”آڳاٽو ادب“-2
سنڌي نثر جي اَوسر ۽ اُن جا
ڪلاسڪ نمونا
گل محمد عمراڻي
1843ع ۾ سنڌجي فتح کان پوءِ انگريز حاڪمن کي ٻه
اهم فيصلا ڪرڻا هئا: اول ته حاڪمن ۽ رعايا جي وچ ۾
موثر رابطو(Effective
Communication) ڪيئن قائم ڪجي، ۽ ٻيو ته سرڪاري سرشتي کي هلائڻ لاءِ
خاص طريح ديواني(Revenue)
۽ عدالتي (Judicial)
عملو (Man power) ڪيئن ڀرتي ڪجي، اُنهن جي تعليمي استعداد ۽ قابليت ڪهڙي
رکجي. اُنهن ٻنهي بنيادي فيصلن جو دارومدار وري هڪ
واضح تعليمي پاليسيءَ تي هو، ۽ اهڙي نـِيتي اڃا
تائين ٺهي ڪا نه هئي. لارڊ ميڪالي (Macaulay)
جي مشهور زمانه حڪمت عمليءَ جو چـِٽو اظهار ميڪالي
جي لکپڙهه (Minutes)
۾ اڳواٽ ٿيل هو، جنهن ۾ چٽيءَ طرح چيل هو ته
”هندستاني عوام کي يورپي علوم
(Arts and science)
سان پوري طرح روشناس ڪرائجي“.
انگريزي ادب جي پروفيسر مايا جميل چواڻي:
"Lord Macaulay was supposed to be the villain of
piece by making English compulsory at the cost
of Lacal Languages. Lord Bentinck in his
resolution of 1835 said that literature and
Scince should be thaught through the medium of
Enlish, the purpose being to prodece a class of
persons, Indian in blood and colour but English
in taste, character, morals and intellect.
"(Dawn, August 23, 1996)
اُن زماني ۾ حڪمرانن وٽ ذريعهء تعليم تي گهڻو بحث
مباحثو ٿيو پئي. مقامي ٻولين (Vernaculars)
جي حمايت ۾ به گهڻا دليل ڏنا پئي ويا. هڪ انگريز
روشن خيال ڏاهي سر جارج ڪلارڪس برطانيه جي
دارالعلوم ۾ بحث ڪندي مدلل انداز ۾ چيو ته:
"We should introduce the Language (namely,
Sindee) as the medium of official intercourse.
I do not see in what way our Revenue and
Judacial officers (however their offices and
courts may be constituted) can work effectually
through a Persian or English."
(Sir George Clarks, Minute, 24 Apr 1848, p.p
House of Commons) 1954. vol. XLIX part I, para
68)
چارليس نيپئر سرڪار 1847ع کان 1852ع تائين متواتر
سنڌ ۾ هڪ واضح تعليمي پاليسي، سنڌي لپيءَ جي خدو
خال ـ دور رس نـِيتي ۽ ديني مدرسن جي جاءِ تي
سرڪار جديد اسڪولن جي قيام جي باري ۾ هڪ عجيب
ٻُڌتر جو شڪار رهي. اُن وقت سنڌ جو ڪمشنر سربارٽل
فريئر هو ۽ بي.ايڇ.ايلس اسسٽنٽ ڪمشنر هو. سنڌ
سرڪار اُنهيءَ مونجهاري ۾ هندستان حڪومت کان
ٻوليءَ ۽ لپيءَ بابت ڪنهن حتمي فيصلي وٺڻ لاءِ
طويل لکپڙهه هلائي.
سرڪاري پاليسيءَ مطابق 1843ع کان سنڌ ۾ فارسيءَ جي
جاءِ تي ”سنڌي“ کي رائج ڪرڻ لاءِ اڳيئي اصولي
فيصلو ڪيو ويو هو. هاڻ نازڪ مسئلو اِهو پيدا ٿيو
ته سنڌي ڪهڙي ”لپيءَ“ ۾ لکجي. ڪمشنر بارٽل فريئر
لسانيت جي ٻن ماهرن ۽ لائق فائق سرڪاري عملدارن
رچرڊ فرانسز برٽن ۽ ڪئپٽن جارج اسٽئڪ کان سندن
ماهرانه راءِ طلب ڪئي. رچرڊ برٽن فارسي ۽ عربي
زبانن جو ڄاڻو ليکبو هو، ۽ هن جو عربي زبان ۽ ادب
جو ڳوڙهو مطالعو ضرب المثل هو. (”الف ليليٰ“ کي
انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيائين، جيڪو هاڻ سندس جڳ مشهور
مثالي ادبي شاهڪار آهي). هن مشورو ڏنو ته عربي ۽
فارسي اکرن ۾ ضروري سُڌارا ۽ واڌارا (Addition
and Improvements)
ڪري اُنهن جي بنياد تي ”سنڌيءَ جي معياري صورتخطي
ٺاهجي. هن پنهنجي مشوري جي حمايت ۾ هيٺيان دليل
ڏنا، جيڪي ڊاڪٽر جيٽلي جي چواڻي، هـِن طرح هئا:
(1) عربي اکرن ۾ اڳيئي ’سنڌي ڪتاب‘ لکيا پيا وڃن،
جيڪي قلمي نسخن جي صورت ۾ اڳواٽ ئي موجود آهن.
(2)پڙهيل ڳڙهيل سنڌي مسلمان ۽ سنڌي هندو به عربي
فارسي اکرن (Letters)
کان اڳيئي پوريءَ طرح واقف آهن. سنڌ ۾ فارسي
ٻوليءَ جو واهپو سرڪاري ٻوليءَ جي حيثيت ۾ صدين
کان ٿيندو ٿو اچي.
(3)عربي فارسي اکرن ۾ معمولي تبديلي/ڦيرڦار ۽
واڌاري ڪري، آسانيءَ سان سنڌيءَ ۾ هڪ نئين جامع
رسم الخط/صورتخطي ٺاهي سگهجي ٿي.
ڪئپٽن جارج اسٽئڪ، جنهن 1847ع ۾ سنڌيءَ ٻوليءَ جو
گرامر تيار ڪيو ۽ جيڪو 1849ع ۾ بمبئي سرڪار جي حڪم
سان ڇپيو هو، تنهن اِهو ڪتاب ”ديوناگري لپيءَ“ ۾
جوڙيو هو ۽ اُن جو سبب هن اِهو ڄاڻايو هو ته يورپي
لوڪن جي لاءِ ’ديوناگري لپي‘ سکڻ (جيڪي انيڪ
هندستاني ٻوليون اڳيئي سکيا پئي) نسبتاً وڌيڪ آسان
هئي ۽ سنڌي ٻولي ۽ اُهي هندستاني ٻوليون، جيڪي
اڳيئي ديوناگريءَ ۾ لکيون پئي ويون، اُنهن جو بڻ
بنياد پڻ ساڳيو آهي ۽ منجهن ڪافي ’هڪجهڙائي‘ به
آهي. هن اِن ڳالهه تي وڌيڪ اصرار ڪيو ته ”سنڌي“
لکڻي (Scripr)،
جنهن کي هن ’هندو سنڌي‘ يا ’خدا وادي لکڻي‘ سڏيو
پئي، تنهن ۾ ضروري ردوبدل ڪري، اُن ۾ سُرن ڏيکارڻ
لاءِ ماترائون ٺاهي،
Vowel signs
جوڙي، اِن ٻوليءَ لاءِ صورتخطيءَ جو نئون سرشتو
مقرر ڪيو وڃي. بارٽل فريئر اُنهن ٻنهي ماهرن جا
متضاد نظريا ڏسي ششدر ٿي ويو ۽ آخر فيصلو هندستان
حڪومت جي معرفت ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪورٽ آف
ڊائريڪٽرس ڏانهن لنڊن ڏياري موڪليائين. ڪمپنيءَ جي
ڊائريڪٽرن گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ 1852ع ۾ بمبئي
سرڪار کي لکي موڪليو ته سنڌيءَ لاءِ ”عربي اکرن“ ۾
ضروري اضافو/واڌارو ڪري رسم الخط تيار ڪيو وڃي.
اُن حڪمنامي جي پهچڻ بعد اسسٽنٽ ڪمشنر بئرو ايلس،
ڪمشنر فريئر سان صلاح ڪري، سنڌيءَ لاءِ، ”عربي رسم
الخط“ مقرر ڪرڻ جا احڪامات جاري ڪرايا. البت هنن
ٻنهي صاحبن ڪمپني ڊائريڪٽرن جي انهيءَ صلاح کي نظر
انداز ڪيو (لپيءَ جي سوال جي حساس نوعيت جي ڪري)،
جنهن ۾ بمبئي پريڊيزيڊنسي سرڪار کي چيو ويو هو ته
اُن فيصلي تي عمل در آمد کان اڳ اِهو مناسب ٿيندو
ته يورپي ۽ مقامي سنڌي عالمن جي هڪ ڪمپني مقرر ڪري
لپيءَ جي سوال تي اڃا وڌيڪ بحث ۽ ويچار ڪري ڪو
حتمي فيصلو ڪجي. 1853ع جي ابتدا ۾ سنڌ جي هندو ۽
مسلمان عالمن جي هڪ ڪميٽي ايلس جي صدارت هيٺ جوڙي
ويئي. اُنهن ڏينهن ۾، بقول جيٽلي صاحب (”اوائلي
شايع ٿيل سنڌي لوڪ ڪهاڻيون“، ص18) رچرڊ برٽن ۽
ڪپٽن اسٽئڪ ٻئي سنڌ ۾ موجود ڪو نه هئا، جنهنڪري
اُنهن کي اُن ڪميٽيءَ ۾ نه کنيو ويو هو. اُن
ڪميٽيءَ، عربي ۽ فارسي اکرن ۾ گهربل سڌارا ۽ اضافا
ڪري سنڌي ٻاونجهاهه اکرن جو سرشتو جوڙيو. ان مطابق
جولاءِ 1853ع ۾ عربي سنڌي الف- بي جا چارٽ سرڪاري
خرچ تي ڇپائي ورهايا ويا ۽ سرڪاري حڪمنامي موجب
تعليم کاتي طرفان اُن نئين نافذ ڪيل سرشتي کي
ڪامياب ڪرڻ جو عزم ورجايو ويو. اهڙيءَ طرح هڪ
نهايت حساس ۽ اهم مسئلي کي خوش اسلوبيءَ سان حل
ڪيو ويو.
آنجهاني پروفيسر منگهارام ملڪاڻي پنهنجي ”سنڌي نثر
جي تاريخ“ (ص21) ۾ لکي ٿو ته 1890ع ۾ سنڌ جي
ايجوڪيشنل انسپيڪٽر جيڪب صاحب جي مدد سان مشهور
ماهر تعليم ديوان ڪوڙيمل حيدرآباد جي ڪن اسڪولن ۾
ديوناگري لپيءَ ۾ پاڙهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن
لاءِ ڪي درسي ڪتاب به ديوناگريءَ ۾ لکيا ويا هئا،
پر اِها ڪوشش ڪامياب نه ٿي ۽ آخرڪار ترڪ ڪئي ويئي.
