سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 1968ع

مضمون:

صفحو :12

ٻن رپين جا رانديڪا وڪڻي جڏهن هوءَ وڃڻ لڳي تڏهين سندس چهري تي خوشيءَ جا بادل وسي رهيا هئا ۽ سندس اکين جي چمڪ بجليءَ وانگي چمڪي رهي هئي.

         مون کي ڊاڪ بنگلي ۾ رهندي ستون ڏينهن ٿي ويو، ”نيڻ تارا“ هميشه وانگر، رانديڪا وڪڻڻ ايندي هئي ۽ ڪچنار جي ڇانو ۾ ٽڙيل گل جيئن پنهنجي خوشي ۽ خوشبوءِ ورهائيندي رهندي هئي، يا وري هڪ آني ۾ رانديڪو ۽ هڪ آني ۾ هڪ مسڪراهٽ ٿي وڪيائين! مان ايندي ويندي سندس ڀرسان پل ڀر بيهندو ضرور هوس ۽ ڳالهيون ڪري هليو ويندو هوس، ڪڏهين سندس وارن جي ۽ ڪڏهين اکين جي تعريف ڪري وٺندو هئس، پر هوءَ ڪڏهين به ناراض نه ٿي، اٽلندو هميشه مشڪندي رهندي هئي، هميشه جيان ڪيترائي نوان نوان رانديڪا آڻي هوءَ مون کي ڏيکاريندي هئي، پر آخر مان ڪيترا خريد ڪري ٿي سگهيس!

        هن شهر ۽ بستيءَ جي سنگم تي خريدار ڪٿان آيا، چند آنن جا رانديڪا وڪامي ويا ته وڪامي ويا نه ته هو اداس چهري سان راهگيرن جو محض منهن تڪيندي رهندي هئي. سوارين جي اچ وڃ سببان اڏامندڙ دز سان سندس چهرو ۽ وار لٽجي ويندا هئا، ۽ پوءِ شام ٿيندي ئي، هوءَ پنهنجي گهر ڏانهن راهي ٿيندي هئي.

        هڪ شام جو ذڪر آهي، مان بنگلي جي سامهون باغ ۾ ويهي زيتون جي وڻ تي چڙهندڙ ماڪوڙين جي قطار کي دلچسپيءَ سان ڏسي رهيو هوس ته مون کي مينديءَ جي واڙ ڀرسان سس پس جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ۽ گهڻي دير تائين ايندو رهيو، مان ائين ئي چهل قدميءَ جي انداز ۾ انهيءَ طرف وڃي نڪتس، ڏٺم ته ”نيڻ تارا“ چوڪيدار سان ڳالهائي رهي هئي، سندس ساڄي پاسي، چيلهه سان ٽوڪري ٻڌل هئي، جنهنڪري چيلهه ۾ خم پيدا ٿي پيو هوس ۽ سندس چهرو ڪومايل لڳو ٿي.

        ” چار رپيا ....ڇو؟“ چوڪيدار جو  آواز منهنجي ڪنن ۾ سندس لٺ جي ٺڪاءُ جيئان ٻڌڻ ۾ آيو.

        ”نه، پنج ...!“ هوءَ تقريبن سرگوشيءَ جي لهجي ۾ ڀڻڪي ۽ گيٽ ڏانهن سرڪڻ لڳي، مون کيس روڪي پڇيو: ”نيڻ تارا! ڇا تو وٽ پنج رپين وارا رانديڪا به آهن؟“

”ها، ڇو ناهن“. هوءَ ڦڪي نموني مرڪڻ لڳي.

”توئي چيو هو نه ته منهنجو باپو مهان ڪلاڪار آهي!“

”ڪٿي آهن اهي رانديڪا؟“ مون کانئس پڇيو.

”اهي تنهنجي لاءِ ناهن“.

”نه نه ، مون کي ڏيکار!“

        ”ڏيکاري ڇا سائين؟ هيءَ خود ئي ته بيٺي آهي!“ چوڪيدار شرارت ڀرئي نوع ۾ چيو ...  ”نيڻ تارا“ تيزيءَ سان گيٽ کان ٻاهر نڪري چڪي هئي.

”تو ڇا ٿي چيو؟“

”اهو رانديڪو پسند نه اٿو؟“ چوڪيدار معنيٰ خير انداز ۾ کلندي چيو.

”اها منيپوري نرتڪي؟“ مون جلدي پڇيو.

”ڪير منيپوري؟“ چوڪيدار سوال ڪيو.

”اهائي نيڻ تارا“ مون بي اختيار چيو.

        ”ها نيڻ تارا“-جڏهين شام تائين سندس رانديڪا وڪامندا ناهن، تڏهن هوءَ رات لاءِ خود ڪنهن وٽ وڪامجي ويندي آهي ...هي ...هي ...هي“.

