سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005(1)

 

صفحو :3

رسالي ”مهراڻ“ جو پهريون دور

(هڪ اڀياس)

آزاد قاضي

[نوٽ: مهراڻ جو نمبر1، سال 1984ع وارو شمارو ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيل مواد جو ”فهرست نمبر“ هو. اُن پرچي ۾ مواد جي ’موضوع وار‘ ۽ ’ليکڪ وار‘ داخلا 1955ع کان وٺي 1980ع تائين ڏنل آهي. اُن ”فهرست نمبر“ استعمال ڪرڻ وقت ائين ٿو محسوس ٿئي. ڄڻ رسالو ”مهراڻ“ شروع ئي 1955ع کان ٿيو، جڏهن ته اُهو ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ طرفان جنوري 1946ع کان نڪرڻ شروع ٿيو هو. 1946ع-1947ع وارا سال جيئن ته ننڍي کنڊ ۾ سياسي انتشار وارا سال هئا، انڪري پرچو پابنديءَ سان نڪري ڪو نه سگهيو، ۽ آخر ۾ 1948ع ۾ جنوري کان جون جي عرصي لاءِ هڪ ئي پرچو نڪتو ۽ ان طرح ”مهراڻ“ جو آڳاٽو پهريون دَور اِتي ختم ٿيو.

اُن دَور ۾ جيترا به پرچا نڪتا، اُهي ورهاڱي کان پوءِ واري سنڌ ادب ۽ تاريخ جي سلسلي ۾ پيڙهه جي پٿر واري حيثيت رکن ٿا. پر 1984ع ڌاري جڏهن مهراڻ جو مذڪوره ”فهرست نمبر“ شايع ڪيو ويو ته اُن ۾ اڳ واري (1946ع واري دَور) مواد بابت معلومات نه ڏني ويئي. اُن دَور ۾ ”مهراڻ“ ۾ ڇپيل مواد جي اهميت جي مدنظر آءٌ ”مهراڻ“ جا اوائلي پرچا تلاش ڪندو پئي رهيس، جو دوست تاج جويي جي خواهش تي سائين محمد ابراهيم جويي بابت مون کي هڪ مضمون لکڻو هو، جيڪو مون ”محمد ابراهيم جويو ۽ رسالو مهراڻ“ جي عنوان سان لکيو. دراصل اُهوئي مضمون، هن مضمون ”رسالي مهراڻ جو پهريويون دور- هڪ اڀياس“ لکجڻ جو سبب بنيو آهي (جنهن جو تفصيل متن ۾ آيل آهي). هن  مضمون تيار ڪرڻ لاءِ جڏهن مڪمل مواد جي ڳولا ڪرڻ لڳس تڏهن اِهو ڄاڻي تعجب ٿيو ته ”مهراڻ“ جي اوائلي دور وارا پرچا ته نه رڳو سنڌالاجي، پرخود سنڌي ادبي بورڊ جي مرڪزي ڪتبخاني ۾ موجود ڪو نه هئا! اِها ڳالهه مون لاءِ تشويش ۽ حيرت جو سبب ضرور هئي، پر مون کي ته پنهنجو ڪم مڪمل ڪرڻوهو، اِنڪري لاڳيتو ڳولا ڪندو رهيس. مختلف دوستن: سائين محمد ابراهيم جويي، ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“، ڊاڪٽر عبدالرسول قادري، ڊاڪٽر غلام محمد لاکي،نفيس احمد ”ناشاد“ ۽ عبدالجبار نظاماڻي سان مسلسل رابطي، صلاح مصلحت ۽ کانئن مليل عملي سهڪار جي روشنيءَ ۾ هي اڀياس تيار ڪري سگهيو آهيان. مون کي اُميد آهي ته ايندڙ وقت جي محققن لاءِ ”مهراڻ“ جي پهرين دَور (1946-1947ع) بابت هي تحقيقي اڀياس ڪار آمد ثابت ٿيندو. -آ.ق.]   

 سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيندڙ رسالي ٽماهي ”مهراڻ“ سنڌي ادب جي واڌاري ۽ سڌاري جي سلسلي ۾ وڏو ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ”مهراڻ“ جا بنيادي طرح ٻه دَور شمار ڪيا وڃن ٿا. [1] پهريون دَور- 1946-1948ع وارو دَور. [2]ٻيو دَور- 1955ع کان پوءِ، اڄ تائين.

