”مهراڻ“
جلد1] ڪراچي، آڪٽوبر ۽ نومبر 1946ع[نمبر 8۽9
هن پرچي جو تائيٽل ساڳيو اڳين پرچن وارو آهي.
پهريون ڀيرو ٽائيٽل ڪور اندران پرچي ۾ آيل مضمونن
جي فهرست ڏني ويئي آهي.
1.گهوٽ ڀٽائي شاهه عبداللطيف جي ورسي: هن عنوان
هيٺ هيٺيون مواد ڏنو ويو آهي.
شاهه عبداللطيف: سنڌ
-جو رهبر |
ڄيٺمل پرسرام |
ص1 |
-شاهه ڀٽائي جو شاهانه |
|
|
-ڪلام |
عبدالڪريم چشتي |
ص8 |
-شاهه جي رسالي ۾ حقيقت جا راز |
عبدالله چند |
ص 10 |
2-ناڪامي (شعر) |
خواجه غلام احمد بيدم |
ص13 |
3-صاحب جو |
|
|
-شڪار (آکاڻي) |
غني |
ص14 |
4-مفيد شاعري |
نبي بخش بلوچ |
ص19 |
5- مرحوم مرزا قليچ بيگ جي ياد ۾: هن عنوان هيٺ
هيٺيون مواد ڏنو ويو آهي.
مرزا قليچ بيگ:
-سلاست جو سائين |
خوبچند ايسرداس |
ص21 |
-مرزا قليچ بيگ:نثر نويس |
محمد يعقوب |
ص23 |
-قليچ بيگ: (شعر) |
احسن ڪربلاڻي |
ص25 |
صفحي 25 تي ”مهراڻ جي پڙهندڙن جي خدمت سڳوريءَ ۾
عرض“ عنوان سان ظاهر ڪيو ويو آهي ته ”ڇپائيءَ جي
اهنج ڪري، ڇهه مهينا سانده مهراڻ شايع ٿي نه
سگهيو. هينئر ”لائن“ پريس وارن سان بندوبست ٿيو
آهي. اميد ٿي ڪجي ته اُهي صاحب اسان سان چڱيءَ
ريت پيش ايندا، جنهنڪري اسين به مهراڻ پوري وقت تي
پيا ڪڍنداسين. هيل توڻي مهراڻ جي ناظرين کي ست
پرچا ملي چڪا آهن. سال جي چندي ۾ کين ڪل ٻارهن
پرچا ملڻا هئا. انهيءَ ليکي باقي پنج پرچا رهيا.
اميد ته اُهي ناظرين کي مئي مهيني اندر پهچائي
ڏينداسون. هي پرچو آڪٽوبر ۽ نومبر جو سمجهڻ گهرجي،
باقي ٽن مهينن جو رسالو ناظرين کي ڏيئي، مهراڻ جو
نئون سال جون مهيني کان شروع ڪيو ويندو.
اسان جا دوست،مهراڻ جي پيار وارا، اسان کي هن ڍر
لاءِ معاف ڪندا.“
6-روح رهاڻ |
؟ |
ص26 |
7-هندستان کان آمريڪا |
|
|
-تائين سفر |
نبي بخش بلوچ |
ص28 |
8-ڄام خان جي سوانح مدح |
مقبول احمد بلوچ |
46 |
9-لکپڙهه: هن عنوان هيٺ هيٺيون مواد ڏنل آهي |
محمد طالب لوهار |
ص53 |
|
|
|
|
|
-حل طلب لاءِ حل: هن هيٺ مئي جون ۽ جولاءِ 1946ع
واري پرچي ۾ آيل ”حل طلب“ مواد جو حل ڏسيو ويو
آهي.
-غلطيون دور ڪريو، |
|
از:غلام احمد بيدم |
هن هيٺ آگسٽ ۽ سيپٽمبر 1946ع واري پرچي ۾ ٿيل جن
ڪوتاهين جي نشاندهي ڪيل آهي.
10-گيت |
شيخ اياز |
ص58 |
گيت |
شيخ اياز |
ص59 |
11-سنڌ ۾ لکندڙن ۽
مترجمن جي رهنمائي لاءِ |
اداره |
ص59 |
هن عنوان هيٺ بورڊ پاران لکندڙ ۽ ترجمو ڪندڙن لاءِ
نثر توڙي شعر جي سلسلي ۾ ڪجهه مقرر اصول بيان ڪيا
ويا آهن.
آخري ڪور جي اندران ”خاص مترجمن جي ڌيان طلب“
عنوان هيٺ، ڪتابن جو ترجمو ڪرڻ جي سلسلي ۾ اڳ وارو
ساڳيو اشتهار ڏنو ويو آهي.
آخري صفحي تي ”سنڌيءَ جي پيار وارن جي خدمت
سڳوريءَ ۾ عرض“ عنوان سان مهراڻ جي پهرئين پرچي جي
آخري صفحي تي ادبي ميڙاڪي، مشاعري ۽ نمائش واري
حوالي سان ڏنل اشتهار رکي ورجايو ويو آهي.
