سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (3)

 

صفحو :21

[5] مهراڻ جون تازو شمارو نظر مان گذريو ۽ اوهان جي ايڊيٽنگ ۾ نڪتل شمارن جي انڊلٺي رنگن ۽ مٽيءَ جي خوشبوءِ جهڙا احساس ڏيندڙ ترتيب هن پرچي کي به پنهنجي تخليقي سونهن سان نکاري نروار ڪيو آهي. اها اسان جهڙن نون لکندڙن لاءِ خوش قسمتي ۽ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي جو اوهان جي دَور جي هن وڏي سنڌي ادبي، تخليقي ۽ معياري رسالي ۾ اسان جي ڪا لکڻي شامل هجي، جيڪو اسان لاءِ وڏي اُتساهه آهي.

 

بخشل باغي

[نوابشاهه، سنڌ]

*      *      *       *       *

[6] ٽـِه-ماهي مهراڻ جو آرهڙ وارو پرچو اعزازي طور ملي چڪو آهي، مگر بهار وارو پرچو نه مليو آهي، جنهن جو مون کي ڏاڍو انتظار آهي. 8 مصراعن تي مشتمل هڪ نظم موڪليان پيو ۽ ايندڙ مهراڻ ۾ ئي ڇپجي ته بهتر ٿيندو. مذڪوره نظم ۾ جن شهرن ۽ ڳوٺن جا نالا ڏنا اٿم اُنهن ۾ ٿورن ئي ورهين ۾ وڏا ڪوس ۽ ڪـِيس ٿيا آهن. اُنهن واقعن جون تصويري خبرون ته روزانو اخبارن ۾ جام ڇپجي چڪيون آهن، انڪري مون خيال ڪيو ته اُنهن معرڪن کي نظم ۾ لکي مهراڻ جهڙي معياري دستاويز ۾ درج ڪرائي ڇڏيان. منهنجو مواد اوهان وٽ پيل به آهي، پر سڀ کان پهرين هي نظم ڇپجي ته بهتر ٿيندو.

امداد کي گذارش آهي ته آزاد نظم کان مهراڻ کي ڪجهه ساهه پٽڻ ڏنو وڃي. جيتوڻيڪ آزاد نظم امداد جي محبوب صنف آهي پر مهراڻ کي رڳو امداد ته ڪونه ٿو پڙهي. عام ماڻهو يا ڪجهه پڙهيل دوست ۽ ادبي جنوني آزاد نظمن  کي گهڻو قبول نٿا ڪن. عشقيه شاعري به وقت جي گهرج نه آهي ۽ عشق ته هينئر آهيئي ڪونه! محبوب کي اڄڪلهه عشقيه غزل نه پر هزار هزار وارا ڪيئي نوٽ گهرجن. تنهنڪري لاحاصل شيءِ کي ڇڏي ڪا قومي ۽ وطني ڳالهه ڪجي ته بهتر ٿيندو.

سرويچ سجاولي

[سجاول، سنڌ]

*      *      *      *      *

[7] وڻندڙ ٽائيٽل وارو مهراڻ مطالعي هيٺ آهي، جنهن مان مون کي نج ادبي مواد جي خوشبو ايندي آهي. مان هر ڀيري مهراڻ الف کان وٺي ي تائين پڙهندو آهيان ۽ اوهان ڏانهن شاعري موڪليندو آهيان. هن ڏُڪر جي دور ۾ رسالو خريد ڪرڻ، پڙهڻ ۽ مواد پوسٽ ڪرڻ-پر پوءِ به مايوسي! اسان ننڍن اديبن جي آجيان ٿيندي ته اُتساهه به ملندو، پر اوهين رڳو وڏن اديبن ۽ شاعرن جو مواد ئي ڇپيندا آهيو!