مون ڪجهه وقت اڳ ”محمد ابراهيم جويو ۽ مهراڻ رسالو“ عنوان هيٺ مقالو لکيو هو. اُن لکت جو  دائرو جيئن ته ”مهراڻ“ جو سائين محمد ابراهيم جويي جي ادارت وارو دَور ئي هو، تنهنڪري سنڌي ادب، ٻولي ۽ ثقافت لاءِ جويي صاحب جي ڪيل خدمتن جوذڪر پڻ صرف اُنهن ئي ٻن سالن يعني 1955ع-1956ع تائين محدود رکيو ويو. اُن دَور ۾ جويي صاحب جي ادارت هيٺ ”مهراڻ“  جي اشاعتي سلسلي ۾ اُن دَور کي مهراڻ جي نئين (ٻئي) دَور طور ياد ڪيو ويو آهي. اُن نئين دَور ۾ ”مهراڻ“ رسالي معرفت سنڌي ادب جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ جويي صاحب ڪهڙيون گهڻ پاسايون خدمتون سرانجام ڏنيون، تن بابت تفصيل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، جيڪو مضمون ”ماڻڪ موتي تنظيم“ جي ڪتاب “سٻاجهو ساڃهوند محمد ابراهيم جويو“ ۾ ڇپيو. اُن جي مرتب، تاج جويي صاحب، هڪ هنڌ، تحقيق واري جا پوچي هنئي، تنهن منهنجي اصل مواد جا لاهه ڪڍي، اُن جي روح کي ئي روڙي ڇڏيو. ايتريقدر جو مهربان مرتب، مرتبيءَ وارو فرض پورو ڪندي، نه رڳو ڪي حقيقتون خارج ڪري ڇڏيون، پر ڪي حوالا اهڙا به داخل ڪيا، جيڪي سندس پنهنجي ذهن جي پيداوار آهن. اهڙن حوالن جي تفصيل ۾ وڃڻ بدران آءٌ هتي رڳو  ٻن ڳالهين جي وضاحت  ۽ واڌو ڄاڻ پيش  ڪريان ٿو. اُنهن ڳالهين جو سڌي طرح واسطو ”مهراڻ“ جي پهرئين دَور سان آهي.

مون پنهنجي اُن مضمون ۾ ”مهراڻ“ جي جويي صاحب جي هٿن تائين پهچڻ کان اڳ واري صورتحال جو مختصر ذڪر ڪندي هيٺيون ٻه ڳالهيون لکيون آهن:

(الف) 46- 1947ع واري اُن دَور ۾ ”مهراڻ“ رسالي جو هي ايڊيٽوريل بورڊ هو:

[1]سيڪريٽري عثمان علي انصاري (چيئرمين ايڊيٽوريل بورڊ)، [2]مولانا دين محمد وفائي (چيف ايڊيٽر)،[3] لعلچند امر ڏنومل جڳتياڻي (مئنيجنگ ايڊيٽر) ۽ [4] هرمل سدارنگاڻي (ايڊيٽر) (1).

(ب) 1949ع ۾ ”مهراڻ“ جي اشاعت لاءِ نئين ڪاميٽي جوڙي ويئي، جنهن جو چيئرمن ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، ايڊيٽر خانبهادر محمد صديق ميمڻ ۽ آغا تاج محمد کي ڪاميٽيءَ جي ميمبر طور مقرر ڪيو ويو. خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي ادارت ۾ 1950ع تائين ”مهراڻ“ جا ٻه خاص پرچا ”لطيف سالگره نمبر 1949ع ۽ 1950ع“ نڪتا. رسالو ڊبل ڪرائون سائيز ۾ هو،  جنهن ۾ شاهه لطيف جي سالگرهن/ادبي ڪانفرنسن ۾ پڙهيل مواد ڏنو ويو هو.“(2)

مٿي ذڪر ڪيل ٻنهي نقطن تي مهربان مرتب کي اعتراض هو، جنهن پنهنجو حق استعمال ڪندي، اُنهن تي وضاحتي نوٽ لکيا. پر معلوم ٿئي ٿو ته مواد جي اڻاٺ هئڻ ڪري، هو صاحب صحيح ڄاڻ ڏيڻ کان قاصر رهيو. سندس اُن انداز مواد بنسبت ڄاڻ واري حوالي سان وڌيڪ مونجهارا پيدا ڪيا. اِنڪري هتي نه رڳو مٿين لفظن بابت ڏنل ڄاڻ بابت وڌيڪ چٽا پٽا دليل ڏجن ٿا، بلڪ پهرئين دَور واري ”مهراڻ“ جي مڪمل فهرست پڻ ڏجي ٿي.

(الف) پهرئين نقطي جي وضاحت ڪندي تحقيق ڪندڙ حاشئي ۾ لکيو آهي: ”هرومل سدارنگاڻي، ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر نه هو، نه ايڊيٽر، اهڙو ثبوت مون وٽ موجود مهراڻ مئي-جون 1946ع جي پرچي مان ملي ٿو“ (3)ـ محقق جي ان ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ رسالي مهراڻ جي اشاعت جو بنهه مختصر ذڪر ڪري، مهراڻ جي ئي پرچن منجهان پنهنجي ڪيل ڳالهه جي حق ۾ ثبوت پيش ڪجي ٿو.

