سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005(1)

 

صفحو :10

”منهنجا چاڪ ته سدائين چڪيل ئي رهيا آهن سونا! ۽ تون نٿي ڄاڻين ته، ٻني، گهر، ڍور ئي نه، پر منهنجو ته الاءِ پٺيان ڇا ڇا رهجي ويو هو! گولاڙا، گُرگالون، دودڦلا، پيرون، ڍنڍون، ترڻ- ونجهه وٽيون-گهٽ گهيڙ-جيڏا سرتا-تارا تارا اُڀ- الاءِ پٺيان ڇا ڇا رهجي ويو هو! وڏن جون قبرون- جن تي ماڻهو نائين محرم تي، سال ۾ هڪ ڀيرو ته، لازمي ويندا آهن- پر-مان نه وڃي سگهندو آهيان! ۽ اسان جي ٻنيءَ تي بيٺل انب جو وڻ- جيڪو ڏاڏا پوکيو هو! ڳوٺ ڇڏڻ/ نيڪاليءَ واري رات به مان اُن انب جي وڻ سان ڀاڪرپائي، ريهون ڪري رُنو هوس- ۽ اُتيئي مون کي ننڊ کڄي وئي هئي! جاڳ ٿي ته …“ ساگر جو لهجو لڙڪن هاڻو ٿي ويو. سونا ٻنهي هٿن ۾ ساگر جو هٿ جهلي ورتو. چنڊ هاڻي ٻنهي سونا ساگر جي، وچ تي اچي ويو هو.

 

هيءَ توهان جي ڳچيءَ ۾ جيڪا تسبيح آهي! سونا چيو. ها-ان سمرڻيءَ تي مان سڄڻ ساريندو آهيان! ساگر وراڻيو.

ڇا؟ توهين صوفي آهيو؟

لاڪافي! ساگر ڳنڀيرتا سان چيو. سونا جي ٽهڪڙن جون روپيون ٽليون وڄڻ لڳيون.

چنڊ هاڻي سونا جي مُک جي آنهري پَسي رهيو هو.

 

پوءِ تسبيح ساگر جي ڳچيءَ ۾ نه هئي.

توهان جي سمرڻي؟ سونا پڇيو.

ساربو ته تن کي آهي، جيڪي وسري ويا هجن، ٻيو ته يارن سان ڪهڙا ليکا! (۽ اها ڳالهه ساگر کي هڪ ساميءَ سمجهائي هئي).

توهين ڪوي اهڙا لفظ ڪٿان آڻيندا آهيو؟

آڻيندا نه آهيون-ڳولڻ سان چون ٿا ته خدا به مليو وڃي- پر لفظ نه ملندا آهن-اُهي اچي ويندا آهن-بنان سوچڻ جي-جيئن-جيئن تون اچي ويئنءَ! اوچتو. بنان ڪنهن پروگرام جي!

پر ڇا اهو سڀڪجهه، ڪٿي اسان جي سمجهه کان پرانهون…! (سونا هٿ تي ڳل رکيو ڳڻن ڀريو ڳالهائي رهي هئي ۽ ساگر جـِي ڀري هن جو مُک پَسي رهيو هو!)…وهم گمان کان مٿي-مٿي اهو سڀڪجهه، اسان جو ملڻ، ڇا طيءِ نه هو…

لـِڪي لـِڪي…اڪيلي اڪيلي! مسز شاهه جي آواز تي، ٻيئي، سونا ۽ ساگر ڄڻ سهڻي سُپني مان جاڳيا. ڇرڪ ڀري. ٻنهي، سونا ۽ ساگر، گڏيل ٽهڪ سان، مسز شاهه جي آجيان ڪئي ۽ هوءَ ڇُلي پئي-

-اُهو ڪير آمُئو-ها،رئيس رئيس پيا چونس، سو چئي ٿو ته مان ڄَٽ سان نه ملان! ڪنهن جي لاءِ ٿو چئي؟ پڇيومانس ته ٻُوٿ بڇڙو ڪري، اُٿي هليو ويو! هونئن به مان ڪنهن سان ملان ٿي، نه ٿي ملان- هُو ڪير ٿيندو آهي؟ مَهاڄٽ ته پاڻ ٿو لڳي- ويهي ها ته ٻُوٿ تي ڦهڪايانس ها! سڄو ڏينهن وتي کانهارا ڪندو!

 

هوSea view Restaurant  مان اُٿي، ڦرهي تان ٿيندا، لان مان اُڪري، لائونج مان نڪري، پارڪنگ لتاڙي ٻاهر سنسان سڙڪ تي هليا آيا. سونا اُمالالا جو ڳايل گيت جهونگارڻ لڳي:

سپني ۾ هو ساجن آيو

مون ڪنهن کي ڪو نه ٻڌايو

 

ڪانفرنس روم ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب هئي. وزير صاحب پهچي چڪو هو ۽ مسٽر خان بريفنگ ڏي رهيو هو. اوچتو در کُليو ۽ نتاشا اندر ڌوڪي آئي، اُن جي پٺيان ماڻس، اُن جي پٺيان رئيس ننڍو به. نتاشا ٽيبلن جي هيٺان بانبڙا پائيندي، ٽيبلن جي مٿان دڪندي ڀڄندي ٿي وتي- ۽ ماڻس هن جي ڪڍ هئي- ٽيبلن تان پنا پينسلون ڪرنديون رهيون، سڀئي اهو تماشو دلچسپيءَ سان ڏسندا رهيا-۽ مسز شاهه ته تاڙيون نتاشا کي داد ڏيندي رهي. نتاشا بورڊ سان ٽڪرائي ٿڙي ٿاٻڙي پاڻ کي ڪـِرڻ کان بچائي ٻئي در مان نبڪري وئي، اُن جي ڪڍ ڪڍ ماڻس ۽ رئيس ننڍو به!

Sea view Restaurant ۾ هُو- سونا ۽ ساگر- ڊنر ڪري چڪا هئا.

Excuse me sir!

Excused!

ساگر ويٽر کي چيو، پر ڏسي هُو سونا ڏي رهيو هو. ويٽر هُنن کي ٻيءَ ڪنهن ٽيبل تي بيهڻ لاءِ چئي رهيو هو. بلڪ ايلاز ڪري رهيو هو. رڳو رُنو نه ٿي، ٻيو سڀڪجهه ڪري رهيو هو.

پليز ساگر صاحب-رئيس اسان جو مستقل گراهڪ آهي، هوٽل جو هڪ ڪمرو هُن لاءِ اڻهئي reserve هوندو آهي…

پر ساگر ڄڻ ڪجهه ٻُڌوئي نه پئي، ۽ سونا ڄاتو ٿي ته ساگر اُن ويچاري ويٽر لاءِ کڻي اُٿي به وڃي ها، پر انهيءَ رئيس لاءِ ته پٽيءَ نه اُٿندو.