زاهد حسين تنيو

[اڳڙا، سنڌ]

*        *        *       *      *

[8] مهراڻ اونهارو 2005ع اهم لکڻين سان، پڙهيو اٿم. ”سوچ-لوچ“ شاهه سائينءَ جي حوالي سان آهي ۽ جيڪا بهتر ۽ وقتائتي ڳالهه آهي.

”وکر سو وِهاءِ“ ۾ ڏنل مواد ڀرپور ۽ ڄاڻ ڏيندڙ آهي. تحقيقي مضمونن ۾ ”هيم ڪوٽ“، ”سنڌو درياهه تي مغربي محققن جي تحقيق“، ”پراڻ درياهه“ پنهنجي افاديت جي حوالي سان ڏاڍا شاندار مضمون آهن.

هن پرچي جي شاعريءَ ۾ نظم (ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾) تمام پختا ۽ اثرائتا آهن. ادل سومري، طارق عالم، سڀاش هميراڻيءَ، شبنم گل، انيتا شاهه، سحر امداد ۽ امداد حسينيءَ جا نظم فني توڙي فڪري لحاظ کان ڀرپور آهن.

ڪهاڻي سيڪشن جي پهرئين پني تي شروعاتي دَور کان وٺي هـِن دَور تائين مکيه ڪهاڻيڪارن جا نانوَ ڏئي تاريخ جوڙي وئي آهي، پر هڪڙي ڳالهه جيڪا مون کي ذاتي طور کُٽڪي ٿي، اُها اِها ته شروعاتي دَور جي ڪهاڻيڪارن ۾ جمال ابڙي ۽ اياز قادريءَ کان پوءِ  شيخ اياز جو نانءُ پڻ اچڻ کپندو هو، ڇو ته اياز پڻ شروعاتي دَور ۾ بهترين ڪهاڻيون لکيون آهن ۽ ان کان پوءِ ممتاز مهر ۽ طارق عالم واري دَور ۾ انور ابڙو، رحمت الله ماڃوٺي ۽ رزاق مهر پڻ اهم نانوَ آهن.

هن پرچي ۾ محمد صديق منگئي جي ڪهاڻي ٻوليءَ ۽ بيان جي حوالي سان تمام بهترين ڪهاڻي آهي. خطن واري حصي ۾ سائين بيدل مسرور الائي ڇومهراڻ تي مڇريل نظر آيو!

 ابرار ابڙو

[ڳيريلو، سنڌ]

*       *       *       *       *

[9] مهراڻ جي پرچي ۾ مواد جي چونڊ، ترتيب ۽ معيار وڻندڙ آهي. نثر توڙي تخليقي ۽ تحقيقي پاسا ڀرپور آهن.

پرچي ۾ پنهنجي ڪهاڻي ”اونداهيءَ ۾ لاٽ“ شايع ٿيڻ تي سچ ته ڏاڍي خوشي ٿي اٿم. مهراڻ جهڙي خالص علمي، ادبي ۽ تخليقي رسالي ۾ ڇپجڻ پاڻ لاءِ اعزاز سمجهان ٿو. ان ۾ اوهان جون اڻ ميون محبتون به شامل آهن. مهراڻ جي معيار ۽ ترتيب لاءِ اوهان جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن.

محمد صديق منگيو

[سڪرنڊ، سنڌ]

*        *       *       *        *

[10] مهراڻ اونهارو 2005ع ۾ شايع ٿيل منهنجي نثري نظم ”تاريخ جي ٿاڻي ۾ ايف. آءِ. آر“ جي  سلسلي ۾ هڪ وضاحت رڪارڊ تي آڻڻ چاهيان ٿو ته ان ۾ شامل هڪ سٽ: ”ڪوبه نظم ڪٿان کان به شروع ٿي سگهي ٿو،“ ناليواري اردو شاعر ثروت حسين جي هڪ نظم جو عنوان آهي؛ جيڪو مون ڪنهن وقت پڙهيو هو ۽ شايد منهنجي ذهن تي اُتارجي ويو هو ۽ ائين لاشعوري طور تي اِهو عنوان منهنجي نظم ۾ شامل ٿي ويو آهي. جڏهن ته مواد جي لحاظ کان ٻنهي نظمن ۾ ڪابه هڪجهڙائي ڪانه آهي. جڏهن اِهو نظم ٻيهر ڪٿي ڇپيو يا ترجمو ٿيو ته اِها سٽ، جيڪا منهنجي ناهي، مان اُن مان خارج ڪري ڇڏيندس. منهنجي خيال ۾ اسان ٻئي ڪنهن شاعر جي زمين ۾ غزل لکون ته ان جي به وضاحت ڪرڻ کپي، ان ۾ ڪابه گهٽتائيءَ جي ڳالهه نه آهي.