”مهراڻ“
جلد1] ڪراچي-ڊسمبر 1946ع ۽ جنوري/فيبروري 1947ع
[نمبر 10، 11، 12
هن پرچي جو ٽائيٽل ساڳيو اڳين پرچن وارو آهي، جنهن
جي ڪور اندران ”پرچي اندر مضمون“ عنوان سان فهرست
ڏئي ويئي آهي، جنهن جو وچور هن ريت آهي:
1-ساهت ۽ ادب آهي ڇا |
اداره |
ص1 |
2-سنڌيءَ جي دکدائڪ حالت |
ڀيرومل مهرچند |
ص6 |
3-هندستان کان آمريڪا تائين سفر |
نبي بخش بلوچ |
ص18 |
4-عاشق معشوق |
محمد حسين ڪروڙ پتي |
ص24 |
5-ڊاڪو (شعر) |
قادر بخش بشير |
ص30 |
هن عنوان هيٺ واپاري، زميندار، ڪاموري، مل مالڪ،
سپاهي، مولوي ۽ خود ڊاڪوءَ کي ساڳي صف ۾ بيهاريو
ويو آهي.
6-شهري ۽ دهقاني زندگي
(شعر) |
قادر بخش بشير |
ص32 |
7-بکارڻ جي دنيا (شعر) |
خواجه غلام احمد بيدم |
ص33 |
8-شعر |
پير شاهنواز عارف |
ص35 |
9- انصاف ۽ احسان |
بيگم عبدالله چند |
ص 36 |
10-ڪوڙ |
عطا حسين موسوي |
ص 39 |
11- سنڌي سنت سامي |
صوڀراج نرملداس |
ص 41 |
12-ڏيتي ليڏي |
؟ |
ص44 |
13-پنڪيون |
؟ |
ص45 |
14-وقت جي پابندي |
محمد صالح ڀٽي |
ص46 |
15-روح رهاڻ |
؟ |
ص47 |
16-شرير ۽ شريف آدمي |
محمد صالح ڀٽي |
ص47 |
17-سسئي جا سور |
احمد خان سنائي |
ص48 |
18-چشم حقيقت جا اشارا |
خواجه غلام احمد بيدم |
ص50 |
19-لکپڙهه (ڏور جا بيت) |
فيض محمد |
ص52 |
هن مواد ۾ جون، جولاءِ 1946ع واري پرچي ۾ آيل ڪن
ڏور بيتن سان ملندڙ بيت بيان ڪري، اُنهن جي
سمجهاڻي ڏني ويئي آهي.
هن عنوان هيٺ ٻيو خط پير شاهنواز عارف (عارف
الموليٰ) جو لکيل آهي، جنهن ۾ ڀيرومل جي لکيل
مضمون ”تيراندازيءَ جي تاريخ“ جي تعريف ڪيل آهي.
20. غلطيون دور ڪريو |
ڀيرومل مهر چند |
ص53 |
خواجه غلام احمد بيدم پاران ڀيرومل جي مضمون
”تيراندازيءَ جي تاريخ“ تي آڪٽوبر-نومبر 1946ع
واري پرچي ۾ ٿيل تنقيد بابت وضاحتون ۽ سمجهاڻي ڏني
اٿس.
21-ناظرين جي خدمت سڳوريءَ ۾ |
اداره |
ص56 |
هن ليک ۾ ”مهراڻ“ جي ايڊيٽوريل بورڊ پاران مختلف
ڳالهين جي وضاحت ڪيل آهي، جن منجهان هڪ احوال هن
ريت آهي، ”هر سال مارچ جي وچ ڌاري سنڌي لکندڙن کي
بورڊ جي پاران هڪ هزار روپيه انعام طور ورهائي ڏبا
آهن. هن ڀيري انعامن جي ورڇ هيئن ٿي:
سائو پن ۽ ڪارو پن (قلمي نسخو)
|
00-700 |
روپيه |
شڪنتلا |
00-100 |
روپيه |
پيغام عزيز |
00-100 |
روپيه |
غريب جي دنيا |
00-100 |
روپيه |
22. کينهون |
؟ |
ص58 |
23.دُٻٽو، دُٻَٽُو! دُٻَٽُو! |
؟ |
ص60 |
24.ڀوت (ترجمو ٿيل ناٽڪ) |
ترجمان ديوان |
ص61 |
(هينرڪ اِبسن جي رچيل
Gengangare
جي انگريزي ترجمي
Ghosts
جو سنڌي ترجمو).
پرچي جي آخري صفحي تي“ خاص مترجمن جي ڌيان طلب“
سان ساڳي اڳ ذڪر ٿيل اپيل ورجائي ويئي آهي. پرچي
جي آخري صفحي تي ”سنڌيءَ جي پيار وارن جي خدمت
سڳوريءَ ۾ عرض“ عنوان سان مهراڻ جي گذريل پرچن ۾،
ادبي ميڙاڪي، شاعري ۽ نمائش واري حوالي سان ڏنل
ساڳيو اشتهار هلايو ويو آهي.