مئڊم، پليز-! ويٽر سونا کي منٿ ڪرڻ لڳو- توهان ئي منهنجي، ساگر صاحب کي، سفارش ڪريو!-

سونا ساگر جو هٿ هٿ ۾ ورتو ۽ اُٿي بيٺي ساگر به. مان توهان لاءِ، ٻئي پورشن ۾، هڪ الڳ ٽيبل رکي آهي…

پر سونا ۽ ساگرSea view Restaurant مان ئي ٻاهر نڪري آيا.

 

هو-سونا ۽ ساگر-PCO جي ڏاڪڻين تي ويٺا رهيا ”تو چيو هو ته اسان جو ملڻ، اسان جي سمجهه کان پرانهون، وهم گمان کان مٿي، اڳواٽ ڪٿي طيءِ هو.“

ها!

”ته ڇا اسان جو وڇڙڻ به، اسان جي سمجهه کان پرانهون، وهم گمان کان مٿي، اڳواٽ ڪٿي طيءِ آهي؟“

پر اسين ته ملندا وڇڙندا رهيا آهيون؟

تون ايڏو سٺو ڳالهائڻ ڪٿان سـِکي آهين؟

پر اهو ته  توهان  چيو هو! ساگر کي ياد ڏياريو. پر تنهنجي مُک مان اهي لفظ سٺا لڳا-ڄڻ شعر هجن! ۽ هُو ورجائڻ لڳو

 

اسين من ميت،

ملندا

وڇڙندا

ملندا

رهيا آهيون!

 

آءٌ ٻِـلي آهيان! نتاشا هُنن جي ٽيبل تي اچي، ٻنهي هٿن سان چنبا ٺاهيندي چيو-ميائون ميائون!

آءٌ ڪُتو آهيان! ساگر به هٿن سان چنبا ٺاهيندي چيو- هائُو هائُو!

آءٌ ڀـِتر آهيان! سونا چيو.

۽ ڀـِتر منهنجي هٿ ۾ آهي! مسز شاهه چيو.

پوءِ توهين ڀتر ڪنهن کي هڻندا؟ نتاشا پڇيو-ميائُون ميائُون!

ڪنهن کي به نه! مسز شاهه نمي نتاشا کي ڳل تي پَپي ڏني.

ڇو؟ ميائُون ميائُون!

ڇو ته جي هائُو هائُو کي هنيم ۽ گُسي ميائُون ميائُون کي وڃي لڳي ته پوءِ؟!

ته پوءِ ڀتر مون کي ڏيو! ميائُون ميائُون…

ڀتر کي تون ڇا ڪندينءَ؟

ڀتر ڪوئي کي هڻنديس! ميائون ميائون

پر ڪُوئو آهي ڪٿي!

او هُو پيو اچي! نتاشا رئيس ننڍي ڏانهن اشارو ڪيو، جيڪو نتاشا جي ماءُ سان مسلسل ڳالهائيندو پئي آيو. مسز شاهه مُٺ نتاشا جي وڌايل هٿ ۾ کولي ڇڏي- ۽ هوءَ Sea view restaurant ۾، هيڏانهن هوڏانهن، ڊڪڻ لڳي ميائُون ميائُون…ڪُوئي کي هڻان ڀـِتر آئُون آئُون- ميائُون ميائُون…

 

سونا، ساگر ۽ مسز شاهه نتاشا کي پيار مان ڏسندا رهيا ۽ چنڊ به.

 

ڊنر کان پوءِ سونا ۽ ساگر- سنسان روڊ تان واڪ ڪندا هوٽل ڏانهن موٽي رهيا هئا.

تون نه هوندي آهين ته مان بي چين ٿي ويندو آهيان. ۽ هوندي آهيان ته؟

۽ هوندي آهين ته! ساگر وڏو ساهه ڀري ڇڏيندي چيو-وڌيڪ بي چين ٿي ويندو آهيان!

سونا جو مُک وڌيڪ سونو ٿي ويو ۽ هن جي چپن تي مُرڪ کـِڙي پئي. پنهنجو هٿ ساگر جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيائين ۽ هُن جي ڪلهي سان لڳي هلڻ لڳي. ساگر جهونگارڻ لڳو:

اوهين به پارس ناهيو سائين، اسين به پارس ناهيون، پيار ڇُهي ويو اسان ٻنهي کي، سونا ٿي پيا آهيون تنوير عباسيءَ جو شعر آهي نه؟

ها!

۽ پوءِ هو ڪافي دير تنوير تي ڳالهائيدا رهيا هئا.

 

سنڌ جو سمنڊ، سمنڊ ۾ لهرون.

سنڌ جو اُڀ، اُڀ تي چنڊ.

سـِي ويو ريسٽارنٽ،

سونا ۽ ساگر.

 

هيءَ ٽيبل بُڪ ٿيل آهي!

رئيس ننڍي کي ساگر ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. هو ته سونا کي ڏسي رهيو هو. پريان نتاشا Sea view Restaurant ۾ ڊوڙي رهي هئي ۽ ماڻس اُن جي ڪڍ ڪڍ هئي. سونا جا نيڻ به نتاشا جي ڪڍ هئا. ساگر به هن جي نهار- ڏور جهلي نتاشا کي ڏسڻ لڳو. نتاشا ٿيڙ کاڌو، ٽيبل سان ٽڪرائي ريلنگ سان لڳي ريلنگ سان گڏ هلي وئي سمنڊ ۾-نتاشا-ماڻس رڙ ڪئي-ساگر ڀڙڪا کاڌو-رئيس ننڍي کي ڀڀر  تي هٿ هڻي ٿيلهو ڏئي هن لُوهه پاتي. پاڻيءَ ۾ شپاڪ جو آواز ٿيو-ساگر ڊوڙندي بوٽ لاٿو اجرڪ اڇلائي ۽ سمنڊ ۾ ٽپو ڏنائين. پهرئين گهوتي سان ئي نتاشا کي کڻي ورتائين. ماڻهو ريلنگ تي اچي بيٺا. ساگر نتاشا کي هڪ ٻانهن تي پاڻيءَ کان مٿي جهلي ڪناري ڏانهن ترڻ لڳو. سونا ساگر جو بوٽ ۽ اجرڪ کڻي ڪناري ڏانهن ڀڳي. نتاشا جي ماءُ ۽ ٻيا ماڻهو به ڪناري تي اچي پهتا. ساگر ڪناري تي لڳل پـِچنگ تي پهتو ته سونا کيس اجرڪ وڌائي ۽ هو اَجرڪ  جو ڇيڙو جهلي مٿي چڙهي آيو، انهيءَ ئي اجرڪ ۾ نتاشا کي ويڙهي ماڻهن کي پري ڪندو هن لان تي نتاشا کي اچي ليٽايو.

نتاشا-نتاشا-ڪم آن ڪم آن

هو نتاشا جي ٻنهي ڳلن تي ٿڦڪيون به هڻندو ويو ڪم آن نتاشا ڪم آن نتاشا اُٽوڙجي پئي ۽ اکيون کولي ڇڏيائين-

Hi- نتاشا!! ساگر اُڀ ساهوهو.

Hi!

