سيڪشن؛ رسالا

مهراڻ 1973ع (3)

 

صفحو :18

3

پاڪستان هسٽري ڪانفرنس، اسلام آباد

(6، 7، 8 اپريل 1973ع)

ڊاڪٽر مس ڪي.ايف. يوسف، وائيس چانسيلر، اسلام آباد يونيورسٽي (چيئرمين تنظيمي ڪميٽي) جي مرحبائي تقرير.

جناب ذوالفقار علي ڀُٽي، صدر پاڪستان، جي افتتاحي تقرير.

پروفيسر ڊاڪٽر احمد حسن داني، سيڪريٽري پاڪستان (هسٽري ڪانفرنس) جي تقرير.

آقاي علي اڪبر جعفري، ڊئريڪٽر، ايران – پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پرشن اسٽڊيز اسلام آباد جو مضمون، بعنوان، ”پاڪستان ۾ فارسيءَ جي تعليم“

]نوٽ: پاڪستان هسٽري ڪانفرنس، اسلام آباد جي تفصيلي ڪارگذاري ”مهراڻ“ جي اڳئين پرچي نمبر 1 – 2/1973ع ۾ شايع ٿيل آهي.                            – ادارو.[


------------------------------------------------

اديب ۽ مورخ، مختلف قومن ۾ تاريخي ۽ تمدني خيالن جي ڏي – وٺ جي ذريعي، انسان جي تقدير کي فيصله ڪُن صورت ڏيئي سگهن ٿا. نامور مورّخ، پنهنجي قوم جي شاندار تاريخي ڪارنامن کي بيان ڪري، هڪ طرف لکن – ڪروڙن ذهنن کي متاثر ڪري سگهن ٿا، ته ٻئي طرف قوم جي نااميد ۽ مرده فردن ۾، زندگيءَ جو نئون روح پيدا ڪري سگهن ٿا. مورخن ۽ محققن جي علمي ۽ تاريخي ڇنڊڇاڻ سان، ڪيتريون غلط فهميون دور ٿي سگهن ٿيون ۽ دنيا جي مختلف قومن لاءِ هڪ ٻئي کي بهتر نموني ۾ سمجهڻ جو خوشگوار ماحول پيدا ٿي سگهي ٿو. مورّخ ۽ محقق پنهنجي قلم سان، انسانن جي دلين ۾ انسان – دوستيءَ ۽ امن، آزاديءَ ۽ انصاف جا امنگ ۽ جذبا پيدا ڪري، عالمي خونريزين کي بند ڪرائي سگهن ٿا. انهن جا قلم، عالمي امن جي خواب کي صحتمند تعبير ڏئي سگهن ٿا. اڄ دنيا جون اکيون، عالمن ۽ مورخن جي قلم ۾ کُتل آهن، ۽ سڄي انسانذات، سندن فڪرن ۽ مباحثن کي اميدن ڀريل نگاهن سان گهوري ۽ جاچي رهي آهي.

------------------------------------------------

 

پاڪستان هسٽري ڪانفرنس جي موقعي تي ڊاڪٽر مس ڪي . ايف . يوسف وائيس چانسيلر، اسلام آباد يونيورسٽيءَ جي مرحبائي تقرير

 

جناب صدر، عزت ماب سفيرو، معزز نمائندو، خواتين ۽ حضرات.

