وائي – 1
توڻي تڙين تون،
يا الله تو در توءِ نه ڇڏيان.
مون کي سو مشاهدو، جي مُنهن نه ڏئين تون،
ياالله تو در توءِ نه ڇڏيان!
مون ٻيا در گهڻا نهاريا، آهين تون هي تون،
ياالله تو در توءِ نه ڇڏيان!
توڻي تڙين تون،
يا الله تو در توءِ نه ڇڏيان.
نظم
تو اگر راني مرا اي دلستان،
من نخواهم گشت دور از آستان!
شد به پندارِ من آن ديدارِ تو،
چون به گرداني رُخ از من جانِ جان!
ديده ام درهائي بسيار اي مگر،
هر کجا ذاتِ تو پنهان هم عيان!
من نخواهم رفت بالله از درت،
تو اگر راني مرا اي دلستان!
شعر
آءٌ جيئندي ڪينءَ، |
|
ياالله مون مسافر سپرين! |
مون کي ڇڏي هلئا، |
|
هاڻ ڪريان ڪينءَ. |
شعر
ميسّر کجا زندگي را سکون،
چو آن ماهِ سيما مسافر بود!
مرا سوز هجران بجان داد و رفت،
چه کرده شود غم چو وافر بود!
وائي – 2
هي ٻه ڳالهڙيون،
آءٌ اورينديس پرينءَ سين!
ڳالهيون پرين تنهنجون، وڌي وَل ٿيون،
آءٌ اورينديس پرينءَ سين!
گوشي پرين نه گڏئا، پِر سين مون نه ڪيون،
آءٌ اورينديس پرينءَ سين!
نظم
حکايتهائي به پايان،
به آن گلفام خواهم گفت!
فزون تر در خيالِ من،
فسانه هائي تو چندان،
به آن گلفام خواهم گفت!
فتادم دور از خلوت،
نه گفتم هيچ بادگران،
به آن گلفام خواهم گفت!
]نوٽ:
هن سُر کنڀات ۾ ٽيهارو کن بيت اُهي شامل ڪري،
ترجمو ڪيا ويا آهن، جي ٻين رسالن ۾ موجود نه آهن.
البت محترم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي شايع ڪيل ”سُر
کنڀات جي مطالعي“ تان ورتل آهن.[
سُرود کنبات ختم شد)
------------------------
صحت نامه سرود کليان
í
غلط |
صحت |
صفحه |
سطر |
کشتن |
کن |
83 |
11 |
عجيب |
عجب |
84 |
6 |
نظارا |
نظاره |
86 |
3 |
همان |
مَهان |
91 |
18 |
نيابد |
نيايد |
91 |
19 |
--- |
همان |
98 |
22 |
دارد |
آموخت |
102 |
20 |
í
”مهراڻ“ نمبر 1 – 2، سال 1973ع ۾ شايع ٿيل ’سرود
ڪلياڻ‘ جو صحتنامو.
(صحت نامه سرود کليان که در ’مهران‘ شماره 1 – 2، سال 1973ع
شايع شده).
---------------------------------
”زمين تي رهندڙ هر هڪ ماڻهوءَ ۽ هتي جي هر هڪ شيءِ جي ذميداري
اسان مان هر هڪ تي آهي: اِهو آهي اُهو علم، جيڪو
سڄيءَ ندگيءَ جو نچوڙ آهي، ۽ اهو ئي علم اُهو سوز
۽ گداز عطا ڪري ٿو، جنهن جو ٻيو نالو ”محبت“ آهي –
لازوال ۽ عالمگير محبت. اِهائي اُها قوت آهي، جنهن
جي ذريعي اسين سڄيءَ دنيا کي وس ۾ آڻي سگهون ٿا ۽
ڳوڙها ڳاڙي، اُن کي گناهن کان پاڪ ڪري سگهون ٿا.“
-- دوستو وسڪي.
---------------------------------
---------------------------------
”قباحت ۽ حسن هڪ لڱا سمنڊ جي ڪناري تي اچي ملاقي ٿيا.
هڪٻئي کي چيائون، اچو ته سمنڊ ۾ وهنجون. پوءِ ڪپڙا
لاٿائون ۽ وڃي پاڻيءَ ۾ تڙڳيا. ٿوريءَ دير کان
پوءِ قباحت موٽي ڪناري تي آئي، ۽ حسن وارا لٽا
اوڍي رمندي رهي. حسن به سمنڊ مان نڪري ٻاهر ٿيو ۽
ڏٺائين ته سندس ڪپڙا هئا ئي ڪونه؛ اگهاڙپ سوُ رئون
نهايت شرمايو پئي، سو قباحت واري وڳي سان ئي کڻي
پاڻ ڍڪيائين. پوءِ حسن پنهنجي واٽ وٺي هليو ويو.“
”بنهه اڄ سوڌو، ماڻهو حسن کي قباحت ۽ قباحت کي حسن ڪريو
پيا سمجهن. ته به، ڪي آهن، جن حسن جو مکڙو پسيو
آهي، ۽ اڌاري ويس ۾ به ان کي سڃاڻن ٿا؛ ۽ ڪي آهن،
جن کي قباحت جي مڪروه مهانڊي جي ڄاڻ آهي، ۽ حسن
وارو ويس قباحت کي سندن اکين کان لڪائي نٿو.“
--خليل جبران.
---------------------------------
نجم عباسي (ڪهاڻي)
شاگرد جو قاتل
هو اسپتال ۾ رهڻ کان انڪار ڪرڻ لڳو.
