سيڪشن؛ رسالا

مهراڻ 1973ع (3)

 

صفحو :17

      ٻچڙي، تون اڃا ٻار آهين، تون انهن سڀني ڳالهين کي سمجهي نه سگهندينءَ، پر منهنجو هڪڙو سبق تون ياد رکجانءِ ته تون ڪڏهن به حبشين کي خراب نه سمجهجهانءِ.“

 

        انهيءَ رات وارن واقعن کي مان ڪڏهن به وساري نٿي سگهان. انهيءَ رات ڊيل، اسان جو دوست، پنهنجي ماٽيلي ماءُ سان وڙهي اسان جي گهر آيو، ۽ بابا ان کي پاڻ وٽ پناهه ڏني. انهيءَ رات بابا کي ڪن ماڻهن ٻاهر سڏي دٻائڻ شروع ڪيو. مان، جيم ۽ ڊيلَ لڪي لڪي انهن جون ڳالهيون ٻڌندا رهياسون. اُهي بابا کي انهيءَ ڪيس تان دستبردار ٿيڻ لاءِ چئي رهيا هئا. ٽام رابنسن جو ڪيس سومر ڏينهن شروع ٿيڻ وارو هو ۽ ڳوٺ جي ماڻهن ان کي عدالت ۾ وٺي وڃڻ کان اڳ ۾ ئي خون ڪرڻ ٿي چاهيو. انهيءَ وقت مون ڏٺو ته ڳوٺ جي پوليس جو آفيسر به بابا کي سمجهائي رهيو هو ته هو اهو مقدمو نه هلائي. جڏهن بابا نه مڃيو، تڏهن پوليس آفيسر چيو، ”مان انهيءَ جي جوابداري کڻي نٿو سگهان ته ٽام کي عدالت ۾ حفاظت سان پهچائي سگهندس.“

 

        اهڙيءَ طرح بابا جڏهن انهن ماڻهن مان جان ڇڏائي ته اسان ڊوڙي اچي پنهنجي ڪمري ۾ پهتاسون. چند سيڪنڊن کان پوءِ بابا به اسان جي ڪمري ۾ آيو. هن چيو، ”مان ڪنهن ضروري ڪم سان ٻاهر وڃي رهيو آهيان. توهان سمهي پئو. ڪابه ڳڻتي فڪر نه ڪيو.“ چند گهڙين ۾ اسان موٽر جي هلڻ جو آواز ٻڌو. رات جو ڏهين بجي جيم اٿي يڪدم ڪپڙا بدلائڻ شروع ڪيا. سندس منهن ڳاڙهو ٿي ويو هو. مان سمجهي ويس ته هو بابا جي پٺيان وڃڻ چاهي ٿو. مان به اٿي کڙي ٿيس. ڊيل به تيار ٿيو. اسان پڦيءَ جي ڪمري جي ڀرسان پير پير ۾ پائي ٻاهر نڪري وياسون. ڳوٺ جون گهٽيون سنسان هيون. ڪٿي ڪٿي روشني نظر اچي رهي هئي. اسان سڌو بابا جي آفيس ڏانهن رخ رکيو، جنهن جي سامهون جيل هو، ۽ ميڪومب جي واحد اخبار ”ميڪومب ٽربيون“ جي آفيس. اسان پاڇي مان لنگهي جڏهن جيل جي ويجهو پهتاسون، تڏهن اسان ڏٺو ته بابا جيل جي وڏي دروازي جي سامهون هڪ اسٽول تي ويٺو آهي. مان بابا ڏانهن وڌڻ لڳيس ته جيم مون کي ٻانهن کان ڇڪي روڪيو. اسان هڪ ڪنڊ ۾ لڪي بيهي رهياسون.

        چند منٽن کانپوءِ، اسان چار موٽرون ڌڌڙ اڏائينديون جيل طرف وڌندي ڏٺيون. بابا جيڪو اخبار پڙهي رهيو هو، نظرون کڻي ڏسڻ لڳو. موٽرون بيٺيون، انهن مان چند ماڻهو ٻاهر نڪتا. هڪڙي ماڻهوءَ وڌي چيو، ”هو اندر آهي؟“

