سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (3)

 

صفحو :16

محلي جا ٻار ڊنبلن ۽ ٽولين جي صورت ۾ سڄي پاڙي ۾ پکڙجي ويندا. ننڍيءَ عمر جا ڏياٽيون ۽ وڏيءَ عمر وارا متا کڻي هلندا. هڪجيڏا، دوست، ساٿي ۽ ٻيلي، پنهنجن پنهنجن ٽولين سان نڪري نروار ٿيندا. اها هئي شب برات، جنهن کي سيري مانيءَ واري عيد به سڏبو آهي. شب برات تي اُن زماني جا مسلمان، جيڪي گهڻو ڪري سنڌي هئا، ان ڏينهن تي سيرو ماني، سيرو پُوري، سَيون، پيهون، مڙئي مٺو طعام ٺاهيندا. ڪن گهرن ۾ گوشت جو پلاءُ به ٺهندو هو. اهڙيءَ طرح انهيءَ خاص موقعي تي ڪيل طعام، شام کان سانجهين تائين عزيزن، قريبن، پاڙيوارن ۽ دوستن ۾ ورهائيندا. ننڍا ٻار نوان ڪپڙا پائي خوشيءَ جو اظهار ڪندا. گهر جا وڏا ڀاتي ساري رات الله تعاليٰ جي عبادت ۾ حيثيت آهر گهر کي روشن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. جن جي گهرن ۾ بجلي هئي، اُهي گهر ۾ سڀ بلب رات جو ڪافي دير تائين ٻاري رکندا. اضافي بلب ۽ واڌُو روشنيءَ جو ڪو به خاص اهتمام ڪونه ڪيو ويندو هو. ٻار وري ميڻ بتين جا بنڊلن جا بنڊل (ان وقت ٻارنهن ميڻ بتين جو بنڊل هڪ آنو، ڇهه پيسا ۽ ٻه آنا هو) آڻي، ڪجهه شمعون گهر ۾ ٻاري باقي مسجد شريف ۾ ٻاريندا هئا. ٻارن جو ڄڻ ته ميلو هوندو هو. وچين نماز کان پوءِ عيد جو سمو ٻڌجي ويندو. سڀڪنهن گهر مان جيڪو رڌو پڪو هوندو، پهريون ٿانءُ مسجد شريف ۾ ڏياري موڪليندا، پوءِ پنهنجن پراون ڏي موڪليندا. بس سائين، پوءِ ته حاجي رانجهو وٺڻ ۾ پورو هوندو ۽ ٻار آڻڻ کان نه ٿڪبا. مسجد ۾ جتي هن وقت اولهه طرف ڪوٺي آهي ۽ پاڻيءَ جو موٽر آهي ۽ اُن جي ڀرسان پاڻيءَ جي Under ground  ٽانڪي آهي، اُتي هڪ ڪچو حُجرو ٺهيل هو، جنهن ۾ مسجد جو فالٽو سامان پيل هوندو. جتي هاڻ موٽر لڳل آهي، اُتي ڀت جي پاسي کان هڪ وڏي ڍڪ سان ڪاٺ جي وڏي شاهي پيتي جهڙي مها صندوق پيل هوندي هئي. حاجي رانجهو ٻارن ۽ وڏن کان آندل طعام وٺندو ويندو ۽ پيتيءَ ۾ پيل انيڪ خالي پاٽين، رڪيبين ۽ ٿالهين ۾ لاهي، ٿانو موٽائي ڏيندو ويندو. ڪن ۾ سيرو، ڪن ۾ پيهون، ٻين ۾ وري سيون، ڪٿي مانيون، ته وري ڪن پاٽين ۾ پلاءُ، هڪٻئي مٿان سٿيندو ويندو. مطلب ته اُن ڏينهن ڪيترن ئي قسمن جي طعامن سان اُها شاهي پيتي ڀرجي ويندي هئي. سومهڻي نماز تائين هڪٻئي مٿان ڪيتريون ئي وٽيون رکجي وينديون. پوءِ حافظ خميسو (پيش امام) ۽ حاجي رانجهو ٻانگو ڍؤئڻ ۾ پورا هوندا. حافظ کي ماڻهو سندس گهر تي به ماني موڪليندا هئا، انڪري اُهو هتان ايترو گهڻو ڪونه کڻندو هو. حاجي رانجهي کي پـِيرو فقير ڏاڍو ڏکيو پوندو هو. پـِيرو هو به هڪ ئي سر، پر هٻڇي به هٻڇين جهڙو هو. حاجيءَ سان ماني تان مڙئي ٽنٽو لائي بيهندو هو.“ ميان ڦاٽي ٿا مرو ..... سڀئي سڻڀا مال ڏياريو موڪلين ڪارن ڪانون ڏانهن، باقي اڻڀا ٽڪر پيو منهنجي پاسي ڪرين!“ حاجي چڙي چوندو: ”چڱو چڱو…هاڻ بس ڪر…خدا جي گهر ۾ سارو ڏينهن بڪ بڪ لايو ويٺو آهين…هيترو سارومال مليو اٿئي ته به ڀڀ نه ٿو ڀرجئي!…ڀانئين ته سڄي پيتي تنهنجي حوالي ڪريان؟“