مون کي هن جي ضد جو ڪو ظاهري سبب ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. هو
مشڪل سان ڳالهائي ٿي سگهيو ۽ ڳالهائڻ جي وچ وچ ۾،
پنهنجي سڪل چپن تي زبان ٿي ڦيريائين. ڏاڍو ضعيف ۽
زرد ٿي نظر آيو، اکيون ڏرا ڏئي ويون هيس، ۽ هن تي
نيم بيهوشيءَ جي حالت ڇانيل هئي. هن جي مٿي جا وار
اڻڀا ۽ کنڊڙيل، چهري تي ڏاڙهيءَ جو ڊَڀُ اُسريل،
منهن تي تڪليف کان وڌيڪ فڪر جا اهڃاڻ، پيڙا کان
سرس پريشاني.
هٿ لڳائڻ تي هن جا عضوا ٽانڊن وانگر ٻرندي لڳا. هن کي
مدي جو تپ هو.
هن جي گهڙيءَ گهڙيءَ مون ڏي گهورڻ ڪري مون هن جي نيڻن ۾
چتائي ڏٺو. انهن نماڻن ۽ نٻل نيڻن ۾ ڇا هو!....
التجا؟ بي آرامي؟ بيوسي؟ انتظار؟ خوف؟ هراس؟
تپ تپاسڻيءَ ۾ هن جو تپ ڏسندي، سندس ساٿين کي چيم، ”هن
کي اسپتال ۾ داخل ڪرايو. هتي رهڻ سان ئي هن جو ٺيڪ
علاج ٿي سگهندو.“
مريض چيو ”نه ڊاڪٽر صاحب! مان هتي رهي ڪونه سگهندس. مون
کي اهڙي ڪا سئي هڻو يا دوا ڏيو، جو اڄ جو اڄ بخار
ٽٽي پوي. مان هينئر ئي واپس هاسٽل ڏي ويندس.“
”تنهنجو اسپتال ۾ رهي علاج ڪرائڻ ضروري آهي.“
”سائين.... سائين! مان ڏاڍو لاچار آهيان، مان توهان کي
ڪيئن سمجهايان....“
هن جي نٻل نيڻن جون ڀُورڙيون پنبڻيون، ماڪ ۾ ڀنل ڪڻڪ جي
سنگ جي بُجن وانگر پُسي ويون.
”ادل، تون اسپتال ۾ رهڻ کان ڇو ٿو گهٻرائين، مڙئي خير
آهي، جلدي نوبنو ٿي ويندين.“ مون هن کي آٿت ڏنو.
”سائين امتحان ۾ باقي ٻه هفتا آهن، ۽ مون کي پڙهڻو
آهي.“ هن جي پنبڻين جي ماڪ، لار ٿي نڪتي.
هو انجنيئريءَ جو شاگرد هو، ۽ هن جو هي پويون امتحان
هو. هن سان گڏ آيل دوستن مان معلوم ٿيم ته هو تيز
تپ جي حالت ۾ به پڙهندو ۽ محنت ڪندو رهيو آهي؛
ايتريقدر جو اسپتال مان دوا وٺڻ به نه آيو ته اهو
وقت به ڇو ضايع ٿئي.
شاگردن لاءِ هي وقت ڏاڍو نازڪ هوندو آهي. ساري سال جي
قسمت جو فيصلو امتحان واري هفتي ۾ ئي ٿيندو آهي.
ان ڪري هنن واسطي سال جي پڇاڙيءَ وارا ڏينهن ڏاڍا
اهم هوندا آهن. پورن ٻارهن مهينن جي ڪاميابيءَ جو
مدار، هن وقت جي محنت ۽ مطالعي تي هوندو آهي.
هو به اول ته ڪڻس کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
پهرين ڏينهن ڪنبندو ۽ ڪنجهندو رهيو، پر ٻارهين بجي
رات کان اڳ، پڙهڻ جي پچر نه ڇڏيائين. ٻيو ڏينهن پڻ
سارو وقت ڪتابن ۾ گم رهيو. بخار ته ساندهه رهندو
پئي آيس، ۽ جيئن پوءِ تيئن ان ۾ شدت ايندي ٿي
ويئي.
نيٺ جڏهن غنودگيءَ جي حالت طاري ٿيس ۽ وڦلڻ لڳو، تڏهن
سندس دوست اسپتال ۾ کڻائي آيس. هينئر به هو اسپتال
۾ رهڻ لاءِ راضي نه هو.
هن حالت ۾ هن کي جسماني خواهه دماغي آرام ۽ ٺاپر جي
ضرورت هئي. گهمڻ ڦرڻ يا ذهني پريشاني يا دماغي ڪم،
هن جي حياتي خطري ۾ وجهي ٿي سگهيا.
ڪجهه سمجهائي، ڪجهه دم دلاسو ڏئي، ۽ ڪجهه مجبور ڪري، هن
کي وارڊ ۾ داخل ڪرايو ويو.
واپس ويندڙ سنگتين کي هو حسرت سان ڏسندو رهيو، ڄڻ ته
موڪل جو گهنڊ وڳو هو؛ ٻيا شاگرد گهرن ڏانهن ٿي
ويا، پر سبق ڪَچي هجڻ ڪري، ماستر سزا طور هن جي
موڪل بند ڪري، هن کي ڪلاس ۾ روڪي رکيو هو.
رات جو آءٌ هن کي ڏسڻ ويس. ان وقت هن کي تمام تيز بخار
هو. هو پنهنجي هوش حواس ۾ نه هو. ڏٺم ته ڪي ڪتاب ۽
نوٽبڪ هن جي وهاڻي هيٺان پيا هئا، جي شايد هن جي
ڪنهن هم ڪلاسيءَ هن جي منٿ ميڙ ڪرڻ تي هن کي آڻي
ڏنا هئا.
