بخاري افضل
نينگر!
هوءَ نينگر
جا سالن کان
پنهنجي ساجن جي اوسيئڙي ۾
ويٺي ٿي واٽ نهاري
۽ پئي هنجون هاري
پر اُن نينگر کي
ڪهڙي خبر ته
”منهنجو ساجن
شهر جي سوڙهين گهٽين جي
ڪنهن حسينه جي
نيڻن ۾
گُم ٿي چڪو آ
هميشه جي لاءِ!“
دُعا
يا خدا!
منهنجي اُها
دُعا
ناقبول ڪر
جنهن ۾ مون تو کان
پنهنجو ”پرين“
نه گهريو هجي!
آءُ پرين
آءُ پرين!
هي سُڪل چپ
چُرن ڪجهه
تنهنجي سونهن ڏانهن
سُرن ڪجهه
تنهنجي نيڻن کي
نازڪ پيرن کي
چُمن ڪجهه!
نثار منصور
وري هوءَ وار کولي ٿي!
وري هوءَ وار کولي ٿي!
گذر جنهن جو گلابن سان،
بدن ۾ رات جي راڻي،
نظر ۾ ڪهڪشائون ۽،
چپن تي مُرڪ جا مُگرا،
کڻي ڪنهن لاءِ نڪري ٿي،
جهلي مُٺ ۾ سڀئي جذبا،
رُليل جي راهه رولي ٿي.
وري هوءَ وار کولي ٿي.
ڪڏهن بارش جيان برسي،
وسائي پيار ٿي مون تي،
ڪڏهن هوءَ سمنڊ وانگر آ،
ڪڏهن ساحل، هوا ڪڏهين،
ڪڏهن هوءَ ٽهڪ وانگر آ،
ڪڏهن هوءَ آه بڻجي ٿي،
ڪڏهن هوءَ نظم جي سـِٽ ٿي،
پني تي ٿي لهي، ڪوتا،
وري شاعر کي ڳولي ٿي.
وري هوءَ وار کولي ٿي.
ڪڏهن هوءَ وير پاڙي ٿي،
ڪڏهن هوءَ پاڻ واري ٿي،
ڪڏهن مون کي جياري ٿي،
ڪڏهن هوءَ مون کي ماري ٿي،
ڪڏهن هوءَ درد ٿي ڌوئي،
گلن جون پوئي مالهائون،
ڪڏهن هوءَ لوڻ ٻُرڪي ٿي،
سمورا ڦٽ اُکولي ٿي-
وري هوءَ وار کولي ٿي،
وري هوءَ وار کولي ٿي.
سحر امداد
آسڻ جن اَريج
(مختاران مائيءَ جي حوالي سان)
ته
هوءَ پٿر مان ڦُٽي ٿوهر جيان
هوءَ ته رڻ پٽ ۾ وَڌي
اَڪَ جي ڦُلڙيءَ جيان
هوءَ ته هئي مــِٽي
سندس سارو بدن مـِٽي رڳو
جنهن جو مُلهه ٽڪو به ڪينهي!
-------
اهوئي جسم بي وقعت
بنهه بيڪار
ٿوهر وانگيان ڪنڊا ڦُٽل جنهن تي
انهيءَ بيڪار ٿوهر جسم کي هٿ لائبو ڦٽرائبو
۽
سندس چپ
اَڪَ جي ڦلڙيءَ جيان
جو
اَڪَ جي ڦلڙي چٻاڙيندو
ته اُن جي ساهه کي سوگهو جهليندو
اَڪَ جي ڦُلڙيءَ جو زهري کير!
---------
سو
پئنچن جا قانون به پنهنجا:
هٿ جي بدران هٿ
اک جي بدران اک
۽ لڄ جي بدران لڄ!
”اونـِرلَڄ!“
هن جي رڙ ٻوڙن ڪنن ڪانه سُئي
پوءِ به هُن
اُنهن نرلڄ ماڻهن آڏو ڪيڏو لـِيلايو هو:
”اي ڀـِرا مين تيڏي ڀيڻ هان!“
”اي اَبا مين تيڏي ڌي هان!“
-------
۽ هُن جون رڙيون
هُن جون ڪُوڪُون
هُن جون دانهون ڪنهن ڪونه ٻڌيون
سڀ ٻوڙا ها!