        بابا اطمينان سان جواب ڏنو، ”ٽام ننڊ پيو آهي.“ انهيءَ شخص اڳتي وڌي چيو، ”مسٽر اٽيڪس، دروازي کان هٽي وڃ، توکي خبر آهي ته اسان ڇو آيا آهيون.“ بابا نرميءَ سان جواب ڏنو، ”مان پنهنجو فرض ضرور پورو ڪندس. توهان کي ياد رکڻ گهرجي ته پوليس آفيسر موقعي تي پهچڻ وارو آهي.“ انهيءَ ماڻهوءَ ٽهڪ ڏئي چيو، ”اهو هتي نه ايندو.“ انهيءَ وقت هڪ ٻيو شخص ٽپ ڏئي بابا طرف وڌيو، مون کان رڙ نڪري وئي. جيم مون کي پڪڙڻ چاهيو مگر مان ڊوڙ پائي بابا وٽ وڃي پهتس. بابا جو منهن پيلو ٿي ويو هو، جيئن کيس گهڻو غم هجي. بابا اٿي منهنجي مٿي ٿي هٿ گهمايو ۽ جيم کي سڏ ڪري چيائين، ”جيم، ڊيل، اسڪاؤٽ کي گهر وٺي وڃو.....“ جيم اڳتي وڌي ڪنڌ سان نهڪر ڪئي. هڪڙو ماڻهو اڳتي وڌيو، انهيءَ نهايت خراب نموني ۾ جيم کي جهونجهاڙيندي چيو، ”وڃ گهر“. مون انهيءَ شخص کي کڻي ٿيلهو ڏنو، ”ڇڏ منهنجي ڀاءُ کي“. بابا مون کي پڪڙي چيو، ”اسڪاؤٽ.... ماٺ ڪر.....“ انهيءَ شخص جيم کي ڇڏي ڏنو ۽ چيائين، ”مسٽر اٽيڪس! پندرهن سيڪنڊن ۾ ٽام کي اسان جي حوالي ڪر....... ورنه“ بابا مون ڏانهن نهاريو، پوءِ جيم کي چيائين، ”جيم تون هن کي گهر وٺي وڃ.“ جيم بيٺو رهيو. مون کي خبر هئي ته هي ماڻهو بابا کي نقصان پهچائيندا. مان انهيءَ ماڻهوءَ ڏانهن وڌيس، جنهن بابا کي ڌمڪي ڏني هئي، ۽ چيم، ”مسٽر ڪننگهم، تنهنجو پٽ مون سان گڏ اسڪول ۾ پڙهندو آهي. اهو ته ڏاڍو سٺو ڇوڪرو آهي. هڪڙي ڏينهن مان ان کي پنهنجي گهر ماني کارائڻ لاءِ وٺي آئي هيس. تون منهنجي پيءُ سان ڇو پيو وڙهين......“ هڪ گهڙيءَ ۾ ڪننگهم جو منهن مٽجي ويو. هن مون کي ڪلهن کان وٺي مٿي کنيون، ۽ چيائين، ”سٺي ڇوڪري....... تنهنجي منهنجي پٽ سان دوستي آهي.... مان تنهنجو احترام ڪيان ٿو.“ انهيءَ سان گڏوگڏ هن پنهنجي ساٿين کي اشارو ڪيو ۽ چند منٽن ۾ سڀ ماڻهو موٽرن ۾ چڙهي هليا ويا. بابا مون ڏانهن نهاريو، ۽ پوءِ جيل ڏانهن وڌي چيائين، ”ٽام، تون سمهي پئو، اهي ماڻهو هليا ويا، هاڻي توکي تنگ نه ڪندا.“

        جڏهن اسان خاموشيءَ سان هلندي ميڪومب ٽربيون جي آفيس جي هيٺيان لنگهياسون ته مٿان ميڪومب ٽربيون جي ايڊيٽر جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ”اٽيڪس...... مان تيار ويٺو هوس ته جيڪڏهن هو ڪا حرڪت ڪن ته مان فائرنگ ڪيان، پر تنهنجي ڌيءُ جي چند لفظن ڳوٺ کي قتل و غارت کان بچائي ورتو.....“

        بابا هڪدم کڻي مون کي پنهنجي ٻانهن تي کنيو. هو آهستي آهستي ڀڻ ڀڻ ڪري رهيو هو. ”انهن ماڻهن ۾ اڃا رحم ۽ انسانيت جا جذبا زنده آهن. اڃا اهي ماڻهو جانور ۽ وحشي نه بنيا آهن. هڪ اٺن سالن جي ڇوڪريءَ جي منٿ تي سندن دل نرم ٿي پوي ٿي ۽ اي منهنجا خدا..... هي ماڻهو صرف رنگ جي ڪري ٻين انسانن کان ايتري نفرت ڇو ٿا ڪن!“

        سومر ڏينهن، اسان پاڻ ۾ سٽيو ته ٽام جي ڪيس ٻڌڻ لاءِ ڪورٽ ۾ هلنداسون. پڦي هاڻي اسان تي ڪڙي نگراني ڪري رهي هئي. پر مان، جيم ۽ ڊيل هڪ – هڪ ٿي گهر مان کسڪي وياسون، ۽ پوءِ چونڪ ۾ وڃي پاڻ گڏياسون.