جيٽلي صاحب به پنهنجي مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ اهڙين
ڪوششن جو ذڪر ڪري ٿو. هن جي چوڻ موجب ڪجهه اسڪولن
۾ هندو سنڌي ديوناگري اکرن ۾ سنڌي سيکارڻ جو به
بندوبست ٿيل هو ۽ اُنهن ۾ به درسي ڪتاب ڇپيا ويا
هئا، پر سرڪار جو پورو پورو زور ”عربي سنڌي
صورتخطي“ جي ترقيءَ تي هو ۽ 1852ع ۾ عربي آئيوٽا
جي ٺهڻ سان ڪيترائي سرڪاري اسڪول کلي ويا هئا، جن
جو انتظار وري اسسٽنٽ ڪمشنرن جي هٿ ۾ هو، اِنڪري
ٻين لپين (گرمکي ۽ ديوناگري) ۾ لکڻ جو استعمال
ڏينهون ڏينهن گهٽبو ويو ۽ آخر ۾ فقط ڪجهه مخصوص
طبقن ۾ وڃي مذهبي ڪارڻن ڪري بچيو.
تَپن، تعلقن، محالڪارين ۽ ميونسپل ڪميٽين ۾
ورنيڪيولراسڪولن کولڻ جو فيصلو سرڪاري سطح تي ڪيو
ويو ۽ اِهو طيءَ ڪيو ويو ته بمبئي پريزيڊنسي،
مقامي لوڪلبورڊ ۽ ميونسپالٽيون اُنهن جي انتظامي/
مالي معاملن ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهنديون. ان کان سواءِ
ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس اِهو پڻ
فيصلو ڪيو ته سالانه 10000 رپيا گرانٽ (Grant-in aid)سنڌ
جي تعليم کاتي کي ڏبا، پر اِهو سرشتو لازماً
پرائمري ۽ سيڪنڊري سطح تي بمبئي پريزيڊنسيءَ جي
معيار مطابق رکبو.
53/1852ع ۾ عربي سنڌي رسم الخط جي نفاذ سان
ڪيترائي سرڪاري پرائمري اسڪول برپاٿي ويا، جن جا
مدارالمهام ڊپٽي ڪليڪٽر/ اسٽنٽ ڪمشنر (Ex-officios Inspector of Schools)
حيثيت ۾ ڪيا ويا هئا. ايلس ۽ گولڊ سمڊ ٻئي اسسٽنٽ
ڪمشنر هئا، جن جي ذاتي ڪاوشن جي ڪري اردو، هندي،
گجراتي، مراٺي، فارسي ۽ انگريزيءَ مان ڪيترائي
ڪتاب ترجمو ڪرائي بطور درسي ڪتاب اسڪولن ۾ پڙهائڻ
لاءِ جاري ڪرايا ۽ اُهي استعمال ۾ اچڻ لڳا. تصنيف،
ترجمو ۽ تاليف ڪندڙن کي سرڪار جي پاران انعام
اڪرام، سَندون ۽ سرڪاري نوڪريون ملڻ لڳيون. بقول
مرحوم محمد صديق ميمڻ (جنهن سنڌي ادب جي اولين
ادبي تاريخ لکي آهي)، سنڌي ادب جي نئين دَور جو
بانيڪار سربارٽل فريئر صاحب هو ۽ سندس هڏ ڏوکي مدد
گار ايلس صاحب ۽ گولڊ سمڊ صاحب هئا.
آڳاٽن ماهر نثرنگارن ۾ قابل ذڪر هستيون، جن جي
اَورچائي، علمي تجربي ۽ مادري ٻوليءَ سان عشق جي
ڪري سنڌي نثر ۾ هڪ وسيع ۽ عميق سرمايو پوين جي
لاءِ اڄ به باعث افتخار آهي، اُنهن ۾ سر فهرست
آهن:
ديوان ننديرام ميراڻي سيوهاڻي، اُڏارام ٿانورداس
ميرچنداڻي، ڪوڙومل چندنمل لکناڻي، ديوان پرڀداس
آنندرام رامچنداڻي، ديوان چوهڙمل ڪندن مل، ميان
محمد حيدرآبادي، قاضي غلام علي ٺٽوي، ميان غلام
حسين محمد قاسم قريشي، سيد حڪيم ميران محمد شاهه
ولد محمد شاه متعلوي، واڌومل چنديرام ٽلٽي وارو،
مرزا غلام رضا بيگ ولد مرزا فريدون بيگ، مرزا صادق
علي بيگ، مرزا قليچ بيگ، آخوند عبدالرحيم ولد محمد
وفا عباسي، ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي ۽
نارائڻ جگنناٿ (هڪ مرهٽو هو، جيڪو سنڌ جو ڊپٽي
ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر هو ۽ جنهن جي نالي تي
اڃاتائينN.J.V. High School
قائم آهي).
اُنهيءَ وقت جيڪي قابل ذڪر خاص ڪتاب ڇپيا، اُنهن
جو ڪجهه مختصر احوال ڏجي ٿو. منشي ننديرام ميراڻي
”تاريخ معصومي“ جو ترجمو ڪيو. تنهن کان پوءِ 1865ع
۾ نارائڻ جگنناٿ ”سنڌ جو نروار“ لکيو. ان دوران
ڪيترائي سنڌي دان انگريزي ٻوليءَ مان ترجمي ڪرڻ
لاءِ انگريزي سکيا. 1862ع ۾ ديوان ڪوڙيمل چندنمل
”ڪولمبس جي تاريخ“ جو ترجمو ڪيو. هن صاحب اُن وقت
”پڪو پهه“ نالي سان زناني تعليم جي بابت به ڪتاب
لکيو. 1880ع ۾ ديوان نولراءِ شوقيرام آڏواڻيءَ ۽
منشي اُڌارام ٿانورداس ميرچنداڻيءَ گڏجي ڊاڪٽر
جانسن جي جڳ مشهور ڪتاب ”راسيلاس“ جو ترجمو ڪيو.
منشي اُڌارام ٿانورداس ساڳئي وقت ”ايسپ جون
آکاڻيون“ به سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون.
1864ع ۽ 1870ع جي وچ ۾ ديوان ڪيولرام سلامتراءِ
آڏواڻيءَ ٽي نهايت عمدا ۽ دلپذير ڪتاب لکيا، جي اڄ
به ادبي دنيا ۾ امر ۽ بيمثال آهن. اِهي هئا:
”سوکڙي“، ”گلقند“ ۽ ”گل شڪر“. افسوس جي ڳالهه ته
اِها آهي ته اِهي عظيم ادبي شهپارا مسودن جي صورت
۾ تعليم کاتي جي ڪٻٽن ۾ نڌڻڪا ٿيا پيا هئا ۽
1905ع ۾ ڪن جاکوڙين جي هٿ لڳا، جن اُنهن کي ويهين
صديءَ ۾ پڌرو ڪيو. 1879ع ۾ مرزا قليچ بيگ جڏهن اڃا
ڦوهه جوانيءَ ۾ هو، تڏهن
Bacon`s Essay`s
جو ترجمو ”مقالات الحڪمت“ جي نالي سان ڪيائين،
جنهن جي پروقار، عاليشان ۽ پرڪشش ٻولي اصل انگريزي
مصنف بيڪن جي ٻولي کي به مات ڏيو بيٺي آهي! 1880ع
کان وٺي 1905ع واري عرصي ۾ جن مهان سنڌين ادبي چمن
جي آبياري ۽ گُلڪاري ڪئي، اُن ۾ ٻه مکيه نالا آهن:
ديوان ڪوڙومل چندنمل کلناڻي ۽ شمس العلماء مرزا
قليچ بيگ. اُنهيءَ ساڳئي زماني ۾ جن ٻين عالمن
سنڌي ادب جي بي لوث ۽ بي انتها خدمت ڪئي، تن ۾
ديوان ڏيارام گدومل ۽ ديوان بولچند ڪوڏومل مٿاهون
مقام والارين ٿا. جيتوڻيڪ اُنهن ٻنهي صاحبن سنڌي
ڪتاب ڪي ڳاڻ ڳڻيا لکيا آهن، تڏهن به سندن نثري
ڪلام نهايت ئي مڌر، منفرد ۽ شيرين مقال آهي، ۽اڃا
تائين ادبي تاريخ ۾ آب تاب برقرار رکيو اچي.
آنجهاني پروفيسرمنگهارام ملڪاڻي ”سنڌي نثر جي
تاريخ“ ۾ اوائلي نثري ادب جي اپٽار ڪندي اِهو عجب
انڪشاف ٿو ڪري ته: ”مشهور لوڪ ڪٿا تي ٻڌل آکاڻي
راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي، جنهن جو لکندڙ ڳچ عرصو گمنام
هو، پر پوءِ جناب محمد صديق ميمڻ جي ”سنڌي ادبي
تاريخ“ (1937ع)مان معلوم ٿيو ته اُهو سنڌي نثر جي
پايي وجهندڙن مان هڪڙو منشي اُڌارام ٿانورداس هو.
اِها آکاڻي ڪئپٽن اسٽئڪ جي سنڌي گرامر (1849ع) ۾
ضميمي طور هئي، جو ڪتاب ديوناگري لپيءَ ۾ ڇپيو هو،
ڇو جو عربي لپي تيار ئي 1853ع ۾ ٿي.“(ص25)
اصل ۾ اُنهيءَ آکاڻيءَ جو مصنف ڪير هو؟ انهي سوال
چڱي خاصي تنقيدي ۽ ادبي تنازع کي جنم ڏنو آهي.
