سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 1968ع

مضمون:

صفحو :8

”محسن“ ڪڪڙائي

(1)

رئندن سان رئڻ پاڻ سکيائي ناهيون،

کلندن سان کلڻ پاڻ سکيائي ناهيون:

گذري ته ويا سال لکين پوءِ به اڃا،

انسان ٿيڻ پاڻ سکيا ئي ناهيون!

(2)

افلاس جي چنبي مان ڇڏائڻ وارو،

ظلمت کي، ضلالت کي مٽائڻ وارو:

انصاف و عدالت جو ڪري بالا بول،

آهي ڪو غريبن کي بچائڻ وارو!

(3)

موجن ۾ ڀلي وقت گذاريو، سائين!

پر ايتري شيخي نه پگهاريو، سائين!

تسليم ته سڀ عيب اسان ۾ آهن،

ڪجهه پنهنجي پٺيءَ ڏي به نهاريو، سائين!

(4)

سچ آهه، طرحدار گهڻائي آهن،

جوڀن جا پرستار گهڻا ئي آهن:

روحن جي صداقت کي ڏسي ٿو ڪو ڪو،

جسمن جا خريدار گهڻا ئي آهن!

(5)

ناگاهه اچي ذڪر ڇڙيو محفل ۾،

برپا ٿي ويو حشر دل قاتل ۾:

”محسن“ لئه حريفن جو اهو رايو آهه،

ڪمبخت، وڏو درد رکي ٿو دل ۾!

(6)

حيوان مان انسان ٿئي ٿو سائين!

تقدير تي ايمان ٿئي ٿو سائين!

هڪ حسن، ٻيو شوخ ادائون تنهنجون،

ڪافر به مسلمان ٿئي ٿو سائين!

(7)

رنگين فضائن کان بچي؟ مشڪل آهه،

بيباڪ ادائن کان بچي؟ مشڪل آهه:

آدم کي ڀلي نائب يزدان سمجهو،

آدم ۽ خطائن کان بچي؟مشڪل آهه.

”استاد“ بخاري

 

(1)

پرواز اهو بادل، ڪهڙو چئبو:

اعزاز و فراز آهي انهيءَ کي سڏبو؟

پنهنجي ته خودي تو ۾ نٿي ڏسجي ڪا،  

جيڏانهن هوا ڌوڪي، وتين ٿو ڌڪبو.

 

 (2)

بادل ٿو بلندي تي اڏامي، توڙي،

هر وقت هوائن جي اڳيان پيو ڊوڙي:

تسليم ته پستيءَ جا پهاڙ، آهيون پاڻ،

رخ پو به هوائن جا  ڇڏيون ٿا موڙي.

 

(3)

جيڏو به مٿي تنهنجو هي پرواز آهي،

جيڪو به مليو توکي هي اعزاز آهي: پڪ ڄاڻ اي بادل، ته ٻيو ڪجهه ناهي،

هلڪيري طبيعت جو هي سڀ راز آهي!

 

 

(4)

 هڪڙو ته خودي پنهنجي ڇڏي ٿو ٻوڙي،

ٻي ڳالهه ته ڀٽڪڻ جي سزا ٿو لوڙي:

 جو ٻئي جي ڪلهن تي ٿو چڙهي چوٽ وٺي

بادل جي طرح پير نه پنهنجا کوڙي.

 

(5)

ايجاد ۽ تدبير تي مغرور آهي،

سامان ۽ تعمير تي مسرور آهي:

برسات ۽ ٻوڏ ئي ٿيون ٻوڙي مارن، انسان اڃا ساڳيو ئي مجبور آهي.

 

 (6)

انسان نه مقدر کي مٽايو آهي،

انسان نه ڪو موت هٽايو آهي:

انسان کي اڃا ڪک به سنگهي ماري ٿو،

انسان جو اڃا فخر اجايو آهي.

 

(7)

پرواز ۽ رفتار تي نازان انسان،

سمنڊن تي هوائن ۾، خرامان انسان:

زنجير ۽ زندان مان آواز آيو،

”وابسته اڃا آهه اسان سان انسان!“

 

(8)

ٽپڪي ڏئي، ڪو چنڊ مٿان پهچي ٿو،

زهره ڏي ڪري زور، ڪوئي لڙڪي ٿو:

آفاق جي حدن جو پيل آ پڃرو،

جنهن ۾ ٿي  پکي نوع بشر ڦڙڪي ٿو.