هُن جا ڳاڙها ڳوڙها ڳاڙڻ ڪنهن ڪونه ڏٺا
سڀ انڌا ها!
-------
۽ هوءَ وستر هـِيڻ
سندن ئي وِچ مان
ڪيڏي اسٿرتا سان گذري ويئي
-------
ڇو ته هوءَ فينڪس جيان
پنهنجي لئه باهه ۾ سڙي کامي
پنهنجي ئي رَک مان ٻيهر ڄمي هئي
۽ هاڻ هوءَ اُها نه هئي
جا هوءَ هئي اڳ ۾
۽ هاڻ هن جي وِهه جو وَرن ٻيو هو!
(آسڻ جن اَرَيج، تن جي وِههُ جو وَرَن ٻيو!)
امداد حسيني
هڪ نظم
ٻوڏِ به تنهنجي ڪاڻي اک ۾ پاڻي آڻي ڪانه سگهي
طوفان به تنهنجي وِگ کي لاهي ڪونه سگهيو
تنهنجي اندر ڌڳندڙ ڪانڊي ٽانڊي کي
وَڏَ ڦڙو به وِسائي ڪونه سگهيو
تو ڳالهايو (وِههُ اوڳاڇيو)
تنهنجي آڏو
ماڻهو ڀتين (مُردن) وانگر ٿي ويا
ڪو ڳالهائي ڪونه سگهيو!
سڀڪجهه ساڳو!
سڀڪجهه ساڳو آهي
ڪجهه به ته بدليو ناهي.
تون به اُهائي ساڳي آهين
وڌ سُهڻي وَڏ ڀاڳي آهين
مان به اُهوئي ساڳو آهيان
ڇا جو ڀاڳ، اَڀاڳو آهيان
نند به تنهنجي، خواب به تنهنجا
مان ته رڳو اوجاڳو آهيان!
سڀڪجهه ساڳو آهي
ڪجهه به ته بدليو ناهي.
رات به ساڳي، چنڊ به ساڳو
چانڊوڪيءَ جو ونڊ به ساڳو
وقت جيان هي سمنڊ به ساڳو
تارا تارا ساڳي سانجهي
ساڳو گيت ۽ ساڳو مانجهي
سڀڪجهه ساڳو آهي
ڪجهه به ته بدليو ناهي.
پاڻ!
پاڻ بي اَجهي آڌر، اي اَجهو اي آڌر سنڌ!
پاڻ ئي اُڃي پياسي، اي ندي اي ساگر سنڌ!
پاڻ ئي ڇني ڇوري، اي پدر اي مادر سنڌ!
پاڻ اڄ غريب آهين، اي غريب پرور سنڌ!
غزل
شاعريءَ جهڙو ڀلا اعليٰ هُنر آهي ڪٿي!
پارڪر مس ۾ مگر خونِ جگر آهي ڪٿي!
سمنڊ سارو مس ڪي، ڌرتي پنو ۽ وڻ قلم،
حال دل جو پوءِ لکيم پر سربسر آهي ڪٿي!
ڪونه موٽيو ڪو سڄي اڱرين ڪلالن ڪوءِ مان
اُن گهٽيءَ ۾ ڌڙڪٿي آهي ته آهي سَر ڪٿي!
محنتن سان مانُ قومن ۾ ملي ٿو اي ميان!
پنهنجي پيشانيءَ تي پورهئي جو پگهر آهي ڪٿي؟
آهه شهه رڳ کان به ويجهو هُو، مگر آهي ڪٿي،
زندگي آهي سفر پر همسفر آهي ڪٿي!
تون سـِڌي ناهين ته تنهنجي سينڌئي ناهي سـِڌي،
تو ۾ وَر ناهي ته پوءِ واٽن ۾ وَر آهي ڪٿي!
الف سان الله ايشور الف سان ”امداد“ پڻ،
هيترا سارا اکر، اهڙو اکر آهي ڪٿي!
امداد حسيني
2000-10-9 تي لکيل هڪ نظم
ڇا ڇا نه ڪرڻ چاهيوسي!
تنهنجي گهٽيءَ جي مٽيءَ ۾
سر ڌڙ ڌار ڌرڻ چاهيوسي
تيز هوائن ۾ به اڱڻ تي
ڏيئي جيئن ٻرڻ چاهيوسي.