مسجد اندر هنن ٻنهي جو سيري تان جهيڙو هوندو ته ٻاهر وري عيد ملهائڻ وارن ٻارن جو ٻاڪارو. واڍن جي پـِڙ جي پرئين پاسي (جبل تي) آسن مل، اورئين پاسي ڪوڏو ۽ لڌي (ڪوڏومل لڌارام) ۽ ڪورين جي پـِڙ ۾ ڪُندي (ڪُندي لعل) جا ريزڪي سيڌي جا دڪان هوندا هئا. ٻار واري واري سان ٽولين جي صورت ۾ مذهبي ۽ ديني ٻولن وارا ٻاراڻا ٻول ۽ مولود وغيره ڪورس جي شڪل ۾ جوش خروش سان ڳائيندا، اچي دڪان هيٺان سهڙبا: ”عيدين مشالو…ڪافر جو منهن ڪارو…اسان جي نبي ﷺجو منهن موچارو،“ چوندا گشت ڪندا رهندا ۽ ٻارن جي ڏياٽين ۾ تيل ختم ٿي ويندو يا مُتن ۾ گاسليٽ ختم ٿي ويندو ۽ ٻري ٻري شعاع ڪڍڻ بند ڪندو ته اچي واڻين جي دڪانن جي اڳيان بيهندا. دڪان وارو جهٽ جهٽ تيل جي ڪُپي ڪُپي هر ڪنهن جي ڏياٽيءَ ۾ ۽ گاسليٽ جي اڌ اڌ ڪُپي مُتي جي مٿان وجهندو ته ڀڀڙ ٻري ويندا ۽ ٻار وري ڳائيندا هليا ويندا. ڀلا جي گهڙي گهڙي ڏئي ٿڪبا ۽ بخيل ٿي ڇڙٻ ڏئي ڪڍندا…”ڪونهي، هلو هتان“ ته وڏا شرارتي ٻار هن ڪورس سان روانا ٿيندا: ”عيد ۾ ڏياٽي، لڌي جي ڌوتي ڦاٽي!“

عجبَ دَور هئا! نه ٻار مُڙندا ۽ نه وري دڪاندار ئي دل ۾ ڪندا، اُٽلوپيا کـِلندا ۽ خوش ٿيندا. اُهي اهڙا وهنوار هئا، جي هينئر ياد ٿا اچن ته زير لب مُشڪ اچيو وڃي. سومهاڻيءَ (عشاءَ) جي نماز سڀ ننڍا وڏا، باجماعت پڙهندا. مسجد شريف روشنيءَ سان منور، خوشبوءَ سان مُعطر ۽ خوب واسي پئي هوندي. چوڌاري جڳ مڳ لڳي پيئي هوندي هئي. سومهاڻي نماز بعد عيد جو ڏڻ ڄڻ ته ختم سمجهي ٻار ته ٿڪي ٽٽي سمهي پوندا، ۽ وڏا ساري رات قرآن شريف جو دَور ۽ نفل پڙهندا، عبادت ڪندا رهندا ۽ اڪثر ٻئي ڏينهن نفلي روزو رکندا.

اُن وقت ڦٽاڪن ۽ آتشبازيءَ جو رواج ڪونه هوندو هو. سنڌ جا سادا سودا مسلمان صحيح نموني ۾ اسلامي اصولن جي پيروي ڪندا هئا؛ ڦٽاڪا ۽ آتشبازي فقط هندو ڏياري وغيره تي استعمال ڪندا هئا. ان کان سواءِ ٻين خوشين جي موقعن تي مسلمان جهڙوڪ شادي، وهانءَ، ٻارن جي طهر وغيره تي ڪندا هئا. پاڪستان کان پوءِ اهي هـِندڪا رواج اهڙا آيا جو اڃا تائين ڪثرت سان شب برات تي بي انداز ڦٽاڪا ڦاٽندا آهن.

