ٻئي ڏينهن صبح جو سوير، مل وارو اٽي جي پئسن وٺڻ
لاءِ آيو، ليڪن هنس ايترو ٿڪل هو جو هو اڃا تائين
بستري تي ليٽيل هو. ”تون تمام سست ٿو ڏسجين“، مل
واري چيو، ”پر اهو خيال ڪر ته مان توکي پنهنجي هٿ
گاڏي ڏيڻ وارو آهيان، تو کي زياده محنت ڪرڻ گهرجي،
سستي وڏو گناهه آهي ۽ مون کي اها ڳالهه اصل نه
وڻندي آهي ته منهنجن دوستن مان ڪو به سست يا ڪاهل
هجي. منهنجين کهرين کهرين ۽ سخت ڳالهين جو خيال
متان ڪرين! جيڪڏهن مان تنهنجو دوست نه هجان ته
توکي ائين نه چوان، جيڪڏهن پنهنجي دل گهرئي دوست
کي ماڻهو سچي ڳالهه نه چئي سگهي ته اهڙي دوستيءَ
مان ڪهڙو فائدو؟ هر شخص وڻندڙ ڳالهيون ڪري سگهي
ٿو، هو ٻين کي خوش به ڪري ٿو ۽ انهن جي خوشامد به
ڪري سگهي ٿو: ليڪن هڪ سچو دوست هميشه سچيون
ڳالهيون ڪري ٿو ۽ انهيءَ ڳالهه جي پرواهه نٿو ڪري
ته هن جون اهي ڳالهيون سندس دوست کي ڏکيون لڳن
ٿيون، ڇو ته سچ ڪوڙو هوندو آهي، هن جي اطمينان
لاءِ اها ڪافي آهي ته هو پنهنجي دوست سان دراصل
ڀلائي ڪري رهيو آهي“.
”مون کي سخت افسوس آهي“، ننڍڙي هنس، اکيون
مهٽيندي ۽ رات جو پائڻ واري ٽوپي لاهيندي چيو،
”دراصل مان سخت ٿڪجي پيو آهيان، سو مون سوچيو ته
ڪجهه دير هنڌ ۾ پيو هجان، پکين جي لاتين ٻڌڻ بعد
مان هميشه گهڻو ڪم ڪندو آهيان“.
”اهو ٻڌي مون کي خوشي ٿئي ٿي“، مل واري
هنس جي پٺي ٺپريندي چيو، ”ڪپڙن پائڻ کان پوءِ، تون
سڌو منهنجي مل تي اچ ۽ منهنجي گدام جي ڇت جي مرمت
ڪري ڏي“.
ويچارو هنس پنهنجي باغ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تمام
بيتاب هو، ڇا ڪاڻ ته هن جي گلن کي ٻن ڏينهن کان
پاڻي نه مليو هو، مگر هو مل واري جي سامهون انڪار
به ڪري نٿي سگهيو، ڇا ڪاڻ ته هو هن جو گهرو دوست
هو.
”جيڪڏهن مان چوان ته مون کي افسوس آهي، جو
اڄ مان تمام مصروف آهيان ته ڇا اوهان ان کي هڪ غير
دوستانه سلوڪ سمجهندئو؟“ هن هڪ شرميلي ۽ نماڻي
آواز سان چيو.
”بلڪل“، مل واري کڙو ترو جواب ڏنو، ”خاص ڪري اهو
سوچي ته مان توکي پنهنجي هٿ گاڏي ڏيڻ وارو آهيان،
مون کي تنهنجو انڪار ڏکوئيندو، پر هرو ڀرو جي تون
انڪار ڪندين ته لاچار مان پاڻ ئي وڃي ڪم ڪندس“.
