ڪچهري پوري ٿي ته سڀني سگهڙ جي ساراهه ڪئي ۽ اُتان
اُٿي وڃي پنهنجي پنهنجي هنڌ ٿانيڪا ٿيا. لطيف ۽
راول به اتان اُٿيا. راول ته وڃي سمهي رهيو، پر
لطيف جي اکين مان ننڊ اُڏامي ويئي. هو اڪيلي سر
ڏهر ۾ هيڏانهن هوڏانهن گهمندو رهيو. هن جي ذهن ۾
خيالن جي کنوڻ جا چمڪاٽ ۽ لفظن جي مينهن جا وسڪارا
پئي ٿيا. مارئيءَ جي سونهن جو سگهڙ جيڪو ذڪر ڪيو
هو اُن کي ٻُڌندي ئي هن جي ذهن ۾ بيتن جا وراڪا
ٿيڻ لڳا:
پکي منجهه پدمڻي، ڪر ڏئي وراڪا وِڄُ،
جهري صورت سـِڄُ، تهڙي مورت مارئي.
لطيف ساري رات اڪيلوئي اڪيلو اُن ڏهر ۾ ڦرندو
رهيو.
سندس ذهن ۾ بيتن ۽ واين جا وسڪارا ٿيندا رهيا:
سَنهي سُئيءَ سبيو، مون ماروءَ سين ساهه،
ويٺي ساريان، سمورا! گولاڙا ۽ گاهه،
هـِنيون منهنجو هُت ٿيو، هـِت مـِٽي ۽ ماهه،
پکن منجهه پساهه، قالب آهي ڪوٽ ۾.
اَلا! ايئن مَ هوءِ، جيئن آئون مران بند ۾،
جُسوزنجيرن ۾، راتو ڏينهان روءِ،
پهرين وڃان لوءِ، پوءِ مرپُڄَنم ڏينهڙا.
واجهائي وطن کي، آئون هـِت مُياس،
گور منهنجي سومرا! ڪـِج پنهوارن پاس،
ڏج ڏاڏاڻي ڏيهه جي، منجهان ولڙين واس،
مُيائي جـِياس، جي وڃي مڙهه ملير ڏي.
اَڄ پڻ چڪيم چاڪ، وَنهين ويڙهيچن جا،
سورن اچي سومرا! اندر ڪي اوطاق،
ماروءَ جي فراق، هڏ منهنجا ڪپيا.
مَ ڪي رو مَ ڪي رَڙ، هنجون هڏ مَ هارِ،
تو تان بند بـِدا ٿيو، ٻيڙيون نيئي ٻارِ،
پهچندينءَ پنهوار، سـِگهي سنگهارن کي.
مارئيءَ جي اندر ۾ پنهنجي ساڻيهه ۽پنهنجن سنگهارن
جي لاءِ جيڪا سڪ ۽ ڇڪ هئي، اُن جي مذڪور لطيف جي
دل کي لوڏي وڌو. هن کي پنهنجا پيارا ۽ دل گهريا
ياد آيا، جن کان جدا ٿيندي ڪيئي ڏينهن ٿي ويا هئس
۽ جن جي ملوڪ منهن ڏسڻ لاءِ اندر ۾ ڪيرَ ٿي لڳيس.
پر اُن سمي صبر ڪرڻ سواءِ ٻيو ڪو چارو به ڪونه
هئس! لطيف ڏهر ۾ هلڻ لڳو ۽ آسمان ۾ تڪيندو رهيو،
جتي تارن جي جهرمر لڳي پئي هئي. هن هر هر ٿڌا ساهه
پئي کنيا ۽ پنهنجي دل کي خاطري ڪرائڻ لڳو ته اهو
اوکو وقت هميشه رهندو ڇا؟ گذري ويندو اهو سمو ۽
ايندڙ ڏينهن پنهنجيءَ هنج ۾ خوشين ۽ فرحتن جي گلن
جون ڀريون کڻي ايندا. اهو ويچاريندي لطيف پنهنجي
ماڳ تي موٽي ويو. راول اگهور ننڊ ۾ ستو پيو هو.
لطيف به ماٺڙي ڪري هن جي ويجهوئي ليٽي پيو ۽ جلدئي
هن جي به اک لڳي ويئي. (نوٽ:
مصنف جا سمورا حق محفوظ)
ڀَل ڪُليري ڀاڄائي
ماهتاب محبوب
نوٽ: منهنجون ڪجهه ڪهاڻيون ڪيترن ئي سالن کان اُن
آسري تي مون وٽ سنڀاليون پيون هيون ته ’واندڪائي‘
ملڻ تي ٻه ٽي ڀيرا انهن کي لـِکي سونت ۾ آڻي شايع
ڪرائيندس، پر واندڪائي ملڻ وارو انتطار طويل ٿيندو
پئي ويو. ان دوران خاڪا، سفرناما،، ڪيئي مضمون ۽
نڪور ڪهاڻين جا مجموعا ظاهر ٿيا، پر اِنهن ڪهاڻين
جو وارو ئي نه آيو. جيڪي سَونت ۾ آڻڻ جي آسري
سُڪنديون رهيون. شايد لاشعوري طور تي اِن جو هڪ
سبب اهو به هجي ته تيزيءَ سان ڊُڪندڙ سالن سان گڏ،
اُهو ماحول به مرندو ويو، جنهن ۾ اِهي ڪهاڻيون
تخليق ڪيون هئم. هاڻ اِنهن کي جيئن تيئن پڙهندڙن
جي سامهون آڻيان پئي، اِهو سوچي ته جي وري انهن کي
ري رائيٽ ڪرڻ جو سوچيم ته ممڪن آهي ته ٻيا به سال
ساڳي ريت ائين کن جو کن ۾ گذري وڃن…سو جيئن جهڙيون
۽ جـِتي آهن، اُنهيءَ جي بنياد تي ’مهراڻ‘ جي
حوالي ٿيون ڪجن. _ماهتاب محبوب
زماني جي سورن جي ماريل گُلان، هونءَ تي مڇي ماني
کايو الله جا شڪرانا مڃيندي ٻچڙن ساڻ پئي حياتيءَ
جا ڏينهڙا گهاريا، پر اندر سڄو ڄڻ اونداهه انڌوڪار
هئس، جو ڀرئي جوڀن ۾ ئي مڙس بي واهه بڻائي، ڏهاڳ
جو ڏلهو ڏيئي، کيس ٻن اَبهم ٻارڙن سوڌو جهان ۾
اڪيلو ڪري ويو، ته به هيءَ شاڪر زال چپن تي مُرڪ
چنبڙايو وتندي هئي ڪوسيءَ ٿڌيءَ کي منهن ڏيندي.
ڪوئي جي حال احوال وٺندي پڇندس ته، ”ادي گُلان!
خوش ته آهين نه؟“ ته به اُهائي مُرڪ مُکَ تي، مجال
جو ڪنهن کي ڪو انت ڏي. قدرت خدا جي…شايد ته اِن
ڏکن ماري مُرڪ کي به ڪا نظر لڳي وئي، جوادي گلان
مليريا جي تپ ۾ وٺجي وڃي کٽ ڀيڙي ٿي، جنهن اِن خوش
مزاج مائيءَ جون وايون ئي وِلهڙيون ڪري وڌيون.