        هي موقعو اسان مان انهن سڀني لاءِ وڏيءَ اهميت وارو آهي، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن نموني ۾ اسلام آباد يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل آهيون، جو اسلام آباد يونيورسٽيءَ طرفان پهرين ’هسٽري ڪانفرنس‘ ڪري سگهيا آهيون. هن اهم موقعي تي آءٌ توهان سڀني جي دلي آجيان ڪريان ٿي. اسان اسلامي جمهوريه پاڪستان جي صدر محترم، جيڪو اسلام آباد يونيورسٽيءَ جو چانسلر پڻ آهي، جا بيحد شڪرگذار آهيون، جو هن ڪانفرنس جي افتتاح لاءِ اسان جو عرض اگهايو اٿس. اسان لاءِ هيءَ ڳالهه وڏيءَ اهميت واري آهي، ته صدر محترم نه فقط ملڪ جي سربراهه جي حيثيت ۾، پر ان سان گڏ تاريخ جي هڪ طالبعلم جي حيثيت ۾ پڻ هن موقعي تي شريڪ ٿيو آهي. گذريل چند سالن اندر هن ملڪ ڪيترن ئي گهوٽالن کي مُنهن ڏنو آهي، جن ۾ هر قسم جون اسان جون علمي ڪانفرنسون، نفاق ۽ گڙٻڙ جو آکاڙو بنجي چڪيون آهن ۽ اسان جي تاريخ جي قومي تصوير کي مسخ ڪيو ويو آهي.

        هن قسم جي وڏي خواهش موجود آهي ته سماج جي مناسب ذهني ترقيءَ جي لاءِ ڇڙوڇڙ عناصر کي نئين سر منظم ڪيو وڃي. انهيءَ لحاظ کان تاريخ ئي اها شيءِ آهي، جيڪا واقعن جو پنهنجن مختلف طريقن سان تجزيو ڪري ٿي. تاريخ جي قومي تصوير جي نئين سر بحاليءَ لاءِ اسان کي نئين قدم جي ضرورت آهي، اهو هيءُ آهي ته اسان واقعن جو وسيع نظريءَ سان تجزيو ڪريون، ته جيئن نيون راهون ڳولي سگهون. آزاديءَ کان وٺي اسان جي تاريخ جو فقط اُهو ئي هڪڙو رُخ پيش ڪيو ويو آهي، جيڪو مسٽر آئي . ايڇ . قريشيءَ ۽ سندس هم خيالن چِٽيو آهي. تاريخ جي اها تصوير بلڪل ٽيڏي آهي، انهيءَ ڪري پاڪستان ۾ تاريخ جي شاگردن ۽ استادن کي اها اڃا پوريءَ طرح سمجهه ۾ نه آئي آهي. اها تاريخ هڪ ته مهانگي هئي، ٻيو ته اسان جي تعليمي ادارن ۾ اها آسانيءَ سان دستياب نٿي ٿي سگهي، انهيءَ ڪري تاريخ جي مطالعي لاءِ جناب ايشوري پرشاد ئي دائمي استاد رهيو. اسان انهيءَ ڪري هيءَ ڪانفرنس گُهرائي آهي ته جيئن پنهنجي قومي زندگيءَ جي هن دؤر لاءِ گهربل نوان رُخ تلاش ڪريون ۽ پڻ اهڙا نوان استاد تيار ڪريون، جيڪي خدمت جي مقصد سان تاريخ جي تعليم ڏين. صدر محترم جي تقريرن ۽ تحريرن، خاص ڪري سندس ڪتاب ”آزاديءَ جي ڪهاڻي“ جي ڇپجڻ کان پوءِ هيءَ ڳالهه چٽيءَ طرح ڏسي سگهجي ٿي ته ملڪ ۾ هڪ اهڙي شخصيت موجود آهي، جيڪا اڄ کان پري نظر رکندي هڪ دنيا جو اهڙو نئون نظام تصور ۾ آڻڻ جي صلاحيت رکي ٿي، جيڪو نظام ٽينءَ دنيا يعني غريب يا اُسرندڙ ملڪن جي تاريخ بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. انهيءَ سلسلي ۾ پاڪستان کي دنيا جي نئين نظام ۾، قومن جي برادريءَ ۾ هڪ عزت واري جاءِ ڳولڻي آهي. انهيءَ ڪري هسٽري ڪانفرنس بيحد ضروري هئي. اسان صدر محترم جا بيحد مشڪور آهيون، جو هن پنهنجي انتهائي مصروف وقت مان چند ڪلاڪ اسان کي ڏنا آهن. مون کي يقين آهي ته صدر صاحب پاڻ هي محسوس ڪندو ته سندس وقت سٺي مقصد ۾ صرف ٿيو آهي، ڇاڪاڻ جو اسان مان ڪيترا اهڙا آهن، جيڪي هن خيالي آزاديءَ کي حقيقت ۾ بدلائڻ لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيندا. انهيءَ مقصد حاصل ڪرڻ ۾ سندس هدايت اسان کي وڏي مدد ڏيندي.