        ... ۽ منهنجي دل چيو ته چوڪيدار جو گلو گهٽي ڇڏيان، پر انهيءَ مجروح احساس جي باوجود مون کانئس پڇيو:

”تڏهين تون انهيءَ جو سودو ڪري رهيو  هئين ڪيئن؟“

”ها سائين! هو جو ٻئي ڪمري ۾ صاحب آهي نه، انهيءَ لاءِ!“

        مان پنهنجي ڪمري ۾ اچي ڪرسيءَ تي ڊهي پيس، سامهون مينٽل پيس تي ”نيڻ تارا“ منيپوري نرتڪي جي روپ ۾ بيٺي مشڪي رهي هئي، ڊاڪ بنگلي روڊ ٻاهران، روڊ تي موٽرون ۽ بيٺل گاڏيون گذري رهيون هيون  ‎۽ انهن جا آواز اچي رهيا هئا، چانور ۽ لوڻ دڪان تي وڪامي رهيا هئا، مڇيون تلاءَ مان نڪري ڄار ۾ ڦاسي رهيون هيون، ”نيڻ تارا“ جو پيءُ مهان ڪلاڪار آهي، هن جي ڪلا جا سڀ پوڄاري آهن، مون چپ چاپ منيپوري نرتڪيءَ جي مورت کڻي دريءَ کان ٻاهر اڇلائي!

        مگر جڏهن من جو ساگر شانت ٿيو، تڏهن سوچيم ته انهيءَ منيپوري نرتڪيءَ کي مون ڇو ٻاهر اڇلايو! مون ته مٿس فقط هڪ رپيو مس خرچ ڪيو هو! ”نيڻ تارا“ دٻيل قدمن سان  ”ٻئي صاحب“ جي ڪمري ڏانهن وڃي رهي هئي، ”پنج رپيا ۽ نيڻ تارا“ مون آهستي مشڪيو، ۽ دريءَ کان ٻاهر دور نهارڻ لڳس! آسمان تي ڪارا ڪارا بادل ڇانئجي رهيا هئا ۽ برسات جي اچڻ جا آثار ظاهر ٿي رهيا هئا، سوچيم ته انهيءَ برسات ۾ ته منيپوري نرتڪي پاڻي ۽ گپ ۾ لت پت ٿي ويندي، سو اڳتي وڌيس ته جيئن ان مٽيءَ جي نرتڪيءَ کي ٻاهران کڻي اچان، مگر ... گوشت پوست واري ”نيڻ تارا“ جو ڇا ٿيندو؟ اهو سوچي اتي جو اتي پنڊ پاهڻ ٿي ڄمي ويس!

جيمس اسٽيفن             

مترجم: غلام نبي ميمڻ، ايم . اي

”بـــک بـــڇــڙو ٽـــول ... “

        هو هڪ ڪلارڪ هو. هن کي هر ماهه اسي رپيا کن پگهار ملندو هو، گذريل پنجن سالن ۾، هو پنهنجي آفيس مان هڪ ڏينهن به غير حاضر نه رهيو هو، هو بلڪل قناعتي ۽ ڪفائتي قسم جو ماڻهو هو، پر ڪو به شادي ڪيل ماڻهو، جنهن کي چار ٻار به هجن، اسي رپين ماهيانه پگهار مان شايد ئي ڪجهه بچائي سگهندو هوندو، مٿي لڪائڻ لاءِ گهر هوس، پر مسواڙ سندس پهچ کان ٻاهر هئي، زال ۽ ٻارن جي پيٽ ڀرڻ لاءِ، کاڌي ۽ خوراڪ جي به ضرورت هئي ۽ سندن بت ڍڪڻ لاءِ ڪپڙن جي ۽ اگهاڙن پيرن لاءِ بوٽن جي.

        جيتوڻيڪ اهي سڀ بنيادي ضرورتون هيون پر انهن جي ئي پوري ڪرڻ ۾ هو ايترو ته تنگ اچي ٿيندو هو، جو مهيني جي پوين تاريخن ۾ وٽس پائي به ڪانه بچندي هئي: مجبورن پاڻ ۽ سندس زال، ڇڪي تاڻي اهي  ڏکيا ڏينهن گذاري ڇڏيندا هئا. کاڌو، ڪپڙو ۽ ٻارن جي پڙهائي، سڀ ويهن رپين ۾ ٿي ويندو هو. هن لاءِ خود اها تعجب جي ڳالهه هئي ته ايترو سارو خرچ، ايترن ٿورن پيسن مان ڪيئن ٿو پورو ٿئي!