بقول پروفيسر ملڪاڻي ته 1861ع ۾ اها آکاڻي ٻين ڏهن
فارسي ۽ اردو آکاڻين تان ترجمو ڪيل نقلن سان شامل
ڪري، منشي اُڌارام عربي سنڌي نئين صورتخطيءَ ۾ هڪ
مجموعو ڇپايو. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جديد تحقيق ۽
تنقيد جي اصولن پٽاندر پنهنجي ڪتاب ”اوائلي شايع
ٿيل سنڌي لوڪ ڪهاڻيون“ (1986ع) ۾ ملڪاڻي صاحب ۽
محمد صديق ميمڻ جي ادبي تاريخ نويسي کي بلڪل رد
ڪندي لکيو آهي ته ”اهڙي قسم جا غلط بيان، جارج
اسٽئڪ جي سنڌي گرامر ۾ ڇپيل لوڪ ڪهاڻين بابت به ڪن
تاريخ نويسن لکيا آهن. محمد صديق ميمڻ کي جارج
اسٽئڪ جي گرامر ۾ ڇپيل سنڌي لوڪ ڪهاڻين جي ڄاڻ نه
هئي. سنڌي ادبي تاريخ ۾ هن ڪنهن به هنڌ اُن جو ذڪر
نه ڪيو آهي. ميمڻ صاحب کي فقط اُڌارام ٿانورداس
ميرچنداڻيءَ جو 1861ع ۾ عربي-سنڌي صورتخطيءَ ۾
ڇپايل راءِ ڏياچ جو قصو نظر آيو آهي، اِنڪري هن
صاف لفظن ۾ لکيو آهي ته اُڌارام ٿانورداس اِها
آکاڻي زباني روايت مان پاڻ لکي ڪتاب جي صورت ۾
ڇپائي ۽ آکاڻيءَ جي پڇاڙي ۾ جيڪو بيت آهي، اُهو
اُڌارام جوئي ٺاهيل آهي. جيڪڏهن ميمڻ صاحب اسٽئڪ
جي گرامر ۾ لکيل راءِ ڏياچ جي ڪهاڻي پڙهي ها ته
کيس هڪدم معلوم ٿي وڃي ها ته اُڌارام فقط اُن
گرامر مان آکاڻي کڻي عربي سنڌي اکرن ۾ معمولي
تبديليءَ سان اُتاري ڇپائي آهي.“ (مهاڳ ”اوائلي
شايع ٿيل سنڌي ڪهاڻيون“). ڊاڪٽر جيٽلي پنهنجي
هموطن بزرگ ادبي تاريخ نويس پروفيسر ملڪاڻي تي به
تنقيد ڪندي اِهو اظهار ڪيو ته: ”منگهارام اُڌارام
ملڪاڻيءَ کي به جارج اسٽئڪ جو گرامر هٿ نه لڳو
آهي. هن ڏيارام وسڻمل ميرچنداڻيءَ جي تيار ڪيل
ڪتاب ”چونڊ سنڌنثر“ مان معلوم ڪيو ته راءِ ڏياچ ۽
سورٺ جي آکاڻي اصل ۾ ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي گرامر ۾
درج ٿيل هئي. بس پوءِ کيس ڄڻ ته وڏي ثابتي ملي
ويئي. ملڪاڻي صاحب شدمد سان اعلان ڪيو ته ڏيارام
کي خبر ئي ڪا نه آهي ته اِها آکاڻي سندس ئي خاندان
جي ليکڪ اُڌارام ٿانورداس ميرچنداڻيءَ زباني
روايت مان لکي، ڪئپٽن جارج اسٽئڪ کي ڏني هئي. اُن
آکاڻيءَ جو ليکڪ اُڌارام آهي، اُن جي ڄاڻ کيس ميمڻ
صاحب جي ڪتاب مان ملي.“
(مهاڳ)
ڊاڪٽر جيٽلي ملڪاڻي صاحب جي تحقيق تي ناقدانه بلڪه
اڃا به قدري سخت غيرجانبدارانه نظر وجهندي، پنهنجو
تبصرو ڪمال چٽائيءَ سان بيان ڪري ٿو: ”ملڪاڻي اهو
فيصلو ڪندي ان حقيقت تي بلڪل ڌيان ڪو نه ڏنو ته
جارج اسٽئڪ جڏهن 1846-1847ع ڌاري پنهنجي لکيل
گرامر جو دستخط مڪمل ڪيو، تڏهن اُڌارام ٿانورداس
تيرهين چوڏهين سالن جو ٻار مس هو. (اُڌارام 1833ع
۾ ڄائو هو). اِهو کوڙو ئي دل سان نٿو لڳي ته اسٽئڪ
سنڌ جي سڀني عالمن کي ڇڏي هڪ ٻار کي اِها آکاڻي هٿ
ڪري لکي ڏيڻ لاءِ چيو هوندو. ملڪاڻي صاحب ”سنڌي
نثر جي تاريخ“ ۾ اِهو لکيو آهي ته اسٽئڪ جي گرامر
۾ ٻين آکاڻين سان گڏ دودي چنيسر جو اصل قصو به
آهي. اِهو به بنهه غلط بيان آهي.“ (مهاڳ).
لالسنگهه اجواڻي انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيل پنهنجي
مشهور ادبي تاريخ
"History of Sindhi Literature"
۾ ملڪاڻي صاحب جي فاضلاڻه تحقيق کي بنياد بڻائي
”ڪنهن سوچ ۽ ويچار کان سواءِ“ (بقول ڊاڪٽر
جيٽلي)، ملڪاڻي صاحب جي بيان کي ”سند طور“ صحيح
مڃي وڏي وثوق سان اعلان ڪيو آهي ته ڪئپٽن جارج
اسٽئڪ پنهنجي گرامر ۾ اُڌارام ٿانورداس جي لکيل
”راءِ ڏيارچ ۽ سورٺ“ سنڌي نثر ۾ مثالن طور ضميمي ۾
ڏني آهي. اصل انگريزي الفاظ اجواڻي صاحب جا هن ريت
آهن:
"The distinction which attaches to Captain Stack
is also due to the fact that the Appendix to his
Grammar contain the first Specimens of Sindhi
prose in Udharam Thanward`s story of Rai Dyach."
(History of Sibdhi Literature-Sindhi prose and
Drama in the British Era, ch XII).
ائين کڻي چئجي ته جديد تنقيد ۽ تحقيق جي تناظر ۾
ڊاڪٽر جيٽلي جي اِن بيان ۾ ڪو وڌاءُ يا مبالغو
بنهه ڪو نه آهي ته سنڌي ادب جي تاريخ تي لکيل
ڪتابن ۾ ڪيترائي اهڙا مثال آهن، جن ۾ ليکڪ جي غلط
بيانن کي بغير ڪنهن تصديق(Corroboration
and Verification)) جي، ٻين ليکڪن پئي دهرايو آهي. سيد ميران محمد شاهه
واري ”سُڌاتوري ۽ ڪُڌاتوري جي ڳالهه“ کي اوائلي
سنڌي نثر ۾ اَساسي(
(classic
حيثيت حاصل آهي. 1855ع ۾ هي قصو لـِٿو ۾ عربي سنڌي
لپيءَ ۾ هنديءَ تان ترجمو ڪري سائين ميران محمد
شاهه سربارٽل فريئر جي تحريڪ تي پڌرو ڪيو هو. هن
ڪتاب لاءِ چوڻ ۾ ائين اچي ٿو ته شاهه صاحب،
سربارٽل فريئر جي نياڻيءَ جي وندر لاءِ هيءُ قصو
سليس ۽ سلوڻي سنڌيءَ ۾ جوڙيو هو. سائين ميران محمد
شاهه متعلوي پنهنجي دَور جو وڏو حاذق حڪيم ۽ عربي،
فارسي ۽ سنڌيءَ جو هڪ جيد عالم هو. پاڻ شروعات ۾
سنڌ جي ڪمشنر جو مير منشي ۽ پوءِ اسپيشل جج جو
سرشتيدار ۽ ترقي ڪندو ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ مقرر ٿيو.
سرڪاري ملازمت دوران انگريزي ٻوليءَ ۾ چڱي مهارت
حاصل ڪري پوءِ قانون جو باقاعدي اڀياس ڪيائين.
سندس همعصر وڪيلن مان خانبهادرحسن علي آفندي ۽
ديوان ڏيارام گدومل مشهور وڪيل هئا. شاهه صاحب
جيئن ته سربارٽل فريئر کي ويجهو هو بلڪل سندس آفيس
۾ ئي ”مير منشي“ جي عهدي تي فائز هو، اِنڪري اُن
ڪميٽيءَ جو ميمبر به هو، جا ڪميٽي سنڌي ٻوليءَ جي
رسم الخط بابت ڪمشنر بارٽل فريئر تشڪيل ڏني هئي.
ديوناگري لپيءَ جي حمايتين جي موقف کي رد ڪرڻ لاءِ
شاهه صاحب نهايت سليس ۽ سلوڻي سنڌي نثر ۾ ”قصو
سُڌاتورو ڪُڌاتورو“ هنديءَ مان ترجمو ڪري اِهو
ثابت ڪيو ته ”سنڌي عربي رسم الخط“ ۾ لکي پڙهي
سگهجي ٿو ۽ ڪيئن عام رواجي سنڌي ٻولي عربي، فارسي
۽ سنسڪرت جي ڳورن، ثقيل ۽ ڳاٽي ٽوڙ ترڪيبن ۽ اکرن
کان بچائي سليس روان ۽ تُزانداز ۾ لکجي سگهجي ٿي.
آزاديءَ کان پوءِ پهريون دفعو هيءَ ڳالهه ”مهراڻ“
(1-1959ع) واري شماري ۾ ڇاپي ويئي هئي. اُن وقت
علامه غلام محمد گرامي صاحب (ايڊيٽر ”مهراڻ“)
پنهنجو نهايت عالمانه فاضلانه تقريظي نوٽ لکي هن
ڳالهه جي ڇاپجڻ جي غرض غايت جي باري ۾ هيٺين طرح
قارئين کي آگاهه ڪيو هو:
”هن قصي کي مهراڻ ۾ پيش ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته
جيڪي معياري سنڌي ڪتاب دوباره ڇاپي هيٺ اچي نه
سگهيا آهن، يا جن جي اشاعت جو ڪو ٻيو ذريعو نظر
نٿو اچي، تن کي ٻيهر شايع ڪري زنده رکيو وڃي. اسان
سان گڏ اسان جا اديب ۽ طلباءِ، ههڙن ڪتابن کي هن
دَور جي ادبي ۽ فني ترقي جي روشني ۾ پڙهي، پنهنجي
ٻوليءَ جي ارتقا کي ڏسن ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪن.
’سُڌاتورو ڪُڌا تورو‘ سنڌي ڪلاسيڪي ادب ۾ نهايت
سهڻو نثري قصو آهي، جنهن جي پڙهڻ سان سنڌي زبان جي
پراڻي ۽ عام طرز بيان ۽ اسلوب تحرير سان گڏ صرف ۽
نحوجي پراڻي سنڌي قاعدي جي خبر پوي ٿي. ٺٽي جي
مخدومن جي مشهور ”سنڌي“ کان پوءِ جنهن سليس ۽ شسته
نثر لکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، اُن ۾ هن قصي کي
اوليت جو شرف حاصل آهي. اُن سان گڏ پراڻي رسم الخط
۽ اُن جي انشا ۽ اِملا جوپڻ پتو پوي ٿو. معلوم
ائين ٿيندو ته اسان جي موجوده رسم الخط ۽ اسلوب
نگارش ۽ ’سُڌاتوري ڪُڌاتوري‘ واري رسم الخط ۽
انداز بيان ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق ٿي ويو آهي.
پراڻي نثر ۾ رواني ۽ شستگي، سادگي ۽ صفائي،
نماڻائي ۽ سٻاجهائي زياده آهي. ان جي مقابلي ۾
موجوده نثر ۾ صرفي ۽ نحوي پختگيءَ سان گڏ رسم الخط
۾ وڏو ڦيرو آيل آهي ۽ انداز تحرير ۾ ذرا رنگيني ۽
تڪلف گهڻو آهي. عربي ۽ فارسي آميزش وري به اُها
آهي، جنهن کي اسين پراڻي ۽ پهرين ٻولي سڏيون ته
غلط نه ٿيندو، جا اسان جا وڏرا وينجهار ۽ برگزيدا
عالم استعمال ڪندا هئا.“
سيد ميران محمد شاهه (اول) شعر و ادب سان گڏو گڏ
لغـت نويس پڻ هو. سندن هڪ سنڌي-انگريزي ڊڪشنري سنڌ
آرڪائيوز (ڪمشنر لائبريري) ۾ اڄ تائين موجود آهي.
شعرو شاعري سان وابستگي جي باوجود، شاهه صاحب
دينيات ۽ حڪمت، علم جفر نجوم ۽ رمل تي به دسترس
رکندا هئا. سياست ۾ به دلچسپي رکندا هئا ۽ شاهه
اسماعيل شهيد ۽ سيد احمد بريلويءَ جي پوئلڳن سان
دهلي، لاهور، امرتسر، عليڳڙهه ۽ اجمير وارن سان
سندس ميل ملاقات ٿيندي رهندي هئي. شاهه صاحب اُنهن
جي فڪر ۽ تحريڪ کي سنڌ ۾ چڱو وڌايو ۽ سندس عزيز ۽
خلفِ رشيد، علامه اسد الله شاهه ’فدا‘ قاضي،
’خلافت‘ جو بنياد وڌو. سندس ٻيو ڪتاب ’مفيد
الصبيان‘ به سنڌيءَ ۾ موجود آهي.