ادل سومرو

[سکر، سنڌ]

*        *      *      *      *

[11] مهراڻ اونهارو2005ع پنهنجي خوبصورت ٽائيٽل ۽ گوناگون مواد جي رنگينين سان منهنجي اڳيان آهي. سوچ-لوچ ۾ سونهن ۽ سرهاڻ جو ڳالهيون آهن، جيڪي ستل من اندر کي ٻيهر سجاڳ ڪن ٿيون. مهراڻ جي ويجهڙائي واري نئين سلسلي ’وکر سو وِهاءِ‘ ۾ مختلف متقدمين شاعرن جي شاعريءَ سان گڏ سندن زندگي ۽ فن بابت معلومات انتهائي وقتائتي آهي. تحقيقي مضمون/مقالا به پنهنجي پنهنجي معيار جا حامل آهن. ”هيم ڪوٽ/جهم ڪوٽ“ اشتياق انصاريءَ جي محنتن جو ثمر آهي. هن مقالي مان لاڙ جي شهر ”جهمپير“ جي تاريخي پسمنظر تي ڪافي روشني پوي ٿي. سنڌو درياءُ تي ٻه  معلوماتي مقالا پڻ هن شماري جي اهميت ۾ اضافو ڪن ٿا. ايم. ايڇ. پنهور جو مقالو ’ڪلهوڙا دور حڪومت‘ هڪ سٺو اڀياس آهي، جيڪو مٿئين عنوان تي شايع ٿيل سوونيئر ۾ اصل انگريزيءَ ۾ ڇپيل آهي. ڪهاڻين ۾ ’قبرن منجهه سڏڪا‘، ’اونداهيءَ ۾ لاٽ‘ ۽ ٻيون متعدد ڪهاڻيون آهن. ڪهاڻيءَ جي ڀاڱي ۾ مختصر مگر، جامع ڪهاڻين ڏيڻ جي اهميت آهي، جيڪا سٺي ڳالهه آهي.

مشتاق ڀرڳڙيءَ جي ليک سلسلي جي حوالي سان عنوان ”لفظ نه آهن کيڏوڻا“ ته ٺيڪ آهي، ليڪن ”صدا بي چين آهي“ شعري مجموعي تي لکڻ لاءِ ذيلي عنوان ڏيڻ مناسب هو. ليکڪ، اسحاق سميجي جي شاعريءَ لاءِ شيخ اياز جي شعر: شاعري جي روح گرمائي نه ٿي،

منزلِ مقصود کي پائي نه ٿي. (ص152)

کي ماڻ ۽ ماپو بنائي، سندس شاعري تي ٽيڪا ٽپڻي ڪري ٿو، پر کيس اهو ياد نه ٿو رهي ته خود شيخ اياز جي شاعريءَ جي به اڃا تڪ تور ٿي رهي آهي.

هن پرچي ۾ ”برنارڊشا سان ٽيهه سال“ يوسف سنڌيءَ جي ترجمي سٺي ڄاڻ پلئه وڌي سٺي آهي. اهڙي قسم جا ترجما اسان جي ٽهيءَ لاءِ انتهائي اهم آهن، جيڪي هر شماري ۾ اچڻ کپن. رحيم خان ’جرس‘ جوکئي جي آتم ڪهاڻي ”آتم ڪهاڻي پورشن“ کان ڪٽيل ڏسجي ٿي. آءٌ پنهنجي ڪهاڻي مهراڻ لاءِ موڪلي رهيو آهيان.