جيڏي مهل ڏِس ته رلي مٿان! دوا درمل کان ته اصل
ائين وَؤن ويندي، ڄڻ مرشد جي ڪا جهل هجيس!
جانڻ، جنهن کي اڃا مس مُڇن جي ساوڪ ڦُٽي هئي، تنهن
ماءُ کي ڊاڪٽر ڏي وٺي وڃڻ لاءِ گهڻئي ايلاز ڪيا،
پر هوءَ موڙو ڏيئي چوندي، ”ابا! کوءِ پيا ڊاڪٽر!
ٻَن پيون دوائون! مون کي ڇا ٿيو آهي؟ آءٌ چاق چڱي
ڀلي آهيان. ان مُئي تپ کان وات ڪڙو ٿي پيو اٿم، جو
ماني ئي نٿي وڻيم. ڪا کٽڙن ڏاڙهن واري ڦودني جي
چٽڻي ڪٽرائي ڏيوم، جنهن سان ٻه گرانهن نـِڙيءَ مان
لاهيان ته ڪا طاقتڙي پئيم ۽ اُٿي کڙي ٿيان...“
”امان، اهو ته ڪو علاج ڪونه ٿيو، ٺلها چشڪا آهن.“
شوخ گفتو ٻڌي هن جي چپن تي هيڻي مُرڪ مڙي آئي.
جانڻ هڪ وار وري ماءُ کي دوائون کائڻ ڪاڻ سمجهائڻ
جي ڪوشش ڪئي ته به دٻي ۾ ٺـِڪريون. نيٺ پاڙي مان
ڏس مليس ته ڪاري موريءَ تي سيدن جو گهر آهي، جتي
ڳوٺ ڌڱاڻي بوزدار وارو سائين ڌڻيءَ ڏنو ڌاڳو ڦيڻو
ڪري هر مرض مان بنان دوا دارونءَ جي جند ڇڏرايو
ڇڏي- سو اِن ٻيئڙ تپ مان ڪَڪ ٿي هن پٽ کي چيو،
”اَبا جانڻ، هروڀرو اِنهن مُين زهري دوائن پويان
ٽَڪا ٽُڪر وڃائڻ مان ڪجهه نه ورندو. وڃي سيدن مان
مون لاءِ ڌاڳو وٽائي اچ.“
”امان! تون به بادشاهه آهين. اڳ ڇو نٿي چيئي ته
سڳو وٺي اچان ها، اجايو ايڏو وقت پئي تڪليف ۾
لڇئين.“
”ابا! بس هاڻ ٺهيو ڪر. هي وٺ رُپيو، سـِگهو ورڻ جي
ڪجائين.“ گلان گنديءَ جي پلاند مان رپيو ڇوڙي جانڻ
کي ڏيندي چيو. ”بس اَمان اِجهو ويس ۽ آيس“، هو
چپٽي وڄائيندي روانو ٿيو ۽ اچي سيدن جي گهر تي
رسيو.
در جو ڪڙو کڙڪائي کڙڪائي بيٺو پر نه ڪا ڦوٽ نه
ٻوڏ، ته هن وڏي سڏ چيو، ”بابا! ڪو آهي گهر ۾؟
سائينءَ کان ڌاڳو وٽرائڻو آهي، قريشين جي پاڙي مان
آيو آهيان!“
گهڙي کن رکي زنانو سُر نڪتو، ”اَبا…سڀئي گهر ڀاتي
ويا آهن ڪچي قلعي ڏي، جو نور محمد جي ماءُ بچُو
وئي آهي رات گذاري!“
اِهو جواب ٻڌي هو ڪا دير ڄمي ويو. پوءِ خالي
ٻانهون لوڏيندو اچي گهر پهتو ۽ ڏک مان ماءُ ڏي
نهاري، هن انڪشاف ڪيو، ”اَمان! قلعي واري مامي
بَچو ويچاري رب کي وڃي رسي آهي!“
”اَئي هان!“ هوءَ ڇرڪ وچان دانهن ڪري اُمالڪ هنڌ
تان ٽـِپو ڏيئي اُٿي کڙي ٿي.
”گهوڙٽ!…“منهنجي ڇَتڙن لا جي سَرتي…جيڏل…بَچو
گذاري وئي! هاءِ هاءِ…هي نه ويلَ هئس وڃڻ جي…“
صدمي مان، ڳڙندڙ سـِنگهه صاف ڪندي، وري سُر
ڪڍيائين، ”ائي اَلا…ويچاري نور محمد جي ماءُ بچو
گذاري وئي! منهنجي مرهيات مڙس جي ٿڃ شريڪ ڀاءُ رجب
جي گهر واري، نازن جي نپايل…منهنجي ڀَل ڪُليري
ڀاڄائي بَچو! اَبا جانڻ، سگهو ڪر هاڻ جو هاڻ مون
کي اوڏي وٺي هل ...“
”امان مِٺي تون پاڻ بخارن جي مچ ۾ هلڻ کان هلاڪ،
ڪيئن هلندينءَ ايڏي ڪاڙهي منجهه…؟“
”اي اَبا، ’ننگ جون پاڙون دوزخ ۾‘!“ گلان وڏي
اوڇنگار ڏيندي وراڻيو، ”منهنجي هيڏي ساري وَسن
جهڙي ڀَل ڪليري ڀاڄائي ائين اوچتو هلي ويئي، اِهو
ڏک ڪو مون کي ائين بي اونو ٿي ويهڻ ڏيندو…؟“
”امان! پاڻ کي ته اڃان سوڌو ڄاڻ به ڪانه ڏني اٿن!“
”پر اَبا، ڄاڻ ته پئجي وئسين نه…هروڀرو ڪو اهڙين
مهلن تي ليکا چوکا ڪبا آهن ڇا! جهٽ ڪري، رڪشو يا
ٽانگو وٺي اچ ته هلون. من ويچاريءَ جي روح کي آرام
اچي.“ هن چوندي هڪ وار وري جو نڪ مان سنگهه ڪڍي
اُڇلي، سا ٽـِڙاڪ ڪري وڃي جانڻ جي خميس جي کيسي تي
پئي.
”اڙي امان، تو ته منهنجي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي!“ هن کيسي
ڏي درديلي نظرن سان ڏسندي دانهن ڪئي.
”بچين شال، ٻيڙي ٻُڏي تنهنجي دشمنن جي!“
”جيسين دشمنن جي ٻُڏي تيسين منهنجي ٻيڙي ته ٻوڙي
ڇڏيئي نه، نئين خميس گوبي سان ٿڦي…“
”نه ڙي اَبا! ڪٿان آيو گوبو، پاڻيءَ جي ڦـِنگ ڦُڙي
هئي…هلي آ ته اُگهئين.“ گلان ڀَر ۾ پيل ڪاري ڪسابي
سان پُٽ جي خميس اُگهندي، ڀيڻ کي سڏ ڪيو، ”اِئي
زينب! سگهي آ…ڪـِيس ٿي ويو ڙي!“
”ڇا ٿيو ادي گلان!“ هوءَ ڊُڪندي آئي ”خير ته آهي
نه؟“
”اَئي زينب، پاڻ واري ڀَل ڪُليري ڀاڄائي بَچو
گذاري وئي آهي، هل ته پير ڀري اچون.“
”اَئي مَران…! بَچو وئي؟“ هن ٻئي هٿ ڇاتيءَ تي
هڻندي چيو.