”نه، مان ڪنهن به صورت ۾ انڪار نه ڪندس“،
ننڍي هنس چيو، هن ڪپڙا پاتا ۽ پوءِ مل واري سان هن
جي گودام ڏانهن روانو ٿيو، اتي هو سڄو ڏينهن ڪم
ڪندو رهيو، تان جو سج به لهي ويو، سج لهڻ مهل مل
وارو ڏسڻ آيو ته هنس ڇا ڪري رهيو آهي.
”ڇا، ان جي مرمت ٿي ويئي“، ننڍڙي هنس ڏاڪڻ
تان لهندي چيو،
”بيشڪ انسان جيڪو وقت ۽ محنت ٻين جي ڀلي
لاءِ ڪم آڻي ٿو، تنهن مان سندس روح کي راحت اچي
ٿي“.
”اوهان ڪيڏا نه نيڪ آهيو، جو اهڙيون ڀليون
ڳالهيون ٿا ڪريو، مان ڪڏهن به اوهان جهڙو نيڪ نه
ٿي سگهندس“.
”تنهنجا خيال به اهڙا سٺا ٿي سگهن ٿا، پر
ان لاءِ توکي وڌيڪ محنت ڪرڻ گهرجي، اڃا ته تون صرف
دوستيءَ جي مشق ڪري رهيو آهين، ڪنهن ڏينهن توکي
اصول به اچي ويندا“. مل واري چيو.
”ڇا اوهان جو خيال آهي ته مان سچ پچ
دوستيءَ جا اصول سمجهي سگهندس“. هنس پڇيو.
”انهيءَ ۾ ڪهڙو شڪ آهي، مگر هينئر جيئن ته
تون ڇت جي مرمت ڪري چڪو آهين، تنهن ڪري بهتر آهي
ته تون گهر وڃ ۽ وڃي آرام ڪر، صبح جو مهرباني ڪري
تون منهنجون رڍون ٽڪريءَ تي چارڻ لاءِ ڪاهي
وڃجانءِ“.
غريب هنس جواب ۾ ڪجهه ڪونه چيو، ٻئي ڏينهن
صبح جو مل وارو، پنهنجون رڍون هنس جي جهوپڙيءَ
تائين ڪاهي آيو ۽ هنس رڍون ڪاهي ٽڪريءَ ڏانهن
روانو ٿيو، سڄو ڏينهن هن رڍون چاريون، سانجهيءَ جو
جڏهن هو واپس آيو ته ايترو ته ٿڪل هو، جو ڪرسيءَ
تي ئي سمهي رهيو ۽ سج اڀرڻ کان پوءِ به دير سان
اٿيو.
”هاڻي منهنجا پنهنجي باغ ۾ ڪيئن نه خوشيءَ
ڀريا ڏينهن گذرندا“. هن چيو ۽ هڪدم باغ ۾ ڪم کي
وڃي لڳو، پر ڪوشش جي باوجود هو گلن جي سنڀال ڪري
نه سگهيو، ڇا ڪاڻ ته روز مره مل وارو ايندو هو ۽
هن کي ڪنهن نه ڪنهن ڪم سان موڪلي ڇڏيندو هو يا هن
کي مل تي ڪم ۾ مدد ڪرڻ لاءِ گهرائيندو هو، ڪڏهن
ڪڏهن ته هنس کي ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي، هو خيال
ڪندو هو ته ”منهنجا گل ائين سمجهندا ته مان کين
وساري ويٺو آهيان“. مگر هو هميشه اهو سوچي پاڻ کي
تسلي ڏيندو رهندو هو ته ”مل وارو هن جو بهترين
دوست آهي ۽ انهيءَ کان سواءِ هو پنهنجي هٿ گاڏي
مون کي ڏيڻ وارو آهي!“
ننڍڙو هنس مل واري لاءِ ڪم ڪندو رهيو ۽ مل
وارو دوستيءَ بابت کيس نهايت ئي خوبصورت ڳالهيون
ٻڌائيندو رهيو، هنس اهي ڳالهيون نوٽ بڪ ۾ رات جو
پڙهندو هو، ڇا ڪاڻ ته هو مل واري کي پنهنجو بهترين
دوست سمجهندو هو.