        ڪورٽ جو احاطو ماڻهن سان ڀريل هو. سڄي علائقي جا حبشي گڏ ٿي چڪا هئا. بس ڄڻ ته ميلو لڳو پيو هو. عورتون، مرد، ٻار ۽ ٻڍا هئا. منجهند جي مانيءَ جي موڪل سبب ڪورٽ بند هئي. ماڻهو احاطي جي اندر کائي پي رهيا هئا، چئني طرف ڪاغذ، بولتن جون دٻليون ۽ کائڻ پيئڻ واريون شيون پکڙيون پيون هيون. ماڻهو بابا جي باري ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا. ڪو چئي رهيو هو ته ”اٽيڪس ڏاڍو بهادر وڪيل آهي.“ ڪو چوي پيو. ”اٽيڪس انسانيت جو نمائندو آهي.“ مان پنهنجي پيءُ جو ذڪر ٻڌي خوش ٿي رهي هيس. هجوم کي چيريندي اسان ڪورٽ ۾ پهچي وياسون. ڪورٽ جي گيلري ڀري پئي هئي. مان ڏاڪڻ ۾ جيم ۽ ڊيل کان جدا ٿي ويس ۽ حبشي پادري ساٽيڪس مون کي ڪنهن نه ڪنهن طرح گيلريءَ تائين پهچايو. چند منٽن ۾ جج ٽيلر پنهنجي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو. مون ڏٺو ته بابا هڪ وڏي ميز جي سامهون ويٺو آهي، ۽ سندس ڀرسان هڪ سياه ماڻهو ويٺو آهي. ڪنهن مون کي ٻڌايو ته ٽام اهوئي آهي، جنهن تي ڪيس ٿو هلي. جيوري جا ميمبر به موجود هئا. سرڪاري وڪيل به، ۽ اپولز خاندان جا ماڻهو به موجود هئا، جن ٽام جي خلاف ڪيس داخل ڪيو هو. ڪورٽ، شاهديءَ لاءِ پوليس آفيسر ٽيٽ کي سڏايو. هن پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته ”21 – نومبر جي رات جو هو گهر وڃڻ وارو هو ته مسٽر اپولز وٽس آيو. هو ڏاڍو پريشان هو. هن اچي چيو ته هڪ حبشيءَ سندس ڌيءَ جي عزت لُٽي آهي. مان ان سان گڏجي ويس، مون ڏٺو ته اپولز جي ڌيءَ هڪ ڪمري ۾ ليٽيل هئي، سندس جسم تي زخمن جا نشان هئا. ان ٽام رابنسن تي الزام لڳايو. مان ٽام جي گهر پهتس ۽ کيس گرفتار ڪيم.“

        ان جو بيان ختم ٿيو ته عدالت بابا کي چيو ته هو شاهد کان سوال پڇي.

        بابا پڇيو، ”ڇا توهان ڪنهن ڊاڪٽر کي معائني لاءِ گهرايو هو؟“

        ”نه،“ پوليس آفيسر ٽيٽ جواب ڏنو.

        ”ڀلا ڪنهن ٻئي عزيز، ڇوڪريءَ جي حالت جي پيش نظر ڊاڪٽر کي گهرايو هو؟“

        ”نه.“

        ”توهان چيو ته هوءَ زخمي هئي، سندس جسم تي زخمن جا نشان هئا، ڇا توهان انهيءَ جي وضاحت ڪري سگهندو؟“

        ”ان جي مٿي ۾ زخمن جا نشان هئا. سندس ٻانهن تي رهڙون آيل هيون. سندس هڪڙي اک جي هيٺان ڪارو نشان هو.“

        ”ڪهڙي اک جي هيٺان؟“ منهنجي پيءُ پڇيو.

        پوليس آفيسر خاموش رهيو ”منهنجو خيال آهي..........“ هن چيو ”منهنجي خيال ۾ سڄي اک جي هيٺان ...... نه ........ کٻي اک هيٺان.....“

        بابا جج ٽيلر ڏانهن نهاريو، ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري پنهنجي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو.

        ٻيو شاهد رابرٽ اپولز هو ۽ ان سان گڏ فريادي..... ڪڪڙ جهڙو ماڻهو، ۽ قد جو ننڍو هو. سڀ ماڻهو دم جهليو بيٺا هئا. مان به ڏاڍي دلچسپيءَ سان اهو سڀڪجهه ڏسي رهي هيس. منهنجي دل پيءُ جي محبت سان ڇلڪي رهي هئي. اپولز سرڪاري وڪيل جي سوالن جي جواب ۾ ٻڌايو ته هو ڳوٺ جي ٻاهران هڪ ڪيبن ۾ رهندو آهي. هو مٽيلا اپولز جو پيءُ آهي، جنهن جي ماءُ مري چڪي آهي. ايڪهين نومبر جي رات جو مان گهر اچي رهيو هوس، مون کي مٿي تي ڪاٺين جي ڀري هئي. مان پنهنجي ڪيبن جي ڀرسان پهتس ته مون مٽيلا جي رڙين جو آواز ٻڌو. مون ڀري ڦٽي ڪئي ۽ تڪڙو ڊوڙندو ويس. ڀت ٽپي مان ڪيبن جي دريءَ جي ويجهو ويس. مون ڏٺو ته اهو ڪارو مردود حبشي منهنجي ڌيءُ.......... جي عزت سان کيڏي رهيو آهي. اها دري زمين کان ٽي فوٽ مٿي آهي. مان اهو منظر ڏسي دروازي ڏانهن وڌيس، پر منهنجي پهچڻ کان اڳ ۾ ٽام ڀڄي ويو. انهيءَ کان پوءِ مون پوليس کي اطلاع ڏنو......“

        جج ٽيلر بيان ختم ٿيڻ کانپوءِ منهنجي پيءُ کي آڏي پڇا لاءِ چيو. بابا کي اٿندي ڏسي منهنجي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي.