”ها ويچاري بچو هلي وئي ننڍن ٻارڙن کي رولي…مڙس کي
ٺونٺ جو ڌڪ ڏئي! سبحان الله…رهي نالو رب جو…جيڪا
اُن جي رضا…“
جانڻ، جهولي ۽ لُڪ لڳڻ جا خوف ڏياري ماءُ کي هلڻ
کان گهڻوئي روڪيو، پر هوءَ به ڪا مُڙڻ واري هئي
ڇا. اوڇنگار مٿان اوڇنگار پئي ڏي ته ميت مٿان وجهڻ
لاءِ پوتي به پئي ڳولهجي. پر ڪا چڱيرڙي پوتي نه
مليس ته سڪيلڌي ڌيءَ جي بادلي ۽ زريءَ جي ڀرت سان
ڀريل پوتي ياد پيس، پر هن اها ڏيڻ کان صفا اکيون
ڍڪي ڇڏيون. ”امان! آءٌ پنهنجي نئين اُچي پوتي ڪانه
ڏينديس.“
گلان جي وڏن ايلازن کان پوءِ نيٺ اِن وعدي تي ڏيڻي
ڪيائين ته، ”ٻي ساڳي اهڙي ٺهرائي ڏيندينءَ.“
ٻئي ڀينر پوتي ۽ اَجرڪ ڪڇ ۾ ڪري جانڻ جي اڳواڻيءَ
۾ ڌام تتيءَ جو روئنديون جهڙو ٻاهر نڪتيون ته
اڳيان سوٽ سائين ڏنو منهن ۾ لڳن، جنهن پنهنجون
قدرتي ڳاڙهيون گول اکيون ڦـِرڙائيندي حيرت مان
پڇيو، ”اي اَدي هينئر ڪيڏي؟“
”اڙي ادا! ڇا ٿو پڇين…ويچاري ڀاڄائي بچو وئي
گذاري…“
”بس بابا جيڪا مرضي مالڪ جي“، سائين ڏني ٿڌو ساهه
ڀري ڏک جو اظهار ڪيو. ”ڀلا ترسو ته آءٌ به بوڇڻ
کڻي اچان ته گڏجي هلون. جنازي نماز ته پڙهڻي
پوندي، چئن چڱن جي وچ ۾ اُگهاڙي مٿي هلڻ سٺو ڪونه
ٿو لڳي.“
”سـِگهو ٿي چاچا…“جانڻ پيشانيءَ تان پگهر اُگهندي
رڙ ڪئي. ”ڪيڏي نه موت مار گرمي آهي!“
”هائو هائو، اِجهو آيس“ ائين چوندي سائينءَ ڏنو
گهر جي ڏيڍي ٽپي گهت ڏيئي جهٽ پَٽ ۾ بوڇڻ سوڌو اچي
ان سوڳوارن جي صـِف ۾ شامل ٿيو.
ڪاڙهي ۾ ڪانءُ جي اک ٿي نڪتي، سو پري پري تائين ڪا
سواري ڪا ٿي سُجهي. هڪ لُڪ، مٿان، پير ئي ڄڻ مَڻ
مَڻ جا ٿي پين. گلان ته اڳ ئي مليريا ورتل، تنهن
کي ته ماڳهين سيئي تَپ اچي ورايو، سا به چار وِکون
هلي کيري ٿيڻ لڳي ته به ٻڙڪ نه ٻوليائين ۽ پوتي ڪڇ
۾ ڪيو سُڻڪ سُڻڪ ڪندي هلندي رهي.
”ادي گلان! مون کي ڏي پوتي ته آءٌ ٿي جهليان…هڪڙي
تپ حيران ڪيو اٿئي، مٿان وري پوتيءَ پويان ڪَڇ ئي
سُڪائي ڇڏي اٿئي!“ زينب ڄڻ اُٺ تان وڃجڻي ٿي لاٿي.
”تون پنهنجي اجرڪ قابو ڪر، مون کي اِها پوتي ڪانه
ٿي ماري.“ ان حال هوندي به ڀيڻ تي ويساهه نه هئس
ته متان اِها وائڙي پوتي نه ڪٿي ڪيرائي وجهي. رستي
هلندي، ايڪڙ ٻيڪڙ ڪا رڪشا ٿي نظر آين ته اُها به
نٿي بيٺي. لاچار وري کين پنڌ کي ڇڪڻو پيو، جيڪو
کُٽو ئي ڪونه ٿي. بس هلندي هلندي رکي رکي ٿڌا
شوڪارا ٿي ڀريائون. زينب کي وري اوچتو الائي ڪهڙو
سُورن سندو پُور پيو جو هن وري سُر ڪڍيو: ”اَئي
منهنجي تير ڪمان جهڙي بَچو! مون کي ته ويساهه ئي
نٿو اچي، اڃا مٿين خميس تي ڇيٽ جو چولو موڪليو
هئائين.“
”ادي هينئر ماٺ ڪري هَل. هانءُ نه ڦاڙينم، منهنجو
هانءُ اڳي ئي کاڌو پيو آهي، تنهن کي وري تـِيليون
ڏيندي ٿي هلين!“
”اَدي، تيليون لڳنئي دشمنن کي،“ زينب ڇڙٻ لوائيندي
وراڻيو، ”پر جهڙي تنهنجي سر تي تهڙي منهنجي به ته
هئي … سندس بي وقتائي موت جو مون کي به ڪو گهٽ سور
ڪونهي…زال هئي ٻه ڀيرا…گهر وڃبو هئس يا ڪٿي جي
ڏسندي هئي ته ٻـِٽا ٻـِٽا ڀاڪر پائي اصل گهور پئي
ويندي…هن جا ڪهڙا ڳڻ ڳائي ڪهڙا ڳايان؟ راڄن ڪا ڄن
۾ اُٿندي ويهندي هئي ته ڄڻ ڪا راڄ جي راڻي پئي
لڳندي. سڄو راڄ پاڻ سان کنيون بيٺي هوندي هئي.
پريان ئي پڌري، پيشاني پئي چمڪندي هئس، جنهن جي
نُور سان چهرو پيو تجلا ڏيندو هئس!“
”زينب! هاڻي ٺهيو، خان خانان مري ويا، بَچو به
ويچاري انسان هئي، وڃي سُکي ٿي. سڀاڻي پاڻ کي به
ساڳي واٽ وٺڻي آهي. رَستي هلندي هاڻ اِهي ڏکن جون
ڳالهيون ياد نه ڪر. رک پيرن تي زور ته ميت کي نه
کڻي وڃن، ماڳهين مُنهن ڏسڻ کان به وڃون!“
ٻنهي ڀيڻن ويتر تيزيءَ سان کُڙين تي زور رکيو ته
پويان جنم جنم جي ڪنواري سائينءَ ڏني جو آواز آيو،
”اي ترسو ته سهي، مايون آهيو ڪي نه مصيبت! ائين
وٺي واچوڙي وانگي هليون آهيو، جو پير ئي زمين تي
نٿو کُپيوَ…ڪو ڏسو ٿيون ته پويان مڙس ماڻهو به پيا
اچن!“
”اَئي گهوڙا، ڪهڙا مڙسالا پيا اچن!“ ٻنهي ڇـِرڪي
پويان نهاريندي پڇيو.