هڪ ڏينهن عجيب اتفاق ٿيو، شام جو هنس باهه
جي ڀرسان ويٺو هو، اها رات سخت طوفاني هئي، اوچتو
دروازي تي ”ٺڪ ٺڪ“ ٿي، هنس سوچيو ته شايد طوفان جي
ڪري در کڙڪائڻ جو آواز آهي، مگر وري به زور سان
”ٺڪ ٺڪ“ ٿي، هنس سوچيو ته شايد ڪو غريب مسافر آهي،
هو دروازي طرف وڌيو، در کولي ڏٺائين ته مل وارو
هڪ هٿ ۾ لالٽين ۽ ٻئي هٿ ۾ هڪ وڏي لٺ کنيو بيٺو
هو.
”پيارا هنس“، مل واري رڙ ڪري چيو، ”مان
سخت تڪليف ۾ آهيان، منهنجو ننڍو پٽ ڏاڪڻن تان ڪري
سخت زخمي ٿي پيو آهي، مان ڊاڪٽر کي وٺڻ ٿو وڃان،
مگر ڊاڪٽر تمام پري رهي ٿو ۽ رات به طوفاني آهي،
مون کي هينئر اهو خيال ٿيو ته جيڪڏهن منهنجي بدران
تون وڃين ته ڏاڍو سٺو، توکي خبر آهي ته مان توکي
پنهنجي هٿ گاڏي ڏيئي رهيو آهيان، انهيءَ ڪري انصاف
جي تقاضا آهي ته تون به منهنجي ڪجهه ڪم اچ“.
”حاضر“ هنس چيو، ”مان سمجهان ٿو ته هن مهل
مون وٽ اچي، اوهان منهنجي عزت افزائي ڪئي آهي، مگر
مهرباني ڪري مون کي پنهنجي لالٽين ڏيو، ڇا ڪاڻ ته
رات تمام اونداهي ۽ خوفناڪ آهي ۽ مون کي ڊپ ٿئي
ٿو، متان اونداهيءَ سبب کڏ ۾ ڪري نه پوان“.
”هائو“، پر مون کي افسوس آهي ته بتي توکي
ڏئي نه سگهندس، ڇو ته هيءَ منهنجي نئين بتي آهي ۽
جيڪڏهن اها خراب ٿي ته پوءِ مون غريب جو اهو وڏو
نقصان ٿيندو!“
”خير، پرواهه ناهي! مان بتيءَ کان سواءِ
ئي وڃان ٿو“، هنس چيو، پوءِ هن پنهنجو گرم ڪوٽ ۽
سرخ ٽوپي کنئي، پنهنجي ڳچيءَ کي مفلر ويڙهيو، ۽
روانو ٿي ويو.
ٻاهر طوفان ڪري اهڙي ته اونداهه هئي، جو
ويچارو هنس ڪجهه به ڏسي نٿي سگهيو، مٿان وري هوا
ايتري ته تيز هئي، جو هو سولائيءَ سان هلي به نٿي
سگهيو، ٽي ڪلاڪ پنڌ ڪرڻ کان پوءِ مس مس هو ڊاڪٽر
جي گهر پهتو، هن در تي ڪڙو کڙڪايو.
”ڪير آهي؟“ ڊاڪٽر سمهڻ واري ڪمري مان ڳچي ٻاهر ڪڍي
پڇيو،
”ڊاڪٽر صاحب، آئون آهيان، ننڍڙو هنس“.
”ڇا کپئي، ننڍڙا هنس؟“
”مل واري جو ننڍڙو پٽ ڏاڪڻ تان ڪري زخمي ٿي پيو
آهي، مل واري چيو آهي ته مهرباني ڪري اوهان جلدي
پهچو“.
