”سائل“
آزاد
سنڌڙي
محبت جو مانڊاڻ آهي سنڌڙيءَ ۾،
گلڙن جي سُرهاڻ آهي سنڌڙيءَ ۾.
’شاهه عنايت‘، ’سچل‘ پيارو، |
|
’گهوٽ ڀٽائي‘ سرس سونهارو |
مست ’قلندر‘ پاڻ آهي سنڌڙيءَ ۾ |
’هوشوءَ‘ پارا حشمت وارا، |
|
’دودو‘، ’درياهه خان‘ دُلارا، |
جن جي اڄ واکاڻ آهي سنڌڙيءَ ۾. |
’سسي
–
پنهل‘ ۽ ’راڻو - مومل‘ |
|
’سهڻي
–
ميهر‘، ’نوري‘ نرمل، |
’ڄام تماچيءَ‘ ساڻ آهي سنڌڙيءَ ۾. |
گنگا ۽ جمنا کان بهتر، |
|
ستلج ۽ راويءَ جو رهبر |
مهر ڀريو مهراڻ آهي سنڌڙيءَ ۾.
گج، ڪجرا ۽ چنڙيون، چولا |
|
شلوارون، ڪُڙتا ۽ پٽڪا. |
پيار ڀريو پهراڻ آهي سنڌريءَ ۾. |
|
ڪُلفت،ڪيني،جور،جفا کان، |
|
ڪوڙ، ڪُپت، دولاب، دغا کان، |
هر ڪوئي اڻڄاڻ آهي سنڌڙيءَ ۾. |
جنهن ۾ رهي ٿو مولا راضي، |
|
هر دم سا مهمان نوازي، |
پرديسين جي ڪاڻ آهي سنڌڙيءَ ۾. |
”سائل“ سهڻن سانگيئڙن جي، |
|
محبن، مٺڙن، ماروئڙن جي، |
ٿيندي رس رهاڻ آهي سنڌڙيءَ ۾. |
Ã
”نعيم“ تقوي
مٺڙي مٺڙي شاهه جي ٻولي، جنهن لئه گيت ٿو ڳايان،
دل جي شيش محل ۾ مان پيو قرب جي سيج وڇايان.
شاهه جي نگري، سنڌ سنهاڻي، ساهه سيباڻي آهي،
ڀاڳ ڀلاريءَ ڌرتيءَ تي ٿو جيءَ کان ويتر ڀايان.
شاهه ڀٽائي گهوٽ سونهارا! سڌڙيءَ جا سرتاج،
دل جي اونهائيءَ سان مان پيو تنهنجو جشن ملهايان.
تنهنجي بيتن جي هٻڪارن سان سُرهي ٿي دنيا،
هير ٿي تنهنجي ياد جي مکڙين کي مان ڀاڪر پايان.
ساهه ۾ ڄڻ رابيل جي آ سُرهاڻ ڀريل هيڪاري،
تنهنجي سُهڻي پريت جي خوشبو کي پيو دل ۾ اُپايان.
سڪ جو قسم آ دل ۾ اٿم چانڊاڻ سدائين ’تقوي‘،
شاهه سان قرب جو ناتو آهي، مان به لطيفي آهيان.
Ã
”منير“ سولنگي
منهنجي من مندر ۾ آيا پيارا ماڻهو،
ماکيءَ جهڙن مُرڪن سان من پرڀايون جن؛
منهنجا مٺڙا ڪارين اکڙين وارا ماڻهو،
منهنجي من مندر ۾ آيا پيارا ماڻهو،
ڪي ڪي ماڻهو مجبور ۽ ويچارا ماڻهو،
سوز ۽ سڪ ۾ دل جو سودو هارايو جن؛
منهنجي من مندر ۾ آيا پيارا ماڻهو،
ماکيءَ جهڙن مُرڪن سان من پرڀايون جن.
Ã
غلام محمد ”گرامي“
هڪ انسان
ڪنهن جي مسجد ۾ نه محراب و مصلو نه چراغ،
ڪنهن جي مندر ۾ نه زنّار، صنم ۽ گنگهرو.
ڪنهن جي ديول ۾ نه عيسيٰ، نه صَليب ۽ نه ڪتاب،
ڪنهن جي مذهب ۾ نه ڪينو ۽ حَسَد ۽ نه فساد.
