Â
عبدالله ”خواب“
آهيون سڀ ڪنهن سندي سُڻڻ وارا،
پر نه ٻاڙو اسين ٻُڌڻ وارا.
ناهي همراز ڪوبه هيڻن جو، |
|
پنهنجي مطلب کي سڀ نِمڻ وارا. |
ڪيو مجبور وقت جي حالت، |
|
تنهن کي سامهون اسين ٿيڻ وارا. |
جي سڏائن ٿا قوم جا هيرا، |
|
ووٽ آهن رڳو وٺڻ وارا. |
ٻيڙي چاڙهي ڪڍي وٺن ڦرهو، |
|
اهي ليڊر اَٿوَ لُڏڻ وارا. |
ڪو وهابي چون ته ڪو حنفي، |
|
اسين ٻوليون ٻئي ٻُڌڻ وارا. |
رام رحمان جي چون هڪڙو، |
|
اهي ڪافر اٿوَ ڪُهڻ وارا. |
سِڏو ساڌن سان، پورا پئنچن سان، |
|
پنهنجي مطلب جا ڪم ڪڍڻ وارا. |
رَلي ڪَڇ ۾ ۽ روٽي راڄن تي، |
|
سي نه ڍاڪن ڪنان ڊڄڻ وارا. |
اوڏا ناهيون حرام کي هرگز، |
|
آهيون حق تي اسين هلڻ وارا. |
فتويٰ منصور کي ملي ويئي، |
|
چڙهيا سوريءَ تي سر ڏيڻ وارا. |
سر جو سودو ڪيوسين ساجن سان، |
|
پٺتي ناهيون اسين هٽڻ وارا. |
سور ڏيئي نه هاڻي ساڙ مٺا! |
|
اسين آهيون هتان هلڻ وارا. |
موٽي آئي بهار جي موسم، |
|
هاڻي عشاق ٿيا هلڻ وارا. |
ڪُن جي ڪڙڪي کان سهڻي ڪين ڊني، |
|
مرد ميهار ويا مرڻ وارا. |
شعر ’سانگي‘ ۽ ’راز‘ وانگر ڪي، |
|
هوندا شاعر اڃا لکڻ وارا. |
لَٽو واڌو وٺي وڃيو وڪڻن، |
|
درزي اڪثر انهيءَ لکڻ وارا. |
درزي دلبر جا خاص آهيون اسين، |
|
سُئي سِڪ جي جهلي سِبڻ وارا. |
(سانگيءَ جي غزل جي تتبع تي لکيل)
Â
ولي محمد ”وفا“ پلي
غيرن جي سخا ياد، نه پنهنجن جي عطا ياد،
هن دل کي رهي دوست، فقط تنهنجي جفا ياد.
هي ڪنهن جي ٿيو، چشمِ فسون ڪار جو جادو،
دنيا ته وئي وسري، رهيو ڪين خدا ياد.
دم آهه لبن تي ۽ اکيون راهه ۾ آهن،
اي درد اچي ڪير پيو، وقتِ قضا ياد.
سو ڀي ته ڪڏهن دوستو، ساريندو ئي هوندو،
دل جنهن کي ڪري،منهنجي پئي،صبح و مسا ياد.
هر رنگ ۾ توکي ٿو ستم ڪيش سڃاڻان،
مون کي ته اڃا آهي سندءِ هرڪا ادا ياد.
هو تنهنجي تمنا ۾ حياتي پيو گذاري،
ڇا توکي سڄڻ، سچ ته رهيو ناهي ’وفا‘ ياد؟
Â
”عنايت“ بلوچ
بِرههَ جي بارگاهه، ڇا چئجي،
حسن يا جلوه گاهه، ڇا چئجي.
ڪوئي مجبور ۽ ڪو بيپرواه،
عشق جي رسم و راهه، ڇا چئجي.
ٿي ويو جلد فيصلو دل جو،
هن جي هڪڙي نگاهه، ڇا چئجي.
نانءُ هُن جو زبان تي هردم،
هي چريائپ يا چاهه، ڇا چئجي.
منهنجو سِر هو ۽ هُن جا پير هئا،
هي به هڪڙو گناهه، ڇا چئجي.
