سيڪشن؛ رسالا

مهراڻ 1973ع (3)

 

صفحو :16

محمد دائود بلوچ

 

ڪليم

 

        ”پٽ، ٿڌو ٿي، پنهنجيءَ هوڏ تان لهه. اڄڪلهه زمانو ئي اهڙو آهي، ڪنهن کي ڏوهه ڏجي. تون ڪجهه پاڻ سنڀال، متان پوءِ پڇتائڻو پوي. مون ۾ هينئر ڪمائڻ جي طاقت ڪانه آهي. مان ڪڏهوڪر ڀڳيءَ ڀر تي بيٺو آهيان؛ تون هڪڙو ڪمائڻ وارو آهين. خدا نه ڪري توکي ڪجهه ٿي پيو ته منهنجو نڪو اوهي نڪو واهي. زمين ويئي ته کڏ ۾ وڃي پوي. اسين محنت مزوري ۽ هارپو ڪري پيا زندگيءَ جا ڏينهڙا گهارينداسين. سياڻا چوندا آهن ته اها جاءِ ئي ڇڏجي جتي جان جو جوکو هجي. ورهين کان اسان غريبن تي ظلم ٿيندا رهيا، ٻه زميندار پاڻ ۾ وڙهن تڏهن به هاري يا ڪهاڙين ۾ يا جيل ۾. ڪڏهن پنهنجن جا ڪڏهن ڌارين جا ظلم سهندا رهياسين پر نه پڙهياسين، نه سڌرياسين. اڳي سنڌي هندن ۽ مسلمان زميندارن جو ظلم سهندا رهياسين، هاڻي وري ون يونٽ جي دؤر ۾ ٻاهرين ۽ ڌارين ماڻهن جي ظلم هيٺ آهيون. اسان لاءِ سڀئي وڏيرا ۽ زميندار آهن. اسان غريبن جي قسمت ئي اهڙي آهي. قسمت ۾ جيڪي لکيل هوندو سو ضرور ڀوڳڻو پوندو: ’لکيو منجهه نِراڙ، قلم ڪياڙيءَ نه وهي.‘

 

        ”نه بابا! مان قسمت ٻسمت کي ڪونه سڃاڻان. هر ڪو اسان غريبن کي چوي ٿو ته اوهان جي قسمت اهڙي آهي. مومن لاءِ هي دنيا ڄڻ جهنم آهي. دولت جي ڪابه اهميت ناهي. هِت پنهنجن پيارن کان امتحان ورتو وڃي ٿو. آخرت ۾ غريبن کي جنت ۾ جاءِ ملندي؛ حورون ۽ غلمان سندن خدمت ڪندا. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ دولتمند ماڻهو، حورون ۽ غلمانن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جنت ۾ جاءِ وٺڻ لاءِ غريب ڇو نٿا ٿين. هو ته دنيا ۾ به حورون ۽ غلمان ويهاريو ويٺا آهن. رڳو اسان کي دم دلاسو ڏيئي خاموش ڪندا اچن ٿا، جيئن اسين مفلسيءَ ۽ مسڪينيءَ ۾ بکيا اگهاڙا ڏينهن – رات ڳهندا رهون ۽ جيئن پوءِ تيئن غريب ٿيندا رهون ۽ ٻيا ڏينهون ڏينهن سڌرندا، ترقي ڪندا ۽ دولتمند ٿيندا رهن ۽ اسين پنهنجا اباڻا اجها ۽ ابي – ڏاڏي کان مليل ٻني به ٻين کي ڏيئي ڇڏيون. جيڪو گهر جو تڙيل اچي سو اسان جي اڳيان مرليون وڄائي، اوڀاريون لهورايون ڳالهيون ٻُڌائي، اسان کي ڄٽ سمجهي، اسان کي ڄٽ بنائي، پاڻ خوش گذارين. هڪڙا وڃن ته ٻيا اچيو ٻيون مرليون ٻڌائين. اسين جيئن پوءِ تيئن بکيا ۽ اگهاڙا ٿيندا وڃون. مان پنهنجي لاءِ ڪا جاگير ڪونه ٿو گهران، پر پنهنجي زمين جيڪا ورثي ۾ مليل آهي سان ڪنهن ٻاهرين ۽ ڌارين کي ڪونه ڏيندس. منهنجي زمين ڏانهن جيڪو بريءَ اک سان نهاريندو، تنهن جي اک ڪڍندس؛ جيڪو هٿ وڌائيندو تنهن جو هٿ وڍيندس. زن ۽ زمين لاءِ مڙس جان جي بازي لڳائيندا آهن. مان ضرور بدلو وٺندس اهڙي احسان فراموش کان، جيڪو احسان فراموش ۽ نمڪحرام ٿيو. هو اگهاڙو هو اسان قرض کڻي سندس اوگهڙ ڍڪي؛ هو بکيو هو اسان کيس کاڌو کارايو؛ هن وٽ اجهو ڪونه هو اسان کيس اجهو ڏنو، حالانڪه اسين پاڻ بکيا، اگهاڙا سردين ۽ گرمين ۾ سڪڙندا رهياسين. وٽ يونٽ آهي ته پوءِ ڇا ٿيو!