        اصل ڳالهه هيئن هئي جو سندس زال کانئس به وڌيڪ ذميدار ۽ ڪفايت شعار عورت هئي، ائين ڳهندي ۽ جهرندي اوچتو ئي اوچتو هو بيمار ٿي پيو، بيماري غريب لاءِ اها آفت آهي، جا غريب جي پهچ کان ٻاهر آهي، ڇو ته اهڙو شخص، جيڪڏهن شادي ڪيل به هجي، ته پوءِ به نوڪري ته بهرحال ڪنهن به صورت ۾ نٿو ڇڏي سگهي، جيڪڏهن هو بيمار رهي تڏهن به سندس سڀني ڪمن جو معمول مطابق پورو ٿيڻ اشد ضروري آهي، پر جي پاڻ ڪم تي نه وڃي سگهي ته پوءِ هو پنهنجي زال ۽ ٻارن کي کارائيندو ڪٿان؟ ۽ پوءِ جيڪڏهن کيس اجرت نه ملندي ته هو پنهنجي زال ۽ ٻارن کي کارائيندو ڪٿان؟ ان حالت ۾ اهو به ممڪن آهي ته جڏهن هو چاڪ چڱو ڀلو ٿي ڪم تي وڃي ته پوءِ کيس نوڪريءَ کان ئي جواب ملي.

        هڪ ڏينهن علي الصبح کيس ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ هو اٿي نٿو سگهي يا اٿڻ نٿو چاهي، سندس زال جڏهن جاڳائڻ لاءِ کيس سڏ ڪيو، تڏهن به سندس آواز کي نظر انداز ڪري هو خاموش رهيو.

پوءِ ته گهڙيءَ گهڙيءَ سندس زال جا ”اٿو! اٿو!“ جا سڏ، سندس ڪنن ۾ گونجندا رهيا، کٻي، سڄي هر طرف بمن جي آوازن وانگر گونجندڙ آواز، سندس حواسن جا پڙدا اڏائيندڙ آواز ”اٿو، اٿو!“ اهي لفظ سندس چوڌاري فضا ۾ پکڙيل هئا ۽ هو انهيءَ ڪن ۾ گهوتا ٿي کائيندو رهيو، سندس ذهن تي اهي ئي لفظ سوار هئا، نيٺ ويرم ساعت کان پوءِ اهو آواز رڪجي ويو، سندس زال چيو ، ”اڄ توهان کي دير ٿي وئي“.

        کيس ائين محسوس ٿيو ته اهي لفظ اونداهيءَ جي گهاٽن تهن وانگر فضا ۾ پکڙجي ويا آهن ۽ اها اونداهي سندس ڳورين ۽ ڳهرين پنبڻين مٿان ڇانئجي وئي آهي، هڪ نه ختم ٿيڻ واري اداس ٿڪاوٽ، کيس ننڊ جي آغوش مان سجاڳ ڪري ڇڏيو.

        بيماريءَ جي بستري تي ليٽندي کيس ٽي هفتا گذري ويا هئا، هميشه هلڪي ننڊ جي عالم ۾ مٿس نيم بيهوشيءَ سان گڏ عجيب ۽ غريب شڪلين جا پاڇا سندس وزني ڇيرن مٿان ڇانئجي ويندا هئا، ڪي ڏڪائيندڙ خاص لفظ سندس ذهن ۾ ائين وري وري گونجندا هئا، جيئن تمام آهستي آهستي لڳاتار ڪنهن دهل مٿان ڏونڪا لڳي رهيا هجن، جيئن ئي هوريان هوريان هن کي پنهنجي آس پاس جي ماحول جو احساس ٿيڻ لڳو،  تيئن هن خود محسوس ڪيو ته سندس گهر مٽجي ويو آهي، گهڻي محنت ۽ مشقت سان خريد ڪيل فرنيچر، ڪمري مان غائب هو، کيس هر هنڌ ڪا نه ڪا کوٽ محسوس ٿيڻ لڳي، ڪرسيون، آئينو، ميز مطلب ته جتي به سندس نظر ٿي پئي، اتي ڪجهه نه ڪجهه کوٽ ضرور پيدا ٿي چڪي هئي، وچين ڪمري ۾ ته ڪجهه ئي ڪونه رهيو هو، اتي جي هر شئي ڪم اچي چڪي هئي، سڀ سامان ڊاڪٽر جي فين، دوائن، کاڌي ۽ پيتي ۽ ڀاڙي ۾ ختم ٿي چڪو هو، ايتري قدر جو سندس زال جي خوبصورتي به بدصورتيءَ ۾ تبديل ٿي وئي هئي، صرف ٽن هفتن ۾ ئي هوءَ نٻل ۽ نستي ٿي وئي هئي، سندس هڏا نڪري چڪا هئا، پر انهيءَ اميد تي مطمئن هئي ته جلد ئي سندس مڙس ڪم تي وڃڻ جهڙو ٿي پوندو ۽ پوءِ ڏولاوا ڏور ٿيندا.

