون وڃن، انهن جي مارڪيٽنگ ڪئي وڃي- ۽ ان مان
حاصل ٿيندڙ رقم مان انهيءَ اديب/شاعر/عالم کي
رايلٽي ڏني وڃي.
ويجهڙائيءَ ۾ نياز همايونيءَ جي ٻارن جي انتهائي
دل ڀڄائيندڙ خط اخبارن ۾ ڇپيا، پر اسان مان ڪنهن
جي به شايد اک نه ڀـِني. نياز همايونيءَ جي ٻارن
جو مسئلو ڏاڍو سادو آهي- سندن فليٽ گروي آهي يا
اُن تي قرض آهي، جيڪو سندن چواڻيءَ ٺڳيءَ سان گروي
رکيو ويو آهي. پهرين ته اهو سماءُ لهڻ کپي. جيڪڏهن
ائين آهي ته رقم لک ڏيڍ ٿئي ٿي، جيڪا ادا ڪري
سگهجي ٿي. ان ڏس ۾ ڪيتريون ئي بهتر ۽ عمل جوڳيون
رِٿون ٿي سگهن ٿيون. اسين في الحال ڪلچر منسٽري
سنڌ کي اپيل ٿا ڪريون ته اُها اڳتي اچي ۽ ان مسئلي
کي حل ڪري. ساڳئي وقت اسين اها به گُهر ڪنداسين ته
نياز همايونيءَ جي ٻارن لاءِ وظيفو مقرر ڪيو وڃي،
جيئن هو پڙهي لکي پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن.
اسين اهڙي اپيل سنڌ جي سَرندي پُڄنديءَ وارين ڌرين
کي پڻ ڪنداسين ته هو نياز همايونيءَ جي ٻارن جو سڏ
ٻڌن ۽ ورنائين.
ادبي تنظيمن ۽ پبلشرن کي پڻ اهائي ساڳي اپيل
ورجائينداسين ته ادبي ۽ علمي سطح تي پنهنجو وڌيڪ
فعال ڪردار ادا ڪن.
ڪنهن مهاشيه جي چوڻ موجب سنڌ ۾ لک کان مٿي شاعر
آهن، اُهي جيڪڏهن هڪ هڪ رپيو به مهيني ۾ ڏين ته به
اُن مد ۾ چڱي رقم ڪٺي ڪري سگهجي ٿي.
انهيءَ سڀ جي لاءِ، سچ پڇو ته اجتماعي سوچ ۽ تنظيم
ضروري آهي. ذاتي ۽ گروهي مفادن کان مٿي چڙهڻ ضروري
آهي. سڀني اديبن، شاعرن عالمن جو مـِڙي مُٺ ٿيڻ
لازمي آهي!
واڪا ڪرڻ مون وس، ٻُڌڻ ڪم ٻروچ جو !
ڪَڻا منجهه قرار…!
ادب، کوجنا، سماج ۽ ثقافت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ
ڪيتريون شخصيتون، گذريل ڪجهه مهينن ۾ هن فاني جهان
مان لاڏاڻو ڪري چڪيون آهن ۽ پنهنجو ڪم ۽ ساروڻيون
ڇڏي ويون آهن. اُنهن جو ڪم ۽ ڪردار کين سنڌين جي
دلين ۾ هميشه زندهه رکندو. ان سان سنڌ کي، مجموعي
طور تي، جيڪو نقصان پهتو آهي، ان جو پورائو ته
شايد ئي ڪڏهن ٿي سگهي. پر هتي کين، لاکيڻي لطيف جي
هن بيت سان، خراج تحسين پيش ٿا ڪريون:
جيسين هئي جيئَري، وِرِچـِي نه ويٺـِي،
وڃي ڀُون پيٺـِي، ساريندي کي سَڄڻين!
