سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (3)

 

صفحو :9

شبير ”هاتف“

 

 

دوستن جا آسرا  ڇا جي ڪري،

ڏينهن ۾ ٻاريون ڏِيا ڇا جي ڪري!

 

هڪ طرف بس ٻاهتر، ٻئي پاسي لَک،

نقطو هي سمجهو نه ٿا ڇا جي ڪري!

 

جبهء و دستار وارن کان پڇو،

ڪربلا وارا ڪُٺا ڇا جي ڪري!

 

تون ته هر ڪنهن سان مـِٺو آهين مـِٺا،

ٻول هي مون سان ڪڙا ڇا جي ڪري!

 

سنگدل کي ميڻ ٿيڻو ئي نه هو،

لڙڪ تو ضايع ڪيا ڇا جي ڪري!

 

پهرين تيرن جون وسائي بارشون،

پوءِ زخمن تي پها ڇا جي ڪري!

 

مون کي اهڙي حال ۾ آڻڻ کان پوءِ،

تو دعا لئي ٻُڪ کنيا ڇا جي ڪري!

 

آءٌ هڪڙوئي ته پاپي ڪونه هوس،

منهنجي گهر آئي قضا ڇا جي ڪري!

 

هـِن مريض عشق تي ڪلمون پڙهو،

لادوا جي لئه دوا ڇا جي ڪري!

 

ساٿ سرواڻن کان ڪنهن پڇيو به آهه؟

روهه ۾ رولي ويا ڇا جي ڪري!

 

وڃ وڃي آقا جي اڳيان جهول جهل،

پيو جهلين در در ڌڪا ڇا  جي ڪري!

 

هتي ته ’هاتف‘ آهه بي قدرن جو شهر،

ڳڻ اسان جا ڳائبا ڇا جي ڪري!

 

 

غزل

 

 

دل تي ۽ شوقِ دل تي جڏهن اختيار هو،

هر شوخ هر حسين سان پنهنجو پيار هو.

 

ٻيڙيءَ جي وچ ۾ ڏار هو، دريا به تار هو،

سائينءَ کي سڏ ڪيائين ته پل منجهه پار هو.

مارينِ اڄ ٿيون هن جون هي شوخيون شرارتون،

جو ڪالهه تائين منهنجي هٿن جو ته ٻار هو.

 

چهرو بشاش، مرڪ لبن تي، اکين ۾ پيار،

ڪيڏو نه اُن گهڙيءَ جو مون کي انتظار هو!

 

هيءَ سپردگي، هي سراپا طلب، هي شوق،

ڪيڏو نه اُن گهڙيءَ جو مون کي انتظار هو!

 

خوشيون ته بي ثباب هيون تنهنجي پيار جئن،

تو کان جوغم مليو سو بنهه پائدار هو.

 

هي حالِ زار اُن ئي سڄڻ جي طفيل آهه،

منهنجي تصورات ۾ جو غمگسار هو.

 

پنهنجي تعلقات کي مخفي رکان ته ڪيئن،

هر چاڪ جو چڪڻ به ته خود اشتهار هو.

 

مون اُف ڪئي نه آهه، نه ڪاوڙ، نه دانهن ڪوڪ،

قاتل الاءِ ڪهڙي سبب اشڪبار هو!

 

وعدو وفا ڪڏهن به نه ڪَئين اُن جي باوجود،

مون کي سندس وفا تي سدا اعتبار هو.

 

جيسين نه تنهنجي پيار جا ٽڙيا مٿس گلاب،

’هاتف‘ ته تيسين هڪ شجرِ خاردار هو.

 

سرويچ سجاولي

 

هـيئين هـِرڪڻي مان ته اَڙجي پيس مان،

تڏهن وِکَ وِکَ تي وڪڙجي پيس مان.

ڪڏهن قَدَ سُوڌي، ڪڏهن سينڌ سنئين تي،

ڪڏهن زلف ڪُنڍي ۾ ڪَڙجي پيس مان.

ڪڏهن ڪن لبن آ، وڌو مَنُ موهي،

ڪڏهن گُهور گهوريءَ ۾ گـَهڙجي پيس مان.

ڪڏهن ڪنهن تراشيل ۽ گهڙيل ڳچيءَ کي،

پري کان ئي پَسندي پَڪڙجي پيس مان.

ڪڏهن ڪنهن بلوري بدن بخمليءَ جي،

جڙا جوڙجڪ ۾ جَڪڙجي پيس مان.

اِئين حسن جي هر حصي تي هميشہ،

اي ’سرويچ‘! نيازئون نـِوڙجي پيس مان.

 

 

گيتن ۾ هاڻ گُهرجن گفتا نوان نوان،

جوتون نيون نيون ۽ جذبا نوان نوان.

