سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (3)

 

صفحو :8

ٽالپرن جو دور:

هن دور ۾ خطاطي تمام گهڻي ترقي ڪئي. ڪيترائي خطاط ايران ۽ هندستان مان به اچي سنڌ ۾ رهيا، جن ۾ سيد علي بن سيد حسين شيرازي، مير حسين علي نقاش، غلام احمد خطاط، علي مراد، سيد محمد زار حسيني مشڪين قلم وغيره شامل آهن. ٻيا خطاط: خادم بردواني، جيڪو شاعريءَ سان گڏ خطاطي به ڪندو هو. هي مير نور محمد ٽالپر جي درٻار ۾ رهندو هو. غلام حسين سيوهاڻي (1208هه)، ميان عبدالحڪيم سيوهاڻي (وفات 1209هه) شرف الدين سيوهاڻي (1209هه) ميان محمد حسين سومرو (1209)، محمد عارف بن محمد فضل (وفات 1224هه)، مرزا حسن شيرازي، لطف علي، آغا مير حسين نقاش، محمد جيئو هالائي، سيد علي بن حسن شيرازي، محمد افضل مهيسر، نصرپور جو آخوند فضل علي، سيد حيدر شاهه، لاڙڪاڻي جو رحمت الله ولد عبدالرلشيد نورنگ، ذوالفقار حسيني، ٽنڊي ٺوڙهي جو مرزا قربان علي بيگ، محمد شفيع بن حافظ معز الدين سيوهاڻي ۽ محمد وارث بن حافظ نصير الدين سيوهاڻي جا نالا ملن ٿا.

انگريزن جو دور (1843ع کان 1947ع):

هن دور ۾ خطاطيءَ جو زوال شروع  ٿيو، پوءِ به اسان کي ڪجهه قابل ذڪر نالا ملن ٿا، جيئن آخوند عبدالرحيم وفا، فقير عبدالله لاکو، خير محمد هالائي، آخوند فضل علي پوري، عبدالحق هالائي، محمد حافظ، مائي ملي نعمت، حاجي هدايت الله مجاور هالائي، مخدوم حبيب الله سيوهاڻي، عبدالرحمان بن حافظ، محمود نورنگ پوٽو، حاجي محمد صالح، رحمت الله بن عبدالرشيد، عبدالحميد، حاجي امين هالائي، حاجي محمد مسون، محمد مقيم مٽياروي، محمد يعقوب، ميون احمد هالائي، گل محمد بن حاجي مقيم، عبدالصمد، محمد صالح، احمد خطيب، محمد عمر بختيارپوري، مولوي محمد اسماعيل ساڪن ڀڄ ۽ عبدالله سومرو.

اڻويهين صديءَ جي آخري ڌاري بمبئيءَ ۾ ڪاٺياواڙي ميمڻن ليٿو ڇاپخانا قائم ڪيا، جنهن سان سنڌ ۾ خطاطيءَ جي فن کي وڏو ڇيهو رسيو، پر پوءِ به خطاطي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ قائم رهندي آئي. انهيءَ ڏس ۾ مدرسن اهم ڪردار ادا ڪيو، جن ۾ خوشنويسيءَ ۽ خطاطيءَ جي فن کي زنده رکيو ويو. هن وقت تائين به ڪن ٿورن مدرسن ۾ ئي کڻي ڏسجي، ته طالب علمن کي خطاطي سيکاري وڃي ٿي. هن دور ۾ اسان وٽ مولانا سعد احمد ڀٽو، محسن ڀٽو ۽ عبدالسلام ڀٽو خطاطيءَ جي فن کان چڱيءَ پر واقف آهن، پر ڪمپيوٽر طرف ڌيان ڏيڻ سبب خطاطي طرف اهو توجهه نه رهيو آهي. اهڙيءَ طرح ڪاشي ۽ پٿر جي قبرن ٺاهڻ وارا به ڳولڻ سان ئي لڀن ٿا. ڊاڪٽر الانا صاحب هن دور جي ڪجهه ڪاتبن جا نالا ڳڻايا آهن، جن ۾ مولانا محمد صديق مائر، قاري امان الله، امام علي بيگ مرزا، گل محمد سومرو، گل محمد کتري (جنهن شاهه جي بيتن تي خوبصورت خطاطي ڪئي). انهن کان علاوه خدا بخش ابڙي، راز ناٿن شاهي، قيوم منگي ۽ منور ابڙي جا نالا پڻ موجوده دور جي خطاطن ۾ شامل آهن.

قلمي نسخن جي حفاظت:

قلمي نسخن کي روايتي طور منجهس نم جا پن وجهي يا ”يا ڪبيڪج“ جا لفظ مٿس لکي ڇڏيا ويندا آهن. ڪٿي ڪٿي ابجد جي حساب سان ٺاهيل تعويذ پڻ ان جي ڪنهن صفحي تي لکيا ويندا آهن. ان کان علاوه سال ۾ هڪ اڌ دفعو ان کي اُس ۾ رکي ڪيڙي کي ماريو ويندو آهي. ڪنهن بند الماڙي ۾ ميٿل جو واس ڏئي مارڻ جو ذريعو پڻ سستو ۽ ننڍي پيماني تي ڪري سگهجي ٿو.

وڏي پيماني تي يونيورسٽين يا ادارن ۾ ڳري رقم سان پڻ قديم اخبارن، قديم دستاويزن ۽ قلمي نسخن کي محفوظ ڪيو ويندو آهي. انهن مان ڪجهه اهم طريقا هي آهن:

(1) ڇپيل قديم دستاويزن کي ٻن طريقن سان محفوظ ڪيو ويندو آهي.

(الف) بٽر پيپر هڻڻ

(ب) Lamination process

(2) قلمي ڪتابن جي حفاظت

(الف) Preservation Process

(ب) Tissue paper System

(1) جو الف: عام طرح ملندڙ بٽر پيپر کي هر هڪ ورق تي ٻنهي پاسي هڻي ان کي محفوظ ڪيو ويندو آهي.