 

اڄ ڪانفرنس جو آخري ڏينهن هو. اُداس ڏينهن ڪيترا پاڻ ۾ روئي موڪلائي رهيا هئا. واعدا وچن ڪري رهيا هئا. فون نمبر، موبائيل نمبر، اِي ميل ۽ پوسٽل ائڊريس وٺي رهيا هئا. ساگر کان آٽوگراف وٺي رهيا هئا. هن سان فوٽو ڇڪائي رهيا هئا.

 

”توهين به وڃي رهيا آهيو؟“ سونا کي سُڌ هئي، پوءِ به پڇي رهي هئي. ساگر جي ڪجهه به ڪڇڻ کان اڳي ئي چيائين ”نه وڃو!“ ۽ هو نه ويو. ”مون ته پاڻ به وڃڻ نٿي گهريو-

 

وڃان ڪين وري، هوندري چئي رهي پُئان!“

اهو ته توهان جو قرب آهي نه ته…!“ ساگر سونا جي چپن تي آڱريون ڇُهائيون. پوءِ هن جو سورج مُک ٻُڪ ۾ جهلي هن جي اکين جي آرسي ڏٺائين- ۽ هي سٽون اُچاريائين:

لوڪان نحو صرف، مون مطالع سپرين،

سوئي پڙهئو سو پڙهان، سوئي سو حرف!

لڙيءَ رات ساگر سونا وٽان موٽيو ته ڊگهو باٿ ورتائين. پوءِ ڊائري تي هي سٽون اُتاريائين:

 

سونا کي جو ساريو هوندم

جَڏو جيءُ جياريو هوندم

لڙڪ کڻي جي هاريو هوندم

هانءُ ته پوءِ به نه هاريو هوندم

اکر نه اُڪليو هوندو مون کان

اکين سان اظهاريو هوندم

ٻيو جاڳي پيو پاڻهي ڄاڻي

جي هڪ سُور سمهاريو هوندم

پني تي سـِڄُ اُڀاريو هوندم

سونا نانءُ اُچاريو هوندم

ڄڻ ڪي سُر جهونگاريو هوندم

سونا کي جو ساريو هوندم

هي، هُو جَڳُ وساريو هوندم!

مُند ته موٽي، مُنڌ نه موٽي

رستو پوءِ به نهاريو هوندم

سوچن جي ساگر ۾ خود کي

ٻوڙيو هوندم تاريو هوندم

ڌَڪُ به ڪوسي ڀَت وانگر ئي

ڦُوڪ ڦوڪي ٺاريو هوندم!

_________________________

 

پُراڻو مال

انجنيئر پرڪاش ڪمار

زينب گند ڦٽو ڪرڻ لاءِ گهٽيءَ جي ڪنڊ تي ٺهيل ڪچريدان ڏانهن وڃڻ لڳي ته ڏٺائين ته هڪ ماڻهو گهٽيءَ جي ڪنڊ تي بيٺو آهي. هن اُن ماڻهوءَ کي ڏٺو-اڻ ڏٺو ڪري گند جو دٻو اُڇلايو ۽ واپس ورڻ لڳي. گهر جو در بند ڪرڻ کان اڳ هن هڪ نظر گهٽيءَ جي ڪنڊ تي ٻيهر وڌي. اُهو ماڻهو اڃا به بيٺو هو ۽ سگريٽ جا وڏا وڏا سوٽا هڻي رهيو هو.

هن ڀڻڪندي در بند ڪيو: ”الائي مُئو ڪير آهي؟“ هوءَ پنهنجي ڪم سان لڳي وئي. هن جي نوجوان ڌيءَ اڃا ستل هئي. آچر جو ڏينهن هو، تنهنڪري ڌيڻس پوري هفتي  جو ٿڪ آچر ڏينهن لاهيندي هئي. هوءَ ڪنهن آفيس ۾ ڪم ڪندي هئي.

هن رڌڻي ۾ صرف پنهنجي لاءِ نيرن ٺاهي. تيز پتي چانهه پيئندي هن کي ياد آيو ته گهٽيءَ ۾ بيٺل اُهو ماڻهو ڪالهه شام به اُتي ئي بيٺو هو. شڪ جي ڪاريهر ڪر کنيو، ’ڇا اُهو ماڻهو منهنجي ڌيءَ جي ڪَڍ آهي؟ ٿي سگهي ٿو، شهر ۾ حرامين جي کوٽ ناهي!‘ هن سوچيو، ”لعنت پويس!“ چانهه پي هوءَ ڌيءَ جي ڪمري ۾ آئي. ننڊ ۾ ستل هن جو چهرو ڏسي هن کي سميرا جي معصوميت تي پيار آيو ۽ گڏو گڏ ڏک جي لهر به رڳن ۾ رت  وانگر ڊوڙڻ لڳيس.

قسمت جي ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي جو هن گهر جو وهنوار هلائڻ لاءِ آفيس ۾ نوڪري ٿي ڪرڻي پويس! هن جي اکين جي اڳيان ماضيءَ جو اُهو منظر چـِٽو ٿي پيو، جڏهن سميرا جو پيءُ حنيف هڪ بازاري عورت سان پيار جي پيچرن تي هلندي هـِنن کي اڪيلو ڇڏي ويو!

”مطلبي ڪنهن جاءِ جو“، هن ڀڻڪيو. ”اِهو به نه سوچيائين ته اڪيلي ڌيءَ جي زندگي کي زهر بڻائي ٿو وڃي. هن سماج ۾ ماڻهو بگهڙن مثل آهن، جيڪي هميشہ ڪنهن شڪار جي تلاش ۾ رهندا آهن. شل نه اُنهن کي ڪنهن اهڙي گهر جي خبر پوي ته فلاڻي گهر ۾ ڪو به مرد  ناهي…ذليل انسان!“ هن نفرت وچان  زمين تي ٿُڪ اُڇلائي.

”ڌيءَ سميرا، اُٿ، ڌيءَ!ڏهه ٿي رهيا آهن.“

”امي“، سميرا ڪمبل منجهان منهن ڪڍندي چيو، ”اڄ آچر آهي.“

”ها ڌيءَ! مون کي به خبر آهي“، هوءَ چوڻ لڳي.

”نيرن ڪڏهن ڪندينءَ؟“

”امي، آءٌ ٻارهين کان اڳ نه اُٿندنديس“، هن وري ڪمبل منهن تي ورايو.

”ڌيءَ! پوءِ ته منجهند جي مانيءَ جو ٽائيم ٿي ويندو“

”امي، نيرن ۽ منجهند جي ماني گڏ ڪنديس. هاڻ سمهڻ ڏي پليز!“

”چڱو، جيڪا تنهنجي مرضي“، زينب ڪمري مان ٻاهر نڪتي ۽ ٻين ڪمن کي لڳي وئي. شام ڌاري ٻيئي لنڊا بازار ۾ آيون. غريبن لاءِ سياري ۾ لنڊا بازار هڪ نعمت هوندي آهي. ٿورن پيسن ۾ ڀرم رهجي ايندو آهي.

سميرا پنهنجي لاءِ هڪ شال پسند ڪندي چيو، ”امي! ڏس، سُٺي آهي نه؟“

”ها، ڏاڍا سُٺي آهي. وڻيئي ٿي نه؟“

”ها، امي“ سميرا چوڻ لڳي، ”ڏس ته صفا نئين ٿي لڳي. صرف هڪ ڌوپ ٿيل اٿس.“

”ها ڌيءَ“ هوءَ چوڻ لڳي.