 مير بهادر ٽالپر

[ڇتو مادراڻي، ضلعو بدين]

*       *       *        *       *

[12] مهراڻ اونهارو 2005ع پڙهيو اٿم. ”سوچ-لوچ“ جي سري هيٺ شاهه لطيف جي مزار ۽ ادبي ڪانفرنس متعلق تجويزون بهترين هيون ”وکر سو وِهاءِ…!“ جي عنوان هيٺ شاعري متعلق جيڪي رايا پيش ڪيا ويا آهن، سي سڀ ترقي پسند نظرئي جي روشنيءَ ۾ لکيل آهن، جڏهن ته جديديت جي ادبي تحريڪ هيٺ ڪوبه شاعر اديب/آرٽسٽ پنهنجي فطري جوهر ۾ آزاد هجي ٿو ته اُهو ڪنهن سماجي وابستگيءَ/سياسي وابستگيءَ سان پاڻ کي لاڳاپيل رکي يا نه! قديم شاعرن جي شاعريءَ ۽ اُنهن جي ڪلام تي ڪتابن مان کنيل مواد وارو سلسلو بهترين آهي، جيڪو جاري رهڻ گهرجي. ڊاڪٽر الهه رکئي ٻُٽ جو ”سنڌي ڪتابن جو جائزو“ هڪ وڏي محنت ۽ جاکوڙ آهي. هن ڪم لاءِ سائين ٻُٽ کي مبارڪباد هجي، ڇاڪاڻ ته انهن ڪتابن جو ذڪر ”ببليوگرافيءَ“ ۾ به نظر نٿو اچي. اشتياق انصاري جي مقالي ”هيم ڪوٽ/جهم ڪوٽ“ ۾ ڪتابن جو سهارو ڪجهه وڌيڪ ئي وٺي ويو آهي، جنهنڪري مقالي ۾ اجائي ڊيگهه ٿي وڃي ٿي. تحقيق ۾ ورجاءُ جي بجاءِ مشاهدي ۽ پنهنجي راءِ کي وڌيڪ اهميت ڏجي. جيڪڏهن تحقيق جا بنياد صرف ڪتاب هوندا ته ڪهڙي نئين شيءِ/تحقيق سامهون ايندي؟ ڪتابن صفحن جا صفحا ڏئي دوست مقالي کي ته ڊگهو ڪري ورتو پر تحقيق جي اصولن مطابق جتي ضرورت پوندي آهي صرف اُتي ڪنهن ڪتاب جي ضروري سٽن جو حوالو ڏئي ها ته وڌيڪ بهتر هو. انهيءَ جو وڌيڪ ثبوت هيءُ آهي ته مقالي ۾ محمد بن قاسم جي متعلق هروڀرو ذڪر اچي ٿو، جيڪو لاڳاپيل موضوع سان ايترو وابسته ڪونهي. انصاري صاحب پنهنجي هن مقالي ۾ ڪجهه پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ/غلطيءَ جو مظاهرو پڻ ڪيو آهي، جنهن جي نشاندهي ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو.