هاڻي انهن شخصيتن جا نالا: سيد امداد محمد شاهه،
هڪ سنڌ دوست سياستدان ۽ سماج سڌارڪ- ڊاڪٽر ثريا
سوز ڏيپلائي شاعر ۽ نثرنگار، جنهن پنهنجي پيءُ
محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ادبي ڪم تي پي ايڇ ڊي
ڪئي. سرجن علي بخش جتوئي جنهن ميڊيڪل سائنس تي
سنڌيءَ ۾ ٻه ڪتاب ڏنا. محمد بخش سميجو جنهن ٽي-وي
_سنڌي/اڙدو) ناٽڪ کي اوڄ ڏني- بيگم ممتاز راشدي،
جنهن پنهنجي گهر واري پير علي محمد راشديءَ جي
هوندي پنهنجي الڳ حيثيت ٺاهي- عبدالمبين پنائي،
مسرور پنائي-”پاڻيءَ تي تو سان پاڻي ٿيندو“ جهڙي
اهم نظم جو خالق ۽ لطيف جو ڄاڻو حافظ محمد بخش،
ليکڪ ۽ تعليمي خذمتگار ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي،
پيار علي الانا سنڌي ثقافت ۽ سنگيت جو چاهڪ
سياستدان، منصور عالم ابڙو (آرٽسٽ)، وفاناٿنشاهي
غزل جو هڪ اهم شاعر، ڊاڪٽر پرسوگدواڻي هڪ اهم
محقق، ليکڪ ۽ مشهور معالج ڊاڪٽر صالح ميمڻ-۽ اُتم-
جيڪو آخري وقت تائين ٿـِڙيو ڪو نه پنهنجي ترقي
پسند نظريي تي اَٽل رهيو:
وڇڙيا ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو،
اُس چمڪي ته اُجهامي ويا-
مينهن وَساڙن جهڙا ماڻهو!
موج ڀريو ”مهراڻ“
مهراڻ بهار 2005 جوپرچو توهان جي هٿن ۾ آهي. ان ۾
وکر جا سمورا وَڙَ هڪيا آهن، ته ان جو سڄو ڪرئڊٽ
لکندڙن کي ئي وڃي ٿو. شاعري، ڪهاڻيون، مقالا، ليک،
تبصرا، پڙهندڙن جا خط، آتم ڪهاڻيون، سفر نامو،
ترجما…سموريون نثري توڙي شعري صنفون هن پرچي ۾
هَڪيون ڪيل آهن. انهن جي معيار بابت راءِ ته مهراڻ
جا پڙهندڙ ئي ڏئي سگهن ٿا، پر ايترو سو ضرور
چونداسين ته مهراڻ هڪ ڀيرو وري پنهنجي لکندڙن ۽
پڙهندڙن ۾ پنهنجي ساک بحال ڪري ورتي آهي. ان جو
مثال عنايت الله عباسيءَ [آتم ڪهاڻي: رمز رانجهن
جي نـِت نـِت نياري] ۽ رحيم خان ’جرس‘ جوکيو
[ساروڻيون: ٺٽي شهر جي پراڻي جسامت ۽ ريتون رسمون]
جنهن ’جهونن جوانن‘ جون لکڻيون آهن. ڪهاڻين ۾ جتي
نئين ڪهاڻي- اتهاس جي هڪ وڏي نانءُ لعل پشپ جي
ڪهاڻي آهي، اُتي انجنيئر پرڪاش ڪمار، زاهد گوتم،
سرمد سنڌوجا جهڙن نون ليکڪن جون ڪهاڻيون به ڇپيون
ويون آهن. حميد سنڌيءَ جي ڪرشماتي سفر جي چوٿين
قسط ۽ ڊاڪٽر الهه رکئي ٻُٽ جي اهم ليک جي اٺين قسط
به هن پرچي ۾ شامل آهي. گل محمد عمراڻيءَ جو
”آڳاٽو ادب-2“ به هن پرچي ۾ شامل آهي، انهن سڀني
تحريرن کي پڙهندڙن ساراهيو آهي. ڊاڪٽر غلام علي
الانا جو مهراڻ سان سدائين سهڪار رهيو آهي، سندس
ليک ”سنڌي ادب جو سماجي ڪارج“ ان جو ثبوت آهي.
آزاد قاضيءَ جو ليک ”ٽِماهي مهراڻ جو پهريون دور“
هن پرچي جو هڪ اهم ليک آهي. اهو دور ورهاڱي کان
اڳي شروع ٿيو. 1946 کان 2005 تائين، سڄي دنيا ۾
الائي ڪيتريون تبديليون آيون- سنڌ ۾ به آيون. ان
ڏس ۾ گدائيءَ جي هيءَ سـِٽ سڄي صورتحال کي وائکو
ڪري ٿي:
آزادي آئي، پر ماڳ نه موٽي مارئي!