        ”مسٽر اپولز، توهان دانهون ٻڌي پنهنجي گهر ڏانهن ڀڳئو. پوءِ دريءَ کان دروازي ڏانهن، انهيءَ کان پوءِ توهان يڪدم پوليس کي اطلاع ڏنو. ڀلا توهان کي انهيءَ دوران ڊاڪٽر وٽ وڃڻ جو خيال نه آيو؟“

        ”انهيءَ جي ضرورت نه هئي، مون سڀڪجهه پنهنجي اکين سان ڏٺو هو.“

        ”ڇا توهان کي اهو خيال نه آيو ته توهان جي ڌيءَ زخمي ٿي چڪي آهي، انهيءَ ڪري ان کي طبي امداد جي ضرورت آهي؟“

        ”مون کي اهو خيال نه آيو هو.“ مسٽر اپولز جواب ڏنو.

        انهيءَ کان پوءِ بابا مسٽر اپولز کان ٻه – ٽي سوال ٻيا به ڪيا، جن جي نتيجي ۾ اها خبر پئي ته مسٽر اپولز کاٻڙيل آهي ۽ هو پنهنجي سڄي هٿ سان لکي نٿو سگهي. انهيءَ نتيجي جو مقدمي سان ڪهڙو تعلق هو، انهيءَ جي مون کي خبر نه آهي، پر منهنجو پيءُ ڏاڍو خوش نظر اچي رهيو هو.

        مسٽر اپولز جي شاهديءَ کان پوءِ مٽيلا وائيلٽ اپولز کي شاهديءَ لاءِ گهرايو ويو. هوءَ هڪ جوان ڇوڪري هئي. سرڪاري وڪيل ان جو بيان وٺڻ شروع ڪيو. ”مان انهيءَ شام تي پنهنجي ڪيبن جي ٻاهران بيٺي هيس ته ٽام رابنسن اتان اچي لنگهيو، مون ان کي چيو، ”اي حبشي! هيڏانهن اچ ۽ احاطي جي مرمت ڪري ڏي، مان توکي مزوري ڏينديس. هو اندر آيو. جڏهن هن ڪم ختم ڪيو ۽ مان پئسا کڻڻ لاءِ اندر آيس ته مون ڏٺو ته هو منهنجي پٺيان اچي رهيو آهي. ڪيبن جي اندر هن مون کي کڻي پڪڙيو ۽ خراب ڳالهيون ڪرڻ لڳو. مون پنهنجو پاڻ کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن هن مون کي مارڻ شروع ڪيو. مون دانهون ڪيون، گهڻو ئي رنو، پر هو حيوان بنجي چڪو هو...... جڏهن مون کي هوش آيو، تڏهن مون پنهنجي پيءُ کي پنهنجي سيرانديءَ کان بيٺل ڏٺو.“

        منهنجي پيءُ کي سوالن پڇڻ جي اجازت ڏني وئي، منهنجو پيءُ ڪنڌ جهُڪائي اُٿيو. مون سمجهيو ته هي شاهد مقدمي جي جان آهي. منهنجي پيءُ آهستگيءَ سان چيو، ”مس مٽيلا، تنهنجي عمر گهڻي آهي.“ ”اوڻيهه سال“ مٽيلا جواب ڏنو.

        مون کي بابا جي انهيءَ انداز تي ڏاڍو عجب لڳو، ڇو ته ويچاري مٽيلا کي ايڏي عزت سان ته ڪڏهن به ڪنهن خطاب نه ڪيو هو.

        ”تنهنجو پيءُ توسان محبت ڪندو آهي؟“ منهنجي پيءُ پڇيو.

        ”ڏاڍو سهڻو سلوڪ“. هن جواب ڏنو. ”هميشہ“ منهنجي پيءُ پڇيو. ”ها...... پر جڏهن شراب پيئندو آهي ته.......“ مٽيلا چپ ٿي وئي. ”ڀلا تنهنجي پيءُ توکي ڪڏهن ماريو آهي؟“ ”نه، ڪڏهن به نه“ هن رڙ ڪري چيو.

        ”ڇا تون ٽام رابنسن کي چڱيءَ طرح سڃاڻين؟“ ”ها...... هو روزانو اسان جي گهر وٽان لنگهندو هو.“ مٽيلا جواب ڏنو.

        ”ڀلا انهيءَ کان اڳ ۾ به ڪڏهن تو ان کي پاڻ وٽ اچڻ لاءِ چيو هو؟“ بابا جو سوال ٻڌي هن يڪدم چيو ”نه، ڪڏهن به نه“.

        ”تو هينئر چيو ته ٽام رابنسن توسان زور زبردستي ڪئي، ڇا اها حقيقت آهي؟“

        ”ها“ مٽيلا جواب ڏنو.

        ”تو چيو ته تو پنهنجي عزت بچائڻ لاءِ ان کي ٿيلهو ڏنو، ۽ پاڻ ڇڏائڻ لاءِ پوري پوري ڪوشش صرف ڪئي. ڇا هن تنهنجي منهن تي ٿڦڙ هنيو هو؟“

        ”ها.....“ مٽيلا وراڻيو.

        ”ٺيڪ آ، تو عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار توکي زبردستيءَ پڪڙيو، توکي ماريو، توکي گهٽا ڏنا، ۽ پوءِ تنهنجي جسم کي چنبڙي ويو ۽ تنهنجي عزت لٽيائين.“

        ”ها ...... هن ائين ئي ڪيو.“ مٽيلا تيزيءَ سان جواب ڏنو.