”مهراڻ“ جو جلد 2 جولاءِ 1947ع کان شروع ٿيو. هن
دَور ۾ مهراڻ ڊيمي سائيز ۾ نڪرڻ شروع ٿيو، ان دَور
وارن پرچن جو تفصيل هن ريت آهي:
”مهراڻ“
جلد 2] ڪراچي، جولاءِ 1947ع [نمبر 1
”مهراڻ“ جلد ٻئي جو پهريون پرچو جولاءِ ۾ شايع
ٿيو. هن جو ٽائيٽل به ساڳيو پراڻن پرچن وارو نقشي
سان آهي. ٽائيٽل انداران ”فهرست مضمونن جي“ عنوان
سان مواد جو پرچو ڏنو ويو آهي، جيڪو هن ريت آهي:
1.اڻکٽ کاڻ |
راضي |
ص1 |
2.معياري شاعري |
خادم لاڙڪاڻوي |
ص4 |
3.ٿر ۽ ٿاريلن |
محمد خان غني |
ص8 |
4.گهر |
محمد طالب لوهار |
ص12 |
5.بادشاهه سلامت تشريف فرما |
؟ |
ص15 |
6.منهنجو خواب |
قربان علي نقشبندي |
ص16 |
7.تلوڪ ٽيمي |
؟ |
ص21 |
8.بخشيش |
ڪروڙ پتي |
ص25 |
9.وڇوڙي جي ٿڙڦ |
ايم-وي-آسواڻي |
ص27 |
10.همت ۽ ڪوشش |
نجم الدين عباسي |
ص29 |
11.روح رهاڻ |
؟ |
ص38 |
12.حقيقت، نه افسانو(عام معلومات) |
؟ |
ص39 |
13. ڀوت |
ديوانو |
29* |
14.شاهه جو رسالو- سر بروو سنڌي |
|
ص37 |
1947 جوهي پرچو جملي 40 صفحن تي مبني آهي. پرچي جي
آخري ڪور جي اندرئين پاسي کان ”مهراڻ جي خريدارن
کي خاص وينتي“ عنوان سان لکيو ويو آهي: ”25 جون جي
خريدار صاحبن ڏانهن ڇپيل ڪارڊ موڪليو ويو، جنهن ۾
عرض ڪيو ويو ته مهراڻ جو ٻيو سال جولاءِ کان شروع
ٿيندو، تنهن ۾ اوهان صاحبن کي مهراڻ رسالو گهربل
هجي ته آفيس کي اهڙو اطلاع بروقت ڏيندا، ۽ انهيءَ
سان گڏ ساليانه چندو 5 روپيه به مني آرڊر رستي يا
ٻي ريت ڀري ڇڏيندا، ڇو ته وي-پي چندو وصول ڪبو ته
مفت 9 آنا ٽپال جي ٽڪين جي چٽي پئجي ويندي، جا به
هر هڪ خريدار کي ئي ڀري ڏيڻي پوندي. هاڻ ڪن صاحبن
چندو ڀري ڏنو آهي، پر ڪيترن صاحبن وٽان اڃا سُڌ نه
ملي آهي ته کين رسالو کپي يا نه. اسين تنهن هوندي
به ٻئي سال جو هي پهريون پرچو ٽپال رستي موڪلي ٿا
ڏيون. اُميد ته باقي صاحب ساليانو چندو مني آرڊر
رستي يا ٻيءَ ريت ڀري ڇڏيندا. ٻي صورت ۾ آگسٽ کان
وٺي خود بخود اهڙن صاحبن ڏانهن رسالو موڪلڻ بند ٿي
ويندو.
لالچند امرڏنومل
ايڊيٽوريل بورڊ ”مهراڻ“ جي پاران
رسالي جي آخري ڪورتي، اڳ وارن پرچن ۾ آيل اشتهار
”سنڌيءَ جي پيار وارن جي خدمت سڳوري ۾ عرض“ ڏنو
ويو آهي.