هو وڦلي به رهيو هو: ”مان ضرور پاس ٿيندس… مان اسپتال ۾
ڪونه رهندس… هتي آءٌ ڪيئن پڙهي سگهنديس… ٿيئري آف
اسٽرڪچر ڏاڍي ڏکي آهي… واٽر سپلاءِ ائنڊ ڊرينيج به
پڙهڻي اٿم… اريگيشن جو چيپٽر اڌ ۾ ڇڏيو اٿم....
بابا، ڏسو ڊاڪٽر مون کي ٻڌي ويهاريو آهي… ڏسو ٻيا
سڀ امتحان جي هال ۾ لکي رهيا آهن…“
ٻئي ڏينهن صبح جو، جنهن وقت هن جو ٽيمپريچر قدري گهٽ
هو، ان وقت نرس کي چيائين ”سسٽر، مان هاڻي ٺيڪ
آهيان ۽ واپس هاسٽل ويندس.“
نرس هن کي سمجهائيندي چيو ”تون ڪافي ڪمزور آهين، توکي
هلڻ چلڻ نه گهرجي، ٽيمپريچر به اڃا آهي.“
پر هو ضد ڪرڻ لڳو ته ضرور ويندس. مون کي سڏايو ويو.
منهنجي به نه پيو مڃي. آخر ٻن ڄڻن جو پهرو بيهاري
ڇڏيم ته هن کي هنڌ تان اٿڻ نه ڏين. هو وري ڪتاب
کولي پڙهڻ لڳو، پر ريهي ريبي اهي پڻ هن جي قبضي
مان ڇڏايا ويا.
ان جي ٽئين ڏينهن تي هو اسپتال مان غائب ٿي وڃڻ ۾
ڪامياب ٿي ويو. هن پنهنجي هڪ گَهري دوست کي آزي
نيزاري ڪئي ته ”هاڻي مان پاڻ کي گهڻو بهتر ٿو
محسوس ڪريان. تون مون کي هاسٽل وٺي هل. آءٌ وعدو
ٿو ڪريان ته اتي ڪتاب کي هٿ ڪونه لڳائيندس. تون
وڏي آواز سان پڙهجانءِ ته آءٌ اهو رڳو ٻڌندس.
اهڙيءَ طرح منهنجو به دؤر ٿيندو رهندو.“
هن جو دوست، هن جي ڳالهائڻ جي طريقي ۽ نماڻين نظرن کان
ڏاڍو متاثر ٿيو. هن تي ڪهل اچي ويس. ٽانگو وٺي آيو
۽ ٻين کان نظر بچائي، هن کي سهارو ڏئي، وارڊ مان
ٻاهر ڪڍي ويو.
حقيقت هيءَ هئي ته ان حالت ۾ بيمار کي ناڙي ڇوڙ ۽ جهنگ
جو خيال به بستري تي ليٽندي ليٽندي ڪرڻو هو؛ ڪٿي
رهيو پنڌ ڪرڻ، ڏاڪڻ لهڻ ۽ ٽانگي جا لوڏا! ان ڪري
آنڊي جي ڦٽن ڦاٽڻ جو انديشو هو. هو پنهنجي پيرن تي
نه، پر مٿي تي پنهنجي پاڻ کي ڪهاڙو هڻي رهيو هو.
هو هڪ سال بچائڻ جي فڪر ۾، زندگيءَ جي خاتمي جو
سامان پيدا ڪري رهيو هو…
مون کي خيال آيو: ”هڪ شاگرد، جو ڪنهن حادثي ڪري، يا
اوچتي بيمار ٿي پوڻ سبب، يا پروگرام وغيره جي غلط
فهميءَ جو شڪار ٿي، يا گاڏي گسي وڃڻ، ڪارڻ امتحان
۾ حاضر ٿي نٿو سگهي؛ سڄو امتحان ته پري رهيو، پر
رڳو هڪ پيپر ۾ نه ويهڻ ڪري به هو ناپاس ٿي پوي ٿو؛
پوءِ ڀلي ته هو سارو سال ڪلاس ۾ باقاعدي حاضر رهيو
هجي، ذهين هجي ۽ سدائين ايمانداريءَ سان محنت ڪئي
هجيس!“
ٻن ڏينهن کان پوءِ هن کي وري اسپتال ۾ کڻائي آيا. صفا
بيهوش هو. هينئر، هو جيئرو جنازو نظر اچي رهيو هو.
سرءُ جي سڪل پنن جهڙو رنگ، بي رونق ۽ بي رنگ چهرو،
سڪل سڙيل ۽ بيحس بدن. هڏن مٿان چمڙي چڙهيل هئي ۽
بس.
امتحان جي ڀوت هن جي دل ۽ دماغ کي بيڪار بنائي ڇڏيو هو.
ڪتابن هن جو رت پِي ڇڏيو هو؛ اکر وڇون ۽ واسينگ
بنجي هن جي نس نس ۾ زهر ڀري چڪا هئا. هن جي چهري
تي مون کي اهو ڀيانڪ پاڇولو نظر اچي رهيو هو، جو
مرندڙ انسانن ۾ ڏسندو رهيو آهيان.
حياتيءَ ۽ موت جي ڪشمڪش جاري رهي. هو وڦلندو به هو. اهو
ئي ته ”بابا، مان امتحان ۾ ضرور ويهندس...... بابا
مان امتحان ۾ ضرور پاس ٿيندس!“
آنڊي جا زخم ڦاٽي چڪا هئا. پيٽان رت اچي رهيو هو، ۽ پيٽ
بري طرح ڦوڪجي ويو هوس. آپريشن جي لائق به ڪونه
هو. ڪابه تدبير ۽ دوا ڪارگر نٿي ٿي. بيمار جي حالت
پؤڻي پوندي ويئي.