        ”جوابدار هيءُ ئي ماڻهو آهي؟“ منهنجي پيءُ پڇيو ۽ ڪنڌ ورائي چيائين، ”ٽام! اُٿي بيهه“ ٽام اُٿي بيهي رهيو.

        ”ها .... اِهو ئي آهي.“ مٽيلا جواب ڏنو.

        سڀني ماڻهن جون نظرون ٽام تي ڄميل هيون. ان جي ساڄي ٻانهن کاٻي ٻانهن کان ٻارهن انچ ننڍي هئي، ۽ هڪ مرده ٻانهن وانگر لڙڪي رهي هئي. مون جيم کي ڪن ۾ چيو: جيم! هي ته اپاهج آهي“. پادري ساٽيڪس اسان جي سرگوشي ٻڌي ورتي ۽ چيائين، ”هن جو هٿ مشين ۾ اچي ڪٽجي ويو هو....“

        بابا مٽيلا طرف ڏٺو، ”هن ماڻهوءَ توکي ماريو، زبردستي ڪئي، توکي گهٽا ڏنا، تنهنجي جسم کي رهڙيو، ۽ تنهنجي عزت لُٽي. تون هڪ صحتمند ۽ طاقتور ڇوڪري آهين، تو انهيءَ دوران ڇا پئي ڪيو، تو ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي؟“

        ”ها.... پر مان ناڪام رهيس.“ مٽيلا جي منهن تان پگهر وهڻ لڳو.

        ”تون دانهون ڪندي رهي هئينءَ، پر تنهنجا ٻيا ڀائر ۽ ڀينرون تنهنجون دانهون ٻڌي تنهنجي مدد لاءِ نه آيا، جڏهن ته تنهنجي بيان مطابق هو ڪيبن جي ڀرسان کيڏي رهيا هئا؟“ مٽيلا ڪوبه جواب نه ڏنو.

        ”ڇا تو صرف پنهنجي پيءُ کي ڏسي پهريون دفعو دانهون نه ڪيون هيون؟“

        هوءَ چپ رهي. ”توکي ڪنهن زور زبردستي ڪئي هئي، ٽام يا تنهنجي پيءُ؟“ هوءَ وري به چپ رهي. ”تنهنجي پيءُ دريءَ مان ڇا ڏٺو هو. سچ ٻڌاءِ....؟“ هوءَ چپ رهي. ”سچ ٻڌاءِ، ڇو نٿي ڳالهائين، جواب ڏي....“ بابا ان کي چيو.

        ”هن ماڻهوءَ منهنجي عزت لٽي آهي.“ هوءَ رڙيون ڪرڻ لڳي، ”تون ان حبشيءَ جي حمايت ڪري رهيو آهين. تنهنجي رت ۾ حبشين جو رت مليل آهي. تون بزدل آهين، تون حبشين جو حمايتي آهين!“

        ايترو چئي، هوءَ زاروقطار رئڻ لڳي. منهنجي پيءُ پنهنجون نظرون جهڪائي ڇڏيون ۽ ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. جج ٽيلر منهنجي پيءُ ڏانهن نهاريو ۽ چيو.

        ”اٽيڪس...... تنهنجا گهڻا شاهد آهن؟“ ”جناب والا! صرف هڪڙو، ٽام رابنسن.“ بابا جواب ڏنو، ”شاهدي شروع ڪئي وڃي“. جج حڪم ڏنو.

        ٽام پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته ”سندس عمر پنجويهه سال آهي. هو شادي شده آهي. کيس ٽي ٻار آهن. هڪڙي دفعي هو هڪڙي ماڻهوءَ سان وڙهي پيو هو، جنهن جي ڪري کيس ٽيهه ڏينهن جيل ۾ رکيو ويو ڇو ته هو ڏنڊ ڏئي نه سگهيو هو. مٽيلا اپولز سان سندس ڏيٺ ويٺ هئي، ۽ انهيءَ واقعي کان اڳ ۾ هو ڪيترائي دفعا مسٽر اپولز جي ڪيبن ۾ وڃي چڪو هو. 21 – نومبر تي جڏهن هو اتان لنگهي رهيو هو، تڏهن مٽيلا کيس سڏيو. هوءَ ساڻس ڳالهيون ڪندي رهي ته هوءَ پنهنجو پاڻ کي ڏاڍو تنها محسوس ڪري رهي آهي. سندس ڪوبه دوست ڪونهي. ماڻهو سندس پيءُ جي ڪري کانئس به نفرت ڪن ٿا. انهيءَ کان پوءِ هن مون کي چيو ته مان ان سان گڏجي اندر ڪيبن ۾ وڃان، ڇو ته اتي هڪ وڏي ميز جي مرمت ڪرڻي آهي. جڏهن مان ڪيبن ۾ اندر پهتس ته اتي ڪابه ميز وغيره ڪانه هئي. مون مس مٽيلا طرف ڏٺو ته هوءَ کِلڻ لڳي. مون پڇيو ته اها ميز ڪٿي آهي، ته ان جو جواب نه ڏنائين ۽ هوءَ منهنجي ڀرسان اچي بيهي رهي. مان ڊڄي ويس ۽ ڪيبن کان ٻاهر نڪرڻ لڳس ته هن مون کي کڻي پڪڙيو. مون پنهنجو پاڻ کي ڇڏائڻ چاهيو، پر هن مون کي ڪيرائي وڌو. هوءَ هر گهڙيءَ چئي رهي هئي ته هوءَ محبت جي بکايل آهي، سندس ڪوبه دوست نه آهي. مون اٿي ڀڄڻ چاهيو، پر هوءَ مون کان طاقتور هئي، انهيءَ ڪري هن وري وري مون کي ڪيرائي ٿي وڌو. انهيءَ دوران ۾ سندس پيءُ اچي ويو. هن دريءَ مان اندر نهاري مس مٽيلا کي گاريون ڏيڻ شروع ڪيون. انهيءَ کان پوءِ مان اتان ڀڄي آيس. جناب! خدا ٿو ڄاڻي ته مون مس مٽيلا جي عزت تي حرف اچڻ نه ڏنو. مان هڪ غريب ۽ اپاهج حبشي آهيان.“

