اهي لفظ توڙي /سڦلو/، سٻوجهو/، سُپتيو/، ڪُپتيو/،
سُڪار ۽ /ڏڪار جيڪي مرزا صاحب جي خيال موجب مرڪب
لفظ آهن، حقيقت ۾ مرڪب نه پر مرتب لفظن جا مثال
آهن. مرزا صاحب اڳتي لکي ٿو:
”سنڌيءَ ۾ ڪيترائي لفظ آهن جي ٻن يا وڌيڪ لفظن مان
جڙيل آهن، جن مان ڪي ساڳيا ٻه ڀيرا ٿا اچن، ڪي
هڪجهڙا ۽ موافق آهن ۽ ڪي مخالف آهن. ڪن ۾ ساڳئي
قسم يا قافيي يا وزن جو لفظ جو ڪم آيل آهي، جنهن
جي ڪا به معنيٰ ڪانهي، فقط لفظ ۽ اصطلاح ۾ ڪم
ايندا آهن، ڪن ۾ جدا جدا فعل جا موافق يا مخالف
زمان ڪم آيل آهن: مثال طور:
(i)
ناچڱو، نردوئي، نڌڻڪو، بي لڄو، اوتڙ،
سٻوجهو، اٻوجهو، املهه.
(ii)
پل پل، دم دم، سراسر، سربسر، ويرا وير، مٽ سٽ،
ڀاڄي ڀتي، بڪ شڪ ۽ پئسو پنجڙ (4)“.
مرزا
صاحب جي ڏنل مثالن مان” پهرين“ تي اسان، مرتب لفظن
جي عنوان هيٺ، روشني وڌي آهي. باقي پويان لفظ يعني
نمبر
(ii)
هيٺ ڏنل لڙهيءَ وارا لفظ – پل پل دم دم وغيره-
”مڪرر لفظن“
(Reduplicated words)
جا مثال آهن، جن کي مرڪب لفظ هرگز ڪوٺي نٿو سگهجي،
جيئن اڳ ۾ چيو ويو آهي.
ڪاڪي
ڀيرو مل، مٿي ڏنل وصف کان سواءِ، مرڪب لفظ جي هڪ
هيءَ وصف به بيان ڪئي آهي:
”سنڌي
۾ ڪنهن به مرڪب لفظ ۾ ٻن کان وڌيڪ اسم بيهاري
سگهجن ٿا“(1).
هن
وصف جي اوٽ تي، ديوان صاحب نه فقط /گهر ڌڻي /، چڱ
مڙسي/ ۽ / آ گگاڏي/ لفظ مثال طور ڏنا آهن، پر
ساڳئي وقت /سُپتيو/، ڪُپتيو/، اڻپڇو/
جهڙن لفظن کي به مرڪب لفظ ٿو ڪوٺي.
ساڳيءَ طرح سنڌي گرامر جو هڪ غير – سنڌي ماهر،
مسٽر هيسڪل به، /اچيتائي/، اچيت/ اڻويساهي/،
ناچڱائي/، ناچڱو/،مڇڏو/،
ڌڻڪو/سڪار،/ سچيت/، ڪپت/ ۽/ سٻاجهو/ لفظن کي مرڪب
لفظ ٿو ڪوٺي (2)، جيڪي حقيقت ۾ مرتب لفظ آهن، جيئن
مٿي بيان ڪيو ويو آهي.
مٿئين جائزي مان هي نتيجو ٿو
نڪري ته سنڌي وياڪرڻ ۾ مرڪب لفظ جي وصف، لسانيات
جي اصولن موجب درست بيان ٿيل نه آهي، لسانيات جي
جديد اصولن موجب:
مرڪب لفظ ان کي چئبو، جنهن ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ
خود مختار صورتون (مفرد لفظ) گڏيل هجن.
اهڙن لفظن يعني مرڪب لفظن سان پروس صورتن جو گڏجڻ
بلڪل ممڪن نه آهي.
مرتب
۽ مرڪب لفظ ۾ اهو ئي ته خاص فرق آهي: يعني مرتب
لفظ اهو آهي، جنهن سان هڪ يا هڪ کان وڌيڪ پروس
صورتون شامل ڪيل هجن، مثال طور: /کٽمٺڙو/
پرمتڙيو/، اچيتائي/ ۽ /چڱ مڙسي/ وغيره. پر مرڪب
لفظ جي حالت ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ خودمختار صورتون
(مفرد لفظ) گڏيل هونديون آهن، ليڪن ان سان ڪا به
پروس صورت گڏيل ڪانه هوندي آهي: مثال طور:
/گهَرَ ڌڻي/،/ آگگاڏي/ ۽/ پَروَسَ/ لفظ. ڪڏهن ڪڏهن
مرڪب لفظ سان ڪا موزون پروس صورت ملائي، ان مان به
مرتب لفظ ٺاهبو آهي: جيئن : /پروسيڪو/لفظ ۾/ پروس/
مرڪب لفظ سان / اِڪو/پڇاڙي ملائي ، مرتب لفظ ٺاهيو
ويو آهي: تنهن ڪري /پروسيڪو/لفظ کي مرتب لفظ چئبو
۽/ پروس/کي مرڪب لفظ چئبو.
مرڪب لفظ ۽ ”فقري“
(Phrase)
جي مطالعي ۾ به گهڻو فرق آهي، پر هت طوالت سبب ان
فرق تي ڪا به روشني وجهي نٿي سگهجي، مرڪب لفظ جي
بيان لاءِ ضروري آهي ته فقط اهو ڄاڻجي ته ڳالهائڻ
جي لفظن
(Parts of speech)
مان اهو (مرڪب لفظ) ڪهڙو لفظ آهي يعني وياڪرڻ ۾ ان
کي ڪهڙي حيثيت آهي پر اهو به بيان ڪرڻو آهي ته
جيڪي خودمختار صورتون (مفرد لفظ) گڏجي مرڪب لفظ
ٺاهين ٿيون، اهي گرامر موجب ڇا آهن؟ مطلب ته ائين
کڻي چئجي ته ڳالهائڻ جا ڪهڙا ڪهڙا لفظ گڏجي مرڪب
لفظ ٺاهين ٿا. انهن لفظن کي هڪٻئي ۾ ملائڻ يا جوڙڻ
جي ”ترتيب“
(order)
ڪهڙي آهي: يعني ڪهڙا ڪهڙا لفظ
پهرئين
جز، ۽ ڪهڙا ڪهڙا لفظ پوئين جز جي صورت ۾، مرڪب لفظ
ٺاهڻ ۾ ڪم اچن ٿا. مثال طور /گهر ڌڻي/ مرڪب لفظ ۾،
مفرد لفظ/ گهر/ اڳ ۾، يعني پهرئين جز جي حيثيت ۾،
۽ /ڌڻي/ لفظ پوءِ، يعني پوئين جز جي حيثيت ۾ ملايا
وڃن ٿا. ٻنهي مفرد لفظن جي گڏجڻ کان اڳ مفرد لفظ /
گهر/ جو پويون سر صوتيه / اَ / بدلائي/ اَ/
ٿو ڪجي(1)، ۽ پوءِ ان جي پويان /ڌڻي/ لفظ ملائجي
ٿو. صوتين جي اهڙي تبديل گهڻن ئي لفظن ۾ جاچي ويئي
آهي، جيئن اڳتي هي معلوم ٿيندو.