 

(9)

اميدن جي شمعن کي جلايون ٿا پيا،

پروانا خيالن جا پچايون ٿا پيا:

توڙي جو ڪري تيل ڏيون ٿا رت کي، محفل ته بهرحال مچايون ٿا پيا.

 

(10)

دل جي هي تمنا ته ”اچان ۽ اوريان“

عقل آهه تپايو ته ”پڙهان ۽ پرجهان:“

هڪ ٽين به بلا آهه ورايو مون کي،

جنهن لاءِ شب و روز ”لهان ۽ لوڙيان“.

 

(11)

الفت جي تقاضا به سڪائي ٿي پئي، عزت جي تمنا به ستائي ٿي پئي:

هڪ ٽين به اڃا دوست مصيبت آهي:

جيڪا ته شب و روز رلائي ٿي پئي.

 

 (12)

اڄ اچ ته غمن ساڻ خوشي پرچايون،

اڄ اچ ته بهاري ۽ خزان هڪ ڀانيون:

اڄ ساري خدائي تي وجهون ٿا پردو،

اڄ اچ ته کڻي پاڻ به ڀاڪر پايون.

 

(13)

تقدير ۽ تدبير ملائي ڇڏجي،

اڄ خواب ۽ تعبير ملائي ڇڏجي:

 اڄ اچ ته محبت ۾ محبت ڳاريون،

اچ، کنڊ ۽ اڄ کير ملائي ڇڏجي!

 

 (14)

عالم به سُتو رات جي جهوليءَ ۾ من،

۽ اهل فلڪ ”ذات“ جي جهوليءَ ۾ من:

هاڻي ته اسان کي به سمهڻ ئي گهرجي،

آرام سان جذبات جي جهوليءَ ۾ من.

 

 

(15)       

طوفان اٿيو، نيٺ ته ڇوليون ٿينديون،

موجون ٿيون اچن مست مگن ڌوڪينديون:  

ڪو خوف نه ڪر آهين سڄڻ تون ساحل،  

تنهنجا ئي چمي پير ٿڌيون ٿي وينديون.

 

(16)

هر چيز ستل آهه، هوا ٿي جاڳي،

ٻي ڳالهه ته تارن جي ضيا ٿي جاڳي:

هر حال ۾ جذبات، اڪيلا ناهيون،

ڇا ڪاڻ ته خود ذاتِ خدا ٿي جاڳي!

 

(17)

ڪنهن وقت تخيل ۾ چڙهي ويندو هان،

ڇا لوح و قلم، عرش، ٽپي ويندو هان:

اڏري ۽ ڊڪي، ڊوڙي جڏهن ٿڪبو هان،

بس پنهنجي ٺڪاڻي تي اچي ويندو هان.

 

(18)

ڪنهن وقت خيالن ۾ وڌي ويندو هان،

اکٻوٽ ۾ هر چيز ڏسي ويندو هان:

چوٽي تي نظر پوءِ به نه پوندي آهي،

بيساخته مجبور جهڪي ويندو هان.

 

(19)

هوڏانهن ازل مون کي ڇڪيندو آهي،

هيڏانهن ابد مون کي سڏيندو آهي:

مرڪز جان خرد منهنجو سُسي ويندو آ،

۽ وقت وڏو گول ٿي ويندو آهي.

آثم“ ناٿنشاهي

 

(1)

جي جام نٿو ڏين، ته ڀلا سرڪي ڏي،

سڪ ساڻ نٿو ڏين، ته ڀلا ڪرڪي ڏي:

و شوم! اڃايل جي تڙپ تي ڀي تون،

وئي نه سگهين ٿو ته ڀلا مُرڪي ڏي!

(2)

سچ! ڪوڙ جي تحديد ڪري وينداسين،

سقراط جي تقليد ڪري وينداسين:

هن دهر ۾ ناحق جي ۽ حق جي تاريخ،

رت پنهنجي سان تسويد ڪري وينداسين.

(3)

ادنيٰ به ۽ ذي شان به ڪري ٿو سجدا،

ڪافر به مسلمان به ڪري ٿو سجدا:

آدم کان بغاوت جو سبب نامعلوم:

سهڻن کي ته شيطان به ڪري ٿو سجدا.

(4)

او حسن ، مجسم او حيا جي پتلي،

او پيار ڀريي ديس جي ڀُوري بَدلِيِ،

يا چنڊ ڪڻيون مهر جون مون وٽ به وساءِ،

يا ٽوڙ کڻي قهر و غضب جي بجلي!