مهراڻ جو پهريون پرچو جنوري 1946ع ۾ شايع ٿيو، پر ان قسم جي رسالي لاءِ اُن وقت کان ويهه سال اڳ ڪوششون هلندڙ هيون، جنهن جو اندازو علامه دائود پوٽي پاران 45-8-31 تي ”ادبي سنگت“  عنوان سان لکيل ليک مان ٿئي ٿو، جيڪو پوءِ ”مهراڻ“ جي پهرئين پرچي ۾ به شايع ٿيو. (4) اُن ليک جي شروعات ۾ ئي ڊاڪٽر دائود پوٽي لکي ٿو: ”ڌڻيءَ جا لک لک شڪرانا جو اٽڪل ويهن ورهين جي دراز عرصي بعد هن ضعيف جي مهراڻ نالي رٿيل مخزن آخر وجود ۾ آئي آهي“ (5). اُن وقت هڪڙي معياري پرچي جي اهميت ۽ ضرورت کي نظر ۾ رکندي اهو پڻ ظاهر ڪيو ويو ته ”مهراڻ جا باني مباني مرڪزي ادبي بورڊ جا عضوا ۽ سنڌي ٻيا اديب- هندو توڙي مسلمان-گڏجي هڪ ادبي منڊلي بنائين، جنهن جي طرف ۾ ٻيائيءَ جي بوءِ نه هجي، جي وصال جا ورق واري ۽ وڇوڙي جا وَڍَ وڃائي، سنڌي ساهت کي معياري صورت ڏين، پختگي ۽ پابندگي بخشين“ (6).

رسالي ”مهراڻ“ جو جڏهن پهريون پرچو نڪتو، تڏهن مٿي ذڪر ڪيل ڪوششن جي ثبوت طور رسالي جو چئن عالمن تي مشتمل ايڊيٽوريل بورڊ جوڙيو ويو:

1-جناب عثمان علي انصاري صاحب

چيئرمن ايڊيٽوريل بورڊ ”مهراڻ“

2-محترم مولوي دين محمد وفائي صاحب

چيف ايڊيٽر ”مهراڻ“

3-ديوان لالچند امرڏنومل جڳتياڻي صاحب

مئنيجنگ ايڊيٽر ”مهراڻ“

4-ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي صاحب

ايڊيٽر ”مهراڻ“ (7)

رسالي مهراڻ جواهو سلسلو ”ٻه سال 1946ع ۽ 1848ع ٻه ماهي پرچي جي صورت ۾ شايع ٿيو“ (8).

پڙهندڙن جي ڄاڻ ۽ محققن جي سهوليت لاءِ مٿي ذڪر ڪيل ٻن سالن وارن جملي پرچن ۾ آيل مواد جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:

“مهراڻ“ هاڻوڪي وانگر شروعاتي دَور ۾ به ڊبل ڪرائون سائيز ۾ هوندو هو. اُن جو پهريون پرچو جنوري 1946ع ۾ نڪتو. اُن جي ٽائيٽل تي سنڌ جو نقشو ڏنل آهي، جنهن ۾ مختلف شهرن جو جهڙوڪ: سکر، ڏوڪري،(موهن جي دڙي سبب)، حيدرآباد، ميرپورخاص، عمر ڪوٽ ۽ ڪراچيءَ جا نالا ۽ مشهور تاريخي عمارتن جا عڪس ڏنل آهن. اُن جي اندرئين پاسي کان ”سنڌي ادب (ساهت) لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ عنوان سان ”مهراڻ“ جي اجراء ۽ اُن جي وسعت بابت تفصيل ڏيندي لکيو ويو آهي ته ”هيءُ مرڪزي صلاحڪار بورڊ پهريائين سنڌ سرڪار جي 14 آگسٽ 1940ع واري ٺهراءُ نمبر 666-(ب) 40 پٽاندر ۾ وجود ۾ آيو.“

اُنهيءَ وقت تعليمي وزير جناب سيد غلام مرتضيٰ شاهه (سائين جي. ايم. سيد) هو. بورڊ تي مکيه ڪم جيڪي رکيا ويا، تن مان هڪڙو اهو به هو ته بورڊ هڪ ادبي ماهوار رسالو ڪڍي، جنهن ۾:

[1]چيدا چيدا مضمون ڇپجن،

[2]سائنس جا نوان نوان لفظ ۽ محاورا گهڙي چالوڪجن،

[3]ڪتابن جي تنقيد يعني سمالوچنا ڪجي، جنهن ۾ نون لکندڙن جي همت افزائي ۽ فائدي لاءِ سندن تصنيف ڪيل ڪتابن جون خوبيون ۽ خاميون نروار ڪيون وڃن. پر جنگ جي ڪري هند سرڪار جي پاران جو بندش پيئي ته جنگ هلندي ڪا به نئين اخبار يا نئون مخزن چالو نه ٿئي، انهيءَ ڪارڻ هي مخزن ”مهراڻ“  به بروقت چالو نه ٿي سگهيو. آخر هڻندي هڻندي، نومبر 1944ع ۾، هند سرڪار وٽان اجازت ملي ته بورڊ مخزن بيشڪ ڇپائي، پر مخزن لاءِ پنو پنهنجي پرڳڻي جي سرڪار کان وٺي.