ليکڪ  لکي ٿو ته ”محمد بن قاسم ٽلٽيءَ جي سامهون درياءُ پار ڪيو هوندو ته ضرور اُن هنڌ تي ڇانوڻي ڪئي هوندي، جيڪا اڄڪلهه گچيري جي نالي سان مشهور آهي.“ پهرين ڳالهه ته مان خود اُتي پيدا ٿيو آهيان، منهنجي جنم ڀومي ”پراڻو گچيرو“ لفظ اچي  ٿو. عرض ته هيءُ هنڌ ”گچيرو“ نه پر ( پورو نالو) ”پراڻو گچيرو“ جي نالي سان مشهور آهي. مقالي ۾ ڪٿي به وضاحت ڪانهي ته ”گچيرو“ ڪهڙو؟ ڇاڪاڻ ته گچيرو هڪ نه پر ٻه آهن، هڪ نئون  گچيرو ٻيو پراڻو گچيرو. تاريخ معصوميءَ ۾ پڻ ڌُڪا/انداز هنيا ويا آهن. تاريخ معصوميءَ ۾ ’گچيري‘، ’ڪنجري‘، ’گچري‘ ۽ ’ڪجبريءَ‘ جا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن، جيڪي غلط ۽ بگاڙيل لفظ آهن. تنهن زماني ۾ ”پراڻو گچيرو“ کي ”ڪچيرو“ چيو ويندو هو، جنهن کي ڍنڍ ڪري لکيو آهي، اُها علائقي ۾ ”پيراڻي کڏ“ جي نالي سان مشهور آهي، پر ليکڪ کي اها خبر نه هئي، نه ته ضرور وضاحت ڪري ها ڊاڪٽر بلوچ پراڻو گچيرو کي جيڪڏهن (بقول ليکڪ) شهر لکيو آهي ته اُهو به غلط آهي، ڇو ته پراڻو گچيرو شهر نالي پر هڪ ڳوٺ آهي. ليکڪ پرانُ گچيرو کي صرف ”هنڌ“ ڪري  لکيو آهي ۽ وڌيڪ وضاحت ناهي ڪئي، جا ليکڪ جي اڻڄاڻائي ڪري ليکبي. ٻنهي محققن (بلوچ صاحب ۽ انصاري صاحب) گچيرو پراڻو اچي مشاهداتي طرح تحقيق ناهي ڪئي ۽ صرف تاريخ معصوميءَ تي اڪتفا ڪئي آهي. صرف ڪتابي حوالا تحقيق جون گهرجون ڪڏهن به پوريون نه ٿا ڪري سگهن. ٻنهي محققن کان سوال جيڪو رهجي ويو آهي سو هي آهي ته هيءَ ڍنڍ، جتي محمد بن قاسم ڇانوڻي ڪئي، اُها کڏ/کاهي آخر ڇو کوٽائي وئي ۽ هتي ڪهڙي جنگ لڳي هئي، انهيءَ سوال جي جواب لاءِ اڄ به انتظار آهي…!

ڊاڪٽر بشير شاد جو مقالو ”سنڌو درياهه تي مغربي محققن جي تحقيق“ پراڻي مواد تي اڪتفا ڪيل آهي. ڊاڪٽر صاحب مغربي محققن جي مخالفت ۾ ايندڙ سنڌو درياهه متعلق تحقيق جو حوالو ڏئي ها ته مقالي ۾ ڪجهه نواڻ اچي ها. ڊاڪٽر صاحب اها وضاحت ڇو نه ڪئي آهي ته سنڌ تي نالو سنڌوءَ تان پيو يا حضرت سنڌ رح تان؟

ايم. ايڇ. پنهور جو اڀياسن جاندار/وزنائتو هو پرليکڪ ڪتاب جي مصنف جي حد کان وڌيڪ ساراهه ڪري ٿو ۽ تنقيدي نظر گهٽ وجهي ٿو. انهيءَ کان سواءِ پنهور صاحب ڪتاب جي اڀياس کي ڇڏي ڪلهوڙن جي تاريخ پاڻ لکڻ شروع ڪري ڏئي ٿو. پنهنجو مواد ”اڀياس“ کان جدا ڪري ها ته وڌيڪ بهتر هو.