حاجي رانجهي جي وڏي لئه رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ ٿيندي هئي. چنڊ رات ٿيندي ته شهر جي قاضيءَ طرفان گهڙيال وڄائي چنڊ ڏسڻ جو پڙهو ڏياريو ويندو هو. اُن رات کان وٺي ٻار ۽ وڏا ڇوڪرا رات جو دير سان جاڳا ڳائڻ شروع ڪندا: ”چنڊ رمضان جو، در ڀڳو شيطان جو، ڏيئو ٻريو اسلام جو، آهي جاڳڻ ويل ٿي، اُٿو…مومنو اُٿو.“

بس سائين، پوءِ حاجي رانجهي جو سانجهي نماز کان پوءِ سارو سڳورو مهينو، سانجهيءَ کان وٺي سومهاڻيءَ تائين مانين ڍوئڻ ۾ گذرندو. مسجد ۾ روزائتن جي روزي کولڻ لاءِ اوڙي پاڙي مان جيڪي به مانيون اينديون هيون، سي حاجي رانجهو وٺندو پيتيءَ ۾ پيل پاٽين ۽ پاٽوڙن ۾ سٿيندو ويندو ۽ خالي ٿانوَ موٽائيندو ويندو. جماعت جا سينئر ميمبر جهڙوڪ حاجي پـِيرو، حاجي قادر بخش، حاجي مُوسو وغيره پنهنجن گهرن مان روزي کولڻ لاءِ جيڪا ماني کڻي ايندا، اُها پنهنجي اڳيان رکي مسافر مڙا پرديسين ۽ غريب غُربي کي پاڻ سان ويهاري کين روزو کولائيندا ۽ باقي ٻي ساري ماني حاجي رانجهي جي پيتيءَ جي پيٽ ۾. سبحان الله…ڇا ته انسان هئا، دنيا جي طلب ۽ لالچ جو ته ذرو به نالوئي نه هو، ويچارا محدود مسڪينيءَ ۾ به مست هئا.

رمضان شريف جو پورو مهينو  حاجي رانجهي ۽ پـِيروءَ جو مانيءَ تان وڙهندي گذرندو ۽ وڃي خير جو عيد رات ختم ٿيندو. پـِيروءَ جي رڙ پيئي پون: ”ميان مسجد ۾ ماني مسافرن لاءِ ٿي اچي ته روزائتا کائين ۽ ڏيندڙن کي به ثواب سَري ۽ تون آهين جو سڄي پاڙي جي آيل ماني گهر کنيو وڃين. ڪو خدا جو خوف ڪر…“ حاجي غصي ۾ ڀرجي وراڻي ڏيندس: ”خوف ته تون ڪر، چڱي چوکي مزوري ڪمايو اچين سا ٻڌين پٽڪي جي ڳنڍ ۾، پو به مسجد جي ماني مفت ۾ ڏلهڻ ٿو چاهين. ميان حق منهنجو آهي. سڄي مسجد جي صبح شام صفائي آءٌ ڪريان. پنج وقت ٻانگ آءٌ ڏيان، مسافر مڙي جي سنڀال آءٌ لهان، پوءِ به ماني نه کڻان؟ مون کي وري ڪو جماعتي پگهار ٿا ڏين ڪيئن؟“

اهڙيءَ طرح مٿان عيد اچي ويندي ۽ وري ڏسبو ته هاجي رانجهو ۽ پـِيرو فقير مسجد جي دِڪيءَ تي ويٺا مولود چون! حاجي رانجهي جي صفتن ۽ ڪردار تي ننڍپڻ جي ذهن کي پرڀرو ڪري، نظر ٿي وجهجي ته بيشڪ هو هڪ عجيب انسان ۽ عظيم شخصيت جو مالڪ هو. سخت آرهڙ جي گرمين ۾ تتل دِڪيءَ تي اڳينءَ جي ٻانگ ڏيڻ، سياري ۾ سيءَ جي سوساٽن ۾ ڪوسي پاڻيءَ جي ٽانڪيءَ ۾ ڪاٺيون سورڻ ۽ ڪيري وجهڻ، فجر جو پارن پوندي به مينهن ۽ برسات جي پاڻيءَ جي تلائن مان ٿاڦوڙا هڻندي هن کي هر وقت مسجد تائين پهچڻ، خدا ۽ خدا جي بندن جي  خدمت ڪرڻ ۽ عبادت ۽ رياضت جي لاڳيتو اڻ تڻ رهندي هئي. واقعي اُهي ڀلاريون شخصيتون هيون، جن خدا جي راهه تي راضي رهي ٻين لاءِ مشعل راهه جو سبق ڏنو. هنن جي حياتي هيڪڙائيءَ جي حيثيت ۽ عبادت ۾ گذري ۽ رب جي رضا تي هردم شاڪر ۽ صابر رهيا. حياتيءَ جي ڏکن ڏاکڙن ۽ تڪليفن جي ڪڏهن به ڪا تـِر جيتري به شڪايت نه ڪئي هئائون. اهڙا انسان جڳ ۾ جيئڻ جو ڍنگ ڇڏي ويا. سادگيءَ جا بي انتها مجسما هئا. صاف گو ۽ سچ چئي ڏيڻ وارا هئا. سندن بيباڪ الفاظ اڄ به ڪنن ۾ گونجن ٿا. رک رکاءُ ۽ خوشامد ته اصل ڄاڻندا ئي ڪونه هئا. بلي!…وقت تنهنجو بخت ۽ تخت!