        اسان ٻاهرين نمائندن جا به شڪرگذار آهيون، جيڪي پري کان تڪليف وٺي هن هسٽري ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا آهن. اسان پنهنجن ملڪي نمائندن جا به ٿورائتا آهيون، جن هن ڪانفرنس ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي. اسان سڀني کي انهيءَ حقيقت جو احساس آهي ته هن قسم جي ڪاررواين مان ماضيءَ کي ڌيان ۾ رکندي موجوده مسئلن جي سمجهڻ ۾ چڱو فائدو حاصل ٿيندو.

        تاريخ جو مطالعو ڪيترن ئي دؤرن مان لنگهي موجوده منزل تي پهتو آهي. ڪنهن زماني ۾ تاريخ تي مذهبيت جو قبضو هو. مذهبي روايتن جي قصي کي ئي تاريخ سمجهيو ويندو هو. سڀ کان اول مسلمان مورخن تاريخ کي مذهب کان جدا ڪيو. يورپ ۾ والٽيئر انهيءَ رسم جون ڌڄيون اُڏائي ڇڏيون. تاريخ جي نئين سائنس اوڻيهين صديءَ کان شروع ٿي، جنهن کي تاريخ جو ’لاديني فلسفو‘ سڏڻ گهرجي. جيڪو انسان ۽ سماج جي فلسفي جي ڪنجي آهي. تاريخ جي نئين سائنس هڪ مناسب جذبو آهي، جنهن کي کولي بيان ڪيو ويو آهي. ان ۾ ’سبب‘ کي خاص اهميت ڏني ويئي آهي.

        اها دليل جي لِڪل چڻنگ ئي هئي، جيڪا نئينءَ جاڳرتا، فرينچ انقلاب ۽ موجوده دؤرن جي سوشلسٽ انقلابن جي تحريڪن کي دنيا جي آڏو چمڪائي ٿي. تاريخ، ڪنهن ملڪ جي واقعن جي ڪهاڻي ناهي ۽ نڪا وري اُها تهذيبن جي عُروج ۽ زوال جو داستان آهي. تاريخ جو مضمون انسان جي مجموعي زندگي آهي. مؤرخ جو مقصد اهو آهي ته هو تاريخي نمونن جي غير ترتيبي قسم جي عڪاسي ڪري، جنهن ۾ ماڻهو، قومون، ثقافتون، ريتون – رسمون، ادارا، راڳ، خيالي ڳالهيون ۽ خيال اچي وڃن ٿا. تبديليءَ جو جيڪو طريقو آهي، تنهن کي واضح ڪرڻو آهي. جيوفري بيراڪلو ٻڌايو آهي ته ”هن دؤر جي اهم ضرورتن مان هڪ هيءَ آهي ته جديد تاريخ جي رستي جو نئون روپ پيدا ڪيو وڃي. جڏهن کان وٺي (ٻي مهاڀاري) جنگ ختم ٿي آهي، تڏهن کان اسان ماضيءَ جي ورثي جي مليل خيال جي اڻپورائيءَ واري احساس هيٺ وقت ڪاٽي رهيا آهيون. انهيءَ نئينءَ صورتحال جو هڪ نتيجو اهو نڪتو آهي، جو تاريخ بذات خود انهن بهترين ذهنن تان پنهنجو اثر وڃائي رهي آهي يا اڳي ئي زائل ڪري چڪي آهي.“ مغربي دنيا سان اها ڳالهه ڪيتريقدر ٺهڪي ٿي اچي، تنهن جي مون کي خبر ڪانهي، پر آءٌ محسوس ٿي ڪريان ته پاڪستان سان اها ڳالهه سورهن آنا لڳي اچي ٿي. اسان جي مؤرخن اها ڳالهه اڃا تسليم نه ڪئي آهي ته موجوده تاريخ، موجوده رهڻي ڪهڻيءَ جي لاءِ ڪُنجي آهي. نه فقط ايترو پر اسان اهڙا مؤرخ به پيدا نه ڪري سگهيا آهيون، جيڪي سماج لاءِ تاريخ جي اهميت ثابت ڪري ڏيکارين.