جيڪڏهن مرڪب لفظ جي جڙڻ واريءَ ترتيب ۾ ڦير گهير
آڻي /گهر ڌڻي /جي بدران /ڌڻي گهر يا/ڌڻيءَ گهر
چئبو يا لکبو ، ته پوءِ پوين ٻنهي لفظن مان
اها معنيٰ يا مراد هرگز نٿي نڪري، جيڪا / گهر ڌڻي/
مرڪب لفظ مان نڪري ٿي. هيٺ ڏنل مرڪب لفظن جي تفصيل
مان، مٿي بيان ڪيل نڪتن جي وضاحت ٿئي ٿي. اهڙن
سڀني لفظن مان ڪن جي بناوت ۽ ساخت هيٺ ڏنل مثالن
مان معلوم ٿيندي:
وياڪرڻي ڪارج |
خودمختار صورتن (مفرد لفظن) جي جوڙ جي ترتيب |
مرڪب لفظ |
(i)
اسم |
اسم+اسم |
گهَرَ ڌَڻي،
راڄَ ڌڻي،
ڳوٺ وڏيرو،
بت خانو،
ڪُئا مار،
آگ گاڏي، نَڙَبيتَ، جهنگ ٻلو، جَهنگَ ڪُڪُڙ،
اَتَرَ واءِ، ڀوتَ خانو، شهرَ پناهه، آب
هوا، موم بتي، مس ڪُپڙي، رڻ پٽ، ڏندَ ڪٿا،
آرام ڪرسي، کِلَ مُک،نانگَ وَل، مُنهن جوت،
مُنهن صفا، رُس وَل، انڊلٺ، تتر کرڙي: |
(ii)
صفت |
اسم+فعل |
هَٿَ ڦاڙ، وياج خور، ڪفن ڪش، آدم خور، ڪُنَ
چير،نالي
چڙهيو، نام ڪٺيو، دل گهريو: |
(iii)
اسم |
صفت +ا سم |
مهاراڻي، مهاراج، چؤماسو، چؤواٽو، وَڏَ
واتو، ڪارڄڀو، ڇهه آڱو، شاهه رَڳَ،
چؤ پيرو، سوَ پيري، ٻه مُنهين، ٽه ٽُنگو. |
(iv)
اسم |
ظرف +اسم |
اڳ ڳڻتي، اڳڪٿي، ڀَرَ جَهلو، قطب تارو، کائو
پٽ: |
(v)
اسم |
صفت+ فعل |
کائو پٽ: |
(vi)
اسم |
فعل+فعل |
اچ وڃ، ڏي وٺ، وٺ پڪڙ، اُٿ ويهه، پٽ کوهه،
ڇن پٽ، هڻ کڻ: |
(vii)
صفت |
اسم+صفت |
مٿي کائوُ، وات ڳاڙهو، نالي مٺو، نالي چڱو،
ڪاٺ ڪٽو: |
(viii)
صفت |
صفت+صفت |
گهٽ وڌ، وڏ کائو، تتي ٿڌي، ٿڌي ڪوسي: |
(ix)
ظرف |
ظرف+ظرف |
اڳو پوءِ، اندر ٻاهر، هيٺ مٿي، ٻاهر منجهه،
آڳو پيڇو: |
|
|
|
|
|
بهر حال هن مقالي ۾ پيش ڪيل ڇنڊ ڇاڻ مان هيٺيان
نتيجا آڳو پيڇو:
(الف) سنڌي وياڪرڻ ۾ علم صرف تي ڪجهه لکڻ کان اڳ
”صرفيه“ جي مفهوم ۽ ڪارج جي سمجهڻ جي ضرورت آهي:
(ب) صرفيه جي مفهوم ۽ ڪارج کي سمجهڻ کان پوءِ
صرفيه جي قسمن ۽ صرفي ذخيري جي بيان ۽ ڇنڊ ڇاڻ جي
ضرورت آهي:
(ٻ) لفظ، مفرد يا خودمختار صرفيه، يا خود مختار
صرفيه ۽ پروس صرفيه جي ميل، يا ٻن ۽ ٻن کان وڌيڪ
صرفين جي ملائڻ سان ٺهن ٿا. علم صرف ۾ انهن کي اهم
مقام حاصل آهي:
(ڀ) سنڌيءَ ۾ سڀني لفظن کي الڳ الڳ قسمن ۾ ورهائڻ
کان اڳ ، هر هڪ لفظ کي علم صرف جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ
جي ضرورت آهي، ڇا ڪاڻ ته هر قسم علم صرف جي بيان
کان ٻاهر ٿي نٿو سگهي:
(ت) مرڪب لفظن جي ميل وارن جزن جي ترتيب قابل
توجهه آهي.
حاصل
مطلب ته هن مقالي ۾ ”لفظ“ جو بيان، سنڌي گرامر سان
چاهه رکندڙن لاءِ، نئون باب کولي ٿو.
مددي ڪتابن جي فهرست
1.
آڏواڻي ڀيرو مل، ”وڏو سنڌي وياڪرڻ“، هندو پريس،
حيدرآباد-ڪراچي، 1926ع.
2.
قليچ بيگ مرزا، ”سنڌي وياڪرڻ“ ڀاڱو ٽيون، سنڌي
ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1960ع.
3.
Bloom & filed, L., “Language”, George Allen and
Unwin Ltd.,
London 1961.
4.
Bloch, B., and Trager, G. L., “Outline of
Linguistic Analysis”, Linguistic Society
of
America, Baltimore 1942.
5.
Gleason, H. A., “An Introduction To Descriptive
Linguistics”, Revised edition, Holt, Rinehar and
Winson, New York, 1961.
6.
Haskell, C.W., “A Grammar of Sindhi
Language”, The
Karachi Grammar School, 1942.
7.
Trump, E., “A Grammar of Sindhi
Language”, F. A. Brockans,
Leipzig, 1872.
قريشي حامد علي خانائي
ڪـــوٽــڙي ڪــنــبــيـر
(1)
ساهتي
پرڳڻي جي قديم آثارن مان هي صاف طرح واضح ٿئي ٿو
ته قديم زماني کان وٺي هيءَ علائقو تهذيب ۽ تمدن
جو گهوارو هو. پورالي مهراڻ جي ڪناري تي ڪيترائي
شهر آباد هئا، جي سندس رخ مٽائڻ سبب ڦٽي، ويران ۽
برباد ٿي، واريءَ جي دڙن جي صورت ۾ رهجي ويا، ۽ ڪي
ته وري زماني جي انقلابن سبب معدوم ٿي ويا،
ايتريقدر جو سندن جاءِ وقوع جي پوريءَ طرح سان هن
وقت خبر پئجي نٿي سگهي.
”ڪوٽڙي ڪبير“، مهراڻ جي ڪناري تي هڪ جهونو قديم
آباد ۽ وسندڙ شهر هو ۽ دريائي بندر هو.
تاريخ جي تحقيقات مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته قديم دور
۾ هن شهر جو اوج ديبل ۽ برهمڻ آباد کان ڪنهن به
صورت ۾ گهٽ نه هو. هي شهر ان دور جو هڪ اهم ۽ مکيه
حفاظتي درياهي بندر هو. هن قديم شهر جا آثار کنڊرن
جي صورت ۾ تعلقي ڪنڊياري ۾ بهلاڻي شهر کان اٽڪل
چئن- پنجن ميلن جي مفاصلي تي، ڪراچيءَ کان لاهور
ويندڙ پڪي رستي (2) جي اوڀر ۾ واقع آهن. هن رستي
کي ساهتي ۾ اڪثر ڪري ”راور وارو رستو“ يا ”تار
وارو رستو“ ڪري چوندا آهن، هن قديم شهر جي اولهه
طرف درياءَ وهندو هو، جنهن جا نشان اڄ تائين
واريءَ جي صورت ۾ موجود آهن. اهو ئي درياءَ ساهتي
جي ڳوٺن کي آباد ڪندو، شهدادپور مان ”سهڻي ۽
ميهار“ جي قبرن جي وچ ڏيندو، ٿر ۾ ”پراڻ“ جي نالي
سان سڏبو، ”رحمڪي بازار“ کان وڃي سمنڊ ۾ پوندو هو.