”اهي ته اميرن جا نخرا آهن جو هڪ ڌوپ کان پوءِ ڪپڙا هُنن جي جسم تي سُين وانگر چُڀڻ لڳندا آهن. اِهي اسين غريب ئي آهيون جيڪي ورهين جا ورهيه هڪ جوڙي کي هلائيندا آهيون.“

”امي سڄي ڳالهه هوندي آهي پيسي جي“، سميرا چوڻ لڳي. ”جيترا گهڻا پيسا اوترا گهڻا نخرا!“

”ها ڌيءَ! نه ته انسان کي صرف پنهنجو جسم ئي ته ڍڪڻو هوندو آهي“، زينب چيو.

”امي! اهڙين ڳالهين ۾ ڪجهه ناهي رکيو“ سميرا چوڻ لڳي. ”ٻين جي باري ۾ هروڀرو سوچڻ سان مايوسيءَ کان سواءِ ڪجهه به نصيب نه ٿيندو آهي. تون فڪر نه ڪر، اسين جيئن آهيون خوش آهيون. سُڪون سان ته آهيون، نه ته اميرن کي ته ننڊ لاءِ به گوريون کائڻيون ٿيون پون!“

”ها…۽ گڏو گڏ چوري، ڦر ۽ اغوا جو خوف به هُنن سان گڏ رهي ٿو!“ زينب چيس.

”امي، شڪر ڪريو ته اسان کي سٺي ۽ سهڻي ننڊ نصيب آهي.“ هن آٿت ڏنس.

”ها، تون ٺيڪ ٿي چوين.“ زينب چوڻ لڳي، ”چڱو ٻڌاءِ اها شال وٺون نه؟“

”ها، امي“، سميرا وراڻيو. ”اوهين پنهنجي لاءِ ڇا پسند ڪنديون؟“

”آءٌ هڪ سوئيٽر ٿي وٺان“، هوءَ چوڻ لڳي، ”شال اڳ ۾ هڪ پيئي آهي.“ لنڊا بازار کان ٻاهر نڪتيون ته زينب وري اُن شخص کي ڏٺو، جيڪو گهٽيءَ ۾ بيٺو هو.

هن جي نڙيءَ ۾ جهڙو ڪو ساهه مُنجهي پيو. سوچيائين ”اِهو منهنجو وهم ناهي، هي شخص اوس منهنجي ڌيءَ جي ڪَڍ آهي!“

زينب هن کي گهوري ڏٺو، پر اُهو شخص به وڏي بي حيائيءَ سان سگريٽ جا سوٽا هڻندو رهيو.

سوچيائين ته پادر لاهي اچي وٺانس، پر پنهنجي بي عزتيءَ جي خيال سبب خاموش رهجي ويئي. هن سان جوان ڌيءَ گڏ هئي ۽ ڀريل بازار!

هو ٽيڏي اک سان پنهنجي ڌيءَ کي ڏٺو، جنهن جو اُن شخص ڏانهن بلڪل ڌيان نه هو.

”منهنجي ڌيءَ جو هن ڪميڻي سان ڪو به سلسلو ناهي، نه ته هڪٻئي ڏانهن ضرور ڏسن ها“، هن سوچيو.

هنيانءَ کي آٿت مليس. هونئن به پنهنجي ڌيءَ تي ڀروسو هيس. هو بازار مان نڪري آيا- سامهون اليڪٽرانڪ مارڪيٽ هئي. رنگين ٽي ويون، ڊيڪون، سي ڊيز، فرجون ۽  گهڻو ڪجهه ڀريو پيو هو اُتي. ماڻهن  جي رش به تمام گهڻي هئي. هوءَ دل ئي دل ۾ کلي، ”هاءِ ڙي پيسا، تنهنجي طاقت!“

ٿوري دير کان پوءِ هن پوئتي نهاريو.

اُهو ماڻهو اڃا به هنن جي پويان هو. نفرت ۽ ڪاوڙ جي تيز ڪهاڙي هن جي ذهن کي لڳي، آخر ڪميڻو چاهي چا  ٿو؟“

هو اڳتي هلنديون رهيون، اُهو شخص سگريٽ پيئندي ملسلس سندن ڪَڍَ هو.

زينب کي اوچتو هڪ خيال آيو.

هن سميرا کي هڪ ليڊيز جنرل  اسٽور تي ڪجهه دير لاءِ انتظار ڪرڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ اڪيلي بازار ۾ هلڻ لڳي. سوچيائين ته جيڪڏهن منهجي ڌيءَ پويان آهي ته ضرور اُنهيءَ جنرل اسٽور جي ويجهو بيهندو…

پر اِهو ڏسي هوءَ حيرت جي اونهي سمنڊ ۾ ٻڏي وئي، جو اُهو شخص سميرا جي بجاءِ هُن جي پويان هلڻ لڳو. هڪ پاسي خوشي به ٿيس ته هن جي ڌيءَ جي عزت سلامت آهي، ته ٻئي پاسي اهو به خوف ورائي ويس ته سندس ڪڍ ڇو لڳو آهي؟…”نه آءٌ جوان آهيان ۽ نه ئي سهڻي-نيٺ به هي شخص چاهي ڇا ٿو؟“

هوءَ اڳتي هلندي هلندي اوچتو واپس ٿي. گهنڊ گهور سان اُن شخص کي ڏٺائين، پر اُهو شخص بي حيائيءَ سان مُرڪندو رهيو. هوءَ دل ئي دل ۾ اُن کي پٽيندي جنرل اسٽور ڏانهن آئي ۽ ڌيءَ سان گڏ گهر طرف رواني ٿي. اُهو شخص به سڄي واٽ هنن جي پويان رهيو. گهر ۾ اندر ويندي ئي زينب ڪاوڙ مان زور سان در بند ڪيو. اُن رويي تي سميرا کي به حيرت ٿي، پر هن پنهنجي ماءُ کان ڪجهه نه پڇيو.

رات جو زينب کي ننڊ نه پئي آئي. هر هر سندس ذهن ۾ ڪيئي سوال وِيُرن وانگر پئي چڙهيا ۽ لٿا…ته آخر اِهو شخص چاهي ڇا ٿو؟ هن جي پويان ڇو آهي؟

هڪ لمحي لاءِ خيال آيس ته ڪٿي اِهو ماڻهو هن ۾ ته دلچسپي نه پيو وٺي؟ ”پر شايد ۽ آءٌ ته اُن عمر ۾ نه آهيان جو ڪو ماڻهو منهنجي ڪَڍ لڳي …!“ هن جي عقل فيصلو ڏنو.

اوچتو خيال آيس ته ڪٿي اُن ماڻهوءَ کي سندس اڳوڻي مڙس ته هن جي ڪَڍ نه بڇيو آهي؟ پر ڇو؟

هوءَ وري سوچڻ لڳي، پر ڪو به جواب سمجهه ۾ نه پئي آيس.