”مهراڻ“
جلد 2] ڪراچي، آگسٽ 1947ع [نمبر 2
سنڌ جي ساڳئي نقشي سان سجايل هي ٻيو پرچو به ڊيمي
سائيز ۾ آهي. ڪور جي پويان ”فهرست مضمونن جي“
عنوان سان مواد جو وچور ڏنو ويو آهي:
1. سنڌيءَ ۾ ناٽڪ جي اوسر |
پروفيسر اُڌارام |
ص1 |
2. ڪافي |
مخدوم احمد علي |
ص20 |
3. ڪافي |
عارف |
ص21 |
4. ديهاتي گيت |
شيخ اياز |
ص22 |
5. شاهه صاحب جو ڪلام: خدا پرستيءَ جو پيغام |
عبدالڪريم چشتي |
ص23 |
6. اسان جو نانءُ |
؟ |
ص26 |
چڙهيو هيڊ ماستر |
؟ |
ص27 |
7. نه. وڌ |
عبدالغفور چانگ |
ص31 |
8. لکپڙهه |
|
|
9. حل طلب لاءِ |
عبدالغفور چانگ |
ص31 |
صحيح |
|
ص35 |
10. غلطيون دور |
قائد محمد علي |
ص34 |
ڪريو |
سيد عارف جيلاني |
ص35 |
12. شعر ۾ عروضي ۽ لفظي غلطيون |
سيڪريٽري سنڌ سڌار |
|
13. رَٻَ ۽ ڊٻ جا |
سوسائٽي لاڙڪاڻو |
ص40 |
قافيا |
- |
ص41 |
14. ايڊيٽر جونوٽ |
|
|
15. اطلاع درسي ڪتابن بابت |
غلام حسين سومرو |
ص42 |
(درسي ڪتابن ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ ڊائريڪٽر صاحب پبلڪ
انسٽرڪشن سنڌ طرفان اديبن کي نئون مواد موڪلي ڏيڻ
لاءِ ڪيل اپيل جنهن لاءِ گهربل مواد جي سلسلي ۾
مختلف عنوان ۽ هدايتون پڻ شايع ڪرايون ويون).
(قسطوار ڊرامو)
17. شاهه جو رسالو |
داستان ٻيو، ٽيون، سر کا هوڙي داستان پهريون |
ص12* |
پرچي جي بئڪ ڪور اندران ”مهراڻ“ جي خريدارن لاءِ
”خاص وينتي“ هلائي ويئي، ۽ آخري پاسي تي ساڳيو
”سنڌيءَ جي پيار وارن جي خدمت سڳوريءَ ۾ عرض“ ڏنو
ويو آهي.
”مهراڻ“
جلد2] ڪراچي، سيپٽمبر 1947ع [نمبر 3
سنڌ جي ساڳي نقشي سان سجايل هي ٽيون پرچو به ڊيمي
سائيز ۾ آهي، جنهن جي بلڪل آخر ۾ بئڪ ڪور تي
”مضمونن جي فهرست“ ڏني ويئي آهي. جيڪا هن ريت آهي.
1. مون به پنهنجي
سنگتيءَ ۾ ڪجهه ته ڏٺو هو!
|
؟ |
ص1 |
2. سنڌ جا گمنام دهقاني شاعر |
نبي بخش بلوچ |
ص4 |
هن عنوان هيٺ گبر-ڏاتر-بنگو فقير گوپانگ جو ذڪر
ڪيو ويو آهي.
3.بدنصيب هاري |
قربان علي نقشبندي |
ص8 |
4.ماڳ جي محبت |
ميرزا گل حسن ڪربلائي |
ص17 |
5.دل جو برتن |
قادر بخش بشير |
ص20 |
6.مفيد شاعري (قافيه ”م“) |
نبي بخش بلوچ |
ص21 |
7.محبت جي مرِلي |
ميرزا علي بخش ڪوثر |
ص32 |
8. ڇاپي جون غلطيون درست ڪريو (خط) |
نبي بخش بلوچ |
34 |
9.حل طلب لاءِ حل(ڪن لفظن بابت علمي بحث) |
ڀيرومل مهرچند |
ص35 |
10.متروڪ ٿيل ڪن لفظن بابت علمي بحث |
عبدالڪريم جوڻيجو |
ص55 |
”مهراڻ“
جلد 2] ڪراچي آڪٽوبر نومبر ۽ ڊسمبر 1947ع [نمبر
6،5.4
هن پرچي جو ٽائيٽل به ساڳيو نقشي وارو آهي، جنهن
جي اندرئين صفحي تي ”مضمونن جي فهرست“ ڏنل آهي، جا
هن ريت آهي:
1.سيد مرتضائي |
لطف الله بدوي |
ص1 |
2.سنڌ جا گاهه |
رامنداس لکاڻي |
ص7 |
3.پڻي ۽ بلوچستان |
ڪشنچند شرما |
ص22 |
4.زيارت جو سير |
کيمچند هيراڻي |
ص29 |
5. آخري ملاقات (ڪهاڻي) |
سائينداد سولنگي |
ص35 |
6.کنڊ جي چوري |
نجم الدين عباسي |
ص40 |
7. شاعر عاجز |
جهامنداس ڀاٽيه |
ص45 |
8. بيڪاري |
دلبر خان کوسو |
ص52 |
9. ساهتيه جي سونهن |
روچيرام گنگارام |
ص63 |
10. برساتي گيت |
شيخ اياز |
ص67 |
11. سوزو ساز |
غلام احمد بيدم |
ص69 |
12. مارئي جي سڪ |
احمد خان مصراڻي |
ص70 |
13. مفيد شاعري |
نبي بخش بلوچ |
ص 71 |
14.اي جان وطن |