هن
شهر جي اصلي نالي متعلق پڻ ڪافي اختلاف آهن، ڇا
ڪاڻ ته انهيءَ شهر جو نالو سنڌ جي ڪنهن به تاريخ ۾
موجود نه آهي، ان ڪري اهو تحقيق سان نٿو چئي سگهجي
ته انهيءَ شهر جو اصل نالو ڪهڙو هو؟ باقي ايترو سو
معلوم ٿئي ٿو ته اهو ئي قديم شهر آهي، جنهن ۾ عرب
فوجن هندو قلعيدار کي شڪست ڏئي فتح ڪيو هو (1).
”تذڪره“ وارو صاحب هن شهر متعلق لکي ٿو ته ”هي شهر
درياءَ جي ڪناري تي آباد ڪيل هو. نهايت ئي خوشحال
۽ وڻندڙ شهر هو. شهر ايراضيءَ ۾ نهايت ڪشادو هو، ۽
شهر جي چوڌاري قلعو هو، جنهن جا ٿورا نشان موجود
آهن. ڪيترائي خدا ترس شخص ۽ عالم هن جي ڏکڻ واري
قبرستان ۾ آرامي آهن. انهيءَ قبرستان کي عام ماڻهو
”سوا لک“ جو مقام (2) چوندا آهن“. جيئن ته ”تذڪره“
جو مصنف قاضي ميان (3) قطب الدين، ڪلهوڙن جي پوئين
دور ۾ ٿي گذريو آهي ۽ ان وقت به شايد هي شهر ڦٽل
هو، ڇا ڪاڻ جو ان جو احوال گذريل دور ۾ ڪيو اٿس.
ممڪن آهي ته ان وقت به شايد هي شهر ”ڪوٽڙي ڪنبير“
جي نالي سان سڏيو ويندو هو. انهيءَ بيان ڪيل قلعي
وغيره جا نشان اڄ ڪٿي به باقي نٿا نظر اچن، ممڪن
هجي ته مصنف جي دور ۾ ان جا ڪي نشان باقي هجن، جن
جو هن بيان ڪيو آهي. انهيءَ مٿئين سوال مان اسين
اهو گمان ڪڍي سگهون ٿا ته شايد هي قديم شهر ڪلهوڙن
جي دور کان به اڳ ڦٽي چڪو هو.
هن وقت موجوده دؤر ۾ هن شهر ۾ هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي،
جتي انهيءَ ويران شهر جا کنڊرات موجود آهن ۽ انهن
ئي کنڊرن تي موجوده ماڻهن جا ٿورا گهر آهن.
هي
شهر جيئن ته اسلامي عهد کان اڳ هندو دؤر ۾ هن
علائقي جو مکيه ۽ اهم شهر هو، تنهن ڪري هن شهر جي
تحفظ۽ بچاءُ لاءِ هڪ هندو قلعيدار فوج سميت رهندو
هو. سنڌ جو دارالخلافت الور هن شهر کي بلڪل ويجهو
هو، شايد انهيءَ ڪري ئي عربن الور کان اڳ ۾ هن کي
فتح ڪيو هو. ليڪن تعجب آهي جو ڪنهن به سنڌي خواهه
عرب مورخ انهيءَ جنگ جو ڪو به احوال نه ڏنو آهي.
انهيءَ مان ئي اسين اهو اندازو لڳائي سگهون ٿا ته
شايد هن شهر جو نالو انهيءَ دور ۾ ڪو ٻيو هو، جنهن
جو بحث هن ساڳئي مضمون ۾ اڳتي ايندو. چچنامه،
تاريخ معصومي ۽ تحفت الڪرام خواهه ٻيون سڀ تاريخون
انهيءَ متعلق خاموش آهن (1). صاحب ”تذڪره“ وارو
درٻيلي جي احوال سان گڏو گڏ انهيءَ شهر جو به
احوال ڪري ٿو. ”تذڪره“ واري جي بيان مان اها ڳالهه
ظاهر ٿئي ٿي ته محمد بن قاسم جڏهن نيرون ڪوٽ کي
فتح ڪرڻ کان پوءِ سنڌ جي تختگاهه الور طرف وڌي
رهيو هو، تڏهن محمد بن قاسم هن شهر کي نهايت ئي
سولائيءَ سان فتح ڪري سگهيو هو ۽ پوءِ الور طرف
وڌي ويو هو. فاتح سنڌ جي فوج ۾ محمد درويش نالي هڪ
عرب سپاهي هو، هن کي هن شهر جي فتح کان پوءِ اتان
جو قلعيدار ۽ قاضي مقرر ڪيو ويو. قاضي ميان محمد
درويش (2)، خالد بن وليد جي اولاد مان هو، فن
سپاهگيري کيس ورثي ۾ مليل هو، نهايت بهادر سپاهي
هو، محمد بن قاسم جي الور وڃڻ کان پوءِ پيش
پيل هندو حاڪم اها سازش سٽي ته جيئن مسلمانن جي
حاڪم کي قتل ڪري راجا ڏاهر جي گل ٿيندڙ شمع اقتدار
کي وري قائم ڪري وٺجي، ليڪن عوام جو عرب جي جوهر
تلوار کي بخوبي ڏسي چڪو هو ۽ ساڳئي وقت عرب جي
رواداري ۽ حسن اخلاق ۽ طرز حڪومت کان خوش هو، سي
ائين ڪرڻ لاءِ آماده نه ٿيا. سندس متعلق ”تذڪره“
وارو صاحب، هڪ هنڌ هن طرح لکي ٿو: ”درويش از مڪه
شريف با محمد بن قاسم ڪه برسهسي رائي ساڪن ارور
بمهمي بامر خليفه عبدالملڪ برڪافران براستغاثه
مسماته مدينه عرف ماچهاني ڪه پسرش هندو مذڪور ڪشته
بود هندو را بقتل رسانيد“. قاضي ميان محمد درويش
جو نالو نقشبندي سلسلي ۾ پڻ درج آهي. سندس سلسلي
نسب ”خاندان قريش“ جي شجري ۾ هن طرح سان ڏنل آهي
(3).
(1) عربي فتوحات کان اڳ، هن شهر جو ڪو به مفصل
احوال اسان کي دستياب ٿي نه سگهيو آهي. سنڌ جي فتح
کان پوءِ عربن سنڌ ۾ ديني تعليم ڏيڻ واسطي عربي
مدرسا کوليا، سنڌي رعايا پڻ ان ۾ تمام گهڻو چاهه
وٺڻ لڳي. هن شهر ۾ قاضي ميان عبدالواليءَ جو مدرسو
هو. هن جي وفات کان پوءِ هن مدرسي لاءِ عرب جي وڏن
۽ اعليٰ خاندان جي تعليم يافته عالمن ۽ محدثن کي
درس و تدريس لاءِ رکيو ويندو هو. انهيءَ ساڳئي
مدرسي جو ڪلهوڙن جي ابتدائي دؤر ۾ ميان عبدالڪريم
مدرس هو، جنهن جو شاگرد مخدوم محمد دائود
هالاڻيءَوارو هو، جنهن جو ذڪر مير علي شير قانع،
”تحفته الڪرام“ ۾ پڻ ڪيو آهي.
بنو
اميه جي پوئين دؤر ۾ سنڌ اندر بدامني پيدا ٿي پئي
۽ ڪيترا نومسلم مرتد ٿي ويا. ڪيترن شهرن خود
مختاريءَ جو علم کڙو ڪيو. انهيءَ ساڳي دؤر ۾ هن
شهر جو اوج گهٽ ٿيندو ويو ۽ ڪيترائي خاندان لڏي
ٻين سلامتيءَ وارن هنڌن ڏانهن وڃي رهيا. اٺين ۽
نائين صدي هجري ڌاري، مخدوم محمد ڪنبير نالي هڪ
درويش اچي هن شهر جي اولهه طرف درياءَ جي ڪناري تي
پنهنجي ڪوٺڙي ٺاهي ويٺو. ميان محمد ڪنبير، هڪ جيد
عالم، فاضل ۽ خدا ترس شخص هو. پاڻ ڪيترين ئي
تصنيفن جو صاحب هو. سنڌ جي مشهور تذڪره نويس مير
علي شير قانع ٺٽوي، غلطيءَ کان شيخ ميان محمد
ڪنبير(ڪبير) کي هالاڻي ۾ لکيو آهي (2). محمد ڪنبير
جو مقبرو ۽ سندس مسجد محرابپور کان خانواهڻ ويندڙ
رستي جي اتر ۾ ”سوا لک“ مقام جي آمهون سامهون آهي.
