سيڪشن؛ رسالا

مهراڻ 1973ع (3)

 

صفحو :10

 سومرو محمد اسحاق ”راهي“

 

سندءِ زهد و تقويٰ بجا ليڪ زاهد!

اسان جي عبادت جو قائل ته ٿي ڏس.

 

سبق مڪتبہء عشق جو ڪجهه پڙهي ڏس،

ذرو عشق جي مُنهن مقابل ته ٿي ڏس.

 

وساري سُکن ۽ ڏکن کي هميشہ،

اسان جيئن محبت ۾ غافل ته ٿي ڏس.

 

ڪڏهن تون به ڪنهن جي ادائن تي ڀُلجي،

اسان وانگي الفت ۾ جاهل ته ٿي ڏس.

 

جهليا تير تو ڀي گهڻا هوندا ليڪن،

پرينءَ جي نگاهن جو گهائل ته ٿي ڏس.

 

ستائڻ ۾ ڪهڙو مزو آ عزيزو،

فقط هڪ دفعو تون ستايل ته ٿي ڏس.

 

نصيحت جدا چيز آهي، اي ناصح!

اسان جي گناهن ۾ شامل ته ٿي ڏس.

 

درِ يار تي ٿي سخاوت جو محتاج،

ڀري ڏيندو جهولي، تون سائل ته ٿي ڏس!

 

هميشہ اسان تنهنجا ”راهي“ بڻياسين،

ڪڏهن تون به ”راهي“ جي منزل ته ٿي ڏس!


 

 مهيسر خادم ”رفيقي“

 

منهنجي اڱڻ تي يار مڻيادار، سڄڻ اچ!

منهنجا حبيب منهنجا حيادار، سڄڻ اچ!

 

تنهنجي اچڻ جو آهه گهڻو دل کي انتظار،

پيرا ڀري پريت جا دلدار، سڄڻ اچ!

 

زخمِ جگر کي مِهرَ جو مَرهم کپي مسيح،

رهندو نشان نه غم جو وفادار، سڄڻ اچ!

 

تنهنجي اچڻ جي راهه تڪيان ٿو هزار بار،

منهنجا حضور، منهنجا ضيابار، سڄڻ اچ!

 

بگڙيل نصيب منهنجي کي هڪوار تون بناءِ،

منهنجي خطا کي ميٽ، عطادار، سڄڻ اچ!

 

راتيون وڃن ٿيون سج ۾، ڏک وڃن ٿا ڏينهن،

تَنَ ۾ رهي ٿي تنهنجي گهڻي تار، سڄڻ اچ!

 

سينگار منهنجي ساهه جا ’خادم‘ جو ڪر خيال،

منهنڙو پساءِ مون کي مٺا يار، سڄڻ اچ!


 

 ميوو خان ”موج“

 

هجي ڪو قيس جيئن ڪامل، هزارن ۾ به ڪٿ هوندو؟

نه وههِ جنهن لئه ڪڙو قاتل، هزارن ۾ به ڪٿ هوندو؟

 

ڪنڌيءَ ڀرڪُن ڪري ڪڙڪا،ڪو ڪاهي ڪارڻي ڪُن ۾،

اچي ٿئي سير ۾ شامل، هزارن ۾ به ڪٿ هوندو؟

 

وَتي حُب ساڻ حَب ۾ هيڪلي هڪلون ڪندي حق لئي،

ڪري گهورپ جو هيئن گهائل،هزارن ۾ به ڪٿ هوندو؟

 

ڀڃي مڙئي منڊل مانڊاڻ منڊ ڪوڙا ڪَڙي قابو،

ڪري جو قرب ۾ قائل، هزارن ۾ به ڪٿ هوندو؟

 

ڏنو گهارڻ گهڙي دم ڀي نه جنهن کي غير سان غيرت،

نه غفلت ۾ به جو غافل، هزارن ۾ به ڪٿ هوندو؟

 

نماڻيءَ نياز نئڙت سان نمايو راڄ جو راجا،

حضوري هيئن ڪري حاصل، هزارن ۾ به ڪٿ هوندو.

 

غريبت دم غنيمت جو غريبيءَ ۾ گذاري ڪو،

نه محلاتن طرف مائل، هزارن ۾ به ڪٿ هوندو.