هڪ ڏينهن پرهه ڦٽيءَ مهل مون کي وارڊ ۾ سڏ ٿيو. شاگرد
پوين پساهن ۾ هو.
سانتيڪي ۽ اداس وارڊ ۾، هن جي کٽ جي پاسي ۾ نرس، وارڊ
بواءِ ۽ ڀر وارو مريض بيٺا هئا. صبح جو امتحان
ٿيڻو هو، ان ڪري هن جي هم ڪلاسين ۽ جگري دوستن مان
ڪوبه اتي موجود ڪونه هو. انهن مان ته پوين ٻن
ڏينهن ۾ ڪوبه هن جي سار سنڀال لهڻ ڪونه آيو هو. هن
جو ڪو مٽ مائٽ به ڪونه آيو هو. شايد امتحان جي
مصروفيت ڪري، هن جي ڪنهن به سنگتيءَ هن جي والدين
ڏي هن جي بيماريءَ جو اطلاع ڪونه موڪليو هو. ان
ڪري ڪوبه هن خاطر ڌڻيءَ در اها دعا گهرڻ وارو ڪونه
هو ته ”منهنجي ٻچي جي بيماري مون کي ملي ۽ هو
جواني ماڻي!“
نرس، وارڊ بواءِ ۽ ساٿي مريضن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا.
مون نرس کي، هن کي ڪورامن جي سئي هڻڻ لاءِ چيو.
هن جي وهاڻي هيٺان ڪتاب ڏسي، مون کي روحاني صدمو پهتو.
اهي ڪتاب ئي ته هن نوعمر ۽ امنگن سان ڀرپور شاگرد
جا خوني آهن! هو ڪتابن جي بوجي هيٺ دٻجي ۽ چيڀاٽجي
ويو هو.... پر نه، ڪتاب ڪنهن جو موت آڻي نٿا
سگهن.... تڏهن هن مضبوط ارادي جي مالڪ ۽ باهمت
نوجوان جو قاتل ڪير آهي؟
وهاڻي هيٺان رکيل ڪتاب هٽائيندي، انهن مان هڪڙو اڌ کليل
خط ڪِري پيو. مون اهو پڙهي ڏٺو. هن جي پيءُ وٽان
هو.
هن طرح هو:
”پيارا پٽ! تنهنجي امتحان ۾ باقي ڪي ڏينهن وڃي بچيا
آهن. اميد ته تون خوب محنت ڪندو هوندين. ڌڻي توکي
ڪاميابي عطا ڪندو. توکي هي ٻه – چار جملا هڪ بار
وري اهو ياد ڏيارڻ لاءِ لکي رهيو آهيان ته توکي هن
سال ضرور پاس ٿيڻو آهي. توکي ته خبر آهي ته ڪهڙين
حالتن هيٺ آءٌ تنهنجي تعليم جاري رکي سگهيو آهيان.
سالن جا سال پنهنجي ڪٽنب کي پٿر پيٽ سان ٻڌي ۽ ڇنل
ڦاٽل چوڙي گذارڻو پيو، پر توکي ضرورت جي رقم
موڪليندو رهيس.
”گذريل سال، جڏهن مون کي پينشن تي لهڻو پيو، تڏهن مون
وٽ هڪڙي ڪاري ڪوڏي به بچيل ڪانه هئي. ان وقت کان
وٺي توکي پڙهائڻ ۽ گهر جي خرچ پکي هلائڻ واسطي مون
کي قرض کڻڻو پيو. هيل تائين ٻه هزار کن اڌارا وٺي
چڪو آهيان. قرض صرف انهيءَ آسري تي کنيم ته تنهنجو
پويون سال آهي ۽ پوءِ تون نوڪريءَ تي چڙهندين، خدا
گهريو ته گنج ٿي پوندا ۽ سڀ تڪليفون دور ٿي
وينديون.
”پينشن، جا مون کي اسي رپيا در ماهه ملندي، اها به سال
ٿي ويو، پر اڃا منظور ڪانه ٿي آهي. آفيسن ۾ اهڙو
انڌ ڌنڌ لڳو پيو آهي، جو ان جي منظوريءَ ۾ اڃا به
ٻه – ٽي سال لڳي وڃن ته شڪ نه آهي.“
”ٻين ڪمن ڪارين واسطي به پئسن جي ضرورت پوندي، جيئن ته
تنهنجي ڀيڻ جي شادي، جاءِ جي مرمت، گهر جو خرچ،
وغيره. تنهنجو ڀاءُ به هن سال هاءِ اسڪول ۾ داخل
ٿيندو، هن کي به هاڻي پئسا ڏيڻا پوندا. پٽ، هاڻي
اهي هڙئي بار توتي آهن. اسان جي ڪٽنب جون تو ۾ ئي
اکيون آهن.
”دل لائي پڙهندو رهجانءِ. امتحان پورو ٿئي ته هڪدم ڳوٺ
هليو اچجانءِ. سڀني کي تنهنجي سڪ لڳي آهي. تنهنجي
ننڍي ڀيڻ توکي ڏاڍو ياد ڪندي آهي. هن لاءِ رانديڪو
وٺي اچجانءِ...“
مون مريض طرف نهاريو، ۽ پاڻمرادو منهنجو هٿ هن جي نبض
تي پهتو..... هو پري پهچي چڪو هو، تمام پري!