انهيءَ ليک مان هي سٽون هتي بنان ڪنهن ٽيڪاٽپڻيءَ
جي ڏيون ٿا:
”دنيا جي ٻئي ڪنهن ملڪ جي زبان به اهڙي طرح
پنهنجن جي هٿان ذليل ٿيندي ٿي رهي، يا هيءَ خاص
نوازش اسين پنهنجي مادري زبان تي ڪري رهيا آهيون؟
اهڙو ڪو ٻيو ملڪ به آهي جتي ٻارن جي معصوم دماغن
کي مادري زبان کان سواءِ ڪنهن ٻيءَ زبان ۾ ضروري
تعليم ڏني ٿي وڃي؟“
نصير مرزا جي لکڻي ”مان ۽ منهنجي ڪتاب“ هڪ سادي
لکڻي آهي ۽ اهائي اُن جي سونهن به آهي. سحر امداد
جو ليک ”شعور-شعر ۽ شاعر“ خاص طور تي اسان واري
ڀاڱي کي ڌيان سان پڙهڻ گهرجي.
شاعريءَ واري ڀاڱي ۾ به گهڻو ڪري سڀئي صنفون هڪيون
آهن-گيت، بيت، وائي، قطعو، غزل، نطم، آزاد نظم،
نثري نظم، ٽيڙو- ڪجهه تخليقن جو ذڪر خاص طور تي
ڪرڻ ٿا گهرون. هڪ ته انيتا شاهه جو نظم: ”ڄام
شورا…اسان کي وڇوڙو نه ڏين ها!“ هڪ انتهائي گهري
تخليق آهي. ان ۾ ”وسڪيءَ جي بند بوتل جهڙي ڇوري“
واري لست يا ”ڄام شوري جي پٿر ٿيڻ“ واري بي حس و
حرڪت جامد لفافي ناهي، بلڪ ان ۾ ڄام شورو جو سروپ
۽ ڪروپ جن لفظن ۾ بيان ڪيل آهي، انهن لفظن مان درد
ڇلڪي پئي ٿو. سائل لاکو هڪ وساريل ماڻهو، جنهن جو
نظم ”اعلان ٿي وڃي!“ اسان کان ڪڏهن ڪونه وسرندو.
عزيز ڪنگراڻيءَ جا بيت- جيڪي هن گهڻو اڳي لکيا،
پر ڇپجي هاڻ رهيا آهن. سحر امداد جونظم ”سونامي“
جي سانحي بابت آهي، جنهن جو ڇيڙو ”موهن جو دڙو“
تائين وڃي ٿو ۽ نظم اتهاسڪ بڻجي وڃي ٿو. هتي اسين،
ان نظم جي حوالي سان، اهو به ياد ڏياريون ته بدين
۾ ڪجهه سال اڳي اهڙوئي هاڃيڪار سامونڊي طوفان آيو
هو. اُن ۾ ڏتڙيل ماڻهن جي الاءِ ڪهڙي واهر ڪئي
وئي؟
اک جو پاڻي!
وڻڪارن مان ڇڻي ايندڙ ٿڌڙي هـِيرَ، چوڏهينءَ جي
چـِٽي چانڊوڪي ڪنهن کي نٿي وڻي! منڇر جي ڇَرَ تي
ترندڙ ٻيڙيون ۽ لهندڙ پکي ڪنهن کي نٿا وڻن! سنڌوءَ
۾ رواني ڪير نٿو چاهي؟ پر اڄ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي
ڍنڍ زهريلي پاڻيءَ جو ذخيرو بڻجي چڪي آهي! سنڌ جي
سينڌ سنڌوءَ ۾ واري پئي اُڏامي!
ساگرڀل ته سُڪي به وڃن،
شل نه سُڪي اک جو پاڻي!
وکر سو وِهاءِ…!
لفظ
لفظ جي سڀ کان وڏي طاقت اُن جي معنويت ۽ معنيٰ
خيزي آهي. سنڌي شاعري لفظ جي اُنهيءَ طاقت کان هر
دَور ۾ آگاهه رهي آهي. انڪري ئي سنڌي شاعريءَ ۾
اسان کي اُن جو ڀرپور استعمال پڻ ملي ٿو. لفظ-
جنهن کي ڪا مادي صورت ناهي-شاعر اُن
Invisible
کي
Visible بڻائي ٿو. شاعر بي جان لفظن جي بوتي ۾ روح ڦوڪي ٿو۽ لفظ
ساهه کڻڻ لڳن ٿا. شاعر جي شاعريءَ ۾ لفظ ٽهڪ بڻجي
ٽڙن ٿا، شاعر جي شاعريءَ ۾ اُهي ئي لفظ لُڙڪ بڻجي
لرزن ٿا. لفظ کي ”لرزندڙ لُڙڪ“ بنائڻ جو معجزو هڪ
سچو شاعر ئي ڪري سگهي ٿو. هڪ اهڙو شاعر، جو ساڳئي
وقت ماضيءَ جي زنده روايتن جو امين به هجي:
”لُڙڪ کي لفظ ڪرڻ ايترو سولو ڪونهي،
باهه جو سمنڊ ترڻ ايترو سولو ڪونهي.“
- سحر امداد
شاعري
اِن حقيقت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ته شاعري
پهرين وجود پائي ٿي. شاعريءَ بابت اصول ۽ قانون
پوءِ جوڙيو وڃن ٿا. خود اُنهن اصولن ۽ قانونن جو
شاعريءَ تي اطلاق به شعر جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ
ٿئي ٿو. شاعريءَ جي زندهه رکڻ جو سبب اُهي اصول ۽
قانون ۽ فلسفا ناهن، پر خود شاعري آهي. اُهي اصول
۽ قانون محض شاعريءَ جي حسن ۽ قبح کان واقفيت/ڄاڻ
هڪ ذريعو آهن. شاعريءَ کي اُنهن اصولن ۽ قانونن تي
پرکڻ جو ڪم بيشڪ نقاد ئي ڪندو آهي- خود شاعرنه.