”چڱو“، ڊاڪٽر چيو ۽ هن پنهنجو گهوڙو وڏو
بوٽ ۽ لالٽين تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ پوءِ گهوڙي تي
سوار ٿي مل واري جي گهر طرف روانو ٿيو، ويچارو هنس
پيادل سندس پٺيان روانو ٿيو، طوفان جيئن پوءِ تيئن
تيز ٿيندو ويو ۽ زور سان بارش پوڻ لڳي، ننڍڙو هنس
ڪجهه ڏسي به نٿي سگهيو ته ڪيڏانهن وڃي رهيو آهيان،
هو گهوڙي کي پهچي به نٿي سگهيو، ڏسي به نٿي سگهيو،
اوچتو هو هڪ ڌٻڻ ۾ وڃي پيو، جيڪا نهايت خطرناڪ
هئي، ويچارو هنس جيئن جيئن ان ڌٻڻ مان ٻاهر نڪرڻ
لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳو، تيئن تيئن ان ۾ وڌيڪ ڦاسندو
ويو، آخرڪار هو ٻاهر نڪري نه سگهيو ۽ اتي ڦٿڪڻ
لڳو.
ٻئي ڏينهن ڪن ٻڪرارن هن جي لاش کي هڪ وڏي
کڏ ۾ ترندي ڏٺو، هو کيس سندس جهوپڙيءَ ۾ کڻي آيا،
جيئن ته هنس تمام هر دلعزيز هو، تنهن ڪري ڪيئين
ماڻهو سندس جنازي ۾ شامل ٿيا، مل وارو سڀني کان
وڌيڪ هنس جو ماتم ڪري رهيو هو، ”مان هن جو بهترين
دوست هوس“، مل واري چيو، ”انهيءَ ڪري انصاف جي اها
ئي تقاضا آهي ته مون کي سڀني کان سٺي جاءِ ملي“، ۽
پوءِ هو هڪ ڊگهي ڪاري جبي سان، ماتمي جلوس جي
اڳيان اڳيان هلڻ لڳو ۽ پنهنجون اکيون هڪ وڏي رومال
سان اگهڻ لڳو.
جڏهن ڪفن دفن جو ڪم پورو ٿيو ته هن چيو، ”يقينن
ننڍڙي هنس جو موت، اسان سڀني جو نقصان آهي“. ان
کان پوءِ سڀئي آرام سان ويهي شراب پيئڻ ۽ مٺا ڪيڪ
کائڻ لڳا.
”مون کي ڏاڍو نقصان پهتو آهي“، مل واري چيو، ”مون
هنس کي پنهنجي هٿ گاڏي ڏيڻي ڪئي هئي، هينئر مون کي
خبر نٿي پوي ته مان اها گاڏي ڪيڏانهن ڪندس، اها
گاڏي منهنجي گهر ۾ اجايو پئي آهي، مصيبت اها آهي
ته اها اهڙي ته ڀڳل ٽٽل آهي، جو جيڪڏهن ان کي
وڪڻندس ته مون کي ان جا چار ٽڪا به نه ملندا، پر
انهيءَ هوندي به مون فيصلو ڪيو آهي ته آئيندي
پنهنجي ڪا به شيءِ ڪنهن کي مفت نه ڏيندس، ڇو ته
سخاوت ڪرڻ مان هميشه ماڻهوءَ کي نقصان سهڻو پوي
ٿو“.