ڇا ڇا نه ڪرڻ چاهيوسي!
تنهنجي ڪمري ۾ تو آڏو
پهچي ڪونه ورڻ چاهيوسي
آڱوٺي کي چهڪ ڏئي پوءِ
سينڌ سـِنڌور ڀرڻ چاهيوسي
ڇا ڇا نه ڪرڻ چاهيوسي!
بادل وارن جا چاهياسي
اکڙين منجهه هرڻ چاهيوسي
تنهنجي لاءِ جيڻ چاهيوسي
تنهنجي لاءَ مرڻ چاهيوسي
ڇا ڇا نه ڪرڻ چاهيوسي!
ڇا ڇا نه ڪرڻ چاهيوسي!
ساٿ
اڳ وڇوڙا گهٽ سَٺا آهن اسان،
جو مـِلي وئي آهين اڌ راهه ۾!
ساٿ ڏيندينءَ!
ڪيستائين؟
هن گهٽيءَ تائين!
گهٽيءَ جي موڙ تائين؟
شام تائين؟
شام جيڪا ڏينهن جو
هڪ موڙئي آهي
اهو پوءِ خوبصورت ئي سهي
پر هڪ موڙ آهي!
ساٿ ڏيندينءَ؟
ڪيستائين؟!
رات تائين
بستري تائين؟
ستارن سان سجايل سيڄ تائين!
ساٿ ڏيندينءَ؟
ڪيستائين؟
ڪيستائين؟
ڪهاڻي تخليقي ادب جي هڪ سگهاري ۽ اهم صنف آهي.
سنڌي ڪهاڻيءَ، شروع کان ئي- جڏهن کان اها سنڌي ادب
۾ متعارف ٿي آهي- تڏهن کان ان سنڌي ادب ۾ پنهنجو
اهو خاص رتبو ماڻيو آهي.
ورهاڱي کان اڳي جي سنڌي ڪهاڻيءَ کي اسين ”ڪلاسيڪل
ڪهاڻي“ چئي سگهون ٿا. امر لال هڱوراڻي، آسانند
مامتورا نادر بيگ ۽ شيخ اياز جون ڪهاڻيون ان زمري
۾ اچن ٿيون. ورهاڱي کان پوءِ واري دور کي، اسين
سنڌي ڪهاڻيءَ جو، هند توڙي سنڌ ۾، ٻيو دور چئي
سگهون ٿا سرحد جي هـِن پار، توڙي هُن پار، اهو دور
سنڌي ادب، ٻوليءَ ۽ سنڌين لاءِ هڪ ڏکيو دور هو.
اُن دور ۾ ۽ سنڌ ۾ خاص طور تي ون يونٽ واري جبري
دور ۾ ادب جي ٻين صنفن سان گڏو گڏ سنڌي ڪهاڻي به
انتهائي ڀرپوريت سان لکي وئي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي
بچائڻ ۽ ترقي ڏيارڻ جي ڏس ۾ ڪهاڻيڪارن شاندار
ڪردار ادا ڪيو.
ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ صورتحال تبديل ٿي وئي. سنڌي
رسالن ۽ ٻين پبليڪيشنز تي پابندي مڙهي وئي. ڪي
ڪهاڻيڪار هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. ڪن
ڪهاڻيءَ (يا ڪهاڻيءَ اُنهن) کي ڇڏي ڏنو. ڪي ناول،
ته ڪي آتم ڪٿا، ڪي تحقيق ته ڪي اليڪٽرانڪ ميڊيا
ڏانهن لڙي ويا- ائين سنڌي ڪهاڻيءَ جو سج به لڙي
ويو! پر اسين ڄاڻون ٿا ته:
هڪ رات کان ڌيڪ ڪٿي،
سورج ڪنهن پَرِ ٽـِڪڻو ناهي!
۽ سنڌي ادب جي آسمان تي ڪهاڻيءَ جي سڀاڻي جو سون
ورن سج اوس اُڀرڻو آهي- ۽ رات جي هـِن پوئين پهر ۾
اسان جا ڪيترائي نوان ڪهاڻيڪار سڀاڻي جي سـِجَ جي
آجيان جي تياريءَ ۾ رُڌل آهن.
_ڊاڪٽر حبيب الله صديقي
|