ميران محمد شاهه (اول) جي تصنيف ڪيل ”سُڌا تورو
ڪُڌا تورو“ ڪتاب جو اصل هندي نالو آهي ”سودي ۽
ڪبودي“. هيءُ هڪ قصو آهي، جنهن جو فني تاڃي پيٽو
ناول جي انداز ۾ پيش ڪيل آهي. تنقيدي اصطلاح ۾ هن
کي ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ سان ملائي ’سنڌي فڪشن
‘جي ”پيڙهه جو پٿر“ سمجهڻ گهرجي. هن ۾ ٻن ڪردارن
کي چٽيو ويو آهي. ”سَمهابو“ (لياقت وارو) ۽
”اَمهابو“ (بي محابو ۽ بي مروت). اُنهن مان
’سُڌاتورو‘ ’سَمهابي‘ جو پٽ آهي ۽ ’ڪُڌاتورو‘
’اَمهابي‘ جو پٽ آهي. ’سُڌاتورو‘ اهڙو ڪردار (ويس
ڌاري) آهي، جيڪو ايماندار، هوشيار ۽ انگريزن جي
نوڪري ۾ خوش آهي. سندس مخالف ڪردار ’ڪُڌاتورو‘ کي
خراب روپ ۾ پيش ڪيو ويو آهي ۽ هو ڪمچور، ٺڳ ۽ ڪوڙو
ڪري پيش ڪيو ويو آهي. بقول عبدالجبار جوڻيجو (سنڌي
ادب جي مختصر تاريخ 1937ع) ”هن ڪتاب جي ڪهاڻي
انگريزن جي حڪمت عمليءَ جو جيئرو جاڳندو نمونو
آهي.“ هي قصو ڪو ناول ته نه آهي، پر سنڌيءَ ۾ جيڪا
صورت وٺي بيٺو آهي، تنهن موجب سنڌي ناول جي اوائلي
اهڃاڻن ۾ شمار ضرور ٿيندو.
آکاڻي راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي
[هيٺين ڳالهه جنسي ڪئپٽن اِسٽئڪ جي سنڌي گرامر جي
پٺيان ڏنل ضميمي تان ورتل آهي. اهو ڪتاب انگريزي ۾
لکيل آهي. سنه 1949ع جو ڇپيل آهي. ڳالهه سڄي
ديوناگري آئيويٽا ۾ لکيل آهي، ڇاکون ته تن ڏينهن
اڃا سنڌي آئيويٽا ڪا نه ٺهي هئي.ڳالهه جو اصل
لکندڙ ڪير آهي سو چئي نٿو سگهجي.]
گرنار جي ڪوٽ ۾ راءِ ڏياچ نالي هڪڙو پاتشاهه هو
تنهن جي ڀيڻ فقير کان گهريو ته ساءِ مون کي پٽ ڏي.
فقير چيس ته پٽ ٿيندءِ پر راءِ ڏياچ جو سر وڍيندو.
هن چيو ته ساءِ اُهو پٽ ئي ٻن پيو جو ڀاڻم جو سر
وڍي. پر فقير جو چوڻ ٿيو سر ٽري ڪيئن؟ ٿوري گهڻي
ڏهاڙي مائيءَ پٽ ڄڻيو. پوءِ تنجي جوڙي صندوق ۾
وجهي درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيائيندس ته ڀلي مانگر مڇ
کائينس. پر مانگر مڇن جي کائڻ جو ڪين هو. فقير جو
اَمر هو سر وڃي اَنيراءِ نالي پاتشاهه جي ملڪ ۾
چارڻن جي ڳوٺؤن نڪتو، سو اوتي چارڻ ۽ چارڻي زال
مڙس ٻئي آيا هئا پاڻيءَ تي. تن کي اِها صندوق نظر
چڙهي ويئي، سا ٻاهر ڪڍي پٽي ڏسن ته منجهس ٻار پيو
آهي؛ هنن کڻي وڃي سانڍيس. سو اڄ ننڍو سڀان وڏو
ائين وڏو ٿيو. پوءِ هن کي گڏهه ۽ گهوڙا ڏنائون ۽
چيائونس ته چاريندو وت. چارڻ ڪم ڪهڙو ڪندو هئا.
اَٺين پهر سرود تي هرڻ ريجهائي ماريندا هئا ۽ آڻي
قوت ڪندا هئا. هو جي نينگرڙو هٿ آين تنهن جونالو
رکيائون ٻيجل سو گهوڙا چاريندو وتي.
تنهن کان اَڳاهون ڪنهن الاه لوڪ هرڻ ماريو هو،
سوڪنهن اُنهيء جا عضوا شيخ ڪري پچائي کائي آنڊا
اُن جا وڻ تي اُڇلي کڻي ڇڏيا هئائين ۽ پاڻ ويندو
رهيو. ڏکڻ جوواءُ جو لڳو سو اُهي تندون آواز اهڙو
پييون ڪن جو مرون پکي سڀيئي ڪنڌ نائي بيهو ٻُڌن.
جڏهن واءُ بس ٿيو، تڏهن تندن به بس ڪئي ۽ پکي پکڻ
به ويندو رهيو. اُتي ٻيجل جو آيو سو اُهي آنڊا
اچي کنياءِ ۽ چنگ ٺاهي تنهن تي کڻي چاڙهياءِ.
پوءِ تير جو سنهت ڪندروءَ تي گهي جان کڻي وڄائي ته
چؤڻا هرڻ مرون پکي هليا اچن. هيءُ هينئن ڪري جو
جيڪي ٻه ٽي اُنهن منجهان کپنس اُي وٺيو اچي ٻيا
کڻيو ڇڏي. چارڻن وٽ جو آيو سو ججهوئي شڪار آڻي
اڳيون رکياءِ. اُهي چوڻ لڳا ته هيءُ چڱو کاٽائو پٽ
درياءَ پاتشاهه ڏنو، اسين آڻيون هڪڙو ٻه هن اسان
جي بکه ته لاٿي پر ٻيا به ڪيترائي ٿا اسان وٽ کايو
وڃن. پوءِ کڻي پرڻايائونس چارڻ جي ڌيءَ.
اَنيراءِ پاتشاهه جو هو تنهن کي ست ڌيئر اڳ ۾
هيون. هڪڙي پوءِ ڄايس؛ تنهن کي سون رپوپائي صندوق
۾ وجهي لوڙهي ڇڏياءِ. چي اڳيئي گهڻيون ڌيئر آهن،
ڇورين کڻي ورايا آهيون. هڪڙو رتنو ڪنڀر راءِ ڏياچ
جي ڳوٺ ۾ هو تنهن کي هٿ لائي، سا صندوق مان ڪڍي
نيئي سانڍياءِ، نالو رکيائيندس سورٺ. رتني جي
ياراڻي انيراءِ پاتشاهه سان هئي ۽ گهڻا ڏينهن
اُنهيء وٽ وڃي ويٺو هو. پوءِ چيائيندس ته ساءِ مون
کي هاڻ موڪل ڏي ته ڳوٺان ٿي اچان. پوءِ ٻن مهنن جو
کڻ ٻڌاءِ، پر گهر ۾ ٻن کان چار مهينا لنگهي ويس.
تڏهن انيراءِ پاتشاهه سپاهين کي چيو ته رتنو ڪنڀر
جڏهن اچي ۽ آءٌ ڪچهري باهڙايان تڏهن ماري وجهجوس.
هوڏهون رتني ڪنڀار جوءِ کي چيو ته ٻائي ننڊ ۾
اَنيراءِ ڏٺو اٿم سو هاڻي هن وٽ ويندس. زال چيس
ماريا، تون وڃين ٿو پر پاتشاهه مارائي وجهندءِ.
چيائينس ته به آءٌ وڃان ٿو. هيءُ گهوڙي تي چڙهي
پنهنجي ماڻهن سان اُٿي هليو اوڏهين. جڏهن اُتي
پهتو تڏهن ڪاهي آيو ڪچهريء ۾. اڳي جڏهن هيءُ ايندو
هوته سندس گهوڙو پاتشاهه جا ماڻهو اُٿي وٺندا هئا؛
اُنهيء ڏينهن ڪنهن ڪين اچي ورتس، ته به هيءُ ڪاهي
وڃي بيٺو پاتشاهه جي اڳيان. پاتشاهه منهن ڦيرائي
کڻي ٻئي پاسي ڪيو. هن چيو، پاتشاهه، ڇو اڄ منهن
ڦيري ٻئي پاسي ٿو ڪرين. پاتشاهه چيس ڙي ڪنڀر جا
پٽ! مون سان ٻن مهينن جو کڻ ڪيو هوءِ، تون چوٿين
مهيني وريو آهين. ڪنڀر چيس ڳهيلا پاتشاهه، منهنجي
حال جي ڳالهه پڇئي ڪانه. چي ڙي ڪهڙي تنهنجي حال جي
خبر؟ ٻڌاءِ. چيائينس ساءِ خبر هيء ته مون کي ڌيءَ
ويٺي آهي وڏور سا ڀانيم ته پرڻائي پوءِ تو ڏي
اچان. چيائينس ته ڙي اِها مون کي ڇو نه پرڻائين؟
چي جيئين تون، ڇو نه.
پاتشاهه اُٺ ڪجاوا ڏنس، ماڻهو ڏنائينس، سيڌا پاڌا
ڏنائينس، دهل دمر ڪري چيائينس، يار آءٌ اُتي هلندس
ته راءِ ڏياچ مون سان جنگ ڪندو، تنهن ۾ ڪان سان
منهنجا ڦيرا ڏياري وٺي اچينس. پوءِ هيءُ پنهنجي
ملڪ ڪاهي آيو، اُتي ڪان سان ڦيرا ڏياري آڌيء رات
جو مشعلن سان اُٿي هليا. راءِ ڏياچ جو ڪوٽ تي ويٺو
هو تنهن جي نگاهه مشعلن تي وڃي پيئي ۽ پنهنجا
ماڻهو ڊوڙياءِ. چي ڙي هي مشعل ڪهڙا آهن؟ تن
اُتاهون خبر چار وٺي وري اچي راءِ ڏيارچ کي چيو ته
انيراءِ رتني ڪنڀار جي گهران پرڻيوآهي، تنهن جا
مشعل ٿا ٻرن. هن چين ته وٺي اچو رتني کي. پوءِ وٺي
آيس. راءِ چيس، ڙي مون کي نٿي پرڻا يئي؟ اهڙي ڪا
سهڻي ڌيءَ اٿيئي جا انيراءِ کي پرڻائي اٿيئي؟
چيائينس؛ مون چيو ته مون غريب جو ٻار پاتشاهه
قبولي ڪونه، تنهن ڪري نه چيم. راءِ چيس، ڙي توکي
به جواب تنهنجي انيراءِ کي به جواب، زال آهي
منهنجي. ائين چئي زال گهرائي ورتاءِ. اَنيراءِ جا
ماڻهو جي هتون ڀڄن سر وڃي چون اَنيراءِ کي، ساءِ،
زال تنهنجي راءِ ڏياچ کسي ويو.