(2) Lamination Process

ٻيو طريقو ليمينيشن جو ٿئي ٿو. هن طريقه ڪار ۾ پهريائين Calcium hydro Oxide ۾ ڇپائيءَ وارو پنو تقريبا 24 ڪلاڪ رکبو آهي، جيئن منجهائنس ڪن ڪچرو ۽ تيزابيت نڪري وڃي. ٻئي ڏينهن تي وري ان پني کي Magnesium's acetale ۾ 24 ڪلاڪ وجهي رکبو آهي ته جيئن رهيل تيزابيت ۽ ڪچرو نڪري وڃي ۽ پني کي صاف ڪري سگهجي. ان کان پوءِ ان کي Leminatate ڪبو آهي، جيئن اُن کي ڊگهي عرصي لاءِ محفوظ ڪري سگهجي.

(ب) مٿي ڇپيل ڪتابن کي محفوظ ڪرڻ جو طريقو لکيو ويو، جڏهن ته قلمي ڪتابن لاءِ ٿورو مختلف طريقو استعمال ٿيندو آهي. ڇو جو ان ۾ مس سان لکيل ڪتابن جي خراب ٿيڻ جو خطرو ٿئي ٿو. انهن اکرن جي پڪو ڪرڻ لاءِ Aceton Reinst ۽ Paralid B-70 جي پيسٽ ٺاهي پني تي هنئي ويندي آهي. ان بعد ان ڪاغذ جي تيزابيت ڪڍڻ لاءِ Melthyl Magnesium جي Liquid جو اسپري ڪيو ويندو آهي. جنهن بعد ان ڪاغذ تي Silk Shefone جو ٽرانسپورٽ ڪپڙو C.M.C Carboxy Methyl Cellulose جي پيسٽ سان ڪاغذ تي چنبڙايو ويندو آهي. هن عمل ۾ استعمال ٿيندڙ شيون گهڻيون مهانگيون هونديون آهن، پر ان سان ان قلمي پني کي هڪ ڊگهي عرصي لاءِ محفوظ ڪري سگهجي ٿو.

(2) Tissue Paper System: هن جو عمل ساڳيو آهي، فقط Silk  ڪپڙي بجاءِ Tissue پيپر استعمال ٿيندو آهي.

مصوري ۽ قلمي نسخا:

انسان جي تاريخ ۾ جڏهن جڏهن ڪتابن جي ضرورت ۽ تجارت ۾ اضافو ٿيو، ته ان کي خوبصورت کان خوبصورت بنائڻ جو رجحان وڌيو. آڳاٽي دور جون لکيون، جيڪي تصويرن ۽ نشانن تي مشتمل هيون، سي تحريرن ۽ آخر خوبصورت تحريرن جون منزلون طئه ڪنديون رهيون. حتاڪه ڪتابت ۽ خطاطيءَ ۾ مصورانه ڏيک نظر اچڻ لڳو. ڪاتبن سون کي مس ڪرڻ ۽ ان کي سنڌي رکڻ جو هنر به سکي ورتو هو، جنهن سان سهڻا ۽ چمڪدار اکر دل لڀائيندڙ ٿين ٿا. سردار پور جهنڊير ميلسيءَ جي ڪتبخاني ۾ ڪيترائي قلمي نسخا ڏٺا ويا، جن ۾ تقريبا 1100 کن قرآن حڪيم هئا، انهن مان ڳچ مطلا (سنهري)، زرپاش ۽ منقش آهن، جڏهن ته ڪجهه نسخا لاجور (نيري رنگ جو پٿر يا رنگ) ۽ يا قوتي مس سان سينگاريل آهن. اهڙي قسم جا نسخا ٻين به ڪيترن ئي نجي ۽ سرڪاري ڪتبخانن ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جنهن سان خطاطن جي مصورانه صلاحيت جو اندازو ٿئي ٿو، ائين چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿو محسوس ٿئي ته اسلام جي ابتدائي دؤر ۾ جڏهن تصوير ٺهڻ کي نه پسند ڪيو ويو ته انساني مصورانه صلاحيت خوبصورت خطاطيءَ جي شڪل اختيار ڪئي ۽ وڏا وڏا نالي وارا ڪاتب پيدا ٿيا. انسان اجاين سجاين برهنه ۽ غير برهنه تصويرن ۾ زندگي ۽ ادب جي اها لازوال خدمت ڪئي، جو هڪ اڻ پڙهيل ماڻهو به ڪتاب کي ادب سان کڻڻ ۽ ڏسڻ لڳو، جيڪو اسلام جي روشن خياليءَ جو وڏو دليل آهي. ان سان نه رڳو علم ڦهليو، بلڪ ڪتاب لاءِ ادب ۽ تعظيم ڪرڻ جا معيار پڻ مقرر ٿي ويا.

ڪتاب ۽ ڪتبخانا:

ڪتابن جو شوق ڪتبخانن جي صورت اختيار ڪري ٿو. اڄڪلهه انهن کي نجي ۽ سرڪاري ڪتبخانن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. ڪتبخانن جي اهميت هر پرهيل ڳڙهيل ماڻهو سمجهندي ان ۾ ڪتابن جي تعداد کي وڌائيندو رهي ٿو. ڪتبخاني ۾ ڪتابن جو تعداد جڏهن هڪ خاص حد کان وڌي ٿو ته ان جي درجه بندي لازم ٿيو پوي، پوءِ اهي ڪتاب ڪنهن هڪ موضوع تي هجن يا ڪيترن ئي موضوعن ۾ ورهايل، جيڪڏهن انهن جي درجه بندي نه ڪبي ته گهربل ڪتاب جو وقت سر هٿ ڪرڻ ممڪن نه رهندو آهي. عام طرح ڪتابن کي چئن قسمن ۾ ورهايو ويندو آهي. جيئن عام موضوع جا ڪتاب، رفرنس ڪتاب، درسي ڪتاب ۽ قلمي ڪتاب، رفرنس ڪتابن ۾ انسائيڪلوپيڊيا ڊڪشنريون، ٿيسز، سالناما، ڊائريڪٽريون، گينيز بڪس، گزيٽيئرس، سرڪاري نوٽيفيڪيشن يا دستاويز وغيره ٿين ٿا.