”اسين آهيون، ٻيو وري ڪير هوندو!“ سائينءَ ڏني،
جنهن جي مردانگيءَ کي لاشعوريءَ طور شايد ته ڪنهن
اڃا تسليم نٿي ڪيو، تنهن چَپ سڄائيندي چيو.
”ادا تون به تڪڙي وِک کڻ…دير پئي ٿئي.“
ائين چوندي گلان گوڏي جو ميٽر تيز گهمايو. ٿورو
اڳتي هلي هن غير ارادي طرح اوچتي بريڪ هڻي پٺيان
ڪنڌ ورائي جو ڏٺو ته جانڻ ڀتر کنيو سائينءَ ڏني جي
گهيتلي مان نڪتل ڪـِليءَ کي پيو ٺوڪي.
”اي ابا اِهو وري ڇا ٿيو؟“۾ هن پريان ئي هَڪل ڪئي.
”هلو هلو! هاڻي ٿيون پُڇو ته ڇا ٿيو؟ ايڏو تڪڙو
هلايو اَٿو جو مرڳو گهيتلو ئي ڇڄي ٻه اڌ ٿي پيو
اٿم.“
”ادا اِهو ڏاڏي آدم جي زماني جو کُٿل گهيتلو ته اڳ
ئي گٺل هيئي، ڏوهه وري اسان تي.“ گلان خار مان
چيو.
”اي امان، هاڻي ٺهيو. گَس تي بيهي جهيڙا نه ڪر.
اوهين هلو اسين به ٿا اچي رسون.“ جانڻ، ماحول ٿڌو
ڪندي هڪ وار وري گرميءَ جي شڪايت ڪئي. ”موتمار
گرميءَ وڄائي ڇڏيو آهي!“
هن ڀيري سائينءَ ڏني کان رهيو نه ٿيو، هن اُمالڪ
دؤرائي لهجي مان چيو، ”ابا ڪهڙو موت جو سندرو ٻڌو
اَٿئي کڻي منهنجي پٺيان! هڪ ڀيرو ٻڌم، وري به
ٻڌم…يڪو وٺي ’موت موت‘ جو چـِلو ڪڍيو اٿئي! بس ڪري
هل ته هڻئي نه اِهو ڇڳل موچڙو منهن وارو!“
سائينءَ ڏني کي دؤري ورتي ڪيفيت ۾ ڏسي جانڻ ان
’موت مار-گرميءَ‘ ۾ به مُرڪي پيو ۽ ڪوڪي کي ويتر
اهڙا وٺي زوائتا ڌڪ هنيائين ڄڻ اُهو گهيتلي منجهه
نه پر سائينءَ ڏني جي مغز جي تابوت ۾ ٺوڪيندو هجي.
تان جو ٻئي ڀينرون اَڇن برقعن منجهان کانڀڙاٽين
جهڙيون ٺونٺيون هڻنديون بچوءَ جي درتي اچي پڳيون.
کڻي جو ڏسن ته گهر جي موريءَ منجهان ميٽ پيو وهي!
ڏسڻ شرط هينئون ئي ڦاٽي پين، وٺي اُڇنگارُ ۾ پيون.
”ائي اَلا…اَئي اَلا!…منهنجي وسن جهڙي بَچوءَ کي
غسل پيون ڏين…ايتري ۾ سائينءَ ڏنو ۽ جانڻ به
سهڪندا اچي پُڳا…
گلان هاريل منهن سان در کي جوکڙڪايو ته اندران
آواز آيو: ”اچان ٿي، اچان ٿي! گندي ته پائڻ
ڏيو…ڪهڙي وٺي تڪڙ ٻاري اَٿو!“
اهو ٻڌي سڀني کي ڪنبڻي وٺي وئي ۽ هڪٻئي جي منهن ۾
ائين نهارڻ لڳا ڄڻ صدمي کان ڪنن تي ڪو اَثر ٿيو
هجين. جيئن ئي سائينءَ ڏني جي نظر در کوليندڙ
بچوءَ تي پئي ته هو بُل کائي، ڌو اچي هيٺ ڪـِريو ۽
اُتي ئي شيڪجي پيو. اِهو لقاءُ ڏسي گلان سميت زينب
۽ جانڻ جا به حوصلا خطا ٿي ويا. انهيءَ بتاليءَ
منجهه هيلتائين ڪڇ ۾ قابو ڪيل گلان جي گلابي پوتي
به اُڇل کائي وڃي ڪـِني ڪسيءَ ۾ ڪـِري. ڄڻ بچو نه،
ڪا غيبات ڏٺي هجين، پر به همت ڪري ٽنهي پاڻ سنڀالي
ورتو.
”ائي منهنجي ادي گلان! مـِٺي/ زينب! ڀلي ڪري
آيون…اوهين ته ڏاڍيون مهانگيون ٿي پيو آهيو، اَچو
اَچو اندر اچو…پر هي ڀاڻم سائينءَ ڏني کي ڇا
ٿيو!؟“ بچوءَ افسوس ڀري نگاهه مٿس اُڇليندي عجب
مان پڇيو.
ادي! هو ته آهي گهمڻ جو گهوڙو، جيڏانهن وڃ تيڏانهن
اڳ ئي سَنجهن سوڌو تيار! هڪڙو اڳ ئي بُخارن جا مچ
چڙهيل، مٿان لُڪ ۾ کڻي جوهيڏي ساري پنڌ کي ڇڪيو
اٿس ته ماڳهين جهولو لڳڻ ڪري ڏندڻجي پيو.
گلان ۽ زينب، کٽ تي ويهي، ڳيتون ڏيندي جيئن تيئن
ڳالهه ته ٺاهي ورتي پر اڳتي ڳالهائڻ لاءِ ڄڻ اکر
ئي کُٽي پين. جيتر جانڻ به ڦوٽاريل تارا کڻي
سامهون رکيل گهڙامنجيءَ جي مَٽ مان ٻه چار پاڻيءَ
جا گلاس پي مس ڪو سامت ۾ آيو ته منهن جي پڪائيءَ
مان ماءُ کي چيائين، ”امان، اوهين جهٽ ۾ خير خبرون
ڪري وٺو ته آءٌ ٽانگو ٿو ڪريو اچان.“
”ها، ها، اَبا جهٽ ڪر، پر چاچي کي ته هوش ۾ آڻ.“
”چاچي کي پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻندو ٿو وڃانس، پاڻهي
اُٿي کڙو ٿيندو. اوهين به جلدي موڪلائڻ جي ڪيو.“
”اَئي جيڏيون، آءٌ ٿي اوهان کي ائين وڃڻ ڏيان جو
بس!“ بچوءَ لاڏ ڀري حُجت مان چيو.
”اَئي ادي بچو، اڄ نڪتيون هيونسين حڪيم قائم خان
ٻگهئي ڏي ته وڃي ڪا سَنڌن جي سور جي دوا وٺيو
اچون، ڀر ۾ تنهنجو گهر…سو وري ڪيئن اورانگهي وڃون،
سو چيوسين ته تنهنجو منهن به ڏسنديون وڃون وري
حياتي آهي ته جلد يَڪ مَنيون ٿي اينديونسين.“
زينب مُشڪندي چيو ته بچو به ڳالهه مڃي ورتي.