        تاريخ علم جي هڪ مقدس شاخ آهي ۽ تاريخ نويسي تمام قديم فن آهي. مثلاً اسان سمجهون ٿا ته اسان هڪ سائنسي دؤر ۾ رهون ٿا، پر در حقيقتاً اسان سڀ تاريخي دؤر ۾ رهون ٿا يا ائين چئجي ته هي تاريخيت جو دؤر آهي، ۽ شايد اهو ئي سبب آهي، جو اسان پاڻ کي ’تاريخ‘ سان وابسته سمجهون ٿا. اسان کي وڻي نه وڻي، پر تاريخ اسان جي وجود ۽ ذهني ارتقا جو هڪ اٽوٽ انگ آهي. ماڻهو اهوئي آهي جيڪي ساڻس وهي واپري ٿو. ماڻهوءَ جي فطرت سواءِ ان جي ٻي ڪابه ڪانهي، جيڪي ڪجهه هن پاڻ مخصوص ماحول هيٺ وقت جي حساب موجب ڪيو آهي، جيڪا ڪنهن خاص وقت ۽ ماحول ۾ هو ڪري ٿو. اهڙيءَ ريت مؤرخ اضافيت جو پڙاڏو آهي. هرڪا شيءِ اضافي آهي، جنهن جو فيصلو وقت، جاءِ ۽ ماحول مطابق ڪيو وڃي ٿو. ڪابه ڳالهه قطعي ڪانهي. انسان جي عمل لاءِ ڪنهن به لامحدود منظوريءَ جي ضرورت ڪانهي. تاريخ کي انهيءَ نموني ئي سمجهڻ گهرجي. مؤرخ کي اهو ڪونه سيکارڻو آهي ته هو هن ڳالهه جي کوجنا ڪري ته چارلس پهريون، مصطفيٰ ڪمال يا قائداعظم محمد علي جناح صحيح هو يا غلط. پر هن کي اهوئي جاچڻو آهي ته سندس عمل تاريخي لحاظ کان ڪهڙيءَ اهميت جو هو. انهيءَ کانپوءِ واقعن کي آئندي جي حوالي لاءِ ذهنن ۾ سانڍڻو آهي.

        حال جي ماحول ۾ ماضيءَ جي تشريح هر دفعي نئين تصوير پيدا ڪندي آهي. ٿي سگهي ٿو ته مختلف مؤرخ، مختلف واقعن جي انتخاب جي ڇنڊڇاڻ ذريعي ساڳين ئي واقعن جون ڌار ڌار تاريخي تصويرون چِٽين. انهيءَ جي معنيٰ ته ڪنهن واقعي جي ڌار ڌار تشريحن جو امڪان آهي، جنهن جي ڪري ڪنهن يقيني نقطهء نظر قائم ڪرڻ ۾ رنڊڪ پيدا ٿئي ٿي. اهڙي قسم جو نظريو تاريخ جي خلاف نڪته چيني پيدا ڪري سگهي ٿو، يا تاريخي معاملي کي سمجهڻ ۾ مونجهارو پيدا ڪري سگهي ٿو.