ڪتبخاني ۾ موجود عام ڪتابن کي پهريائين ٿلهي ليکي موضوع  جي مناسبت سان ورهائجي. جيئن اسلام آهي. ان جي درجه بندي  پڻ ڪري سگهجي ٿي، پر اهو سڀ ڪتاب جي تعداد سبب ئي ٿئي ٿو. اسلام جي موضوع کي اسين سيرت، خلفه راشدين، سوانح، رجال، حديث، فقه، تصوف، انشاءَ، غزوات وغيره جهڙن عنوانن تحت ورهائي سگهون ٿا. ڪتابن جي اهڙي ورهاست ڪنهن به ڪتبخاني لاءِ بنيادي ڍانچي جو ڪم ڏئي ٿي. انهن عنوانن کي ننڍين تختين يا ايلومينيم جي پٽيءَ تي لکي الڳ الڳ الماڙين تي هنيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪتاب گهڻي تعداد ۾ هجن ته پوءِ ڪارڊ ڪيٽلاگس ٺاهڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. ڪن ڪتبخانن ۾ رجسٽر پڻ تيار ڪيا ويندا آهن. ان ڪيٽلاگ يا رجسٽر ۾ هيٺين تعارفي معلومات ڏني ويندي آهي.

ڪلاسيفيڪيشن نمبر، ڪتاب جو نالو، مصنف، صفحا، ڇاپو، ناشر، رمارڪس.

ڪلاسيفيڪيشن جا گهڻي ڀاڱي ٻه طريقا مروج آهن. (1)Decinal Classification Devy (2) Library of Congress ڏهائي جي استعمال ۽ بنيادي طرح ڏهن جي انگ تي مشتمل هئڻ ڪري ان کي Devy Decimal سسٽم جو نالو ڏنو ويو آهي. هن تحت عنوان ٻڙي کان 9 تائين ٿين ٿا. جيئن:

(0) عمرانيات (1) اسلام (2) حڪمت (3) تاريخ (4) ادب (5) تصوف (6) جاگرافي (7) سائنس (8) تعميرات (9) صحافت (10)ثقافت

انهن عنوانن کي مٿي استعمال ٿيل ٽن انگن کان پوءِ ڏهائي ڏئي مضمون کي وڌيڪ Sub-Classify ڪيو ويندو آهي. اها اضافي يا ذيلي تقسيم ضرورت پٽاندر وڌائبي آهي.

لائبريري آف ڪانگريس جي پٺيان هڪ ٻيو ڪلاسيفڪيشن سسٽم پڻ موجود آهي. هن ۾ انگن بجاءِ A-B-C جا حرف استعمال ڪيا ويندا آهن.

 

مددي ڪتاب:

(1) سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

(2) تاريخ خطاطي: اعجاز راهي

(3) بلوچ الادب- محمود شگري آلوسي

(4) تاريخ ابن خلدون- عبدالرحمن بن خلدون

(5) اردو انسائيڪلو پيڊيا- فيروز سنز

(6) لائبريرين شپ جا سماجي بنياد- ايم. اي. غفور/ ڊاڪٽر جي ايڇ شيرا

(7) ٺٽي جا ڪاتب- ايم. اي غفور/ عطا محمد ڀنڀرو

(8) Quran Manuscripts هدايت الله صديقي نيشنل ميوزم آف پاڪستان

(9) تذڪره مشاهير سنڌ- مولانا دين محمد وفائي

(10) دائره معارف الاسلامية- پنجاب يونيورسٽي، لاهور

(11) علم حديث ۽ هند و پاڪ جو حصو- ڊاڪٽر محمد اسحاق

(12) جامع اللغات- عبدالمجيد

(13) ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون- پير حسام الدين راشدي

(14) سنڌ ۾ خوش نويسي ۽ خطاطي جي فن جي ابتدا ۽ اوسر (مهراڻ  جنوري 2003) ڊاڪٽر غلام علي الانا.

 

 


 

شاعري- ۽ نظريا

ڊاڪٽر سحر امداد حسيني

سنڌ ٻوليءَ ۾ گذريل هزارها سالن کان شاعري ٿي رهي آهي- ۽ اها شاعري ”موهن جي دڙي“ بلڪ اُن اعليٰ تهذيبي دَور کان به اڳي کان ٿي رهي آهي، اهڙي پڪ اٿئون. پوءِ اها شاعري ڪن جادوئي منترن جي صورت ۾ هجي، ديوين ۽ ديوتائن لاءِ چيل مدحي گيتن ۽ اشلوڪن جي صورت ۾ هجي، يا اُها مال چاريندڙ ڌنارن/ مالوندن، زمين کيڙيندڙ هارين نارين ۽ ٻين ڪمين ڪاسبين جا وڇوڙي ۽ ميلاپ جا سادا سودا سُريلا ٻول هجن، يا وري سنڌ جي Fairy Tales، هتي جي قديم لوڪ ڪهاڻين ۾ آيل /ڏنل ”ڳاهون“ هجن ”ڳاهه“- جنهن کي اسان جو مانوارو محقق محرم خان ”سنڌي شاعريءَ جا آڳاٽا اهڃاڻ“ مڃي ٿو. سنڌ جون اهي  Fairy Tales، اهي قصا ۽ ڪهاڻيون نثر ۽ نظم جو حسين امتزاج آهن. سنڌ جو اهو ’جهونو ادب‘ اسان تائين لکيل صورت ۾ يقيناً ڪونه پهتو. اهو سموري شعري- نثري ادب جو لازوال خزانو اسان تائين زباني روايتن (Oral traditions) ذريعي پهتو.