ٿڌو ٺار ابريشم پي اڃا وانديون ٿيون ته ڍُرڪيل ڌمڻ
وارو ٽانگو به ٺُڙ ٺُڙ ڪندو اچي پهتو.
سائينءَ ڏنو بوڇڻ سان ناڪيلي اُگهي توڙي جو هوش ۾
اچي چڪو هو پر ٻولتي بند هئس ته تارا به اڃا سوڌو
ڦوٽاريا پيا هئس. هو ٻاهر دِڪيءَ تي ئي ڇانوري
منجهه ويهي رهيو.
ٻئي ڀيڻون برقعا سنڀالينديون، ڀَلڪُليري ڀاڄائي
بَچوءَ سان وڏا وڏا ٻـِٽا ڀاڪر پائي ائين موڪلائي
آيون، ڄڻ ايڊوانس ۾ ئي قُل پڙهنديون هجن.
جهڙوئي ٽانگو چُريو ته جانڻ سوڌو ٻئي اچي ٽهڪن ۾
ڇٽڪيون، پر سائينءَ ڏنو ساڳي ريت سونڊيل رهيو، ڄڻ
بچو جيئرو رهي ڪو وڏو ڏوهه ڪيو هجي!
”زينب! اڄ واهه جو بڇڙيون ٿيون آهيون!“
”اَئي ادي گلان، منهنجي ته ڪڇ ئي سُڪي وئي اَجرڪ
جهلي جهلي ۽ لڪائيندي ته ڪٿي بچو نه ڏسي وٺي!“
”اَئي اَلا منهنجي ٻچڙيءَ جي وَسن جهڙي نئين پوتي
به ڪسيءَ ۾ وڃي پئي!“
”اَئي اَدي، هاڻ گهوري اِها پوتي تو تان! بچوءَ کي
نه ذري به کُڙڪ پئي ها ته اِها مٿس وجهڻ لاءِ آندي
اٿئون ته ماڳهين اهڙو حال ٿئي ها جو اِها ساڳي
پوتي ۽ اجرڪ اسان تي وجهي ها…!“
”سچ ٿي چئين زينب، الله کڻي پَت رکي! پر هاڻي
سمجهيم ته جيڪا بچو گذاري وئي، اُها پاڻ واري نه
پر ڪا ٻي هئي…نالن جي هڪجهڙائيءَ به ڪيڏا نه
مونجهارا ڪيو ڇڏي…۽ هڪ وار وري در کولڻ وارو منظر
ياد ڪري سڀئي کل ۾ ويڙهجي ويا.
مُرجهائجي ويل مُکڙي
منظور جوکيو
سندس سيني ۾ جوانيءَ جوگونچ تازو ڦُٽو هو. چوويهه
ئي ڪلاڪ جوانيءَ جي نشي ۾ رهڻ جي ڪري سندس سوچ
گهڻو ڪري ڇوڪرين ۽ رومانس بابت هوندي هئي. فرسٽ
ييئر ۽ انٽر جو زمانو ته هوندو ئي موج، مستيءَ ۽
عاشقيءَ جو زمانو آهي؛ هڪ پاسي پڙهڻ جو زور هوندو
آهي ته ٻئي پاسي هر وقت ڪنهن نه ڪنهن کي دل ڏيڻ ۽
ڪنهن نه ڪنهن کان دل وٺڻ جو شوق به عروج تي هوندو
آهي. وري جو ڪلاس ۾ ڪجهه عاشق مزاج ڇوڪرن سان اُٿڻ
ويهڻ ٿئي ته ماڻهو هر وقت عاشقيءَ جي چڪر ۾ رهڻ ۾
ئي سُرور محسوس ڪندو آهي. بس ڪا جوان ڇوڪري ڏٺي
ناهي ۽ عاشقي ٿي ناهي، ڀلي اُها ڇوڪري لفٽ نه
ڪرائي پر عشق ۾ اصل انڌو ٿي گهمبو ڦربو. نويد اهڙي
ئي دَور ۾ ڪومل کي ڏٺو ته صفا چريو ٿي پيو. چريو
ڇو نه ٿئي-ڪومل هئي به ته آسمان مان لٿل ڪا حُور،
يا وري ڪوهه قاف کان آيل ڪا پري! هوءَ جڏهن گهٽيءَ
مان لنگهندي هئي ته سڄو پاڙو سندس سُرهاڻ سان
سُرهو ٿي ويندو هو. سندس ڊريسنگ اهڙي هوندي هئي هو
هرڪو هن جي اسٽائل کي ڏسي عاشق ٿي پوندو هو. ڳاٽ
اوچو ڪري هلندي هئي ته وِک وِک مان مغروري پئي
جهلڪندي هئس. سونهن، اسٽائيل ۽ مغروري جڏهن گڏجن
ته ٽنهي شين جي ميلاپ سان جيڪا شيءِ وجود وٺندي
آهي، اُنهيءَ کي ’ظلم‘! چئبو آهي. اهڙو ظلم ڪومل
کي ڏسندي نويد به محسوس ڪيو هو ۽ اُنهيءَ ظلم کي
سهندي هن کي ڏاڍي راحت محسوس ٿي هئي.
انٽر جي امتحان کان پوءِ واندڪائيءَ جا ڏينهن هجن
۽ اُنهن بي فڪريءَ جي ڏينهن ۾ ڪومل هڪڙي حُور
پريءَ تي دل عاشق ٿئي ته واندڪائيءَ کي ماڻڻ جا
اڃا ٻيا ڪهڙا حسين لمحا کپن! بس پوءِ ته ڪومل هئي،
هن جا اِهي رستا هئا، جن تي هوءَ هلندي سرهاڻ ڀريل
ساهن سان ماحول کي معطر ڪري ڇڏيندي هئي ۽ پٺيان
هوندو هو نويد، جيڪو هن جي ڪڍ ٿڌا ٿڌا ساهه ڀري
ماحول کي ٿڌو بڻائڻ بجاءِ گرمائي ڇڏيندو هو.
هيڏانهن ڪومل گهران ڪنهن ڪم سان ، يا پاڙي اوڙي ۾
ڪنهن سهيليءَ سان ملڻ لاءِ، يا ڪاليج لاءِ نڪتي
ناهي ۽ هوڏانهن نويد هن جي ڪڍ لڳو ناهي. ڪومل کي
اُن جي منزل تي پهچائي وري انتظار ڪندو هو ته ڪڏهن
ٿي هوءَ واپس اچي ته وري گهر تائين سندس پيڇو ڪجي.
اُنهيءَ ڪڍ لڳڻ ۽ وري واپس پهچائڻ واري عمل کان
پوءِ نويد هوندو ۽ گانا هوندا هئا، جيڪي هو وڏي
آواز سان پيو گهر ۾ ٻڌندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ به
گاني جي ٻولن سان گڏ جهونگاريندو رهندو هو.