 

رهبر ڏسيو اسان کي، منزل تي پهچ لئه،

راهون نيون نيون ۽ رستا نوان نوان.

 

هـِن دور نـِت نئين ۾، ڌرتي گهري پئي،

ٻاگهيون نيون نيون ۽ دودا نوان نوان.

 

لوهار يار ٺاهيو، لاهن ڪڍڻ جي لئه،

چونيون نيون نيون ۽ گهوٻا نوان نوان.

 

’سرويچ‘ شال ڄاپن، سانگين جي سيم ۾،

سوڍيون نيون نيون ۽ سوڍا نوان نوان.

 

 

عنايت بلوچ

 

جيءَ ۾ جايون مٺا جوڙي ڇڏيئه،

دل ۾ خيما خيرَ سان کوڙي ڇڏيئه.

روشنيءَ ۾ ويو انڌارو ڇائنجي،

وارَ مُکَ تي ڇو پرين ڇوڙي ڇڏيئه.

پيار جي منزل تي پهچڻ کان اڳي،

واسطا، ناتا سڀئي ٽوڙي ڇڏيئه.

توڙ پهچڻ جون اُميدون آسرا،

سي ڪناري کان اڳي ٻوڙي ڇڏيئه.

پاڻ کي هلڻو هيو اڳتي اڃا،

پيار جا پَر پيچرا موڙي ڇڏيئه.

 

 

هي شيءِ وئي ته سونهن ۽ صورت ڪٿان اچي،

عظمت ڪٿان اچي ته فضيلت ڪٿان اچي.

 

جـِت ڪوڙ ۽ فريب سگهارا سدا هجن،

اهڙي سمي اچي ته حقيقت ڪٿان اچي.

 

ٻهروپ جو به روپ، اڃا ڀي ڪو ٻيو هجي،

اهڙي منافقت ۾ محبت ڪٿان اچي.

 

جيَون جا لاڏَ ڪوڏَ ويا، رونقون ويون،

مُرده دليءَ ۾ درد جي لذت ڪٿان اچي.

 

ياري نه دوستي، نه وري دلبري رهي،

دل جو سُرور، روح جي راحت ڪٿان اچي.

 

دولت جي موهه، درد جي دولت ڦُري ڇڏي،

ويراڳ، سوز، شام جي وحشت ڪٿان اچي.

 

مجلس جا مورَ، حال وَنڊيندڙ هليا ويا،

بي رنگ محفلن ۾ ’عنايت‘ ڪٿان اچي.

 

نصير مرزا

هيرو“- ”هري“- ”نند“ (ٽيڙو)

 

هيرو، هَري، نَند

جنءَ جو پُهتا سنڌ ۾،

سُڳنڌ ئي سُڳنڌ!

 

هيرو، هَري، نَند

ڀٽائيءَ جي ڀُونءِ تي،

پُهتا ڪري پنڌ.

 

جنءَ جو ڏٺم نَند

ٺَري پيون نـِمُ ڇانوَ جنءَ

اکيون آسَروَند.

 

هيرو، هَري، نَند،

جنءَ جو ڏٺم سنڌ ۾

ياد پيم ”گوبند“.

 

هَري موٽواڻي،

رَلجي جنهن سان آئـِيو،

سنڌوءَ ۾ پاڻي.


 

هـِي هيرو ٺَڪُر،

مـِٽي حيدرآباد جي

دهلي ۾ ٿَس گهر.

 

ڪيڏي سُندر شام،

هيري، هَري، نَند کي

سڀني جو پرڻام!

 

[20-جون 2005ع تي سنڌالاجيءَ ۾، وڇڙيل ڀائرن سان ملڻ جي موقعي تي پڙهيل].

 

ادل سومرو

 

ٻوليءَ تي ٻاجهه!

ٻوليءَ تي ٻاجهَه ڪر تُون،

سمجهي اِها پرولي،

پنهنجن ئي آهي رولي.

ڀـِٽ جي ڪُنڀار ٺاهي،

جيڪا هئي گهڙولي،

پنهنجن ئي آهي رولي.

لولي جيان کسي ويا،

ٻارن کان ڪانگ ٻولي،

پنهنجن ئي آهي رولي.

لُڙڪن ۾ وئي ڀـِڄي آ،

ٻُڍڙيءَ جي خالي جهولي،

پنهنجن ئي آهي رولي.

ٻاگُهلَ جي ٻارڙن کي،

ڏيندي نه ڪابه لولي،

پنهنجن ئي آهي رولي.

 

اياز گل

 

غزل

 

پيارَ بنان هي شاعرَ سارا ڪيئن ڪندا!

بند ڳليءَ ڏي ويندڙ چارا ڪيئن ڪندا!