        سرڪاري وڪيل ٽام کي ڏاڍوپريشان ڪيو، پر هو پنهنجي بي گناهيءَ لاءِ دانهون ڪوڪون ڪندو رهيو. جڏهن سرڪاري وڪيل آڏي پڇا ختم ڪئي، تڏهن ڪورٽ منهنجي پيءُ کي بحث ڪرڻ جي اجازت ڏني. منهنجو پيءُ اٿي بيٺو. جج ٽيلر کان اجازت وٺي ڪوٽ لاهي ڪرسيءَ تي رکيائين. منهنجو پيءُ ڏاڍو ڪمزور نظر اچي رهيو هو. بابا بحث جي آغاز ڪندي چيو:

        ”جنابِ والا ۽ جيوريءَ جا معزز ميمبر صاحبو! هي ڪو پيچيده يا منجهيل مقدمو نه آهي. فريادي ڌر طرفان طبي شاهدي پيش نه ڪئي ويئي آهي، حالانڪه اهڙن مقدمن ۾ ڊاڪٽري رپورٽ جو هئڻ نهايت ضروري هوندو آهي. هن ڪيس جو اهم ترين شاهد، مس مٽيلا اپولز آهي. مون کي ان سان دلي همدردي آهي. هوءَ انهن ڇوڪرين مان هڪ آهي، جن کي اڄ تائين محبت نصيب نه ٿي آهي. انهيءَ ڪري هن سوسائٽيءَ جي هڪ پراڻي ۽ مضبوط اصول کي ٽوڙي هڪ حبشيءَ کان محبت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مس مٽيلا غربت ۽ جهالت جي پيداوار آهي، پر هوءَ هڪ سفيد رنگ جي عورت آهي، جا  پنهنجي نسل ۽ رنگ جي برتريءَ کي قائم رکڻ لاءِ هڪ بي گناهه انسان جي زندگي موت جي حوالي ڪرڻ گُهري ٿي ۽ وري هن معاشري ۾ هڪ حبشيءَ جي حيثيت ئي ڇا آهي، انهيءَ کي جڏهن دل چاهي، رستي تان هٽائي سگهجي ٿو. انهن تي هر الزام لڳائي سگهجي ٿو، ڇو ته سفيد فام آمريڪي معاشري ۾ حبشين جي باري ۾ اها ئي راءِ رکي وڃي ٿي ته هو گندا، مجرم ۽ بداخلاق ٿيندا آهن. حالانڪه ائين نه آهي، نه سڀ سفيد فام سٺا ٿيندا آهن ۽ نه وري سڀ حبشي؛ نه سڀ حبشي خراب آهن، نه وري سڀ سفيد فام. مسئلو بنيادي حقن جو آهي، جي حبشين کي حاصل نه آهن، انهيءَ ڪري انهن کي هر طرح جي ظلم جو آسانيءَ سان شڪار بنايو وڃي ٿو.

        ”جنابِ والا! سڄو مقدمو توهان جي ۽ جيوريءَ جي معزز ميمبرن جي سامهون آهي. حقيقت تي پردو وجهي نٿو سگهجي. مان هر انسان جي دل کي هڪ عدالت سمجهان ٿو، ۽ هر ذميدار فرد مان اها توقع رکان ٿو ته هو خدا ۽ انسانيت جي نالي تي انصاف کي سرخرو ٿيڻ جو موقعو ڏيندو.“

        منهنجي پيءُ پنهنجي اپيل ختم ڪئي، ۽ انهيءَ وقت ڪلپورينا ڪورٽ ۾ داخل ٿي. هن جج کان اجازت وٺي هڪ لفافو بابا کي ڏنو. بابا يڪدم کولي اهو پڙهيو ۽ جج کي مخاطب ٿي چيو:

        ”جنابِ والا! هي خط منهنجي ڀيڻ جو آهي ته منهنجا ٻار منجهند کان وٺي گهر کان غائب آهن....“.