عبدالقادر جوڻيجو
ڇــــانـــهـــان
پورن ٻن ڏينهن کان ڇورو ڪڻسيو پيو آهي، تپ به کڻي
دونهين دکائي، اونڌا گوڏا ڪري ويهي رهيو، جند ئي
نه ڇڏي، ڪا ڳالهه! هينئر مٿو باجنسي پئي ٻريس ۽
ٽهڪيس، ڄڻ مغز ۾ اندران ئي اندران ڪنهن پيچ پئي
ڪشيا، ڍڳ جهڙو ڇورو، منهن ۾ رت پيو ٻرندو هوس تنهن
جا ڦري ڪهڙا نه حال ٿيا هئا: اکيون پيليون جهڙي
هئڊ، منهن ۾ به ڦڪاڻ، بت ۾ ست جو ذرو نه، جهڙو ٻه
ڏينهن ڪنهن کڏ ۾ پوريو پيو هو، کيس ڪنهن ڳالهه مان
رس ئي نه اچي، پاڻي پي پي پيٽ هاڻي دهل وانگر پئي
وڳس، گرڙ شامڙيءَ جي ٿڌي ٿڌي بيمار هوا، ڄڻ ڇاتيءَ
تي دنيا جهان جي ڏک جون ڳريون ڇپون کڻيو ڪنجهندي
ٿي وئي، هيٺ ڏهر ۾ ٻنيءَ مٿان هڙين جا ولر ڄڻ
پنهنجي زور تي نه، هوا جي زور تي ترندا ٿي ويا،
پڻس ۽ ماڻس جون هڪلون به هلڪيون هلڪيون لڳس، ٽونڪ
جي ڇاتيءَ ۾ لهندڙ سج جا ترڇا ڪرڻا، ماءُ جي ٻانهن
وانگر کيس ويڙهي ويا ۽ مٺو مٺو درد سڄي جسي اندر
گهڙي پکڙي ويس، وڻن جا بي ستا پاڇا اڻ ڏٺا ڏانهنس
رڙهندا ٿي آيا، اها ڳالهه کيس ڀرپ ۾ نه آئي، زندگي
هئي ڪرڻن ۾، تن جو بنياد هيٺ اونداهي جي ٻاڪي ۾
لهندو ويو، دل چيس ته ٽونڪ تي چڙهي، ڪرڻن ۾
ويڙهجي پئجي رهان: پر بي ستائيءَ جون ڳنڍيون سڪ
هيون. ”ساهه ٿيندو“، دل ئي دل ۾ اڀرندڙ خواهش جو
ڪنڌ ڪپي ڇڏيائين.
سوير کان وٺي اندر ئي اندر ۾ جيڪي بک جون
باهيون پئي ڌڳيس، سي هاڻي گڏجي ڦٿڪڻ لڳيون، هو
اندر جي باهه وسائڻ ڪاڻ چؤنري اندر ڍريو، چلهه جي
ڀرسان پتر لڳ پيل پاٽوڙي تان آڳيڇڻي لاٿائين، تر ۾
رڳو ٻاجهر جي مانيءَ جا ڀور پيا هئا.
”اسان جو بک سان ٿو ساهه وڃي ۽ هتي ...“
سڄو تپي ڳاڙهو ٿي ويو، پاٽوڙي کي هيٺائين هيٺان
ٿڏي جي اهڙي ٽوڪر ڏنائين،
جو اُونڌو ٿي وڃي ڪريو، خدا ڪيو ڀڳو نه! سامهون پٽ
تي پيل رلين تي زور سان مٽيءَ هاڻا پير هنيائين ۽
ٻاهر نڪري آيو، دل چيس ته سڄي گهر کي ابتو ڪري
ڇڏيان، پر پاڻ کي بيوس ڏسي بيتحاشا روئڻ تي دل
ٿيس.
”ڪنان، اٺ جا پٽ!“ هيٺيون چپ ڏندن جي وچ ۾
اچي ويس، هو ڪاوڙ جي هيٺ ڏهر ڏانهن لهڻ لڳو،
گهٽيءَ اڳيان پيل ڍينگرن کي سٽ سان پري ڪري
ڇڏيائين، ڪنڊ ۾ جام ڇانهان پيا هئا، نڪو ڏٺائين
ڪچو نه ڦڪو، سٽ سان ول به اکيڙي ڇڏيائين، ڇانهين
کي زور مان هڪڙي مڪ هنيائين، ٻي ، ٽي هٿ کي ٻرو
وٺي ويس، ڪاوڙ ۾ ڇانهين کي زور سان پٽ تي سٽيائين
پر ڇانهون به ڪو رڳو کيس ڪاوڙ ڏيارڻ لاءِ ول ۾
ڄائو هو، پڻس به پکين کي هڪليندو، کانڀاڻيءَ جو
پوڇٽ وڄائيندو، کيس اچي پڳو.