چهرو ڪوئي، ديپَ، اشارا ڪجهه ڪونهي،

عمر سڄي هي خالي جارا ڪيئن ڪندا؟

مون ڀي دَرَ جي بند رکيا پنهنجيءَ دِل جا،

سوچيان ٿو هي درد ويچارا ڪيئن ڪندا!

جهڙو تهڙو وقت سڀن جو گُذري ٿو،

وڇـِڙيل ماڻهو سوچ، گذارا ڪيئن ڪندا!

سـِيرَ ۾ ساهه ڏنو جن، تن جو ڀاڳن تي،

جن کي ٻوڙن پاڻ ڪنارا، ڪيئن ڪندا!

سکڻا لفظ سفر ۾ ساڻ کڻي نڪتين،

ناوَ بنان آخر وڻجارا، ڪيئن ڪندا!

تون جو سمنڊ جيان کارو ٿي ويو آهين،

جذبا پنهنجا پوءِ اُڃارا ڪيئن ڪندا!

تُنهنجيءَ دِل ۾ فرق نه ڪوئي شالَ اچي،

ماڻهو ڌار اَسان کي پيارا، ڪيئن ڪندا!


 

مير عبدالرسول ”مير“

 

سکَ به توسان سنڌڙي…! (بيت)

 

سُکَ به توسان سنڌڙي، دُکَ به توسان ديس!

ڪڏهن ڪارا ڪپڙا، ڪڏهن لال لَبيس،

سي ئي ويڙهيم ويسَ، جيڪي تنهنجي جُوءِ جا.

 

اَڄوڪا انسانَ، تارا ڪَتيون ٻاٽ ۾،

سوچن جا سامانَ، اُماڻين ٿا اُڀَ مان.

 

ڪُڇندو ڪارونجهر، اُڄ سڀاڻي اوچتو،

آرڻ جي آڙاهه ۾، ڪُڇي کڻندو ڪَرُ،

ڪمائي ڪونڌر، ويڙهي ايندو ويڙهه ۾.

 

اَچي ٿو آواز، اڪثر اَسر ويل جو،

آهي انهيءَ واٽ ۾، راوت! ڪو جو راز،

سمجهان پيو سازُ، وَڄڻو آهي ويڙهه جو.

 

جُڙي پئي جُوءِ، ماڻهن مليو ماڻهپو،

راوت! تنهنجي رُوءِ، پَسي جيون جرڪـِيا.

 

نـِسورو نادانُ، درد نه جنهن کي ديسَ جو،

”مير“ اُهو انسانُ، آهي مون لئه اوپرو.

اڄوڪو انسانُ، آلي ڪاٺي آڳ ۾،

ڪندو مچُ مهانُ، دُکي دُکي دير سان.

 

اڄوڪو انسانُ، ڄڻ ڪا سانت سمونڊ جي،

تيزيءَ سان طوفانُ، ايندو اُن ۾ اوچتو.

سڄڻ منهنجا ساهه، ڀلي آئين ڀونءِ تي،

تون ئي اوکيءَ آسرو، تون ئي وِلهيءَ واهه،

ويهه اَچي تون ويجهڙو، هيڻيءَ جا همراهه،

آندءِ ”مير“ الله، سڀ سَڻايون ڀانئـِيان.

 

ڏجئين حال حبيب کي، هيڻي سندو هــِيرَ،

ته توريءَ منهنجا ”مير!“ سڏڪا منهنجي ساهه ۾.

 

مڙئي مهڪارون، ساجن تنهنجي سونهن ۾،

عطر اوتي ڇا ڪندين، سهڻا سائين تون،

موهي پئي مون، سڄڻ! تنهنجي سادگي.

 

پاڻ وهيڻا وَلها، ويجهو اَچي ويهه،

ماندو تولئه ”مير“ جان، ڏٺم سارو ڏيهه،

ساري ٿو ساڻيهه، توکي سٻاجها سپرين.

 

اڃا ڪنهن جي ڪاڻ، ڦٿڪين روز فراق ۾،

مُٺي ڪرتون ”مير“ سان، روئي روح رهاڻ،

دلڙي ڪنهن جي درد ۾، ڇُلين ٿي ڇاڪاڻ،

ڪو به نه ايندو هاڻ، دردوندن جي ديس ۾!

سوا تنهنجي سُپرين، کوءِ جياپي کَنَ،

توريءَ منهنجا مَنَ! سُڏڪا منهنجي ساهه ۾.

 

هُرکُر هيڪاندي هينئين، ڪونهي سُک سريرَ،

توريءَ منهنجا ”مير“ سُڏڪا منهنجي ساهه ۾.

 

اکيون مينگهه ملهارَ، جهُڙ ڦُڙ ساري جيءَ ۾،

ڪَڪَر وَسن قلب ۾، ڪريو ڪارونڀارَ،

توريءَ منهنجا يارَ، سڏڪا منهنجي ساهه ۾.