اَنيراءِ ٻڌي لشڪر ڪري چڙهيو. اچي ٻارهن مهينا ڪوٽ
سان جنگ ڏناءِ، پوءِ ڪوٽ تي نه توب جو گورو رسي نه
غباري جو. اَڌئي مان وريو اچيو هيٺ پوي، مٿي رسيئي
ڪين. نيٺ هيءُ اُتاهون شهه کائي وريو. پنهنجي ملڪ
اچي رتن ٽڪن جو ٿالهه ڀري ٻانهيء کي ڏناءِ ته
چارڻن ۾ وڃي گهمائي چوي جيڪو راءِ ڏياچ جو سو وڍي
اچي تنهن کي هيءُ ٿالهه ته ڏبو پر ٻيو به جيڪي
گهرندو سوڏبس. ٻيجل جي جا زال هئي تهن ٿالهه وٺي
رکيو. مٿان آيو ٻيجل تنهن چيو رن هيءُ ٽڪن جو
ٿلهه ڇو وٺي رکييءِ؟ هاڻي جو نٿو وڃي ته چارڻن جو
ڳوٺ ٿو ڦرجي، تنهنڪري هلڻ پيس:
الهٰ جي آس ڪري هليو هيائين
چارڻ ٻڌاچنگ کي جهوڙا ۽ جهائين
اڇا اوڍي ڪپڙا ميرا لاٿائين
ڏولي راءِ ڏياچ جي ڏوران ڏٺائين
واليء وينتي تنهن دم ڪيائين
چي سٻاجها سائين راءِ ريجهائين راڳ تي.
پوءِ ته سُرندو ڪڍي ويٺو وڄائڻ؛ ۽ ساري رات تندون
تنواريندو رهيو. سندس ساز جي آواز سڀني کي گهائي
وڌو. راءِ ڏياچ جو پنهنجي رنگ محل ۾ ويٺو هو،
تنهن جي روح به ريلو ڏنو؛ سو ڪوٽ جي دريء کان ٻيجل
کي پڪاري چيائين ته ”مڱڻهار! گهر، جيڪي گهرڻو
هجيئي.“ ٻيجل وراڻيو ته ”راجا! مون کي توسان هڪ
ڳجهه ڳرهڻو آهي. اجازت ملي ته مٿي اچي اوريان.“
راءِ ڏياچ پنهنجن ماڻهن کي حڪم ڏنو ته ”چارڻ کي
چؤڏول ۾ چاڙهي مٿي وٺي اچو.“ هاڻ راءِ ڏياچ ۽ مڱڻي
جي وچ ۾ ڪو به وسيلو ڪو نه رهيو؛ ٻئي خلوت ۾ ٿي
ويٺا. ٻيجل نڪي ڪڇيو نڪي پڇيو، سرندو ڪڍي وري به
ويهي وڄائڻ لڳو. راءِ ڏياچ جو من اهڙو ته موهي
وڌائين، جو کيس طرحين طرحين جا انعام آڇڻ لڳو. پر
ٻيجل هٿ جوڙي، عرض ڪيو ته ”راجا! مون وٽ مال متاع
جي ڪمي ڪانهي. تنهنجي سخاوت جي ساراهه ٻڌي، تو وٽ
وڏي آس رکي آيو آهيان. اِهو سـِر جو تنهنجي سرير
جو سينگار آهي، تنهن جو ئي سيڪڙو ٿي آيو آهيان.
اميد اٿم ته نانهن نه ڪندين.“ راءِ ڏياچ کي اهڙيء
اڍنگي مڱ تي نهايت اچرج لڳو، سو چيائين ته ”اي
چارڻ! منهنجي مٿي مان توکي ڇا هٿ ايندو؟ انهيء
ڳالهه تان لهي وڃ. ڏس ته توکي ڪهڙا نه دهرا دان ٿو
ڏيان. ساري عمر پيو کائين، ته به کٽڻ جا نه آهن.“
ٻيجل سان جيڪي مٿا هڻڻا هئس، سي هنيائين؛ پر هو نه
مُڙيو. آخر ٻيو ڪو حيلو نه ڏسي، پنهنجي هٿ سان
پنهنجو سر وڍي، چارڻ کي اُڇلي ڏنائين.
تڏهن ٻيجل سـِر وٺي آيو اَنيراءِ وٽ. تنهن اڳيون
چيس ”لڏ منهنجي ملڪ مان، جو ههڙو ڏاتار راءِ تنهن
کي ماريندي ترس نه پيئيءِ، ڪڏهن مون کي به
ماريندين.“ پوءِ اُتاهون جوءِ سوڌو لڏي راءِ ڏياچ
جي شهر ۾ آيو. اچي ڏسي ته سورٺ راڻي ۽ خاتون راڻي
سي ٿيون ڏاگهه چڙهن، تڏهن هي به چڙهي ويٺو ڏاگهه
تي. پوءِ سندس زال به چيو ”ههڙو مڙس آءٌ ڪو نه
لهنديس“ ته اُها به ٽپو ڏيئي ڏاگهه چڙهي. سا پيٽ
سان هئي، ته ٻار باهه جي تَوسان ٺڪاءُ ڏيئي وڃي
ٻاهر پيو. انهيء کي ماڻهن کڻي نپايو. مڱر مون پيدا
ٿيو تنهنڪري نالو رکيائونس مڱرو.
[”چونڊ سنڌي نثر“، ڏيارام وسڻمل ميرچنداڻي ۽
جمناداس ولبداس سڏاڻي، 1935ع، ص 90]
آزادي
برٽرئند رسيل/سليم نور حسين
جان اسٽوآرٽ مـِل*
جو ڪتاب ”آزاديءَ بابت“ اسان لاءِ هن وقت وڌيڪ اهم
آهي، ڇا لاءِ جو اُهو جنهن مقصد جي وڪالت ڪري ٿو،
تنهن ايتري ڪاميابي نه ماڻي آهي. هن وقت دنيا ۾
آزاد
liberty))
مجموعي طرح، اُن کان گهڻي گهٽ آهي، جيتري سَوورهيه
اڳ هئي؛ ۽ ائين سمجهڻ لاءِ ڪو سبب ڪونهي ته اُتان
پابنديون اڳواٽ نظر ايندڙ مستقبل ۾ گهٽ ٿي
وينديون. مـل روس جو حوالو ڏئي ٿو ته اُهو اهڙو
ملڪ آهي، جتي ڪنهن کي خود ڪاموري کي به ڪائي شخصي
آزادي حاصل نه آهي. پر سندس زماني جي روس ۾ ’سرفن‘
(serfs)
(1)
جي ڇوٽڪاري کان پوءِ اسان جي زماني واري روس کان
هزارين ڀيرا وڌيڪ آجپو هو. سندس زماني جي روس مهان
ليکڪ پيدا ڪيا، جن آپيشاهيءَ جي مخالفت ڪئي؛ جرئت
وارا انقلابي، جن قيد ۽ جلاوطنيءَ جي باوجود
پنهنجو پرچار جاري رکيو؛ ويندي اقتدار جي ايوانن ۾
آزادي پسند (liberals)
پڻ، جيئن ’سرفن‘ جو ڇوٽڪارو ثابت ڪري ٿو. اِن آس
ڪرڻ جو سبب اِهو ته وقت تي روس، انگلند جيتري
سياسي آزاديءَ ڏانهن وڌندي، آئيني بادشاهت ۾ بدلجي
ويندو. ٻين ملڪن اندر آزاديءَ جي اوسر ظاهر ڪئي.
آمريڪا ۾، مـِل جي ڪتاب جي ڇپجڻ کان ڪجهه ورهيه
پوءِ، غلامي ختم ڪئي ويئي. فرانس ۾ نپوليئن ٽين جي
بادشاهت جي، جنهن کي مـِل دل جان سان ڌڪاريندو هو،
سندس ڪتاب جي اشاعت کان يارنهن ورهيه پڳءِ پڄاڻي
ٿي، ۽ ساڳئي وقت جرمنيءَ ۾ بالغن لاءِ ووٽ جو حق
تسليم ڪيو ويو. انهيءَ ڪري آءٌ نٿو سمجهان ته مسٽر
پئڪ(2) جو اهو چوڻ صحيح آهي ته تنهن وقت جو عام
تحرڪ آزاديءَ جي برخلاف هو، ۽ آءٌ نٿو سمجهان ته
مـِل جي پُراميدي ڪا غير معقول هئي.
آءٌ پاڻ کي مل جي قدرن(
values)
سان پوريءَ طرح متفق ڏسان ٿو. آءٌ سمجهان ٿو ته هو
قدرن جي معاملي ۾ فرد جي اهميت تي زور ڏيڻ ۾ بلڪل
حق بجانب آهي. ان کان سواءِ، آءٌ اِهو به سمجهان
ٿو ته جنهن موقف جو هو حامي هو، سو اسان جي زماني
۾ تنهن کان وڌيڪ مطلوب آهي، جيتروڪ سندس وقت ۾ هو.
پر اسان جي وقت ۾ اُهي جيڪي آزاديءَ جي پرواهه ڪن
ٿا، تن کي آزاديءَ جي بچاءِ لاءِ اُڻويهين صديءَ
جي جنگين کان مختلف جنگيون جوٽيون ۽ نوان گهاٽ
گهڙڻا آهن. سترهين صديءَ کان اُڻويهين صديءَ جي
پڇاڙيءَ تائين ترقي پسند ۽ انقلابين جو نعرو هو
”آزادي“؛ پر اسان جي وقت ۾ اِنهيءَ لفظ تي رجعت
پسندن جو غاصباڻو قبضو ٿي ويو آهي، ۽ جيڪي پاڻ کي
زبردست ترقي پسند سمجهن ٿا، سي اِن کي ڌڪارين ٿا.
ان کي سڙيل بورزوا آدرش پسندي (idealism)
جو حصو سمجهيو وڃي ٿو، ۽ وچولي طبقي جو فئشن ڄاتو
وڃي ٿو، جيڪو فقط تن لاءِ اهم آهي، جيڪي اڳ ئي
هوند واران جي نفيس (elegant)
واندڪائي ماڻين ٿا. جيڪڏهن ڪو هڪڙو ماڻهو انهيءَ
تبديليءَ لاءِ جوابدار ٿي سگهي ٿو ته اهو الزام
مارڪس (1)
تي لڳندو، جنهن پروشيائي (2) ضبط نظم (discipline)
کي، انقلابي عمل جي ذريعي (means)
۽ نتيجي (end)
وارن ٻنهي لحاظن کان، آزاديءَ جي جاءِ تي آندو. پر
مارڪس کي جيتري ڪاميابي ملي آهي، تيتري هوند نه
مليس ها، جيڪڏهن سماجي تنظيم (organization)
۽ طريقِ ڪار ۾ وڏي تبديل نه آيل هجي ها، جن اڳين
سُڌارڪن جي ڀيٽ ۾ سندس مقصدن پڄاڻا اڳتي وڌايو.