ميرزا گل حسن احسن |
ص 79 |
15.اڙي، ڇو ڪين سڀ ڪجهه ڏيئي ڇڏيو مانءِ
(تاثر) |
مينگهراج پرمانند |
ص81 |
16. دلبر جو ديدار |
ش. هه. ڏانواڻي |
ص81 |
17.غلطيون دور ڪريو |
خواجه غلام احمد بيدم |
ص85 |
18. لکپڙهه: هڪ عجيب بحث |
عبدالڪريم سنديلو |
ص90 |
19. شعر ۾ عروضي ۽ لفظي غلطين لاءِ معذرت |
بلوچ مقبول احمد |
ص93 |
20.پرولين جي ڀڃڻي |
عبدالڪريم سنديلو |
ص94 |
21.حل طلب |
؟ |
ص96 |
22.غزل لغوي |
رمضان واڍو |
ص100 |
23. سرڳواسي ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب جو ڇپايل
شاهه جو رسالو |
عثمان علي انصاري |
ص101 |
24. پٿر جي دل (ڪهاڻي) |
عليل |
ص114 |
25.ڀوت (قسطوار ڊرامو) |
ديوانو |
ص37-56* |
26. شاهه جو رسالو |
- |
ص13-20 |
پرچي جي صفحي 80 تي ”ناظرين جي خدمت ۾ ٻه اکر“
عنوان سان وضاحت ڪئي ويئي آهي ته ”آڪٽوبر جو پرچو
وقت تي نه ڪڍي سگهياسين، جولائن پريس وارا سرڪار
جي آئيءَ ۾ اچي ويا.“
نومبر جي شورعات ۾ هن نئين پريس* سان بندوبست ٿيو،
تڏهن ايڊيٽوريل بورڊ فيصلو ڪيو ته اڳو پوءِ نومبر
۽ ڊسمبر جا پرچا به هن گڏ هلائي ڏجن.
اسين هي ٽن مهينن جو گڏيل رسالو ماهه آڪٽوبر 47،
نومبر 47 ۽ ڊسمبر 47 جو موڪليون ٿا. وري ٻيو ٽن
مهينن جو گڏيل رسالو، ماهه جنوري 48، فيبروري 48 ۽
مارچ 48 جواول خير مارچ جي 10 تاريخ روانو ڪيو
ويندو.
اهڙيءَ طرح ص 123 تي ”عام اطلاع“ عنوان هيٺ بورڊ
پاران سال بسال، ڇپيل ۽ اڻڇپيل (مسودن) ڪتابن تي
انعام طور ڏيندڙ هڪ هزار رپين وارو اشتهار ڏنو ويو
آهي.
پرچي جي آخري ڪور اندر سنڌي ادب لاءِ مرڪزي
صلاحڪار بورڊ جي چيئرمن سيد ميران محمد شاهه جو
بورڊ پاران شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سالگره
ملهائڻ بابت 1 ڊسمبر 1947ع جو لکيل دعوت نامي طور
خط شايع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ لکيو ويو آهي ته
”اسان جي مرڪزي صلاحڪار بورڊ فيصلو ڪيو آهي ته
ڊسمبر مهيني جي 14 تاريخ، آرتوار ڏهاڙي، 6 بجي شام
جو، ڪراچيءَ منجهه هڪ جلسو ڪجي، جنهن ۾ شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ جو سالگره ملهايو وڃي…مناسب آهي
ته انهيءَ عظيم الشان شخصيت جي سالگره اهڙي شاندار
نموني ۾ ملهائجي ۽ان جي ذريعي سندس شعر ۽ زندگي ۽
علمي ۽ روحاني ڪارنامن کي اهڙيءَ ريت پڌرو ڪجي،
جيئن هاڻوڪا خواهه ايندڙ نسل منجهانئس فائدو وٺي
سگهن.
آءٌ اوهان صاحبن کي دعوت ٿو ڏيان ته اُنهيءَ مبارڪ
موقعي تي سالگره جي جلسي ۾ شامل ٿي هن علمي ڪم ۾
اسان جي حوصله افزائي ڪرڻ فرمائيندا.
هن سان شامل، جلد جي ٻئي پاسي، عنوانن جو تفصيل
ڏنل آهي. جيڪڏهن انهن مان ڪنهن به هڪ عنوان تي
اوهين صاحب مضمون تيار ڪري جلسي ۾ اچي پڙهندا ته
آءٌ اوهان جو بي حد شڪر گذار رهندس. ان کان سواءِ
به جيڪڏهن اوهان جي نظر ۾ ڪو اهڙو اضافو مناسب نظر
اچي، جنهن جي اختيار ڪرڻ سان زياده دلچسپي پيدا ٿي
سگهي ته ان کان به مون کي واقف ڪندا.“
شاهه عبداللطيف بابت لکڻ جي حوالي سان مٿي ذڪر ڪيل
عنوانن جو آخري ڪور تي آيل تفصيل هن ريت آهي:
1. شاهه صاحب جي زندگيءَ ۾ ڪلام تي نظر
2.شاهه صاحب-شاعر
3.شاهه صاحب- معرفت جو صاحب
4.شاهه صاحب-سالڪ
5.شاهه صاحب- عاشق صادق
6.شاهه صاصب- محب وطن
7.شاهه صاحب-علم ادب جو پارکو.