 

پري توکان اوپرين! هينئڙي اندر هورَ،

اَچي سور سَرير ۾، پلپل وڌا پور،

توريءَ منهنجا مورَ، سُڏڪا منهنجي ساهه ۾.

 

ڪهڙي پار هَليو وئين، ڪري مون سان قولَ،

توريءَ منهنجا ڍَولَ، سُڏڪا منهنجي ساهه ۾.

 

سؤلي ڪا سَمجهَڻُ، ٻولي ناهي نينهن جي،

سمجهي ”مير“ سڄڻُ، ڏکي ساري ڏيهَه لئه.

 


 

اسحاق سميجو

 

چال پهاڙي نئن جهڙي، ڳالهاءُ پهاڙي راڳ،

هوءَ اسان سان شام گذاري، ڪٿي آ اهڙو ڀاڳ!

ڏورُ وڃن ٿا رستا جيسين، جيسين نيڻ نهارَ،

ٿڪڻو ناهي جيءُ، نه کُٽڻي آهي ڳولا، پيارَ!

پيار ڪري ڏک پاتم ميران! پو به چوان ٿو آنءُ،

لوڪو! جنهن به نه پيار ڪيو سو ڪوڙو، ڪانئر، ڪانءُ!

پيار ڪري ڏک پائڻ جهڙي، ميران! ڪا به نه ريت،

هيءَ ته اهڙي هار آ، جهڙي جڳ ۾ ڪابه نه جيت!

 

سمجهي ڳالهه سنياسي وو،

عشق رڳو ابناسي وو!

 

يا ته تصوف گهاڻي ۾،

يا ته چڙهي ويو ڦاسي وو.

 

ڪڏهن ايندين منهنجا چنڊ!

آهي رات اُماسي وو.

 

ويندي ويندي ڏئي ويندو،

هڪ رنگين اُداسي وو.

 

نينهن نرالي خوشبو، جنهن،

نگري نگري واسي وو.

 

جنهن در هُن جا پير چُميا،

دل تنهن در جي داسي وو.

 

 

دوها ۽ غزل

 

 

پويان غَم جو چيتو هو،

وارياسو هو پَٽُ اڳيان

رُوح اُڃايل صدين جا،

خالي پيو هو مَٽُ اڳيان.

 

دل ۾ دهشت ’دودي‘ جي،

ڳائيندڙ هو ڀَٽُ اڳيان.

 

لشڪر آهي ڳڻتين جو،

ڪوئي گهيڙ نه گهٽُ اڳيان.

هانءُ سنڀالي هل ’اسحاق‘،

لڳڻو آهي جهَٽُ اڳيان.

 

ٿڪا ها نيڻ ڳولي هنڌ سارا،

ملي ويو، ٿيا سجايا پنڌ سارا.

الائي نُور هو يا هُو بشر هو،

هٽائي ويو اکين جا اَنڌ سارا.

وري هي ڪير باغيچي مان گذريو،

ڏسن ٿا گل ورائي ڪنڌ سارا.

بدن جو فلسفو ڪُل ايترو آ،

ٻَرن ٿا واسنا سان سَنڌ سارا.

محبت سان نئون ٿيو عهدنامو،

وسارياسين اڳيان سوڳنڌ سارا.

جڏهن ۽ جنهن به ويڙهي ۾ لنگهي ويو،

گلابن جئن ٽڙيا آڳنڌ سارا.


 

طارق عالم

دريءَ ۾ ڇا ته هو سُهڻو نظارو،

لٿو واديءَ ۾ پئي گمنام چارو.

ٻَکن ۾ هئي محبت جي تمنا،

هيو حيران جنهن تي پاڻ پارو.

مصّور جي تصّور کان حسين هو،

بڻيو جو ڳوٺ لئه ڪَلهه تائين ڪارو.

ڏٺي هڏڪي پهاڙن جي پٺيان سج،

ويو تَر ٿي اُفق سان ڏيک سارو.

ڀُلي ويو راهه ويندي راهه پنهنجي،

بڻيس نگران هڪڙو ننڍڙو تارو.

ڦُٽو چشمو لَٽيل درياءُ ڀر ۾،

شهر اُٿلي پيو سارو اُڃارو.

ڪٿي کُٽي ٿي وڃي رات، ڪا خبر ناهي،

ڪٿي کُٽي ٿي وڃي بات، ڪا خبر ناهي.

هئس هو ساڻُ، چيئين سچُ، ٿي ويو تنها،

هي جيت ڪنهن جي هئي مات، ڪا خبر ناهي.

دِلين جا قافلا ڪهڙي سفر ۾ لُٽجي ويا،

برهه ڪٿي هنئي آ گهات، ڪا خبر ناهي.

