امر سنڌو
ڪجهه ڪوتائون
رڳو،
روم شهر ۾ ئي نه
جتي ڪٿي
بروٽس به گهڻا
خنجر به گهڻا
سيزر ئي اڪيلو آهي.
[امداد حسينيءَ جي نظم ”روم شهر ۾“ کان متاثر
ٿيندي]
چُمي رنگ
•گهڻن ڏينهن کان سُتي ناهيان
’شب بخير‘ جي چُمي موڪل
ته ننڊ اَچي…
•توکي چُمندي
مون کي پنهنجا چپ
ڪڏهن به ڇوڏا نه لڳا آهن.
•تنهنجون ته تصويرون به ڄاڻن ٿيون ته
منهنجا چپ،
توکي ڪيڏو نه پيار ڪندا آهن!
بارش رنگ
•بارش
پاڻ سان گڏ،
ڪي به رنگ نٿي آڻي
رُڳو،
رُڳو ئي رڳو
آلاڻ ڏيئي ٿي وڃي.
•اڪيلائپ جي ڪاراڻ کي
ڪا به بارش
نٿي ڌوئي!
شام رنگ
•-جا،
شام تو وَٽان
اُداس موٽي هئي
مون
اَڄوڪي شام واري چانهن
اُن سان پيتي آهي!
•-ڪيڏي نه
ساهه وجهندڙ شام
۽ ڪيڏو نه ساهه ڪڍندڙ
اوسيئڙو آهي.
•تنهنجي اکين جي آلي شام
مون به ڏٺي هجي
تنهنجي آلي وجود کي محسوس ڪري سگهان ٿي.
•-بارش جسم ۽
شام،
روح آلو ڪرڻ لاءِ ايندي آهي.
سڀاش هميراڻي
نظم
…ڄامشوري هلون!
هل هلون اي سَکي! ڄام شوري هلون.
ٿي جتي چيٽ جي هير ٿڌڙي گهُلي
۽ جڌهن چاندني نُور جئن ٿي وَسي
راهه جا سڀ پٿر ڀي ٻَري ٿا پون
زندگي ڪنهن حسين خواب جئن ٿي لڳي
ڄام شوري سندي ڳالهه ڪهڙي ڪريون؟
هل هلون اي سکي! ڄام شوري هلون.
روز مارون مـِلن، روز پهرا لڳن
روح ۾ روز ڪيڏا نه ڪنڊا چُڀن
سنڌ ساري سکي! جيل آهي بڻي
چين ڪوئي ملي، چئن گهڙين جي لئه
’مارئي‘ ٻاهران آسمان ڪو ڏسون
هل هلون اي سکي! ڄام شوري هلون.
زندگي کي جنم ٿيون ڏيون، پوءِ ڀي
زندگي باهه ۾ ڪيترو ٿيون سڙون
ڪو ته عيسيٰ اچي ڦٽَ پنهنجا ڏسي
پاڻ مريم جيان کيس چنبڙي وڃون
يا وري زندگيءَ جو ڪو نوحو پڙهون
هل هلون اي سکي! ڄام شوري هلون.
شام جي ديس جي ڪا حسين ڇوڪري
شال ’ڪاري‘ نه سڏجي نه سڏجي وري
پيار جي راهه ۾ روشني ئي رهي
سنڌ سهڻي سکي، شال اهڙي ٿئي
هل ’اَمان ايلسا‘ وٽ دُعا هيءَ گهرون
هل هلون اي سکي! ڄام شوري هلون.
نظم
وفا جون ڪٿائون جلايون ويون هن
هتي چاهتون سڀ سزاوار ٿيون هن
اکين جي عقيدت نه سمجهي سگهيو ڪو
نگاهون ته هر موڙ سنگسار ٿيون هن.
مـِٽيءَ سان هيو يا پرين سان هيو پر
هتي عشق ئي ڏک ازل کان ڏنا ها
وري پيار جي سُرڪ هڪ ئي ملي هئي
اسان جا پرين چَپَ ئي مَس ڀنا ها.
سڄي رات سُک سان سمهن شال مارو
چريو من وري خواب ڪهڙا ڏسي ٿو
وُٺا ماڪ جئن درد ساري نگر تي
ڀـِنل نيڻ جان ڳوٺ سارو لڳي ٿو.
وسيم سومرو
غزل
تون جي ناهين! ته ڇا ڏسان ڇا هي؟
شهر جي هر گهٽي سُڃي آهي.