شوڪت حسين شورو
فيصلو
هن واچ ۾ ٽائيم ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪمري ۾ ايندڙ چنڊ جي
هلڪي روشنيءَ ۾ هن اندازو لڳايو ته رات جا ٽي ٿي
چڪا هئا. نيڻ ننڊ کان وانجها هئا ۽ هن جو مغز ڳرو
ٿي پيو هو. هن زور ڪري اکيون بند ٿي ڪيون ته ويتر
اکين ۾ سور ۽ مغز ڳرو ٿي ٿي پيو. ذهن ۾ عجيب عجيب
شڪليون ٺهڻ ٿي لڳيون. هن وري يڪدم اکيون کولي ٿي
ڇڏيون. چوڌاري ماٺ ميٺ هئي، فقط ڇت واري پنکي جو
گهوگهاٽ هو. هن بيچينيءَ مان پاسو ورايو، جيڪو هن
کي ڏکندو محسوس ٿي رهيو هو. پوءِ هو سنئين ڪنڊي
ليٽي پيو ۽ ڇت ڏانهن نهارڻ لڳو. هن جون اکيون تيز
ڦرندڙ پنکي ۾ اٽڪي وچڙي پيون. هن کي محسوس ٿيو ته
هن جو ذهن تيز ڦرندڙ پنکي سان گڏ ڦري رهيو هو، تيز
تيز، تمام تيز....هو گهٻرائجي يڪدم اٿي ويٺو. هن
جي نرڙ تي پگهر جا ڦڙا نڪري آيا. هو کٽ تان اٿي
ڪمري جي در وٽ اچي بيٺو. سامهون کٽن تي سندس پوڙهي
ماءُ ۽ ننڍي ڀيڻ ستل هيون. ننڊ ۾ سندس ڀيڻ عذرا جي
چپن تي اڻ لکي معصوم مرڪ هئي. هن ماءٌ ڏي ڏٺو،
جنهن جي منهن ۾ عمر کان وڌيڪ ڏکن ۽ تڪليفن جا گهنج
پئجي ويا هئا. هو ڳچ دير تائين ماءُ جي منهن ۾
نهاريندو رهيو. هن جي دل ڀرجي آئي، ۽ نظرون ڦيرائي
ڇڏيائين. هو ڪمري ۾ موٽي، پنهنجي کٽ تي اچي ڪِريو.
”اوه منهنجا خدا! آءٌ ڇا ڪريان.... ڇا ڪريان!“ هن
پنهنجي ذهن ۾ متل جنگ کان بيزار ٿي پنهنجو پاڻ کي
چيو. ”آخر آءٌ ڪهڙو فيصلو ڪريان! نازان جي لاءِ
پنهنجي ماءُ ۽ پنهنجو گهر ڇڏيان! ان ماءُ کي ڇڏي
ڏيان، جنهن مون کي پنهنجي جيءَ جو جياپو سمجهيو
آهي! يا آءُ پنهنجين خوشين جو گلو گهُٽي ڇڏيان!
مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي ته آءٌ ڇا ڪريان!“
هن منهن ٻانهن ۾ لڪائي ڇڏيو. هن جو ذهن سوچي سوچي،
ٿڪجي ساڻو ٿي پيو هو، پر ڪوبه فيصلو نه ڪري سگهيو
هو. هن کي ائين ٿي لڳو ته فيصلي ڪرڻ جي قوت ڄڻ ختم
ٿي چڪي هئي. پر هن کي نيٺ فيصلو ڪرڻو هو، ڪنهن
هڪڙيءَ ڳالهه تي پهچڻو هو. هو پنهنجي پيار لاءِ
پنهنجي ماءُ کي ڇڏي يا پنهنجي ماءُ کي پنهنجي پيار
لاءِ ڇڏي! هارون جي لاءِ، هن گهڙيءَ، اهو فيصلو
موت ۽ زندگيءَ جي فيصلي کان گهٽ نه هو. پر نه، موت
ڪهڙو ۽ زندگي ڪهڙي؟ ماءُ، جنهن هارون کي پنهنجي
زندگي ڏني هئي، پنهنجو رت ست ڏنو هو؛ اهڙي ماءُ،
جنهن جي پيار ۾ سمنڊ جي گَهرائين کان وڌيڪ گَهرائي
هجي، ان کي هو ڪيئن ٿي ڇڏي سگهيو! ٻئي طرف نازان
هئي، جيڪا هن جي ويران ۽ اڻڀي زندگيءَ ۾ گلن جي
سرهاڻ کڻي آئي هئي؛ جنهن هن سان گڏ گهارڻ جو سوڳنڌ
کنيو هو. هو آخر ڪنهن کي ڇڏي! هن جو ذهن چاڪيءَ جي
ڍڳي وانگر ڦري گهري وري هڪڙي ئي هنڌ اچي بيهي ٿي
رهيو، اڳتي وڌڻ جي ڪابه واهه ڪانه هئي. راهه ٻنهي
طرفن کان بند هئي،هو ڄڻ رستي جي وچ تي منجهيل
منجهيل ۽ وائڙو وائڙو بيٺو هو.
ڪالهه شام جو نازان جي ماءُ هن کي سڏايو هو. هن هارون
سان ڪي تمام ضروري ڳالهيون ڪرڻ ٿي چاهيون. هن چيو،
”توکي منهنجيون ڳالهيون شايد عجيب لڳن، پر صورتحال
ڪجهه اهڙي آهي جو توسان صاف صاف ڳالهين ڪرڻ کان
سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونهي. اهي ڳالهيون هونءَ ته
ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي مائٽن جي وچ ۾ ٿينديون آهن، پر
انهن ڳالهين بابت فيصلو توکي ڪرڻو آهي، ان ڪري آءٌ
سڌو سنئون توسان ڳالهائڻ چاهيان ٿي.“
هارون هٻڪندي چيو، ”آءٌ پوري ڌيان سان ٻڌي رهيو آهيان،
اوهان چئو.“
نازان جي ماءُ وڌيڪ ڳنڀير ٿي چيو، ”هارون! توکي خبر آهي
ته هن گهر ۾ فقط اسين ٻه ڄڻيون زالذات رهون ٿيون.