        ”بابا! ٻڌاءِ هي زمين، جنهن ۾ پنهنجو ڏاڏو پڙڏاڏو ڪمائي ڪمائي مري ويا، سا هاڻي اسان جي نه رهندي، پر ٻين ڌارين کي ملندي.... هي کوهه جيڪو اسان جي زالن مڙسن ڏلها کڻي کوٽي ٺاهيو، سو هاڻي ٻين ٻاهرين جو ٿيندو.... هي مسجد جيڪا اسان هارين نارين تغاريون ۽ سرون ڍوئي ٺهرائي، سا به هاڻي ڌارين کي ملندي.... هي اسان جو ننڍڙو باغ، جنهن جي وڻ وڻ کي تو ۽ مون پنهنجو رت ست ڏيئي سرسبز ڪيو، سو به هاڻي الاٽين کي ملندو.... هي اسان جا اباڻا اجها ۽ جهوپڙا هاڻي اسان جا نه رهندا! نه هرگز نه. اهي اسان جا ئي رهندا، هن ڌرتيءَ ۾ اسان جي اور پوريل آهي. هن ڌرتيءَ جي دز اسان جي رڳ رڳ ۾ سمايل آهي. هيءَ ڌرتي اسان جي آهي. هيءُ ڳوٺ، هي زمين، هي کوهه، هي مسجد، هي باغ اسان جا ئي آهن ۽ اسان جا ئي رهندا. اسان کي هتي جيئڻو آهي ۽ هتي ئي مرڻو آهي.

        هو جڏهن پاڪستان ٿيڻ تي هت آيو هو تڏهن در در پنندو وتندو هو، ۽ اڄ ون يونٽ ۾ اهو ساڳيو اسان کي مورهون کائڻ ٿو اچي! جنهن وٽ ڪالهه ڪجهه به ڪونه هو ۽ هتي ڀاڳ آزمائڻ لاءِ آيو هو، سو اڄ ڍَوَ جون ٽاڏون پيو ڏئي! جيڪو پنهنجي اصلوڪي شهر ۾ مزوري ڪري گذران ڪندو هو، سو اڄ پاڻ کي هزارن ايڪڙن جو مالڪ سڏائي ٿو. اهڙن گهڻن ئي دغابازن، ڪوڙا ڪليم ڀرائي پاڻ کي نواب جي پٽ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مان اهڙي نمڪحرام جو خاتمو آڻيندس، ڀل دنيا کي خبر پوي ته ٺڳ ۽ احسان فراموش جي پڇاڙي ڪهڙي ٿيندي آهي. بابا، اسان جو به نيٺ ته وارو ورڻو آهي.

• • •

        سجو پاڪستان کان به اڳ، سيٺ نيڻو مل جي ديهه ۾ رهندو هو، اها سڄي ديهه سيٺ نيڻو مل جي هئي، مگر وچ ۾ ڪٿي ڪٿي ڪنهن مسلمان هاريءَ جا ٻه – چار ايڪڙ به هوندا هئا. سجوءَ کي اها زمين پنهنجي پيءُ کان ورثي ۾ ملي هئي. انهيءَ ٽڪر ۾ سندن ننڍڙو ڳوٺڙو به هو. اها زمين سجو ۽ سندن پٽ طالب آباد ڪندا هئا. پاڻي گهٽ هئڻ سبب سندن سموري زمين آباد ڪانه ٿيندي هئي. هو پنهنجي زمين سان گڏ سيٺ نيڻو مل جا هاري به هئا، اهڙيءَ طرح گهاڻي ۾ وهندڙ ڍڳي جيان بنان سوچ ويچار جي رات – ڏينهن ڳهندي، وَهندي پنهنجن ٻچن جو پيٽ گذر ڪندا هئا. سيٺ جو قرض ته ڪڏهن لهندو ئي ڪونه هو. ڪجهه هنن جي لکت، ڪجهه سيٺ جي چالاڪي ۽ وياج. جيتوڻيڪ هي بٽئيءَ وقت چادر ڇنڊي اٿندا هئا، پر ان هوندي هي خوش به هوندا هئا ته اسان تان قرض لهندو ٿو وڃي.

        هڪ رات، جڏهن اڃا اڌ رات مَس گذري هئي ته اوچتو ڳوٺڙي مان چور.... چور .... جو آواز رات جي سناٽي کي چيريندي فضا ۾ بلند ٿيو. ڳوٺاڻا سجاڳ ٿيا، هنن چورن جو مقابلو ڪيو، چورن کي چوري ڪانه لڳي، هو ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيا، دوبدو ويڙهه ۾ چورن ۽ ڀاڳين کي ڌڪ لڳا. ڳوٺاڻن پيرا کنيا ۽ ڀرواري ڳوٺ ۾ وڃي پهتا. چور وڏيري ولڻ خان جا ماڻهو هئا. ڳوٺاڻا موٽي آيا، سموري حقيقت اچي سيٺ سان ڪيائون. نيڻو مل سوچيو ته جيڪڏهن انهيءَ واقعي کي درگذر ڪبو ته پوءِ لازمي طرح سان، چورن جي ڏاٺ هرندي ۽ پوءِ هميشہ لاءِ ستائيندا رهندا. اها ڳالهه ڳڻي ڳوٺاڻن کي ساڻ ڪري ٿاڻي تي ويو. هن جي حيرت جي حد ئي نه رهي جڏهن اهي ساڳيا چور وڏيري ولڻ خان سان گڏ ٿاڻي تي آيل هئا. ولڻ خان، صوبيدار صاحب کي ٻاهر وٺي ويو ۽ سندس مٺ گرم ڪيائين: ”اسين اوهان جا جهونا نيازمند آهيون – ڪڏهن به پنهنجو پيٽ مٺو ڪونه ڪيو اٿئون. هنن مان به ڪجهه نڪري ها ته ونڊي ورڇي کائون ها. اڃا هن واڻئي جي پٽ کي ڦيرو ڏيڻو آهي – گهڻا ئي وياج جا ٽڪا گڏ ڪيا اٿس. پاڻ ماريو پر دشمنن کان نه مارايو.“