کڙڪندڙ پَن هئا، نه هو ڪوئي،
سامهون جو ڏٺم ڪڙو لاهي.
چنڊُ احساس ۾ هئو ڦُٽندو،
تون جو ڏسندي هئينء رَئو ٺاهي.
رات انعام ۾ ملي مون کي،
تنهنجي نيڻن جي روشني چاهي.
ڀاڳ مون کان اڃا رُٺو ناهي.
ڪاش تون اوچتو ملين مون کي،
هونئن سڀ ڪي ڇڏي اٿم ساهي.
انيتا شاهه
نئين سال جو سواليه نظم
ڇا تو ڪڏهن ڪنهن کي
اونداهيءَ ۾
روئندي ڏٺو آهي؟
ڇا تو چانڊوڪيءَ ۾
ٻار جي کـِلَ
۽ مينهوڳيءَ ۾
مور جو ناچ ڏٺو آهي؟
ڇا تو ڪڏهن کنوڻين ۾
ڪنهن ياد کي کـِجندي
ڏٺو آهي؟
ڇا تو يادن جي گهائَن تي
چنڊ جي اکين سان پرکيو آهي؟
ڇا تو ڪڏهن ڪنهن کي
اونداهيءَ ۾ روئندي ڏٺو آهي؟
سـِپون موتين بنان!
دِل جي ٻيڙي پئي ٻُڏي ٿي
تري ٿي
۽ ڪڏهن
تَر وڃي وٺي ٿي!
تون اچين ٿو
ته لهرون به چيو ڪن ٿيون
تون وڃين ٿو
ته ساگر به بي چيو ٿي پوي ٿو!
ورهين کان وٺي
ساحلن جي سونهن
سپنن جي ساڀيان ۾
سمائجي وئي آهي.
وارياسن جا ڀُرڪڻا ماڻهو
هر نئين طوفان تي
ٽڙڪ ڪري ٽُٽي پون ٿا!
سمنڊن مان سـِپون
موتين بنان
اچي ڪپرن تي ڪـِرن ٿيون!
هڪ ڪَوِتا
تون جڏهن کان
هٿ لوڏڻ بنان
اُنهيءَ اڻ ڏٺي ماڳ اُسهيو آهين
تڏهن کان
منهنجين اُداس اکين ۾
سورج اٽڪي پيو آهي،
۽ لُڙڪن شفق کي
مرجهائجڻ ڪونهي ڏنو
تنهنجو اوسيئڙو
تنهجن نيڻن جي
مڙني پيچرن کان به اڻانگو آهي
۽ تنهنجن چپن تي پکڙيل مُرڪ
سنسار جي سڀني سوالن کان سولي!
تنهنجا لفظ
قبر ڪنڌيءَ تان
موٽائڻ جهڙا
۽ تنهنجون ميارون
موت ٿي مارڻ جهڙيون!
تنهنجين يادگيرين جو ٻارڻ
اڃا به دُکي دُکي
ٻاريندو رهي ٿو.
حبدار سولنگي
…هڪڙو شعر لکڻ ڏيو
(غزل)
جيون جوڳيءَ- جاڳ جيان،
اندر آهي آڳَ جيان.
مُرڪ پرينءَ جي روشن راهه،
موهه پرينءَ جو ماڳ جيان.
هير پرينءَ جي هيجُ جيان،
چنڊ پرينءَ جي چاڳَ جيان.
جهومائي ٿي جيءُ اَلا!
رات اڄوڪي راڳ جيان.
منهنجي من لئه هوءَ آهي،
ڀٽڪي موٽيل ڀاڳَ جيان.
•
مون کي هُن جا نيڻ چمڻ ڏيو،
خوشبوئن جا خواب ڏسڻ ڏيو.
ڀل ته گلابن کي نه ڇُهڻ ڏيو،
پوپٽ جي پويان ته ڊُڪڻ ڏيو.
مون کي چنڊُ نه ڏيو ته، نه ڏيو پر،
چانڊوڪيءَ سان گڏ ته گهمڻ ڏيو.
منهنجي اندر ۾ ڪو آهي،
چُپ ته ڪيو، آواز ٻُڌڻ ڏيو!
اُڀ تي لٽڪائڻ کان اڳ ۾،
ڌرتيءَ جو پاتارُ ڇُهڻ ڏيو.
کوليو وارَ ته کيڏن رُخ تي،
ڪجهه ٻارن کي راند ڪرڻ ڏيو،
منهنجا هَٿ ڪپڻ کان اڳ ۾،
مون کي هڪڙو شعر لکڻ ڏيو.