خدا کان سواءِ اسان جو ٻيو ڪير به ڪونهي. اسين هڪ
ٻئي کي ويجها آهيون، ۽ هڪٻئي جي حال جي سڀ خبر
اٿئون. نازان جي پيءُ جي گذاري وڃڻ کان پوءِ اسين
ٻئي ماءُ ڌيئر بي سهاري بڻجي ويون هيونسين. ان وقت
نازان پنجن سالن جي هئي. مون اڪيلي سر حالتن کي
منهن ڏنو. مشين تي ڪپڙا سبي گذرسفر ڪري، تڪليفون
سور سهي، نازان کي پاليو. منهنجي زندگيءَ جو وڏي ۾
وڏو مقصد نازان جي زندگيءَ کي سنوارڻ هو، ۽ هينئر
نازان ئي منهنجو سهارو آهي.“ هن هارون تي نظرون
کپائي چيو، ”تون ئي ٻڌاءِ هارون! ڇا آءٌ پنهنجي
حياتيءَ جو سهارو ٻئي جي حوالي ڪري ڇڏيان! آءٌ هن
عمر ۾ پراون درن تي ڌڪا کائي مري وڃان!“ نازان جي
ماءُ چپ ٿي ويئي. هارون کان هڪ اکر به نه اُڪليو.
هن کي سمجهه ۾ نٿي آيو، آخر ڇا ڳالهائي!
وري به نازان جي ماءُ ئي ڳالهايو، ”آءُ نٿي چاهيان ته
نازان پنهنجي حياتي مون لاءِ ڳاري ڇڏي. نه نه،
نازان جي خوشيءَ لاءِ ته آءٌ سڀڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار
آهيان. آءٌ رڳو ايترو چاهيان ٿي ته هوءَ شادي ڪري،
مون سان گڏ هن گهر ۾ رهي. تون جيڪڏهن مون کي
خودغرض سمجهين ته ڀلي سمجهه، پر مون لاءِ ٻي ڪابه
واهه ڪانهي.“
تڏهن هارون گهٽيل آواز ۾ ڳالهايو، ”نه ماسي، آءٌ اوهان
جي مجبورين کي سمجهي سگهان ٿو.“ پر خود هِن جون به
ته ڪي مجبوريون هيون. هِن جي مَن ۾ هاهاڪار متل
هو.
”هارون! هاڻي تنهنجي فيصلي جي ضرورت آهي.“ نازان جي
ماءٌ جو آواز هو.
هارون منجهي پيو، پوءِ هن چيو: ”مون کي ڪجهه سوچڻ جي
مهلت ڏيو، ماسي.“
نازان جي ماءُ هن جي مونجهاري کي سمجهي ويئي. ”شايد تون
يڪدم فيصلو نه ڪري سگهين. ان ڪري تون ڀلي ڪجهه وقت
ٿڌي دل ۽ دماغ سان سوچ. يڪدم ڪيل جذباتي فيصلا
اڳتي هلي نقصان پهچائيندا آهن. تون پنهنجن مائٽن
سان به صلاح ڪر. اهو ڏاڍو ڏکيو مسئلو آهي، پُٽ.“
هارون هن کان موڪلائي ٻاهر آيو. اڱڻ ۾ رڌڻي جي در وٽ
نازان ٽيڪ ڏيو بيٺي هئي. هوءَ ڪيتريءَ دير کان ان
هڪ ئي جاءِ تي بيٺي، پيڙا ڀوڳي رهي هئي. هارون کي
ڏسي هن ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو. هارون هن جي اڳيان وڃي
بيٺو.
”نازو!‘ هن گهُٽيل آواز ۾ سڏ ڪيو. نازان اکين جي ڇَپرن
۾ اٽڪيل لڙڪن کي لِڪائڻ جي لاءِ منهن ٻئي طرف
ڦيرائي ڇڏيو. هارون جي من ۾ آيو ته اڳتي وڌي نازان
جا لڙڪ اُگهي. هن جو رڳو هڪڙو پير وڌيو ۽ پوءِ پٿر
بنجي ويو. ”مون کي ڪهڙو حق آهي نازوءَ جي لُڙڪن
اگهڻ جو.....“ هن سوچيو هو ڪيڏو نه بيوس هو، ڪيڏو
نه لاچار هو – ڄڻ ڪو اپاهج هو، جنهن جي وس ۾ ڪجهه
به نه هجي. هو رڳو ايترو به چئي نٿي سگهيو، ’نه
رو، نازو نه رو....‘ پر اها ڳالهه اجائي ۽ رسمي
لڳي ها. ماڻهو جڏهن ٻيو ڪجهه نه ڪري سگهندو آهي،
تڏهن رڳو روئي سگهندو آهي. روئڻ بيوسيءَ ۽
لاچاريءَ جو ۽ ڪجهه نه ڪري سگهڻ جو اظهار آهي. هن
کي ائين لڳو ته جيڪڏهن هو اتي ڳچ دير بيٺو ته پوءِ
ڄمي پٿر بنجي ويندو. هن هڪ ڊگهو ساهه کنيو ۽ هن جي
واتان نڪتو، ”دل نه لاهه نازو، ڪو بِلو ٿي پوندو.“
۽ پوءِ هو تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري ويو، ڄڻ اتي وڌيڪ
ترسندي ڊڄندو هجي. ’پر جيڪڏهن آءٌ پٿر بنجي وڃان
ها ته وڌيڪ سٺو ٿئي ها منهنجي لاءِ. گهٽ ۾ گهٽ
هيئن عذاب ته نه سهان ها. جيڪر آءٌ رڳو پٿر هجان
ها، ٻيو ڪجهه نه هجان ها‘. هارون سوچيو.