ائين ڪومل جي ڪڍ لڳندي ۽ گهر ۾ گانا ٻڌندي سوچن جي
عڪس ۾ هن پاڻ کي ۽ ڪومل کي گڏ گهمندي ڏٺو هو، پيار
ڪندي محسوس ڪيو هو ۽ آخرڪار شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾
ٻڌجندي تصور ڪيو هو. نويد اڳ ۾ الائي ڪيتريون
ڇوڪريون ڏٺيون هونديون ۽ دل ئي دل ۾ اُنهن تي عاشق
به ٿيو هو، پر اڃا تائين ڪنهن سان پنهنجي پيار جو
اظهار ڪري نه سگهيو هو. پر ڪومل کي ڏسڻ کان پوءِ
هن پهرين سمورين ڇوڪرين کي وساري ڇڏيو هو ۽ هاڻي
سندس ڌيان هو ته هو هاڻي ڪنهن به ٻيءَ ڇوڪريءَ تي
عاشق نه ٿيندو. بس ڪومل هن جي آخري پسند هئي ۽ هو
انهيءَ سان ئي شادي ڪري باقي زندگي گذاريندو.
راتين جون راتيون جاڳي ڪومل کي ياد ڪرڻ ۽ هن جي
چهري کي تصور ۾ آڻي هن سان پيار ڪرڻ، هن جو معمول
بڻجي ويو هو. دوستن سان ويهندو هو ته به اڪثر
ڳالهيون ڪومل جون ئي ڪندو هو. دوستن کي خوش ٿي
ٻڌائيندو هو ته اڄ هن ڪومل کي ڏٺو آهي، کيس هن رنگ
۽ هن اسٽائيل جا ڪپڙا پهريل هئا ۽ هن کي ڪهڙي
پرفيوم لڳل هئي. دوست اڪثر کيس چوندا هئا ته گهٽ ۾
گهٽ هو هڪ دفعو ڪومل سان پيار جو اظهار ڪري ته
ڏسي، متان ڪومل کيس نه چاهيندي هجي! هو دوستن کي
چوندو هو، ”پيار هڪ طرفو نه هوندو آهي. هڪ ماڻهوءَ
جي دل مان نڪتل پيار جا ڪرڻا ٻئي ماڻهوءَ جي من
تائين پهچي ويندا آهن ۽ اُهو به ساڳئي طريقي سان
پيار جي موٽ پيار سان ڏيندو آهي.“
هن جي به خواهش هوندي هئي ته ڪو وجهه وٺي هو ڪومل
سان پيار جو اظهار ڪري. دوستن جي زور ڀرڻ تي هن
آخر فيصلو ڪري ورتو ته هو ڪنهن به صورت ۾ ڪومل سان
پيار جو اظهار ڪري هن کي مجبور ڪندو ته هوءَ به هن
سان کُلي پيار جو اظهار ڪري. اهو سوچي ڏاڍي سٺي
نموني سان تيار ٿي، بهترين ڪپڙا پهري ڪومل جي گهر
کان نڪرڻ تي هن جو پيڇو ڪيائين. ڪومل پنهنجي ڪنهن
سهيليءَ ڏي وڃي رهي هئي. ڪجهه گهٽيون لتاڙڻ کان
پوءِ نويد ڪومل جي ڀرسان پهچي ويو ۽ نڙي صاف ڪندي
هن کي پٺيان کان چيائين ”ڪومل! مون کي توهان سان
ڪجهه ڳالهائڻو آهي.“
ڪومل بيهي رهي. هن کي ڪاوڙ مان ڏسندي پڇيائين،
”چئو، ڇا ڳالهائڻو آهي؟“
”مون کي توهين سُٺيون ٿيون لڳو“، هن هٻڪندي چيو.
”مان هر ڪنهن کي سُٺي لڳندي آهيان…توهين پهريان
ماڻهو نه آهيو.“ ڪومل اڃا وڌيڪ ڪاوڙجندي چيو.
”پر مان توسان پيار ٿو ڪريان…I
Love you“
هن وڏي همت ڪري چيو.
”??!!
What Nonsense“
ڪومل صفا ڪاوڙجي وئي.
”ائين نه چئو ڪومل! منهنجو توسان سچو پيار آهي“،
هن ڏاڍو جذباتي ٿيندي چيو.
”مسٽر، اڄ اها ڳالهه چئي اٿئي، جيڪڏهن اڳتي اهڙي
حرڪت ڪيئي ته پوءِ سئنڊل کائيندين!“ هڪ نفرت ڀريل
نظر اُڇلائي ڪومل هلڻ لڳي.
”پر ڪومل!
I Love you.“
هو وري هن جي ڪڍ لڳو.
”
I Hate you…پنهنجو
رستو وٺ ۽ هليو وڃ هتان، نه ته شور ڪري ماڻهن کي
سڏي تنهنجي بيعزتي ڪرائيندس.“ ۽ ڪومل تڪڙيون
تڪڙيون وکون کڻي اڳتي هلي وئي ۽ هو پٺيان کان هن
کي ڏسندو رهجي ويو…
* * * * *
(ڏهه سال پوءِ)
هن جي خواهش هئي ته لاهور ۽ اسلام آباد کان پوء هن
جي تصويرن جي نمائش سنڌ جي گاديءَ ڪراچيءَ ۾ ٿئي.
ڪراچي، جيڪا سنڌ جي سڃاڻپ هئي ۽ جتي هو حيدرآباد
کان اڪثر ايندو رهيو هو، پر لاهور ۾ رهڻ جي ڪري هو
حيدرآباد سان گڏ ڪراچيءَ کان به پري ٿي ويو هو.
لاهور جي ماحول مان نڪري، ڪراچيءَ ۾ نمائش جي ڪري
ڪجهه ڏينهن اچي رهڻ هن لاءِ ڪنهن
excitement
کان گهٽ نه هو. ڪراچيءَ جي آرٽسٽن به چاهيو پئي ته
نويد ڪراچيءَ ۾ تصويرن جي نمائش ڪري ته هو ڏسن ته
آخر اها ڪهڙي ڳالهه آهي، جنهن نويد کي ملڪ جي چند
وڏن آرٽسٽن جي قطار ۾ آڻي بيهاريو هو.
بهرحال هڪ فائيو اسٽار هوٽل ۾ هن جي تصويرن جي
نمائش شروع ٿي ته هر ڪو هن کي داد ڏيڻ کان سواءِ
رهي نه سگهيو. نمائش جي پهرين ئي ڏينهن هن جي
ڪيترن ئي تصويرن تي
Sold
جا اسٽڪرز لڳي ويا.
نمائش جي ٻئي ڏينهن شام جو جڏهن هو تيار ٿي هوٽل
جي هال ۾ پنهنجي تصويرن جي آسپاس آيل مهمانن سان
ملي رهيو هو ۽ نون آرٽسٽن کي آٽوگراف ڏئي رهيو هو
ته ماڻهن جي ننڍڙي هجوم مان نڪري ڪومل هن جي اڳيان
اوچتو اچي بيهي رهي.
”ڪهڙا حال آهن نويد صاحب؟“
ڏهن سالن جي عرصي ڪومل کي الهڙ جوان ڇوڪريءَ مان
پوڙهو بڻائي ڇڏيو هو. پهرئين لمحي نويد هن کي
سڃاڻي نه سگهيو، پر جڏهن ڪومل جي صورت ۽ آواز
لهرون بڻجي نويد جي دل سان ٽڪرايو ته هن يڪدم
سڃاڻي ورتس…”توهين، هتي…؟“ نويد حيران ٿي چيو.