چئي ويو هو اچڻ جو، وري نه سو موٽيو،

اُنهيءَ کي ڳولي ٿي پرڀات، ڪا خبر ناهي.

اسين فقير، مسافر، محبتن جا سفير،

پڇو ٿا ڪهڙي اٿئون ذات، ڪا خبر ناهي.

جدا ٿيڻ کان اڳي روئي ڪجهه کلي ته وٺون،

ڪڏهن ٿئي ٻي ملاقات، ڪا خبر ناهي.

مَري سَڙي ويا جهنگل، سُڪي ويو درياءُ،

ڪـِٿان اچي ٿي پکين لات، ڪا خبر ناهي.

جَلي پئي ٿي ’رِدا‘ ۽ (ٺري پئي اخبار…!!؟)

وسي ٿي باهه يا برسات، ڪا خبر ناهي!

 

يادن ۾ اُڀري رهگذر،

پوپٽ، هوا، خوشبو، سحر،

ڪو خواب آ، هيءَ زندگي،

ٽهڪن پٺيان ڳوڙهن جو گهر.

ڀاڪر چميون، ڳالهيون مـِٺيون،

ٿو صبح ٿئي ڪر مختصر.

سُستيءَ ۾ رهجي ٿو وڃي،

هرگز نه ڪوڙو آ مگر.

اُن لاءِ روئي هيل ٿو،

جيڪو مُئو، هن لاءِ پر.

ڳالهيون ڪريو، يارو صفا،

ڇا جي اگر، ڇا جي مگر؟

چونڊيو اٿئي رستو سـِڌو،

لڙڪن کي پيءُ، دردن کي چَر.

ڇو ٿو رُلين لفظن پٺيان،

ڪنهن لاءِ ٿين ٿو دربدر!

 

سمورا سُوال رهجي ويا هوا ۾،

فقط احوالَ رهجي ويا هوا ۾.

هَرڻ گُم ٿي ويو آ جهنگلن ۾،

۽ پٺيان ڇال رهجي ويا هوا ۾،

اکين ۾ ڳوٺ جاڳيل ڳالهين جا،

اڌورا حالَ رهجي ويا هوا ۾.

ڪيو آڌر هئو ’نئين سال‘ جو هُنَ،

مگر سڀ سالَ رهجي ويا هوا ۾.

سُريلا ويا لڏي سنگيت ميڙي،

وساريل ’تالَ‘ رهجي ويا هوا ۾.

هوا ميڙي وئي جو نيڻ هُن جا،

ٻُڙيون ۽ خالَ رهجي ويا هوا ۾.

 

مقصود گل

چنڊ ۽ نينگر

جيجان! هُو جو چنڊ ٻري ٿو،

 اُڀ تي ويهي راڄ ڪري ٿو،

 ڪڏهين ننڍڙو، ڪڏهين گولو،

 ڪڏهين سينڱ ته ڪڏهين لولو،

 چوڏهينءَ تي چمڪار ڪري ٿو،

 کجڪي چنڊ، کنجڪار ڪري ٿو،

 اُن جي سيني ۾ هُو جيڪو،

 داغ ٻري ٿو،

 ڏک جي ڄڻ ڪا ڳالهه ڪري ٿو،

 اُن جي ڏک جي درد-ڪهاڻي

 مون کي ڏَس او ماءُ سياڻي.

ڌيئڙي! هُو جو چنڊ ڏسين ٿي،

 ٻَرندو. کـِلندو روز پَسين ٿي،

 سوڀي هڪ سنسار رکي ٿو،

 ڌرتيءَ وارن ۽ ڌرتيءَ سان،

 پنهنجي دل ۾ پيار رکي ٿو

، ڌرتيءَ تي بم روز سن ٿا،

 بي ڏوهي انسان مرن ٿا،

 ظالم ۽ زوراور ماڻهو،

 مجبورن کي روز ڪُهن ٿا.

 رت سان ڌرتي ڳاڙهي ڪن ٿا.

 چند اُهي انياءَ ڏسي ٿو،

 مظلومن جا گهاءَ ڏسي ٿو،

 ڪين ڪُڇي ٿو،

 ڪين پُڇي ٿو،

 اندر ۾ پر، روز لُڇي ٿو،

 چنڊ اندر ۾ دردَ سنڀاري،

 ڌرتيءَ ڏي ٿو روز نهاري.

 حيرت مان ٿو،

 هنجون هاري.

 سيني ۾ سڀ سورَ سمائي،

 ڌرتيءَ وارن،

 ۽ ڌرتيءَ جا،

 دُکڙا سارا داغ بڻائي،

 زخمن جا گل، باغ بڻائي،

 دل ۾ چنڊ سَجايا آهن،

 دل ۾ درد لـِڪايا آهن.