مل جي زماني پڄاڻا صورتحال کي جنهن ڳالهه بدلايو
آهي، سا آهي تنظيم ۾ وڏي واڌ. هر تنظيم ڪنهن مقصد
لاءِ فردن جو پاڻ ۾ ساٿ هوندو آهي؛ ۽ جيڪڏهن اهو
مقصد حاصل ڪرڻو هوندو آهي ته فردن جي ڪُل ڏانهن
زبردستيءَ جي ضرورت پوندي آهي.، جيڪڏهن مقصد اهڙو
هوندو آهي، جنهن لاءِ سڀ فرد گهرو چاهه محسوس ڪندا
هجن، ۽ جيڪڏهن تنظيم جو ڪم ڪار هلائيندڙ ميمبرن جو
ڀروسي وارا هوندا آهن، ته آزاديءَ جي قرباني تمام
ٿوري ٿي سگهي ٿي. پر جيڪڏهن تنظيم جنهن مقصد لاءِ
وجود رکي ٿي، سو رڳو اُن جي ڪم ڪار هلائيندڙن کي
اُتساهي ٿو، جنهن جي ٻيا ميمبر خارجي سببن جي ڪري
مڃتا ڪن ٿا، ته آزاديءَ جو وِڃاءُ (loos)
مبادا وڌندو وڃي، تان جو ذري گهٽ مڪمل ٿي وڃي.
تنطيم جيئن وڏي هوندي، چوٽيءَ وارن ۽ تري وارن ۾
طاقت جي وڇوٽي تيئن وڏي هوندي، ۽ ڏاڍ جو اِمڪان
تيترو ئي وڌيڪ هوندو. جديد دنيا، ٽيڪنيڪي سببن جي
ڪري، سَو ورهيه اڳي جي دنيا کان تمام گهڻي وڌيڪ
منظم آهي: اهڙا ڪم گهڻا گهٽ آهن، جيڪي ماڻهو
پنهنجي مرضيءَ (impulse)
تي ڪري ٿو؛ اهڙا گهڻا گهڻا وڌيڪ آهن، جيڪي هو ڪنهن
اختياريءَ جي چوڻ تي ڪرڻ تي مجبور يا راغب ٿئي ٿو.
تنظيم مان ملندڙ فائدا ايترا ته گهڻا آهن جو
اڳينءَ حالت ڏانهن موٽڻ جي سَڌَ ڇسي ٿيندي؛ پر
جيڪي رڳو فائدن جو احساس رکن ٿا، سي ان جي
نقصانن، کي جيڪي تمام حقيقي ۽ تمام خطرناڪ آهن،
نظرانداز ڪري وڃن ٿا.
پهريون مثال زراعت جو وٺون ٿا، مـِل جي ڪتاب
”آزاديءَ بابت“ ڇپجڻ (3) کان ترت پوءِ جي سالن ۾
آمريڪا جي وچ اولهه اندر آبادگاريءَ ۾ زبردست
واڌارو آيو. آبادگار پنهنجي ”کهري انفراديت“ تي
ناز ڪندا هئا. هنن اُهي علائقا آباد ڪيا، جيڪي سٺا
وڻڪاريل، سٺا پاڻيار ۽ وڏي قدرتي ڀلائيءَ وارا
هئا. گهڻي محنت کان سواءِ وڻ وڍي بُنڊن جا جهوپا ۽
ٻارڻ هٿ ڪيا، ۽ زمين صفا ٿي ويئي ته اُن جا ڀلا
فصل اُپايائون. پر انهيءَ انفراديت واري بهشت ۾ هڪ
بلابه هئي: اِها بلا هئي ريلوائي، جنهن کان سواءِ
اَنُ پڙيءَ تائين پهچي ڪين ٿي سگهيو. ريلوائيءَ جو
مطلب هو موڙيءَ جو زبردست ميڙ، پورهئي جو زبردست
خرچ ۽ تمام گهڻن ماڻهن جو ساٿ، جن ۾ آبادگار خيرڪو
هو. آبادگارن کي سندن خودمختياريءَ جي وڃڻ تي
مٺيان هئي، ۽ سندن مٺيان پاپيولسٽ (populist)
(1)
هلچل کي اُڀاريو، جنهن گرماگرميءَ جي باوجود ڪائي
ڪاميابي ڪا نه ماڻي. پر هن معاملي ۾ شخصي
خودمختياريءَ جو رڳو هڪڙو دشمن هو. آءٌ آسٽريليا ۾
آبادگارن سان لهه وچڙ ۾ آيس ته ٻنهي جي فرق جو
احساس ٿيم. آسٽريليا ۾ نهور زمين کي پوکراهيءَ
لاءِ تابع ڪرڻ آبپاشيءَ جي تمام مهانگين رٿائن تي
مدار رکي ٿو، جيڪي اڪيلن صوبن جي وِتَ کان ٻاهر ۽
رڳو وفائي حڪومت هٿان عمل ۾ اچي سگهندڙ هونديون
آهن. تنهن هوندي به جڏهن ماڻهو زمين ٽڪرو هٿ ڪري
ٿو ته اُتي عمارتي ڪاٺ ڪو نه هوندو آهي ۽ کيس
پنهنجو سمورو اڏاوتي سامان ۽ ٻارڻ مفاصلي تان آڻڻو
پوي ٿو. سندس پنهنجي ۽ سندس ڪٽنب لاءِ طبي توجہ
هوائي جهازن ۽ وائرليس جي پيچيدي تنظيم ذريعي ئي
ممڪن ٿئي ٿو. سندن گذران جو مدار روانگي واپار تي
رهي ٿو، جيڪو پرانهين حڪومتن جي ريچڪن انوسار
اُپراسويا ٽوٽ ڪري ٿو. سندس ذهنيت، سندس ذوق شوق
(tastes)
۽ سندس احساسات اڃا به سَوورهيه اڳ واري کهري
انفراديت پسند آبادگار وارا آهن، پر سندس حالتون
بلڪل مختلف آهن. تاهم هو بغاوت جي کڻي ڪيتري به
سَڌَ ڪري، هو ڇوکنڀو اهڙين قوتن جي هٿ وس رهي ٿو،
جيڪي کائنس پرٻاهريون آهن. ذهني آزادي هجيس ته
هجيس، پر اقتصادي آزادي خواب بڻجي وئي اٿس!
پر آسٽريليا جي آبادگار جي حياتي، ڪميونسٽ ملڪن جي
ڪڙميءَ جي حياتيءَ جي ڀيٽ ۾، بهشتي آنند واري آهي.
اُهو ڪڙمي هاڻ تنهن کان وڌيڪ مڪمل طرح ’سرف‘ بڻجي
ويو آهي، جيترو هو زار شاهيءَ جي ڏينهن ۾ هو. وٽس
نه ته زمين ٽڪرو آهي، نه ئي اُپت تي ڪو حق اٿس،
اختياريءَ وارا وٽس جياپي جيترو مس ڇڏين ٿا، ۽
دانهن ڪندو ته ونگار واريءَ ڪئمپ ۾ واڙجي سگهي ٿو.
هڪ جماعتي (Totalitarian)
رياست تنظيم جو ڇيهه ٿئي ٿي، جنهن ماڳ ڏانهن، جي
اسان خبردار نه ٿياسون ته، سڀ ترقي ڪيل رياستون
رُخ رکنديون. سوشلسٽن جي سوچ رهي آهي ته جيڪا طاقت
ملي ته خير واري ٿي ويندي. اهو ڪنهن حد تائين صحيح
آهي، جيستائينڪ رياست جمهوري آهي. بدقسمتيءَ سان
ڪميونسٽن اهو شرط وساري ڇڏيو. هڪ ٿور-شاهي(oligarchy)
واريءَ رياست کي اقتصادي طاقت ڏيئي هُنن ڏاڍ ۽ جاڙ
جي هڪ اهڙي انجڻ وجود ۾ آندي آهي، جنهن کان وڌيڪ
خوفائتي، وڌيڪ وڏي ۽ ساڳي وڌيڪ ننڍڙي اڳوڻي تاريخ
۾ ڪڏهن به موجود نه رهي آهي. آءٌ نٿو سمجهان ته جن
روسي انقلاب آندو، تن جي نيت اها هئي، پر سندن
علمن جو نتيجو اهو ئي هو. سندن عملن جو اهو نتيجو
انهيءَ لاءِ نڪتو جو هو آزاديءَ جي ضرورت ۽
آپيشاهه طاقت جي اڻٽر خرابين جي احساس ڌارڻ ۾
ناڪام رهيا.
پر اهي خرابيون، جن جي انتهائي صورت ڪميونسٽ ملڪن
۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، سي جن ملڪن کي مزاج جي طور تي
”آزاد دنيا“ ڪوٺيو وڃي ٿو، تن مان گهڻن اندر ڪي
قدر گهٽ ڊگريءَ ۾ موجود آهن ۽ آسانيءَ سان وڌي
سگهن ٿيون. واويلوف، جيڪو تازي زماني ۾ روس اندر
پيدا ٿيل نسليات جي ماهرن مان سڀني کان برک هو،
تنهن کي اُتر قطب ۾ بري حال ۾ مرڻ لاءِ اُماڻيو
ويو ڇو ته هن اسٽالن (2) جي انهيءَ جاهلاڻي عقيدن
جي تائيد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ته پرايل
خصلتون ورثي ۾ ملنديون آهن. اوپن هائمر کي گهڻو
تڻواِن لاءِ بيعزتو ڪيو ۽ پنهنجي ڪم کي جاري رکڻ
کان روڪيو وڃي ٿو جو هائيڊروجن بم جي عملي هجڻ ۾
اهڙي وقت شڪ ڪري ٿو، جنهن وقت اهو شڪ بلڪل معقول
هو. ايف.بي. آءِ
(1)
جنهن جي تعليم جو معيار اهڙوئي آهي جهڙي جي پوليس
وارن منجهه توقع ڪري سگهجي ٿي، سو پاڻ کي يورپ جي
وڏن وڏن عالمن کي اهڙن بنيادن تي ويزا ڏيڻ کان
انڪار جو اهل سمجهي ٿو، جن کي هو اُهو ماڻهو
نامعقول ڄاڻي ٿو، جيڪو اُٿاريل معاملن جي نوعيت کي
سمجهڻ جي لائق آهي. عجيب ڳالهه آهي ته مـِل پوليس
جو آزاديءَ لاءَ خطري طور تمام ٿورو ذڪر ڪري ٿو.
اسان جي زماني ۾ هو وڏن سڌريل ملڪن اندر آزاديءَ
جا وڏي ۾ وڏا دشمن آهن.
اِهو انومان ڪرڻ دلچسپيءَ وارو، ۽ شايد ڪو اهڙو
بيواجبي نه ٿيندو، ته جيڪڏهن مـِل پنهنجو ڪتاب هن
زماني ۾ لکي ها ته ڪيئن لکي ها. آءٌ سمهان ٿو ته
هو آزاديءَ جي ملهه بابت جيڪي ڪجهه چئي ٿو، سو
سمورو بنان ڦيرڦار جي رهي سگهي ٿو. جيستائين
انساني زندگي قائم آهي، تيستائين آزادي تن وڏي ۾
وڏين چڱاين لاءِ لازمي رهندي، جيڪي اسان جو هن
ڌرتيءَ تي وجود آڇي ٿو. اُن جو عميق ماخذ اسان جي
هڪڙي انتهائي اوائلي جبلت ۾ آهي: نون ڄاول ٻارن جا
عضوا جڏهن ٻنڌڻن ۾ سُڪ ڪيا ويندا آهن ته هو وڏو
ممڻ مچائيندا آهن. آزاديءَ جي جن قسمن جي خواهش
ٿئي ٿي، سي ورهين ۽ ڄاڻ ۾ واڌاري سان تبديل ٿيندا
رهندا آهن، پر اُها ساري خوشيءَ جي لازمي وسيلو
رهي ٿي. پر جڏهن آزاديءَ کي بنان ضرورت جي ڇيهو
رسي ٿو، تڏهن رڳو خوشي نٿي وڃائجي. اها افاديت جا
پاڻ وڌيڪ اهم ۽ ڏُکيا قسم پڻ آهي. فردن انسان ذات
جي ڪڏهن به ذري گهٽ جيڪا به وڏي خدمت ڪئي آهي،
تنهن کين تشدد واريءَ مخالفت جي ور چاڙهيو آهي، جا
اڪثر شهادت تائين پهتي آهي.