ويٺي ويٺي ٿڪجي پيو هان،
ساهه پٽڻ لئه، پنڌ ڪرڻ ڏيو.
ذوالفقار سيال غزل
لفظ هوا ۾ ڳالهائن ٿا،
تنهنجا سُڏڪا تڙپائن ٿا،
گل مٽيءَ مان مهڪي نڪتا،
تنهنجي خوشبو ڦهلائن ٿا.
تون جي آڏو بيٺي آهين.
آئينا ڀي شرمائن ٿا.
پير پشم تون جڏهن کڻين ٿي،
گلڙا چوڌر لهرائن ٿا،
ذلف زماني وارا ماڻهو،
ساڙولا سڀ سهسائن ٿا.
•
ڀلي کڻي تون، وفا نه ڏين ها،
ڇڏي وڃين ها، دغا نه ڏين ها!
مون پيار توسان ڪيو مگر تون،
ستم ڪرين ها، سزا نه ڏين ها،
بنان سبب جي رُسي ويو آن،
وڇوڙو اهڙو مٺا نه ڏين ها!
ڀلي ملڻ جي نه ڳالهه ڪر تون،
ڇڏي وڃڻ جي دعا نه ڏين ها!
سڄو هي ساروئي ذلف تنهجو،
ملين نه ها ڀل، جفا نه ڏين ها.
پشپا ولڀ
تندِ
من جي تند تند تنواري ٿي
جسم جي رڳ رڳ پڪاري ٿي
سنڌ منهنجي روح ۾ آهي
هن جي مٽي منهنجو سندور آهي
هن جي ٻولي
ماءُ جي مٺي لولي آهي
هن جي ڀاڳي:
هن جا سڀ راڳي
ٻيجل، ڪنور، چندر، ڀڳونتي
سرمد، جمن، عابده، سخيراڻي
منهنجو آواز آهن
هن جا پکي
منهنجي لات آهن
هن جي زمين
منهنجو ضمير آهي
منهنجي ندي
سنڌو آهي
جتي منهنجي مرڻ کان پوءِ
منهنجي روح جو ڪنول ٽڙندو.
نئين/پراڻي ڪهاڻي
هيءَ ڪهاڻي سڀن جي ڪهاڻي آهي
تنهنجي منهنجي سڀ جي ڪهاڻي آهي
هر گهر، گهٽيءَ، شهر، ملڪ ۽ کنڊ جي ڪهاڻي آهي
ٿوري ٿوري نئين پر ڪافي پراڻي ڪهاڻي آهي
مان جا صبح جي ٿڌڙي هير هئس
صبح جو پهريون تارو
۽ روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو
هاڻي ڳاڙهو واچوڙو بڻجي وئي آهيان
منهنجي اعتبار جي عمارت
جنهن جي هر هڪ سـِر
مون ڏاڍي پيار ۽ گهڻي اعتماد سان رکي هئي.
هڪ لحظي ۾ هيٺ ڪـِري پيئي آهي
مان اُن ماڻهوءَ وانگر ٿي وئي آهيان
جنهن جو پورو شهر ۽ شهر جو هر گهر
ٻوڏ هيٺ اچي ويو هجي
هُن جي گهر جا سامان هيڏانهن هوڏانهن ترندا هجن
۽ هُو ڪجهه نه ڪري سگهي
نه ڪنهن طرف پهچي سگهي
نه ڪنهن کي سڏ ڪري سگهي
هُن جو آواز اُتيئي گُهٽجي وڃي، دٻجي وڃي
رڙيون سُڏڪن ۾ بدلجي وڃن
مون جنهن تي ايڏو اعتماد ڪيو
دل ۽ جان سان پيار ڪيو.
هر هڪ ڳالهه جو خيال ڪيو
۽ پهاڙ جيترو انتظار ڪيو
ٽَڪر جهڙو ڏينهن ٽُڪيو
جبل جيڏي رات کي ڏينهن ڪيو
مون سمجهيو اُنهن سڀن راتين جي آخر ۾
هڪ صبح آهي
هڪ روشني آهي
نئين زندگي جو پيام آهي
دک کي دک نه سمجهي
مون هُن تي ڪيڏو نه انڌو اعتماد ڪيو
مون پنهنجو سڀڪجهه وڃائي ڇا پاتو!
ٻه ٻار، وارن جي چاندي ۽ چَوديواري!
هو ته ڄڻ منهنجو ڪڏهن هوئي نه!