سنڌيءَ ۾ ادب ”لکجڻ“ ۽ خاص ڪري نثر لکجڻ جي باقاعدي روايت انگريزن جي دَور کان شروع ٿي. ان ريت سنڌيءَ ۾ نثر لکجڻ جي روايت جي آغاز کي به ڏيڍ سو کن سال گذري چڪا آهن. ان سموري عرصي ۾ اسان جو سمورو زور گهڻي ڀاڱي تخليقي تحريرن ڏانهن ئي رهيو. يعني شاعري ته ٿي پئي، پر شاعريءَ جي نظريي (Theory) بابت ڪو مستند ڪم ڪونه  ٿيو . شاعريءَ بابت پهريون اهم بحث 1921 ۾ ڊاڪٽر  هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي ”مقدمهء لطيفيءَ“ کان شروع ٿيو. ذري گهٽ ٻه سو سال اڳي ٿيل سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعريءَ بابت پهريون نظرياتي بحث 1921 ڌاري  ٿيو. ان مقدمي ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ”سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ“ (جنهن ۾ خاص حوالو شاهه لطيف هو) بابت هڪ نظريو (Theory) ڏنو ۽ ان لاءِ جواز ۽ دليل ڏنا، جنهن ان دَور  ۾ ئي هڪ نئين بحث کي جنم ڏنو . يعني جڏهن سڄي سڌريل دنيا ۾ خاص ڪري فرانس ۽ جرمنيءَ ۾ ”جديديت“ بابت  بحث پراڻا ٿي چڪا هئا ۽  Modenists جي جاءِ  تي Expressionist ۽  Surrealist اچي چڪا هئا- تڏهن اسان وٽ ”ڪلاسيڪيت“ بابت بحث شروع ٿيا هئا. ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا- هڪ ته اڳي اسان وٽ ڇپائيءَ جون سهولتون نه هيون. هٿ سان ڪتاب لکڻ، جلد بند ڪرائي سنڀالي رکڻ- هڪ مهانگو شوق هو، جنهن  کي عام ماڻهو افورڊ نٿي ڪري سگهيو ۽ اميرن کي اهڙو ڪو شوق نه هو! خود انگريزن جي دَور ۾ سنڌي ماڻهو ٿوري گهڻي ضروري علم تائين محدود رهيو. گهڻي ڀاڱي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو گهڻ-پاسائون علم حاصل ڪري علم ۽ دانش جي انهن اعليٰ منزلن تائين ڪونه رسيو هو، جتي هو  ڪي علمي ۽ نظرياتي بحث ڪري سگهي. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ پنهنجي گهڻ پاسائين مطالعي جي آڌار تي هڪ نظرياتي بحث ڇيڙي بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلايو هو.

انگريزن جي دَور کان وٺي اڄ تائين ڪيتريون ئي فڪري ۽ نيم فڪري نثري تحريرون لکيون ويون آهن، جن مان ڪي رسالن ۾ ته ڪي ڪتابي صورت ۾ اسان جي آڏو  ۽ لائبريرين ۾ محفوظ آهن. ان مان ڪيترو مواد  relvant آهي ۽ ڪيترو مواد irrelevant آهي؟ اهو هڪ الڳ بحث آهي. بهرحال اها هڪ حقيقت آهي ته ان مان ڪجهه مواد ڪارائتو آهي، باقي ڪيتروئي مواد محض ڪاڳر ڪارا ڪيل آهن.

1960ع ۾ تنوير عباسيءَ پنهنجي هڪ مختصر مضمون ”جديد سنڌي شاعري“ ذريعي هڪ نئون نظرياتي بحث ڇيڙيو هو. ان مضمون ۾ تنوير عباسيءَ ”جديد سنڌي شاعريءَ“ جون خصوصيتون بيان ڪيون هيون، جن جي آڌار تي هن ”جديد شاعريءَ“ کي اُن دَور ۾ ٿيندڙ هر ٻي شاعريءَ کان الڳ ڪرڻ لاءِ هڪ ”خط تقسيم“ ڇڪيو هو. اهو مضمون هڪ انتهائي مختصر مضمون آهي، جنهن ۾ ”جديديت“ بابت ڪوبه منطقي بحث ڪيل ڪونه آهي. جيئن تنوير عباسي خود به ان مضمون ۾ مڃي ٿو ته:

”جديد سنڌي شاعري هڪ وڏو ۽ اهم موضوع آهي، جنهن جي پوري مطالعي ۽ تحرير جي حق ادا ڪرڻ لاءِ هڪ مسلسل ۽ ڊگهي مضمون جي ضرورت آهي.“

(تنوير عباسي- جديد سنڌي شاعري، مهراڻ 1/2-1960) تنوير عباسي ”مهراڻ“ جي چند شمارن مان ڪجهه شعر ۽ سـِٽون چونڊي، سنڌي شاعريءَ ۾ ”جديديت“ جو دائره ڪار متعين ڪرڻ جي هڪ ڪوشش ڪئي هئي. اها ننڍڙي ڪوشش ڪنهن وڏي نظرياتي بحث کي جنم نه ڏئي سگهي.

چوڻ جو مقصد اهو آهي ته سنڌي شاعريءَ جي ٻين دَورن بابت ته ڇڏيو، اسان خود پنهنجي دَور جي شاعريءَ بابت به ڪو نظرياتي بحث نه ڇيڙيو ۽ خود اُن دَور کي ڪو جامع نظريو نه ڏيئي سگهياسين. ائين سنڌي شاعريءَ ۾ لڳ ڀڳ 56-1955 کان شروع ٿيل ”جديديت“ جي تحريڪ کي هڪ نظرياتي رويو بڻائي نه سگهياسين. اهوئي سبب آهي جو ان دَور ۾ ٿيندڙ هر قسم جي شاعريءَ کي ”جديد شاعري“ چيو ۽ مڃيو ويو. بلڪل ان ريت اڄوڪي شاعريءَ کي ”اڄ هاڻي“ واري معنيٰ جي آڌار تي ”جديد شاعري“ چيو ۽ مڃيو پيو وڃي. جڏهن ته ائين ناهي.