هُن جو پرچڻ، رُسڻ، وري پرچڻ،
هي رُسامو يا ٺاهه، ڇا چئجي.
ڏاڍَ ڀي مون تي، پوءِ به مان ڏوهي،
هُو سدا بيگناهه، ڇا چئجي.
هُو به مجبور ٿي پيو مون جيئن،
عشق وارن جي آه، ڇا چئجي.
Â
”محبوب“ سروري
برابر برهه جو بيمار آهيان، هوس ۽ رهندس،
پرينءَ جي پرت جو پينار آهيان، هوس ۽ رهندس.
اي دنيا وارئو! لايو زور، لائڻ جيڪو چاهيو ٿا،
مان ان جو طالبِ ديدار آهيان، هوس ۽ رهندس.
جهلڻ سان عشق ڪيئن جهلبو،پلڻ سان پيار ڪيئن پلبو!
ڪندو پرده نشين سان پيار آهيان، هوس ۽ رهندس.
زمين اُٿلي پوي ته به پيار جي دعويٰ ڪندو رهندس،
دليري سان مان دعويدار آهيان، هوس ۽ رهندس.
ڀلي اي دشمنو! گڏجي ڪيو سازش، ڏيو سختيون،
مان هر تڪليف لئي تيار آهيان، هوس ۽ رهندس.
نه قابو عشق ٿي سگهندو،تريءَ هيٺان نه سج لِڪندو،
نمايان نينهن ۾ نروار آهيان، هوس ۽ رهندس:
صلاحون تنهنجون ٻيون سهڻيون،مڃڻ جهڙيون،مگر واعظ!
سندس عاشق ته آخرڪار آهيان، هوس ۽ رهندس.
بنان پيتي نشي ۾ هوس، پيتم، هوش ۾ آيس،
پياڪن لاءِ پُراسرار آهيان، هوس ۽ رهندس.
مان يارن قربدارن عشق وارن جانثارن جو،
خلوصِ دل سان خدمتگار آهيان، هوس ۽ رهندس.
ڪپت،ڪيني،ڪدورت،ڪوڙ،ڪلفت،ڪَج ڪلاهي سان،
سدائين برسرِ پيڪار آهيان، هوس ۽ رهندس.
نه سيم و زر جي صاحب آڏو منهنجو سر خميده ٿيو،
غريب آهيان مگر خوددار آهيان، هوس ۽ رهندس.
اسان جو عشق زنده باد، اسان جو پيار پائينده،
مان الفت جو علمبردار آهيان، هوس ۽ رهندس.
ٻڌو ٿم ساقيء ڪوثر، ٻُڪن پنهنجن سان پياريندو،
انهيءَ ’محبوب‘ جو ميخوار آهيان،هوس ۽ رهندس.
Â
عبدالقيوم ”صائب“
جتن جي جوءِ ڏي هلبو، نڀائي نينهن جو ناتو،
هِنيون آهي حبيبن لئي ازل کان ئي رهيو آتو.
کڻي جي هوت کي ويئڙا، تني کي سُڌ نه هئي سرتيون،
رُلي ڪا روهه ۾ ويندي سو اڻڄاڻن نٿي ڄاتو.
ندوري ننڊ جي خاطر، وڃائي هوت کي ويٺي،
هڻي هاڃو ڪري ويا جت، ڏئي هوءَ ڪنهن کي پاراتو.
لڳيءَ پويان لڳي نڪتي، کڻي سِر ساهه جو سانگو،
وهڻ وِهه تنهن کي ٿي ايندو پنهل سان پيچ جنهن پاتو.
جبل جاڙون ڪيون جنهن سان، جتن جي جوءِ ڏي ويندي،
انهيءَ کي جيءَ ۾ جايون، فقط ڌرتيءَ ڏئي ڄاتو.
جتي فرياد رس ڪونهي، ٻُڌي ٿو ڪين ڪو ڪنهن جي،
اتي ڄاڻي ٻُجهي يارن چپن کي هو چُنو لاتو.
جيئڻ جانيءَ بنان جاني، اجايو بار کڻڻو ٿيو،
چمن ۾ چاهه وارن پڻ اهو ئي راڳ پئي ڳاتو.