اهڙين عظيم هستين هن سنسار جي ڪُوڙي ڀرم تي ڪاپاري ڌڪ هنيو. سندن صداقت ۽ شرافت جو جيڪر کين اجورو نه به مليو ته ڇا، پر اُهي مالڪ حقيقي وٽ هميشه لاءِ سرخرو ٿي ويا. دنيا جي چند گهڙين جي حياتيءَ ۾ هنن ڪوڙ، ڪپت، دغا، فريب، دولاب ۽ منافقيءَ کان پاسو ڪيو. اهڙين خوبين ۽ صفتن ۾ جڏهن کين تورجي ٿو ته اسان کي پنهنجي زندگي حقير ۽ هيڇ ٿي لڳي. حاجي رانجهو حضرت بلال نه هو ته بلال صفت ضرور هو ۽ سچ پچ ته آءٌ پاڻ کي خوش نصيب سمجهندو آهيان، جو اسان اهڙا درويش صفت انسان ڏٺا.

حاجي رانجهي جي مرڻ جي مون کي يادگيري ناهي. باقي ايترو ياد آهي ته هڪڙو عيدو شيدي نالي، ٽنڊي طيب جو حبشي، جنهن جا وار اصل شيدڪا نوڙين جيان وٽيل ۽ اڇا، ائين لڳندا هئا ڄڻ سفيد ماڪوڙا چهٽيل اٿس. ڪڏهن ڪڏهن گڏهه تي، نه ته گهڻو ڪري پنڌ واڍن جي پـِڙ جي مسجد وٽان رستي تان لنگهندو هو. اهو مسجد اڳيان بيهي چوندو هو: ”حاجي رانجهو مئو. ٻانگ ڏني هڪڙن نماز پڙهي ٻين. هاءِ هاءِ، حاجي رانجهو مري ويو. حاجي رانجهو حضرت بلال ته نه هو پر حضرت بلال جهڙي خصلت وارو ضرور هو.“ ائين چئي  روئڻ ۾ ڇُٽڪندو هو. سبحان الله! ڪهڙا نه ڀلارا ماڻهو ويا هليا.

حافظ خميسو

هن دنيا جو اهو دستور ۽ اٽل قانون آهي ته جو به انسان ان ۾ ڄمي ٿو، اُهو زندگيءَ جو قيد ڪاٽي مريو وڃي. ان جي حياتيءَ جو سارو رڪارڊ هيءَ پنهنجي پيٽ اندر سانڍيندي اچي، پوءِ چاهي ننڍو يا وڏو، بُرو يا ڀلو، مطلب ته هر اهو انسان جيڪو هن ڌرتيءَ تي ٿي گذريو آهي اُن جي قدمن  جا نشان، ڪردار جي ڪارڪردگي، انهي جُهور دنيا جي بوسيده دفتر ۾ محفوظ رهجيو وڃن. ڪي انسان اهڙا هوندا آهن، جن جي حياتي شيشي وانگر شفاف هوندي آهي. حافظ خميسو به اهڙن ئي شخصن مان هڪ هو.