شاعر ته تيسين پنهنجي ٻيءَ تخليق ڏانهن هليو ويندو
آهي. ڇو ته شاعري ته شاعر جي فطرت جو ائين حصو
هوندي آهي. جيئن مُکڙيءَ جو ٽڙڻ، جيئن هوا جو
گُهلڻ، جيئن نديءَ جو وَهڻ ۽ جيئن سمنڊ جو ڇُلڻ!
- سحر امداد
سيد محمد راشد (روضي ڌڻي)
[ولادت 1171هه/1758-وصال1234هه]
ڪافي
ڇَر ڇُلي ڪيون ڇوليون،
سـِڪَ سانڍڻ کان ويئي.
جانب! تنهنجي جار کان،
ڳوٺ ڳليون مون ٿي ڳوليون.
سُنہ! سيباڻم ساهه کي،
ٻهڳڻ تنهنجون ٻوليون.
محبت تنهنجي مَن ۾،
مون کي هوت ڪرايون هوليون.
سوين سـِڪ بيهاريون،
گس تنهنجي تي گوليون.
سنڌ جي ڀلاري بزرگ حضرت پير سيد محمد راشد روضه
ڌڻي رح جي سنڌي ڪلام کي سامهون رکندي اجمالي طرح
سان بيان ڪجي ٿو ته سندن سمورا ڪلام الله تعاليٰ
جي محبت ۽ رسول اڪرم ﷺ جي عشق سان سرشار آهي. سندس
شعر جي لفظ لفظ ۾ سوين رمزون ۽ ڳجهيون معنائون
آهن. سڀ کان وڏي انفراديت اها آهي جو پاڻ سمورن
شاعرن کان جدا، هڪ نئين راهه اختيار ڪيائون، جنهن
سندن ڪلام کي ويتر جاذبيت بخشي. سندن ڪلام جي ٻي
خوبي سوز وگداز آهي، جو ڪنهن ٻئي شاعر جي شعر ۾ ان
طرح ملڻ محال آهي. ان طرح سندس شاعريءَ ۾ فصاحت،
بلاغت، سلاست، رواني،جدت ۽ درد جو عنصر تمام گهڻو
ڏسڻ ۾ اچي ٿو. نه صرف ايترو پر پاڻ تمثيل ۽ تشبيہ
سان اُهي واهڙ وهايا اٿن جو عقل دنگ رهجيو وڃي. ان
طرح سلاست عام فهم ۽ جلد سمجهه ۾ ايندڙ موتين جي
اها مالها آهي، جنهن ۾ رنگبرنگي ۽ قسمين قسمين
مضمون ۽ معنائون سمايل آهن. پاڻ پنهنجي شاعريءَ ۾
جدت ۽ نواڻ جا به بهترين مثال قائم ڪيائون. پاڻ
ڪانگ، چنڊ، سج، هوا کان سواءِ ڪڪرن کي به محبوب جي
طرف قاصد ڪري موڪلڻ جو مثال قائم ڪيائون. ان طرح
تمثيلي شاعريءَ ۾ مارئيءَ جي واتان پنهنجو پاڻ کي
قصور وار قرار ڏيندي هن طرح آلاپيو اٿن:
جيڪس ڪـي ڪيام، اوگڻ اباڻن سان،
ٿيلانگهه عمر ڪوٽ ۾، ٻه ٽي پهر پيام،
مارو ٿر ٿيام، آءٌ ٿي نيرَن منجهه نـِجهران!