ڪير، مجموعهء اضداد، مسلمان به رهيو،
ڪير، ڪافر ٿي سڏيو، حافظِ قرآن به رهيو.
ڪنهن جي صورت رهي زوليده، پريشان صورت،
ڪنهن جي سيرت رهي پاڪيزه، مسلمان صورت.
ڪنهن جي دل ۾ ٿي رهيو سوز و الَم، درد و گداز،
ڪنهن ٿي مندر ۾ پڙهي عشق و محبت جي نماز.
ڪنهن جي پرسوز صدائن ۾ هو فڪرِ انسان،
ڪنهن جي پُر درد نوائن ۾ پَليو نورِ ضمير.
ڪنهن جي هر لَئي ۾ نهان ٿي ڏٺو طوفان خموش،
ڪنهن جي هر نغمهء جان سوز ۾ تصويرِ الَم.
ڪنهن جي تحرير ۾ عيسيٰ و محمّد جو پيام،
ڪنهن جي تقرير ۾ گوتم ۽ ڪنئيي جو گيان:
ڪنهن چيو.
(متهرا که نگر هي عاشقي کا
–
دم بهرتي هي آرزو اسي کا،
پيغامِ حياتِ جاودان تها
–
هر نغمهء ڪرشن بانسري کا،
وه نورِ سياه تها که ’حسرت‘
–
سر چشمئه فروغ آگهي کا.)
ڪير، ڪافر به ڪمونسٽ، مسلمانُ به هو،
ڪير، گيتا ۽ صحائف سندو نگرانُ به هو.
ڪنهن حقائق تان هٽايا سوين رنگين غلاف،
ڪنهن دقائق جي جهان ۾ سَٺا ڪئي خارَ، خلاف.
ڪنهن جي هر قول تي طوفان بَڪف فتوا آئي،
ڪنهن جي هر حال تي بگڙيو ٿي فرنگي جو مزاج.
ڪنهن حياتيءَ کي ڏنو حريت آموز سبق،
ڪنهن فرنگيءَ جو جلايو هو طلسمِ باطل.
ڪير، بيدار ۽ هوشيار هو، پر رند الست،
ڪير، هو وضع ۾ هڪ مردِ قلندر جي مثال.
شبِ تاريڪ ۾ هو ڪير، چراغِ عرفان،
شبِ ديجور ۾ هو ڪير، محبّت جو نشان.
ڪير، آزاديء انسان جو پيمبر ٿي اٿيو،
ڪير، هو هند ۾ عيسيٰ ٿي صليبن تي چڙهيو.
ڪنهن مساوات و اخوت جو ڏنو هو مرهم،
ڪنهن ٿي اسلام سان گڏ آندو هتي سوشلزم.
ڪنهن جي نعري جي رهي گونج مساواتِ معاش،
ڪنهن جي ڪاوش ۾ رهي امنِ جهان لاءِ تلاش.
ڪنهن مذاهب جي حقيقت سندو عرفان ڏٺو،
ڪنهن ٿي ڄڻ دير و حرم ۾ رڳو سبحان ڏٺو.
ڪنهن خداوند جي تقديس جا نغما ڳايا،
ڪنهن محمد سندا احسان، سڀئي سمجهايا.
ڪنهن ڏٺو، عالَمِ نيرنگ ۾ وحدت جو جمال،
ڪنهن ڏٺو ڪثرت و وحدت ۾ نهان حسنِ ڪمال.
ڪير، انسان، فقط انسان جو شيدائي هو،
ڪير، هر رسم کان باغي هو ۽ سودائي هو.
هندو، مسلم ۽ يهودي هو يا نصراٺي هو،
هو عرب، هندي هو، سنڌي هو يا توراني هو.
ڪير، مجموعه اضداد هو، روحاني هو،
رند، ڪافر هو، ڪمونسٽ هو، قرآني هو،
سو ته يارو فقط هڪ حسرتِ موهاني هو!
(نوٽ: برصغير پاڪ و هند جي مخلص قومي رهنما رئيس الاحرار مولانا
حسرت موهانيءَ جي ياد ۾ 19
–
مئي 1973ع تي ڏيئلداس ڪلب حيدرآباد سنڌ ۾، منعقد
ٿيل آل پاڪسان اردو
–
سنڌي مشاعري ۾ هيءُ نظم خراج تحسين طور پيش ڪئي
ويئي.)