”ڇورا، هينئر تپ ۾ واءِ تي نڪتو آهين، ڪچا
ڇانهان کڻي پٽيا اٿئي، جي مجيري ٿو ڏسئي ...
”مجيري جي ته ...“ هو چڙ مان زور سان روئڻ لڳو.
”اڙي اڙي، هيءُ ته .... پر گهر نه پيو هجين رلين
۾“.
هن کي وڌيڪ ڪاوڙ آئي، ٻني ۾ پڻس پوکي،
ڇانهين جون ڪريون به سندن گهران نڪتيون ۽ ...
”پر هچي، توکي
آءٌ
پڪو ڇانهون ٿو پٽيو ڏيان، لڪائي ڀڄ“.
”نه ...
آءٌ
ٿو چان...“
آواز سڏڪن جي وچ ۾ ٽٽڻ لڳس.
”ڇورا، مجيري!“ پڻس زميندار کي ايندو ڏسي
ڇانهين کي سٽ ڏني، جو گهاٽيءَ ٻاجهر ۾ وڃي ڪريو.
”ڇوري ڪڄاڙي تي محشر مچايو آهي؟“ مجيريءَ لوڙهي
اندر ڍرندي چيو.
”انهيءَ کي تپ اچي کنيو آهي سو ...“
”تپ جو به ڏوهه ڪونهي سڄي ٻنيءَ جا ڪچا
گدرا ۽ چڀڙ ڀيليا اٿس، سو ڀانئين ٿو پچندا ڪونه؟
ڪچن کي پچڻ به ڪونه ڏين ...“ مجيريءَ سنڌ جي مٽي
ءَ وانگر نرم ٿي ويو.
”پو ڇوري کي ڪا گوري ٻوري ڏي نه “.
”پٽيل، ڏوڪڙن جو زور ڪونهي...“
”رات جو لڪايو ٻاجهري ڪٽيو وڃو، سا ڪهڙي ڊهڙ ۾ ٿي
وڃي!“
”پر پٽيل، الله تي اعتبار ڪر، پاڻ کي داڻو به
حرام هوندو“.
”ها ها ! اوهان کي داڻو به حرام هوندو،
ماٺ ڪري ويهه، ڍڪيا ڀلا آهيو ميان“.
هو هاڻي گهر ڏانهن هلڻ لڳو ۽ اچي اوٽي تي ويهي
رهيو.
ڏينهن، شام جي اڏامندڙ پکين وانگر پري
اڏامندو ويو، سندس کنڀ جرڪندا اونداهيءَ ۾ ڍرندا
ويا، چوڌاري سانت جي ڌنڌ وٽڙجڻ لڳي، ٻنيءَ جي وچ ۾
بيٺل ڪنڊيءَ تي ويٺل ڳجهن جا ڊگها ڪنڌ اونداهيءَ ۾
ڍڪبا ويا، ماڻس سهڪندي سهڪندي اچي اوٽي تي ڪاٺين
جي ڀري سٽي ۽ ڇانهون پٽ ڏانهن گڙ گايائين.
”مري ويندس ڇانهين کي هٿ ڪو نه لائيندس.“ هو اڳي
ٻريو ويٺو هو.