        جڏهن هو ڪم تي واپس وڃي رهيو هو، تڏهن سندس ذهن ڪيترن ئي پريشان ڪندڙ خيالن جو اڏو بڻجي چڪو هو، خبر نه آهي ته سندس مالڪ، سندس غير حاضريءَ تي ڇا چوي، اهو سوچيندي ، هن پنهنجي بيمار ٿيڻ تي خود ئي ملامت ڪئي، جلدي خوشفهميءَ جي احساس کان متاثر ٿي، وري سوچڻ لڳو ته ڇا سندس مالڪ کيس ٽن هفتن جي غير حاضريءَ جو پگهار به نه ڏيندو ڇا؟ جڏهن هو دروازي تي پهتو، تڏهن هڪ اهڙي اڻ لکي خوف کان ڏڪڻ لڳو، ائين ڪندي يڪدم کيس پنهنجي مالڪ جي خوفناڪ نظرن جو خيال آيو، حقارت آميز اکين جو، هو وري ڏڪي ويو پر هن دل ٻڌي دروازو کوليو ۽ اندر لنگهي ويو، سندس مالڪ وٽ هڪ ٻيو ماڻهو پڻ ويٺل هو، هن پنهنجي عام لهجي ۾”سائين، سلام“ چوڻ چاهيو، مگر اجنبيءَ کي ڏسندي سان، سندس خيال ۽ زبان جي وچ ۾ مونجهه پيدا ٿي ۽ سندس لفظ ائين هوا ۾ پکڙجي ويا ۽ کيس پنهنجو وجود تمام هيٺ ڪريل محسوس ٿيڻ لڳو.

        سندس مالڪ ، تمام تکي انداز ۾ انهيءَ نئين ڪلارڪ کي هدايتون ڏئي رهيو هو، جو ڏانهس عجيب نگاهن سان نهاري رهيو هو: جنهن ۾ ڪجهه ارمان سان گڏو گڏ صفائي به صاف ظاهر هئي ۽ سندس اکين ۾ معذرت جو انداز به لٿو ۽ اڀريو ٿي، جنهن ۾ سندس مجبوري لڪل هئي.

هو خدا حافظ چئي اتان نڪري آيو.

        جڏهن هو ٻاهر آيو، تڏهن سڀ کان وڏو مسئلو هن لاءِ اهو پيدا ٿي چڪو هو ته هو هاڻي ڪاڏي وڃي! ٿوريءَ دير کان پوءِ هو هڪ ننڍي باغيچي طرف هلڻ لڳو، جو شهر جي وچ ۾ هو، نيٺ ٿڙندي باغ ۾ پهچي ويو، ۽ تلاءَ جي ڀر واريءَ بينچ تي اچي ويهي رهيو، جتي تلاءَ ۾ ترندڙ بدڪن کي ڪن ڇوڪرن سڪل مانيءَ جا ڀور پئي اڇلي ڏنا.

        هر گهڙيءَ  ڪو نه ڪو مزدور يا هاري تڪڙو تڪڙو لنگهي ٿي ويو، ڪڏهن ڪو اڌڙوٽ عمر جو ميرن ڪپڙن وارو شخص بي توجهيءَ سان ٽهلندو لنگهيو ٿي، ڪڏهن ڦاٽل پراڻن ڪپڙن ۾ اداس ۽ ٿڪل چهري واري ڪا عورت سندس ڀرسان ٿي لنگهي، لنگهندڙن جو مڪمل وجود هڪ سوال هو، ته هو ڇا آهن؟ هن به پنهنجي ٿڪل اداسيءَ سان انسانن جي انهيءَ ٿڪل  هجوم جو جائزو پئي ورتو، اهي ماڻهو زندگيءَ جي وجود سان کيس هلندي نٿي معلوم ٿيا، بلڪه جهنم ۾ سڙندي ۽ رڙهندي: جن جي نااميد نگاهن جي سامهون ڪا به منزل نه هئي ۽ جنن ۽ ڀوتن جي اکاڙي ۾ ڄڻ گهيريل هئا، هن کي پنهنجو وجود به انهن سان ملندي نظر آيو.

        سندس ذهن ان سوچن کان قاصر هو ته هو گهر وڃي زال کي ڇا چوندو! يقين ڪرڻ کان پوءِ به سندس ذهن ۾ سوين گهمرا اهو خيال آيو ته :

        ”ڇا واقعي کيس نوڪريءَ مان برطرف ڪيو ويو آهي!“ ائين سوچيندي کيس سندس مالڪ جي نظرن جو خيال آيو ۽ تنهن سان گڏ پنهنجي طنزيه انداز ۾ ”خدا حافظ“ چوڻ جو خيال به آيو، گهڙيءَ پل لاءِ هن سوچيو ته پنهنجي تيز طبيعت مالڪ جي خلاف ائين ڪندي هن وڏي جرئت کان ڪم ورتو هو.

        هو بنا کائڻ پيئڻ جي سڄو ڏينهن باغيچي ۾ ويٺو رهيو ۽ جڏهن شام ٿي ۽ پکين پنهنجا پر پکيڙيا تڏهن اتان اٿي مقرر وقت تي پنهنجي گهر ڏانهن هلڻ لڳو.