آزاد نظم
Ã
شيخ عبدالرزاق ”راز“
اجنبي مهمان
اي منهنجي جان! منهنجي جانِ عزيز
هي اٿيئي سنڌو درياهه
هي پراڻو جهونو درياهه
جنهن جي عظمت تو ڪتابن ۾ پڙهي هوندي شايد
اي منهنجي اجنبِي مهمان! منهنجي جانِ عزيز
هي اٿيئي سنڌو درياهه
هي اسان جي آ اميدن جو چراغ
هي اسان جي آ مقدر جو نشان
هي اسان جي آ تمدن جو روح
هي اسان جي آ نصيبن جو مقام
۽ اسان جو ايمان!
اي منهنجي جان! ڏسين ٿي سامهون
ها، اهو سامهون سامهون
هي اٿيئي ساڌو ٻيلو
آهي ساڌن جي رهڻ جو آسٿان
يعني سامين جو مقام
جنهن کي هو سنت ڪري ويا برباد
اي منهنجي جان! تون ڇا ٿي سمجهين
ساڌ ۽ رام ويا مهنت ويا سنت ويا
ويا ڦِٽائي هو، وڏو پنهنجو آسٿان.
اي منهنجي جان! هي سنڌو درياهه
جنهن جي قطرن مان بڻيو منهنجو خون
ڄڻ ڪي هي آبِ حيات
هڪ
–
ٻه ڍڪ پيءُ ته اي منهنجي جان!
ڄڻ ته فردوس ۾ ڪوثر پيتئي
هي اٿيئي سنڌو درياهه
جنهن منهنجو ملڪ ڪيو آهه آباد
هو ڏسين ٿي سامهون
هيءَ اٿيئي پل عجوبهء دنيا
يعني انگريز بهادر جي ياد
جنهن کي ٿوڻي نڪو ٿنڀو آهي، اي منهنجي جان!
ڪجهه اڳتي
هو ڏسين ٿي تون پري ٿورو اڳتي
هن طرف، هيڏي ته ڏس، هوڏانهن هوڏانهن
ٿا چون آهي ستين جو آسٿان
جنهن ۾ تاريخ جو هڪ باب لڪل آ ڄڻڪي
جنهن ۾ انسان جي عظمت جو سبق
اي منهنجي جان! اٿيئي سنڌو درياهه
اي منهنجي جان! منهنجي جان عزيز
جنهن جو پاڻي ٿي ڏسين ميرو ميرو
تون نه گهٻراءِ، اهو آبِ حيات
پيءُ ڀري منهنجي جان!
دل ۾ رهجي نه وڃئي آس نراس
۽ ٻجهاءِ پنهنجي اندر جي پياس
پيءُ ڀري منهنجي مهمان!
مان ڀري پنهنجي ٻڪن ۾ ٿو پيئان
دل ڀري پيءُ، ٻه
–
ٽي ڍڪ ٻيا ڀي
جيڪو پاڻي ٿي ڏسين ميرو گدلو
آهي ڄڻ آبِ حيات!
اي منهنجي اجنبي مهمان!
Ã
الهداد ”عاصم“
نئون دور
مٽيءَ جي ماڻهن جا ايثار،
ٻَري ٿيا واٽن جا قنديل.
ڀڄي ويا اوندهه انڌوڪار،
ٽَريا ڏهڪار.
ڳچين جا ڳٽ
ڀڳا، ٿيا پٽ.
مٿي تي ڇَٽَ،
ڳلن ۾ هار،
نوان وهنوار، نوان ويچار،
وري اڄ وڄ ڪيا چمڪاٽ.
اِها ٿي تنهنجي ڏئي جي لاٽ!
اِها ٿي آزاديءَ جي ڦوڪ!
اِها ٿي مستانن جي ڪوڪ!
---
وري اڄ سرنهن ڪيا ڦولار،
وري اڄ چاڳ ڪيا ميهار.
نئين ٿي مرڪ نئين کيڪار،
اِها ٿي ڌرتيءَ جي ڌڌڪار!
مڙيوئي تون آن تون ئي تون،
اِهي ٿي مستن جون رمزون!
اِها ٿي ڀون ڙي اِها ٿي ڀون!
---
وري اڄ کوهن تي کنجڪار!
وري اڄ واهن تي وانگار!
وري اڄ ديرن تي ديدار!