        انهيءَ ڪري مؤرخ کي اڄ جي مسئلن جي وضاحت لاءِ تاريخ ۾ صحيح معنيٰ تلاش ڪرڻي آهي. هيءَ ڳالهه ياد رکي وڃي ته ماضيءَ جي ڪابه تاريخ ٿي نٿي سگهي، جيئن در حقيقت ٿيو آهي. البته تاريخي تشريحون ٿي سگهن ٿيون، جن مان ڪابه تشريح آخري تشريح چئي نٿي سگهجي. هر نسل کي اهو حق آهي ته هو تاريخي واقعن جي پنهنجي تشريح ڪري. هر نسل کي نه فقط اهڙي قسم جو حق آهي، پر مٿس اها ذميداري عائد ٿئي ٿي ته هو ائين ڪري، ڇاڪاڻ جو کيس هڪ وڏيءَ ضرورت جو جواب ڏيڻو آهي. اسان اهو ڄاڻائڻ گهرون ٿا ته اسانجين تڪليفن جو ماضيءَ سان ڪهڙو تعلق آهي ۽ اسان اهو طريقو ڏسڻ گهرون ٿا، جنهن تي هلي اسان موجوده مسئلن جي حل ڏانهن وک وڌائي سگهون. اسان کي هڪ مناسب تاريخي فيصلو ڪرڻو آهي ته آئينده هلي اسان ڪهڙو پارٽ ادا ڪريون. انهيءَ ڪري فقط انهن تشريحن جي ضرورت آهي، جيڪي اڳتي هلي اسان کي سنئين دڳ تي لائين. اسان کي گهرجي ته اسان ماضيءَ کي سامهون رکون ته جيئن ان جي تجليءَ سان اسان حال کي چمڪائي سگهون.

        تاريخ جي انهيءَ عام فيصلي کان اسان کي خاص مقصد تي اچڻو آهي ته جيئن ويجهي ماضيءَ جي واقعن کي سمجهي سگهون. ائين ناهي ته آءٌ ٽوئن بيءَ جي للڪار ۽ ان جي جواب واري فلسفي ۾ مڪمل يقين رکان ٿي، ليڪن آءٌ هن حقيقت کي سمجهڻ تي مجبور آهيان ته پاڪستان جو وجود مسلم سماج طرفان انهيءَ للڪار جو جواب هو جيڪا انگريزن جي اچڻ جي ڪري، نه فقط هڪ مذهبي اقليت جي حيثيت ۾، بلڪ هڪ سياسي ايڪائيءَ جي حيثيت ۾، ان جي وجود لاءِ پيدا ٿي هئي. انگريزن جي اچڻ سان هن ننڍي کنڊ ۾ مغربي سياسي خيال ۽ ادارا به هتي آيا. هندستاني قوم پرستيءَ ۽ جمهوريت جي دائري اندر ڏهن ڪروڙن مسلمانن کي مذهبي اقليت جو درجو ڏيڻو هو. اها ڳالهه قبول ڪرڻ جهڙي ڪانه هئي؛ قائداعظم جي لفظن ۾ ”هندستان ۾ جمهوريت هيٺ هڪ مستقل ۽ دائمي اڪثريت لازمي طرح سان هڪ اهڙي سماج تي راڄ ڪري ٿي، جيڪو اقليت ۾ آهي. دنيا ۾ اهڙو ڪوبه مثال ڪونهي، جو ٻن قومن کي وحداني آئين هيٺ سلهاڙيو ويو هجي. اسان ذاتي تجربي مان ڏٺو آهي ته حڪومت جي برطانوي پارليماني سرشتي هيٺ، هندستان ۾ ٻين سڀني تي هندن جي مڪمل بالادستي قائم ڪئي ويئي آهي. مسلمانن ۽ ٻين اقليتن کي آئين هيٺ بلڪل بي دست و پا ڪيو ويو آهي ۽ کين حڪومت ۾ پنهنجي حصي حاصل ڪرڻ جي ڪابه اميد ڪانهي.“ قوم هڪ جيئري جاڳندي ۽ جدوجهد ڪندڙ شيءِ آهي، ان وٽ هڪ رياست آهي، جا نه فقط تحرڪ ۽ عمل واسطي آهي پر نظريو پڻ آهي. مسلمان هڪ جيئري جاڳندي ۽ جدوجهد ڪندڙ قوم آهن ۽ ان قوم پنهنجو نظريو يعني ’پاڪستان جي مملڪت‘ حاصل ڪئي آهي. ان کان پوءِ اها قوم پنهنجي رستي تان هٽي يا ڀلجي ويئي آهي، هاڻي مؤرخن کي ان جو سبب تلاش ڪرڻو آهي. ٿي سگهي ٿو ته مسلمانن کي قوم جي حيثيت ۾ اهڙيءَ زبردست للڪار کي منهن ڏيڻو پيو، جيڪا سندن سموري طاقت چوسي ويئي. هي به ٿي سگهي ٿو ته قوم کي للڪار جي نوعيت ۽ شدت جو پورو پتو نه هو. شايد ٻئي درجي جا اهي اڳواڻ، جَن قائداعظم جي وفات کانپوءِ تحريڪ جون واڳون سنڀاليون ۽ پاڪستان جا حڪمران بڻيا، تِن مسلم ليگ جي تحريڪ کي انهيءَ انداز ۾ ڪونه سمجهيو، جنهن ۾ مسلمانن مجموعي طرح ان کي سمجهيو هو. اهو به ممڪن آهي ته قوم کي انهن قوتن جي گهٽ ڄاڻ هئي، جيڪي پاڪستان جي خلاف ڪم ڪري رهيون هيون. خير ڇا به هجي پر هيءَ ڳالهه ته بلڪل ظاهر آهي ته قوم موتمار ڌڪ لڳو آهي. شايد قوم جو زوال قائداعظم جي وفات کان پوءِ هڪدم شروع ٿيو، پر اهو 1965ع واريءَ جنگ کان پوءِ ظاهر ٿيو ۽ 1970ع ۾ اڻٽر ڳالهه به ٿي چڪي.