هن فقير جي تعليم فيض سببان هي شهر دوباره
وڌڻ لڳو. هن شهر جا باشندا ۽ وڏا خاندان جهڙوڪ
قريشي، خالدي، صديقي، فاروقي وغيره اتي اچي آباد
ٿيا. خانواهڻ وارن سيدن جو وڏو ڏاڏو به انهيءَ دؤر
۾ هتي آيو هو. اهي سيد لڪياري سڏائيندا آهن ۽ سڀئي
اڪثر قاضي صاحبن جا شاگرد آهن. اوائل ۾ هي شهر
”ڪوٽڙي ڪنبير“ جي نالي سان سڏجڻ لڳو، پر پوءِ
وقت گذرندي ، ان جي نالي ۾ ڦيرو ايندو ويو ۽
”ڪوٽڙي ڪبير“ جي نالي سڏبو اچي. ان کان پوءِ سنڌو
درياءَ پنهنجو رخ ڦيرائڻ لڳو ۽ شهر ويو وري ڦٽندو.
ارغونن ۽ ترخانن جي وقت ۾ ڦرون ٿينديون هيون ۽ اتر
۽ اولهه کان ايندڙ ڌاريون فوجون جڏهن به سنڌ تي
حملو ڪنديون هيون، تڏهن اهو رستو ”راور وارو“ ڏيئي
اچي سنڌ مٿان ڪڙڪنديون هيون، ان وقت هي شهر به
انهيءَ آويءَ ۾ اچي ويندو هو. ڪلهوڙن جي پوئين دؤر
۾ جڏهن مدد خان پٺاڻ سنڌ تي حملو ڪيو هو، ان
وقت ساهتيءَ جو هيءُ قديم شهر صفا ڦٽي ويو ۽ ماڻهو
لڏي وڃي ڀر وارن واهڻن ۾ واهي ٿيا، جي پوءِ وڌي
شهر ٿي پيا، خانواهڻ شهر جي ڀرسان ابياڻي جو ڳوٺ
آهي، جو ميرن جي اوائلي صاحبيءَ ۾ ٻڌو ويو هو (1).
روايت آهي ته ان شهر جو ٻڌائيندڙ ”ميان ابيان“ هو،
جيڪو ”محمد ڪنبير“ جي اولاد مان هو..
”ڪوٽڙي ڪنبير“ ۾ ڪيتريون ئي خانقاهون ۽ خدا
وارن جا آستان هئا، ليڪن زماني گذرندي اڄ انهن مان
ڪنهن به هڪ جو احوال ڪونه ٿو ملي. اڪثر هن وقت سڀ
خانقاهون ختم ٿي چڪيون آهن، ايتريقدر جو خود اتان
جي عوام کي به ڪا خبر نه آهي. هن وقت صرف ڊٺل
جايون، محلا ۽ انهن جا نشان باقي آهن، جي به وقت
جي رفتار سان گڏ ختم ٿي ويندا. ڪيترائي خدا وارا
عالم، فاضل، محدث، مفسر، شاعر ۽ اديب هن سرزمين ۾
پيوند آهن، زماني گذرندي اڄ انهن جو ڪو به پتو
ڪونه ٿو پوي.
هن
شهر جي ڏکڻ ۾ ”سوا لک“ نالي هڪ قبرستان آهي. اهو
قبرستان تمام زبون حالت ۾ آهي. ڪريل ڊٺل عمارتن جي
ساخت ۽ آثارن مان معلوم ٿو ٿئي ته سندن ماضي نهايت
دلڪش ۽ شاندار هو. هن وقت سواءِ ڪن چند قبرن جي
ٻيون سڀ ڊهي زمين دوز ٿي ويون آهن. هن قبرستان ۾
ڪيترا امير، ڪيترا مصنف، شاعر، اديب ۽ ڪئين درويش
۽ ولي الله ستل آهن، ليڪن اڄ اسان کي انهن مان
ڪنهن به هڪ جو احوال ڪونه ٿو ملي. اسان جي ماضيءَ
جي تاريخ جو هي هڪ دفنگاهه آهي ۽ وقت گذرندي اهو
به هميشه لاءِ اسان اڳيان اوجهل ٿي ويندو. هتان جي
جن بزرگن جو احوال اسان کي دستياب ٿي سگهيو آهي،
تن جو هتي بيان ڪريون ٿا:
(1) قاضي ميان عبدالمعالي:
هي
بزرگ، قاضي ميان عبدالوالي، جنهن جو ذڪر مٿي ٿي
آيو آهي، تنهن جو ڀاءُ هو. هن عربي ۽ ديني تعليم
پنهنجي وڏي ڀاءُ وٽ حاصل ڪئي. قرات جي علم ۾ چڱي
دسترس رکندو هو، نهايت وڏي عمر ۾ وفات ڪيائين.
سندس پوين مان مهڙن وارا بزرگ ٿي گذريا آهن، جن جي
خانگاهه اڃا موجود آهي. (تذڪره قريش-قلمي)
(2) قاضي ميان نظام الدين:
هي
قاضي صاحب ، ميان عبدالواليءَ جي اولاد مان هو ۽
نهايت ئي جيد عالم ۽ پنهنجي دؤر جو ولي ڪامل هو.
سندس مزار ڪوٽڙي ڪنبير جي سوالک مقام ۾ آهي.
(3) قاضي عبدالواحد:
قاضي
صاحب وقت جو وڏو عالم ۽ ڪمال جو صاحب هو. سندس
مزار سوا لک مقام ۾ هئي.
(4) قاضي محمد اشرف:
قاضي
صاحب وڏو متبحر عالم ۽ خدا ترس انسان هو. قدسي
صفتن جو جامع هو. قاضي صاحب، مدد خان پٺاڻ جي حملي
وقت اتان لڏي اچي خانواهڻ ۾ ويٺو. ساڻس گڏ خانواهڻ
وارا سيد ۽ هندو دلواڻي لڏي آيا. قاضي صاحب
متعدد تصنيفن جو صاحب هو، جن جو اڄ ڪو به پتو ڪونه
ٿو پوي. کيس قاضي عبدالرحيم ۽ قاضي ميان محمد نالي
ٻه فرزند هئا. قاضي عبدالرحيم وڏو درويش ۽ ولي
ڪامل ٿي گذريو آهي ۽ قاضي محمد وڏو شاعر ۽ اديب ٿي
گذريو آهي. سندس ڪلام مان ڪيتريون ئي
مداحون، مناجاتون ۽ ڪيترا مولود سنڌيءَ ۾ موجود
آهن.
(5) ميان عبدالڪريم:
مخدوم
عبدالڪريم وڏو عالم، سئر ۽ سلوڪ جو صاحب هو. وهبي
علمن خواهه درسي علمن جو جامع هو. سندس شهر ۾ وڏو
مدرسو هو، جنهن ۾ پاڻ درس و تدريس جو ڪم ڪندو هو.