قد ڪاٺ جو پورو پُنو. بدن جو سنهڙو، مٿي تي سفيد ململ جو پٽڪو، سفيد شلوار ايٽن تي، اونهاري ۾ سفيد ململ جو پهراڻ، اندران صدري، سياري ۾ ناسي کٿو ويڙهيل، اهو هو سندس لباس مون کيس ننڍي هوندي کان ئي عمر رسيده ڏٺو. سندس سونهاري ان وقت اڌ اڇي اڌ ڪاري، پوءِ سڄي سفيد ڏٺم. ڪتابي چهرو، منهن نُور، چپن تي سدائين مُشڪ. ننڍي ڄمار کان پاڙي جي مسجد ۾ سندس پيش اماميءَ ۾ نماز پڙهڻ سکياسين. اسان بالڪپڻ ۾ جڏهن نماز پڙهڻ شروع ڪئي ته حافظ خميسو پيش امام، حاجي رانجهو ٻانگو ۽ يوسف ٻوڙو، مسجد جو متولي هو. انگريزن جو راڄ هو. ملڪ ۾ آدم ٿورو. پر سڀڪو پنهنجيءَ ڪرت ۾، نه گهڻي جماعت نه گوڙ شور. پر قرآن جي حافظ هئڻ ڪري سندس چهري تي نور جي جهلڪ نمايان ۽ پيشانيءَ تي نماز جو ڪارو نشان سندس ڪتابي چهري تي ڏاڍو ڀلو لڳندو هو. بيهڻ ۽ هلڻ ۾ ڪنڌ سدائين هيٺ، اها سندس سٻاجهي عادت هئي. ذات جو سومرو،  اصل اَباڻو ڌنڌو واڍڪو، پر اسان کيس حافظ جي حيثيت ۾ ئي ڏٺو. انگريزن جي اُن دَور ۾ رستا ڪچا پڪا، گهٽيون ڳليون سنسان، آدم ٿورو، گهرجون مختصر. اهي سڀڪي حياتيءَ جون اوڻايون ڪين هيون، پر ان وقت جي سماج ۽ ماحول جو ماخذ هو. آدم گهٽ هئڻ ڪري مسجد ۾ نمازين جو تعداد گهٽ هوندو هو. فجر جي نماز تي مشڪل سان صف ڀربي. ايڪڙ ٻيڪڙ جماعتي پوئين صف ۾ اڳين (ظهر) نماز تي. اهڙيءَ طرح ڏيڍ ٻه صفون وچينءَ (عصر) تي به هڪ صف پوري ٻه چار جماعتي ٻيءَ صف ۾. ها باقي سانجهين (مغرب) ۽ سومهاڻي (عشاءَ) جي نماز تي ٻه ٽي صفون ٿي وينديون هيون. ان جو سبب اهو هو ته اسان جي پاڙي جا رهاڪو گهڻو ڪري سڀ واڍا آهن. اهي سڀ فجر نماز پڙهي نيرن وغيره ڪري ساجهر ئي پنهنجن ڪمن ڪارين تي هليا ويندا هئا ۽ وري سانجهين جو ماڳ موٽندا، انڪري ٻين وقتن تي ٿورا جماعتي هوندا هئا. جماعتي به وري ڪهڙا! سبحان الله! مسجد ۾ جماعتين جي اڪثريت پڪن پوڙهن، عمر رسيده سفيد سونهارين  وارن جي هوندي هئي. ننڍي ٽهيءَ مان ٻه چار، ان کان علاوه ڪجهه ٻار به نماز جا ٻاڌاڻي هئا.

مسجد جي نجي آمدني ڪجهه به نه. برابر ٻه هَٽ مسجد جي ملڪيت ۾ هئا، جن ۾ پهريون ڪوڏو واڻئي جو سيڌي جو ريزڪي دڪان هو ۽ پوءِ اُهو عمر ميمڻ هلايو. مسواڙ ڪجهه رپيا متوليءَ کي ملندي هئي. حافظ صاحب کي ڪو مقرر ڪيل پگهار جو به ڪونه ملندو هو. اهڙيءَ طرح حاجي رانجهي ٻانگي جو به ڪو مقرر اُجورو نه هو. هو خدا جا بندا ٻارنهن ئي مهينا بنان ڪنهن اجوري جي باقاعدگيءَ سان پنهنجا فرض انجام ڏيندا رهندا هئا. سندن گذر سفر جو ڪو ظاهري سلسلو ڪونه هوندو هو. مسلمان ويچارا غريب ۽ مسڪين، پنهنجن ٻچن پالڻ ۾ ئي پورا، سي وري مسجدن ۽ پيش امامن جي ڪهڙي سار سنڀال لهي ٿي سگهيا. ان کان سواءِ آمدنيءَ جا ذريعا محدود ۽ ناڪافي. چڱي موچاري ڪاريگر جو روز يا ڏهاڙي فقط ٻه رپيا ۽ مزور جي ڏهاري ٻارنهن آنا. پر سچا ماڻهو، سچا پورهيا، ايمان جي سلامتي هوندي هئي ته هرڪو گهر اُن قليل آمدنيءَ هوندي به خير جو سٺو وقت پيو گذاريندو هو. مسلمان جيڪو ڪجهه گهر ۾ رڌيندا پچائيندا هئا، تنهن مان هڪ وقت جي ماني خدا ڪارڻ ڪنهن غريب، مسڪين، نادار، بيواهه جي گهر ڏيندا هئا. خاص ڪري ڳري ٻچڙيوال جو گهڻو خيال رکيو ويندو هو.

مڇي مانيءَ وارا گهر، ديني مدرسن، مسجد شريف ۽ پيش امامن جي گهر ماني موڪليندا هئا. اسان وٽ رات جي ماني حافظ صاحب جي گهر ويندي هئي. ان وقت سنڌي ماڻهو سادو کائيندا ۽ سادو هنڊائيندا هئا.  رات جو لوهه چينيءَ جي ننڍي کونچي ۾ کير ۽ لوهه چينيءَ جي ننڍي رڪيبيءَ ۾ ڀت. اُن سمئه رات جو ماڻهو گهڻو ڪري کير ڀت کائيندا هئا ۽ ٻهراڙين ۾ اڄ به ماڻهو رات جو کير ڀت کائين. حافظ صاحب جي گهر لاءِ ماني وٺڻ سندس والده جيجي آمون ايندي هئي، جيڪا جُهور پوڙهي هئڻ سبب مشڪل سان ڏاڪڻ چڙهي سگهندي هئي. ڪنهن وقت سندس ننڍو پُٽ موسو ماني وٺڻ ايندو هو.