        ”جناب، توهان جا ٻار گيلريءَ ۾ آهن“ پادري ساٽيڪس اٿي ادب سان چيو. بابا نظرون ڦيرائي اسان کي ڏٺو. مان، جيم ۽ ڊيل هيٺ لهي آياسون. بابا يڪدم اسان کي ڪورٽ کان ٻاهر وٺي ويو. جيم رڙ ڪري چيو، ”بابا!..... توهان کٽي ويندؤ.“ بابا جي زرد منهن تي مرڪ اچي وئي ”جيم! هينئر شام ٿي وئي آهي، ۽ تنهنجي پڦي پريشان آهي، هينئر توهان هڪدم گهر هليا وڃو.....“

        ”بابا! اسان ماني کائي وري موٽي اينداسين.“ ”نه...... هاڻي هلي آرام ڪيو“.

        بابا ڪلپورينا کي اشارو ڏنو، هن مون کي ٻانهن کان وٺي تڪڙو هلڻ شروع ڪيو. مون دانهن ڪري چيو، ”بابا!..... اسان ماني کائي موٽي ٿا اچون....“

        ڪلپورينا سڄي واٽ جيم کي ڇڙٻون ڏيندي آئي ته هو پنهنجي ننڍي ڀيڻ کي وٺي ڪورٽ ۾ ڇو آيو. گهر ۾ پڦي اليڪسنڊرا اسان کي ڏاڍو ڳالهايو، پر اسان تڪڙ ۾ ماني کاڌي ۽ وري ڪورٽ ۾ آياسون. اسان جي غير حاضريءَ ۾ سرڪاري وڪيل بحث ڪري چڪو هو، ۽ جيوريءَ جا ميمبر فيصلي لاءِ صلاح مصلحت جي غرض سان ويل هئا. سڄي ڪورٽ ۾ چون چرا جو آواز به نه هو. بابا ميز تي مٿو ٽيڪيو ويٺو هو. مون کي ننڊ اچي رهي هئي، ساڳيو حال ڊيل جو هو، پر جيم بلڪل هوشيار ويٺو هو.

        جيوري ميمبر موٽي آيا. هنن ڪاغذ جو هڪڙو پرزو جج طرف وڌايو. جج انهيءَ کي پڙهيو، ۽ پوءِ فيصلو ٻڌايو..... ”ٽام رابنسن..... ڏوهاري آهي......“ مون ڏٺو ته بابا ميز تي پکڙيل ڪاغذ گڏ ڪري رهيو آهي. انهيءَ کان پوءِ هن پنهنجو ڪوٽ پاتو ۽ ڪورٽ مان ٻاهر نڪري ويو. اسان به جلدي جلدي سندس پٺيان لڳاسون ۽ واٽ تي وڃي پهتاسونس. بابا اسان کي ڏاڍي ڏک ڀريل نظرن سان ڏٺو، اسان کي ساڻ وٺي گهر آيو.

 

        بابا ڪيس هارايو، مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پر مون کي انهيءَ کان وڌيڪ ڏک انهيءَ ڳالهه جو ٿيو، جڏهن ٽپال گهر جي ڀرسان آياسون، تڏهن اپولز منهنجي پيءُ جي اڳيان اچي بيهي رهيو ۽ بابا کي ڏاڍيون گاريون ڏنائين ۽ بابا جي منهن تي ٿڪ هنيائين. بابا ان کي ڪجهه به نه چيو ۽ منهن اگهي اڳتي هليو. منهنجو پيءُ جو ڪڏهن ته علائقي جو بهادر انسان سمجهيو ويندو هو، هينئر ايترو بزدل ڪيئن ٿي پيو هو. انهيءَ رات منهنجي پيءُ مانيءَ تي جيم سان هڪڙي ڏاڍي مزي جي ڳالهه ڪئي. جيم! کٽڻ ۽ هارائڻ، وڌاءُ واريون ڳالهيون آهن. اصل ڳالهه حق جو ساٿ ڏيڻو آهي. توکي اها خبر نه آهي ته جيوري ميمبرن ۾ هڪ اهڙو ميمبر به شامل هو، جنهن ڪيس کان هڪڙو ڏينهن اڳ ۾ رات جو جيل جي سامهون مون کي قتل ڪرڻ ٿي چاهيو. اهڙن ماڻهن مان انصاف جي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي. جيم! اسڪائوٽ! منهنجو هي سبق هميشہ ياد رکو ته انصاف جي اميد هجي يا نه هجي، حق جو ساٿ ڪڏهن به ڇڏڻ نه گهرجي.“

        ڏينهن گذرندا ويا. بابا اسان کي پهرين جيترو ئي پيار ڪندو هو، پر مان سمجهي وئي هيس ته هن کي اندر ۾ ڏاڍو ڏک آهي، ۽ سندس دل تي ڪيس هارائڻ جو وڏو بار هو. رات جو مانيءَ تي هو اسان کي انهن ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو، جي حق ۽ انصاف خاطر دنيا ۾ زنده رهيا. هو بار بار منهنجي ۽ جيم جي ذهن ۾ اها ڳالهه ويهاريندو هو ته دنيا جا سڀ ماڻهو برابر آهن. ڪنهن به هڪ کي ٻئي تي فوقيت حاصل نه آهي.