8.شاهه صاحب-هندو مسلم ايڪتا جو حامي
9.شاهه صاحب-سيلاني
10.شاهه صاحب جا شعر ۾ تمثيل ۽ ناٽڪي فن
11.شاهه صاحب جو سهيوڳي يعني همعصر
12.شاهه صاحب جي ڪلام جا سرچشما
13.شاهه صاحب جي شعر جي قدرشناسي ڌارين وٽ آخر ۾
ظاهر ڪيو ويو آهي ته جنهن به عنوان تي اوهان صاحبن
کي مضمون تيار ڪرڻو هجي، تنهن بنسبت ٻه اکر اڳواٽ
صحيح ڪندڙ ڏانهن لکي موڪليندا، انهيءَ لاءِ ته
جلسي جي پروگرام ۾ به اها خبر شايع ڪئي وڃي.
لالچند امرڏنومل
جائنٽ سيڪريٽري
”مهراڻ“
جلد 2] ڪراچي، جنوري کان جون 1948ع [نمبر 7 کان 12
ساڳئي سنڌ جي نقشي سان سجايل ڊيمي سائيز ۾ مهراڻ
جو هي آخري پرچو هو، جنهن ۾ ٽائيٽل ڪور اندران
”مضمون جي فهرست“عنوان سان وچور هن ريت ڏنل آهي:
1.شاهه ۽ سنگيت وديا |
احمد چاڳلا |
ص1 |
2.شاهه جي ورسي |
عثمان علي انصاري |
ص13 |
3. شاهه عبداللطيف جا همعصر |
لطف الله بدوي |
ص21 |
4.اشڪ حسرت (شاهه سائينءَ جي مزار تي
|
قاضي محمد بن قاسم |
ص28 |
5. شڪارپور جا شاعر |
لطف الله بدوي |
ص30 |
6.قميص (ڪهاڻي |
محمد صالح ڀٽي |
ص37 |
7. ترڪي محبوبه |
نجم الدين عباسي |
ص50 |
8.تون ايندين ڪين نه؟ |
سائينداد سولنگي |
ص58 |
9. شڪايت (شعر) |
غلام احمد بيدم |
ص67 |
10. ساوڌان! خبردار! اچيو ٿو… |
؟ |
ص68 |
11. ٻڏيءَ جا ٻيڻا (شعر) |
حافظ محمد احسن |
ص69 |
12.وطن جو شان (شعر) |
حافظ محمد احسن |
ص70 |
13.ڪين ڊڄ (شعر) |
احمد خان مصراڻي |
ص71 |
14.آس! (شعر) |
بولچند ”آشا“ |
ص71 |
15.خط |
عثمان |
ص72 |
16.تاريخ سنڌ جو نئون ورق (اورنگا بندر) |
محمد خان قيصر خان جتوئي |
ص73 |
17.مهراڻ جا موتي |
عبدالڪريم سنديلو |
ص78 |
هن پرچي جي آخري ڪور جي اندرئين پاسي ”ناظرين جي
خدمت ۾ عرض“ عنوان سان لکيو ويو آهي ته ”هي پرچو
100 صفحن جو ڪڍڻو هو، پر پريس وارن جي گهڻي قرب
ڏيکارڻ ڪري 20 صفحا گهٽ ٿا ڏجن.
اسان جي مرضي هئي ته جي مارچ جي 25 ڌاري نه، ته به
اپريل جي 10 ڌاري هن ڇهن مهينن جو گڏيل پرچو
ناظرين کي پهتو ڪريون، پر پريس وارن من ۾ ڪا ٻي
سٽي هئي!
خير، ”مهراڻ“ جو ٻيو سال هن پرچي سان ختم ٿيو
خريدار به اسان جا ڪجهه ڳاڻ ڳڻيا آهن، جيتوڻيڪ
آفرين ناما گهڻن وٽان پيا ملن! پر انهيءَ مان ڪهڙي
هوند، ڪهڙو شڪر؟
سنڌي زبان کي زندهه رکڻ لاءِ ضروري آهي ته هن
نموني جا رسالا سنڌيءَ ۾ ڇپبا رهن.
اسان جو بورڊ پنهنجي پڄنديءَ آهر اُدم ڪري پيو،
سنڌيءَ جي پيار وارن کي جڳائي ته ڏس ۾ اسان جي همت
افزائي ڪن.