        سندس زال کانئس ڪيترائي سوال پڇيا، سڀني سوالن جو هڪرو ئي مقصد هو ته ڪهڙي طرح مالڪ کيس ڪم شروع ڪرڻ جي اجازت ڏني، هن اهو به ڄاڻڻ چاهيو ٿي ته ڇا ڪا اهڙي به صورت نڪري سگهي ٿي جو موڪل جي ڏينهن جو پگهار به کيس ملي وڃي! پر  هن بنا ڪجهه ٻڌائڻ جي گول مول جوابن سان پنهنجي زال کي خاموش ڪري ڇڏيو ۽ ماني کائي، پنهنجن پريشان ڪندڙ خيالات سان گڏ بستري تي وڃي ليٽيو، هن پنهنجي زال کي ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته هن کي نوڪريءَ مان برطرف ڪيو ويو آهي ۽ هن مهيني جي ختم ٿيڻ تي کيس هڪڙي پائي به ڪانه ملندي! پر جڏهن به سندس نگاهون پنهنجي زال جي نگاهن سان ٽڪربيون هيون، تڏهن سندس پوري جسم تي ڏڪڻي طاري ٿي ويندي هئي، زال ۽ ٻارن جي بک جو احساس به هن لاءِ موت کان گهٽ نه هو، پر اهو تصور به هن لاءِ اڃا به وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ هو ته سڀ ڪجهه صحيح ٻڌائڻ کان پوءِ هو پنهنجي زال جي ڳوڙهن سان ٽمٽار اکين کي ڏسڻ جو تاب ڪيئن جهلي سگهندو، ڇو ته اجڙيل ۽ ويران خالي ڪمرن ۾ سندس زال جو وجود، ڪنهن ڀٽڪيل ۽ بيچين روح کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه هو.

        ٻئي ڏينهن صبح جو هن معمول مطابق نيرن ڪئي ۽ ٻاهر نڪري ويو، سندس زال خوش هئي ته سندس مڙس ڪمائڻ لاءِ ڪم تي وڃي رهيو آهي، هن يادگيري ڏياريندي پنهنجي مڙس کي چيو ته مالڪ کي انهيءَ ڳالهه جي درخواست ضرور ڪجانءِ ته هو جيڪڏهن گذريل ٽن هفتن جو پگهار ڏئي ته سندس مهرباني: يا نه ته پوءِ ڪوشش ڪري هن هفتي جي پگهار مان ئي ڪجهه اڳواٽ وٺي اچجانءِ، گهر ۾ هاڻي ڪجهه به باقي نه رهيو آهي، جنهن مان گذر بسر ٿي سگهي.

جواب ۾ هن صرف ايترو چيو ته هو هر ممڪن ڪوشش ڪندو، مگر اڄ وري به انهيءَ ساڳي باغ طرف هليو ويو ۽ انهيءَ ساڳي تلاءَ جي ڪناري تي، پنهنجي انهيءَ ساڳي بينچ تي ويهي رهيو ۽ پنهنجي خيالات جي خوابن ۾ گم ٿي واٽهڙن جو جائزو وٺندو رهيو.

        ٻپهريءَ جو انتهائي ملول ٿي، هو اتان اٿي شهر ڏانهن پنڌ پيو. آفيسن، دڪانن، مال جي گودامن، غرض ته هر جاءِ تي هن ڪم لاءِ درخواستون ڏنيون، مگر سڀني هنڌان هڪ ئي جواب هو ته نوڪري ڪانهي! هو ڳورن قدمن سان پنهنجي پاڻ کي مشڪل سان گهليندي ، باغيچي جي انهيءَ بينچ تائين پهچي ويو ۽ پوءِ اتان مقرر وقت تي گهر ڏانهن رڙهڻ لڳو، زال کي هن منگهڙت ڪوڙن سان گڏ، پنهنجي سڄي ڏينهن جي ڪم جو داستان ٻڌايو ۽ پگهار جي باري ۾ مالڪ جي بگڙيل موڊ سمجهائي ته اهڙن ڪمن لاءِ مالڪن جي ڪاوڙ زياده نقصانڪار ٿيندي آهي، سندس مايوسي هاڻي اتي اچي پهتي، جو کيس زال ۽ ٻارن جي پيار مان به وحشت ٿيڻ لڳي.

        اهڙيءَ طرح سڄو هفتو گذري ويو، هن کي ڪٿي به نوڪري نه ملي، اڄ دستور موجب باغيچي جي منحوس بينچ تي مٿي کي هٿ ڏئي، هو پنهنجي خيالن ۾ غلطان ڪجهه سوچي رهيو هو، ”سڀاڻي پگهار جو ڏينهن آهي“، هو پنهنجي زال کي پگهار جي باري ۾ ڇا چوندو؟ جيڪڏهن هو کيس ائين چوندو ته وٽس ڪسيرو  به ڪونهي ته ڇا هوءَ ائين ڪا نه چوندي ته پورو هفتو تون نوڪريءَ تي ويندو رهئين، پوءِ به پگهار ڪانه ملي؟ ته ان جو جواب ڪهڙو ڏبو؟ آخر سوچي اٿيو ته زال کي چوندس ته وهم ۽ خيال جو رد عمل نه ظاهر ڪرڻ گهرجي! ڇو ته زبان سان تنهنجي ۽ ٻارن جي بکيي رهڻ جي ذڪر ڪرڻ جي صلاحيت نٿو رکي! ٻئي ڏينهن وري صبح ٿيو، هن نهايت خاموشيءَ سان نيرن ڪئي، خشڪ، بنان مکڻ جي ڊبل روٽي کيس نڙيءَ ۾ ڦاسندي محسوس ٿي، سندس زال انهيءَ ڳالهه کان ڏاڍي شرمندي هئي، ته اڄ هوءَ  سندس نيرن لاءِ مکڻ به مهيا ڪري نه سگهي، هن معذرت جي انداز ۾ مشڪندي چيو:

        ”سڀاڻي کان اسان چڱو کاڌو کائي سگهنداسون“، مگر انهيءَ جملي مان پيدا ٿيڻ واري هڪ گنڀير اداسي، سندس اکين ۾ عجيب طنزيه تاثر پيدا ڪري ڇڏيو، سندس زال ڏانهنس جڏهن نهاريو ته هن پاڻ سمجهيو ته سندس مڙس کانئس خفا آهي، نيرن جي خرابيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به سبب کيس ذهن ۾ اچي نه سگهيو، جنهن جي ڪري ان ۾ ندامت جو احساس وڌي ٻيڻو ٿي ويو.

        هو وري وڃي باغيچي ۾ ويهي رهيو، کيس اتي ويٺي ويٺي ڪيترائي ڪلاڪ گذري ويا، وري هر هڪ اڌ ڪلاڪ کان پوءِ هو اتان اٿي، ويجهين اوڏين گهٽين ۾ گهمي ڦري، وري واپس موٽي اچي، انهيءَ بينچ تي ويهي رهيو، اهڙيءَ طرح شام جا ڇهه ٿي ويا، اهو وقت سندس گهر وڃڻ جو هو، مگر اڄ هو پنهنجي جاءِ تان چريو ئي ڪين، مٿي کي هٿ ڏئي تلاءَ جي سامهون گهري سوچ ۾ هو ائين ئي ويٺو رهيو، اتي ست وڄي ويا، تڏهن به هو نه اٿيو، آخر نوين بجي باغيچي بند ٿيڻ جي گهنٽي وڳي، جنهن تي هر هڪ ماڻهوءَ کي باغيچو ڇڏڻ لازمي  هو، هو به اٿيو، باغيچي جي وڏي دروازي کان ٻاهر هن ٻنهي طرفن ڏانهن نظرون ڊوڙايون، آخر هو گهٽيءَ کان مڙندي، ڀيانڪ رات جي اونداهيءَ ۾ گم ٿي ويو ... رات جو گهر نه پهتو، ... بلڪه هو وري ڪڏهن به گهر نه ويو! سندس باري ۾ ڪنهن کي به خبر ناهي ته آخر هو آهي ڪٿي؟

گريگوريو لاپيز         (اسپيني لوڪ ڪهاڻي)

مترجم: نجم عباسي

خـــدا ڏانـــهـــن خــــط

        سڄي واديءَ ۾ هيءُ هڪ ئي گهر هو، جو هڪڙي ننڍي پهاڙيءَ جي چوٽيءَ تي اڏيل هو، اتي بيهڻ سان چوپاين جو وٿاڻ، چراگاهه ۽ پوک صاف ڏسڻ ۾ ٿي آيا، اناج جا ڀريل سنگ ۽ انهن جي وچ وچ ۾ مٽرن جا گلڙا، جهر مر جهرمر لڳايو بيٺا هئا، هن سال ڀلي فصل ٿيڻ جا سڀ اهڃاڻ موجود  هئا، بس رڳو زمين  کي تمام ٿوري پاڻيءَ جي ضرورت هئي: بارش جي هلڪي هلڪي وسڪاري جي.

        لينچو، جو زمين جي هر ضرورت کان واقف هو، سو صبح کان ئي، آس لڳايو، اتر-اوڀر طرف، وسڻ جي ويس ڪيل آسمان ۾ اکيون اڙايو ويٺو هو.

سانجهي ٿيڻ لڳي.

”هاڻي مينهن آيو بيٺو آ“. هن جوءَ ڏي منهن ڪري چيو.

        جوڻس دانگيءَ مان ڍو ڍو ڪڍندي وراڻيو:” رب سائين ٻاجهارو آهي، سڀ سڻائي ڪندو“.

        وڏا ڇوڪرا ٻنيءَ ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، ۽ ننڍا ٻار گهر ويجهو ئي راند کيڏي رهيا هئا، ماءُ هنن کي سڏي چيو ”پٽڙا، اچي ڳڀو ٽڪر کائو!“

        هنن اڃا ماني پئي کاڌي ته لينچو جي اندازي موجب، مينهن جا وڏا ڦڙا ڪرڻ لڳا، اتر-اوڀر کان ديون سمان ڪڪر ڌوڪيندا اچي رهيا هئا، هوا ۾ تازگي ۽ توانائي هئي.