ساڳيءَ طرح گل محمد عمراڻيءَ جو ڊاڪٽر بلوچ جي ڪتاب ”سنڌ اسٽڊيز ڪلچرل“ تي تنقيدي جائزو به تنقيد نه پر ساراهه ڀريو تبصرو هو. تنقيد جو مقصد رڳو ساراهه نه، پر غلطين جي نشاندهي ڪرڻ به آهي. انهيءَ کان سواءِ جيڪو تبصرو ڪيل آهي، انهيءَ مان ڪٿي به واضح ڪونهي ته ڪلچر تي ڪا جديد تحقيق ڪئي وئي۽ اُن جو هن وقت ڪئين نيون ٿيوريز اچي چڪيون آهن، انڪري ڪلچر تي جديد انداز ۾ تحقيق ڪرڻ جي وڌيڪ ضرورت آهي. ڊاڪٽر بدر تحقيق جي جاءِ تي تجويز وڌيڪ ڪيو آهي، يا شايد سائينءَ وٽ وقت جي کوٽ هئي. پاڻ سچل سائينءَ وارو مقالو شايع ڪرائي ته اسان تي به احساس ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اڄڻ صاحب تحقيق جا اعليٰ معيار چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ۽ سندس علمي قابليت ڪنهن کا به ڳجهي ناهي.

 مشتاق ڀرڳڙيءَ جي تحرير عجيب، جيڪا عنوان سان قطعي ٺهڪي ئي ڪانه ٿي. اسحاق سميجي جي شاعريءَ کي پهرين سنجيده، اعليٰ تصور واري شهرت جي خسيس حاصلات کان مٿي، فن تي دسترس واري ۽ مشاهدي جي وسعت واري لکي/قرار ڏئي ٿو، پر بعد ۾ تنقيد ڪري سڀني ڳالهين جي نفي ڪري ٿو. شعرن تي جيڪا به تنقيد ڪئي اٿس اُها ته صحيح تنقيد ڪئي اٿس، پوءِ پهرين ساراهه ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي…؟ ليک ۾ اچانڪ ”يو“ ٽرن کائي امداد حسينيءَ تي جيڪا به تنقيد ڪئي اٿس سا سڀ اجوڳي، غير علمي ۽ غير عقلي آهي. امداد اهڙي تنقيد کان مٿانهون آهي. ائين ڪري هن پنهنجي ليک جو تسلسل ۽ سواد پاڻ ختم ڪيو آهي. مشتاق 1990ع کان پوءِ شاعرائن جا نالا نه کنيا آهن. جيڪي ڪجهه نالا کنيا اٿس، انهن جي به ڇنڊڇاڻ ڪرڻ گهرجي ته اُهي شاعر واقعي اهڙا آهن يا دوستي پئي ملهائي وڃي! يوسف سنڌيءَ جو ترجمو، رحيم خان جرس جون ساروڻيون ۽ آزاد قاضيءَ جون تحريرون پسند آيون. پر راز شاهاڻيءَ جي هدايت بلوچ سان رهاڻ واري رپورٽ سطحيت جو شڪار هئي، ڇاڪاڻ ته اُن ۾ علمي تقريرون نه ڏنيون ويون آهن. ڪهاڻين جي حصي ۾ محمد صديق منگئي، عذرا سرور، ثمينه ميمڻ ۽ رفيق سومري جون ڪهاڻيون پسند آيون، شاعريءَ ۾ امداد حسيني، سحر امداد، انيتا شاهه، رخسانه سومري، ارجن حاسد، اختر درگاهي، شبنم گل، ادل سومري ۽ اياز گل جي شاعري وڌيڪ پسند آئي.

خليق گچيرائي

[مورو سنڌ]