چيف ايڊيٽر
ڪور جي آخري صفحي تي ”نادر“نالي ڪنهن گمنام شاعر
جو چرچي جي تشريح ۽ هندو توڙي مسلمانن لاءِ ان جي
ضرورت بابت شعر ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ هندو مسلم
اتحاد لاءِ سبق سمايل آهي.
”مهراڻ“ جي اوائلي دور جو هي آخري پرچو هو. ان کان
پوءِ سماجي ۽ سياسي حالتون بنهه خراب ٿي ويون.
آگسٽ 1947ع ۾ برصغير جي ورهاڱي ٿيڻ ڪري، سنڌ مان
وڏي لڏپلاڻ ٿي، جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ عالم،
اديب ۽ اڪابر وطن جي وڻن کي الوداع ڪري هليا ويا.
انهن الوداع ڪندڙن ۾ ”مهراڻ“ جو مئنيجنگ ايڊيٽر
لالچند امرڏنومل به شامل هو. ايڏي وڏي تعداد ۾
عالمن ۽ اديبن جي لڏپلاڻ ٿيڻ ڪري ”مهراڻ“ رسالي جو
ڪم پڻ بنهه بند ٿي ويو.
(ب) منهنجي مقالي جو ٻيو نقطو هو ته ”1949ع ۾
مهراڻ جي اشاعت لاءِ نئين ڪاميٽي جوڙي ويئي.
خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي ادارت ۾ 1950ع تائين
”مهراڻ“ جا جملي ٻه خاص پرچا لطيف سالگره نمبر
1949ع ۽ 1950ع ۾ نڪتا“(9).
مٿئين نقطي جي وضاحت طور تحقيق ڪندڙ (مرتب) لکيو
”1949ع کان 1950ع تائين ”مهراڻ“ جي ٻن پرچن واري
ڳالهه مونجهاري واري لڳي ٿي، ڇو ته جويو صاحب جڏهن
جنوري 1955ع ۾ ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر ٿيو هو ته هن
پهرئين پرچي جي گذارش، بعنوان ”مهراڻ پهريون دور ۽
هاڻي“ ۾ اهڙي ڳالهه نه ڪئي آهي، بلڪه هن واضح لکيو
آهي ته ”مهراڻ“ مارچ 1946ع ۾ جاري ٿيو ۽ 1946ع ۽
1947ع وارا ٻه سال باقاعدي شايع ٿيندو رهيو، تان
جو 1948ع ۾، جنوري کان جون تائين گڏيل پرچو نڪتو،
اهو پرچو گويا مهراڻ جي پهرين دور جي پڄاڻي ثابت
ٿيو. ۽ اڄ تائين مهراڻ نه نڪتو“ (10).
مٿي واضح ڪيو ويو آهي ته ”مهراڻ“ جنوري 1946ع کان
نڪتو. جيستائين مرتب پاران اٿاريل ٻئي اعتراض جو
سوال آهي، ان سلسلي ۾ رسالي مهراڻ جي نمبر 3 ۽ 4
سال 1965ع واري ”ڏهه ساله نمبر“ ۾ واضح طور لکيل
آهي ته ”جنوري 1948ع کان رسالي جي اشاعت ۾ ناغو
پيو. سن 1949ع ۾ رسالي جو هڪ پرچو ”لطيف سالگرهه
نمبر 1949ع“ شايع ٿيو، جنهن جو ايڊيٽر خانبهادر
محمد صديق ميمڻ هو. ان موقعي تي رسالي جي اشاعت کي
باقاعدي بنائڻ لاءِ هيٺين ڪاميٽي مقرر ڪئي ويئي:
1 شمس العلماء ڊاڪٽر يو. ايم. دائود پوٽو صاحب
چيئرمن
2. جناب آغا تاج محمد
صاحب ميمبر
3. خانبهادر محمد صديق ميمڻ
صاحب ايڊيٽر
سال 1950ع ۾ رسالي جو وري به فقط هڪ پرچو ”لطيف
سالگره نمبر 1950ع“ شايع ٿيو، جنهن جو ايڊيٽر
خانبهادر محمد صديق ميمڻ هو. (11).
افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته ڪافي ڪوشش کان پوءِ به
مون کي مٿي ذڪر ڪيل سالگرهه نمبر 1949ع ۽ 1950ع
وارن ٻن پرچن منجهان رڳو 1949ع وارو هڪ پرچو ملي
سگهيو آهي، ان جو وچور هتي پيش ڪجي ٿو.