ٻئي ۽ ٽئين ڏينهن به ساڳيو لقاءُ…اُهو ماڻهو مختلف وقتن ۾ گهٽيءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڄي ڀُتي وٺڻ وقت، ڪٿي نه ڪٿي پيڇو ڪندي نظر آيس.

هڪ ڏينهن صبح جو جڏهن ڌيڻس آفيس ويل هئي ۽ هوءَ گهر جي ڪم ڪار سان لڳل هئي ته پاڙي جي هڪ ڪُراڙي مائي هن وٽ لنگهي آئي.

هن کي اُن مائي جي اچڻ تي حيرت ته ٿي، پر هوءَ کيس ڪجهه چئي نه سگهي.

هـِتان هُتان جون ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ کان پوءِ ڪراڙيءَ کيس رازداريءَ واري انداز ۾ چيو، ”ڌيءَ زينب! هن سماج ۾ بنان ڪنهن مٿي جي ڇانوَ جي ڪنهن عورت جو، يا ڪنهن گهر جي عزت جو محفوظ رهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“

زينب ڪجهه نه سمجهندي ڪنڌ ڌوڻي ها ڪئي.

”انڪري تو کي صلاح ٿي ڏيان ته تون شادي ڪر“، مائيءَ چيس.

”مان…؟!“ هن حيرت منجهان چيو.

”ها، تون سچ پڇين ته آءٌ تنهنجي لاءِ اڄ هڪ رشتو کڻي آئي آهيان. توکي سهارو ملندو ۽ تنهنجي ڌيءَ کي شفقت…۽ هن گهر کي هڪ مرد نگهبان.“

هوءَ ڪجهه نه ڪُڇي سگهي. نه ڪاوڙ، نه رضامندي، بس سوچن ۾ گم.

”پوءِ…ڇا ٿي چوين؟“ ڪراڙي اُٿندي اُٿندي پڇيو. اوچتو زينب کي اُهو ماڻهو ياد آيو،جيڪو سندس پيڇو ڪندو هو.

”ڇا…ڇا…اُهو ماڻهو آهي…جيڪو اڪثر منهنجو پيڇو ڪندو آهي؟“ زينب آهستي آهستي پڇيس.

”ها…اُهوئي آهي…جيڪو توکي روز ڏسندو آهي“، ڪراڙيءَ چيو.

”پر هو ڪير آهي…ڇا ڪندو آهي؟“ زينب کي خيال آيو ته شايد هن جي سونهن  جو سج اڃا لٿو نه آهي.

”هو…ڪاٻاڙي آهي ۽ سڄو ڏينهن پراڻيون شيون پيو تاڙيندو آهي.“ ڪراڙيءَ بنان ڪنهن هٻڪ جي چيو. زينب سمجهي نه سگهي ته مائي هن جو تعارف ڪرايو هو يا کيس ’پُراڻو مال‘ چيو هو!…

 __________

 

پاڻي

سرمد سنڌوجا

اُن ويل ڏاڍي اُجڙيل حالت هئم. بک نـِساهو ڪري ڇڏيو هو. اکيون ڏرا ڏنل، منهن سُڪل، چپ خشڪ ۽ جسم جو سمورو ماس سُڪڙجي هڏن کي چنبڙيل وکريل، چيڙهالا وار، لٽا ليڙون ليڙون ۽ گدلا. وهنجڻ ته پري جي ڳالهه آهي، پيئڻ لاءِ به پاڻي مس پئي مليو. ڪيترن ئي ڏينهن کان گرهه به نڙيءَ کان نه لٿو هو!

ائين نه هو ته ڪجهه کائڻ لاءِ ۽ پيٽ پالڻ لاءِ ڪجهه ڪيو ئي نه هئم. ”جيئڻ ڪارڻ جيڏيون، وڏا وس ڪيام.“ ڪيئي جتن ڪيم، حيلا هلايم، ته من  ڪجهه ڪمائي پيٽ ڀري سگهان،  بک جي دوزخ کي ٻارڻ ڏيان. ڪو پراڻو پاتل ئي سهي، کٿل ڪپڙن جو جوڙو، پٺاڻ جي دڪان تان سستي اگهه تي وٺان، پر ڪجهه به نه ڪري سگهيس. سڀ حيلا بيڪار، سڀ ڪوششون بي سود، سڀ جتن ٿڌن ساهن ۾ بدلجندڙ ۽ ٿڌا ساهه ڳرندڙ ۽ نـِسَتي ٿيندڙ وجود اندر سرد ٿيندڙ. اهڙيءَ خراب حالت ۾ مون هڪ وار پنهنجي کُٽل واپاريءَ جي ٽجوڙي جهڙي ويران کيسي کي ڦلهوريو، پر اُتي به ڪاريءَ وارا ڪک هئا.

سامهون ٻاڪڙا هوٽل کي حسرت سان ڏسڻ لڳس ۽ ٻئي پل خيال آيم ته شايد هوٽل ۾ ڪو ڄاڻ سڃاڻ وارو ملي وڃي ۽ ڪجهه کائڻ جو بـِلو ٿئي، سو ٻاڪڙا هوٽل اندر  ڌوڪي ويس. پر هوٽل اندر گهڙڻ کان پوءِ منهنجي اُن  خيال کي جهڙو ڪر پَر لڳي ويا ۽ منهنجو گمان، گمان ئي رهيو. هوٽل سڄو ڀريو پيو هو، ڪٿي به ويهڻ جي جاءِ نه هئي. هوٽل جي وچ ۾ بيهي سڄي ماحول جو جائزو وٺڻ لڳس ته  من ڪٿي ڪو سڃاڻو ملي- ٻيو نه ته چانهن ڍُڪ پي بک کي ڊيپوٽيشن تي موڪليان، پر آسائتيون اکيون نراس ٿي ويون. سڀ ڌاريا مون کي نه صرف اوپرين پر عجيب نظرن سان نهاري رهيا هئا. سڀني جي اکين ۾ ڪروڌ ۽ نفرت کان سواءِ مون لاءِ ڪجهه به نه هو. مون به سڀن کي ڏٺو-اڻڏٺو ڪري ڇڏيو، ۽ پاڻي پيئڻ جي غرض سان اڳتي وڌيس ته ڪنڊ ۾ هڪ ٽيبل تي هڪ ڪرسي خالي ڏٺم. مان سواءِ ڪجهه سوچڻ جي اڳتي وڌي وڃي انهيءَ ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. ڪرسيءَ جي اُترئين  پاسي هڪ ڪارو ڪـِٺ راڪاس  جيڏو ويٺل شخص بُڇان جهڙين اُگهاڙين نظرن سان مون کي تڪڻ لڳو. مان پنهنجو پاڻ کي هن جي اڳيان ڪک پن، جيتامڙو محسوس ڪرڻ لڳس. ڪارو قد آور شخص مون کي ڏسي مڇون وٽڻ لڳو. سوچيم ته سندس ئي آهن، وٽي يا پٽي منهنجو ڇا؟ باقي بُک چانهه جي ڪوپ تي ريزڪي موڪل تي وڃي سگهي ٿي ته پاڻيءَ جي ٻن  گلاسن تي به ڇوٽي موڪل تي تي ڇو نه ٿي وڃي سگهي! مون ڪاري ڪوجهي، ٽيبل تي پارٽنر کي لنوائيندي ٽيبل تي پيل جڳ مان گلاس ۾ پاڻي ڀريو. گلاس ڀرڻ کان پوءِ مون گلاس کڻڻ لاءِ هٿ اڳتي وڌايو ئي مس ته سامهون  ويٺل شخص گلاس تي هٿ رکي ڇڏيو. مان اچرج مان کيس ڏسڻ لڳس. هو ڪي گهڙيون مون کي جاچيندو رهيو، ۽ پوءِ گلاس کڻي پاڻي پي ڇڏيائين. مون ماٺ ۾ ئي چڱائي سمجهي. خبر هئم ته هن جي هڪ گلاس پاڻي پيئڻ سان پاڻي کُٽندو ڪو نه. باقي پهريان هُو، پوءِ مان به پاڻي پي وٺندس.