 

        هڪڙي ڏينهن ڳوٺ جون ڪجهه عورتون پڦي اليڪسنڊرا سان ملڻ آيون هيون. ڊرائنگ روم ۾ ڪلپورينا سندن اڳيان مشروبات رکي رهي هئي ته اوچتو ئي اوچتو منهنجو پيءُ خلاف معمول، انهيءَ وقت ڏينهن جو گهر ۾ آيو. هن پڦيءَ کي چيو ته ڪلپورينا کي جلدي فارغ ڪر ڇو ته کيس ان سان ضروري ڳالهه ڪرڻي آهي. مان يڪدم انهيءَ دروازي جي پٺيان لڪي بيٺس جتي بابا ڪلپورينا جو انتظار ڪري رهيو هو. ڪلپورينا اندر آئي ته بابا چيو، ”ڪلپورينا! مون کي هن وقت تنهنجي مدد جي ضرورت آهي. تون يڪدم مون سان گڏجي ٽام رابنسن جي گهر هل.“ ڪلپورينا پڇيو، ”ڇو، آخر خير ته آهي؟“

        ”نه“ بابا جواب ڏنو.

        ”ٽام مري ويو آهي......“ گهڙيءَ پلڪ لاءِ ڪمري ۾ دهشت طاري ٿي وئي. ٽام جي موت جي خبر ٻڌي مان پاڻ ڏاڍي حيران ٿيس.

        ”ڪلپورينا! ٽام کي خون ڪيو ويو آهي. هو منجهند جو ٻين قيدين سان گڏ ورزش ڪري رهيو هو ته کيس گوليءَ جو نشانو بنايو ويو. سندس جسم تي سترهن گولين جا نشان آهن. جيل جا محافظ چون ٿا ته هن فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ٿورو سوچ ته سهي ته اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ايترن محافظن ۽ قيدين جي سامهون ٽام جيل جي ايڏي ڀت تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي! پر جيڪڏهن هن ائين ڪيو به هجي ته به هو کيس پڪڙي سگهيا ٿي، پر اهو ته سڀ ڪوڙ آهي. هنن ان کي انهيءَ ڪري قتل ڪري ڇڏيو جو هو مٿينءَ ڪورٽ ۾ آزاد ٿي سگهيو ٿي....“ بابا ٿورو دم پٽڻ لاءِ بيهي رهيو. ڪلپورينا جي ڪاري منهن تي لڙڪ نظر اچي رهيا هئا. بابا يڪدم چيو ”ڪلپورينا! تون موسان گڏجي سندس گهر هل، مان سندس بيوه هيلن سان ملڻ چاهيان ٿو، ويچاري........!“

 

        بابا ڪلپورينا کي پاڻ سان وٺي هليو ويو. بعد ۾ مون کي جيم ۽ ڊيل ٻڌايو ته هو ضد ڪري بابا سان موٽر ۾ چڙهي ويا هئا. موٽر مٽي اُڏائيندي رستن کي پار ڪري ڳوٺ کان ٻاهر اتي پهتي، جتي حبشين جي آبادي هئي. جڏهن موٽر ٽام جي ڪيبن جي سامهون بيٺي ته ڪيترائي ڏتڙيل حال حبشي ٻار موٽر جي چوڌاري گڏ ٿي ويا. انهن ويچارن جي بستيءَ ۾ ڪڏهن ڪو ڪار وارو نه آيو هو. ٽام جي زال هيلن ڪيبن کان ٻاهر نڪتي، هوءَ جڏهن بابا جي ويجهو آئي ۽ بابا اڃا ڪجهه ڪڇيو ئي ڪين ته زمين تي ڪِري پئي. منهنجي پيءُ ۽ ڪلپورينا ان کي کڻي ڪيبن ۾ پهچايو. کيس تسلي ڏني ۽ رئندو ڇڏي هليا آيا.

        ٽام جي موت جي خبر ٻن ڏينهن تائين ميڪومب ۾ گونجندي رهي. مون ڪيترن ماڻهن کان زباني ٻڌو ته ٽام جو اهو ئي انجام ٿيڻو هو. هو انهيءَ جي قابل هو. منهنجي دل ۾ رکي رکي بابا جي هڪڙي ڳالهه هُرندي هئي. بابا هڪڙي دفعي چيو هو:

        ”اسڪائوٽ ڌيءَ! اپاهج ۽ ڪمزور ماڻهن تي رحم ڪرڻ گهرجي، ڇو ته خدا جو اهو ئي فرمان آهي.“

        ته پوءِ انهن ماڻهن اَپاهج ٽام کي قتل ڇو ڪيو هو!

------------------------------------------------

 

”طبعيت جي يڪسوئيءَ سان ڪوبه ڪم شروع ڪري، ڪمزور کان ڪمزور انسان به ڪجهه ڪري ڏيکاري سگهي ٿو، پر وکريل طبعيت شخص مضبوط ۽ طاقتور هوندي به گهڻن طرفن ڏي پنهنجو ڌيان ورهائڻ سبب ڪجهه نٿو ڪري سگهي. پاڻيءَ جو هڪ ڦُڙو ڪنهن هنڌ لڳو لڳ ڪِرندو رهندو، ته نيٺ هو مضبوط پٿر ۾ به ٽُنگ ڪري وجهندو؛ پر جلد باز لهرون زور سان اچن ٿيون ۽ پٿر سان لڳي واپس وڃن ٿيون، سندن نشان به باقي نٿو رهي.“                          - ڪارلائل

------------------------------------------------

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com