چنڊ جي ٻُڌندي درد—ڪهاڻي.

نينگر جي ننڍڙين اکڙين ۾

ڀرجي آيو ڪؤڙو پاڻي.

ننڍڙي نياڻي، سُڏڪي پيئي،

روئي، ماءُ سان چنبڙي ويئي!

روئي، ماءُ سان چنبڙي ويئي!

 

مختار گهمرو

غزل

 

توبن منهنجي اکين ۾ آلاڻ رهي ٿي،

منهنجي دل ديواني تنهنجي ڪاڻ رهي ٿي.

 

مان ريشم جي سُٽ سان ڪهڙي ڀيٽ ڪيان ها.

تنهنجي منهنجي پُڙ ۾ ڪيڏي ڪاڻ رهي ٿي.

 

ديد ملائي، پيگ پياريئه، نينهن نشا ٿيا،

نيڻ خماري اکڙين ۾ لالاڻِ رهي ٿي.

 

تنهنجي ڀاڪر پاتي کان پو ڀونر ڀُليا،

ڪيڏي منهنجي ڪپڙن ۾ سرهاڻ رهي ٿي.

 

دل البم آ، روپ هزارين روز ڏسان ٿو،

تنهنجي تصويرن ۾ پو به نواڻ رهي ٿي.

 

توريءَ ساري جڳ ۾ منهنجي اک نه ٻُڏي ٿي،

ڪاڻ به تنهنجي ڪاڻ سدائين ڪاڻ رهي ٿي.

 

نفرت جي اوندهه جڳ تي پَر پکيڙيا پر،

مون وٽ تنهنجي چاهت جي چانڊاڻ رهي ٿي.

 

تنهنجو درشن ڏيندو آ ’مختار‘ مزو جو،

برکا برسي، ٿر تي ڄڻ ته ٿڌاڻ رهي ٿي.

 

راشد مورائي

 

عشق اٿم استاد!                     [ڪافيون]

 

عشق عقل جو ٿيو اتحاد،

منهنجي دل ۾ گڏجي رهندا.

ٿي تبديل آ جنگ امن ۾، مندر مسجد منهنجي من ۾،

 وير ۽ ڪينو مرده باد، هندو مسلم ٺاهه ۾ ٺهندا.

عشق عقل سان علم به آيو، ٿي پيو منهنجو ڀاڳ سوايو،

قرب محبت زنده باد، هڪٻئي کان سڀ عزت لهندا.

عشق سان مون دنيا کي ڄاتو، علم سان پنهنجو پاڻ سڃاتو.

’راشد‘ عشق اٿم استاد، ڊوهه دنيا جا سڀئي ڊهندا.

 

سُڻ وي ساهڙ ڄام، سهڻي تنهنجي آ سامَ،

ڪوڙا قول نه ٿيندا، سچا عشق انجامَ!

 

پيئي ٻڏان ته به سڏيان توکي، ڇڏيان ڪيئن مان،

ڀيلو ڀُري پيو جهري، وڃان تري جيئن مان-

ڀڄي ڀاڻ پُڄان هاڻ، تنهنجي ڪاڻ هيئن مان،

واپس ڪيئن وران ها، هڻي نڪتيس هامَ!

 

تنهنجي تات برهه بات، آڌيءَ رات اُٿاريو،

آ ميهار تـِکي تار، لهي سارَ، سنڀاريو،

سُڻي سوال هي حوال، اچي حال سُڌاريو-

ڪيو قابو ڪُن ۾ دُهري تنهنجي دامَ!

 

’راشد‘ يار هيءَ ٻاڪار، پُڳي پار سڄڻ کي،

ٽٽا دم، لٿا غم ويا وهم وڃڻ کي،

ٿيئي ساڻي ميهر هاڻي، ڀلي ماڻي مرڻ کي،

ٻُڏي سندا ٻيڻا، ڪيا عشق امامَ!

 

جاويد ”سوز“ هالائي

لفظ جي گُل سان!                      (غزل)

جدائـِين جون هوائون مڱر ڪري وينديون،

محبتن کي صفا بي ثمر ڪري وينديون.

اوهان جي لاءِ اگر باهه جو سفر آيو،

اکيون اسان جون اهوڀي سفر ڪري وينديون.

دماغ دل جون رکو کڙڪـِيون سدا کُليون،

وگرنه سازشون سنسان گهر ڪري وينديون.

هلو نه اِيئن گلين ۾ کڻي گلابي اکيون،

تمام شهر صفا دربدر ڪري وينديون.

اسان جي دل ۾ جي ’جاويد‘ روشني نه لٿي،

سـِياهــِيون ته سڄي عمر گهر ڪري وينديون!