هن پاسو ورائي ڪمري کان ٻاهر ڏٺو. پرڀات جي هلڪي هلڪي
اڇاڻ پڌري ٿي رهي هئي. هن جي اک هڪ کَن جي لاءِ به
ڪانه لڳي هئي. ’سگهوئي امان اٿندي ۽ مون کي جاڳندو
ڏسي پريشان ٿيندي‘. هارون نٿي چاهيو ته سندس ماءُ
هروڀرو پريشان ٿئي. هن جي پنهنجي ماءُ سان ڏاڍي
دل هئي. هو ماءُ جي ٿوري تڪليف به سهي نه سگهندو
هو. سندس ماءُ بيمار ٿيندي هئي ته هو ماءُ کان
وڌيڪ پريشان ٿي ويندو هو. اهو هن جو ننڍي هوندي
کان ئي سڀاءُ ٿي ويو هو، ته جڏهن سندس ماءُ بيمار
ٿيندي هئي تڏهن هو ايترو ته منجهي پوندو هو، جو
کيس ڪابه ڳالهه ڪانه وڻندي هئي. پهرين ته رانديون
ٻانديون ڇڏي ماءُ جي ڀر وٺي ويهي رهندو هو. ماءُ
کان هن جي اها پريشاني ڏٺي نه ٿيندي هئي ۽ هوءَ
زور ڪري کيس راند ڪرڻ لاءِ موڪليندي هئي، پر راند
۾ هن جي دل نه لڳندي هئي، هو ذري ذري راند ڇڏي
ماءُ کي ڏسڻ ايندو هو ته ڪيئن آهي. پاسي ۾ اچي
بيهي پڇندو هو، ”امان! گنگي تلي آهين“ هن جي ماءُ
مرڪي مٿي تي هٿ ڦيري چوندي هئي: ”ها بابا! آءٌ
گنگي تلي آهيان، تون وڃي راند ڪر“ هن جي ننڍڙي
معصوم دل ۾ الائي اهو خيال ڪيئن ايندو هو ته
جيڪڏهن امان مري ويئي ته .....! هو روئڻ لڳندو هو
۽ سوچيندو هو ته آءٌ به امان سان گڏ مري ويندس.
هو جڏهن سوچڻ سمجهڻ جهڙو ٿيو، تڏهن هن کي خبر پئي ته
ماءُ سان سندس ايڏي دل ڇو هئي؟ هن جي ماءُ ڏاڍي
دکي هئي. شادي ٿيڻ کانپوءِ، سواءِ ڏکن ۽ تڪليفن
جي، ٻيو هن کي ڪجهه به پلئه ڪين پيو هو. هن جي
زندگيءَ ۾ ڪا خوشي آئي هئي ته به وڄ جي چمڪاٽ
وانگر، نه ته ٻاٽ اوندهه هئي. هوءَ جيئن ئي پرائي
گهر ۾ آئي، تيئن ئي گهر جي ماڻهن جي ساڻس نه پئي.
هن جو مڙس، جيڪو گهر ۾ پاڻ کي بدنصيب ۽ لاچار
سمجهندو هو، تنهن ان لاچاريءَ ۽ بدنصيبيءَ ۾ هارون
جي ماءُ کي به ڀاڱي ڀائيوار ڪيو. هارون جڏهن وڏو
ٿيو، تڏهن هن کي پنهنجي ماءُ، ڌرتيءَ وانگر لڳي
هئي، جنهن الائي ڪهڙا ڪهڙا ڏک ۽ ڪهڙا ڪهڙا ويڻ سٺا
هئا، پر ڌرتيءَ وانگر گونگي بنجي، سڀڪجهه سهندي
وئي. هن جي ماءُ جو اندر ڪاٺ کي لڳل سُري وانگر
کاڄي کوکلو ٿي ويو هو. پر پوءِ به هن جي ڏکويل ۽
مرجهايل دل ۾ صبر جو اٿاهه سمنڊ سمايل هو، جنهن جي
ڪا لکائي ڪانه ٿئي پئي. هارون جو ننڍڙو پتڪڙو وجود
هن جي لاءِ وڏي آٿت هو. هوءَ جيئري هئي ته رڳو
هارون جي لاءِ، هارون هن جي جيءَ جو جياپو هو.
هارون ماءُ جي پيار جي پورهئي سبب ان لائق بنيو هو، جو
هو نه رڳو پنهنجو، پر پنهنجي گهر جو بار به کڻي
سگهيو هو. هينئر جڏهن هن جي ماءُ جا سڀ ڏک ڏولاوا
دور ٿيا هئا، ساهه ۾ سانڍيل آسون پوريون ٿيون
هيون، تڏهن هارون پنهنجين خوشين کي ماڻڻ ڪاڻ هن کي
ڇڏڻ جو فيصلو ڪري رهيو هو.
”آءٌ جيڪو پنهنجي ماءُ جي معمولي بيماريءَ تي پريشان ٿي
پوندو آهيان، سو پنهنجي ماءُ کي هميشہ لاءِ ڇڏي،
هڪ ڌارئي گهر ۾ رهي سگهندس“؟ هارون پاڻ کان پڇيو.