        صوبيدار صاحب شهپرن تي هٿ ڦيريندي چيو: ”اسان به اڇا وار اس ۾ ڪونه ڪيا آهن. دوست دشمن هر ڪنهن کي ساريل آهن، تون پاڻ ويهي رنگ ڏسجانءِ.“

        صوبيدار صاحب موٽي اچي ڪرسيءَ تي ويٺو. سيٺ نيڻو مل به صوبيدار صاحب کي سموري حقيقت ٻڌائي. مگر هن سندس هڪ به نه ٻڌي ۽ رعب رکندي چيائين: ”مان ڪوڙو فرياد هرگز نه وٺندس. اوهان کان اڳ فرياد داخل ٿي چڪو آهي، اوهان جا هاري جوابدار آهن. يقيناً انهن کي به اوهان جو اشارو آهي، نه ته پاڻيءَ جي واري تي ائين اڳرائي ڪري وڏيري ولڻ خان جي هارين تي حملو ڪونه ڪن ها - ۽ نه هو رت ۾ ڳاڙها ٿي مون وٽ اچن ها. ڌڪ به انهن کي لڳا ۽ فرياد به انهن تي، اهو ڪٿي جو انصاف آهي.“ سيٺ نيڻو مل گهڻيئي ڪوشش ڪئي ته صوبيدار صاحب حقيقت کي سمجهي، مگر هو پنهنجي ڳالهه تي قائم رهيو.

        انهيءَ ڏينهن سيٺ نيڻو مل جي هارين طالب، سجو ۽ ٻين کي، جيڪي فريادي ٿي آيا هئا، چالان ڪيو ويو. غريب ڳوٺاڻا وڃي ڪاٺ ۾ پيا. سيٺ نيڻومل به موقعو ڏسي کڻي ماٺ ڪئي، ڇاڪاڻ ته فريادي به مسلمان ته جيل ۾ به مسلمان. هن صوبيدار صاحب جي اک ڏٺي هئي، هن سوچيو ته مون کي ڪهڙي بلا ٿي کائي جو وچ ۾ ٽنگ اڙايان. وڏيرو ولڻ خان خوش ته ڀل واڻئي جي هارين کي سختي اچي ته ڪافر جي اک پٽجي. تنهنڪري هو منشيءَ کي خوش ڪري شنوائيءَ جون تاريخون وٺندا هئا ۽ هو غريب هاري بي سبب بند ۾ سختيون سهندا رهيا.

        آخر ڳوٺ جي ٻين همراهن سوچيو ته اٽڪل اٺ مهينا گذري ويا آهن، ڪيس جي نڪا پڇا نڪا ڳاڇا، رڳو اڄ نه سڀاڻي پيئي ٿئي. همراهه مفت ۾ پيا سزا ڀوڳين. هنن وٽ پئسو پنجڙ به ڪونه هو، سو پاڻ ۾ صلاح ڪري طالب ۽ سجو وارا ڏهه ايڪڙ سيٺ نيڻو مل کي مقاطع ۾ ڏيئي، پئسا اڳواٽ وٺي هڪڙو وڪيل بيهاريائون. وڪيل ڪوشش ورتي، ڪيس هليو. ڪيس ته ڪوڙو هو سو ڪوڙو ثابت ٿيو. هو غريب ٻارهن مهينا بي دريافت سزا ڪاٽي آزاد ٿيا ۽ ايندي ئي پنهنجي ڪِرت کي لڳي ويا. هاڻي ته سندن ڏهه ايڪڙ به سيٺ نيڻو مل وٽ رهيا. هو اڳ ۾ به سندس ئي هاري هئا. بهرحال، هن ڪيس سندن حال هيڻا ڪري وڌا.

        ٻن – اڍائي سالن کان پوءِ اوچتو ملڪ جي ڪُنڊڪڙڇ ۾ هيءَ خبر پکڙجي ويئي ته انگريز سرڪار ملڪ کي ڇڏي ويئي. بادشاهي مسلمانن کي ڏيئي ويئي. سرڪار ته ويئي پر اچي ممڻ متو. ورهاڱو ٿيو، هڪ ملڪ مان ٻه ملڪ وجود ۾ آيا. هڪ هندستان ٻيو پاڪستان. هندن ۽ مسلمانن ۾ اچي لڏپلاڻ شروع ٿي. هندن سمجهيو ته پاڪستان مسلمانن جو آهي، اسان جي جان مال کي خطرو آهي. مسلمانن سمجهيو ته هندستان هندن جو آهي، اهڙيءَ طرح فساد ٿيا ۽ شرپسند ماڻهن موقعي جو فائدو وٺي ڦرلٽ ڪئي، تنهنڪري سنڌ مان هندو پناهگير بنجي هندستان ويا، ۽ اتي جا مسلمان پناهگير بنجي سنڌ ۾ آيا. اها جدا ڳالهه آهي ته ڪي پنهنجو ڀاڳ آزمائڻ آيا. هندن جي جاين تي اچي اجنبي مسلمانن ديرو ڄمايو. هو شڪل شبيهه ڪپڙي لٽي مطلب ته هر ڳالهه ۾ سنڌين کان مختلف هئا.