*        *          *         *        *

[13] مهراڻ اونهارو 2005ع اڀياس هيٺ آهي. ڀٽائيءَ جي ميلي جي حوالي سان لکيل ايڊيٽوريل ۾ نهايت اهم نقطن تي ڳالهايو/لکيو ويو آهي. تحقيقي مضمون سڀ ساراهڻ جهڙا آهن. ڪهاڻين مان ’اونداهيءَ ۾ لاٽ‘ نهايت اهم ۽ جاندار ڪهاڻي آهي. اصطلاحي ۽ بامحاوره ٻولي پڙهي. سچ ته حيران ٿي ويو آهيان. ڪافي اهڙا لفظ هن ڪهاڻيءَ ۾ استعمال ٿيا آهن، جيڪي منهنجي نظر مان پهرين ڀيرو گذريا آهن. اسان جا اُهي ڪهاڻيڪار جيڪي ڪهاڻيءَ کي ڇڏي ويا آهن (يا جن کي ڪهاڻي ڇڏي وئي آهي). اُهي هيءَ ڪهاڻي ضرور پڙهن. منظور جوکئي جون مختصر ڪهاڻيون به پڙهڻ جهڙيون آهن. سندس ڪهاڻين جي Treatment انوکي آهي. اسحاق سميجي جي ڪتاب: ’صدا بي چين آهي‘ تي لکيل ليک ۾ مشتاق ڀرڳڙيءَ تنقيد گهٽ اندرجو اوٻر وڌيڪ ظاهر ڪيو آهي. عام نقطئه نگاهه سان لکيل سندس مضمون ۾ ڪابه تنقيدي گهرائي محسوس نه ٿي. جڏهن ته اسحاق نه صرف باڪمال شاعر آهي، پر اُن سان گڏ هو هڪ اعليٰ سوچ رکندڙ نهايت پختو، گهڻ پڙهيو ۽ سمجهو نقاد پڻ آهي. مهراڻ ۾ شاعريءَ جي چونڊ سچ پچ خوبصورت آهي. سحر امداد، ادل سومري، طارق عالم، انيتا شاهه، سڀاش هميراڻي، نصير مرزا، فراق هاليپوٽي، آصف جمالي ۽ عطيه دائود جا نظم تخليقي طوبصورتيءَ سان ڀرپور آهي.

 حبدار سولنگي

 [ڳيريلو، سنڌ]

*          *        *       *        *

[14] مهراڻ نظرن مان گذرندو رهي ٿو. هر ڀيري مهراڻ پنهنجي تخليقن ۽ تحريرن سان موجزن آهي. ٻوليءَ ۽ شعر جي ڄاڻ جي حوالي سان توهان مان اهڙي توقع رکڻ سڀاويڪ آهي.

ان ڏينهن آرٽس ڪائونسل ۾ مختصر ملاقات ته ٿي، پرماڻهن جي انبوهه ۾ ڪٿي ٿي فرصت ملي ته ڪي چارڳالهيون ڪري سگهجن. هن ڀيري حيدرآباد ايندس ته توهان سان ڊگهي ڪچهري ڪرڻي آهي. سچ ته اهڙيون رهاڻيون روح ۾ رچڻ لاءِ ڪافي آهن. اڃا ته ڪالهوڪي ڳالهه آهي، جو اياز جو معصوم چهرو، نياز جون پر جوش ڳالهيون، تنوير جا وڏا ٽهڪ …ڇا تخليقڪارن جي ذاتي پهلوءَ کي ڪوئي وساري سگهي ٿو…ادب ته مڙئي وندر ئي رهجي ويو آهي!

 

نثار منصور

[ڪراچي، سنڌ]