وقت گذرڻ سان ڪيترائي نظريا پراڻا ۽ مدي خارج ٿيو وڃن، ۽ انهن جي جاءِ نوان نظريا اچي والارين ٿا. ان اصول تحت ”جديد سنڌي شاعريءَ“ جو سفر ”جديديت“ کان ”مابعد جديديت“ ۽ ان کان اڳتي وڃڻ کپندو هو. اسين Modernism کان Post Modernism تائين نه وڃي سگهياسين- (۽ هاڻي ته ماڳهين اڳيون سوجهرو به چٽ!) ان جا ڪيترائي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا: علم، ڄاڻ ۽ مطالعي جي ڪمي ان جو مکيه سبب آهي. ان کانسواءِ- ڪنهن نئين راهه تي هلڻ جو خوف، ڪنهن به initiative وٺڻ کان ڪيٻائڻ ۽ لنوائڻ، علمي ادبي ۽ نظرياتي بحثن جي اڻاٺ، لفاظيءَ سان پُر لٻاڙي ۽ وائڙي تحريرن جي گدلاڻ (Polluton) ۽ خود ”جديديت“ جي نظريي بابت ڄاڻ جو نه هجڻ به ان جو سبب ٿي سگهي ٿو. اسان جو نه رڳو عام پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو پر خود ادب سان وابستگي رکندڙ ماڻهو پڻ ”جديد شاعريءَ“ کي ان جي ”عام اصطلاحي معنيٰ“ ۾ ئي ڪتب آڻي ٿو- يعني ”اڄڪلهه لکجندڙ شاعري“ کي ئي هو ”جديد شاعري“ چئي ۽ مڃي ٿو. ان ڏس ۾ تنوير عباسيءَ جي مضمون جون هيٺيون سـِٽون ڌيان سان پڙهڻ گهرجن. هو بلڪل واضح ۽ چـِٽي نموني چئي ٿو ته:

”عام اصطلاح ۾ اڄڪلهه جو هرڪو شعر جديد شعر ۽ هرڪا شاعري جديد شاعري آهي- پوءِ چاهي اهو شعر پارسي تغزل جو نمونو هجي، ڪلاسيڪل ڪافيءَ جي هيئت جو حامل هجي، يا وري ترقي پسند خيالات جو ترجمان هجي.“

تنوير عباسي اها ڳالهه چئي، اسان جي ذهن ۾ ڪجهه سوال اُڀاري ٿو-ڇا فارسيت زده شاعري، ڪلاسيڪل رنگ جي شاعري توڙي ترقي پسند خيالن واري شاعري هڪ ئي وقت جديد ٿي سگهن ٿيون؟ ڇا هر اُها شاعري، جيڪا ”اڄ“ ٿئي پئي سا ”جديد“ آهي؟ ڇا اسان کي اڄ جي شاعريءَ لاءِ ڪنهن ”نئين اصطلاح“ گهڙڻ جي ضرورت آهي؟ ڇا ”جديد شاعري“ هڪ ”عام اصطلاح“ آهي- يا ڪو خاص ”نظرياتي اصطلاح“ آهي؟ ڇا ”جديد شاعريءَ جو جنم ڪنهن ”خاص دَور“ ۽ ڪنهن خاص نظريي تحت ٿيو؟ جي ائين آهي ته اهو ”خاص نظريو“ ڪهڙو هو/آهي؟ اُن دَور جون اُهي خاص حالتون ڪهڙيون هيون؟ علميت، عمليت، شعوريت ۽ شعريت ۾ ڪهڙو قدر مشترڪ آهي؟ اهڙا انيڪ سوال اسان کي اڄ پنهنجو پاڻ کان ڪرڻ جُڳائين ٿا. ڇو ته اڄ اسان کي اهڙن انيڪ سوالن اُٿارڻ ۽ اُنهن جي جوابن لهڻ جي سخت ضرورت آهي. ان ڪري به، جو اسان جون سڀيئي ڏِسائون اڻ چٽيون ٿينديو پيون وڃن ۽ اسين direcetioless ٿي رهيا آهيون- يا اسان کي ائين ڪيو پيو وڃي!

اها هڪ حقيقت آهي ته يورپ ۾ مصوري ۽ شاعريءَ بابت نظريا (Theories) شاعريءَ ۽ مصوري جي فن پارن ۽ ان جي تخليقيت تي اثر انداز ٿيندا رهيا آهن. آرٽ سان لاڳاپيل هر نئون نظريو، هڪ نئين تبديليءَ جو ڪارڻ بڻيو آهي. جڏهن ته اسان وٽ تخليقي سرگرميون (سي به شاعري سرجڻ جي حد تائين) ته هر دَور ۾ ٿينديون رهيون آهن، پر اسان وٽ شاعريءَ جي ٿيوري تي ڪڏهن به، ڪوبه ڪم نه ٿيو آهي. اسين ته اڌوگابري ٿيوري ٻين قومن کان درآمد ڪري پنهنجو ڪم ٽپائيندا رهيا آهيون. انڪري ئي اسان جو حال ”ڌڙ ريڍو، سسي ٻاڪري“ وارو رهيو آهي. اهڙي وايو منڊل ۾ لفاظي ڪندڙن، لٻاڙون هڻندڙن، ٻٽاڪن ۽ فتوابازن جي  چاندي ٿي وئي آهي، جيڪي بنان ڪنهن دليل جي، بي بنياد ڳالهيون ڪري، سکڻي لفاظيءَ جي آڌار تي بي معنيٰ سـِٽن جو ڄار وڇائي، سنڌي ماڻهن کي شاعريءَ ۽ ادب جي نالي ۾ اُبتي پَٽي پيا پاڙهين. شاعر سکڻي تُڪ بنديءَ کي شاعري چئي ”شاعري شاعري“ راند ۾ رڌل آهن!

سموري دنيا جي شاعريءَ ۾ ”جديديت“ (Modernism) جو دَور ڪڏهوڪو پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچي چڪو آهي، ۽ اسين اڃا ”جديد“ جي چڪر ۾ ڦاٿل آهيون، جڏهن سڄي دنيا ۾ پروٽوماڊرنزم (Proto- Modernism) يا پوسٽ-ماڊرنزم (Post-Modernism) يعني ”مابعد جديديت“ جا بحث پراڻا ٿي چڪا آهن، تڏهن به پاڻ هُرتن دانشورن جي، اڄ جي سنڌي شاعرن کي ”جديد شاعر“ چوڻ جي هير ختم نه ٿي آهي- ۽ اها هڪ حقيقت آهي ته ادب/شاعري زندگيءَ وانگيان ئي مسلسل تبديل ٿيندڙ آهي، جامد ۽ بيٺل ناهي.