        هڪ ڏينهن تي اڌ ڊزن ٻارن ۽ زال سان انهيءَ ڳوٺڙي ۾ اچي قافلو ڪري سهڙيا. هو سڌا پڇائيندا طالب جي اوطاق تي ويا. ڳوٺاڻن سمجهيو ته ڪي فقير آهن. مگر ٻهراڙيءَ ۾ جيئن خبرن چارن پڇڻ جو دستور آهي، ويٺل همراهن کانئن خبرون پڇيون، هو رئندا ۽ ڪجهه چوندا رهيا، ليڪن هنن مان ڪنهن اکر به ڪونه سمجهيو. آخر وڪئي هٽ واري کي ماڻهو موڪليائون. وڪيو چار درجا سنڌي پاس هو ۽ سودي واپار لاءِ اڪثر ڪري پيو شهر ايندو ويندو هو. وڪيو آيو، جنهن اچي هنن کان خبرون پڇيون. هنن ڳوڙها ڳاڙيندي همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجن سچن ڪوڙن قصن جو داستان شروع ڪيو. آخر ۾ وڪئي سنڌيءَ ۾ سڀني همراهن کي چيو ته ”ڀائو، هي چون ٿا ته اسين پناهگير آهيون، هندستان جي رياست الور مان لڏي آيا آهيون. اسان کي اتي پنهنجي جان جو خطرو ٿيو ته متان هندو اسان کي مسلمان سمجهي تنگ نه ڪن. تنهن ڪري اسان پنهنجون جهوپڙيون ڇڏي آيا آهيون. ملڪيتن وارا تي ويٺا آهن. اسين خالي لڄون بچائي هتي آيا آهيون. ٻڌو اٿئون ته سنڌي مهمان نواز ۽ نيڪ دل آهن. اسان مسڪينن کي اجهو ڏيو. اسين اوهان جا ٿورا ۽ احسان ڪڏهن به ڪونه وسارينداسين، ۽ محنت مزوري ڪري پنهنجو گذر ڪنداسين. اسان اوهان جا ڀائر ۽ خادم ٿي رهنداسين ۽ اوهان کي ڪابه تڪليف ڪونه ڏينداسين. اسين ڪڏهن به نمڪحرام ڪونه ٿينداسين. وڪئي ڳالهه پوري ڪئي ته سڀني چيو: ”ادا، اهي مهلون مڙسن تي اينديون آهن. هي ويچارا نياڻيون وٺي آيا آهن. هڪڙي نياڻي ستن قرآنن جي برابر آهي. ائين ٻه – چار همراهه اُٿي کڙا ٿيا. ڪنهن ڪاٺيون آنديون، ڪنهن ڪانا آندا، ڪنهن ٿوڻيون آنديون، سڀيئي ڪم ۾ لڳي ويا، ٿوريءَ دير ۾ ڪئين مَنهه ٺهي راس  ٿيا. ساڳيءَ طرح ڪنهن رليون ڏنيون، ڪنهن کٽ ڏني؛ ڪنهن تئو ڏنو ته ڪنهن ديگڙو ڏنو. طالب هڪدم وڪئي هٽ واري کان اٽو، چانور، گيهه، دال، لوڻ، مرچ، وغيره وٺي آيو. سندن ضرورت جو سمورو سامان کين مليو. هو ڳوٺاڻن کي دعائون ڪرڻ لڳا، ۽ طالب وارن جو مال چاري، اوطاق جو ڪم ڪار ڪندا هئا ۽ ڪجهه محنت مزوري ڪري گذر ڪندا هئا.

        انهيءَ ڳالهه کي ڪافي عرصو گذري چڪو هو ته مٿان ون يونٽ جي بلا نازل ٿي. ون يونٽ ۾ جڏهن هو پنهنجن پيرن تي بيهڻ جهڙا ٿيا، ڀرواري پناهگيرن جي ڳوٺ ۾ اچڻ وڃڻ لڳا ۽ پاڻ کي مهاجر ڪوٺائڻ لڳا ۽ لڏي وڃي انهن سان ويٺا. جنهن انگ اگهاڙي ۽ پيٽ بکئي کي طالب ۽ پڻس اجهو ڏنو هو، سو هينئر پاڻ کي سموري ملڪ جو والي سڏائيندو رهيو. ڊاڙون هڻي چوندو هو، هندستان ۾ منهنجي هزار ايڪڙ زمين، بنگلا، جايون، دڪان ۽ ٻيو به سڀڪجهه هو. باغ باغيچا هئا. دهليءَ ۾ الڳ مڪان هو ته امرتسر ۾ جدا هو، بمبئي ۾ بنگلو به هو ته دڪان به. سڀ هندو ڦري ويا. اسان اسلام خاطر مهاجر ٿياسين ته جيئن اسلام جو وار ونگو نه ٿئي.