حضرت جن جي ڪلام ۾ ڪافين ۽ بيتن سان گڏ مولود به
ملن ٿا، جنهن مان ثابت آهي ته سنڌ ۾ مولود شريف جي
عام مقبوليت وڌائڻ ۾ حضرت جن جي ڪوشش ۽ حصو رهيو
آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي لکت موجب سنڌ اندر مولودن
جي موجدن ۾ حضرت سيد محمد راشد رح جن جو نالو
نمايان آهي.
-ڊاڪٽر نذر حسين سڪندري
[”مڪتوبات شريف سيد محمد راشد رح“ ص 192-195]
سيد قنبر علي شاهه ”شريف“ ڀاڏائي
[ولادت: 1207هه/وصال:1264هه]
هي پاهڻ، هي پٽيون، هيءَ سسئي، هي ڏينهن،
ڏوريندي منجهه ڏونگرين، مٿان وُٺس مينهن،
ٻاروچاڻي نينهن، ڇيري وڌي ڇپرين.
پُري تان پنڌ گهڻو، وهي تان ڪر وکَ،
تاڻي منجهان تـِک، پيادي پنهونءَ ڏي.
پُري تان پنڌ گهڻو، وِهي تان وصالُ،
اوڏو آهه اکين کان، سندو جَت جمالُ،
ڪهندي ٿئس ڪمالُ، پنهون ڏٺائين پاڻ ۾.
پنهون ڏٺائين پاڻ ۾، اوڏو کان ارواحَ،
سورن ساڻ صلاحَ، سُکَ پـِريان تان صدقو.
ٿڌيءَ ٿڪي نه وهي، تَتـِيءَ ڪري تـِکَ،
وانڪيو وجهي، وِکَ، مٿي پير پنهونءَ جي.
اُڀريا ڪري انگُورَ، سُورَ هـِنئين کي سُامهون،
سيني اندر، ’شريف‘ چئي، دردن ڪيا دستُورَ،
پَچان ٿي منجهه پُورَ، لُڇان ڪُڇان ڪـِينَڪـِي.
[”شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو“ص 8، 5، 37، 152]
”شاعريءَ ۾ قنبر علي شاهه ’شريف‘ ڀاڏائيءَ جو
روحاني رهبر ڀٽائي صاحب هو ۽ هن پڻ ڀٽائي صاحب
واري واٽ وٺي بيت ۽ وايون چيون ۽ رسالو جوڙيو.
سندس ڪلام جي مطالعي مان ثابت ٿئي ٿو ته هن بلند
پايي شاعر کي سنڌي ٻوليءَ جي نج لفظن ۽ محاورن جي
پڪي ڄاڻ هئي ۽ هو چونڊ لفظن ۽ محاورن سان هر مضمون
توڙي ماحول کي سهڻي نموني سان سينگاري ٿو؛ بعضي
انوکن لفظن جي ڀرپور استعمال سان ڪن بيتن ۾
انوکائي وارو انداز نمايان ڪري ٿو. ڪن بيتن ۽ واين
۾ سندس ڳوڙهي زبان ۽ نظم جي ’الف-اشباع‘ واري سٽاء
پاڻ ۾ همڪنار آهن؛ سندس ڪـِنايا ۽ اشارا- جيڪي
آيات ۽ احاديث، صوفيانه قولن ۽ مثالن عربي ۽ فارسي
عبارتن ۾ سمايل آهن-سي اڪثر ڳرا ڳوڙها آهن؛ بعضي
ته سنڌ جي ماضي وارين روايتن تي مبني سندس تلميحون
پڻ ڏوراهيون آهن: مثلاً:
”سمُو سَميتا، چيلوراء جيئن چمڪيو“
معنيٰ ۽ مقصد جي لحاظ سان، شاهه ’شريف‘ جي سڄي ڪلام ۾ توحيد ۽
معرفت، نبي
صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم
سان عقيدت ۽ محبت، اعليٰ عقيدي ۽ اخلاق جي تعليم ۽
تربيت، روحاني رازن جي حقيقت ۽ ڪن ڳوڙهن صوفيانه
نُڪتن جا اهڃاڻ ۽ آثار سمايل آهن. مجموعي طور سان
سندس شعر ۾ غنائي رنگ ڀريل آهي ۽ هو ٻئي جي ڳالهه
ڪندي به پنهنجو حال وڌيڪ اوري ٿو. حضرت شاهه
عبداللطيف جا بيت هر وقت سندس سامهون آهن ۽ اُنهن
بيتن ڀران بيت چوندي، هو ڀٽائي صاحب واري بنيادي
خيال کي جدا جدا طريقن سان ورجائي ۽ وهڃائي ٿو، جو
ڄڻ ته هو شاهه عبداللطيف جو شارح آهي. باوجود
انهيءَ جي، سندس ڪلام ۾ سندس پنهنجو راز ۽ آواز.