        لينچو ٻاهر وٿاڻ ڏي ويو، صرف ان لاءِ ته جيئن هو پنهنجي جسم تي مينهن پوڻ جي فرحت محسوس ڪري، وري اندر گهڙي چيائين: ”اڀ مان اهي مينهن جا ڦڙا نٿا ڪرن، پر اهي نوان سڪا آهن، وڏا ڦڙا آڌيون آهن ۽ ننڍا ڦڙا پائليون ....ڀيڄ مولا ....ڀيڄ مالڪ...“

        هن اطمينان  ڀرئي چهري سان، پنهنجي پوک جي پڪل سنگن ۽ مٽرن جي گلن ڏانهن نظر ڊوڙائي، جي هينئر مينهن جي پردي ۾ ويڙهيل هئا ... پر اچانڪ، هوا جو زور ۽ شور وڌي ويو ۽ گڏو گڏ ڳڙن جو وسڪارو شروع ٿي ويو، اهي ڳڙا واقعي چانديءَ جي سڪن سان مشابهت رکندڙ هئا، ڇوڪرا، جي ٻاهر بارش ۾ وهنجي ۽ کيڏي رهيا هئا، تن اهي برف جا بلور ميڙڻ شروع ڪيا.

        ”او هو، هاڻي ته ڪم خراب ٿو ٿئي!“ لينچي، مايوس ٿي، ڀڻ ڀڻ ڪري چيو، ”خدا ڪري هي طوفان جلدي ختم ٿي وڃي!“

        پر اهو ختم ڪونه ٿيو، پورو هڪ ڪلاڪ، گهر تي، باغ تي، واڙي تي، چراگاهه تي، پوک تي ۽ سڄي واديءَ تي ڳڙا وسندا رهيا، ٻني اهڙي اڇي ٿي نظر آئي، ڄڻ ته لوڻ سان ڍڪيل هئي، وڻن تي ڪو پن ڪين بچيو، اصل سڄو فصل ناس ٿي ويو! مٽرن جا گلڙا ڇڄي ڇڻي پٽ تي وڃي پيا، لينچو جو روح غم ۽ اونداهه سان ڀرجي ويو، جڏهن طوفان ختم ٿيو، تڏهن هو برباد ٿيل ٻنيءَ جي وچ ۾ وڃي بيٺو ۽ پٽن کي سڏي چيائين:

        ”ماڪڙ به ڪجهه نه ڪجهه بچائي وڃي ها ... هن طوفان ته ڪجهه به نه ڇڏيو آهي، هيلوڪي سال اسان وٽ نه انُ جو داڻو هوندو ۽ نه مٽرن مٺ...“

اها رات ڏاڍي اداس هئي.

”اسان جي ساري محنت ڌوڙ ۾ ملي وئي!“

”دنيا ۾ ڪو به ڪونهي جو اسان جي واهر ڪري سگهي!“

”هن سال اسين سڀ بک مرنداسين...“

        مگر واديءَ جي وچ ۾ هن هيڪلي گهر جي هڙني رهاڪن جي دلين ۾ هڪڙي اميد هئي: خدا جي مدد !

        ”برابر اسان جي پوري محنت برباد ٿي وئي آهي، پر دل نه لاهيو: ياد رکو ڪو به بک وگهي نه مرندو آهي!“

”ها ائين ئي  چوندا آهن ته ڪير به بک وگهي دم نه ڏيندو آهي!.....“

        اها سڄي رات لينچو پنهنجي هڪ ئي اميد تي ويچار ڪندو رهيو: خدا جي مدد، ... اهو خدا، جنهن بابت هن بزرگن ۾ هر هڪ ماڻهوءَ کان ٻڌو هو ته هو سڀ ڪجهه ڏسي پسي ٿو، ۽ هو دلين جو مالڪ آهي، جيئن پوءِ  تيئن هن جو يقين محڪم ٿيندو ويو، لينچو هو ته صفا جهنگلي پر ڪجهه مڙئي لکڻ پڙهڻ سکيو هو، آچر جي سڳوري ڏينهن، ڀيڄ ڀنيءَ ئي هو خط لکڻ  ويٺو، ۽ ارادو ڪيائين ته هو پاڻ ئي شهر ۾ وڃي، اهو ٽپال جي دٻي ۾ وجهندو.

اهو خط خدا ڏانهن هو.

        هن لکيو ”اي خدا، جيڪڏهن تو منهنجي واهر نه ڪئي ته هن سال مان ۽ منهنجا ٻچڙا بک ۾ پاهه ٿي وينداسين، مون کي سئو رپيا کپن، انهن منجهان مان نئون ٻج وٺي وري ٻنيءَ ۾ ڇٽيندس ۽ باقي پئسا فصل لهڻ تائين پيٽ قوت واسطي ڪم ايندا، ڇو ته ڳڙن جي طوفان ....“

        هن لفافي مٿان ”خدا ڏانهن“ لکيو ۽ اهو کيسي ۾ وجهي شهر ڏي روانو ٿيو، پوسٽ آفيس مان وڃي ٽڪلي خريد ڪيائين ۽ اها لفافي تي چنبڙائي، لفافو ٽپال جي دٻي ۾ وڌائين.