هر گهر به منهنجو نه هو،
مون کي ائين لڳو
ڄڻ
جنهن تختي تي ويهي مان طوفان سان
وڙهي رهي هئس
اهو به کسڪي ويو هجي!
ابرار ابڙو
غزل
سفر ۽ سارَ جي پويان، اکين کي پنڌ ڪرڻو آ،
عجب اسرارَ جي پويان، اکين کي پنڌ ڪرڻو آ،
نه ڏسڻو آ ته پٿر هـِن، نه ڏسڻو آ ته شيشا هـِن،
پرينءَ جي پيارَ جي پويان، اکين کي پنڌ ڪرڻو آ.
خبر ناهي ته ڪـِٿ منهنجين اکين جو ماڳ اچڻو آ،
سڄي سنسارَ جي پويان، اکين کي پنڌ ڪرڻو آ.
سندس ساهن جي خوشبو جي اِها ڪيڏي ڪشش آهي،
سدائين يارَ جي پويان، اکين کي پنڌ ڪرڻو آ.
ڪيل اقرار منهنجي کي، ڪڏهن اقرار آڇيندي؟
سندس اقرارَ جي پويان، اکين کي پنڌ ڪرڻو آ.
•
تنهنجا ڪيڏا رنگ رتول!
ڇُهندڙ هٿڙا رنگ رتول!
آئيني جو من معصوم،
تنهنجا نخرا رنگ رتول!
چُوڙين ۾ چوٻول سوين،
دل جا رستا رنگ رتول!
بستر تي جوڀن رُت جا،
سارا سپنا رنگ رتول!
چمڪي ٿو وارياسو رڻ،
تنهنجا پاڇا رنگ رتول!
آڳر تي آ اُجري رات،
تَنَ جا شعلا رنگ رتول!
اُڀريا تنهنجن ٽهڪن مان،
باک ڦٽيءَ جا رنگ رتول!
ياسين چانڊيو
ڪئن ڪندو سورج مکي!
ناهه جاڳيو ننڊ مان،
سج اڃا پيو آ سُتو،
ڪئن ڪندو سورج مُکي!
تنهنجي ڪمري جو سَکي!
در اڃا ناهي کُليو،
ڪئن ڪندو سورج مُکي!
هورڙيان ٿي ڪَنَ ۾،
گُلَ کي پوپٽ چيو!
ڪئن ڪندو سورج مُکي!
تنهنجي چهري جي مٿان،
اِيئن جي پردو رهيو!
ڪئن ڪندو سورج مُکي!
غزل
ڪوئي تولئه مري رهيو آهي،
برف وانگي ڳري رهيو آهي.
سارَ تنهنجي وجود ۾ آهي.
سارو جيون ٻري رهيو آهي.
منهنجي نيڻن جي سمنڊ ۾ جانان!
عڪس تنهنجو تري رهيو آهي.
جهنگ ۾ ٻارڙو پڙهي ٿو پيو،
مال ڀرسان چري رهيو آهي.
جوهر بروهي
چَوسٽا
چانڊوڪيءَ جا رنگ ٿوميڙيان،
دل ڌرتي جا دنگ ٿو ميڙيان؛
جذبا، گيت وطن کي ارپي،
چاهت وارا چنگ ٿو ڇيڙيان.
يعني اوندهه ويلو مون لئه،
آسا، آ پرڀاتي ناهي؛
ڌرتيءَ جو غدار اي جوهر،
منهنجي گهر جو ڀاتي ناهي.
پرهه ڦٽيءَ جو ديپ اُجهاڻو،
ڌرتيءَ تي ٿيو ٽامو ٽاڻو؛
ڇاپي آ اخبار خبر هيءَ،
ڀڳڙن مُٺ تي مڙس وِڪاڻو.
سنڌ تي ڇانيل سانجهيءَ ويلو،
پاڻ ته موٽي ڳوٺ وڃون ٿا؛
جيڪو ڏاڍ سان اک اٽڪائي،
اُن کي مانجهي مڙس مڃون ٿا.
نور جا ڪرڻا ڌرتي بر ٿر،
جُڳ جُڳ جيئَن جذبا جوهر؛
مَٽيا ماڻهوءَ ڄاڻ جا ماپا،
ڪيئن سڃاپي ڪانئر، ڪونڌر.
ريٽي رَت ۾ ڪونڌر وِهنتو،
برکا رُت ۾ بر ٿر وِهنتو؛
وک وک ڏاڍ گجي ٿو لوڪو!