هن ڌڙام سان گلاس ٽيبل تي وهائي ڪڍيو. مان ڇرڪي پيس ۽ هو مُرڪڻ لڳو. پنهنجا حواس جائيتا ڪري مون وري گلاس ۾ پاڻي ڀريو ۽ هن ڀيري به هُن گلاس مون کان پهرين کڻي ورتو. سوچيم ته صبر ڪرڻ وارن سان الله گڏ آهي ۽ مان صبر ڪري ويس. هن وري ڌڙام سان گلاس ٽيبل تي ڦهڪايو. مون کان وري هلڪو ڇرڪ نڪتو. ڪجهه گهڙين کان پوءِ پنهنجو پاڻ کي سنڀالي گلاس ۾ وري پاڻي ڀريم. پر اڳ وانگر هن ڀيري به هُو اڳرائي ڪري ويو ۽ مون ’مـِٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ‘ کي چڱو سمجهيو. هن وري ڌڙام سان گلاس کي ٽيبل تي هڻي ڪڍيو، پر مان هن ڀيري ڪونه ڇرڪيس. مون کي خبر پئجي ويئي ته هو ائين ئي ڪندو ۽ مون وري گلاس ڀريو ۽ وري هُن پيتو. اهڙيءَ طرح مون لاڳيتا ڇهه گلاس ڀريا ۽ هُو انتهائي بي شرمائيءَ سان منهنجا ڀريل اُهي ڇهه ئي گلاس پاڻيءَ پي ويو ۽ خوشيءَ منجهان خالي گلاس زور سان ٽيبل تي سَٽيندو رهيو.

انهيءَ دوران مون هُن کي ڪجهه به نه چيو. سوچڻ لڳس ته باقي جڳ ۾ گلاس جيترو پاڻي مس بچيو آهي، جيڪو هن ڀيري به گلاس مان ڀريندس ته  وري به هي پي ويندو ۽ آءٌ ڪجهه به نه ڪري سگهندس، ڇو ته مان هن راڪاس نما آفت کي خواب ۾ به پُڄي نٿو سگهان. چار کائي ٻه هڻڻ بدران مرڳو ڏهه ئي کائيندس. ڪو طريقو؟ ها هڪ اٽڪل آهي، جيڪو هي گلاس ۾ پاڻي ڀري ته هن وانگر مان ڀريل گلاس کائنس اڳ ۾ کڻي وٺندس، پوءِ تڪڙ ۾ پاڻي ڏوڪي هوٽل مان ٻاهر ڀڄي ويندس، جتي هي راڪاس مون کي نه پُڄي سگهي. انهيءَ سان مان بُک کي به چڪر ڏئي وٺندس. ۽ اگر هن ڀيري به گلاس مون ڀريو ته پاڻي پي هـِي ويندو ۽ هوٽل وارو لالو ماني به کائڻ يا چانهه نه پيئڻ جي ڪري ٺلهو پاڻي به نه ڏيندو.

سوچيم ته ڇو ائين يزيدي رواج پئجي ويو آهي، جو هوٽل تي پيئڻ لاءِ ڇڙو پاڻي به نٿو ملي. مان اهو سوچي رهيو هئس ته سامهون ويٺل  جبل  جيڏي ڍڳ مڙس، پنهنجي ساڄي هٿ جي سگار جهڙي ٿلهي اشهد آڱر منهنجي ساڄي اک ۾ کڻي ٽنبي.

منهنجيون اکيون اڳيئي بک جي ڪري ڏرا ڏئي ويون هيون، مٿان وري هن جي آڱر ٽنبڻ جي ڪري ويتر منهنجي اک اندر پيهي وئي. ساڄي اک کي کنوڻ جو چمڪاٽ نظر آيو ۽ هڪ تجلو اک مان نڪتو. سامهون نظر ايندڙ چوڏهن ئي طبق مون کي روشن لڳا. مٿي کي چڪر اچي ويو، ڳيت نڙيءَ ۾ ڦاسي پيم، اک مان پاڻي به نه نڪتو. ڪجهه گهڙين کان پوءِ نظر لوڏا لمڪا کائيندي ڦٿڪڻ لڳي. هر شيءِ جي وچ ۾ ڳاڙهو ٽـِڪو نظر اچڻ لڳو. پهريون ڀيرو رڙ ڪري راڪاس جيڏي شخص کي چيم، ”ڇا ٿو ڪرين؟“

”اوءِ!…ته تون ڳالهائين به ٿو!“ هن هيبتناڪ آدميءَ بيپرواهيءَ مان چيو. چيم، ”ڇا توکي مان گونگو ٿو نظر اچان؟“

وڏي آرام سان چيائين، ”گهٽ ۾ گهٽ هاڻي نه!“

چڙ وٺي ويم، ”ڇا هيتري دير تو مون کي گونگو پئي سمجهيو؟“

”نه صرف گونگو پر ٻوڙو ۽ انڌو به!“ هن وري به مزي سان چيو. پڄرندي چيومانس، ”هي جو مون يڪا سارا ڇهه گلاس پاڻيءَ جا صحيح سلامت تنهنجي اڳيان ڀريا ۽ هڪ ڦُڙو به هيٺ هارجڻ نه ڏنم، ته ڇا تڏهن به توکي انڌو لڳي رهيو هئس؟“

”ها، تڏهن به تون مون  کي انڌو ئي لڳو هئين“، هن اطمينان سان چيو: ”۽ ها، اُهي ڇهه ئي گلاس تنهنجي سامهون ئي مان پي ويس.“

مان ڪي گهڙيون ڪجهه به نه ڪُڇيس، بس سندس منهن تڪيندو رهيس. پاڻ ڏانهن مون کي تڪيندو ڏسي هن مرڪيو. مون ڪاوڙ منجهان کيس چيو، ”ظالم! منهنجي اک ڪڍي ڇڏيئي!“