سنڌ سرڪار وٽان پني وٺڻ ۾ به ڪجهه مدت لڳي ويئي. پروڪي سال وري ڇپائيءَ لاءِ پريس جا در کڙڪائڻا پيا. نيٺ ’الوحيد‘ وارن سان خاطر خواهه بندوبست ٿيو، جو مخزن کي ڇپائي پڌرو ٿو ڪجي.“

پهريون مضمون ”مهراڻ جو مقصد“ عنوان سان ”اداره“ آهي. جنهن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته:

”اسان جي محبوب وطن جي محبوب زبان، جا اسان جي بزرگن جي گود ۾ پلي، جنهن کي ڏاڍي ناز سان شاهه لطيف، ساميءَ ۽ سچل جهڙين محترم هستين لوليون ڏنيون، تنهن کي جڏهن مرحوم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ۽ آنجهاني پرماند ميوارام، ڪوڙي مل چندن مل ۽ ڏيارام گدومل جهڙن اديبن جي اتاليقي کان به محروم ٿيڻو پيو ته لاچار ادب جو ميدان ڇڏي وڃي سنڌي مائن جي پاند هيٺ پناهه ورتائين. ويچاري سنڌ زبان کي ڌارين جي زبان اڳيان شرمنده ٿيڻ کان وري به سنڌ جي ماءُ بچايو. نه ته شايد اهڙي بي ڪسي جي حالت ۾ ڦٿڪي ڦٿڪي مري وڃي ها. خيال فرمايو ته جنهن زبان جي مٿان پنجاهه سال سانده ڪنهن حاڪم زبان جا مسلسل موچڙا لڳندا رهن، تنهن زبان جي نثر ۽ نظم ۾ باقي ڪهڙو اثر رهڻ گهرجي! سنڌي زبان جڏهن ڏٺو ته جن بزرگن جي هنج ۾ اولاد پلي وڏي ٿي هئي، تن جو اولاد کيس تڇ سمجهي ڪني ڪرڙي وانگر اُڇلائي رهيو آهي ته لاچار شاهه جو هي بيت پڙهي وڃي ٻارڙن وٽ ويٺي:

سونهن وڃايم سومرا! ميرو منهن ٿيوم،

وڃڻ تت پيوم، جت هلڻ ناهه حسن ريءَ.

نازن سان پليل سنڌيءَ جي اهڙي ته نازڪ حالت ٿي ويئي جو ظاهر ڏسڻ ۾ ٿي آيو ته جيڪڏهن مٿس اڃا به ڪجهه وقت اُنهن ڌارين زبانن جي ظلم  جي بارش ٿي ته شايد اهو ٿورو گهڻو ساهه باقي فقط ٻارن جي طوطلي زبان مان معلوم ٿي رهيو هو سو به ختم ٿي ويندو، ۽ سنڌ ۾ باقي ڪو انسان شاهه، سامي يا سچل جي پڙهڻ وارو به ڪو نه لڀندو. اُتي قدرت جي مالڪ جي انصاف پسندي جوش ۾ آئي ۽ سنڌ جي ستلن ۾ هڪ ٽولو سجاڳ ٿيو. سندن دردمند دلين ۾ فقط هي سوال پيدا ٿيو: ”دنيا جي ٻئي ڪنهن ملڪ جي زبان به اهڙي طرح پنهنجن جي هٿان ذليل ٿيندي ٿي رهي، يا هيءَ خاص نوازش اسين پنهنجي مادري زبان تي ڪري رهيا آهيون؟ اهڙو ڪو ٻيو به ملڪ آهي جتي جي ٻارن جي معصوم دماغن کي مادري زبان کان سواءِ ڪنهن ٻي زبان ۾ ضروري تعليم ڏني ٿي وڃي؟ جواب بلڪل صاف هو، تنهنڪري ڪوشش ڪرڻ لڳا ته ڪيئن به ڪري اسين پنهنجي زبان کي وري سهڻو بڻايون، وري اهڙو بڻايون جهڙي اُجلي اڳ هئي، ڇو ته اسان جي آهي. پرائي محلات کي ڏسي پنهنجي ڇنل ڇپر کي باهه ڏيڻ عقلمندي نه آهي. اُنهن پنهنجي نيڪ ارادي کي اُنهيءَ وقت جي تعليمي وزير جناب سيد غلام مرتضيٰ شاهه (جي. ايم.سيد) جي اڳيان رکيو، جنهن بزرگ  جي حميت جوش ۾ آئي، ۽ جنهن لاوارث سنڌي زبان کي پنهنجي عاطفت جي آغوش ۾ ورتو، ۽ سرڪار طرفان هڪ بورڊ سنڌ زبان ۽ ادب جي سڌاري لاءِ مقرر ڪيو. جزاڪ الله في دارين خير! بيمار جي حالت سڌرڻ لڳي. ذرد رُو سنڌي هينئر ’سرخرو‘ ٿيڻ لڳي ۽ جنهن زبان جي سڪرات اکين جي اڳيان هئي، تنهن جي صحتيابيءَ جي خوشيءَ ۾ هي ننڍڙو مخزن به نڪري نروار ٿيو.“

اداري ۽ ”مهراڻ“ جي مقصد بابت ظاهر ڪيو ويو آهي ته ”اسان جو مهراڻ فقط هڪ ئي مقصد سان ڪڍيو ويو آهي، ته جي ورق ناظرين جي خدمت ۾ پيش ڪيا وڃن سي ٿورڙا هجن، پر اهم هجن، ۽ اهڙا هجن جن کي پڙهڻ کان پوءِ ڪو صاحب ائين نه چئي ته ”اجايو قوت وڃايم.“

36 صفحن واري هن پرچي جي مواد جو وڌيڪ وچور هن ريت آهي:

-ڪافي

از: غلام حيدر

ص2

-ادبي سنگت

ڊاڪٽر دائود پوٽو

ص3

-ڪافي

از: ڪمال

ص4

-سنڌ جا عجيب نظارا کيرٿر

-اداره

ص5

مواد مان محسوس ٿئي ٿو ته مٿي ذڪر ڪيل ايڊيٽوريل بورڊ جي ميمبرن پاران گڏجي ڪيل سير و سفر جو بيان آهي.