پنهنجي پگهر ۾ ’جوهر‘ وِهنتو.
غزل
ڪارونڀار ڪڪر کي چئجو رڻ کي هڪ وسڪارو گهرجي،
ماڻهوءَ ذات سدائين جيئي، پاڻ کي پنهنجو پيارو
گهرجي.
ڏاڍ ڏمر جي ساعت ويلي، برپا ٿيندڙ قيامت ويلي،
جيڪو پنهنجو قوم سنواري، ماڻهو سو سوڀارو گهرجي.
وِک وِک روڄ ۽ سُڏڪا ٻُڌجن، ڪَنڌن تي ڪي ڪات ٿا
لٽڪن،
لوڪو! اهڙي اوکي جيون خاطر ساهه سگهارو گهرجي.
سـِنڌُو سُهڻو پَوتر پاڻي، سُرڪ به اُن جي مصريءَ
هاڻي،
ڌرتي حق سمورا ماڻي، اهڙو ڀاڳ ڀلارو گهرجي.
ڌرتي پڪاري ڀيڄ ڀٽائي! گونجي جڳ ۾ اَمن جي وائي،
مُرڪ ٿئي معذور نه ڪڏهين، جيون ڪين ڪسارو کهرجي.
’جوهر‘ جيڪو شوق رکون ٿا، ڏاهپ جا ڄڻ سبق سکون ٿا،
پنهنجو سماج سنوارڻ خاطر فڪر به ڪو موچارو گهرجي!
اداس پرديسي ڀٽو،
غزل
جذبن ۾ بس لـِڪ نڪتي،
ڪانه سـِڪيءَ جي سـِڪ نڪتي.
دادوءَ کان آيم موري،
صرف سَکيءَ جي ڇـِڪ نڪتي.
مڃيم کوڙ حسين آهن،
هوءَ لکن ۾ هـِڪ نڪتي.
ميهار ويو سهڻيءَ ڏي،
مينهن کان ڇو ڍِڪ نڪتي!
آءٌ ’اُداس‘ ائين تو بن،
مُنڊيءَ مان ڄڻ ٽـِڪ نڪتي!
عزيز ڪنگراڻي
چوڏهينءَ چنڊ ڦُلو!
(بيت)
اَجهل جذبن ساڻ تون، پوئي پيار لَڙهي
لوڙهي وٽ چڙهي، ڪنهن لئه ڀرين ڳاٽ ٿي.
مُڪيون ساروڻيون، تحفي ۾ جي هيل تو،
خوشبوئن هاڻيون، سانڍيم سي سڀ ساهه سين.
جيڏي تون کـِلڻي، کنوڻ ناهي ايتري،
کيرٿر جي ڪور جي، هرڻي وڌ ٽهڻي،
پر نخرن سان هلڻي، هرڻي ڄائي ڪينڪي.
وهندڙ پاڻي گاج ۾، اُجرو تنهنجو عڪس،
لهر لهر جو رقص، ڀيٽا تنهنجي سُونهن جي.
چنڊ چتائي، ڏسي اُجري آب مان،
توکان چورائي، وڃي نه تنهنجي چاندني.
مون ڏي ۽ توڏي، ڇو ٿو چنڊ تڪي،
شايد گڏ گوڏي، ڏسندي پيو آ هـِرکجي.
ڍڪي ڇڏ ڇاتي، دل ٿي هـِرکي چنڊ جي،
پائيندي جهاتي، تڪي جهُڙ جي اوٽ مؤن.
تُون جي ناهين ساٿ ۾، اُڻٽيهين اُونداهه،
جيون تان ويساهه، تنهن پل ويندو آ کڄي.
ويٺو آهيان منتظر، پرين ڪين پُڳو،
چوڏهينءَ چنڊ ڦُلو، ڀاسي اُڀ جي اَک ۾.
ڀاسي اُڀ مزار ٿو، تارا ڄڻ ته ڏِئا،
سارا فوت ٿـِئا، ساجن تو بن آسرا.
ڇرڪي پُڇيو چاندني، ڇا جو چمڪو ٿيو؟
ساجن آ مُرڪيو، مون به وراڻيو ڇُوٽ ۾.
رشتو ڦُول سڳنڌ جو، جاني آهي جيئن،
توسان منهنجو تيئن، ساجن ساهه سُٻنڌ آ.
هڪڙو آ ڪاڇو، منهنجي ساهه سرير ۾،
۽ ٻيو آ پاڇو، پريتم! تنهنجي پريت جو.