حافظ صاحب ڪڏهن ڪنهن کان خيرات ۾ ڏنل رقم ڪونه وٺندو هو، اٽلندو غريبن ۽ مسافرن کي وقت به وقت پنهنجي هڙان خير ڪڍي ڏيندو هو ۽ ٻين سرند ماڻهن کان خيرات وٺي ڏيندو هو. سارو ڏينهن مسجد کان گهر پيو ايندو  ويندو. ٻار کي کـِرٽيو ٿيو، تيسو ٿي پيو، نظر بد جون سورون لکي ڏيندو هو. مائٽ ٿوري پاڻيءَ سان پليٽ ڌوئي اهو پاڻي ٻار کي پياريندا ته اهو شفاياب ٿي ويندو. ان کان علاوه اگهائي سگهائي، رزق روزي وغيره لاءِ تعويذ لکي ڏيندو هو. اهو هو سندس ظاهري آمدنيءَ ۽ معاش جو ذريعو.

حافظ صاحب نماز پڙهائڻ ۾ وقت جو پابند هوندوهو. گهڙيال جي گهنٽن وڄڻ سان هڪدم اچي مصلي تي بيهندو. ها باقي نماز فرض کي سو گهمائي وٺندو هو، چار رڪعتون فرض پنجن منٽن ۾ پوريون. خاص ڪري وچين نماز مهل! جيتوڻيڪ الله جو مقدس ڪلام سندس پيٽ ۾ هو ته به طبيعتاً ڊڄڻو هو. رات جو سومهڻي نماز کان پوءِ ڪافي دير تائين مسجد ۾ وظيفو ويٺو پڙهندو. جڏهن ٻاهر نڪري گهر وڃڻ چاهيندو، ڇو جو گهٽيءَ ۾ اونداهه هوندي هئي ۽ کيس اونداهه کان خوف ٿيندو هو. جڏهن ڪو لانگهائو گهٽي مَٽڻ شروع ڪندو ته پاڻ به اُن جي پٺيان هلڻ لڳندو. ڪنهن مهم وري پاڙي جي ڪنهن شخص يا ڇوڪري کي گهٽي اُڪارڻ لاءِ چوندو. سياري جي مند ۾ نه فقط سيءَ کان پر اونداهه جي خوف کان ڪمري کان ٻاهر نڪري پُئيءَ ۾ پيشاب ڪرڻ به ڪونه ويندو. صفحي جي هڪ ڪنڊ ۾ پيشاب هڪ ٽڀي ۾، استنجا پاسي ۾ رکيل ڪؤري سان ڪندو.

اهو برابر صحيح آهي ته انسان جي جبلتن ۾ خوف موجود آهن. اُنهن مان اُتاهينءَ جو خوف، وڏن ميدانن ۾ ويرانيءَ جو خوف، اڪيلائيءَ جوخوف ۽ اونداهيءَ جو خوف. اهي سڀني قسمن جا خوف انساني جبلتن تي حاوي آهن. هونئن سنڌي مائرون ٻار کي ننڍي هوندي ڪيترن ئي خوفن ۾ مبتلا ڪري ڇڏينديون آهن. خاص ڪري تيسي ڪرڻ تي، چيو نه مڃڻ تي، وغيره. مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي ته مان ننڍي هوندي رات جو کير پيئڻ تي ضد ڪندو هئس. ”هن ڀاءُ کي کير پهرين ڇو ڏنئين؟ ڀيڻ کي منهنجي گلاس ۾ کير ڇو ڏنئي؟“ دادي بچو(الله کيس جنت نصيب ڪري) مون کي بس ڪرائڻ لاءِ چوندي: ”ماٺ ڪر نه ته رزق جو ٻورو ٿو اچئي…کُڏ تي ويٺو اٿئي ۽ تنهنجون حرڪتون ويٺو ڏسي…اُهو اڇن ڪپڙن، اڇي ڊگهي ڏاڙهيءَ سان آهي ۽ پُٺن تي رزق جو ٻورو اٿس.“ اهي خوف ٻارن کي نفسياتي طور ڪيترن ئي ڊپن ۾ جڪڙيل هوندا آهن. اهي ٻار وڏيءَ عمر تائين اُنهن خوفن ۾ جڪڙيل رهندا آهن.