”پر ابا تون به خيال ڪر، مُجيري ڏکيو ماڻهو ... .“
”ڏکيو ٻکيو ڪو نه،
آءٌ
مري ويندس، ڇانهين کي هٿ ڪونه لائيندس.“
”چڱو ڀلا ماني پچائي وٺان، اها کاءُ، ابو آهين!“
چلهه جا ٽانڊا رک هيٺان ڌڪجي ويا. روشن کنڀن واري
پکيءَ وري گهمرو کاڌو. رات جو دونهون اُلهندي
گهلجڻ لڳو. ماٺيڻيءَ فضا جي زبان کُلي پيئي. چلهه
جي ڀر ۾ ويهي پڻس سُلڦي جو سوٽو هنيو. کنگهه جي
واٽر جو بند ڀڄي پيو. هيٺ ٻنيءَ ۾ مجيري کرو کنيو
پئي هليو ۽ هاڻي هيڏانهن اچڻ لڳو.
”هڪڙو ڇانهون به ڪونه بچيو آهي.“ مجيريءَ ڄڻ بندوق
ڇوڙي ڪڍي!
”هين!؟“
ڪنهن ٻار جا پير پيا آهن. ڪهاڙيءَ سان ڇانهين جي
اڌن جا اڌ ڪڍي ڇڏيا اٿس ... ۽ پوءِ مُجيريءَ جي
گارين جا قافلا، سج جي صبح وارن ڪِرڻن ۾ ڍرندا،
سڙندا ويا! ...
آقائي حسن قلي مستعان
مترجم: شوڪت حسين
دائــــرا
هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن
آءٌ
اڃان جوان هوس، ۽ منهنجي زال جي عمر ٻاويهه سال مس
هئي. جوانيءَ ۾ گهڻو ڪري زال مڙس هڪٻئي جا ديوانا
هوندا آهن. مگر ان کي منهنجي بدقسمتي چئجي جو
منهنجي گهر زندگيءَ ۾ مسرت ۽ خوشيءَ جو گل به نه
ٽڙيو.
شادي ماءُ پيءُ جي خوشيءَ سان ٿي هئي، ڇوڪريءَ جو
انتخاب هنن ئي ڪيو هو،
سندس تجربن جي روشنيءَ ۾ مون کي يقين پيدا ٿي چڪو
هو ته
ٻين نوجوانن جيان منهنجي به گهر ۾ بهاري اچي ويندي،
۽
آءٌ
محبت جي نغمن ۾ ٻڏل رهندس.
هيءُ ته
آءٌ
تصور به نٿي ڪري سگهيس ته ڪو شاديءَ، کان پوءِ
منهنجي گهر ۾ خزان ايندي
!
مگر ٿيو هي جو بهار جي بجاءِ خزان آئي.
منهنجي شريڪ حيات نه صرف شڪل ۽ صورت جي اعتبار
سان منهنجي معيار کان قطعي مختلف هئي؛ بلڪ سندس
مزاجي ڪيفيت به منهنجي لاءِ ناقابل برادشت هئي.
سندس چپن تي ڪڏهن مون تبسم جي پرين کي رقص ڪندي نه
ڏٺو، ان جي بجاءِ سندس منهن ۾ سؤ سؤ گهنڊ پيل
هوندا هئا؛ سندس تلخ جملن ۾ مون کي زهر جي تلخي
محسوس ٿيندي هئي. ظاهر آهي ته هي سڀ ڳالهيون
منهنجي لاءِ روح فرسا هيون. وري مصيبت تي مصيبت
هيءَ آئي جو شاديءَ کان ستت پوءِ، هوءَ سخت بيمار
ٿي پيئي ۽ اهڙي بيمار ٿي جو مجبور ٿي کيس اسپتال
۾ داخل ڪرائڻو پيو. ڊاڪٽر پهرئين ڏينهن معائني
ڪندي ٻڌايو ته هوءَ زياده ڏينهن زنده ڪانه رهندي.
آءٌ
سنگدل ڪونه آهيان جو ڪنهن جي تڪليف کان متاثر نه
ٿيان،
ليڪن هن خطرناڪ بيماريءَ مان هي سمجهندي به ته
هوءَ ڪانه بچندي،
آءٌ
ذرو به متاثر ڪونه ٿيس، چنانچ سندس طبع پرسيءَ
لاءِ اسپتال ڏانهن به ڪڏهن ڪڏهن اخلاقن ويندو هوس.