جَنميو مون کي جَڳَ ۾، ڪاڇي ڌَر جي ڪُک،
پاڻ ٻنهي سان سُک، هرگز ناهي ٺاهه ۾.
ملهار سنڌي
ڇا ڏات کَسي سگهندينءَ؟
هوءَ پيار نه ڄاڻي ٿي،
هر روز تڏهن مون لئه، آزار اُماڻي ٿي.
ڇو چاهه-نگر ڊاهيون؟
ان کان ته سَٺو آهي، اونداهه-نگر ڊاهيون.
فڪرات کسي سگهندينءَ؟
تون پيار ڇـِني مون کان، ڇا ڏات کسي سگهندينءَ؟
ڪوئي به نه ساٿي آ،
ڪٽيان ٿو سفر تنها، دردن ۾ حياتي آ.
مون ڳَلَ چُميا تنهنجا،
ڪيڏو نه حجابن ۾، ها نيڻ جهڪيا تنهنجا!
احساس نه تڙپايو،
گل ورڇي محبت جا، سنسار کي مهڪايو.
هر چاهه ڪيان صدقي،
مان ديس جي ڌرتيءَ تان، سر ساهه ڪيان صدقي.
جعفر جاني
شام کان ٿو پيان، ڇو نه ٿي دل رَڄي!
تانگهه جي تار مون ۾ اڃا پئي وڄي.
ياد ڪر! تنهنجي نالي سان منسوب هو،
هي هينئون جو هينئر هول ۾ ٿو هَڄي!
ديس جو درد آ، يار جي سارَ آ،
آ ٻنهي سان ٻَڌل، روح ڪنهن تان کَڄي!
انت، گمنام آسيس آهي پرين،
پيڙ ماڻي وٺون، ڀيڙ جيسين ڀَڄي.
آءٌ انڌن تي ڪهڙيون ميارون رکان،
ڪين ’جاني‘ جڏهن ڪنهن سڃاتو سَڄي!
ظهير زرداري
غزل
سدا نه رهندا ڏينهن رُئڻ جا،
نيٺ ته ورندا پَل مُرڪڻ جا.
آءٌ جهليان روئڻ کان ڪهڙو،
نيڻ نه آهن هي سمجهڻ جا!
هاڻ جدائي ڀاڳ اسان جو،
اُهي به ها ڪي ڏينهن ملڻ جا!
تون ٿو ٽوڙين، تنهنجي مرضي،
رشتا ڪونهن دوست ٽُٽڻ جا.
ڪير ’ظهير‘ ڳڻيندو ويهي،
ناهن منهنجا درد کُٽڻ جا.
فراق هاليپوٽو
چنڊ ميرو ٿي ويو…!
(1) روز
روز ٿو عيسيٰ چوي مصلوب ٿي،
پيو وَٽا سقراط آڇي زهر جا!
روز ٿي مون کي سڏي هڪ ڪربلا،
گهور گهاڻي مان بلاول جي اَلا،
دار، زندان ۽ پيا ڦٽڪا سڏين،
حق ۽ سچ جي ته مان آهيان صدا!
(2) راز هان!
شام ٽاڻي ڪنهن پکيءَ وانگر هيس،
رات ٿي ڪنهن وڻ جو ڌاريو روپ مون
پـِرهه ويلي اِينءَ لڳو ڄڻ ساز هان
سـِجُ اُڀريو مان ندي بڻجي ويس
ٽاڪ جو بڻجي ويس بادل وري
اينءَ لڳي ٿو ڪائناتي راز هان!
(3) ناسي نيڻ
ڪلهه پهاڙن تي پئي بارش هئي
اُڀ مان ڄڻ پئي ڇڻيا چانديءَ ڦڙا
۽ مٿان پاتو هُيئه نيرو وڳو
اُن سمئه مون کي لڳينءَ تون انڊلٺ
تنهنجا ناسي نيڻ ڄڻ ڪي نينڍ ها
تنهنجو جوڀن بي چيو مون کي لڳو!
(4) چنڊ ميرو ٿي ويو…!
چنڊ ميرو ٿي ويو هن ديس جو
۽ نديءَ آهن ڀريا سڀ مـِٽ دِلا
هيل واريءَ جا رڳو ۽ اُڃَ جا
ديس ڄڻ صحرا جو آ اُڃيو هرڻ
وڻ ستارا ۽ پکي سوچين ٿا
ديس کي ڪنهن خواب ارپيا رُڃَ جا!
|