 

جو تخت و تاج اُڇلي، تاجور تاراج ٿي آخر،

وڃي ٿئي يار سان واصل، هزارن ۾ به ڪٿ هوندو.

 

ڪري سائل صدا سر جي ته سَرڙي سر ڪري حاضر،

سخي سرويچ صاحب دل، هزارن ۾ به ڪٿ هوندو.

 

اڙانگو پنڌ الفت جو هي منزل عشق جي اؤکي،

نباهي نينهن ڪو مشڪل، هزارن ۾ به ڪٿ هوندو.

 

ننڍي منهن سان وڏو دم آهه دعويٰ عشق و الفت جي.

محبت عشق جي قابل، هزارن ۾ به ڪٿ هوندو.

 

رهن ٿا ’موج‘ سان مشغول اڪثر شغلِ دنيا ۾،

الاهي عشق ۾ شاغل، هزارن ۾ به ڪٿ هوندو.


 

 ”منير“ سولنگي

 

 

مون قاتل اڳيان آهه گردن جهڪائي، وڏي ڳالهه آهي!

اجل سان وري اڄ اٿم اک ملائي، وڏي ڳالهه آهي!

 

نه ڪڏهين به ڪاغذ جي گل مان ڪا سرهاڻ ڪنهن کي ملي ٿي،

اڄوڪن حسينن مان ڳولڻ سچائي، وڏي ڳالهه آهي!

 

اي محبوب منهنجا، اسان جي حياتي ڏکن ۾ ٿي گذري،

زمانو اوهان جو،اوهان جي خدائي،وڏي ڳالهه آهي!

 

اوهين آهيو سهڻا، اوهان سان ڀلا ڪير سينو ٿو ساهي،

ڪرم جون نگاهون کڻون ٿا اِهائي، وڏي ڳالهه آهي!

 

جهان ۾ هزارن حسين تر مهانڊن تي ڀُلجي وڃون ٿا،

ڏسڻ جا چڱا پر اندر ۾ ٻيائي، وڏي ڳالهه آهي!

 

اگر تنهنجي نيڻن منجهان مون بنان ليکي ساغر لٽايا،

’منير‘ آهه ليڪن اڃان دل اُڃائي، وڏي ڳالهه آهي!

 

 ”نثار“ بزمي

 

جي شمع ٻري ويندي،پروانا هليا ايندا،

سينن ۾ کڻي سڪ جا نذرانا هليا ايندا.

مَيخوار مُڙن ڇو ٿا،سُرڪيءَ ۽ سوائي کان،

جي جام پيا ڇلڪي،مستانا هليا ايندا.

آيا ته اجهو آيا، ويهڻ نه اصل ايندن،

ڳڻتي نه نوالي جي، نيرانا هليا ايندا.

جي رات اچي رهندين، ڪا ڪُلبهء اَحزان ۾،

لک منهنجي زبان تي پو شڪرانا هليا ايندا.

روئڻ نه چڱو آهي،پاڻي نه وهائڻ ڏي،

آباد ٿيڻ جي لئه ويرانا هليا ايندا.

سوريءَ جو ٻُڌي هوڪو بزدل ته ڀڄي ويندا،

سر هٿ تي رکي ليڪن ديوانا هليا ايندا.

مُلاً جي رَسائي آهه مسجد جي تڏي تائين،

مَينوش جي هڪ سڏ تي ميخانا هليا ايندا.

محلن ۾ رهن ٿا جي تن جو ته زمانو آهه،

ٿڌڙو ڪو ڏسي پاڇو بيگانا هليا ايندا.

مون کان نه پُڇي ڏس ڪو تون حال زماني جو،

تعذير ڏيڻ جي لئه ڪي دانا هليا ايندا.

جن پاڻ سڃاتو آهه،سي راند رچائي ويا،

هي راز زماني ۾ رندانا هليا ايندا.

تون ويهه اچي مون سان ڳڻ ڳالهه نه ٻي ڪائي،

گڏ توکي ڏسي مون سان پيمانا هليا ايندا.