(5)

بيداد جي نڙگهٽ ۾ مان ڪنڊو آهيان،

انصاف جي حد ، امن جو جهنڊو آهيان:

بر پٽ تي ٿڌي، بوند اٺل آهيان، يا-

سينن ۾ دکيل باهه تي ڇنڊو آهيان.

(6)

ڳل ڪنهن جي تي ڳوڙهن جي لڪير آهيان مان،

ڪنهن ساهه جي سڪ، آس، اڪير آهيان مان:

مون کي نه سڏيو شعله نوا، اي يارو!

سڏڪن ۾ پليل ٿڌڙي ڪا هير آهيان مان.

 

”وفا“ ناٿنشاهي

 

(1)

يا مڪر  و فريب آهه، يا قلاشي آ،

يا مرده ضمير آهه، يا اوباشي آ:

هن دؤرجو انسان ائين آهي، ڄڻ:

مٽيءَ جي پڪل ٿانو مٿان ڪاشي آ.

 

(2)

اڌ رات مهل مون کي اٿارڻ وارا،

رستن تي رفيق کي وهارڻ وارا:

چئو دوست سڏيان تو کي يا دشمن ڪوٺيان؟

امرت ۾ وجهي زهر پيارڻ وارا!

 

(3)

هر غم کي دل آويز ڪري ڇڏيان ٿو،

احساس جي رڳ تيز ڪري ڇڏيان ٿو:

تون زلف کي ڪجهه سرس ڏئي ڇڏ جهٽڪو،

مان جام کسي لبريز ڪري ڇڏيان ٿو.

 

(4)

ظلمن جا هي زنجير ٽٽڻ جا ناهن،

هي زهر ڀريل تير کٽڻ جا ناهن:

مرهم به اجائي ٿا وڃايو پنهنجي،

نادانو! هي ناسور ڇٽڻ جا ناهن!

 

(5)

ڳوڙهن جي شرر بار روانيءَ جو قسم،

سڏڪن جي خموشين جي بيانيءَ جو قسم:

تو کان ته مون کي ڪا به شڪايت ڪانهي،

اي دوست! مون کي تنهنجي جوانيءَ جو قسم.

مختلف زبانن جي شاعري

رحمان بابا                                     (پشتو تان)

سيد اشرف بخاري

تــــون  اچ

اچ سگهو، اي دل، پر درد جا، آرام تو ن اچ،

لاله رخ، سروقد، اي سهڻا گل اندام تون اچ.

 

تون حسينانِ جهان جو ئي امام آهين، هڪ،

هر پري چهره جي لب تي آ سندءِ نام، تون اچ.

 

قدر اربابِ وفا تنهنجي فقط ذات سان آهه،

آهه تو کان ٿيو عشاق جو اڪرام ، تون اچ.

 

ڇا هي معلوم، گهڙي وصل جي ايندي ڪڏهين،

سخت ٿيو، دغدغئه گردشِ ايام تون اچ.

 

ڪير ٿيندو ڀلا اڄ گردشِ دوران جو حريف،

آ سندءِ جور و جفا جو ٿيو هنگام، تون اچ.

 

هي جهان، راههِ نورادان، عدم جي آ سرا،

موت آ، عالم، هستي جو انجام، تون اچ.

 

روشني ڏينهن جي پڻ ماههِ تمام ”رحمان“،

تنهنجي فرقت ۾ بڻي تيرگِي شام، تون اچ.

يونس احمر                                        (بنگله تان)

چـــنـــڊ

 

منهنجا لال، مان چنڊ ڪٿان کان آڻيندس!

چنڊ مٽيءَ جو ناهي، جو بنائي ڏيان،

چنڊ وڻن ۾ ڪين ڄمي ٿو، ميون جيان،

شاخن ۾ سو ڪين ٿئي ٿو، جو ٽوڙيان،

منهنجو چنڊ ته تون ئي آهين، ٻيو ناهي!

تو جهڙو ٻيو چنڊ، ڪٿي به نه اڀري ٿو،

تون ته سوّن چنڊن جي مٽ هڪ آهين چنڊ،

منهنجا پيارا، لال، سمهين پئو، چنڊ سمهين پئو!

سرون ڪمار ورما                          (پنجابي تان)

 

فــنــڪــار

مون کي معلوم آ، مٺا ساجن،

تنهنجي پرسوز خوش ادا جو قسم،

 

موت کان پوءِ، قبر جي مٽي،

توکي ڇا چوندي ڇا ٻڌائيندي!

 

چوندي! هن قبر جي انڌيري ۾،

اهو فنڪار آهي، زير خاڪ،

 

جو هتي جي، انڌير، اوندهه ۾ ،

کڻي آيو هو ”ديپ“، روشن تر!