اسلوب ۽ انداز پڻ نمايان آهي ۽ انهيءَ ۾ ڪو به شڪ
ڪونهي ته شاهه ’شريف‘ سنڌ جي اعليٰ شاعرن جي قطار
۾ پنهنجي خاص مقام جو مالڪ آهي…“
_ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
[مقدمو: ص 8-10]
سيد بلال شاه رضوي
[ولادت
1075هه/وصال1160هه]
عين اُٺائي اَڄُ، پڇيائون ’بلال‘ چئي،
جنهن تَن تَسيا ڪيا، تنهن روح پَسي ڪيو رَڄُ،
سُور سوير ئي ڀَڄُ، مون کي پرين پاڻ پَهائيو.
جڏهن ’تُون‘ هي ’تُون‘، تڏهن سُئو سڏ سُر راڳَ جو،
بڻيو بُت، ’بلال‘ چئي، نه ڪي رت رڳون،
سُڻي سبق سُرود جو لئون لئون وڄي لُون،
تـِهان پوءِ ٿيو سون، پَسڻ تن پرين کان.
جڏهن اُتر اورِ، تڏهن گهارين مينهن ميدان ۾،
بيراڳي بلال چئي، ٿيا ڪنهن سناسي سُور،
آسڻ آئي اُن جي، ڏک مڙيئي ڏوُر،
هَلي پرين حضور، وڃي نانگا گڏيا ناٿ سين.
جيئن هـِت گُل گُلاب جا، تيئن هُت پُسيءَ جا
پالارَ،
پيرون پَڪا پَٽ ۾، ميوَنـِئون موچارَ،
آهين وڻن وطن جا، مون کي هينئڙي منجهه هزارَ،
بيٺڪون ’بلال‘ چئي، اُنـِي هيٺ اَپارَ،
ساڙه جا سينگارَ، موليٰ مون سين ميڙئين!
[”ميين شاهه عنايت جو ڪلام“، ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ ص 10، 81،42، 62]
سيد محمد شريف جو پٽ ۽ ميين شاهه عنايت جو پوٽو،
بلال شاهه، اندازاً 1075هه بعد ڄائو ۽ ميان نور
محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ وفات ڪيائين. پنهنجي ڏاڏي ۽
پنهنجي والد جي صحبت ۾ سندس تربيت ٿي ۽ هُو پڻ هڪ
اعليٰ شاعر ٿي ساماڻو. سندس اڪثر بيت ميين شاهه
عنايت ۽ شاهه شريف جي بيتن ڀران ۽ ساڳئي رنگ ۾
رچيل آهن، جن مان ظاهر آهي ته ميين شاهه عنايت جي
پيرويءَ واري دور ۾، جڏهن شاهه شريف پڻ حيات هو،
تڏهن پيءُ، پٽ ۽ پوٽي جون هڪٻئي سان بيتن ۾
رهاڻيون ٿيون ۽ اُنهن ڪچهرين سببان سندن بيت زبان
زد عام ٿيا. بلال شاهه جي ٻوليءَ ۾ عام مقبول
محاورن ۽ دلنشين اصطلاحن جو عڪس نمايان آهي، ۽
ڪنهن حد تائين بيان جي قوت ۽ فصاحت ۾ هو پنهنجو
مَٽ پاڻ آهي. بلال شاهه جي حياتيءَ واري دور مان
اندازو ٿئي ٿو ته بلال شاهه ۽ شاهه عبداللطيف
ڀٽائي همعصر هئا، جيتوڻيڪ بلال شاهه عمر ۾ قدري
وڏو هو.“
_ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
[”مقدمو“ ص 69]
مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي
[ولادت 1152هه/وصال 1192هه]
لنءُ تَنهين سين لاءِ، جـِنہ لنءُ لڳي لعلُ ٿيين،
ٻي سين لنءُ مَ لاءِ، متان ڪَسُ لڳي ڪارو ٿيين.
سَندي دل دَرياهه ۾، جان وئاسوُن پيهـِي،
نڪو آدَم نه آدمي، نَڪين اسين ئي،
وائـِي ٿي ويئـِي، ته هيڪوئي هيڪ ٿـِئو.
اَٽَڪَلَ اَکَڙِيـِن، وڃي پيئي لاکَ تي،
ڪارو ڪـِينَ پَسَنِ، لوڪُ مـِڙوئي لاکـِيو.