        اسان تهذيب جي زوال ۽ ان جي ٽُڪر ٽُڪر ٿيڻ واري عام اصول سان اتفاق ڪريون يا نه ڪريون،پر اسان جي سماج ۾ اهڙيون نشانيون بلڪل ظاهر ٿي چڪيون آهن، جن کي تهذيب جي ڇڙوڇڙ ٿيڻ جون نشانيون چئي سگهجي ٿو. دانيالوسڪي، ٽوئن بي، اسپنگلر ۽ ڪيترا فيلسوف، هيءَ ڳالهه مڃين ٿا ته تهذيب جو زوال تخليقي ڪوشش جي نه هئڻ سبب ٿيندو آهي. انهيءَ نقصان جا اظهار هنن ڳالهين مان معلوم ڪري سگهجن ٿا: پهريون ته عالمي امن جي نالي ۾ خاموشيءَ سان قيصريت کي قبول ڪرڻ، ٻيو ته علم جي دائري ۾ تخليق جو فقدان، ٽيون ته دانشوريءَ جو ڏينهون ڏينهن زوال، پڙهيل ۽ دانشور شخص جو پنهنجو پاڻ ۾ غرق ٿي وڃڻ يا هنن جو ذاتي جهڳڙن ۾ مصروف رهڻ، جيڪي اڳتي هلي سازشن جي صورت اختيار ڪن ٿا. انهن حالتن هيٺ قوم پنهنجن قومي مقصدن کان غافل ٿيو وڃي. اسپنگلر هڪ ٻي ڳالهه به شامل ڪئي آهي، جنهن کي هو لامذهبيت جو دؤر سڏي ٿو. جيتوڻيڪ انساني تاريخ هي ڏٺو آهي ته ثقافت مذهبي تخليق جي هم معنيٰ رهي آهي، پر تڏهن به انهيءَ دؤر کي مذهبي تخليق نٿو چئي سگهجي. بهرحال، مذهبيت جو اهو ٻيو دؤر قطعي ۽ مڪمل طور تي شڪ جو دؤر آهي. ماڻهو مذهبيت جي شان ۽ عظمت جون ڳالهيون ڪن ٿا، پر پاڻ ۾ خود اها عظمت نٿا پيدا ڪري سگهن. مٿيون ڳالهيون انهيءَ سماجي، اقتصادي ۽ تعليمي زندگيءَ جون سمجهاڻيون آهن، جيڪي هن وقت پاڪستان ۾ آهن. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ پاڪستان جي مورخن کي ڪن مشڪل سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا. ڇا پاڪستان انهيءَ اسلامي تهذيب جي شاخ آهي، جيڪا مراڪش کان وٺي انڊونيشيا ۽ فلپائين تائين زوال پذير آهي، ۽ جيڪڏهن ائين آهي ته ڇا اها تباهي ڏانهن مائل آهي ۽ آخرڪار بلڪل ختم ٿي ويندي؟ ڇا هن ننڍي کنڊ جي مسلمانن پنهنجي خاص جغرافيائي ۽ سياسي ماحول اندر مجبور ٿي، پنهنجي حقِ خود اراديت جي لاءِ جدوجهد ڪئي هئي ۽ پاڪستان جي مملڪت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا؟ پهريون سوال تهذيبي پس منظر جي دائري اندر آهي، جيڪو تاريخ اڻٽر حقيقتن سان لاڳاپيل آهي. مگر ٻيو سوال انهيءَ نظريي تي بيٺل آهي ته تاريخ جو موضوع سموريءَ انساني زندگيءَ سان تعلق رکي ٿو ۽ فقط اهي ئي تاريخي تشريحون درست آهن، جيڪي انساني ترقيءَ ۾ مدد ڪن ٿيون. در حقيقت اهڙي ڪابه تهذيب ڪانهي، جنهن کي اڄ جي زندهه سماجن جي زندگيءَ مان مڪمل طرح ختم ڪيو ويو هجي. تهذيبون پنهنجن همعصر تهذيبن کان توڙي ماضيءَ جي تهذيبن مان ڪجهه اثرات حاصل ڪنديون آهن. تاريخ هڪ اهڙو پس پرده وهڪرو آهي جنهن سان سموري انسانذات لاڳاپيل آهي. ماضيءَ جي مختلف ڏورانهن دورن جا واقعا مختلف ايراضين ۾ ساڳئي ساڳئي پس منظر هيٺ دهرايا وڃن ٿا. برطانوي سلطنت پنهنجي ٽن ڪروڙن باشندن جي آدمشماريءَ سان ڪنهن وقت دنيا جو وڏي ۾ وڏو صنعتي ملڪ هو، تنهن اُتر – آمريڪا واري پنهنجي بيٺڪ تي نوي هزار فوجون چاڙهي موڪليون، جنهن جي ان وقت آدمشماري صرف ٽيهه لک مَس هئي. اُتر – آمريڪي بيٺڪ وٽ فقط ڪجهه پراڻيون توبون ۽ ڪي نيم فوجي دستا هئا، پر جنگ ۾ برطانيا انهن کان هارائي ويئي. ويهين صدي عيسويءَ ۾ آمريڪا، ويٽنام جي خلاف فوجي ڪارروايون ڪيون، يعني ٻنهي ڌرين جي تياريءَ ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق هو، ليڪن آمريڪي جنگ هارائي ويا. هيءَ هڪ تاريخي حقيقت آهي ته جڏهن ماڻهو پنهنجي آزاديءَ جي حفاظت جو پَڪو پَهه ڪن ٿا، تڏهن هو انتهائي مشڪلاتن جي باوجود ڪامياب ٿي سگهن ٿا. اهڙي فتح يا شڪست جو مدار ان تي آهي ته ڪنهن خاص مقصد لاءِ ماڻهو متحد ٿين. اهڙيءَ ريت هيءَ ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته ماڻهو ئي تاريخ جا ٺاهيندڙ آهن، پر ان حالت ۾ نه جو هو بيترتيب يا غير منظم انبوهه هجن – البت ان حالت ۾ جو هو منظم هجن ۽ وٽن جذبو هجي جيڪو کين اڀاريندو رهي. تاريخ کي اڳتي هلائڻ وارا ٽي عناصر آهن: هڪ اتساهه ڏياريندڙ جذبو؛ ٻيو عوام (جڏهن منجهن جذبو پيدا ٿئي ٿو ۽ هو منظم ٿي وڃن ٿا) ۽ ٽيون اڳواڻ. هر سماجي دؤر کي عظيم ماڻهن جي ضرورت آهي ۽ اهو انهن کي ڳولي ڪونه ٿو پر ايجاد ٿو ڪري. اهم ڳالهه هيءَ آهي ته تاريخ جا وهڪرا هر حالت ۾ اڳتي وَهڻ کپن. سماج کي اها ڳالهه معلوم هئڻ کپي ته نين شين جي ٺهڻ ۽ بدلجڻ توڙي عظيم ڪاميابين حاصل ڪرڻ جو اڻکُٽ سلسلو آهي، جنهن جو ڪو انت ئي ڪونهي. اهڙيءَ ريت اسان ڏسون ٿا ته تاريخ تخليقي قوت جي هڪ انتهائي وڻندڙ شاهدي آهي، ۽ انساني جذبي جو هڪ شاندار نمونو آهي. تاريخ، جاءِ ۽ وقت ۾ اتحاد جي نشاندهي ڪري ٿي. تاريخ جي وهڪري ۾ عظيم سلطنتون قائم ٿيون، جن ڪجهه وقت لاءِ پنهنجن پنهنجن دائرن اندر انسانن جي درميان لاڳاپا وڌايا.