-اوهان به ڪنهن کان ڪجهه پڇيو آهي  اداره ص8 هن مواد ۾ جنگ کان پوءِ وارين حالتن ۾ ملڪ جي تعمير نو بابت ڪجهه تجويزون عالمانه انداز ۾ ڏنيون ويون آهن.

-ڪافي        (ڪوهياري)            از: عاجز                ص9

-باهمي                                اتحاد آغا تاج محمد ص10

-پروليون ۽ ڏور بيت                                   ص12

هن مواد هيٺان نوٽ لکيل آهي، ”هي پروليون ۽ بيت ٿاڻه بولا خان جي ڪن اڻ پڙهه ڳوٺاڻن وٽا هٿ ڪيل آهن. ڪو به هنن جو ڦوڙو ڦولهي موڪليندو ته جواب  مخزن ۾ درج ڪيا ويندا.“

-ديهاتي گيت

شيخ اياز

ص13

-روهڙيءَ جو راز

شيوارام ڀاڳچند

ص14

عرف شهباز بيدل بادشاهه

-بدنصيب وڌوا

محمد صالح ڀٽي

ص16

-سنڌي ٻولي

-مولوي عبدالڪريم چشتي

ص17

-دل جا دليل

عطا حسين موسوي

ص19

 

-ماءُ جو مُنهن

محمد صالح ڀٽي

ص20

-مهراڻ (شعر)

آغا تاج محمد

ص21

-مهراڻ عرف سنڌو

شيوارام ڀاڳچند

ص21

-مهراڻ جي مدح (شعر)

عبدالعلي فتح علي

ص22

-لکپڙهه

نبي بخش بلوچ

ص23

هن خط ۾ سنڌي لغت واري ڪم کي وڌائڻ بابت ڪي رٿون ۽ رايا ڏنا ويا آهن.

-تنقيد ۽ نئون ادب   آسانند مامتورا ص30

هن عنوان هيٺ نئين ڇپجندڙ مواد جي باري ۾ تعارفي ۽ تنقيدي مواد ڏنل آهي. ان سان گڏ نون ڇپيل ڪتابن تي تعميري تنقيد ڪيل آهي.

-خبرون ص36

هن عنوان هيٺ عالمي ۽ ملڪي معلوماتي خبرن جا وچور آيل آهن، جن جي آخر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ”مهراڻ جو هي پرچو، معزز ناطرين ڏي، نموني طور، موڪلي ٿو ڏجي. ٻيو پرچو، معزز ناظرين ڏي، نموني طور، موڪلي ٿو ڏجي، ٻيو پرچو، اول خير، اپريل ڌاري ڇپائي پڌرو ڪبو، ۽ اهو سلسلو مهيني سر مهيني چالو رهندو. ساليانو چندو فقط 5 رپيا آهي. ناظرين کي عرض آهي ته پنهنجا نالا خريدارن جي ياداشت ۾ ستت داخل ڪرائي ڇڏين.

ايڊيٽر مهراڻ

پوسٽ باڪس نمبر 1

ان اوائلي دَور ۾ بوڊ عالمي ادب جي معياري ڪتابن جا ترجما ڪرائڻ وارو ڪم هٿ ۾ کنيو هو، انڪري هو پرچي جي بنهه آخر ۾ ”خاص مترجمن جي ڌيان طلب“ عنوان سان لکيو ويو آهي ته، ”اسان جي مرڪزي صلاحڪار بورڊ فيصلو ڪيو آهي ته حال هيٺيان ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائجن:

1.Ivanhoe

By Sir Walter Scott

2.John Halifox,

 

The  Gentleman

By Mrs. Craik

3.Reinecae Fax

By Goethe

4.Things that Count

BY Valentine

5. انوار سهيلي

6. حڪايات لقمان

ڪنهن جو به پورهيو وئرٿ نه وڃي، تنهن لاءِ صلاح ڀري ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪو به صاحب هن ڏس ۾ طبع آزمائي ڪرڻ چاهي، سو اول اول ڪي ٿورڙا پرت ڪهڙي يا ڪن به ڪتابن جا ترجمو ڪري، نموني طور بورڊ ڏانهن پسنديءَ لاءِ ڏياري موڪلي. وڌيڪ پورهيو ڪنهن به ڪتاب يا ڪتابن جي ترجمي تي بورڊ جي فيصلي بعد ڪري.

ٻين ٻولين جا معياري  ڪتاب، جيڪي سنڌيءَ ۾ آڻڻ جوڳا آهن، تن جي به هڪ ياداشت بورڊ جي پاران تيار پيئي ٿئي.

ٻئي سال جي پهرين پرچي ۾ اها ياداشت سربستي پڌري ڪري ڏبي.