”اڄ اخبار ۾ توهان جي پينٽنگس جي نمائش بابت پڙهي،
سوچيم ته توهان جون تصويرون به ڏسي وٺنديس ۽
انهيءَ بهاني توهان سان ملاقات به ٿي ويندي.“
”مون کي به ڏاڍي خوشي ٿي آهي توهان سان ملي!“
هن پنهنجي بي انتها خوشيءَ جي اظهار ڪرڻ لاءِ ڪومل
کي چيو.
”مون کي به ڏاڍي خوشي ٿي آهي…اها به خوشي ٿي آهي
ته توهين ايڏا وڏا آرٽسٽ بڻجي ويا آهيو…!“
”بس قدرت جي مهرباني آهي…“
”ٻيا ڪهڙا حال آهن…؟“
”مان بلڪل ٺيڪ آهيان…توهين ٻڌايو…؟“
هنن کي ڳالهائيندي ڏسي هنن جي آسپاس بيٺل ماڻهو
وري تصويرن ڏانهن هليا ويا. شايد اُنهن به چاهيو
پئي ته سندن محبوب آرٽسٽ پنهنجي ڪنهن پراڻي
واقفڪار سان ڳالهائي سگهي.
”توهين ڪراچيءَ ۾ هوندا آهيو ڇا؟“ نويد ڪومل کان
پڇيو هو.
”نه…“ ڪومل وراڻيو، ”مان حيدرآباد ۾ هوندي آهيان،
اُتي هڪ اسڪول ۾ جاب آهي…هتي ڪراچيءَ ۾ ٽريننگ ڪرڻ
آئي آهيان…اڄ اخبار ۾ پڙهيم، ته توهان جي نمائش
ڏسڻ آيس.“
نويد هيڏانهن هوڏانهن نهاريو…ڪجهه نوجوان هن کان
آٽوگراف وٺڻ لاءِ بيٺا هئا…هن اُنهن کي تڪڙ ۾
آٽوگراف ڏيندي ڪومل کان پڇيو، ”توهان کي چانهه يا
ڪافي پيار جي جيڪڏهن توهان وٽ ٽائيم هجي…!“
ڪومل ماڻهن جي رش ڏانهن ڏسندي چيو، ”توهين جيڪڏهن
هتان فارغ ٿي سگهو ته…“
”نه نه، مان فارغ آهيان…“ نويد وٽ آيل ڪجهه ماڻهن
کي
excuse
ڪندو هن کي هال کان ٻاهر وٺي آيو ۽ هوٽل جي پرسڪون
ريسٽورينٽ ۾ اچي ويهاريو...
ڪومل، نويد کي پنهنجي بلڪل ڀرسان ۽ ڪجهه اڪيلائيءَ
واري ماحول ۾ ڏسي، هن کي چيو: ”توکي وڃائي مون
زندگيءَ جي وڏي غلطي ڪئي هئي…!“
نويد جي دل ۾ پراڻو سُتل پيار جاڳي پيو ۽ هن جي
اکين ۾ جهلڪڻ لڳو.
”مون ته توکي پنهنجي سچائين سان چاهيو هو…تو مون
کي ڇو ٺڪرايو، ڄڻ سموري ڪائنات کسجي وئي مون کان…“
”پيار ۾ ’ساري‘ ۽ ’ٿئنڪس‘ جا لفظ ادا نه ڪيا ويندا
آهن…بس جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو. هاڻي افسوس ڪرڻ
مان فائدو…پر ڪاش، تون مون کي ملين ها ته مان مڪمل
ٿي وڃان ها…!“
”اهوئي ته افسوس آهي…!“ ڪومل وڌيڪ ڏکويل ٿي چيو.
نويد سنجيدگيءَ کي ختم ڪرڻ ۽ ڳالهه مٽائڻ لاءِ
شرارت واري موڊ ۾ چيو، ”ڀلا مون کان پوءِ ٻيو ڪو
عاشق ٿيو يا نه…؟“
”ڪيئي عاشق ٿيا.“ ڪومل وراڻيو.
”پوءَ ڇا ٿيو…ڪو ويچارو ڪامياب ويو يا نه…؟“
”ڪو به نه…هڪ ويچاري خود ڪشي ڪري ڇڏي…!“
”اوهو…معنيٰ اهو مون کا به وڌيڪ عاشق نڪتو!“
”نه، ائين نه هو…“ ڪومل سوچ ۾ گم ٿي وئي.
”۽ شادي…؟“
”شادي اڃا نه ٿي آهي…يا ته تو بددعا ڏني هئي، يا
وري خودڪشي ڪرڻ واري جي بر وقتائتي موت جي سزا مون
کي قدرت ڏني آهي…“ ڪومل ڏاڍي حساس ٿي وئي.
”مون توکي ڪڏهن به بددعا نه ڏني هئي ڪومل!…“ نويد
به جذباتي ٿيڻ لڳو هو. ”مون هميشه توکي دل سان
چاهيو هو ۽ دل سان سچي دُعا ڪئي هئي. توکي بددعا
ڏيڻ جو ته سوچي به نه ٿو سگهان.“
پوءِ ڪافي پيئندي هنن پنهنجي وڇوڙي کان وٺي نمائش
ٿيڻ تائين ٻنهي سان پيش آيل ڏهن سالن جا واقعا
مختصر طور هڪٻئي کي ٻڌايا. ڪومل کيس ٻڌايو ته هن
يونيورسٽيءَ ۾ ماسٽرز لاءِ داخلا ورتي،، پر اُها
مڪمل نه ڪري سگهي…انهيءَ دوران هن جا ڪيئي عاشق
پيدا ٿيا، ڪيترن ئي ماڻهن هن ڏانهن رشتا موڪلرايا،
پر هن کي پسند نه آيا…ڪيئن هن جي هڪ ڀيڻ پوليو جي
ڪري مفلوج بڻجي وئي…ڪيئن هن جو هڪ ڀاءُ، پيءُ جي
مارڪٽ ڪرڻ جي ڪري جي شيزو فرينيا جو مريض بڻجي ويو
۽ ٻيو وري شراب جو موالي بڻجي ويو. هڪ ڀاءُ
نوڪريءَ سان لڳو ته شادي ٿيڻ کان پوءِ هو صرف زال
جو ٿي ويو ۽ هنن جو گهر لاڳيتن بحرانن جي ڪري کپي
ويو ۽ هي هڪ ننڍڙي گهر ۾ شفٽ ٿي ويا، جيڪو ڪومل ۽
هن جي ڀيڻ جي پگهار مان هلندو آهي…هڪ ڀيڻ پگهار
مان گهر جو خرچ هلائيندي آهي ته ٻي ڀيڻ جي وسڪيءَ
جو خرچ برداشت ڪندي آهي، ڇو ته هنن کي اهو ڀاءُ
ڌمڪيون ڏيندو آهي ته وسڪيءَ لاءِ پيسا نه ڏيڻ جي
صورت ۾ هو پاڻ کي ماري ڇڏيندو…
ڪافي پيئڻ کان پوءِ نويد هن کي رهڻ واري جڳهه
تائين ڇڏي اچڻ جي آفر ڪئي…ڇو ته هو اڃا ڪجهه وقت
ڪومل سان گذارڻ پيو چاهي. ڊرائيوِ ڪندي ڪومل
ڳالهائيندي رهي، پنهنجي گهر بابت، ڀائرن متعلق،
ڀينرن جي باري ۾ ۽ پنهنجي جاب جي حوالي سان. هو
ڪومل کي ڳالهائيندي ٻڌڻ لڳو. رکي رکي ڪومل کيس چئي
رهي هئي…”تون نه ٿو ڳالهائين…رڳو مان پئي
ڳالهايان…“ جڏهن هن ڪومل کي وومن هاسٽل وٽ ڇڏيو ته
سڀاڻي گڏ لنچ ڪرڻ جي صلاح هنئي، جيڪا ڪومل قبول
ڪري ورتي…واپسيءَ تي پنهنجي هوٽل موٽندي، هن جو
ذهن ڪومل جي ٻڌايل ڳالهين ۽ هن جي زندگيءَ جي
گذريل واقعن تي سوچيندي مصروف رهيو.