        مون هاڻي ڪليم ڪيو آهي پنهنجي سموري جائداد جو، سو هاڻي نيڻو مل جي سموري زمين مون کي ملندي. نيڻو مل وٽ جيڪا زمين پنهنجي هئي، تنهن کان سواءِ ڪافي زمين ڳوٺاڻن جي وٽس، قرضن ۽ وياج ۾ گروي رکيل هئي. آخرڪار سا به هو تپيدار سان ملي پنهنجي کاتي ڪرائي چڪو هو. ٻيو ته جيڪا سندس وڃڻ کان پوءِ ڳوٺاڻن زمين هٿ ڪئي هئي، ۽ باقي زمين به سنڌي هارين کي الاٽ ٿي ملي هئي، سا زمين به هٿ ڪئي هئائين.

        ڪوڙا دستاويز ۽ ڪوڙا انگ اکر ڏيئي هنن مهاجرن سان ملي، نيڻو مل جي زمين، جنهن ۾ ڳوٺاڻن جي زمين به شامل هئي، غير سنڌي توڙي رشوتي سنڌي آفيسرن سان ملي هن اها سموري زمين ڪليم ڪئي. ڪاغذ پٽ ٺهرائي، پڪ ڪري، هڪ ڏينهن هو موٽي ڳوٺاڻن وٽ آيو ۽ کين چيائين ته نيڻو مل جي سموري زمين مون کي ڪليم ۾ ملي آهي، جيڪا زمين اوهين آباد ڪريو ٿا سا به هاڻي منهنجي آهي. هي آرڊر آهي. هاڻي هي ڳوٺ، مسجد، باغ ۽ گهر مطلب ته سڀڪجهه منهنجو آهي.“ سجو ۽ طالب حيران ٿي ويا. ڳوٺاڻن کي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه ويٺي. طالب کيس چيو ته هي زمين اسان جي پنهنجي آهي، هي ڳوٺ، باغ، مسجد، کوهه، سڀ اسان جا آهن. اسان جا ابا -  ڏاڏا هتي ئي مري کپي ويا. هي نيڻو مل جي زمين ڪانه آهي. تون نيڻو مل جي زمين وڃي کڻ اسان توکي پنهنجن ٻچن ۾ جاءِ ڏني، اسان توکي مڇيءَ مانيءَ وارو ڪيو، تون اسان کي احسان جو بدلو اجهو اهو ٿو ڏين؟ تو ته چيو هو ته مون وٽ هندستان ۾ ڪجهه به ڪونه هو، هينئر ون يونٽ جي دؤر ۾ وڏو نواب ٿي پيو آهين.“ هن ڪابه ڳالهه ڪانه ٻڌي. چيائين هاڻي هنن سڀني شين جو ون يونٽ سرڪار جي فيصلي جي آڌار تي قانوني مالڪ مان آهيان. ٻن ڏينهن جي اوهان کي مهلت آهي نه ته پوءِ پوليس اوهان کان قبضو ڇڏائيندي.“ ائين چئي هو روانو ٿيو.

        طالب کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي هن چيو، اسين مهمان نواز آهيون، نيڪدل ۽ محب وطن مسلمان آهيون. اسين پرامن، سادا ۽ همدردي رکندڙ آهيون. حيف آهي اسان جي حال تي، جنهن سان چڱائي ڪئيسين، سو اسان سان بُرائي ٿو ڪري.

        ٻئي ڏينهن اچي حيدرآباد ۾ وڪيل ڪيائين، سندس ڪيس داخل ٿيو. شنواين مٿان شنوايون ملنديون رهيون؛ هوڏهون پناهگير زميندار وڃي فصلن جي مٿان فصل کڻندو، سندس قبضو قائم، سو وٽس ٽڪن جا ڍير لڳي ويا. پئسن کي پاڻيءَ وانگر وهائيندو رهيو، پر لاهور ۽ ڪراچي جي پنڌن طالب کي ٿڪائي وڌو. طالب مقابلي ۾ قرض کنيا، باقي بچيل مال ملڪيت کي به دڦ ڪري ڇڏيائين. زميندار کي جڏهن اها خبر پئي ته طالب پئسي ڏوڪڙ ۾ اچي کٽو آهي، تنهن مٿس مختلف هنڌن تي ڪوڙن ڪيسن داخل ڪرائڻ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو، ”نه سج کٽي نه ٻج کٽي“ شنواين تي شنوايون هليون. هڪڙا ڪيس اڃا مس ٿي لٿس، ته مٿس ٻيا ڪوڙا ڪيس چڙهيا. نيٺ معلوم ٿيو ته سندس عزيز ۽ پاڻ اُن ڳوٺ مان لڏي ويا آهن.

 

هار پرلي

مترجم:غلام نبي ميمڻ

 

انسان ۽ حيوان

 

        اسان جو ڪٽنب بلڪل مختصر آهي. منهنجو ڀاءُ ’جيم‘، بابا ۽ اسان جي حبشي نوڪرياڻي ’ڪلپورينا‘........ جڏهن منهنجي ماءُ مري وئي، تڏهن منهنجي عمر فقط ٻه سال هئي ۽ جيم چئن سالن جو هو. ڏکڻ آمريڪا جي انهيءَ ننڍڙي ڳوٺ ’ميڪومب‘ ۾ بابا وڪيل آهي. مان ۽ جيم کيس بابا ڪونه سڏيندا آهيون، اٽيڪس چوندا آهيون. هو انهيءَ پيار جي نالي سان ناراض نه ٿيندو آهي. هو آهي ئي ڏاڍو سٺو ۽ مهربان. ڪلپورينا به ان کان گهٽ نه آهي. ڪڏهن کڻي اسان کي حرڪتن تان ڳالهائيندي هئي، پر تڏهن به ڇا ٿيو، هن ئي ته اسان کي لاڏ ڪوڏ ۽ پيار سان پاليو آهي.