مٿي ڏنل ڪتابن مان 4- 6 بنسبت اطلاع به پهچي چڪو آهي ته ڪن صاحبن اُنهن کي ترجمي ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو آهي. پر انهيءَ جو مطلب اهو ته آهي ته ٻيو ڪو صاحب اُهو ڪم هٿ ۾ کڻيئي نه. ڇو ته بورڊ وٽ ترجمو اُهو پسند پوندو، جيڪو بورڊ جي ٺهرايل اصولن مطابق هوندو.

عثمان علي انصاري

سيڪريٽري

سنڌي ادب (ساهت) لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ اُن ئي دَور ۾ سنڌي ادبي اجلاس، ادبي ميڙاڪا، نمائشون ۽ مشاعره سڏائڻ جو پڻ پروگرام ترتيب ڏنو پئي. انڪري هن پرچي جي بنهه آخر ۾ ”سنڌيءَ جي پيار وارن جي خدمت سڳوريءَ ۾ عرض“ عنوان هيٺ لکيو ويو آهي ته ”اسان جي مرڪزي صلاحڪار بورڊ فيصلو ڪيو آهي ته جولاءِ جي 12 ۽ 13 تاريخ، ڪراچيءَ ۾ هڪڙو وڏو ادبي ميڙ  ڪوٺائجي. اُنهي ميڙ سان گڏ مشاعره جو انتظام به ڪيو ويندو. اُنهيءَ ميڙ جي موقعي تي ڪنهن ڌار مڪان ۾ سنڌ جي قلمي نسخن ۽ دست ڪاريءَ جي نمائش جو بندوبست به رکبو…ادبي ميڙ، مشاعره ۽ نمائش کي ڪامياب بنائڻ ۾، اميد ٿي ڪجي ته بورڊ کي هر سنڌيءَ جي پيار واري وٽان جوڳي واهر ملندي.“

اُن اپيل ۾ وڌيڪ لکيو ويو ”زماني جي زوردار تقاضا آهي ته اسين  سنڌي پنهنجي مادري زبان خواهه سنڌ جي دستڪاريءَ کي اها ڪا اوڄ ڏياريون، جو سنڌيت جو ڌاڪو هنڌ پٽ پيو وڄي.“

اُن ۾ اهو پڻ ڪيو ويو ته ”ادبي ميڙ جي کولڻ جي رسم آنربل شيخ غلام حسين هدايت الله، سنڌ سرڪار جو وڏو وزير بجا آڻيندو. ادبي ميڙ جي ڪارروائي آنربل حاجي پير الاهي بخش، تعليمي وزير، جي زير صدارت هلندي. مرحبا ڪاميٽيءَ جو چيئرمن، اسان جي بورڊ چيئرمن، آرنربل سيد ميران محمد شاهه ۽ وائيس چيئرمن پير علي محمد راشدي، سيڪريٽري مسٽر لالچند امرڏنومل ۽ جائنٽ سيڪريٽري پير حسام الدين راشدي آهن.“

عثمان علي انصاري

سيڪريٽري

 

 

”مهراڻ“

جلد1] ڪراچي، اپريل 1946ع    [نمبر 2

هن پرچي جو ٽائيٽل ساڳيو پهرئين پرچي وارو آهي. پرچي جي مواد جو تفصيل هن ريت آهي:

-ديهاتي گيت

شيخ اياز

ص1

-قلمي نسخن جي ڳولا ۾

اداره

ص2

هن لکت ۾ صلاحڪار بورڊ پاران جوڙيل پروگرام تحت سنڌ جي قديم شهر ٺٽي منجهان قلمي نسخن جي ڳولا جو احوال ڏنو ويو آهي.

-تعليم

اداره

ص6

هن لکت ۾ تعليم جي اهميت، افاديت ۽ ضرورت بابت لکيو ويو آهي، جنهن جي پڄاڻي هيٺين بامعنيٰ جملن سان ڪئي ويئي آهي.

”هن وقت اسان جا تعليم يافته، جن کي حقيقتاً تعليم زده چوڻ گهرجي، قوم ۽ ملڪ لاءِ رهبر ٿيڻ بدران قوم ۽ ملڪ مٿان هڪ عذاب آهن، جي ملڪ جي حالت سڌارڻ بدران ملڪ جي خوش حاليءَ تي هڪ تمام ڳرو بار آهن. ڇو ته منجهانئن هر هڪ هيءَ اميد رکيو ويٺو آهي ته ملڪ سان ڪهڙو به ويل وهي، پر اسان کي نوڪري ضرور ملڻ گهرجي.“

-سنڌ جا نظارا: کيرٿر

اداره

ص10

-انساني حقيقتيءَ جو رومان

اداره

ص12

-سنڌي ڪافي

اداره

ص13

سنڌي ادب(ساهت) لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ، پنهنجي رٿيل هڪ پروگرام موجب، 1944ع ۾ نومبر جي 4 تاريخ، ميرپورخاص جي سرڪاري مدرسه هاءِ اسڪول ۾ ادبي ميڙ سڏايو، جنهن ۾ تقرير ۽ تحرير فقط سنڌي ڪافيءَ تي هئي. ان پروگرام جي ڪارروائي هن ليک ۾ ڏني ويئي آهي.