تهڙا مُنہ مُهاندِ تهڙا پُٺيـِرا پرين،
ڇا پاسي ڇا پاندِ، سڀڪيڏانهين سامُهان.
عـِشقَ اُگهاڙِيس جيڏيون، پَڌَرِ ٿي پيياسِ،
هـِهَڙيِ تان نه هُياسِ، پر سَترُ سـِڪَ، وڃائيو.
جيڪر ڪريان دَانہ، چُوندمُ لوڪُ چَري ٿـِئي،
لوچيو پوچيو سُمَهان، ڪُلهي پايو ٻانہَ،
هـِي مَنُ ڪريان ڪانہ، جو هڻي هوتاڻـِي وِئا.
[”ڪلام گرهوڙي“، دائود پوٽو، ص
257-261-272-276-279-281]
”…مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي سرزمين سنڌ جو وڏو عالم،
فقيہ، صوفي، اهل دل بزرگ ۽ ضمير روشن شاعر هو.
سندس دؤر ۾ سندس پايي جو ٻيو ڪو به عالم سنڌ ۽ هند
۾ ڪو نه هو. هيءُ بزرگ سنڌ جي تنظيم عارف سلطان
الاولياء خواجه محمد زمان قدس سره جو وڏو خليفو
هو. سندس تصنيفات ۾ ڪيئي علمي، ادبي، ديني ۽ فقهي
ڪتاب موجوده آهن، جن جو ذڪر محققن جي تحريرن ۾
موجود آهي.
مخدوم گرهوڙي عالم ۽ صوفي بزرگ هجڻ سان گڏ پنهنجي
دور جو منفرد ۽ عظيم شاعر پڻ هو. سندس ڪلام سنڌ جي
مشهور محقق شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽي وڏي
جاکوڙ ۽ تحقيق کان پوءِ 1956ع ۾ ڇپايو.
”ڪلام گرهوڙي“ سنڌي ادب ۾ هڪ قابل تعريف شاهڪار
آهي. ڪلام جي جمع ۽ ترتيب جي ڪم ۽ علامه مرحوم جا
عرقريزي ۽ تحقيق ڪئي آهي، اُن جو مثال ملڻ مشڪل
آهي. سالن جا سال گرهوڙي بزرگ جي ڪلام جا ماخذات،
قلمي بياضن ۽ دستخطي نسخن کي ڀيٽيندو ۽ پرکيندو
رهيو. آخر ڪار پنهنجي سالن جي ڪيل تحقيق کي هڪ
بلندپايه حيثيت سان شايع ڪيائون.
علامه صاحب مرحوم پيشنگوئيءَ کي پنهنجي شاهڪار
ڪتاب ۾ شايع نه ڪيو آهي. اُن متعلق ’انتباهه‘ جي
عنوان هيٺ لکيو اٿس: ”عام طرح هڪ سنڌي پيشنگوئي
شهيد سونهاري ڏانهن منسوب ڪئي ويندي آهي…اُن جي
عبارت نهايت ڪچي، ڪريل، بزرگ جي شان وٽان ناهي.
ڇاڪاڻ ته سندس ٻيو ڪلام اعليٰ عليين تي آهي، ته هي
اسفل سافلين تي آهي.
سوچڻ گهرجي ته حضرت گرهوڙي پنهنجي دور جو وڏو بزرگ
۽ عالم هو ۽ سلطان اولياء خواجه محمد زمان قدس سره
جو وڏو خليفو هو ۽ سندن ئي همعصر هو ۽ ابتدا کان
وٺي وفات تائين نهايت ئي عقيدتمندانه حيثيت سان
رهندو آيو، جڏهن ته پيشنگوئي ٺاهيندڙڀُل وچان
احمد زمان جي بدران محمد زمان نالو ڪم آندو آهي!
پر جي مخدوم گرهوڙيءَ جو ڪلام هجي ها ته پوءِ ان ۾
پيشنگوئي طور احمد زمان نالو آڻڻ گهرجي ها، جو
صديون پوءِ پيدا ٿيو ۽ جنهن جي ئي زماني ۾ هنگامه
خيز طوفان پيدا ڪيو ويو. ان مان ثابت ٿيو ته هي
سارو مسئلو نسورو ڪوڙ آهي، جو زبان ۽ بيان جي لحاظ
سان به ڪُجسو، بي رنگ، بي روح ۽ بي معنيٰ آهي؛ نه
منجهس لفظن جو سهڻو جڙاءُ آهي ۽ نه ڪو معنوي لحاظ
سان ئي عبارت ۾ سونهن ۽ پختگي آهي. ان لحاظ سان ئي
ڏسجي ٿو ته مخدوم گرهوڙيءَ جواصل ڪلام حسن ۽
خوبيءَ جي بلندين تي آهي.