وري اڄ ڇپرن ۾ چمڪار
هي پنهنجا ڇيڄ ته پنهنجا ڇال
هي پنهنجا ميڙ ته پنهنجا مال
اِهي ٿي ڌرتيءَ جا احوال!
اِهي ٿي ڌرتيءَ جا احوال!
---
مٽيءَ مان چور تون پنهنجا چاڪ
مٽيءَ مان اوڙي وجهه افلاڪ.
مٽيءَ مان هونگ، مٽيءَ مان هاڪ،
مٽيءَ تي هار، مٽيءَ جي ماڪ (پگهر)
مٽيءَ مان شان
مٽيءَ سان مان
مٽي انسان!
مٽي ايمان!
مٽيءَ سان قابو آ انسان!
مٽيءَ سان لاڳو آ انسان!
Ã
ملڪ نديم
سؤکا سؤکا ڏاند
ساون ساون وڻن مان،
پن ڇڻن ٿا سڪل سڪل،
سوکا سوکا
ڏاند چرن ٿا
ڏاند ڀڄن ٿا
گوڙ ۽ گهمسان مچي ويو
مچي ويو طوفان وڏو ڪو
–
نچي ٿو هر جوان خوشيءَ مان،
بستي بستي جهومي ٿي،
ويٺو ديو اڪيلو آ
رت جا گلاس هلن ٿا.
سڀ وٺن ٿا وڙهندي وڙهندي،
پيئن ٿا يا هارين ٿا،
منهنجي ڪڍ ڏاند اچي ٿو،
سوني سان سينگاريل آهي،
پوءِ ڀي گوءِ هارايل آهي،
مان ڀڄان ٿو مغرب ڏي،
مون ڏي مشرق اچي ٿو
–
سهڻا ڪي محلات ڏسان ٿو،
ڇت ڪري ٿي محلن جي،
جنت واري سڃ رڙي ٿي،
واريءَ تي ڪا ول سڙي ٿي،
پوڙهو ڏند کڙڪائي ٿو،
ويجهو ان جي ڏائڻ آ ڪا،
چوي ٿو هي زال آ منهنجي،
چون ٿا، هو کانئينداسون،
ساري ڌرتي
پيئنداسون
سارو پاڻي
–
ڀاري ڀاري بوٽن سان،
گهائل گهائل گهوٽن سان
وحشي ڪوئي ساڻ ڏسان ٿو
بندوق هڻان ٿو آءٌ اٿي،
دهڪي تي ڏاند اچن ٿا،
ساون ساون وڻن مان،
پن ڇڻن ٿا سڪل سڪل
ڏاند چرن ٿا سؤکا سؤکا
–
سارو فصل سون ٿي ويو،
خون خون سارو پاڻي،
ماڻهو کائيندا ڇا
–!
(ماس کائن ٿا)
ماڻهو پيئندا ڇا - !
(خون پيئن ٿا)
هرڪو چئي اڳ ۾ کاوان پيئان،
ڊوڙن ٿا هو وحشين جيئان
–
ڏاڍو مٺو آهي
ماس ماڻهوءَ جو
خون ماڻهوءَ جو
–
وڻ سڀيئي سڪي ويا،
ڌڏي وئي ساري ڌرتي،
وڻن مان،
پڻ ڇڻن ٿا سڪل سڪل،
ڏاند چرن ٿا سؤکا سؤکا
–
ڪير چئي ٿو ڪونج مئي؟
سورهيه کي تلوار ڏسان ٿو
ماس ماريءَ جو ڳجهون کائن ٿيون
–
گهوڙا هڻڪن ٿا
اٺ رڙن ٿا،
ماڻهو ڪل ئي ننڊ پيا هن،
ساهه ساهه ۾ خوشبوءِ آ،
بدن بدن ۾ بدبوءِ آ،
سارو شهر خالي آ،
ديو هتي ٿا جهمريون هڻن.
آءٌ سوچيان ويٺو.
منهنجو آخر ڇا ٿيندو؟
وڻن ۾ سرٻاٽ پئجي ويو
ٽارين ۾ ٽڙڪاٽ پئجي ويو،
ساون ساون وڻن مان،
پن ڇڻن ٿا سڪل سڪل،
سؤکا سؤکا ڏاند چرن ٿا
پنهنجا وڏا ڀڀ ڀرن ٿا
ماڻهن جي پو ڪڍ پون ٿا – |