هن کي به چڱيءَ طرح سان معلوم هو ته منهنجي دل ۾
هن لاءِ ڪا جاءِ ڪانهي. شايد ان ڪري منهنجي سرد
مهريءَ جو هن ڪڏهن به شڪوو ڪونه ڪيو. هن ڪڏهن
شڪايت جو هڪ حرف به زبان تي نه آندو،
بلڪ هڪ ڏينهن،
جڏهن
آءٌ
گهڻن ڏينهن کانپوءِ اسپتال ويس، تڏهن هن رخصت ٿيڻ
وقت مرڪندي چيو:
”هاڻي توکي گهڻا ڏينهن پريشاني ڏسڻي نه
پوندي، پابندي جي هيءَ زنجير، جيڪا تنهنجن پيرن ۾
آهي سا تمام جلد ٽٽي ويندي.“
سندس انهن لفظن ۾ نفرت هئي، يا سندس
بدمزاجيءَ جو زهر گڏيل هو، پر مون ان کي محسوس
ڪونه ڪيو، ليڪن منهنجي هيءَ خواهش ضرور هئي ته جلد
از جلد هيءَ پابندي به ختم ٿئي ته چڱو. چنانچ
آءٌ
منتظر هوس ته سندس لفظ ڪڏهن ٿا حقيقت جو روپ
اختيارڪن. مون کان سواءِ،
منهنجا مائٽ به مايوس ٿي چڪا هئا، ۽ هاڻي انهن کي
هي يقين ٿي چڪو هو، ته ان عورت سان گڏ منهنجي گهرو
زندگي ڪڏهن به خوشين سان همڪنار ڪانه ٿيندي.
چنانچ هاڻي هنن به نٿي چاهيو ته
آءٌ
سندس تندرست ٿيڻ جو انتظار ڪريان.
شايد ان ڪري ئي هنن تيزيءَ سان ڪنهن اهڙيءَ شريف ۽
خوبصورت ڇوڪريءَ جي تلاش ڪرڻ شروع ڪئي،
جيڪا منهنجي معيار مطابق هجي ۽ منهنجي خزان رسيده
زندگيءَ کي بهار جي سڳنڌ کان آشنا ڪري سگهي. ان
سلسلي ۾ مون پڪو ارادو ڪيو هو ته هن دفعي ڪجهه به
ٿي پوي، پر والدين کي شاديءَ جو اختيار ڪونه
ڏيندس. هڪ دفعي ته سعادت منديءَ جو اظهار ڪري
آءٌ
پنهنجي زندگي تباهه ڪري چڪو هوس، ٻئي دفعي ان تلخ
تجربي کي دهرائڻ ۽ آزمائڻ لاءِ تيار ڪونه هوس. هن
تجويز موجب، مون پاڻ، پنهنجي گرد پيش تي نظر وڌي ۽
پنهنجن ملڻ وارن دوستن کي چيو ۽ خاندان جي ڇوڪرين
جو جائزو ورتو.
هن جائزي ۾ مون کي لادن جي مرڪندڙ ۽ من
موهيندڙ شڪل نظر آئي. لادن هڪ ويهن سالن جي الهڙ
شاگردياڻي هئي. هوءَ ڄڻ سنگمرمر جو ڪو گهڙيل حسين
بت هئي. تمام فڪرن کان آزاد، اسڪول ايندي ويندي
مون هن کي ڪيترائي دفعا ڏٺو ۽ کيس ڏسندي،
هر بار منهنجي دل جي سرگوشيءَ سان گڏ
آءٌ
هي به ٻڌي چڪو هوس ته ڪيئي وڏا وڏا ماڻهو پڻ لادن
جا آرزومند آهن. |