مخدوم محمد دائود هالاڻيءَ وارو سندس شاگردن مان
هو. آخري عمر ۾ گوشه نشين ٿي ويو. سندس مزار محمد
ڪنبير جي قبي جي ڀرسان مسجد جي لڳ آهي . (تذڪره
قريش-قلمي)
(6) سخي فقير:
هيءُ
ميان محمد ڪنبير جو فرزند هو. هڪ وڏو عالم، صوفي ۽
درويش ٿي گذريو آهي. هو هميشه اڪيلائيءَ ۾ رهندو
هو. اڪثر ڪري سماع جي محفل ۾ گذاريندو هو. سندس
قبو پراڻي شهر جي ڇيڙي وٽ آهي ۽ اڄ تائين موجود
آهي (تذڪره قلمي). ميان محمد ڪنبير جي قبي کان
ٿورو ڏکڻ-اولهه تي، رستي جي وٽ سان ڪجهه سال اڳ
قبرون هيون. ليڪن اڄ اهي صاف ٿي مٽجي چڪيون آهن.
انهن قبرن جي وچ ۾ هڪ قبر، حافظ نالي هڪ درويش جي
هئي، جو صاحب پڻ وڏي علم وارو هو.
(7) ابراهيم ڏٿياڻي:
هي
ڪلهوڙن جي دور ۾ ٿي گذريو آهي. ”تذڪره“ وارو صاحب
لکي ٿو ته ”هو سنڌيءَ ۾ شعر چوندو هو ۽ وڏي عمر ۾
هي جهان ڇڏيائين“.
بهرحال، سنڌ جي قديم شهر ”ڪوٽڙي ڪنبير“ متعلق اڃا
به وڌيڪ تحقيق ڪرڻ گهرجي ۽ ان تر جي عالمن ۽ سندن
ڪتبخانن مان پراڻا ڪتاب هٿ ڪجن ۽ احوال گڏ ڪجي.
ممڪن آهي ته ان دؤر جي عالمن ۽ ڪاملن جا ڪي ڪتاب
هٿ اچي سگهن ۽ ڪجهه سنڌي ادب ۽ شاعريءَ تي ڪي
پراڻا مسودا ملي سگهن.
ورڊ سورٿ
مترجم: فضل احمد بچاڻي
ادب لـــطـــيـــف
اي بهار جي محبوبه ... !
اي خوشمزاج ڪوئل ! مون تنهنجو ورلاپ ٻڌو.
اي ڪوئل !
آءٌ
تنهنجو آواز ٻڌان ٿو ته باغ باغ ٿي ٿو وڃان.
جڏهن
آءٌ
سائي تڏي واري گاهه تي ليٽيل هوندو آهيان، تڏهن
مون کي تنهنجي ورلاپ جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي، جو
هڪ ٽڪريءَ کان ٻيءَ ٽڪريءَ تائين ويندو آهي ۽ ڪڏهن
پراهون ۽ ڪڏهن ويجهو محسوس ٿيندو آهي!
جيتوڻيڪ تون فقط گلن ۽ سج جي ڪرڻن جي ماٿرين ۾ ئي
لاتيون لنوندي رهندي آهين، پر منهنجي ڪنن تائين
خوابن جي زماني جو هڪ داستان ڇڏيندي آهين:
خوش
آمديد ! مرحبا ! ڀلي آئينءَ اي بهار جي محبوبه !
تون اڃان تائين به مون لاءِ هڪ پکيءَ جي بجاءِ هڪ
غير محسوس شيءِ آهين ! هڪ آواز ۽ هڪ اسرار!
تنهنجي اها ئي صدا، جنهن مون کي ٻوڙن، وڻن ٽڻن ۽
بلندين جي هزارن پيچرن تي ڀٽڪڻ تي مجبور ڪري
ڇڏيو!
توکي
تلاش ڪرڻ لاءِ
آءٌ
اڪثر جهر ۽ جهنگ ۾ ڀٽڪيو آهيان ! مگر تون اڃا
تائين مون لاءِ فقط هڪ اڻڏٺي اميد ۽ چاهت آهين:
جنهن لاءِ
آءٌ
اڃا تائين بيقرار آهيان ... شايد
آءٌ
اڃا تنهنجا ورلاپ ٻڌندو رهندس، تان جو اهو سونهري
وقت وري اچي !
اي
مبارڪ پکي ... جنهن ڌرتيءَ تي اسين هلون ٿا، سا
مون کي وري به هڪ خيالي پرستان ٿي نظر اچي... ۽
اهو ئي پرستان ته تنهنجي مناسب جاءِ آهي!
اليگزينڊر پشڪن
مترجم: ”تاج“ صحرائي
يـــتــــيــــم
اسان
جي صوف جي وڻ ۾،
نه سر
سبز شاخون ۽ نه گلن جو تاج:
اسان
جي ننڍي ۽ ملوڪ ڪنوار جي مٿي تي،
نه
ماءُ جو پلئه ، نه پيءُ جو هٿ !
ڪير
آهي جو ان کي سنواري، سينگاري؟
دعائون ڪري ۽ دعائون گهرائي:
گلي
سان لڳائي، روئي موڪلائي !
(شاديءَ جو گيت)
”مــهــراڻ“ جــا مــوتـــي
·
جيئن ڪتو، بار بار پنهنجي قئي ڪيل گندگيءَ کي وري
وري کائي ٿو، تيئن احمق، پنهنجي حماقت کي بار بار
دهرائي ٿو. –حضرت سليمان.
·
اهو ”دشمن“ ، جو ظاهري طرح سان ”دوست“ ٿو محسوس
ٿئي،
ان جي ڏندن سان زخم، نهايت گهرو ٿو پيدا ٿئي.
-سعدي
·
انسانذات ۾ سڀ کان ذليل اهو درويش آهي، جو دولت
مندن جي بيجا خوشامد ٿو ڪري. – عبدالله مغربي
·
قومون، فڪر کان محروم ٿي، تباهه ٿي وڃن ٿيون. –
علامه اقبال
·
نازڪ ۽ مهانگو لباس، اوهان جي عيبن کي لڪائڻ ۾
ناڪامياب ثابت ٿئي ٿو. – مولانا ”جوهر“
·
آزاديءَ جي حالت ۾، ڪکائين جهوپڙيءَ کي ائين محسوس
ڪندو آهيان، ڄڻ ته سنگ مرمر مان تراشيل محلات ۾
ويٺو آهيان.–خوشحال خان خٽڪ
·
اوندهه جو مقابلو اکين بند ڪرڻ سان نٿو ڪري سگهجي،
ان لاءِ چراغ ٻارڻ جي ضرورت ٿئي ٿي. ان طرح چراغ
جي اها صفت آهي جو هو ڪيترو به ننڍو هجي پر ساري
دنيا جي اونداهي گڏجي به کيس نٿي وسائي سگهي! حضرت
علي ڪرم الله وجهه
·
دنيا ۾ جيترا اجتماعي طرح سان ڪوڙ هنيا ويا آهن،
اوترا انفرادي طرح نه هنيا ويا آهن. –باري
·
شر انگيز اهو آهي ، جو ٻين کي جهڪائڻ لاءِ مجبور
ڪري ٿو. –معري
·
ادب، شين کي نه، پر انهن سان تعلق رکندڙ خيالن ۽
تصورات، تجربن ۽ مشاهدن کي اڳيان ٿو آڻي. –نيومن
·
سڀ کان وڌيڪ خوشنصيب ، ”آدم“ هو، جنهن کي نه ڪا سس
هئي، نه ڪو سهرو ! -هربرٽ اسپنسر
·
ماڻهن کي جانور سمجهي، هڪالي رهيو آهين – ياد رهي
ته اهي جانور ئي توکي ماري، ڦاڙي، کائي ڇڏيندا.
–والٽيئر
·
تون شينهن جي غار ۾ گهڙڻ کان سواءِ، ان جو ٻچو
ڪيئن ٿو حاصل ڪري سگهين! بيشڪ رنج کان پوءِ ئي گنج
ملي سگهي ٿو.- هڪ چيني قول
·
نظريي جو تعلق اگر اصلاح ۽ انقلاب سان نه آهي ته
پوءِ اهو سراسر بيمقصد سمجهڻ گهرجي، بلڪل ان وانگر
جيئن عمل جي راهه ۾ ڪنهن انقلابي ۽ اصلاحي نظريي
جي روشني نه هوندي، ته پوءِ اهو اوندهه ۾ ئي
ڀٽڪندو رهندو. - مولانا عبيدالله
سنڌي
·
علم جي طلب ۾ شرم ڪرڻ مناسب ناهي، ڇو ته جهالت شرم
کان به بدتر آهي. –بو علي سينا
·
وقت جي قدمن جو آواز، ٻڌي نٿو سگهجي.