        مان اسڪول ويندي آهيان. گهر اچي ڪلپورينا سان گپ شپ ٿيندي آهي، ۽ پوءِ بابا جو انتظار، بابا چوندو آهي ته اسان جي ڳوٺ جا ماڻهو ڏاڍا غريب آهن، ڪيسن جي في به جنس، ڀاڄين ۽ بيدن ۾ موڪليندا آهن. مون کي ڳوٺ جا ماڻهو سواءِ بريڊي خاندان جي سڀ سڃاڻندا آهن. اهو هڪ عجيب ۽ پراسرار گهر آهي. انهيءَ جا دروازا هميشہ بند نظر ايندا آهن. چون ٿا ته پوڙهي بريڊي پنهنجي آرٿر کي گهر جي تهخاني ۾ بند ڪري رکيو آهي. مان، جيم ۽ اسان جو هڪ دوست ڊيل انهيءَ گهر ۾ ڪيترائي ڀيرا اندر لنگهڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهيون، پر انهيءَ کان سواءِ اسان کي ٻي ڪابه ڪاميابي نصيب نه ٿي آهي، جو اسان هر دفعي موقعي تي پڪڙيا ويا آهيون. ماڻهو چون ٿا ته آرٿر چريو ٿي ويو آهي.

        گرميءَ جي موڪلن کان پوءِ مان جڏهن اسڪول ويس ته هڪڙي منهنجي هم ڪلاسي ڇوڪريءَ مون ڏانهن اشارو ڪري ٻين ڇوڪرين کي چيو: ”اسڪائوٽ سان سڀ ڪٽي ڪيو. هن جو پيءُ حبشين جو دوست آهي، ۽ هڪڙي بدمعاش حبشيءَ جي ڪيس ۾ ان جو وڪيل آهي“ ۽ ان ڪري سڄو ڏينهن منهنجي هم ڪلاسي ڇوڪرين مون سان ڪونه ڳالهايو. شام جو بابو گهر آيو ته مان سندس پٺيان لڳيس. بابا منهنجي مٿي تي پيار جو هٿ گهمائيندي چيو:

        ”مني پٽ، اها حقيقت آهي ته مان هڪڙي حبشيءَ جو وڪيل آهيان. ان جو نالو ٽام رابنسن آهي. اسان جي ڪلپورينا سندس خاندان کي سڃاڻي. اهي ڏاڍا سٺا ماڻهو آهن. مون کي خبر آهي ته ڳوٺ ۾ ماڻهو ڪيتريون ئي پچارون ڪري رهيا آهن. پر تون اڃا ٻار آهين. توکي مان ائين سمجهائي سگهان ٿو ته جيڪڏهن مون انهيءَ حبشيءَ جو ڪيس نه هلايو، ته مان ڪڏهن به توسان سچيءَ دل سان محبت ڪري نه سگهندس. توکي ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌڻيون پونديون، پر تون هڪ سٺي ڌيءُ بنجي خاموش رهجانءِ....“

        مون پڇيو،”اٽيڪس!..... توهان اهو ڪيس کٽندو نه؟“

        ”نه، ڌيءُ“ بابا بدليل آواز ۾ چيو، ”انهيءَ ڪري جو اسان گذريل سؤ سالن کان وٺي انهن مفاصلن کي گهٽائي نه سگهيا آهيون، جي انسان ۽ انسان جي وچ ۾ آهن......“ بابا وري لڳو پنهنجو ڳالهيون ڪرڻ.

        ڪرسمس کان اڳ ۾ ئي اسان جي پڦي اليڪسنڊرا اسان وٽ آئي. ويچاري ڪلپورينا لاءِ ڪم وڌي ويو. اسان جي پڦي، بابا اٽيڪس کان بلڪل مختلف آهي، تيز طبعيت ۽ بدمزاج. هڪڙي ڏينهن پڦيءَ بابا کي چيو ”ٻارن جو حبشڻ سان رلمل ٿي ڳالهيون ڪرڻ مون کي نٿو وڻي.“ بابا کلي کڻي ٽاري ڇڏيو. انهيءَ وقت ۾ مون لڪي لڪي بابا ۽ پڦيءَ جون ڪيترائي دفعا ڳالهيون ٻڌيون. پڦي، بابا کي سمجهائيندي هئي ته هو ٽام جي ڪيس تان هٿ کڻي وڃي. بابا جواب ڏيندو هو، ”مان انهيءَ ڪيس کي ڇڏي نٿو سگهان. مان متعصب نه آهيان، جو ڪٿي ڪنهن حبشيءَ جي لاءِ انصاف جي حق جي ڳالهه اچي ته تنگ دل ٿي پوان.“

        انهن ئي ڳالهين مان مون کي خبر پئي ته ٽام رابنسن تي اپولز خاندان وارن ڪيس ڪيو آهي. مون کي اپولز خاندان جي سڀني ٻارن کان نفرت آهي، پر بابا ٽام جو ڪيس ڇو ورتو؟ ماڻهو چون ٿا ته حبشين جي ساٿ ڏيڻ وارو خود به حبشي هوندو آهي، پر منهنجو پيءُ ته حبشي نه آهي. ڇا ٿي پيو جي اٽيڪس ڪمزور ۽ نهيف آهي، پر ماڻهو چون ٿا ته هو پنهنجي جوانيءَ ۾ ڏاڍو بهادر ۽ اڻ ٽر هو. سندس نشانو ڪڏهن خالي نه ويو. پر هاڻي ته هو ڏاڍو بزدل بنجي ويو آهي.....!