_غلام محمد گرامي
[”گرهوڙيءَ ڏانهن منسوب پيشنگوئي“ ص 6-10]
علامہ قاضي اسد الله شاهه ”فدا“ ٽکڙائي
[ولادت 1285هه/وفات 1345هه]
غزل
منهنجا دشمن، هجي مبارڪ تو،
تيغ ابروءَ جي منهنجي گهائي دل.
ڪهڙي ڪوشش ۽ جستجوءِ ڪجي،
جا وئي سا نه مُور آئي دل.
دل جا دلبر جي دست ڪين وئي،
آهه سچ پچ اُها اجائي دل.
آهيان عوام مان نه آءٌ ”فدا“،
درر منزل سندم رسائي دل.
[”تذڪره شعراء ٽکڙ، ص 83]
”…علامہ قاضي اسدالله شاهه ولد سيد الله بخش شاهه
ٽکڙ جي مشهور شخصيتن مان هڪ هو، جنهن جي شهرت
هندستان تائين پهتي. سنڌي، پارسي ۽ عربي جي تعليم
مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ديوبند وڃي شيخ الهند مولانا
محمود الحسن وٽ علم حديث جي تعليم ورتائين. طب سان
دلچسپي سبب پنهنجي اُستاد سيد ميران محمد شاهه
(اول) کان فيض پرايائين ۽ ٽکڙ ۾ سندس عاليشان
دواخاني مان مريض کي خوب شفا حاصل ٿيندي هئي. سندس
وسيع ۽ عمدي ڪتبخاني ۾ پنج هزار ڪتاب هئا، جي
پنهنجي جان وانگر عزيز رکندو هو. آزادي واري
جدوجهد دوران سنڌ ۾ خلافت تحريڪ جو باني ئي پاڻ
هو. خوشقسمتيءَ سان کيس شيخ عبدالمجيد سنڌي، پير
غلام مجدد سرهندي، نور محمد وڪيل ۽ عبدالجبار وڪيل
جهڙا نوجوان مخلص ساٿي به ملي ويا. شاهه صاحب
سڄيءَ سنڌ جو دؤرو ڪري مسلمانن کي غفلت جي ننڊ مان
جاڳايو. پير غلام مجدد ڳالهه ڪندو هو ته رعبدار
آواز ۾ سندس تقرير ايتري ته اثر واري هوندي هئي جو
جيڏيءَ مهل شاهه صاحب انگريزن جي ظلم جو ذڪر ڪندو
هو ته سندس منهن جوش وچان ڳاڙهو ٿي ويندو هو ۽
ٻُڌندڙن جون دليون جذبي سان ڀرجي وينديون هيون.
سندس طبيعت ننڊپڻ کان ئي سادي هوندي هئي ۽ ظرافت ۾
به پنهنجو مٽ پاڻ هو. پاڻ هڪ سُٺو تارو به هو.
شاهه صاحب سُٺو نثر نويس ۽ عمدو شاعر هو. 1906ع
ڌاري ٽکڙ مان ”بهاراخلاق“ نالي ادبي رسالو جاري
ڪيائين، جنهن وسيلي سالن جا سال سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ
جي خدمت ڪيائين. ڪيترن ئي ڪتابن جي تصنيف سان گڏ
فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ شعر چيائين، جنهن ۾ ”اسد“ ۽
”فدا“ تخلص ڪم آندل آهن. سندس ڪلام ۾ معياري مضمون
سان گڏ لفظن جي بندش ۽ چُستي ۽ وزن جي پختگي
تعريف جي قابل آهي. سندس شعر ۾ سلاست به ملي ٿي.
تمام اوچي مضمون کي نهايت سليس پيرايي ۾ بيان ڪري
ٿو. ان طرح فڪر جي بلندي سندس ڪلام ۾ نمايان ملي
ٿي. سندس ڪلام اڪثر ’نعتيه شاعري‘ آهي. واقعن جي
مناسبت سان تاريخي مادا ڪڍڻ لاءِ قطعه نويسي ۾
شاهه صاحب جو ڪمال نهايت نمايان آهي…“
_ڊاڪٽر اسد الله شاهه ”بيخود“ حسيني
[”تذڪرهء ٽکڙ“ ص 71-83] |