ذري پُرزي تي رُسبو هو، رُسڻ کان پوءِ پرچڻ هو،
رُسڻ کان پوءِ پرچڻ لئي به هو رهندو سدا آتو.
پرينءَ جي پار ڏي پرندي، پِٿون ٿيا پير پنهنجن جا،
سڙيءَ جا سک ائين ويندا، اهو ’صائب‘ نٿي ڄاتو.
Â
بلاول ”پرديسي“
جُنون کي عشق جو رهبر بڻائيندا ئي رهنداسون،
وفا ناآشنا سان پيچ پائيندا ئي رهنداسون.
محبت جا رسيلا گيت ڳائيندا ئي رهنداسون،
اسين انسانَ جي عظمت وڌائيندا ئي رهنداسون.
ڌڪاريو يا حقارت سان نهاري مُنهن ڇڏيو موڙي،
هي پياسي نيڻ واٽن ۾ وڇائيندا ئي رهنداسون.
وَڍيل آهيون، ڪُٺل آهيون،محبت جا مُٺل آهيون،
هي ناتو نينهن جو نازڪ نڀائيندا ئي رهنداسون.
نِچوئي نير نيڻن جو، چراغِ زندگي ٻاري،
مُرادن جي حسين محفل مچائيندا ئي رهنداسون.
اوهان جي هڪ تبسّم سان ٿين ٿيون زندگيون حاصل،
حياتيون هڪ تبسّم لئه وڃائيندا ئي رهنداسون.
اٿئون معلوم، هيءَ دنيا نه آهي دردمندن جي،
امنگن جي نئين دنيا بڻائيندا ئي رهنداسون.
محبت ۾ چڙهيو هو دار تي منصور هڪ ڀيرو،
اَسين سؤ وار سوريءَ کي سجائيندا ئي رهنداسون.
زمين جو هانءُ ڏڪندو ۽ ستم جا ڪوٽ سڀ ڪِرندا،
جَليل دل سان جهانن کي جَلائيندا ئي رهنداسون.
اسين ڄاڻون ٿا طوفانن منجهان نڪري وڌڻ اڳتي،
اسين موجن منجهان راهون بڻائيندا ئي رهنداسون.
هماليه جي بُلندين جان، اسان جا حوصلا بالا،
بُلندين ڏي وکون تڪڙيون وڌائيندا ئي رهنداسون.
وفا جي راهه ۾ ڪنهن جو اسان تي حڪم ڇا هلندو!
اسين هر حڪم کي ٺوڪر لڳائيندا ئي رهنداسون.
ڪڏهن آخر ته رسمن جون هي زنجيرون ٽٽي پونديون،
اسين پنهنجو مقّدر آزمائيندا ئي رهنداسون.
ڏئي وينداسون جڳ کي صبح روشن جي شناسائي،
جنگيون جوٽي،انڌيرن کي مٽائيندا ئي رهنداسون.
اسين آهيون الستي نينهن جا ناشاد، ”پرديسي“،
سدائين پنڌ پيارن جا پڇائيندا ئي رهنداسون.
Â
آثم ناٿن
شاهي
نيم خفته، ننڊاکِڙي دنيا،
ڄاڻ ڪنهن جاءِ، ٿاٻڙي دنيا.
هِڪ عليم و خبير جي خلقيل |
ايڏي بي سمجهه وائِڙي دنيا! |
ايٽمي طاقتن جي چنبي ۾، |
آ اڃا تائين ڀولِڙي دنيا. |
جنهن جي پاڇي کان دور ڀڄندي هئي، |
اُن جي ميّت تي ڇو مِڙِي دنيا؟ |
جنگ ڏاٽا ڪندا ترارين سان، |
جاڳي جنهن وقت ڪَل
–
ٿڙي دنيا. |
ڏاڍُ ڏيهَن کي ڏيندو ڏَس ”آثم“، |
جنهن به لمحي ۾ ڪاوِڙي دنيا. |
Â
علي محمد ”خالدي“ ٺٽوي
بدلجن پيئون تقديرون، ڪڏهن ڪهڙيون، ڪڏهن ڪهڙيون،
ٿين ٿيون نقش تحريرون، ڪڏهن ڪهڙيون،ڪڏهن ڪهڙيون.