        مان ۽ جيم اسڪول مان اچي رهيا هئاسون ته اسان جي گهٽيءَ ۾ مسز ڊوبوئيس پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪري اسان کي بيهڻ لاءِ اشارو ڪيو. ”اي ٻارو!...... توهان پنهنجي پيءُ کي ڇو نٿا سمجهايو، هو هڪڙي گندي حبشيءَ جو ڪيس ڇو هلائي رهيو آهي. تنهنجو پيءُ به حبشي ٿي ويو آهي ڇا؟....“

        جيم جو رنگ لال ٿي ويو. هو اڃا ڪجهه ڪڇڻ وارو ئي هو ته مون کيس چيو ”جيم چپ رهه.“ انهيءَ وقت ته جيم کڻي ماٺ ڪئي، پر شام جو هو مون کي پاڻ سان وٺي ويو. مسز ڊوبوئيس جي گهر ۾ گهڙي هن قوس گاه جو احاطو ۽ گل ٻوٽا ڪٽي ڇڏيا. مون هن کي روڪڻ چاهيو ته هن مون کي وارن کان وٺي مارڻ شروع ڪيو.

        شام جو اٽيڪس آيو ته هن جيم کي پيار سان سمجهائيندي چيو، ”جيم! تو جيڪي ڪجهه ڪيو، اهو نهايت احمقانه ڪم هو. مسز ڊوبوئيس پوڙهي ۽ بيمار عورت آهي. مان توکي حڪم ٿو ڏيان ته تون هينئر جو هينئر وڃي کانئس معافي وٺي اچ.“ مون کي بابا تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. ماڻهو چون ٿا ته مسز ڊوبوئيس هر وقت پاڻ سان پستول رکندي آهي. جيڪڏهن هوءَ جيم کي گولي هڻي وٺي ته – مون روئي ڏنو. ”اٽيڪس! توهان کي اسان جو ڪو خيال ڪونهي. مان توهان سان ڪڏهن به ڪانه ڳالهائينديس.“ بابا کلڻ لڳو. پوءِ چيائين ، ”اسڪائوٽ منهنجي ٻچڙي، جيم منهنجو به ته پٽ آهي، اڃا ته هن کي ماڻهن جون گهڻيون ڳالهيون ٻڌڻيون پونديون. جيڪڏهن هو ائين سڀني سان ڪاوڙبو ۽ وڙهندو رهيو ته پوءِ به آخر ڇا ٿيندو. مان پنهنجي فيصلي تان هٽي نٿو سگهان. ياد رکو، ڪڏهن ڪڏهن اجتماعي فيصلا هڪ فرد جي ضمير جي آواز اڳيان ڪابه وقعت نٿا رکن.“ بابا وري پنهنجون اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ لڳو، جي مون کي تمام گهٽ سمجهه ۾ اچي رهيون هيون.

        مس ڊوبوئيس، جيم کي معاف نه ڪيو. معافيءَ جي لاءِ هي شرط رکيائين ته جيم هر روز اسڪول کان موٽڻ وقت هڪ مهينو سندس گهر وڃي ۽ ٻه ڪلاڪ وڏي آواز سان ڪتاب پڙهي ٻڌائي. انهيءَ کان پوءِ معافي ملندي. بابا ڳالهين ڪندي ڪندي جيم کي راضي ڪري ورتو ته هو پوڙهي ۽ بيمار مسز ڊوبوئيس جي انهن شرطن کي پورو ڪري.

        مان به جيم سان گڏجي مسز ڊوبوئيس وٽ وڃڻ لڳيس. هوءَ هڪ وڏي پلنگ تي چادرن جي هيٺان ستي پئي هوندي هئي. هوءَ ڏاڍي گدلي عورت هئي. سندس واڇون هميشہ گِگ ۾ ڀريل هونديون هيون. ڪمري مان هڪ عجيب بوءِ ايندي هئي. جيم پڙهڻ شروع ڪندو هو ته هوءَ ڪنجهڻ شروع ڪندي هئي.... ۽ جيڪڏهن اسان سان ڳالهائيندي به هئي ته حبشين جي خلاف، يا اٽيڪس کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي هئي. مان جڏهن بابا اٽيڪس سان ڳالهه ڪندي هيس تڏهن هو چوندو هو“ .اسڪاؤٽ.... ماڻهن کي ڇا آهي؟ هو ته بنان سوچڻ سمجهڻ جي سڀني کي گهٽ وڌ پيا ڳالهائين. مان ته حبشين کي به پيار ڪيان ٿو. پر اسان جي همدرديءَ ۽ محبت جا سڀ کان وڌيڪ حقدار اهي ماڻهو آهن، جن تي ظلم ڪيو ٿو وڃي.“ بابا جون اهي ڳالهيون سٺيون ته هيون، پر ڪهڙي ڪم جون. سڀ ساهيڙيون مون کي چيڙائينديون هيون. اپولز خاندان جا ٻار مون کي گاريون ڏيندا هئا، ۽ ائين تون ڇا تون ڇا ٿيندي ڳالهه وڃي هٿين پوڻ تائين پهچندي هئي.