اڀريو سورج ته پاڻ واپس ويو!

”شيدا“ بوزدار                              (بلوچي تان)

 

چـــنـــڊ

چنڊ تون رات جو چمڪين ٿو سڄڻ ڌرتيءَ تي،

سونهن سوڀيا تي ڪرين ناز ٿو بيجا، ليڪن،

تنهنجي چانڊاڻ کان، ويران به روشن آهن،

تنهنجي مانڊاڻ کان آباديون ڀي تابنده تر،

ليڪ! هر چيز کان، مان سهڻو آهيان، روشن تر!

توکي  حالات جي ڪانهي ڪا خبر اي غافل،

تو کي ڪجهه علم نه آهي، ته هتي ڌرتيءَ تي،

منهنجو محبوب به رخشنده صفت روشن آ،

منهنجي محبوب اڳيان تنهنجو جمال آهي ڇا؟

منهنجي محبوب مٿان، گهور هزارين سهڻا!

منهنجي محبوب تان قربان، لکين تارا، چنڊ،

منهنجي محبوب جو رنگ، نور، صبحگاهي ڄڻ،

منهنجي محبوب جو چهرو ٿيو خدائي مظهر:

ان جي آواز تي انڌا به سڄا ٿي ٿا پون،

ان جي آواز تي ٻوڙا به ٻڌڻ ٿا ڄاڻن،

شاعر، شيرين، سخن، پاڻ کي ڏس، اي “شيدا“،

مرض، عشق ۾ آهي نه افاقو جڏهين،

ته مناسب ٿو ٿئي زهر کي کائين ۽ مرين!

جيئن سندءِ دوست کي خونيءَ جو لقب زيبا ٿئي!

”اقبال“ سوڪڙي                                   (سرائڪي)

غـــزل

هر شي دا، اٿان حرص، ڪولون حال زبون هي،

هر ذري ڪون فطرت دي نمائش دا جنون هي.

 

ڪيا آکان، شب، وصل تيڏا وعدي تي آوڻ،

تسڪين ميڪون جانيان، اين هي تي نه اون هي.

 

معلوم ٿيندي بجلي ڪوئي ڍاسي، قفس تئن،

اج ساري فضا وچ جو خطرناڪ سڪون هي.

 

مصروف هي ڪيون، رقص دي وچ، ارض و سماوات،

ڪيا اي ڀي تيڏي اک دي اشاري دا فسون هي.

 

ڏينهن رات دي وچ تيڏي خيالات مسلسل،

معلوم نهين عشق هي، يا سوزِ درون هي.

 

آتش جيڙي دل وچ، ڪوئي ٿيندي تان هي محسوس،

ميڪون تان نه سيڪ آندي نه ڀا اي نه دهون هي.

 

ڪيا هستي ڪهان مين، تيڏي ديدار دا دعويٰ،

”اقبال“ ندامت تون ميڏي، چشم نگون هي.

احمد صافي ”نجفي“                              (عربي تان)

مترجم: ڊاڪٽر سيد محمد يوسف

الــهــام صــحــرا

مون تي الهام ٿيو، روح کان ۽ صحرا کان،

وحي جي ڪيف خبردار ڪيو، هر شر کان،

ٿو ٻين تي ٿئي القاءَ، خبر وارن کان،

يا ته مغرب جي پرستار رسالن کان ۽ اخبارن کان.

هو مڃن ٿا، جو ٿو ڇپجي اچي، مغرب پاران،

هو اکيون ٻوٽي، مڃن ٿا ته وحي ڄڻ آئي،

ليڪ جو زنده ضمير آهه ۽ دانا-بينا،

سو ته سمجهي ٿو وڃي، مڪر جي احوالن کي،

مرده دل، دل ۾ اطاعت ٿا رکن، مغرب جي،

ليڪ، سمجهن ٿا ته خود دار ۽ آزاد آهيون!

حيف، صد حيف،  غلاميءَ جي رهي جلوه گري،

هر زماني ۾ غلامي ٿي رکي، طور عجيب،

هر زماني ۾ سندس ڪيئي رخ ٿين ٿا،

هر زماني ۾ سندس ڪيئي لباس آهن، پر-

ڪو نظر وارو  سڃاڻي ٿو، اهي ناٽ ۽ رنگ،

ٿا چون، نفس سندي آهه غلامي، بدتر،

ليڪ، ان جي به ته توقير ۽ عزت آهي!