        دنيا ۾ وقت بوقت اهڙيون قومون به پيدا ٿيون آهن، جيڪي پاڻ کي ٻاهرينءَ دنيا کان الڳ – ٿلڳ رکنديون رهيون – مثال طور: مصر، جپان، روس ۽ چين. پر انهيءَ سلسلي ۾ جيڪي به ديوارون کڙيون ڪيون ويون، سي آخرڪار وَر وَر ٿي ڊهنديون رهيون. گذريل پنج سو سالن اندر يورپي ماڻهن سموريءَ ڌرتيءَ کي پنهنجي مواصلاتي ڄار ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي. هو پنهنجيءَ تهذيب کي دنيا جي ٻين ڏورانهن ڀاڱن ڏانهن پهچائي چڪا آهن، ۽ ٻين تهذيبن کان اهو ڪجهه ورتو اٿن، جيڪي وٽن موجود ڪونه هو. دنيا جي قومن جي وچ ۾ لاڳاپو وڌندو پيو وڃي. ارتقا جو هڪ اهڙو دور هلي رهيو آهي، جيڪو سمورين تهذيبن کي وحدت ڏانهن وٺيو پيو وڃي. انساني معاملن جي تحريڪ ۾ هن وقت ڪي اهڙا اتحاد به آهن، جيڪي الڳ الڳ ايڪايون ۽ وحدتون رکن ٿا – مثلاً: ثقافت، عقيدو، زبان ۽ مذهب. انهن اتحادن ۾ انتهائي مؤثر قوميت جي بنياد تي قائم ٿيل رياستون آهن. بهر صورت انهن اتحادن ۾ عالمگيريت ڪانهي. انهن سڀني ۾ تبديليون اچي رهيون آهن. اهي هڪ ٻئي سان ٽڪرنديون، هڪٻئي کان سکنديون ۽ آخرڪار همعصر سماجن جي وچ ۾ بهتر مفاهمت پيدا ڪنديون. پاڪسان جي مؤرخن جو اهو مقدس فرض آهي ته هو اسان جي تاريخ جي انهيءَ حال جي تشريح ڪن، جنهن ۾ اسان داخل ٿي چڪا آهيون، يعني ويهين صديءَ، جنهن ۾ اسان رهون پيا. اسان ماضيءَ ۾ تمام گهڻو رهي چڪا آهيون، اسان نوجوان نسلن کي مسخ ڪيل تاريخ ڏني آهي. اسان کي قومي تاريخ لکڻ جو اهو ڏکيو ڪم، وڌيڪ وقت وڃائڻ کان سواءِ، هڪدم شروع ڪرڻو آهي. زندگي فقط تاريخي سبب جي روشنيءَ ۾ شفاف نتيجا اخذ ڪري ٿي.

مترجم: محمد عيسيٰ نظاماڻي

نيوز ايڊيٽر،

پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن،

حيدرآباد سنڌ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com