حافظ صاحب نيڪ خصلتن جو ڌڻي هو، خوش صبع به هڪڙوئي هو. رستي پنڌ ڪنهن ٻار جي پاسي کان لنگهندو ته ڏاڍي آواز سان ان جو نالو ورجائيندو ويندو ۽ ڏاڍي شدمد سان چوندو ويندو. مون کي ياد آهي ته منهنجي پاسي کان لنگهندو ۽ اسين ٻار کيڏڻ ۾ مصروف ته پاڻ چوندو ويندو: ”عنائتو…عنائتو…عنائتو.“ پاڙي جا ڇوڪرا وڏا، خاص ڪري مايون مون کي اُن نالي سان سڏيندا هئا. اهو سسٽم سڀني جي نالن سان لاڳو هوندو هو، جهڙوڪ عبدالستار-ستارو، تاج محمد-تاجو، علي محمد- علو، محمد علي-ممون، قاسم، دوست محمد- دوسو ۽ خير محمد-خيرو. اهو ”و“ ملائي اڌ نالو ڳنهڻ سنڌيءَ جو پراڻو دستور آهي.

واقعي اُهي بزرگ، جن ڪڏهن به ڪنهن کي ڪين آزاريو ۽ نه رنجايو، هن دور ۾ اڻلڀ آهن. والد صاحب جي وفات  کان پوءِ به ڪافي وقت اُهي حيات هئا. اسان جو ڪاليج تلڪ چاڙهيءَ تي هو ته ٻه ٽي دفعا ڪن سائلن جي خدا ڪارڻ سوال خاطر مون وٽ آيا. مون اُٿي بيهي سندن تعظيم ڪئي ـ ڏاڍي عزت احترام سان ويهاري،  اسپيشل چانهه ڪيڪ ۽ سلائيز وغيره گهرائي سندن خاطر تواضع ڪيم ۽ پڄنديءَ آهر مدد ڪري در تائين آڻي موڪلايو. اُنهن پاڙي ۾ اچي جماعتن سان، کين آڌر ڀاءُ ڏيڻ جي، منهنجي ڏاڍي تعريف ڪئي.

الله الله، ڪهڙا نه سچا ۽ سادا انسان هئا! اهڙا نيڪ سيرت ماڻهو هاڻي ورلي لڀن. اسان جي محلي ۾ ٻيا به ڪيترائي حافظ قرآن پيش امام ٿي گذريا آهن، پر حافظ خميسو عجب شخص هو. سندس چپن تي سدائين  مُشڪ، گهٽ ڳالهائڻو ۽ سٻاجهو شخص هو. منهنجي پڌريءَ جي تقريب ۾ ٻين بزرگن سان گڏ حافظ صاحب به هليو. نيم موجب ڪنواريتن طرفان مـِلڪ روز پياريو ويو ۽ اسان گهوٽيتن طرفان سنڌي گُل ٽـِڪيون ورهايون ويون، ته اُتي والد صاحب جي دوست، مرحوم شاهنواز ميمڻ (جو اُن وقت انڪم ٽيڪس آفيسر هو، پوءِ انڪم ٽيڪس ڪمشنر به ٿيو، اسان جو ماٽي جو مامو به هو) چيو ته ”ميان ڪريم ڏنا! رسم موجب ڳالهه پڌري ته ڪريو، هي جي شربت ۽ مٺايون ٿيون آهن.“ مامي چيو: ”حافظ صاحب بزرگ آهي، اُهو اعلان ڪندو.“ اهو ٻڌي حافظ صاحب، جيڪو ڪنڌ هيٺ ڪريو ويٺو هو، تنهن چيو: ”هون…!هون…! مان وظيفي ۾ آهيان!“ اهو ٻُڌي سڀ وٺي کـِلڻ لڳا. ور مامي چيو: ”علي محمد سومرو حڪيم صاحب جو يار آهي، اُهو ٻڌائيندو.“ اهو ٻڌي چاچا علي محمد چيو: ”مون کي ڦـِڪائي ٿي ٿئي.“ اهو ٻُڌي وري حاضرين ۾ ٽهڪڙا پئجي ويا. تنهن تي ماما، جيڪو کاري مان ٽـِڪيون ورهائي رهيو هو، تنهن کي وڏي واڪي چوڻو پيو: ”حڪيم ميان عبدالڪريم عباسيءَ جي ٻئي نمبر فرزند ميان عنايت الله جي، اوستي الله بچائي پاٽوليءَ جي ٻيءَ نمبر نياڻيءَ سان پڌريءَ جو پڌر ٿو ڪجي.“