مان سمجهان ٿو ته مل ائين به چوندو ته آزاديءَ سان
بيواجبي هٿ چراندون گهڻو تڻو هنن ٻن مان هڪ يا ٻئي
ذريعي مان اُسرن ٿيون. اُنهن مان پهريون ڏاڍو
ڀريو اخلاقي ضابطو آهي، جيڪو ٻين کان چال چلگت جي
اهڙن قاعدن جي پوئيواري طلبي ٿو، جن کي هو قبول
نٿا ڪن؛ ٻيووسيلو، جيڪو وڌيڪ اهم آهي، سو آهي
بيواجبي طاقت/اقتدار.
مـِل ڏاڍ ڀري اخلاقي ضابطي جي آڌار تي آزاديءَ سان
بيواجبيءَ هٿ چراند جا ڪيئي مثال ڏئي ٿو. مارمنن
(2) سان جُٺ تي نهايت فصيح ۽ اثرانگيز تبصرو ڪيو
اٿائين. اهو مثال سندس مقصد لاءِ پاڻ وڌيڪ سٺو
آهي، جو ڪو به کانئس ساڳي وقت هڪ کان وڌيڪ شخصن
سان پرڻيل هجڻ واري رواج (polygamy)
کي چڱي سمجهڻ جو گمان نه ڪري سگهندو. اخلاقي ضابطي
جي مفروضي ۾ آزاديءَ سان بيواجبي هٿ چراند جو جيڪو
هو ٻيو مثال ڏئي ٿو، سو آهي سبت(3) جي پوئيواري،
جنهن جي اهميت هاڻ سندس ڏينهن جي ڀيٽ ۾ گهڻي گهٽ
ٿي ويئي آهي. منهنجو پيءُ، جيڪو مـِل جو پوئلڳ هو،
تنهن پنهنجو مختصر پارليا مينٽري ڪئريئر دارالعلوم
کي اهو مڃائڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ گذاريو ته ٽي.ايڇ.
هگزلي (4) جا ليچڪر وندرائيندڙ نه آهن، ڇو جو
جيڪڏهن انهن کي وندر ڄاتو ويندو ته اُهي آچر ڏينهن
غير قانوني ٿي ويندا.
آءٌ سمجهان ٿو ته جيڪڏهن مـِل هينئر لکي ها ته هو
مثال لاءِ اِهي ٻه معاملا به چوندي ها، جيڪي پوليس
تازو اڳتي آندا آهن. اُنهن مان پهريون ”فحش“ ادب
آهي. انهيءَ موضوع تي قانون تمام مبهم آهي؛ تحقيق،
جيڪڏهن اُن بابت ڪو قانون هجڻو به آهي ته اُهو
مبهم هجڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهي. عملي طرح، جيڪا
به ڳالهه هڪ مئجسٽريٽ کي شاڪ ڪندي، سا فحش هوندي؛
۽ ويندي اُهي ڳالهيون جيڪي مئجسٽريٽ کي شاڪ نٿيون
ڪن، سي جي ڪنهن اڻڄاڻ پوليس واري کي شاڪ ڪنديون ته
مقدمي جو موضوع بڻجي سگهن ٿيون، جيئن تازو
”ڊيڪئمران“
(1)
جي سلسلي ۾ ٿيو. انهيءَ قسم جي ڪنهن به قانون جي
هڪڙي خرابي هيءَ آهي ته اُهو اهڙي لاڀائتي ڄاڻ جي
ڦهلاءَ کي روڪي ٿو، جا ڄاڻ جڏهن واسطيدار مئجسٽريٽ
ڇوڪرو هو، تڏهن لاڀائتي نه سمجهي ويندي هئي. اسان
مان گهڻن سمجهيو ٿي ته انهيءَ ڏِس ۾ معاملا سُڌري
رهيا آهن، پر تازي آزمودي اسان کي شڪ ۾ وجهي ڇڏيو
آهي. آءٌ نٿو سمجهان ته ڪنهن وڏي ڄمار واري کي
ڪنهن اهڙيءَ ڳالهه سان لهه وچڙ ۾ آندو وڃي، جنهن
سان هو هرِيل نه هجي ته اها ڳاله ڪنهن جي تهمت رکڻ
لاءِ ڪافي بنياد آهي.
جنهن ٻئي معاملي ۾ به مـِل جا اصول موجود قانون کي
نندين ٿا، سو آهي هم جنس پرستي. جيڪڏهن ٻه بالغ
رضا خوشيءَ سان پاڻ ۾ اهڙو رشتو قائم ڪن ٿا، ته
اهو معاملو رڳو سندن ئي رهي ٿو ۽ اُنهي ڪري راڄ کي
انهيءَ ۾ دست اندازي نه ڪرڻ جڳائي. جيڪڏهن اڃا به
ائين سمجهيو وڃي، جيئن اڳي سمجهيو ويندو هو، ته
اهڙي نوع جي وهنوار کي برداشت ڪرڻ سان راڄ جو
ساڳيو سدوم ۽ عموره (2) وارو حشر ٿي سگهي ٿو. پر
رڳو انهيءَ بنياد تي ته اهڙو وهنوار بڇڙائي ڄاتو
وڃي ٿو، راڄَ کي دست اندازيءَ جو حق نٿو ملي وڃي.
تڏهن ڀلي فوجداري قانون جو سهارو ورتو وڃي، جڏهن
ڪو اڻسهيو ڏاڍ يا دولاب جو شڪار ٿئي؛ پر تڏهن
سهارو وٺڻ نه جڳائي، جڏهن جيڪو به ڇيهو رسيو هجي
سو رڳو واسطيدارن کي رسيو هجي- بشر طيڪ واسطيدار
بالغ هجن.
هي ٻئي معاملا اسان جي قاعدي قانون ۾ وچين زماني
mediaeval))
جي باقيات آهن، جن کان گهڻو وڌيڪ اهم سوال آهي
بيواجبي اقتدار/ طاقت. اهو ئي سوال هو جنهن جي ڪري
ارڙهين ۽ اڻويهين صدين واري آزادي پسند تحريڪ (liberalism)
اُسري. هُنن بادشاهن جي طاقت خلاف احتجاج ڪيو ۽
اُنهن ملڪن ۾ ڪليسا جي طاقت خلاف، جتي مذهبي جُٺ
هئي. جتي جتي به ٻاهرين تسلط خلاف قومي جذبات هئي،
اُتي اُتي هُنن اُنهيءَ تسلط خلاف احتجاج ڪيو.
ٿلهي ليکي، اُهي مقصد ڪاميابيءَ سان حاصل ڪيا ويا.
بادشاهن جي جاءِ تي صدر آيا، مذهبي جُٺ ذري گهٽ
ناپيد ٿي وئي، ۽ ورسيلي (Versailles)
جي عهد نامي (3) قوميت جي آزادي پسند اُصول جي
تسليمي لاءِ جيڪي ٿي سگهيس ڪيو. اُهو سڀڪجهه هوندي
به دنيا بهشت ڪا نه ٿي وئي. آزاديءَ جي عاشقن ڏٺو
ته اها اڳي کان وڌيڪ نه، پر گهٽ هئي. پر جن نعرن ۽
حڪمت عملين ماضيءَ ۾ آزادي پسند مقصد کي ڪاميابي
ماڻائي هئي، سي نئين صورتحال سان لاڳو ڪرڻ جوڳيون
نه هيون، ۽ آزادي پسندن ڏٺو ته کين ڏاڍ ڏهڪاءَ جي
نين صورتن جا ترقي پسند سڏائيندڙ وڪيل ڇڏي ويا
آهن. بادشاهه، پادري ۽ موڙيوند/سرمائيدار مدي خارج
ڀوت آهن. اُهي ڪامورا آهن، جيڪي نئين خطري جو
اهڃاڻ آهن. اڪيلو ماڻهو ڪامورن جي طاقت خلاف ڪجهه
نٿوڪري سگهي؛ تنظيمن جو مقابلو تنطيمون ئي ڪري
سگهن ٿيون. آءٌ سمجهان ٿو ته اسان کي مانٽيسڪيو(1)
جي اختيارين جي ورڇ واري نظريئي کي وري جيئارڻو
پوندو، پر نين صورتن ۾. پورهيتن ۽ موڙيوندن جو
تڪرار، جيڪو سماجوادين جي ذهن تي ڇانيل هو تنهن
جوئي مثال وٺبو. سما جوادين جي سوچ هئي ته جن
خرابين جي خلاف هو وڙهي رهيا آهن، سي موڙيءَ جي
طاقت رياست جي هٿن ۾ ڏيڻ سان ختم ٿي وينديون. روس
۾ منظم پورهيتن جي پٺڀرائيءَ سان ائين ڪيو ويو.
جيئن ئي اهو ٿيو، تيئن ئي پورهيتن جي جماعتن کي
خودمختياري طاقت کان محروم ڪيو ويو، ۽ پورهيتن پاڻ
کي اڳي کان وڌيڪ مڪمل طرح غلاميءَ ۾ جڪڙيل ڏٺو. هن
مسئلي جو ڪو اهڙو واحد حل ڪونهي، جيڪو آزاديءَ
لاءِ ڪا لوگهو (loophole)
رهڻ ڏي. هڪڙوئي ممڪن حل جنهن کي آزاديءَ جو عاشق
ٽيڪو ڏيئي سگهي ٿو، اهڙو هجڻ لازمي آهي، جنهن ۾
هڪٻئي جون حريف طاقتون هجن جن مان ڪائي به مطلق نه
هجي ۽ هر هڪ، گهوٽالي وقت، عام راءِ کي ڪجهه ڌيان
ڏيڻ تي مجبور هجي. عملي طور تي ان جو مطلب آهي ته
پورهيت جماعتون پنهنجي خود مختياري ڪم ڪار
هلائيندڙن کان ضرور محفوظ رکن. بيشڪ جنهن ماڻهوءَ
لاءِ، روزگار وٺڻ لاءِ، ڪنهن جماعت جو ميمبر هجڻ
لازم آهي، تنهن کي حاصل آزادي ناڪافي ۽ نامڪمل
آزادي آهي؛ پر لڳي ٿو ته جديد صنعتون بس ايتري ئي
آزاديءَ جي اجازت ڏيئي سگهن ٿيون.
هڪڙو ميدان اهڙو آهي، جنهن ۾ آزاديءَ جي وڪيل کي
خاص مشڪلاتون سامهون اچن ٿيون. منهنجي مراد تعليمي
ميدان سان آهي. اهو ڪڏهن به سوچيو نه ويو آهي ته
ٻارن کي اِن چونڊ جي آزادي هجي ته هو تعليم وٺن يا
نه؛ ۽ هاڻ اهو نٿو مڃيو وڃي ته چونڊ جي اِها آزادي
مائٽن کي هجڻ جڳائي. مـِل جو ويچار هو ته رياست کي
اصرار ڪرڻ کپي ته ٻارن کي تعليم ڏياري وڃي، پر
تعليم ڏيارڻ جو ڪم کيس پاڻ نه ڪرڻ کپي. پر تعليم
ڪيئن ڏني وڃي، تنهن بابت چوڻ لاءِ هن وقت گهڻو
ڪجهه نه هو. آءٌ اِهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندس ته
جيڪڏهن هو هاڻ لکي ها ته اِن موضوع تي ڇا چوي ها.