        خط ڇانٽيندي ڇانٽيندي ٽپالي ٽهڪ ڏيندي پنهنجي بالادست وٽ آيو ۽ اچي هن کي خدا ڏانهن لکيل خط وارو لفافو ڏيکاريائين، پوسٽ ماسٽر، جو بدن جو ٿلهو ۽ کلمک شخص هو، سو کلي کلي کيرو ٿي پيو، پر اچانڪ کلڻ بند ڪري، هو ڳنڀير ٿي ويو ۽ خط ميز تي رکي چيائين: ”هن شخص جو ايمان ته ڏسو! اهڙو ايمان ۽ اعتقاد خدا شال هر ڪنهن کي ڏئي! اهڙي ايمان وارا ئي خدا سان لکپڙهه ڪري سگهن ٿا!“

        غريب هاريءَ جي ڀرم قائم رکڻ خاطر، ۽ هن خيال ڪندي ته هن جي اهڙي معصوم عقيدي کي لوڏو نه اچي، هن هڪ تجويز سوچي .... ان خط جو جواب!

        پر خط کولڻ کان پوءِ خبر پيس ته جواب ڏيڻ واسطي نيڪ نيتي، قلم ۽ مس کان سواءِ ٻيو به ڪجهه گهرجي، ان جي بلي ڪرڻ جو به سوچي ورتائين، هن ڪجهه پئسا پاڻ ڪڍيا، ڪجهه ٽپاليءَ کي ڏيڻ لاءِ تيار ڪيائين ۽ دوستن ۽ واقفڪارن کي به هن خير جي ڪم ۾ چندي ڏيڻ لاءِ چيائين.جيتري رقم لينچو کي درڪار هئي، اوتري جمع ڪرڻ ته پوسٽ ماسٽر لاءِ اڻ ٿيڻي ڳالهه هئي، لينچي سئو رپيا لکيا هئا پر پوسٽ ماسٽر ان کان ڪجهه گهٽ هٿ ڪري سگهيو، اهي لفافي ۾ اندر وجهي، ان تي هن هاريءَ جو سرنامو لکيائين ۽ هيٺان صرف لفظ ”خدا“ صحيح ڪيائين.

        ٻئي آچر تي سوير ئي لينچي اچي پڇا ڪئي ته سندس ڪو خط ته آيل ڪونهي؟ ٽپاليءَ اهو خط هن جي حوالي ڪيو، پوسٽ ماسٽر، جنهن جي چهري تي نيڪي ڪندڙ انسان وارو سڪون ڇانيل هو، تنهن پري کان ئي ويٺي هن ڳوٺاڻي جو جائزو ورتو، لينچي خط کوليو، ان ۾ نوٽ ڏسي هن حيرت جو ڪو به اظهار نه ڪيو، ڄڻ ته اها سئو في صد سڀاويڪ ڳالهه ٿي هئي ... اها هئي گهرائي جو هن جي يقين جي ... پئسا ڳڻي، ڪاوڙ وچان هن جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو ... خدا کان ڀل ٿي نٿي سگهي ۽ نه وري هو هن جو عرض اگهائڻ ۾ انا ڪاني ٿي ڪري سگهيو!

        هڪدم وري دريءَ وٽ آيو ۽ قلم ۽ ڪاغذ گهريائين، پوءِ ورانڊي ۾ عام ماڻهن واسطي رکيل ميز وٽ ويهي لکڻ لڳو، لکندي لکندي هن جي نرڙ تي گهنج پئجي پئي ويا، ڄڻ ته ڳوڙهي ڳڻڳوت ۾ هو، يا خيالن ٺاهڻ ۽ انهن کي لفظن جي شڪل ڏيڻ ۾ دقت درپيش ٿي آيس، جڏهن لکي پورو ڪيائين، تڏهن هو وري دريءَ وٽ آيو ۽ لفافو ڳنهي ان ۾ خط وجهي، چپن سان آلو ڪري بند ڪيائين.

        جيئن ئي هو لفافو دٻي ۾ وجهي نڪتو، تيئن ئي تيزيءَ سان پوسٽ ماسٽر وڃي دٻو کوليو ۽ اهو لفافو ڪڍي ڦاڙي خط پڙهڻ لڳو، لکيل هو:

        ”اي خدا! جنهن رقم لاءِ مون سوال ڪيو هو، ان مان مون کي فقط ستر رپيا پهتا، باقي رقم مون کي جلدي موڪليو، ڇو ته مون کي سخت ضرورت آهي، مگر اهي ٽپال رستي نه موڪلجو، ڇو ته ٽپال کاتي جا ملازم وڏا بي ايمان آهن .... لينچو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com