*         *         *         *         *

[15] ٽـِه ماهي مهراڻ (اونهارو2005ع) ۾ آيل شاعريءَ تي ٻه لفظ لکڻ سولا به آهن ۽ ناهن به. بهرحال تنقيد جو هڪڙو زاويو هي به آهي ته توهين شاعريءَ جي اُصولن تي بحث ڪريو ۽ بنان حجاب جي بحث ڪريو؛ ضروري ناهي ته توهين ڪنهن شاعر جي ڪنهن سـِٽ کي ڪوٽ به ڪريو. سٺا پڙهندڙ-جيڪي سٺا شاعر به آهن-سمجهي ويندا ته سندن شاعراڻي اظهار ۾ ڪهڙيون خوبيون يا خاميون آهن. انڪري به ته توهين جڏهن سـِڌو سنئون لکو ٿا ته تڪرار جو سبب بنجو ٿا ۽ سنڌي سماج ۾ پسند ۽ ناپسند جا به عجيب معيار آهن! مون لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته توهين مهراڻ جي شاعريءَ ۾ بي مطلب [؟] پابند شاعريءَ سان گڏ بامعنيٰ نثري شاعري به ڏيو ٿا؛ ساڳيا خيال پڙهندڙ کي شاعري پڙهڻ تان ارواح کڻائي ڇڏين ٿا، جڏهن ته نئين شاعراڻي پهچ ذهن کي تازگي ڏئي ڇڏي ٿي. پشپا ولڀ جو نظم ”مان ميڊاس آهيان“ اهڙوئي نظم آهي، جو نثري نظم هوندي به پندرهن پنن تي ڀاري آهي. جيتوڻيڪ نظم جو تت، ڪنهن سنڌي لوڪ قصي ۾ به  مون ٻڌو آهي ۽ اُن بابت مون ڪا پرڏيهي ڪهاڻي به پڙهي آهي. (ڪٿي پڙهي اٿم ياد نٿو اچي( يا شايد يوناني مـِٿ جي ڪردارن ۾ ”ميڊاس“ جو ڪردار به پڙهيو اٿم. عطيه دائود جي نظم جون پهريون پنج سٽون ئي ڪنهن زوردار پنچ جيان لڳن ٿيون.

الواع چوڻ

مون کي هميشه مشڪل لڳندو آهي،

اُن جنازي کي-

جنهن کي کڄڻ جي

ڏاڍي جلدي هوندي آهي.

شبنم گل جا نظم هن جي اُڃاري احساس جون مختلف تصويرون آهن، ۽ اهي ائين آهن، جيئن هڪ نظم آهي:

جيون جي ڪشڪول ۾،

تنهنجا عطا ڪيل

رفاقتن جا چند سڪا،

ڏک جي گهاٽي جهنگ ۾،

روشنيءَ جو رونشو بڻجي،

جَرڪي رهيا آهن-

انيتا شاهه جا نظم پابند هوندي به هوا دار روشندانن جيان آهن:

شبنم تي تنهنجي عڪس مان،

ڪو ڇانورو جهٽجي ئي نٿو،

هي وقت ڪٽجي ئي نٿو.

۽ طارق جي نظم جي ڇا ڳالهه ڪجي، ڄڻ هڪ ڀَٽ فقير ڀـِٽن تان گذرندي، حياتيءَ جو گيت ڳائي رهيو آهي:

مان وڃي چڪو آهيان،

نئون جهان تورڻ لئه،

۽ سپن کي سورڻ لئه،

نصير مرزا جو نظم ”باغ“ به سٺو نظم آهي:

اُهو باغ

اڄ خواب وانگر لڳي ٿو…

۽ خواب جو صحيح رستو ڪنهن ڏٺو آهي. اُن ۾ جو گهڻو ڪجهه آهي، اُهو ڄڻ ٿورو ئي آهي ۽ ادل سومري جي نظم ۾ به بي ساختگي آهي ته ”ڪو به نظم، ڪٿان کان به شروع ٿي سگهي ٿو.“ نظم مختصر ئي سهي،پر فراق هاليپوٽي جو به ڄڻ هڪ پينٽنگ آهي، جنهن ۾ هڪ ڇوڪريءَ کي سندس پاليل مور رڙيون ڪري ساري رهيا آهن. امداد جو نظم ”مرڪندي رهج اِئين“ موضوعاتي اعتبار کان تبديل ٿيندڙ نظم آهي. اهو نظم لُڙڪ کان شروع ٿي مُرڪ تائين رنگ بدلائيندو رهي ٿو، ۽ مماتيءَ سان گڏ حياتيءَ جا احساس به ڏيندو رهي ٿو.

وسيم سومرو

[نوابشاهه، سنڌ]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com