اچو ته شروعات اصول جي سوال پڇڻ سان ڪريون، يعني
آزاديءَ جو عاشق اسڪولن ۾ ڇا ٿيندو ڏسڻ چاهيندو؟
آءٌ سمجهان ٿو ته اِن جو آدرشي پرڪيقدر
يوٽاپيائي(2) جو جواب هيءَ هوندو ته شاگردن کي
اهڙو تڪراري معاملن بابت معقول فيصلي ڪرڻ لائق
بڻايو وڃي، جن جي سلسلي ۾ کين ڪجهه ڪرڻو هجي. اِن
لاءِ هڪڙي پاسي سوچ ويچار جي منصفاڻين(judicial)
عادتن جي سکيا ۽ ٻئي پاسي ڄاڻ جي اڻڌرين وسيلن
تائين پهچ ضروري ٿيندي. اهڙيءَ ريت شاگرد، بالغ
ٿيڻ تي، چونڊ جي سچي آزاديءَ لاءِ تيار ٿي ويندو.
اسان ٻار کي آزادي نٿا ڏيئي سگهون، پر کيس آزاديءَ
لاءِ تيار ڪري گهون ٿا؛ ۽ تعليم کي اِهوئي ڪرڻ
جڳائي.
پر هيءُ تعليم جو اهو نظريو نه آهي، جيڪو دنيا جي
گهڻن ڀاڱن ۾ رائج رهيو آهي. تعليم جو جيڪو نظريو
گهڻو وسيع طرح رائج رهيو آهي، سوجيزوٽيئن(1)،
ايجاد ۽ فـِهٽي (2) مڪمل ڪيو هو. فـِهٽي چوي ٿو ته
تعليم جو مقصد ارادي/مرضيءَ جي آزاديءَ جو انت آڻڻ
هجڻ گهرجي. اسان کان هو پڇي ٿو، جو صحيح آهي سو نه
پر جو غلط آهي سو چونڊڻ جي آزادي ڇو کپي؟ فـِهٽي
ڄاڻي ٿو ته ڇا صحيح آهي ۽ اسڪول جو اهڙو سرشتو
چاهي ٿو ته جڏهن ٻار وڏا ٿين تڏهن کين اندرين
مجبوري هجي ته جيڪي فـِهٽي غلط سمجهي ٿو تنهن تي
ترجيح ڏيندي سو چونڊين جو فـِهٽي صحيح سمجهي ٿو.
هيءُ نظريو ڪميونسٽن ۽ ڪئٿولڪن سڄي جو سڄُو ۽
ڪيترن ئي ملڪن جي سرڪاري اسڪولن ڪنهن حد تائين
اختيار ڪيو آهي. اِن جو مقصد ذهني غلام پيدا ڪرڻ
آهي، جن وقت جي ٻرندڙ سوالن جو رڳو هڪڙو پاسو ٻُڌو
هجي ۽ ٻئي پاسي کان بُڇان ايندي هجين. جيڪي فـِهٽي
چاهيو ٿي، تنهن کان ٿورو ڦير آهي: جيتوڻيڪ سندس
تعليم جي طريقي کي منظور ڪيو وڃي ٿو، پر سيکارجندڙ
ويچار هڪڙي ملڪ يا عقيدي ۾ هڪڙا ته ٻئي ملڪ يا
عقيدي ۾ ٻيا آهن. فـِهٽي جي وڏي خواهش هيءَ هئي ته
جرمن قوم جي ٻين سڀني تي برتري پاڙهي وڃي؛ پر
اِنهيءَ ننڍڙي ڳالهه تي سندس پوئلڳ ساڻس سهمت ڪو
نه هئا. نتيجو اهو نڪتو آهي ته جن ملڪن ۾ سندس
اصولن اختيار ڪيا ويا آهن، اُتي سرڪاري تعليم،
جنهن حد تائين اها ڪامياب ٿئي ٿي، جاهل جنونين (fanatics)
جو ڌڻ پيدا ڪري ٿي، جيڪي حڪم ملڻ تي جنگ جوٽڻ يا
جُٺين ڪرڻ ۾ دير نٿا ڪن. هيءَ ايتري وڏي خرابي آهي
جو سرڪاري تعليم شروع ئي نه ٿئي ها ته هيءَ دنيا
(گهٽ ۾ گهٽ، منهنجي خيال ۾) بهتر جاءِ هجي ها.
هڪڙو وسيع اُصول آهي، جيڪو آزاديءَ بابت ڪيترن ئي
سوالن کي نبيرڻ ۾ واهر ڪري ٿو. جيڪي شيون فرد جي
آسودگي (wellbeing)
مهيا ڪن ٿيون، سي، ٿلهي ليکي، ٻن قسمن جون آهن:
يعني اُهي جن ۾ شخصي ملڪيت ممڪن ناهي. جيڪو کاڌو
ماڻهو کائي ٿو، سو ٻيو ڪو ماڻهو نٿو کائي سگهي؛ پر
جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن نظر ما لطف وٺي ٿو، سو ائين
ڪري ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي اُن مان لطف وٺڻ ۾
رنڊڪائي نٿو. ائين کڻي چئجي ته جن شين جي شخصي
ملڪيت ممڪن آهي، سي، مادي آهن؛ جڏهن ته ٻئي قسم
جون شيون ذهني آهن. مادي شيون، جيڪڏهن اُنهن جي
رسد لا محدود نه هجي ته اُنهن کي انصاف جي اصولن
تي ورهايو وڃي: ڪنهن کي ايترو گهڻو نه ملي جو ان
جي نتيجي ۾ ڪنهن ٻئي کي تمام ٿورو ملي. ورهاست جو
اِهو اصول بناروڪ آزاديءَ جو نتيجو نه هوندو. اهڙي
آزادي هابز (3) واري سڀني جي سڀني سان لڙائيءَ
ڏانهن وٺي ويندي ۽ وڌيڪ طاقتور جي سوڀ تي ختم
ٿيندي. پر ذهني شيون- جهڙوڪ ڄاڻ، سونهن مان لطف
اندوزي، دوستي ۽ پيار- اهڙيون آهن، جو اُهي جن جون
حياتيون اُنهن سان شاهوڪار ٿين ٿيون، سي ٻين کي
اُنهن کان محروم نٿا ڪري سگهن. اِنهيءَ ڪري اِن
ميدان ۾ آزاديءَ جي جهل پل جو، پهرينءَ نظر ۾، ڪو
جواز ڪونهي. جيڪي ڄاڻ جي ڪن قسمن يا افلاطون(1)
۽ اسٽالن جيان، راڳ ۽ شاعريءَ جي ڪن قسمن کان منع
ڪن ٿا، سي سرڪار کي ڇڏين ٿا ته اُها اهڙن معاملن ۾
دست اندازي ڪري، جن ۾ اُن کي دست اندازيءَ جو حق (locus standi)
نه آهي. آءٌ اِن اصول جي اهميت تي حد کان وڌيڪ زور
نٿو ڏيڻ چاهيان، ڇاڪاڻ ته اهڙيون ڪيئي ڳالهيون
آهن،جن ۾ مادي ۽ ذهني شين ۾ فرق چٽيءَ طرح ظاهر نه
آهي. اُنهن ۾ سڀني کان نمايان ڪتابن جي ڇپائي آهي.
هڪ ڪتاب تيترو ئي مادي آهي، جيتروڪ آڙوءَ جي
پُڊنگ، پر اسان اُن منجهان جا چڱائي پرايون ٿا، سا
ذهني آهي. اهڙو اُصول جوڙڻ سان نه آهي، جنهن جي
آڌار تي ڪائي ڏاهي ۾ ڏاهي اختياري اِهو فيصلو ڪري
سگهي ته ڪهڙا ڪتاب ڇپجڻ جي لائق آهن. مان نٿو
سمجهان ته ناشرن جي موجوده گوناگونيءَ ۾ ڪو سڌارو
آڻي سگهجي ٿو. جتي به ڪائي مذهبي يا غير مذهبي
اختياري آهي، جنهن کان ڪتاب ڇپجڻ کان اڳ اجازت
وٺڻ ضروري آهي، اُتي نتيجا تباهه ڪُن نڪتا آهن.
ساڳي ڳالهه فن سان لاڳو ٿئي ٿي: ڪو به ويندي
ڪميونسٽ تائين، هاڻ اِهو نه چوندو ته اسٽالن جي
دست اندازيءَ روسي راڳ ۾ سُڌارو آندو هو.
”…اڄ اسان جي يونيورسٽين جي تعليم جو اهو الميو
آهي، جو اڄ اسين اهڙن اُستادن جي سخت اڻاٺ محسوس
ڪري رهيا آهيون، جيڪي مضبوط ۽ متوازن نقطئه نگاهه
جا مالڪ هجن ۽ ترڪيب جي صلاحيتن سان نوازيل پڻ.
اسان کي اهڙن اُستادن جي ضرورت آهي جيڪي علم جي
مختلف ميدانن ۾ ڇڙوڇڙ حقيقتن کي گڏ ڪري هم آهنگ
بڻائي سگهن، جن وٽ ڪُل جو تصور موجود هجي ۽ جيڪي
پنهنجن شاگردن کي پڻ انهيءَ تصور سان ڪنهن حد
تائين آشنا ڪري سگهن. اِنهيء اشد ضرورت جي پيش نظر
۽ ماهر استادن جي ڪميءَ کي مدنظر رکندي، اسان سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ ’توسيعي ليڪچرن‘ جو هڪ سلسلو شروع
ڪيو آهي، جنهن ۾ فلڪي طبعيات کان وٺي تصوف جهڙا
مضمون شامل آهن. اُن جو مقصد آهي ته سڀئي استاد ۽
پروفيسر ٻين اهڙن مضمونن کان به مستفيد ٿين، جن ۾
هو مهارت نٿا رکن، بلڪه جيئن هو هڪٻئي کان ڪجهه
پرائي سگهن ۽ پنهنجي گڏ ڪيل معلومات کي مرتب ۽
مدون ڪري سگهن.
هاڻي آءٌ جيڪي ڪجهه مٿي چئي آيس، اُن مان انساني
عملن جي اهميت بلڪل ظاهر آهي. گهٽ ۾ گهٽ فلسفو،
مذهب، تاريخ ۽ ادب، علم جا اهڙا شعبا آهن جتي ان
ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته طبعيات، فلڪيات،
ارضيات، حياتيات، اقتصاديات ۽ سياسيات جي تحقيقاتي
نتيجن جي آڌار تي کين مرتب ۽ مُدون ڪيو وڃي…“
-علامه آءِ آءِ قاضي
[”صوفي لا ڪوفي“، ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ص 35-36]
هيءُ مضمون هاڪاري انگريز فيلسوف، برٽرئنڊ
رسيل [1970-1872] جي ڪتاب،
Portraits from Memory & Essay.
۾ آيل سياسي اقتصاديات جي انگريز ماهر جان
اسٽوآرٽ مـِل، [1837-1806] جي ڪتابن تي ڪيل
تبصري مان ڪوريل آهي. رسيل جو اهوڪتاب پهرين
1996ع ۾ ڇپيو هو.
|