–شيڪسپيئر
·
شاعر کي هر چيز تي غالب اچڻ گهرجي ۽ نه غلام ٿيڻ
گهرجي. - مِل
سنڌي نثر مان مثالي ٽڪرا
”...
شاهه صاحب، بي انت ڀلاين جو ڀنڊار ۽ خوبين جو مالڪ
هو. جيڪي به انسانيت جون خوبيون ، ڏاڏي آدم کان
وٺي اڄ تائين شمار ڪيون وينديون آهن، انهن سڀني جو
نچوڙ هو. هن علم ادب، نيڪ صحبت، عبادت ۽ رياضت جي
رستي، زندگيءَ جي مقصد ۽ مراد جي پوري پوري کوجنا
ڪئي ...
”...
شاهه جي سوانح جا ورق ورائبا ته پوءِ معلوم ٿيندو
ته ايام طفوليت کان وٺي آخري دم تائين، شاهه صاحب
هن دنيا جي نظام ۽ قوام فنا ۽ بقا تي پوريءَ
تندهيءَ سان غور ۽ خوض ڪيو ٿو ڏسجي: گهريءَ جستجو
کان پوءِ شاهه صاحب هن نتيجي تي پهتو ٿو ڏسجي ته
هن ظاهري دنيا جو نظام بي بقا ۽ بي دوام آهي. هيءَ
”دنيا“ ڪا به اصليت نٿي رکي، هي فقط ”عين حقيقت“
جو پاڇو آهي، جيئن آرسيءَ ۾ ڪنهن به شئي جو پاڇو.
حق حقيقي هيڪڙو ئي موجود هو، آهي ۽ رهندو. ٻي هر
ڪا شئي عدم موجود آهي...
”...
هاڻي سوال آهي ته انهيءَ عدم جي پردي کي ڪيئن
چيري، چاڪ ڪري ڦٽو ڪجي، جيئن جانب جي جوت ۽ جمال
جو مشاهدو ٿي سگهي. انهيءَ مشاهدي ماڻڻ لاءِ الله
تعاليٰ قرآن پاڪ ۾ ۽ رسول مقبول صلي الله عليه
وسلم جن حديث جي رستي ڪيترائي ذريعا، انسانن جي
هدايت لاءِ پيش ڪيا آهن، جيئن ته عقيدت، عبادت،
رياضت، سخاوت، حج ۽ جهاد، جي اسلام جي پنجن اصولن
مطابق آهن. اهي استحڪام عمومي طور اصولي آهن، جنهن
تي هر مسلمان کي پنهنجي ايمان قائم رکڻ لاءِ عمل
در آمد ڪرڻ گهرجي، جيئن شاهه صاحب فرمايو آهي:
روزا نمازون، ايءُ پڻ چڱو ڪم،
پر اوڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرينءَ کي!
”ان
فهم ۽ فراست جي اپٽار، سڀني صوفين پنهنجي مڪتوبات
۽ تبليغات ۾ ڪئي آهي، مگر شاهه صاحب هڪ عجيب غريب
نوع اختيار ڪيو آهي. هن بني نوع انسان جي تمام
ڪمزورين، طلبن ۽ تمنائن جو پورو اڀياس ڪيو ٿو ڏسجي
...
”...
شاهه صاحب پنهنجي محبوب ڪلام جي ذريعي، اهي سڀ
راهون ۽ رند ٻڌايا آهن: جن رستي، عدم جي پردي کي
چاڪ ڪري، ”عين اليقين“ جي بلنديءَ کي پهچي سگهجي،
پهريون رستو، جو مالڪ سڻايو آهي، سو آهي
خالص محبت جو ۽ پوءِ عشق عميق جو. ”محبت“ جو لفظ
عشق جي پهرين ڏاڪي جو نالو آهي. عشق ان جو آخري
مرحلو آهي. منهنجي خيال ۾ محبت مجازي آهي ۽ عشق
حقيقي آهي. جيئن جيئن محبت جو مچ مچندو ويندو،
جيئن جيئن قرب جو قوام پچندو ويندو، جيئن جيئن
پيار جو پيالو پُر ٿيندو ويندو: تيئن تيئن طالب
ڏاکڙن مان چڙهي، عشق جي مرحلي تي پهچندو ويندو.
عشق خود حقيقت ناهي، مگر انسان جي قلب جي هڪ صفت
آهي، جنهن جي ذريعي محبوب جو مشاهدو ڪري سگهبو...“
(مرحوم ميران محمد شاهه، ”مير“ –”مهراڻ“ رسالو
-1370 هه مان اقتباس. چونڊيندڙ: پرڀو ”ناشاد“
حيدرآباد سنڌ،)
”مــهــراڻ“ تــي تــبـصــرا
سنڌي ادب جو واڌارو
سنڌي
ادبي بورڊ جي علمي ۽ سماجي رسالي ”مهراڻ“ جو،
1967ع جو آخري يعني چوٿون نمبر، اسان جي اڳيان
آهي. ڪجهه وقت اڳ ۾ بورڊ فيصلو ڪيو هو ته ”مهراڻ“
۾ شعر ۽ افسانا نه ڏنا وڃن ۽ فقط علمي مقالن کي
جڳهه ڏني وڃي. اهڙي فيصلي کان پوءِ پرچو فقط عالمن
۽ محققن لاءِ مخصوص ٿي ويو هو، ۽ عام پڙهندڙن جي
دلچسپي گهٽجي وئي هئي. گذريل چند پرچن کي ڇڏي، هن
پرچي ۾ وري شعر ۽ افسانا ڏنا ويا آهن، اها ڳالهه
”مهراڻ“ ۽ ”مهراڻ“ جي پڙهندڙن لاءِ مفيد آهي.
”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيل مقالن ۾ لطف الله بدويءَ، محمد
حسين پنهور، ليلي رچنداڻيءَ، مير محمد بخش خان
ٽالپر، ڪرشنچندر جيٽلي ۽ منگها رام ملڪاڻيءَ جا
علمي، تاريخي ۽ تحقيقي مقالا شامل آهن. هر مقالو
پنهنجي موضوع تي فڪر انگيز ۽ معياري آهي. مسٽر
ليلي رچنداڻيءَ، سنڌي ۽ يوناني زبان جي باهمي سڌٻڌ
بابت گهڻي محنت ۽ مطالعي کان پوءِ، پنهنجي خيالات
جو اظهار ڪيو آهي. هن صاحب ڏسيو آهي ته ”سنڌي“
واپار سانگي پرڏيهه پئي ويا آهن، ۽ جتي به ويا،
اتي پنهنجا لفظ اتي جي زبانن کي ڏنائون ۽ انهن
زبانن جا لفظ ”سنڌيءَ“ ۾ داخل ٿيا. يوناني زبان جا
ڪيترا لفظ سنڌي ۾ اچي ويا، جهڙوڪ: يونانيءَ ۾
”تتو“، ڏينهن کي چون ۽ سنڌيءَ ۾ ”ڏينهن تتو “ ڪم
ٿو اچي، يعني ”گرم ڏينهن“، هن صاحب جو خيال آهي ته
اٺين صدي عيسويءَ ۽ ان کان پوءِ، ڪي لفظ عربيءَ ۽
ترڪيءَ مان آيل چيا وڃن ٿا، پر حقيقت ۾ اهي
يونانيءَ مان آيا آهن، جهڙوڪ: ”قانون“ ۽ ”صوفي“
وغيره.