”هارون، او ابا هارون!“ ماءُ هن کي سڏي رهي هئي. هو دت
هنيو، چپ چاپ پيو هو. هن ماءُ کي جواب ڏيڻ نٿي
چاهيو. ان وقت اوچتو هن کي خيال آيو، ’ڇا آءٌ ٻين
جي لاءِ پنهنجي زندگي تباهه ڪري ڇڏيان، پنهنجين
خوشين جو گلو گهُٽي ڇڏيان! نه، آءٌ هينئر ٻار نه
آهيان. پنهنجي زندگيءَ ۽ مستقبل جو پاڻ ذميدار
آهيان. مون نازوءَ سان وعدو ڪيو هو ته آءٌ سڄيءَ
دنيا کي ڇڏي سگهان ٿو، پر کيس نه. آءٌ پنهنجو اهو
وعدو ضرور پاڙيندس.“
”هارون، او ابا هارون!“ ماءُ کيس اڃا به سڏي رهي هئي.
هارون کي ماءُ جي سڏن تي ڪاوڙ اچي وئي.
“ڇو امان! ننڊ کڻي ڦٽائي اٿئي.“ هن چڙ مان چيو.
”ابا، دير ٿي وئي آهي، آفيس به وڃڻو اٿئي.“ ماءُ کي هن
جي چڙ تي حيرت لڳي.
”نه. اڄ آفيس ڪونه ويندس. طبعيت ٺيڪ ڪانهي.“
”خير ته آهي، دشمنن جي طبعيت کي ڇا ٿيو آهي؟“ ماءُ
پريشان ٿي پئي.
”ڪجهه ناهي امان. رات ننڊ ڪانه آئي، ان ڪري مٿي ۾ سور
آهي“. هارون کي پنهنجي رويي تي شرم محسوس ٿيو ۽ هن
لهجي کي نرم بنائڻ جي ڪوشش ڪئي، ”ٿوري دير سمهندس
ته طبعيت ٺيڪ ٿي ويندي.“
ماءُ هن کي وياڪل نظرن سان ڏسندي هلي وئي، تڏهن هارون
کي احساس ٿيو ته هن ماءُ سان بيواجبي ڪئي هئي. هن
پنهنجو زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ماءُ سان ايڏو کهرو
ٿي ڳالهايو هو. هو پاڻ کي ڏوهي سمجهڻ لڳو.
پر آخر آءٌ ڇا ڪريان! ڇا ڪريان! مون کي ڪجهه به سمجهه ۾
نٿو اچي.... هو انهن سوالن کان پريشان ٿي، نيٺ کٽ
تان اٿيو ۽ ڏندڻ – پاڻي ڪري وري موٽي کٽ تي اچي
ويٺو. هارون جي ننڍي ڀيڻ عذرا چانهن جو ڪوپ کڻي
اچي هن جي اڳيان بيٺي. هارون اکيون مٿي نه کنيون،
۽ چپ چاپ هن کان ڪوپ وٺي چانهن پيئڻ لڳو.
”ادا! تنهنجي طبعيت ته ٺيڪ آهي؟“ عذرا هن کان پڇيو.
هارون مٿي نهاريو. عذرا ۽ سندس ماءُ پريشانيءَ وچان هن
کي ڏسي رهيون هيون.
آءٌ بلڪل ٺيڪ آهيان. اوهان هروڀرو پريشان ٿيون
آهيو....“ هن مرڪڻ جي ڪوشش ڪندي چيو. ماءُ ۽ عذرا
کي هن جي ڳالهه تي اعتبار ڪونه آيو. هن جي ٿڪل ۽
پيلي شڪل پاڻمرادو ٻڌائي رهي هئي. هارون سوچيو ته
هو ماءُ کي سڀڪجهه ٻڌائي ڇڏي.
”امان! ڪالهه نازوءَ جي ماءُ مون کي سڏايو هو.“
”پوءِ، ڇا چيائين؟“ ماءُ هن کان پڇيو.
”هوءَ چاهي ٿي ته آءٌ نازوءَ سان شادي ڪرڻ کان پوءِ
سندن گهر ۾، ساڻن گڏ رهان.“
هن جي ماءُ جي چپن تي دک گاڏڙ مرڪ آئي، ”چريا، تو پاڻ
کي ان ڳالهه جي ڪري هروڀرو کڻي پريشان ڪيو آهي. تو
سمجهيو ٿي ته آءٌ توکي اجازت نه ڏينديس! تنهنجي
خوشي ئي ته اسان جي خوشي آهي. توکي اسان ان لاءِ
سانڍي ساري وڏو ڪونه ڪيو هو، ته تنهنجون خوشيون
کسيون. تون اڄ ئي وڃي نازوءَ جي ماءُ سان هائوڪار
ڪري اچ.“ هن جو گلو ڀرجي آيو، شايد هوءَ پنهنجن
احساسن کي اندر ئي اندر گُهٽڻ جي ڪوشش ڪري رهي
هئي.
هارون جي نڙيءَ ۾ ڳوڙهو اٽڪي پيو هو. هن جيئن ڳيت ڏيئي
ڳوڙهي کي هيٺ لاهڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، تيئن اهو مٿي
چڙهي ٿي آيو. ان گهڙيءَ هن کي عذرا جو آواز ٻڌڻ ۾
آيو، ”ادا، پوءِ تون اسان کي ڇڏي هليو ويندين!“
ڄڻ ڪو ڌماڪو ٿيو هو، جنهن هارون جي سڄي سموري وجود کي
ڌوڏي ڇڏيو. هو ٽٽي رهيو هو.
”عذرا!“ نڙيءَ ۾ ڦاٿل ڳوڙهو هيٺ لهي ويو،
۽ هڪ گهٽيل رڙ نڪتي. هن ڀيڻ کي ڏاڍي پاٻوهه مان
ڀاڪر پاتو. هن کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ ته هن
پنهنجي وجود کي ٽٽڻ کان بچائي ورتو هو. |