ڪومل ڏهه سال اڳ جڏهن کيس ٺڪرايو هو ته هو ڏاڍو
رنو هو…جذباتي ٿي ويو هو…انهيءَ واقعي کان پوءِ هن
کي بس هڪ چُپ لڳي وئي. پنهنجن جذبن جي آنڌ مانڌ کي
ڪو روپ ڏيڻ لاءِ هو آرٽسٽ بڻجي ويو هو. پينٽنگس جي
فن کي سمجهڻ لاءِ هن فائين آرٽس ۾ داخلا ورتي ته
هن جي اندر ۾ ويٺل فنڪار نڪري ڪئنواس تي پنهنجا
جوهر ڏيکارڻ لڳو. فنڪارن، آرٽسٽن ۽ ليکڪن سان
ملندي هن جي ملاقات سنڌ جي هڪ جينس چترڪار سان ٿي،
جنهن کيس نئشنل ڪاليج آف آرٽس (اين سي اي) لاهور ۾
داخلا وٺڻ جي صلاح ڏني. هڪ ٻئي وڏي ليکڪ اين سي اي
جي پرنسيپال سان فون تي پارت ڪري کيس نئشنل ڪاليج
آف آرٽس (اين سي اي) ۾ داخلا ڏياري.
اين سي اي ۾ پهچي هن کي خبر پئي ته هو پنهنجي فن
جي دنيا ۾ گهڙيو آهي، اُهو هڪ مهانگو شوق آهي. وڏو
ڀاءُ کيس پئسا ته موڪليندو هو، پر اُهي پيسا هڪ
هفتي جي ماني کائڻ، رنگن وٺڻ ۽ برشن خريد ڪرڻ ۾
ختم ٿي ويندا هئس. پنهنجي خرچ ڪڍڻ لاءِ شام جو هڪ
اخبار جي آفيس ۾ نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي. اين سي اي جو
شاگرد شام جو پارٽ ٽائيم جاب ڪري اها هڪ نئين
ڳالهه هئي. اخباري دوستن مان سندس هڪ دوست کيس هڪ
نئين دنيا ڏيکاري، اُها دنيا هيرامنڊيءَ جي دنيا
هئي. اُنهيءَ دوست سندس تعارف هڪ وڏي فنڪار جي
حيثيت سان هيرامنڊيءَ جي هيرن سان ڪرايو، جيڪي
پنهنجون پينٽنگس ٺهرائڻ لاءِ آتيون هيون.
لائيوپينٽنگس ٺاهڻ لاءِ ڪوٺن تي رهيو. ائين عورت
جي جسم جي ورن وڪڙن کي برش سان ڪئنواس تي چٽيندي
هن نـِيوڊ پينٽنگس ٺاهيون. ڏسندڙن اُهي تصويرون
گرم ڪيڪن وانگر خريد ڪري جڏهن وڏن وڏن ڊرائنگ رومن
۽ پرائيويٽ بار رومز ۾ ٽنگيون ته شهر جي جينٽري ۽
ايلٽ ڪلاس ۾ نويد جو ذڪر ٿيڻ لڳو…ائين نويد اي
ڪلاس جو فنڪار بڻجي ويو. آرٽ جي قسم ريئلزم کي هن
هڪ نئين ريئلٽي ڏني ته هن جا شهپارا سون جي تعداد
۾ وڪرو ٿيڻ لڳا. پيسي اچڻ سان هن نه رڳو اخبار
واري شام جي نوڪري ڇڏي ڏني، پر پنهنجي زندگيءَ جو
رنگ ڍنگ به تبديل ڪري ڇڏيو. بس هاڻي هن لاءِ عورت
جي جسم ۾ موجود خوبصورت ور وڪڙ ۽ خوبصورت بوتلن ۾
بند هوش حواس اُڏائيندڙ شراب ئي سڀڪجهه هئا.
انهيءَ دور ۾ عورت ۽ بوتل کي استعمال ڪندي هن عورت
جي جسم ۽ بوتل جي ڊزائين ۾ هڪجهڙائي ڳولهي لڌي.
انهيءَ دَور ۾ ئي هن سمجهي ورتو ته عورت
Hour Glass
جي مثل آهي…مٿان سڊول، وچ تي چيلهه سنهڙي ۽ هيٺان
وري گولائي. . ڪي ڪي عورتون هن کي
J&B جي سامونڊي ساواڻ وارين خوبصورت بوتلن سان مشابهت رکندڙ
لڳنديون هيون ته ڪي وري شيوارز ريگل جي ڊينڊي پر
خوبصورت بوتل جهڙيون لڳنديون هيون. هن کي بلئڪ
ليبل جي بوتل ڏاڍي سادي لڳندي هئي، پر انهيءَ بوتل
جو ڪمال اهو هو ته اُهو جڏهن وسڪيءَ سان ڀريل
هوندي هئي ته ڏاڍي خوبصورت لڳندي هئي، پر جڏهن
خالي ٿيندي هئي ته بلڪل سادي بڻجي ويندي هئي. کيس
اُنهيءَ خالي بوتل کان نورس ۽ روح افزا جون خالي
بوتلون وڌيڪ خوبصورت لڳنديون هيون. هن کي پنهنجي
روحاني گُرو خوشونت سنگهه جي ٻڌايل
Melon Size Bottom
واريون عورتون وڻنديون هيون، تنهنڪري هن لاهور جي
اين سي اي ۾ پڙهندڙ هڪ اهڙي ڇوڪريءَ سان اڳتي هلي
شادي ڪئي جيڪا
Melon Size Bottom
واري ته نه هئي، پر هن جي مشابهت پٺيري رکيل ستار
جي
Bottom
جهڙي ضرور هئي. بس شاديءَ کان پوءِ ته هو لاهور جو
ٿي رهجي ويو، پر هن جو شغل اڃا تائين عورت ۽ بوتل
جي هڪجهڙائيءَ جي وچ ۾ ڀٽڪندو رهيو. لاهور جي اين
سي اي ۾ پڙهندڙ هر ماڊ ڇوڪريءَ وانگر هن جي زال به
هن جي اهڙن شغلن تي ڪڏهن اعتراض نه ڪيو، ڇو ته کيس
خبر هئي ته جيڪڏهن هن اهو شغل ڇڏي ڏنو ته پوءِ هن
جي پينٽنگس جو ڪو به قدر ۽ قيمت نه رهندا. |