حافظ خميسي جي هڪ ٻي به مزيدار ڳالهه ياد آهي، جنهن جو ذڪر ڪرڻ مناسب آهي. اسان جي سنڌ سونهاريءَ ۾ دين جي پيغمبر ﷺ جي ميلاد مبارڪ، جناب بادشاهه پير جيلاني رح جي يارهين شريف ۽ ٻين الله جي اوليائين  جي درگاهن تي عرسن ۽ ميلن ملاکڙن تي سنڌي مسلمان صدق دل سان يقين رکندا هئا ۽ اُنهن تقريبن ۾ ڀرپور حصو وٺندا هئا. ٻهراڙين کان سواءِ شهر ۾ به ڪيترائي سرند ماڻهو عرس ۽ يارهين شريف وڏي عقيدت سان ڀري ڪندا هئا. اسان جي پاڙي جي بزرگ شخصيت چاچو حاجي پـِيرو به ”يارهين“ ڀري ڪندو هو. جيئن ته پاڻ نصرپور مان لڏي اچي جيلاني پيرن جي يارهينءَ تي پنهنجي وڳر ۽ دوستن احبابن سان گڏ وڃي شرڪت ڪندو هو. اُنوقت هر رُوٽ تي بسون آل جال نه هلنديون هيون. حيدرآباد کان جي نصرپور وڃڻو هوندو ته ميرپور خاص طرف ويندڙ  ”راجا واري گاڏي“ ۾ چڙهي وڃي تاجپور اسٽيشن تي لهبو هو، اُتان وري اُٺن ۽ ٽانگن تي سوار ٿي شهر نصرپور وڃبو هو.

هڪ دفعي حاجي پيروءَ جي صحبت ۾ حافظ خميسو به يارهين کائڻ لاءِ سنڀريو. ريل گاڏي اُن وقت هر اسٽيشن تي ڏهه پندرهن منٽ بيهندي هئي، جيڪا ’مـِڪس ٽرين‘ سڏبي هئي. اڳئين وقت جي ماڻهن جي عادت هوندي هئي ته سفر تي وضو ڪري پوءِ نڪرندا هئا. ٽنڊي ڄام تي گاڏي پهتي ته عصر جي نماز جووقت اچي ٿيوهو. پليٽ فارم تي اجرڪ وڇائي هڪ ٻروچ نماز پڙهڻ شروع ڪئي هئي. درين مان اهو ڏسي  حاجي پيروءَ حافظ خميسي کي چيو: ”حافظ، پاڻ به جيڪر نماز پڙهي وٺون.“ اهو ٻڌي گاڏيءَ ۾ ويٺل هڪ ٻهراڙيءَ واري چيو ته ”ها، ڀلو ڪم آهي.“ ٻهراڙيءَ واري اجرڪ وڇائي. حافظ خميسي امامت ڪئي ۽ حاجي پيروءَ ۽ همراهه اُن جي پٺيان نماز پڙهڻ لڳا. اڃا جڏهن چار رڪعتون پڙهي اقامت ۾ ويٺا ئي مس ته گاڏي سيٽي هنئين. (اُن وقت ريل گاڏي اسٽيشن تان ڇٽڻ مهل ٽي سيٽيون هڻندي هئي). پهرين سيٽي ٻڌي مقتدين سان حاجي پيروءَ نماز واريءَ حالت ۾ ڏاڍي آواز سان ”هُون…هُون…“ ڪئي. ڪجهه ساعت کان پوءِ وري ٻي سيٽي وڳي. وري به حاجي پيروءَ ”هون…هُون…هُون“ ڪئي. اهو ٻڌي حافظ جواب ڏنو ”باقي التحيات آهي.“ ٻهراڙيءَ واري جو ڏٺو ته هي هنگامي حالت ۾ نماز ۾ پيا ڳالهائين، تنهن سلام ڦيري نماز ڀڃي اُٿي اجرڪ جي ڪُنڊ ڇڪي چيو: ”اُٿو اُٿو منهنجيءَ اَجرڪ تان، گاڏي ٿي ڇُٽي!“…سائين! ڪيئن ٿا ڀانيو، اُن وقت جا سادڙا مسلمان!

اڄ به حافظ خميسي جو ڪتابي چهرو، ۽ نوراني شڪل اکين جي اڳيان پئي ڦـِري. منهنجي شاديءَ ۾ کيس اسٽيج تي ويهاريوسين. فوٽن ڪڍڻ تي ڪيٻايائين ٿي: ”هون…! هون…! فوٽو نه ڪڍو! نڪاح پڙهائڻ مهل، ڪيمرائن جي هر هر فلئشن کان اکيون کڻي ٿي پوريائين. پر سچ پچ ته سندس وفات کان پوءِ شاديءَ وارا اُهي فوٽا سندس نوراني صورت جا يادگار ثابت ٿيا. الله سائين کيس جنت ۾ جايون ڏئي، عجب روشن ضمير انسان هو!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com