-ماءُ جي دل

محمد صالح ڀٽي

ص18

-گمنام دهقاني شاعر

نبي بخش بلوچ

ص21

-اسان جي سنڌڙي

آغا تاج محمد

ص22

-اتحاد جا طريقا

مولوي عبدالڪريم چشتي

ص 25

-سهجان جي سڪ يا پنهونءَ جي پرکا

(لوڪ ادب)

ص27

-ڪافيون

مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي

ص31

 

-لباس (ثقافت)

اداره

ص32

ڪافيون

ابراهيم

ص32

رسالي جي آخري صفحي تي بورڊ پاران ۽ تعليم کاتي وٽان منظور ٿيل ڪتابن جي فهرست ۽ ايڊيٽوريل بورڊ جي ميمبرن جا نالا ڏنل آهن. هي پرچو 32صفحن جو آهي.

 

”مهراڻ“

جلد 1] ڪراچي، مئي-جون ۽ جولاءِ 1946ع نمبر [3-4 ۽ 5

هن پرچي جو ٽائيٽل ساڳيو اڳين پرچن وارو آهي. ٽائيٽل ڪور جي اندران ”مهراڻ جي خريدارن کي عرض“ عنوان سان لکيو ويو آهي ته، ”مهراڻ جو هي ٽن مهينن-مئي، جون ۽ جولاءِ جو گڏيل پرچو اڄ 20 آڪٽوبر جي، دفتر مان روانو ڪجي ٿو.

اميد ته ٻيو پرچو ٽن مهينن آگسٽ، سيپٽمبر، آڪٽوبر جو گڏيل پرچو نومبر جي آخر ڌاري ناظرين کي پهچي ويندو.

انهيءَ حساب سان، ٻن مهينن نومبر ۽ ڊسمبر جو گڏيل پرچو شايد ڊسمبر جي ٽئين هفتي ڌاري نڪري نروار ٿئي.

اسين نهايت شرمسار آهيون ۽ جو مهيني سر مهيني اسين مخزن جو پرچو ڪڍي نه سگهيا آهيون.

ائين نه آهي ته اسان وٽ مخزن لاءِ مواد ڪونهي، پر حقيقت هيءَ آهي ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي ڇپائيءَ جو ڏاڍو اهنج آهي.“

آخر ۾ ايڊيٽوريل بورڊ جي ميمبرن جا نالا ڏنل آهن. ان پرچي جي مواد جو تفصيل هن ريت آهي:

-سنڌي جي هڪ پراڻي

-تاريخ جا ڪي ورق

صوفي قلندر بخش

ص1

-ڪبيرداس-عبدالڪريم؟

 

ص4

-شاهه طالب

سوڀراج نرملداس

ص7

-شاهه: فطرتي شاعر

مولوي دين محمد وفائي

ص16

-سنڌي نثر

اداره

ص19

سنڌي ادب جي مرڪزي صلاحڪار بورڊ پاران مرداڻي ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي حاطي ۾ 28 سيپٽمبر 1944ع تي هڪ ادبي ميڙاڪو ”سنڌي نثر“ عنوان هيٺ سڏايو ويو هو. هي مواد اُن ميڙاڪي جي رپورٽ تي مشتمل آهي.

-بلوچستان جا نظارا

-لس ٻيلي جو سفر

نبي بخش بلوچ

ص24

-علم، معلم، متعلم

شيخ ڪريم بخش

ص38

-غلط آرزو

محمد صالح ڀٽي

ص41

-يادِ محبوب يا بيوه جو فرياد

محمد صالح ڀٽي/ جهامنداس ڀاٽيه

ص41

-ڦليلي

اي وي آسوداڻي

ص 43

-درياه جو سير

آ-ر-م

ص44

-ڏور جا بيت

بچل اتحصو

ص44

ٿاڻي بولاخان  جي ڪنهن سگهڙ جا چيل بيت آهن.

-سنڌڙي (شعر)

بشير

ص45

-سوچ (شعر)

شيخ اياز

ص46

-هم سفر

اي. جي. گارڊنر

ص47

-شهنشاهه نيپولين ۽ راڻي مارگريٽ بينگر

خواجه قلب علي ”قطب“

ص49

-مفيدي شاعري

نبي بخش بلوچ

ص55

-ننڍڙي نينا

؟

ص57

ص59 جي آخري ۾ ”عام اطلاع“ هيٺ ظاهر ڪيو ويو آهي ته، ”هن بعد مهراڻ وي-پي رستي ڪنهن کي به نه موڪلبي، جيڪو به صاحب مهراڻ گهرائڻ چاهي ته ساليانو چندو 0-5 روپيه اڳواٽ مهراڻ جي دفتر ۾ پهچائي ڏي.“ ان اطلاع منجهان اُن وقت رسالي مهراڻ جي قيمت جو اندازو ٿئي ٿو.

-قيدي

غني

ص60

-دل

عبدالعلي فتح علي

ص66

-حڪومت ڇاکي ٿو

اداره

ص 79

 

 

 

 

 

 

-پٽ جو پيءُ ڏانهن خط

 

ص73

ڄيٺو خوبچند جيڪو ان وقت ميوات بنسبت اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ آمريڪا ويل هو، اُن پيءُ کي خط لکيو، اهو هڪ قسم جو سفر نامو آهي.