يونانين، رومين، اطالوين، فرينچن ۽ انگريزن ادب ۽ شاعريءَ سان گڏوگڏ نظريا به ڏنا. وقت گذرڻ سان اهي نظريا پراڻا به ٿيا، ته انهن پراڻن نظرين جي جاءِ نون نظرين اچي والاري. انهن ٻولين جي شاهوڪار تهذيبن وٽ ڪلاسيڪيت پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتي ته انجي جاءِ نيو-ڪلاسيڪيت (Neo-Classicism) والاري. نيو-ڪلاسيڪيت جي تحريڪ پنهنجو اثر وڃايو، ته رومانويت (Romanticism) جي تحريڪ پنهنجو اثر ڄمايو. ان ريت expressionism,  Impressionsim ۽ surrealism  وغيره پڻ Modernism  ۽ Modernism ٻه بنهه الڳ تحريڪون آهن، جيڪي نظرياتي طور پڻ هڪٻئي کان بنهه مختلف ۽ متضاد آهن.

يورپ ۾ گهڻي ڀاڱي ادبي تحريڪن جي ابتدا فرانس کان ٿي. ادبي تحريڪون Bohemian يا Avant-garde ٿي سگهن ٿيون. اها هڪ حقيقت آهي ته پيرس ۾ Bohemian 1930 کان وٺي سرگرم هئا. فرانس جو اڻويهينءَ صدي جو اهم شاعر بادليئر بوهيمين هو. هو پنهنجي دَور جو وڏو Symbolism شاعر پڻ هو. جديديت جي تحريڪ جي طاقت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو، ته اها ڪا تحريڪ نه هئي، پر گهڻيون تحريڪون هئي، جيڪا مسلسل لهرن جي صورت ۾ اڻويهين صديءَ جي پڇاڙيءَ کان ويهين صديءَ جي پهرين اڌ تائين هلي. جديديت جي بار آور ٿيڻ کان پهرين ئي اها تحريڪ مختلف صورتن ۾ موجود هئي. اهوئي سبب آهي جو يورپي نقادن ۽ دانشورن لاءِ جديديت جو سن سال ۽ جاءِ متعين ڪرڻ مشڪل هو. يورپ جي ڪن نقادن 1880 کي جديديت جي ابتدا جو سال ڄاڻايو
آهي. جڏهن شاعرن ۽ اديبن رومانويت (
romanticism) کي هڪ ”نئين تنقيدي شعور“  ۾ تبديل ڪيو. ڪن وري ان لاءِ 1890 جو سال متعين ڪيو آهي. Frank Kermode جي خيال موجب 1890 جو ڏهاڪو ”جديديت جي اڳواڻي ڪندڙن جو ڏهاڪو آهي.“ ائين جديد شاعري ۽ اديبن جو پهريون نسل اسان کي ملي ٿو، جن شاعريءَ ۽ ادب کي هڪ نئون شعور بخشيو ۽ ”نئين حسيت“ کي اُجاگر ڪيو. جديديت جي ان پهرئين نسل ۾ فلابيئر (Flaubert) به هو، ته بادليئر (Baudelaraire) به هو، ته ويليري (Valery) ۽ اسٽيفن ميلارمي (Malarme) به هئا.

ورجينا وولف (Virfinia woolf) 1910 کي جديديت جي ابتدا جو سال مڃي ٿي. هن لاءِ اهو هڪ ٻرندڙ لمحو، جڏهن رشتا ناتا، فطرت ۽ احساس سڀئي بدليا، جنهن جي نتيجي ۾ ادب توڙي سياست سڀڪجهه بدلجي ويو:

"On or about december 1910 human nature changed....all human relations  shifted…and when human relations change, there is at the same time change in religion, conduct, politics and literature" (p-33)

ان ڏس ۾ هيري ليون (Herry Levin) اهو مڃي ٿو ته: 1922 جديديت جي معجزاتي حاصلات (miraculousyeild) جو سال آهي. 1922-جنهن سال جيمس جايس (James Joyce) جو شهرهء آفاق ناول (Ulysses ڇپيو  ۽ جنهن سال ٽي. ايس ايليٽ (T.S. Eliot) جو طويل نظم Waste Land ڇپيو. رِلڪي (Rilke) جو Duineser Elegion ۽ Sonnet to Orpheus ڇپيو. جنهن سال ڊي. ايڇ لارينس (D. H. Lawrence) جو Aaron's Rod ڇپيو ته برطولت بريخت جو پهريون ڊرامو Baal ڇپيو ۽ ورجينيا وولف جو Jacob's room ڇپيو.

ان ريت اسين چئي سگهون ٿا ته جديديت جي تحريڪ اڻويهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ اُڀري ۽ ويهين صديءَ جي پهرين پاءُ صديءَ ۾ اُن تحريڪ مڪمل عروج ماڻيو. اُن تحريڪ جي ابتدا فرانس کان ٿي. اُتان کان اها تحريڪ آئرش چينل اُڪري، ٻين يورپي ملڪن کان ٿيندي آمريڪا تائين پهتي. آمريڪين اُن کي پنهنجي سموري طاقت ۽ توانائي ارپي. انڪري ئي اڪثر محقق جديديت جي تصور کي ”نيويارڪ-لنڊن-پيرس محور“ (New York-London-Paris axis) چون ٿا:

"The French fathered slowly Modern movement which slowly moved beyond the channel and then across the Irish sea, until the Americans finally took it over bringing to it their own demonic energy, extremism and taste for Colossal." (p-4)

ان لحاط کان جديديت هڪ بين الاقوامي تحريڪ آهي، جنهن جا مکيه تصور ۽ فڪر، جنهن جو فارم ۽ جنهن جا قدر (Values) ملڪان ملڪ پکڙيا ۽ هڪ مکيه ڌارا کي جنم ڏنائون. هڪڙي ڌارا ٻي ڌارا سان ملي هڪ نئين ڌارا کي جنم ڏيندي آهي. جيڪڏهن اُن کي جديديت جو متوڪري مڃجي ته: "Artist is futurist" آهن (ان حساب سان خود Futurist به Modernist آهن) ته خود اهو تصور به اسان کي رومانوي (romantic) شاعرن وٽ ملندو.