 

 

پنهنجي دل ساڻ دشمني نه ڪري،

هاڻ ڪنهن سان ڪو دوستي نه ڪري.

پنهنجو چهرو به هُو ڏسي نه سگهي،

هُن کي چئه ايڏي روشني نه ڪري.

هٿ ڳلي ڏي کڄي وڃن سڀ جا،

ايتري ڪوبه سادگي نه ڪري.

آ هو سـِر ڦـِري، اُڏائيندي،

ڪو هوا سان به دلبري نه ڪري!

 

بيدل مسرور

هاءِ سيارا تنهنجو پارو!

موٽي آيو آ سيارو

هاءِ سيارو تنهنجو پارو

هاءِ پارو، هاءِ پارو!

 

غريب غربا چوندا هيڪر

جلدي هيل ويو اونهارو

هاءِ سيارا تنهنجو پارو.

 

بنگلن ۾ بس هيٽر ٻرندا

سمهندو هرڪو سوڙين سارو

هاءِ سيارا تنهنجو پارو.

 

مچ جي چوڌر ميڙا مچندا

ڏور ڳجهارت ڀت تي مارو

هاءِ سيارا تنهنجو پارو.

 

امير افسر جي دفتر ۾

ٻرندو هيٽر ولايت وارو

هاءِ سيارا تنهنجو پارو.

 

خالي بس جو ڪلينر ڪوڪي

چوندو ويندو ”هل ڪامارو“

هاءِ سيارا تنهنجو پارو.

 

شهر سڄوئي سمهندو جلدي

ڄڻ ته هڻي ڪو لابارو

هاءِ سيارا تنهنجو پارو.

 

عاشق ملندو محب مـِٺي سان

پر ٿيندو جهٽ ۾ ڪاري ڪارو

هاءِ سيارا تنهنجو پارو.

 

اسٽوڊيو جي در تي ويٺل

شاعر آ ڪو ڪيسٽ وارو

 هاءِ سيارا تنهنجو پارو.

 

ڳائڻ وارا سوين هزارين

ڪوئي ڪوئي سُرمَت وارو

هاءِ سيارا تنهنجو پارو.

 

ڪُڪڙ چوزا چُڳن پڌر ۾

سرڻيون ڏِين ٿيون لامارو

هاءِ سيارا تنهنجو پارو.

 

 دهشت جو اڄ راڄ هلي ٿو

جن کي ڪونهي جهلڻ وارو

هاءِ سيارا تنهنجو پارو.

 

ڪتاب سجائي المارين ۾

سڀڪو سڏائي علم وارو

هاءِ سيارا تنهنجو پارو.

 

سنسان سنڌ جي رستن تي

ڪهڙو ڳولهين ٿو دل وارو

هاءِ سيارا تنهنجو پارو.

 

هر انساني بستيءَ تي

گولين جو آهي وسڪارو

هاءِ سيارا تنهنجو پارو.

 

ڪنهن چيو پئي ڌارئي دوست

”ڀاڳي“ ڳائي ٿي موچارو

هاءِ سيارا تنهنجو پارو.

 

سنگت ۾ اڄ ڏاڍو ٿي پيو

ڪوڙ ڪپت ۽ دلبو مارو

هاءِ سيارا تنهنجو پارو.

 

لوهر وانگر سون ڪُٽي ٿو

ماڊرن ماڊرن هي سونارو

هاءِ سيارا تنهنجو پارو.

 

سچ جو ساٿ ڏيڻ ڏکيو آ

ڪوڙا اڄوڪو آهه سگهارو

هاءِ سيارا تنهنجو پارو.

 

راتيو جاڳي شعر لکي ٿو

ڏينهن جو ماڻهن تي ڦٽڪارو

هاءِ سيارا تنهنجو پارو.

 

 

سائين ڀـِٽَ ڌڻي!

(وائي)

 

تو در آيو آهيان

هڪڙي صدا کڻي،

سائين، ڀـِٽَ ڌڻي!

 

اُسريا اُڀريا اوپرا،

ڪيهر ڪَرَ کڻي،

سائين، ڀـِٽَ ڌڻي!

 

اڄ هـِت ويڙهيچن سان،

ٿي آ جاڙ گهڻي،

سائين، ڀـِٽَ ڌڻي!

 

مارو مهاڻا ٿيا ۽

ڌاريا تَرَ ڌڻي،

سائين ڀـِٽَ ڌڻي!

 

 

ڪرم ٽالپر

قيدي

نه جا هرگز اگهامي آه سا مان بي اثر آهيان،

رڳو ناڪام حسرت جو ڊٺل هڪڙو شهر آهيان،

نه جنهن جي آهه ڪا منزل، اُهو سکڻو سفر آهيان،

بهارن جي نه جنهن کي آس، مان اهڙو شجر آهيان،

ڇڏي آيس ڇڄي آيس، پٺيان پنهنجي ولر آهيان،

ٿئي ٿو ڇا پيو ٻاهر، اُنهيءَ کا بي خبر آهيان،

اڪيلو جي هجان ها، ڪين ڦاسان ها، ڪڏهن شايد!