’بزمي‘ تون قلم کڻ اُٿ،ڪاغذ به کڻي وٺ ڪو،

جنبش ۾ ڏسي توکي افسانا هليا ايندا.

 

 غلام حسين رنگريز

 

مُئل کي تون مَنڙا، جياري وڃين ها،

ٻيو نه ته به ويندي نهاري وڃين ها.

 

سڄي رات ساقي ٿي سڌ ۾ ڪَٽيسين،

مَتل مَڌَ نيڻان پياري وڃين ها.

 

گگن ۾ گهٽائون، گجيو ڪوئي هاٿي،

انهيءَ پَل پياري، جياري وڃين ها،

 

پڄاڻايان پرين تو، پِرَهه کي ڪندس ڇا؟

پَتڻ پار پريمَ، اُڪاري وڃين ها.

 

سنديئي آهوري وڌو جِيءُ جهوري،

انهيءَ کان ته بهتر هو ماري وڃين ها.

 

روئي رات ’رنگريز‘ هو پاند پڪڙيو،

ته آتڻ عجيبا اُجاري وڃين ها.


 

 مير محمد پيرزادو

 

اڄ رات سڄي مون سنڌوءَ تي ڪا ويهي يار گذاري آ،

توساڻ حياتي جا گذري سا ساري ويهي ساري آ.

 

ڪنهن وقت ڪَٻَههَ مان ڪوڪ ڪئي ڪنهن پاريهڙ هئي هيانءَ ڦٽي،

مون سمجهيو پنهنجو ساٿي آ،جنهن حالت ئي مون واري آ.

 

ڪو سهڻا مون تي سيڱ سَڃي،ڪو ور ور هنيون پيو تير وڃي،

ٿي روز مري ۽ جان جئي،هي سڀڪجهه تنهنجي ياري آ.

 

مون جنهن کي ماڻهوءَ منهن ڏٺو، مون تنهن کي پنهنجو ڀاءُ سڏيو،

پر مون کي تنهن کان ايءُ سريو، جو ماري هليو ماري آ.

 

پيو پاڻيءَ ڪارڻ پنڌ ڪري ۽ ميدانن ۾ هرڻ مري،

جو پاڻي ڏسجي پري پري، سان ويرانن جي واري آ.

 

پاليل شير جي ڪنڌ سَڃي پرزا ڪيو هي بند ڀڃي،

ٿو ڪوهه نه پنهنجي ويڙهه وڃي،تو ڳهلا جانِ ڇو ڳاري آ.

 

ٿو زهر ڊڪي ڄڻ رت اندر يا باهه ٿي ڀڙڪي بت اندر،

وئي ننڊ رسي هن رُتِ اندر، ڇا ياد سندءِ به پياري آ.

 

ٿو رک ڏسين هيءَ رستن تي،جا آئي سائي مستن تي،

هن ويرانن ۽ وستن تي هيءَ باهه اسان ئي ٻاري آ.

 

ڪنهن وقت اها ڀي سائي هئي،ڄڻ ڦلڙن سيج وڇائي هئي،

پر ويريءَ وقت ڪنا نه بچي اڄ سڙيل سڪل ٽاري آ.

تو ور سين سسئي سور سليو ۽ سهڻيءَ ميهر سير مليو،

نيٺ ته ملندو هن سين ڀي جا ننگين پيرين ناري آ.

 

هن پٿرن پيرو ڪين لڀي ۽ ترڇو پاهڻ پير چُڀي،

سهڪي پئي هيانءِ ساهه اُڀي،اڄ ڏينهن به ڏکِ ڏيکاري آ.

 

آ نيٺ نماڻي نار پرين،تنهن هيئن نه ماريو مار پرين،

جي ورڻو آن وک وار پرين،نه ته هاڻي يارو ياري آ!

 

 ”اطهر“ منگي

 

نياپو نينهن جو ڪانگا ڏجو ساري سنگهارن کي،

وسارڻ ڪين گهرجي قرب وارا قربدارن کي.

 

فراقن جي ڦٽيل جو ڏئي وڃي احوال هي سارو،

کپي ديدار تنهنجي جي دوا ٿي درد وارن کي.

 

جدائي يار جي بيچين منهنجي دل ڪئي آهي،

طلب ديدار جي هردم رهي ٿي خاڪسارن کي.