 

 

جيڪڏهن تجربيت جو جمالياتي پهلو جديديت آهي، ته اهو اسان کي 1880 ۾ ايملي زولا (Emile Zola) وٽ ملندو. جيڪڏهن جديديت مان مراد ادب جي سخت فطري رويي کي جهنجهوڙي جاڳائڻ آهي ۽ شعوريت کي ونڊڻ ورڇڻ آهي، ته پوءِ انگلينڊ جي والٽرپيٽر (Water Pater) 1870 ۾ خاص ڪري تڪڙي وڌندڙ شعور (Quickened Multimlied Conscioesness) بابت گهڻو ڳالهايو ۽ لکيو آهي. جيڪڏهن جديديت مان مراد هڪ ”خاص شهري دنيا“ جي تصور کي هٿي ڏيڻ آهي، ته پوءِ بادليئر (Baudelaire) ”ڍونگي شهر“ جي کوکلائپ کي پنهنجي شاعري ۾ پڌرو ڪيو آهي. هو "Sensation of newness" کي پڻ محسوس ڪري ٿو ۽ اظهاري ٿو. جڏهن ته جديديت جو فلسفو ۽ ان جي صورتگريءَ اسان کي نٽشي (Neitche) جي نظرين ۾ به ملندي. جيستائين جديديت جي درشٽين (aspects) جو تعلق آهي ته اهي آهن: ابتڙ- هيئيت (anti-form) اختيار ڪرڻ، يعني جديد شاعر ۽ اديب ٺهيل ٺڪيل روايتن ۽ هيئتن کي ٽوڙي ٿو ۽ هڪ بنهه نئين راهه رمي ٿو. حقيقتن ۽ سچاين ڏانهن هن جو رويو سخت ۽ کهرو هجي ٿو. هن جي تحرير مان پڙاڏجندڙ اميج (resonant images)( اڀرن ٿا، هن جي تحريرن مان جديد حـِسيت بکندي آهي. هن جي فنپارن ۾ دُک-انت ۽ پيڙاتمڪ احساس اڀرندو آهي ۽ هن جو مزاج ۽ رويو ابتڙ ۽ وروڌي هوندو آهي. جنهن کي لائيونل ٽرلنگ (Lionel Trilling) (p-30) "Adversary Culture" چئي ٿو.

جديديت اصل ۾ شهرن جو بلڪ وڏن شهرن جو آرٽ آهي. يورپ جا وڏا شهر جيڪي ساڳئي وقت Culture-Capital به آهن. اُتي جا ڪيفي، ڪئبري، مئگزين، پبلشر ۽ آرٽ گئلريز ۾ نوان جمالياتي قدر ڪشيد ٿين ٿا، بحث مباحثا ٿين ٿا، تحرڪ جنم وٺن ٿا. ڪنهن به Csmpaign لاءِ، جدوجهد لاءِ ۽ نوان سبب ۽ ڪارڻ پيدا ڪيا وڃن ٿا. اهي شهر محض اتفاقاً ملڻ جون جايون ۽ ڪراسنگ پائنٽ (Crossing point) ناهن. بلڪ اهي شهر نئين آرٽ جا جنم-اسٿان آهن، ڇو ته اُنهن جو سمورو ماحول آرٽ جي واڌاري لاءِ موافق آهي، اهي شهر دانشور طبقي جي تضادن ۽ tensions جي ضرب ۽ ونڊ لاءِ هڪ focal point جو درجو رکن ٿا. جتي روايتي ثقافتي ۽ ادبي مرڪز آهن، جيڪي سکڻ ۽ سوچڻ جا مرڪز آهن.  جتي جو ماحول انوکو ۽ وڻندڙ آهي، جتي شهري زندگيءَ جي مونجهه ۽ ڇڪتاڻ به آهي، جيڪا ئي جديد شعوريت ۽ جديد تحريرن جي روح ۾ روان آهي. انڪري ميلڪم بريڊبري (Malcolm Bradbury) چئي ٿو:

Thus it is that Modernism art has had special relations with the modern city… The pull and push of the city, its attraction and repulsion have provided themes and attitudes that run deep in literature, where the city has become metaphor rather than place." (p:97)

سڄي دنيا جي مختلف ملڪن جا وڏا شهر ان تحريڪ جو مکيه مرڪز رهيا آهن.

جديديت جي ان تحريڪ ڪٿي ته پنهنجو پورو عروج ماڻيو، ته ڪن هنڌن تي وري اها تحريڪ محض وقتي اُٿل پُٿل ئي آڻي سگهي. ڪن ملڪن ۾ روايت پرستن ان تحريڪ خلاف ٻارڻ ٻاري ڏنو. ڪٿي وري ان تحريڪ (جديديت) رومانويت واد (romanticism) حقيقتِ واد (realism) تصوريت واد (expressionism) جي خلاف وڳوڙڦهلايو. ڪٿي وري اها تحريڪ اُنهن جي منطقي ترقيءَ ۽ تبديليءَ جو سبب بڻي. انڪري ئي جديديت جي تحريڪ حيرت انگيز طور تي هر ملڪ ۽ هر ٻوليءَ لاءِ هڪ بنهه مختلف تحريڪ رهي. ائين لهر در لهر سموري دنيا جا حساس شاعر اديب، موسيقار ۽ مصور اُن تحريڪ جو حصو بڻيا، جن پنهنجي فن توڙي آدرشي روين ۾ جديد حسيت کي اُجاگر ڪيو ۽ تحريڪ کي وڏي هٿي ڏني. يورپ ۽ آمريڪا ۾ جديديت جي ان ڌارا جو هڪ اهم حصو هئا: ييٽس (Yeats)، ييد (Andry Gide)، پراسٽ (Proust) ۽ ويليري Pull) (Valery اُنهن ۾ ئي شامل هئا: پاؤنڊ (Ezra Pound)، ايليٽ (T.S. Eliot)، لارينس (D.H. Lawrence)، جايس (James Joyce)، ورجينيا وولف (Virginia Woolf)، ميريان مُور (Marianne Moore)، هيمنگوي (Gemingway)، ڪمنگس (I.I. Cummings)، وليم فاڪنر William)، (Faulkmer آلڊس هڪسلي (Aldous Huxley)، رِلڪي (Rilke) ۽ ڪافڪا (Kafka) پڻ جديديت جي علمبردارن ۾ شامل هئا.