”اِهوئي ته مان چاهيان ٿو. باقي اِهو آخري ڪم رهيل آهي.“

مان ڇرڪي پيس. حيرانيءَ مان پڇيومانس، ”ڇا مطلب؟“

”مطلب وري ڇا…مان تنهنجي مٿان بيٺو آهيان، هاڻ چاهيان ٿو تنهنجي اک ڪڍي ڇڏيان.“

هن جون ڳالهيون مون لاءِ حيران ڪندڙ هيون، ڪا به ڳالهه نٿي آئڙيم. هو منهنجي سامهون ويٺو هو. خار مان چيومانس، ”تون منهنجي سامهون ويٺو آهين!“

مسڪرائي چيائين، ”نه، مان تنهنجي مٿان ويٺو آهيان.“

پڇيم، ”ڪيئن!“

مڇ وٽيندي چيائين، ”تون ڏکڻ ۾ ويٺو آهين، مان اُتر ۾ ويٺو آهيان، سو مان تنهنجي  مٿان ويٺو آهيان.“

”ها، اِهو ته صحيح آهي، پر تون منهنجي اک ڇو ٿو ڪڍڻ چاهين؟“

ڀَڀر تي هٿ هڻندي چيائين، ”مون تنهنجي زبان وڍي ڇڏي آهي، تنهنجي ڪنن ۾ شيهو پلٽائي ڇڏيو اٿم. هاڻي تنهنجي اک ڪڍي ڇڏيندس.“

هو جذباتي ٿي پيو. مون وات کولي زور سان ’آ‘ ڪيو. ”ڏس، منهنجي زبان منهنجي وات ۾ پيئي آهي.“

”تنهنجي زبان تنهنجي وات ۾ هجي ها ته تون اُنهيءَ مهل رڙ ڪرين ها، جنهن مهل مون لاڳيتا ڇهه گلاس تنهنجا پاڻيءَ جا پيتا.“

چيم، ”اِهو ته مون صبر ڪيو هو.“

”صبر…! ڪهڙو صبر؟! اِها ته تنهنجي بيوسي هئي. نه صرف  بيوسي پر بيوسيءَ  جي به حد، انتها!“ ۽ هن هڪ ڀيانڪ ٽهڪ  ڏنو.

چيم، ”اِها ڳالهه آهي!“

چيائين، ”ها، بلڪل اِها ڳالهه آهي.“

”پوءِ ڏس“، مون کيس چئلينج  ڪيو.

هو اکيون ڦاڙي مون کي ڏسڻ لڳو. مون جڳ ڏانهن هٿ وڌايو ته جيئن جڳ ۾  بچيل پاڻي گلاس ۾ وجهي پي وڃان، ۽ کيس ثابت ڪري ڏيکاريان ته مان ڪمزور ناهيان، مان بيوس ۽ لاچار ناهيان، مان پنهنجو حق وٺي سگهان ٿو. مون پنهنجي نٻل وجود جي سموري سگهه ۽ قوت گڏ ڪري ورتي ۽ مضبوط ارادن سان پنهنجو ٿڪل هٿ جڳ ڏانهن وڌايو. اُن کان اڳي جو منهنجو هڏائون هٿ جڳ ۾ ٽيبل تي پاسيرو ڪري پيو. بچيل سمورو پاڻي ٽيبل تي هارجي ويو. هن ٽيبل کي پاڻ ڏانهن لهوارو ڪيو. ٽيبل تان پاڻي سيرون ڪندو وَٽ کائيندو هن جي مينديءَ لڳل پيرن تي هارجڻ لڳو. مان بيوسيءَ جي عالم ۾ کيس نهارڻ لڳس. هن هڪ وڏو خوفناڪ  ٽهڪ  ڏنو ۽ چيائين، ”آهين نه تون بيوس! تنهنجي هن پاڻيءَ تي ڪو به حق نه هو ۽ نه آهي. تو لاءِ پاڻي آهي ئي ڪو نه. هڪ ته پاڻيءَ جي ڏاڍي کوٽ آهي ۽ مٿان وري تون پاڻي رڳو زيان ئي ته ڪندو آهين ۽ اُهو به گهڻو! هي پاڻي ته منهنجو هو ۽ منهنجو آهي.“

پوءِ هن جو خوفناڪ ٽهڪ ٻُريو- پر اُهو اَڌ ۾ ڪپجي ويو. ڌوڏا  نڪري آيس  ۽  ٽيبل تي ڦهڪو اچي ڪيائين. کليل وات مان پيتل پاڻي گڙ گڙ ڪري وهڻ لڳو!


 

اونداهي رات ۾!

زاهد گوتم

اُن شام تنهائي کيس ڏنگي رهي هئي. مسلسل ناڪامين کيس ٿڪائي وڌو هو. محرومين جي احساس مان نه ٿي نڪري سگهيو. ٿڪل ذهن سان سوچ کيس جوڳو نتيجو نه پئي ڏنو. اکيون بند ڪري ڀرسان پيل ميرو وهاڻو کڻي سيني سان لائي مظبوط ٻانهن ۾ جڪڙي ڇڏيو هئائين. سندس ساهه ڄڻ گهٽجي رهيو هو. ائين  محسوس ڪيو هئائين ڄڻ باهه سندس لوندڙين جي رڳن مان رت جي بدلي  ڪراس ٿي ڪيو. ائين سوچن جي سمنڊ ۾ ٻُڏي چڪو هو. شام جي جهيڻي روشنيءَ تي رات جي ڪاراڻ جي دزٿڌ واگر ڄمي رهي هئي. پراڻي کٽ تان اُٿيو ته کٽ چيڪٽ ڪيا. ڪچي ڪوٺيءَ اندر جاري ۾ ڏيئي ۾ تيل تري ۾ ئي پيل هو. هميشه جيان هن سامهون ڪنڊ ۾ پيل پراڻي صندوق ڀرسان تيل جو پراڻو دٻو کڻي ڪجهه ڏيئي ۾ لاٿو ۽ ميري ڪپهه جي وٽ کي ٺاهي  تيلي ٻاري روشني ڪئي ته جيئن وهمن جي وبائن کي هوش حواس سان ذهن جي ڪمري مان ڌڪي ڪڍي. وري ڪنڊ ۾ پيل پراڻي ڪاٺ جي صندوق مان پسٽل ڪڍيو هئائين.