 

وساري تو ڇڏيو ڇو نيم گهائل کي مٺا آهي،

اداسي ٿي نهاريندو رهي ٿو رهگذارن کي.

 

ڪرڻ مظلوم تي ڪاوڙ مناسب ڪين آ اهڙي،

اڳيئي عشق جي آتش ستايو سوز وارن کي.

 

عنايت ٿي کپي،ڏس ڏوهه منهنجي ڏي نه او سائين،

پڄي مان ڪينڪي سگهندس سڄڻ تنهنجي ميارن کي.

 

وڇوڙي ۾ وئي ٿي زار حالت آهه ”اطهر“ جي،

’منگيءَ‘ جي حال جي ڪر تون حقيقت رازدارن کي.

 

 ”آذر“ ناياب

 

اسان روشن ڏيئا بزمِ جهان جا،

اسان عنوان آهيون داستان جا.

 

خــلافــت جــا اســيـــن وارث مِــن الله،

اسان مقصود رمزِ ’ڪُن فڪان‘ جا.

 

حياتيءَ ۾ اسان ڀريا نوان رنگ،

بشر ٿورائتا آهن اسان جا.

 

اسان جو فڪر آ جزوِ رسالت،

لٿل هِن آسمان کان شعر اسان جا.

 

توهان کي گُل عزيز آهن عزيزو!

مگر ڪنڊا به آهن گُلستان جا.

 

خِرد وارن جي لئه ڌرتي آ سوڙهي،

جنون وارا رهاڪو آسمان جا.

 

اسان سچل عليه الرحمہ جا خادم،

اسان ماهر تڪلّم جا زبان جا.

 

اسان جي فارسي، اردو ۽ سنڌي،

لطيف و غالب و حافظ، اسان جا.

 

اسان هرهر پريشانيءَ ۾ ’آذر‘،

شڪار آهيون يقين جا ۽ گمان جا.

 

 گل حسن ”گل“ ٻرڙو

  

ڪا آس نه رک هن دنيا ۾،روئندن کي روئاريو ويندو آ،

دنيا جي ستايل ماڻهوءَ ڏي،نفرت سان نهاريو ويندو آ.

 

بيداد ڪندڙ کان داد گُهرين،ڄڻ ٻٻرن کان ٿو ٻير گُهرين

انصاف هتان جو اهڙو آ،مظلوم کي ماريو ويندو آ.

 

هِت جو به جلي سو ڪونه ٺري،هڪ باهه ٺري ٻي باهه ٻري،

هڪ درد دفع جي ٿيندو آ، ٻيو درد اُڀاريو ويندو آ.

 

دل ڪانه هلي،چپ ڪونه چُرن،سڪرات هجي ته به عاشق وٽ،

محبوب جو مٺڙو نالو ئي رُئندي به اچاريو ويندو آ.

 

دشمن جي کڻي پٿر به هڻي،جو زخم ٿئي دل تي نه ٿئي،

پر پنهنجن جو ٿو گهاءُ ٿئي، جي ’گل‘ به اُلاريو ويندو آ.

 

 

 مرزا فتح علي بيگ ”عارف“

 

مون کي سمجهي ڀلا دل ۾ به هو ڇا؟

غريبن جي خوشي ڇا، آرزو ڇا؟

 

لحد جي خاڪ اڏائڻ مان نتيجو،

وڃايل شئي جي ايڏي جستجو ڇا؟

 

ڪرشما هي بهارِ عارضي جا،

چمن ڇا ۽ چمن جو رنگ و بُو ڇا؟

 

خموشيءَ ۾ ته ڪيئي راز پنهان،

خدا ڄاڻي مون کي سمجهي ٿو هو ڇا؟

 

خمارِ صبح دمِ اعضا شڪن آه،

خيالِ شيشه و جام و سبو ڇا؟

 

ڀلا ڇو نڪري تَن ۾ روح آيو،

اڃا باقي رهي هئي آرزو ڇا؟

 

تون ڪڍ سيني مان دل کي هاڻ ’عارف‘،

صدف ۾ ٿي گُهرَ جي آبرو ڇا؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com