        سڄو مهينو گذري ويو، پر مسز ڊوبوئيس جيم کي معافي نه ڏني ۽ هڪ هفتي جو مدو وڌائي ڇڏيائين. بابا وٽ اسان احتجاج ڪيو، هو لڳو اسان کي سمجهائڻ. اسان وري به شام جو ان وٽ وڃڻ شروع ڪيو. هڪڙي ڏينهن صبح جو بابا چيو ”جيم! اڄ شام جو مسز ڊوبوئيس وٽ وڃڻ جو ڪو ضرور ڪونهي..... هوءَ ڪلهه رات گذاري ويئي.“ مون خدا جو شڪر ادا ڪيو. جيڪڏهن مسز ڊوبوئيس زندهه رهي ها ته اسان کي سڄي زندگي اها بيگر وهڻي پوي ها.

        ڪرسمس کان پوءِ بابا کي ٻن هفتن لاءِ ڳوٺ کان ٻاهر وڃڻو هو. انهن ڏينهن ۾ اخبار ۾ عجيب عجيب خبرون شايع ٿينديون هيون. حبشي پنهنجي حقن لاءِ هڙتالون ڪري رهيا هئا، جلوس ڪڍي رهيا هئا. بابا کي به ڪٿان دعوت ملي هئي. بابا وڃڻ کان اڳ ۾ مون کي ۽ جيم کي چيو ”جيم! تون هاڻي ٻارهن سالن جو ٿي چڪو آهين. اسڪاؤٽ، تنهنجي ڀيڻ توکان چار سال ننڍي آهي. منهنجي غير موجودگيءَ ۾ پنهنجي ننڍيءَ ڀيڻ سان نه وڙهجانءِ، ٻيئي گڏجي رهجو، ڪلپورينا به تنهنجو خيال رکندي.“

        بابا جي وڃڻ کان پوءِ آچر آيو. ڪلپورينا اسان کي وهنجاريو، نوان ڪپڙا پارايا ۽ ديول ۾ عبادت لاءِ وٺي وئي. مون ضد ڪيو هو ته مان ڪلپورينا جي ديول ۾ وينديس، انهيءَ ڪري جيم به ساڻ هليو. حبشين جي ديول ۾ مان اڳ ۾ ڪڏهن به نه وئي هيس. صاف ۽ سٺن ڪپڙن ۾ ملبوس حبشين اسان کي خوش آمديد چيو. مون کي اهو ڏسي ڏاڍو اچرج لڳو ته ايترن ماڻهن ۾ منهنجو ۽ جيم جو ئي رنگ گورو هو، باقي سڀ ماڻهو ڪارا هئا. عبادت کان پوءِ پادريءَ چيو، ”ڀائرو ۽ ڀينرو،توهان سڀني کي خبر آهي ته اسان جو هڪ ڀاءُ ٽام رابنسن اڄڪلهه وڏي مصيبت ۾ ڦاٿل آهي. اسان خوش آهيون، جو اڄ ديول ۾ ٻه ننڍڙا گورا مهمان به خدا جي عبادت لاءِ آيا آهن. توهان سڀ هنن ٻارن جي والد محترم کي سڃاڻو ٿا، جو هن تنگ ۽ منجهيل فضا ۾ اسان جي لاءِ انصاف جي جنگ لڙي رهيو آهي. ها سو مون ٽام رابنسن جو ذڪر ڪيو هو. اسان ان جي لاءِ هينئر چندو گڏ ڪرڻ وارا آهيون. مون کي يقين آهي ته توهان سڀ هن نيڪ ڪم ۾ دل کولي حصو وٺندؤ.“ جيم به چندي ۾ پنهنجو حصو وڌو. ٽام جي زال ۽ سندس ٻارن جي بيحاليءَ جو ذڪر ٻڌي منهنجي دل به ڀرجي آئي هئي.

        اسان جڏهن ديول مان موٽي رهيا هئاسون، تڏهن مون ڪلپورينا کان پڇيو، ”ٽام تي ڪهڙي ڏوهه ۾ ڪيس هلي رهيو آهي؟“ ڪلپورينا آه ڀري چيو، ”باب اپولز هن تي الزام لڳايو آهي ته ٽام سندس ڌيءُ جي عزت ورتي آهي.“

        بابا واپس آيو ته ڏاڍو پريشان هو. ڏکڻ آمريڪا ۾ حبشين کي ماريو ۽ قتل ڪيو پئي ويو. بابا جي مُنهن تي غم جا بادل ڇانيل رهندا هئا. پُڦي اليڪسنڊرا وري موٽي آئي هئي. جڏهن کيس اها خبر پئي ته مان ۽ جيم، ڪلپورينا سان گڏجي حبشين جي ديول ۾ عبادت ڪرڻ لاءِ ويا هئاسون ته يڪدم سندس پارو چڙهي ويو. هوءَ حبشين جي باري ۾ عجيب غريب ڳالهيون ڪرڻ لڳي. بابا سان جهڳڙو ڪري وڌائين، ڪلپورينا کي سخت تنبيهه ڪيائين، مون کي ڳالهايائين. جيم کيس ڪاوڙ ۾ ڏسي گهوريندو ٻاهر نڪري ويو. جڏهن جهڳڙو ختم ٿيو ۽ رات ٿي، تڏهن مون بابا سان ڳالهه ڪئي:

  ”بابا، پڦي حبشين کي خراب ڇو ٿي سمجهي؟“ مون بابا کان پڇيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com