سسئي کي هَٿ ڪرڻ جي لاءِ، آريءَ کي اچي ڪرڻيون،
پيون اختيار تدبيرون،ڪڏهن ڪهڙيون، ڪڏهن ڪهڙيون.
وڇوڙي ورهه سان گڏ ڏاڍ ڏيرن جي،برهمڻِ کي،
وڌيون سِڪ سوز جون سيرون،ڪڏهن ڪهڙيون،ڪڏهن ڪهڙيون.
حيا جون، ننگ جون، ناموس جون، هر رات سهڻيءَ کي،
وڌيون ويئون ٿي زنجيرون،ڪڏهن ڪهڙيون،ڪڏهن ڪهڙيون.
ملڻ جون، منهن ڏسڻ جون،عمر ڀر جي لئه وڇوڙي جون،
ٿين خوابن جون تعبيرون،ڪڏهن ڪهڙيون،ڪڏهن ڪهڙيون.
ڪڏهن ڏک جون،ڪڏهن سک جون،ڪڏهن رنج و مسرت جون،
ڏئي ٿو عشق جاگيرون،ڪڏهن ڪهڙيون،ڪڏهن ڪهڙيون.
فراقِ يار ۾ ڪاريون،اڇيون،ڳاڙهيون،ڪڏهن پيليون،
لَٽن ۾ ٿي وڌم ليرون،ڪڏهن ڪهڙيون،ڪڏهن ڪهڙيون.
دمادم ’خالدي‘ وحدت سنديون،مستيون ’انالحق‘ جون،
هنيم مستيءَ ۾ تڪبيرون،ڪڏهن ڪهڙيون ڪڏهن ڪهڙيون.
Â
”نشتر“ ناٿن
شاهي
عشق ۾ چاڪ گريبان ته ٿيو،
ڪونه ڪو پيار جو سامان ته ٿيو.
بدلي مرهم جي نمڪ ريزي بجا،
ڪجهه نه ڪجهه زخم جو درمان ته ٿيو.
بت پرستيءَ ۾ ملي ويو آ خدا،
مطمئن شيخ جو ايمان ته ٿيو.
لب تي آ جام، زبان تي آ خدا،
ياد مي نوشي ۾ يزدان ته ٿيو.
چٽ گريبان ٿيو، دامن ته بچو،
دستِ وحشت جو ڪو احسان ته ٿيو.
خونِ مجبور جليو، ٺيڪ ٿيو،
تنهنجو روشن ميان! ايوان ته ٿيو.
تير ابرو کي جڳهه دل ۾ ملي،
لشڪر، آسودو آ مهمان ته ٿيو.
ڏاڍي طوفان ۾ سفينو نه لُڏي،
مطمئن ڏاڍ جو طوفان ته ٿيو.
وقت آخر ۾ ملاقات صحيح،
نيٺ ”نشتر“ اچي مهمان ته ٿيو.
Â
”عاجز“ اُڄڻ
ٻڌايان درد وارو ڪيئن اوهان کي داستان پنهنجو.
ڪيان ڪنهن ريت محفل ۾، عيان دردِ نهان پنهنجو.
جگر ۾ داغ، دل ۾ درد ۽ لب تي فغان زاري،
عنايت سان اهو دلبر، ڇڏيو دل تي نشان پنهنجو.
ڏسي افسردگي منهنجي، ويو قاصد عجيبن ڏي،
چيائين موٽ ۾ محبن وتو آ امتحان پنهنجو.
فغان بيسود، ڪو ناهي اثر ساڳيو صدائن ۾،
ويو لُٽجي بهارن ۾، سڄو طرزِ بيان پنهنجو.
نڪي گلشن ۾ بلبل جيئن سنگهيم خوشبو گلِ تر جي،
قفس ۾ ئي ويو لٽجي بهارِ گلستان پنهنجو.
سندم احساس ۾ آهي لڪل قوت ڪا شاهين جي،
چوي ٿي دل فضائن ۾ بنايان آشيان پنهنجو.
کِليا ٿي داغهاي دل جڏهن محفل ۾ اي ”عاجز“،
چيو قاصد،ڀري سڏڪا رنو پيرِ مغان پنهنجو. |