سنڌي
ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت مسٽر جيٽلي جو مقالو به
علمي آهي ۽ علم اللسان ۾ دلچسپي رکندڙن لاءِ خاص
طور مفيد آهي. تاريخ جي سلسلي ۾ مير محمد بخش خان
ٽالپر جو مقالو ”سلطان علاؤ الدين ۽ سومرا“، محققن
کي دعوت فڪر ڏئي ٿو ۽ سنڌ جي هڪ باب جي نشاندهي
ڪري ٿو.
انهن
مقالن کان سواءِ ٻيا مقالا به معياري آهن.
هن
پرچي ۾ ڪل چار افسانا ڏنا ويا آهن، جن ۾ ٻه طبعزاد
۽ ٻه ترجما آهن. شوڪت حسين جو ”گونگي ڌرتي،
ٻوڙو آڪاس“ ۽ عبدالقادر جوڻيجي جو ”رت جو رنگ“
اصلوڪا ۽ معياري افسانا آهن. عبدالقادر جوڻيجو،
فقط گذريل ٽن چئن سالن ۾ اسريو آهي. سندن هر
افساني جو موضوع زندگيءَ جي تلخين مان ورتل هوندو
آهي. زندگيءَ جي مسئلن تي لکڻ ۾ هو خوشي محسوس ڪري
ٿو. هن افساني ۾ سڀني کي جدا جدا ڪمن تي روانو
ڪري، خود ٻانهن مٿي هيٺان رکي سمهي پوڻ سان،
افسانه نگار ڄڻڪ هڪ سوال پڇي ٿو. ههڙن افسانن کي
پڙهڻ کان پوءِ ئي خبر پوي ٿي ته ادب زندگيءَ جو
تفسير آهي.
ترجمن
۾ گورڪي ۽ لاله يثرب جا افسانا آهن، جيڪي ڪمل
پياسيءَ ۽ غلام نبي ميمڻ ترجمو ڪيا آهن. هڪ
ريڊيائي ناٽڪ ”واٽون ۽ نيڻ“ به هن پرچي ۾ ڏنو ويو
آهي، جيڪو طبعزاد آهي ۽ ممتاز مرزا جو لکيل آهي.
”علمي خط“ جي سري هيٺ، الياس عشقيءَ جو خط ”مستعار
خيالات“، يعني اڌارن خيالن بابت ڏنو ويو آهي: جنهن
۾ عشقي صاحب، مختلف شاعرن جي ڪلام ۾ خيالات جي
هڪجهڙائي بابت بحث ڪيو آهي ۽ مختلف شاعرن جا اردو
هندي، فارسي ۽ سرائڪي شعر ڏيئي، واضح ڪيو اٿس ته
ڪيئن ڪا هڪ ڳالهه مختلف شاعرن جي ڪلام ۾ موجود
آهي. اهو اتفاقي توارد آهي يا شاعرن هڪ ٻئي جو اثر
ورتو آهي. جيڪڏهن ڪو شاعر، ڄاڻي ٻجهي ٻئي شاعر جي
شعري سٽاءَ خيال سان هٿ چراند ڪري ته اهو ”سرقو“
چئجي ٿو. عشقي صاحب جو خط نهايت فڪر انگيز ۽ علمي
آهي.
مهراڻ
۾ نظم جو حصو هن ڀيري پنهنجي روايتي شان سان موجود
آهي ۽ شعر جون تقريبن سڀ مقبول ۽ مروج صنفون،
جهڙوڪ: بيت، دوها، وايون، ڪافيون، گيت، لوڪ گيت،
نظم ، غزل، قطعا، رباعيون ۽ آزاد نظم وغيره ڏنيون
ويون آهن. شاعرن ۾ شيخ اياز، لطف الله بدوي، ”عارف
الموليٰ“، ”محسن“ ڪڪڙائي، ذوالفقار راشدي، ”بيخود“
حسيني، حافظ”احسن“، ”خادم“ سروري، ”انور“ هالائي،
”راز“ ناٿنشاهي، ”استاد“ بخاري، عبدالڪريم
”گدائي“، عبدالله ”خواب“، ”نياز“ همايوني، ”تنوير“
عباسي، هري ”دلگير“، ”پروانو“ ڀٽي، نارائڻ ”شيام“
۽ شبير ”هاتف“ توڙين ٻين نوآموز ۽ ڪهنه مشق
شاعرن جون تخليقون معياري آهن. ڪافين ۾ ”عارف
الموليٰ“ جي ڪافي، هن پرچي جي بهترين ڪافي آهي.
ڪافيءَ ۾ ٺيڪي جي پختگي ۽ متناسب لفظن جو استعمال
شاعر جي قادرالڪلامي ظاهر ڪري ٿو، ٿلهه اٿس:
اسان عشق آفت، کنيو سِر سَهائي،
ڀلي ڪو اسان کي ، ڏسي آزمائي!
گيتن
۾ استاد بخاري جو گيت ”ڪوريئڙي جو ڄار، هي دنيا،
ڪوريئڙي جو ڄار“ معياري ۽ مترنم آهي ۽ هڪ مسلسل
نغمي جي ڪيفيت ۾ لکيل آهي ...
عبدالجبار جوڻيجو ”شام“
(ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد، جي شڪريي سان).
پــڙهــڻ کــان پــوءِ:
سنڌي
ادبي بورڊ، سنڌ ادب جي جيڪا بي لوث خدمت ڪئي آهي،
اها ڪنهن به گهڻي تعارف ۽ تعريف جي محتاج نه آهي.
بورڊ جي نگراني هيٺ نڪرندڙ رسالي سماهي ”مهراڻ“
پنهنجي هر دؤر ۾ سنڌي زبان ۽ ادب ۾ بيش بها اضافو
پئي ڪيو آهي. ائين کڻي چئجي ته مهراڻ ۾ شايع ٿيل
ادبي مواد، هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو ۽ اهو ايندڙ
نسلن لاءِ مشعل، راهه هوندو، ته غلط نه ٿيندو!
”مهراڻ“ جو تازو پرچو (4-1967ع) به پنهنجي روايتي
انداز سان شايع ٿيو آهي. هن پرچي سان حصه نظم ۽
افسانا دوباره شايع ڪيا ويا آهن. جن جي اشاعت ٻه
سال کن اڳ ملتوي ڪيل هئي. هن پرچي ۾ حصه نظم
انتهائي معياري ۽ هينئين سان هنڊائڻ جهڙو آهي.
اهڙيءَ ريت مضمونن ۾ به علمي شاهڪار شايع ڪيا ويا
آهن. ازانسواءِ اهي سڀ مستقل عنوان به ڏنا ويا
آهن، جن جي ذريعي ”مهراڻ جا موتي“، ”مثالي ٽڪرا“،
”تبصرا“، آديسي اٿي ويا ...!“، ”ادبي سرگرميون“،
”علمي خط“ ۽ ”پڙهندڙن جا پيغام“ پيش ڪيا ويندا
آهن.
-روزانه ”عبرت“، حيدرآباد سنڌ، 29 جنوري 1968ع.
پــــڙهــنـــدڙن جـــا پـــيـــغــام
”...