ڪمري جو در کڙڪيو ته هو ڊڄي ويو. قميص جو پلاند مٿي ڪري پسٽل ور ۾ لڪائي اچي در کوليو هئائين. ڀيڻس سومل هئي، ”ادا، ماني کائيندين؟“ ڪنواري ڀيڻ جي وارن ۾ چاندي ڏسي دل ڄڻ سيني ۾ ٻڏي ويئي هئس. وراڻيو هئائين، ”رجواچي ته ماني گڏجي کائينداسين.“ رجب سندس ننڍي لاڪون پڳ مَٽ يار هو، ۽ هاڻي هو گڏجي سڏجي هلڪيون سلڪيون چوريون به ڪرڻ لڳا هئا. ڀيڻ کي چيوهئائين، ”تون ڀلي سمهي  رهه، ماني کاري هيٺان رکي ڇڏ.“ هلڪي رعب واري انداز ۾ چيائين، ”ڃا رَئو مٿي تي رکڻ ناهين سکي!“ ڀيڻس ڏاڍي نمرتا سان مٿو ڍڪي ماني کاري هيٺان رکي، اڱڻ  تي پيل کٽ تي آسمان جي هلڪن هلڪن چمڪندڙ تارن هيٺان سمهي رهي هئي. پاڻ اندر ڪمري ۾ ور مان پسٽل ڪڍي، مئگزين کولي، گوليون وجهي کٽ تي سمهي، سامهون ٻرندڙ ڏيئي تي اشارتي نشانو پچائڻ لڳو. ائين رجوءَ جي انتظار ۾ ويٺي ويٺي کيس رات جا ٻه پهر گذريا. وري وهمن جا ڪارا واسينگ ذهن جي ميدان ۾ وروڪڙ کائڻ لڳا هئس. سوچيائين ته ڪٿي پڪڙجي ته نه پيو! مٿان وڏيري جي چوري ڪرڻ کان گهٻرائيندو هجي، پر اهڙو آهي ته ڪو نه! هُو ائين سوچيندو رهيو ۽ وهمن جا واسينگ ويس خيالن کي وڪوڙيندا. اُنهن کان بچڻ خاطر سٽ ڏيئي کٽ تان اُتي بيٺو. پسٽل ور ۾ هڻي، پيرن ۾ پراڻو سينڊل وجهي، در کولي اڱڻ تي نڪتو. اڱڻ تي اونداهي! پري پري کان ڪتن جون ڀؤنڪون سانت جي ستار کي ڇيڙينديون ٿي رهيو.  اڱڻ تي سندس ڀيڻ کٽ تي پاسو ورايو سُتي پيئي هئي. آهستي آهستي قدم کڻندو کٽ جي ڀرسان وڃي ڀيڻ کي مٿان بيهي ڏٺو هئائين. جاڳندڙ ڀيڻس سندس پيرن جي آواز تي اکيون پوري ڇڏيون هيون هُن ڪپڙن سُڪائڻ واري نوڙيءَ تان ڪارو رومال لاهي منهن کي ويڙهيو. ٻاهرئين ڀڳل پراڻي  دروازي جو اندران ڪڙو کولي ٻاهر نڪري در کي هوريان ٻيڪڙي ڇڏيو هئائين! سوڙهي گهٽيءَ  کان ٿيندو وڏي رستي تي پهتو. وڏي رستي تان اڳتي هلي ٻي سوڙهي گهٽيءَ ۾ گهڙي ويو، جتي سندس پڳ مَٽ يار رجوءَ جو گهر هو. گهر کي در هوئي ڪو نه، در واريءَ جاءِ تي هڪ پراڻي ميري رلي ٽنگيل هئي. رلي هٽائي اندر گهڙي ويو. رجوءَ جي پوڙهي انڌي ماءُ کان سواءِ ٻيو ڪو به گهر ۾ موجود ڪو نه  هو. پوڙهيءَ ڍري کٽ تي ننڊ ۾ کونگهرا پئي هنيا. کيس رجو سمجهندي اُٿڻ سان ئي پـِٽڻ ۾ شروع ٿي ويئي هئي. ”اڙي رجو ماريا، الله جو قهر پوندءِ…سڄو سڄو ڏينهن ته گهر ۾ ناهين پر رات جو به سدائين دير سان اچي پوڙهيءَ ماءُ جي ننڊ ضرور ڦٽائين…“ پوڙهيءَ کي چيو هئائين، ”امان، مان دُرل آهيان، رجو ناهيان…دُرو آهيان، دُرو! ”اَبا دُرو، ٻچا، خير.“ پوڙهيءَ کان وري تڪڙ ۾ وراڻيو هئائين، ”خير آهي خير.“ پوڙهيءَ کي وري رجوءَ جو پڇيو هئائين. ”پُٽ، اهڙو سڀاڳو ڪٿي جو مون کي ٻڌائي وڃي! ماريو ويو هوندو جوا ٻوا کيڏڻ!“ هـِن کي اڳ ۾ ئي دير ٿي چڪي هئي، سو پوڙهيءَ کان تڪڙو موڪلائيندي چيو هئائين، ”امان، اچي ته ٻڌائجانس ته دُرو آيو هو.“ پوڙهيءَ پويان سڏ ڪيو هئس: ”پُٽ، او پُٽ، دُرل، ابا، تون مرحوم بچل جو پُٽ آهين نه!“ پر هو نڪري ويو هو ۽ تڪڙو تڪڙو سوڙهيءَ گهٽيءَ مان نڪري اونداهيءَ کي چيريندو وڏيري جي حويليءَ ڏانهن وڌڻ لڳو هو. سوچن جي وهمن جا لغڙ ذهن جي آسمان تي هر هر ڪاٽا پئي ٿيس ته اڪيلو ڪيئن چوري ڪري سگهندو؟ اڪيلو ٺيڪ نه رهندو. دروازي کان چوڪيدار به ته هوندا. مٿان مورچو به ته آهي، سڌو سنئون موت سان جهيڙو! ايتري ۾ مٿي کان بلڪل ويجهو ڪو چمڙو تيز اُڏار سان لنگهيو هئس، ته جسم منجهان ڪرنٽ نڪري ويو هئس. دل ڄڻ بيهي رهي هئس. چپن ۾ ئي گار ڏني هئائين چمڙي کي. پري پري کان ڪتن جون ڀؤنڪون رات کي وڌيڪ ڀيانڪ بڻائي رهيون هيون. لوڙهن ۽ ڪچين ديوارن جا ڪارا پاڇا ڪاري رات ۾ کيس وهمن جا جهنگ لڳا هئا. ٻي ڪنهن گهٽيءَ مان ڪا سيٽي وڳي هئي. هو ڀرسان ڀت جي اوٽ وٺي گهري اوندهه ۾ لڪي بيهي رهيو هو. رجوءَ جا خيال سندس ذهن ۾ ڪيولين جيان چڪ پائي رهيا هئا. ٻنهي جي هڪٻئي کان سواءِ  سرَندي ئي نه هئي. چورين تي گڏ، ڪڪڙن جي ميلن تي گڏ، رڇن جي اَلڙ تي گڏ، ملاکڙن ۽ ميلن تي گڏ، هڪ پل به پري نه ٿيندا هئا. خال جو بي لغام گهوڙو وري ڀيڻ جي ڳرندڙ جوانيءَ ڏانهن ڀڄي ويو هئس. پاڻ  تي هـِتي هـُتي چڪ وات پئي هنيائين. سوچيائين ته وڏيري جي آخري  چوري ڪري ڀيڻ کي رسولي سان پرڻائي ڳوٺ ئي ڇڏي ويندو. رسولو سندس سڳو سَوٽ هو ۽ ڀيڻ جو مڱيندو پڻ. رسولو سڄو ڏينهن ڳوٺ جون مينهون چاريندو هو. هڪ هو ڌنار، ٻيو نـِٺر. ڳوٺ جي گلاخور ماڻهن جي چوڻ تي دُرل کي چيو هئائين ته جيستائين ويهن هزارن جو سامان شادي ۾ نه ڏيندين تيستائين ڀيڻهين سان شادي نه ڪندس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com