-حل طلب

 

ص79

هن عنوان هيٺ ڪنهن شخص نالو لکڻ کان سواءِ ايڊيٽر ڏانهن، ڪن گمنام شاعرن جون ڪجهه سٽون موڪليون ته اُنهن بابت سمجهاڻي ڏني وڃي.

پرچي جي آخري صفحي تي ”عام اطلاع“ جي سري هيٺ ڄاڻايو ويو آهي ته ”سنڌي ادب (ساهت) لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ سال بسال، فيبروري مهيني جي آخر ڌاري، هڪ هزار روپيه اُنهن سنڌي مصنفن کي انعام طور ورهائي ڏيندو آهي، جن جا هٿ اکري يا ڇپايل ڪتاب بورڊ جي نظر ۾ قابل قدر سمجهيا ويندا آهن.

سنڌيءَ جي مصنفن کي کپي ته هن سال پنهنجا هٿ اکري لکيل ڪتاب ڊسمبر جي 15 تاريخ اندر ۽ هن سال وارا ڇپيل ڪتاب 15 جنوري جي بورڊ جي آفيس ۾ پهچائي ڏين.

هٿ اکري لکيل ڪتاب جا ٻه جلد ۽ ڇپيل ڪتاب 10 جلد پيش ڪرڻا آهن.

عثمان علي انصاري

سيڪريٽري

”مهراڻ“

جلد1] ڪراچي، آگسٽ، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر 1946ع [نمبر 7،6 ۽ 8

هن پرچي  جو به ساڳيوئي ٽائيٽل آهي. ٽائيٽل ڪور اندران ”مهراڻ جي خريدارن کي عرض“ عنوان سان ڄاڻايو ويو آهي ته ”مهراڻ جي مئي، جون ۽ جولاءِ واري گڏيل پرچي  ۾ لکيو هوسين ته: اميد ته ٻيو ٽن مهينن-آگسٽ، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر جو گڏيل پرچو، نومبر جي آخر ڌاري ناظرين کي پهچي ويندو، پر بندي (ايڊيٽوريل بورڊ) جي من ۾ هڪڙي ۽ صاحب (الوحيد)جي من ۾ ٻي. الوحيد وارا اڄ ڊسمبر جي 20 تائين به 60 صفحا مس ڪڍي سگهيا آهن. لاچار انڪري هي پرچو فقط ٻن مهينن يعني آگسٽ ۽ سيپٽمبر جو ڪري ٿا موڪليون. مهراڻ جا خريدار اسان کي معاف ڪندا، جو اسين اڃا مهيني سر مهيني مخزن شايع نه ٿا ڪري سگهون. اُميد ته ان ڏس ۾ ايندڙ سال اسان جي ڪوشش وڌيڪ ڪامياب ٿيندي.“

هن پرچي جي مواد جو تفصيل هن ريت آهي:

-منشي اُڌارام ٿانورداس

 

 

-ميرچنداڻي

؟

ص1

-ونهين ۽ولهي جي ڳالهه

؟

ص2

-دال مصالحه چٽڻيءَ سان!

ڀيرومل مهر چند آڏواڻي

ص3

-تيراندازيءَ جي تاريخ

ڀيرومل مهر چند آڏواڻي

ص6

-سنڌ جا دهقاني شاعر

 

 

-(موهن فقير)

؟

ص12

-قسمت

؟

ص13

-پويا لفظ

؟

ص13

-التجا

؟

ص13

-خوابگاهه

؟

ص14

-مهراڻ جون ٻه گهڙيون

حبيب الله مولا بخش ڀٽو

ص15

-سسئي رل مئي

؟

ص15

-هندستان کان آمريڪا جو سفر

نبي بخش بلوچ

ص 18

-اسين ڇا ڪري رهيا آهيون

احمد خان سنائي

ص35

-ڪافي

عطا حسين موسوي

ص36

-مهراڻ جو منهنجي من مٿي اثر (پرچي بابت رايو)

روچيرام گنگارام سڏاڻي

ص38

-مهراڻ جو مهورت

 

 

-(پرچي بابت رايو)

احمد خان سنائي

ص39

-حيدرآباد سنڌ (1903)

 

 

-(حيدرآبادي ٻوليءَ جو نمونو

؟

ص40

-نثر

خوبچند ايسرداس جڳتياڻي

ص41

-هيء به رانجهوءَ سندي رمز

امر لعل هنڱوراڻي

ص44

-سنڌ جو پهريون پهريون خوساخته صدر مصنف

آوتراءِ منچنديا

ص47

-عجيب غريب لٽڪا چٽڪا

 

 

-سنڌي ٻوليءَ جي عربي

؟

ص50

آئيويٽا

چيتن ماڙيوالا

ص51

-اکين مان لڙڪ جهليا جهلجن ئي نٿا

؟

ص54

-اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ غلط معنائن جو ڦهلاءُ

ڀيرومل مهرچند

ص55

 

 

 

 پرچي جي پوئين ڪور اندران تعليم کاتي وٽان وڪري لاءِ منظور ٿيل ڪتابن جي فهرست ڏنل آهي. جڏهن ته ڪور پويان اڳئين پرچي جيان مسودن ۽ ڪتابن لاءِ ڏنل آڇ وارو عام اطلاع ڏنو ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com