”مهراڻ“ موصول ٿيو. شعر ۽ افسانن جي حصي کي دوباره
شايع ڪرڻ تي محترم چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ ۽ ميمبر
صاحبن کي مبارڪون هجن. حقيقت ۾ ”مهراڻ“ جا گذريل
ٻه پرچا رڳو تحقيقاتي مضامين ۽ مقالن شايع ڪرڻ
سان، سواءِ شعر ۽ افسانن جي، ڦڪا پئي لڳا... تازي
پرچي ۾ ”ريڊيو پاڪستان ۽ سنڌي زبان“ گذارش لکي،
اوهان پنجهٺ لک سنڌين جي ترجمانيءَ جو حق ادا ڪيو
آهي. اها گذارش رڳو ايڊيٽر مهراڻ جي نه بلڪ اسان
پنجهٺ لک سنڌي ڳالهائيندڙن جو مطالبو آهي، جنهن کي
ريڊيو پاڪستان وارن کي فوري قبول ڪري ، ان تي عمل
ڪرڻ گهرجي. سائين خير شاهه حيدرآباديءَ جو قديم
سرائڪي ڪلام ۽ ٻيو حصه نظم نهايت دلپسند ۽ دلپذير
آهي. ان طرح سڀ مقالا تاريخي معلومات ۾ هڪ قابل
قدر اضافي جا حامل آهن. ادب لطيف به نهايت دلڪش ۽
دلچسپ آهن. ادب ۽ شاعريءَ جي هر صنف کي، جنهن حسن
ترتيب سان اوهان شايع ڪيو آهي، ان لاءِ منهنجي
طرفان مبارڪباد قبول فرمائيندا ...“
-عبدالڪريم ”گدائي“، جيڪب آباد، سنڌ.
”...
”مهراڻ“ ڪجهه وقت ماٺو پئجي ويو هو، سو وري موج ۾
اچي، ساڳيءَ طرح دهشت ۽ دم ڏيکارڻ لڳو آهي، لک
ٿورا رب جا ...“
- عبدالڪريم ڪڪڙائي، خيرپور ناٿنشاهه، سنڌ.
”...
دعا آهي ته رب پاڪ اوهان جي قلم ۽ ادبي توڙي علمي
ڪمن ۾ وڌيڪ قوت پيدا ڪري: جا زبان توڙي ادب لاءِ
نهايت ئي فائديمند رهندي ...“
-”نشتر“ ناٿنشاهي، خيرپور ناٿنشاهه، سنڌ.
”...
مهراڻ ۾ نظم ۽ افسانا ٻيهر شايع ڪرڻ شروع ڪيا ويا
آهن، ان لاءِ خوشي ٿي ۽ ان لاءِ جناب چيئرمين صاحب
بورڊ ۽ ميمبر صاحبن کي مبارڪباد پيش ڪجي ٿي ...“
-عبدالله گنڌرو، سونڊا، سنڌ.
”...
موجوده دؤر ۾، آقي باقي هڪ پرچو آهي سماهي
”مهراڻ“، جنهن مان سنڌ جا سمورا اديب ۽ شاعر مطمئن
آهن. سنڌ جي سڀني ماهوار رسالن جا سڄي سال جا پرچا
گڏ ڪجن ۽ ”مهراڻ“ جو فقط هڪ پرچو، ڀيٽ ۾ رکجي، ته
انهن سمورن پرچن کان ”مهراڻ“ ۾ مواد گهڻو به هوندو
۽ گهڻن اديبن ۽ شاعرن جو به هوندو: صحتمند ۽
جاندار به هوندو ته ساهه ۾ سانڍڻ جهڙو به هوندو
...”مهراڻ“، سڄي سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن جو استاد
آهي، ۽ اديب ۽ شاعر سندس شاگرد ...“
-”وفا“ ناٿنشاهي، خيرپورناٿنشاهه سنڌ.
”...
اهو معلوم ڪري گهڻي خوشي ٿي ته ”مهراڻ“ وري اڳئين
رنگ روپ ۾ ظاهر ٿي رهيو آهي، ڪهاڻين ۽ شعر کان
سواءِ، ”مهراڻ“ مان اڳئين موج ڪانه ملندي هئي...“
-هري ”دلگير“، آديپور (ڀارت).
”...
”مهراڻ“ لاشڪ سنڌين جي اها بهترين ادبي مخزن آهي،
جا علم دوستن تائين پهچڻ گهرجي...“
- تيرٿ. وي. بسنت دهلي(ڀارت).
”...
ورهاڱي کان پوءِ، جڏهن ”مهراڻ“ نئين سر ڇپجڻ شروع
ٿيو آهي، تڏهن کان مهراڻ سان قلمي تعاون ڪندو پئي
رهيو آهيان. تازي پرچي تي سرسري نظر وجهي ويو
آهيان. ان مان مواد، هر لحاظ کان سهڻو پيو لڳي
...“
-واسديو ”نرمل“، بمبئي (ڀارت).
”....
”مهراڻ“ رسالو، سنڌي اديبن جو ”روضه روح“ آهي،
ڇو ته ان ۾ سنڌ جو روح سمايل آهي. منهنجو ته ان
سان خاص عشق آهي، جنهن جو اظهار قلم جي زبان سان
ڪرڻ ناممڪن آهي.
آن نه عشق است که از دل بزبان مي آيد...“
-پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي، بمبئي (ڀارت)
”...
مهراڻ پهتل آهي، پڙهي دل خوش ٿي ويئي، شروع ۾ جو
سيد خير محمد شاهه جو ”لافاني ڪلام“ ڏنو ويو آهي،
سو سچ پچ ساراهه جي لائق آهي... اميد ته آئينده به
اهڙا ڪلام شايع ڪندا رهندا...“
-پرنسيپال هري درياني ”دلگير“ آديپور (ڀارت)
”...
”مهراڻ“ جو تازو پرچو نظر نواز ٿيو ... پرچي جي
مواد جي ترتيب ۽ سٽاءَ به هميشه وانگر جاذب ۽ دلڪش
آهي، شعر جو حصو ته رسالي جي جان آهي، مضمون رسالي
جو مغز ۽ اوهان جو ايڊيٽوريل رسالي جو روح آهن...“
-دادا
سنڌي، داد لغاري، ميرپورماٿيلو، سنڌ.
”...
ٻوليءَ جي ڏس ۾، اتي ڊاڪٽر بلوچ صاحب، سراج صاحب،
الانا صاحب ۽ جتوئي صاحب جيڪا جاکوڙ ڪئي آهي، ان
لاءِ اهي صاحب هر طرح ساراهه جا مستحق آهن ۽ تهان
ئي وڌيڪ بورڊ جي سرپرستيءَ هيٺ نڪرندڙ
”مهراڻ“....“
-ليلو رچنداڻي، احمد آباد (ڀارت)
”...
مهراڻ جو هڪ پراڻو پرچو، ڪنهن دوست وٽ ڏٺم، سچ پچ
ته ”مهراڻ“ سنڌ جو اهو ادبي رسالو آهي، جنهن ۾
سنڌي ادب جو ذخيرو ڀريل آهي، مهراڻ وسيلي اوهان
سنڌي ادب جي جيڪا خدمت ڪري رهيا آهيو، ان لاءِ
کيرون لهڻيون...“
-واشديو ”سنڌو-ڀارتي“ جئپور (ڀارت)
”...
”مهراڻ“ بهر صورت مهراڻ آهي! جنهن ۾ سوين موتي-
لعل پکڙيا پيا آهن، ”مهراڻ“ هماليه مان جنم وٺي،
اسان جي ملڪ ۾ پهچي ٿو ۽ ”رسالي مهراڻ“ جو
”هماليه“ بورڊ ئي آهي، ان چشمه ۽ فيض مان هزارين
سيراب ٿي رهيا آهن. سنڌي ادب، مهراڻ کان سواءِ سڃ
۽ برپٽ مثل آهي...“
-محمد سومار شيخ، بدين سنڌ
”...”مهراڻ“ سنڌي ادب جو روح! دستور موجب تازو
پرچو به پڙهيم، حصه نظم ڏاڍو وڻيو، ان طرح سڀ
معياري مضمون، اسان جي ثقافت، تاريخ، تهذيب، تصوف،
۽ ادب جا مختلف پهلو اجاگر ڪن ٿا، دعا آهي ته شال
”مهراڻ“ سدائين مستيءَ ۾ هجي، ۽ اسان جي ادب کي
ٻارهوئي سيراب ڪندو رهي...“
-امتياز حسين قاضي، حيدرآباد سنڌ. |