ڇو ته، انسان جي ان کان به غلامي  آ ذليل:

پنهنجي مطلب جي لئه، ٻئي جي غلامي ٿي ڪجي،

اهڙي عادت تي ٿي ڦٽڪار زماني جي وسي،

حيف، اڄ ”شعر و ادب“ ڀي ته ٿا وڪجن،وٺجن!

اهل دانش جي لئه، قيد ٿي دنيا آهي!

لورڪا                                                  (اسپيني)

مترجم: احمد ظفر

بـــي ثــمــر شــجــر جــو گــيــت

پاڙ کي پٽي منهنجي،

ڇانو منهنجي ڪاٽي ڇڏ:

رنج کان رهائي ڏي،

بي ثمر، شجر آهيان!

چار سو ٿيا آئينا،

ڇو جنم وتو مون آ،

سج طواف ۾ آهي،

رات جي ستاري ۾،

نئون جنم وٺان ٿو مان،

مون کي ڪاٽ تون بيشڪ!

آئينو ڏسي نه سگهان،

ڪاش! ايئن جيان هان مان،

ان طرح سان ڪئن جئندس،

خواب ڄڻ پريشان ٿيس،

ڄڻ ته ڪيليون ، ماڪوڙيون،

۽ پتنگ ۽ جهرڪيون،

ڄڻ ته منهنجون شاخون ٿيون،

ڄڻ ته منهنجا پن آهن،

ڄڻ ته ڦول ڦل آهن،

پاڙ کي پٽي منهنجي،

ڇانو منهنجي ڪاٽي ڇڏ،

رنج کان رهائي ڏي،

بي ثمر، شجر آهيان!

ديميان بيندي                                          (روسي)

عبدالجليل قريشي

پـــهـــريــدار ڪــتــو

ڳايان ٿو، ليڪن نٿو ڄاڻا ته ڇا،

مان حقيقي طور تي ڳائي سگهيس؟

ڪشمڪش ۾، منهنجو لهجو، سخت ٿيو،

نظم منهنجي، بي سنواري، ڀي چڱي،

روشني اسٽيج تي آهي ته اڄ!

ساده لوح آهن، عوامي، شوق ۾ خاموش سڀ،

مان ترنم ۾ نه جادو ٿو ڀريان ني سوز لئه،

مان ته پنهنجو ئي سريلو ساز هان:

پاڻ لئه ڳايان، وڄايان، دم بدم،

مان بلند آواز آهيان، راز هان!

غم مليو، مون کي آهي، ميراث ۾،

مان خوشين جو ڪين ڪي آهيان غلام،

منهنجو آهي، سخت ، پر سادو ڪلام،

شاعري منهنجي آهي، آهه و فغان!

منهنجي روسي دوستن، يارن جي لئه،

مان فقط انصاف ٿو، سڀ لئه گهران،

۽ اوهان مخلص مصنف ٿي ٻڌو:

مان اوهان جي آسرن جو ترجمان ،

مان اوهان جي آهيان، شيرين زبان،

مان اوهان جي گهر جي تاريڪيءَ مٿان،

هڪ ڪتو آهيان، ۽ پهرو ٿو ڏيان!

جي. الانا، (ڪراچي)                           (انگريزي تان)

 

لــوح و قـــلم

مون کي ان ساعت، مخصوص سندو علم نه آهه،

وقت، جنهن ۾ نه رهي موت نه باقي ڪا حيات:

اي خدا! مون کي سندءِ فيصلي جي ڪهڙي خبر،

مون کي معلوم نه آهه،

ابديت آهي، تعزير بڻي منهنجو انعام:

روز اول، سندءِ افلاڪ جي پهناين ۾،

ڪجهه لکيو ويو، سندءِ مخلوق جي پيشانيءَ تي،

تن سوالن جو جواب-

ان قلم، جنهن ڪو ڪڏهن ڪوڙ نه لکيو آهي،

مون ڪيو ترڪ، غم و گريه  و زاري، فرياد،

باغ جنت کان سواءِ،

موت مون کي وٺي پو ڪاڏي، ڪٿي ويندو لڪي،

مون کي معلوم نه آهه!

دين و ايمان سندي، سڀ کان وڏي قيمت آهه،

باغ جنت ۾ پيارينديون، سمن بر حورون،

کير، ماکيءَ جا پيالا، سي مٺا نوراني،

يا جهنم سندي آڙاهه ۾ اڇلائيندا،

بخشش ۽ رحمت ۽ اميد کان دور،

سايهء در گذر و عفو جي تائيد کان دور!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com