ولر سان هوس، ظالم کي، نظر آيس، تڏهن شايد!

 

 

وڏي ڪوشش ڪئي وئي آ، هميشہ لئه رهائڻ جي!

دٻائڻ جي، مُنجهائڻ جي ۽ هيسائڻ، ستائڻ جي!

اڃا ڀي آهه جاري مهم، هت عادي، بنائڻ جي!

۽ زنجيرن کي پيرن ۾ خوشيءَ سان پاڻ پائڻ جي!

۽ شڪر ۽ صبر سان چپ چاپ قيدين جئن نڀائڻ جي!

اڃا جيئرو ضمير آهي، گُهٽي تنهن کي دٻائڻ جي!

رکي وئي رسم جاري آهه دل جا ڦٽ ڏُکائڻ جي!

پٽي پَرَ ۽ ڪٽي ڄڀ، آ مبارڪ نياءَ پائڻ جي!

اجازت ناهه ڏُک پنهنجا، ٻئي ڪنهن کي سُڻائڻ جي!

پُڇان ٿو مان، سزا ڇو آهه، هيءَ پڃري ۾ پائڻ جي؟

ڪري لاچار، آزاديءَ کسڻ، هي آهه خود غرضي،

چوي مارِي ٿو، هلندي آ، سدائين هت سندم مرضي!

 

ڀلي  آزاد ٿي ساٿي، مزا ماڻيو، فضائن جا،

چمن جي چهچٽن جا ۽ بهارن جي هوائن جا،

ڪيو پڻ سير، ڀل گڏجي، اوهان سڀئي خلائن جا،

رهن شل ڏور پاڇا ڀي، اوهان کان سڀ بلائن جا،

رهي آزاد سڀ ڳايو ڀلي نغما وفائن جا،

ڏکيا ٿا ڏينهن گذرن پيا، هتي ڪن بي خطائن جا،

ڀلا ڄاڻو اوهان ڇا ڏک، ستم جا ۽ سزائن جا،

سَهڻ کان ڀي گهڻا مشڪل اَٿو صدما جفائن جا،

وساريو مون اوهان کي ناهه، هي مضمونُ شاهد آ،

لڳل پڃري جي سيخن کي هي تازو خونُ شاهد آ.

 

 

گهڻو عرصو جڏهن جيءَ کي جياري ڪينڪي سگهندس،

اِها پڪ آهه قيدين جيئن گهاري ڪينڪي سگهندس،

اڃا جيئرو ضمير آ، سو ته ماري ڪينڪي سگهندس،

ڦـِٽل جي آهه قسمت مان، سنواري ڪينڪي سگهندس،

تتل هي هيانءُ، ٿي آزاد، ٺاري ڪينڪي سگهندس،

غلاميءَ ۾ مگر هرگز گذاري ڪينڪي گهندس،

مدد خاطر ڪنهين کي جي پڪاري ڪينڪي سگهندس،

سزا صياد کي جيڪس ڏياري ڪينڪي سگهندس،

اُڏامو ٿا هوائن ۾، نهاري ڪينڪي سگهندس،

ڪڏهن آزاد جيون کي وساري ڪينڪي سگهندس،

ٽـِڪو پنهنجي چمن کي آنءُ هرگز ڪين لائيندس،

’ڪرم‘ پڃري ۾ آزاديءَ سندا مان گيت ڳائيندس!

 

 

ڊاڪٽر حبيب الله صديقي

 

غزل

 

پنهنجي نصيب تي ڪو قادر نه ٿي سگهيو،

هي رازُ هو الهيٰ، ظاهر نه ٿي سگهيو.

 

انصافُ هو مهانگو، دنيا به ڌُر هئي،

فرياد دل جو دل تي، دائر نه ٿي سگهيو.

 

دل جا ڀَڄي پئي سا، ٻيهر نه ٿي جُڙي،

پيدا اُهو ڪو دل جو، ماهر نه ٿي سگهيو.

 

ديدار جو هو طالب، خود ئي حجاب هيٺ،

منظر شفاف هو پر ناظر نه ٿي سگهيو.

 

مالڪ جي حڪم سان ٿو هر ڪم ٿئي پيو،

ڪو حڪم ڪنهن جو پنهنجو صادر نه ٿي سگهيو.

 

جذبات رُوپ ورتو اَشعار جو ’حبيب‘،

ڪنهن طور ٻي طرح ڪو شاعر نه ٿي سگهيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com