ان ريت سموري يورپ ۽ آمريڪا ۾ 1880 کان وٺي 1950 تائين جديديت جي اُن تحريڪ جو عرصو متعين ڪري سگهجي ٿو، جنهن ۾ به 1910 کان 1925 تائين جو عرصو جديديت جي عروج جو عرصو آهي. جديديت جي اُن تحريڪ ۾ علامت نگارن جو سمورو ورثو به شامل آهي. جيتوڻيڪ علامت نگاري (Symbolism) باقاعدي ڪائي تحريڪ نه هئي-پر پهرين مهاڀاري لڙائيءَ علامري ادب ۽ شاعريءَ لاءِ مهميز جوڪم ڪيو. هونئن ان لفظ جديديت Modernism کي مختلف قسم جي تحريڪن جي Cover طوربه استعمال ڪيو ويو، جن رومانويت (romanticism) جي زور کي ٽوڙيو-جن  اديبن ۽ شاعرن حقيقت نگاريءَ (realism) کي بگاڙيو ۽ اُن جو ٻيڙو ٻوڙيو ۽ اُن کي تجريديت (abstactism) ڏانهن موڙيو- اُن ۾  Impressionism۽ Post Impressionism  ۾ يقين رکندڙ به هئا ته ٻين ”وادن“ ۾ به جهڙوڪ: Expressionism, Cubism, futurism, Symbolism, Imagism, Vorticism, Dadaism. ۽ Surrealism0 يعني سڀيئي ”واد“ پنهنجي سموري واد وواد سميت اچي وڃن ٿا. اهي سڀئي تحريڪون اُن ساڳئي ئي عرصي جون تحريڪون آهن، جيڪي تڪڙيون آيون به تڪڙيون ويون به!

”جديديت“ جي تحريڪ دنيا جي هر ملڪ ۾ اُتي جي حالتن پٽاندر ”عصري تجربيت“ ۾ پنهنجو ريڊيڪل رول ادا ڪيو. پر اسين هاڻ محض تاريخي طور ئي اهو لفظ ”جديديت“ استعمال ڪري رهيا آهيون-هڪ خاص وقت جي خاص اسٽائيل کي ظاهر ڪرڻ لاءِ، جيڪو هاڻ ختم ٿي چڪو آهي. جنهن کان پوءِ ڪيترائي ڪائونٽرٽرم مروج ٿيا، جهڙوڪ: Proto-Modernism, Palaeo-Modernism Neo-Modernsim, Post Modernsim جڏهن ته اهي سمورا نوان ”واد“، جهڙوڪ: نيو-جديديت ۽ مابعد جديديت، به هاڻي گذريل صديءَ جون ڳالهيون ٿي چڪا آهن. ۽ اسين اڃا اُتي ئي بيٺل/ڦاٿل آهيون!

 

جيئن اسان کي استاد، انجنيئر ۽ ڊاڪٽر گهرجن، تيئن اسان کي اديب ۽ شاعر به گهرجن-اهڙا استاد، انجنيئر، ڊاڪٽر، اديب ۽ شاعر-جيڪي پنهنجي ڪم جي ڄاڻ رکندا هجن ۽ اُن سان سچا هجن ۽ پنهنجي فرض کان آگاهه هجن.

جيئن استاد جو ڪم آهي پڙهائڻ ۽ سـِکائـِڻ؛ انجنيئر جو ڪم آهي اَڏاوت ڪرڻ ۽ ڊاڪٽر جو ڪم آهي علاج ڪرڻ-تيئن ادب ۽ شاعر جو ڪم آهي لکڻ ۽ تخليق ڪرڻ. ان ڏس ۾ ’سٺا‘ ۽ ’بهترين‘ جهڙا لفظ ڪتب آڻڻ گهرجن يا نه؟ پر ٽي. ايس. ايليٽ نه رڳو نون  وڏن اديبن، مصنفن ۽ شاعرن جي هئڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، بلڪ ڪنهن به قوم ۾ اُنهن جي مستقل طور تي پيدا ٿيندي رهڻ جي اهميت ۽ ضرورت جي ڳالهه ڪندي چئي ٿو ته: ”اڪثر پڙهيل ماڻهو پنهنجي زبان جي وڏن اديبن ۽ مصنفن لاءِ فخر محسوس ڪندا آهن…پر اڪثر ماڻهو اهو نٿا محسوس ڪن ته اهو ڪافي نه آهي؛ ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هو مستقل طور نوان نوان ”وڏا“ اديب ۽ مصنف، خاص ڪري وڏا شاعر پيدا نه ڪندا رهندا، ته هنن جي زبان کي زوال اچي ويندو، هنن جي تمدن کي زوال اچي ويندو ۽ اهو شايد ٻئي ڪنهن طاقتور تمدن ۾ جذب ٿي وڃي!“

هتي انهيءَ سوال کي ته ”ڇا سنڌي زبان ۽ سنڌي تمدن جي زوال واري صورتحال پيدا ته نه ٿي چڪي آهي؟“ في الحال نه پڇندي، اِهو پڇي سگهجي ٿو ته ”ڇا اسان جو اديب، خاص ڪري شاعر، پنهنجو ڪم ڄاڻي به ٿو؟ اُن سان سچو به آهي؟ پنهنجي فرض کان آگاهه به آهي- ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۽ تمدن کي زوال کان بچائڻ  واري پنهنجي ذميواريءَ کي نڀائي به رهيو آهي؟“ اُنهن سوالن جا جواب تنقيد ئي ڏئي ٿي، جيڪا اسان وٽ ناهي!                                                                                         

_امداد حسيني 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com