مهراڻ
لطيف سالگره نمبر 1949ع
ايڊيٽر: خانبهادر محمد صديق ميمڻ
پرچي ۾ آيل مواد جو وچور
-سنڌي مرڪزي بورڊ ۽ اُن جون ڪوششون ص1
هي مضمون، جنهن کي ايڊيٽر پاران لکيل ايڊيٽوريل
چئي سگهجي ٿو، اُن ۾ بورڊ جي وجود ۾ اچڻ جي مختصر
تاريخ، بورڊ پاران سنڌي لغت لاءِ ڪيل ڪوشش، قديم
ڪتاب شايع ڪرڻ ۽ نوان ڪتاب لکرائڻ بابت انعام ڏيڻ
کان سواءِ، سنڌ سرڪار پاران سنڌي اديبن کي همٿائڻ
لاءِ مختلف ڪتابن تي هر سال ڏني ويندڙ هڪ هزار
روپين واري رقم لاءِ، منظور ٿيل 23 ڪتابن جو ذڪر
ڪيو ويو آهي. ان بعد آخر ۾ ”مهراڻ“ لاءِ لکيو ويو
”اسان جو مهراڻ رسالو، جنهن جي اشاعت ۾ قدري ناغو
پئجي ويو آهي، سو وري جاري ڪيو ويو آهي. ”مهراڻ“
کي وري زندهه رکڻ لاءِ نئين ڪاميٽي مقرر ٿي آهي،
جنهن جو چيئرمن شمس العماء ڊاڪٽر دائود پوٽو آهي ۽
ايڊيٽر حاجي محمد صديق ميمڻ آهي. خانصاحب تاج محمد
پٺاڻ به اُنهيءَ ڪاميٽي تي ميمبر آهي. هي مهراڻ
نمبر شاهه ڀٽائي عليہ الرحمة جي سالگره سان تعلق
رکي ٿو ۽ منجهس اُهي تقريرون درج ڪيون ويون آهن،
جي اُنهيءَ موقعي لاءِ لکيون ويون هيون.“
-سرمائي |
عثمان علي انصاري |
ص 5 |
-شاهه جو سر آبڙي |
محمد بخش واصف |
ص9 |
-شاهه ۽ قرآن (سهڻي) |
آغا تاج محمد |
ص13 |
-ڪيڏاري جا ڪامل |
حاجي شاهنواز پيرزادو |
ص21 |
-لطيف باغ جو سير (مسدس) |
رشيد احمد لاشاري |
ص25 |
-سرسارنگ |
ڊاڪٽر دائود پوٽو |
ص29 |
-زندگيءَ جو راز |
عمر عبدالرحمان |
ص31 |
هي رسالو ڊبل ڪرائون جي 32 صفحن تي مشتمل آهي،
جنهن جي ٽائيٽل تي سائين ميران محمد شاهه چيئرمن
سنڌي ادبي مرڪزي صلاحڪار ڪاميٽي لطيف سالگرهه
ڪميٽيءَ جو ٻن ڪارڪنن سان گروپ فوٽو ڏنل آهي. پرچي
۾ اندر چار ناياب فوٽو ڏنل آهن، جن ۾ آغا تاج
محمد، ڊاڪٽر دائود پوٽي، پير علي محمد راشدي ۽
عثمان علي انصاري صاحب جن کي لطيف ڪانفرنس ۾ مضمون
پڙهندي ڏيکاريو ويو آهي.
مهراڻ رساکي 1984ع جو پهريون پرچو ”فهرست نمبر“
طور شايع ٿيو، جنهن جو مواد 1955ع جي پهرئين پرچي
کان شروع ٿئي ٿو. ان کان اڳ وارن ”مهراڻ“ جي پرچن
۾ آيل مواد بابت معلومات اُن ۾ آيل ڪونهي. انڪري
اسان هتي اُنهن پرچن ۾ آيل معلومات مفصل طور اهڙي
ريت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن ايندڙ وقت جي
پڙهندڙن کي اهو مواد حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿي سگهي.
حوالا
(1) آزاد قاضي: ”محمد ابراهيم جويو ۽ مهراڻ
رسالو“، ڪتاب: ”سٻاجهو ساڃهوند محمد ابراهيم
جويو“. ترتيب ۽ تحقيق تاج جويو، ڇاپو پهريون
حيدرآباد، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم 2003ع، ص 512
(2) ايضاً، ص 513
(3)ايضاً، ص 512
(4) دائود پوٽو، عمر بن محمد، ڊاڪٽر. ”ادبي سنگت
مهراڻ جنوري 1946ع-اهو ساڳيو ليک بعد ۾ مهراڻ 3-4،
سال 1958ع ۽ پوءِ مهراڻ ”ڏهه ساله نمبر“ 1965ع
وارن پرچن ۾ به شايع ٿيو.
(5) ايضاً، ص3
(6)ايضاً، ص 4
(7)سيد، اسدالله شاهه حسيني، ”سنڌي ادبي بورڊ جي
ڪارڪردگيءَ جي رپورٽ“، سنڌي ادبي بورڊ 1968ع، ص12
(8)ـ ايضاً.
(9)آزاد قاضي، ”محمد ابراهيم جويو ۽ مهراڻ رسالو“
. ايضاً، 513
(10) ايضاً.
(11) سيد، اسد الله شاهه حسيني. ”سنڌي ادبي بورڊ
جي ڪارڪردگيءَ جي رپورٽ“، سنڌي ادبي بورد 1968ع، ص
13.
|