فيلڊ مارشل ايوب خان، صدر مملڪت پاڪستان
اسلام ۽
ان تي عمل ڪرڻ جا طريقا
عيد جو پيغام: ”هن وقت سڀ کان وڌيڪ جنهن شئي جي
ضرورت آهي، اها آهي غير جذباتي طرز فڪر: ڇو ته
قومن جا مسئلا صرف جذباتيت سان حل نٿا ڪري سگهجن،
ان لاءِ دانشمندانه ۽ صحتمند، تدبر ۽ فڪر جي ضرورت
رهي ٿي.
”پاڪستان جو عوام، بحراني دور ۾، هر قسم جي آزمائش
مان پار ٿيو آهي، ۽ ان معاملي ۾ هو عالمي شهرت
حاصل ڪري چڪو آهي، اسان جي عوام، هر بحراني دور ۾،
هميشه يڪجهتي قائم رکي آهي ۽ عزيز وطن جي بچاءَ ۽
بقاءَ جي سلسلي ۾ ، وڏيون قربانيون ڏنيون آهن: بلڪ
اڄ تائين اسان جو عوام پنهنجي بلند حوصلي ۽ عزم کي
ظاهر ڪندي، ڪڏهن به ڪيٻائي نٿو. اها زندهه قومن جي
هڪ علامت آهي، جا الله پاڪ جي فضل سان اسان جي
عوام جي امتيازي وصف بنجي چڪي آهي.
”هن سلسلي ۾ ڪنهن به غلط فهميءَ ۽ شڪ شبهي جي ڪا
به گنجائش نه آهي. اسان جي قوم، هن وقت سستيءَ ۽
آرام طلبيءَ جي دور کان نڪري عمل ۽ حرڪت جي بي
پناهه حوصلي سان پنهنجي منزل مقصود ڏانهن وڌي چڪي
آهي، ان سلسلي ۾ هميشه پنهنجي نصب العين تي نظر
رکڻ جڳائي.
”هر مرحلي تي ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي، جيئن
پاڪستاني قوم، جا هن وقت ناقابل تقسيم ٿي چڪي آهي،
ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جي راهه تي تيزيءَ سان گامزن
رهي ۽ جيئن پوءِ تيئن وڌندي رهي.
”بدقسمتيءَ سان اسان جي طرز، فڪر ۾ ڪجهه تضاد آهي،
اسان پنهنجن معاملن ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ جي سلسلي ۾
مختلف حالتن پٽاندر مختلف اقدار ۽ معيار اڳيان
آڻيون ٿا ۽ انهن کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.
حالانڪ اهو تضاد ختم ٿيڻ گهرجي.
”اسان کي اسلامي اصولن جي روشنيءَ ۾ وحدت
فڪر جو جذبو ڪارفرما رکڻ گهرجي، ۽ سائنس ۽
ٽيڪنالاجيءَ جي موجوده دور ۾، هن دور جي تقاضائن
کي پورو ڪرڻ گهرجي.
”ان طرح سان اسان جو سياسي فڪر، توڙي
سياسي عمل به الجهي چڪو آهي، ماڻهن ٻين ملڪن جي
سياسي نظرين کي ته خوب پڙهيو آهي، پر انهن ماڻهن
ڪڏهن به هن ڳالهه تي نه سوچيو آهي ته اهي نظريات،
سندن حالتن ۽ مسئلن سان موافق آهن يا نه؟ ان سان
نتيجو اهو نڪتو آهي ته سندن نظرياتي معلومات ۽
سندن عملي حيثيت ۾ تمام گهڻو فرق ۽ تضاد موجود
آهي.
”اسان کي پنهنجي نظريات ۽ عوام جي مزاج کي
اڳيان رکي، جي سندن مسئلن سان موافق ۽ هم آهنگ
آهن، انهن متضاد ۽ تفاوت رکندڙ چيزن کي ختم ڪرڻو
آهي، ان قسم جي اصلاح، عمل جي صحت سان وابسته آهي،
صحيح عمل سان ئي تضاد ۽ تفاوت ختم ڪري سگهجي ٿو،
صرف اها ئي هڪ صورت آهي، جنهن سان اسان جون ڪوششون
بامقصد ۽ نتيجه خير ٿي سگهن ٿيون.
”هن مبارڪ مهيني ۾، اسان کي نفس جي اصلاح،
نظم ۽ ضبط، قرباني ۽ ايثار جي جيڪا تعليم ملي آهي،
لازم آهي ته ان کي اسان پنهنجي زندگيءَ لاءِ مشعل
راهه بنايون ۽ رمضان المبارڪ جي جذبي کي برقرار
رکڻ جي ڪوشش ڪريون“.
(عيدالفطر 1386هه جو پيغام)
” اسان پنهنجي نئين نسل کي، پراڻن طريقن
سان، رشته اسلاميءَ ۾ ڪڏهن به ڳنڍي نه سگهنداسون،
ڇا لاءِ ته نئون نسل جديد تعليم سان آراسته آهي ۽
اڄ هر ڳالهه تي غور ڪري رهيو آهي، ان ڪري انهن کي
جديد سائنسي طريقن تي ئي دين اسلام جي باري ۾
تعليم ڏئي سگهجي ٿي: نه ته اهو انديشو آهي ته ڪٿي
اسان جو نئون نسل، مورڳو ”اسلام“ کي ئي وساري نه
ڇڏي.
”ٻيو ته پاڪستان جو قيام، اسلامي مملڪت جي
حيثيت سان عمل ۾ آيو آهي، اسلام ئي سڀني مسلمانن
جي درميان، اختلاف ۽ فرق کي دور ڪري سگهي ٿو.
”ان طرح مذهبي اختلاف ته دور ٿي سگهي ٿو،
پر جڏهن ڪو مذهبي مسئلن کي سياسي غرضن لاءِ
استعمال ڪرڻ شروع ڪري، ته پوءِ اهڙيءَ حالت ۾ آخر
ڇا ٿو ڪري سگهجي ! اهڙن ماڻهن جو مقصد ئي اهو
هوندو آهي ته ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان عوام ۾
اختلاف پيدا ڪيو وڃي.
”پاڪستان جي آباديءَ ۾ مختلف زبانن، نسلن
۽ طبقن جا باشندا آهن، انهن کي فقط اسلامي رشتو ئي
پاڻ ۾ ملائي سگهي ٿو، ان رشتي کي پاڪستان هميشه
برقرار رکندو.
”ان طرح ان رشتي کي وڌيڪ تقويت پهچائڻ
لاءِ ضروري آهي ته نئين نسل کي اسلام جي تعليم،
پراڻن طريقن جي بجاءِ، جديد طريقن تي ڏني وڃي: ڇا
ڪاڻ ته نئون نسل اڄڪلهه جديد تعليم سان آراسته ٿي
چڪو آهي ۽ فڪر ڪرڻ جو عادي بنجي ويو آهي، اگر جديد
طرز تي انهن تائين اسلام نه پهتو ته پوءِ انديشو
آهي ته نئون نسل، اسلام جي اقدار کان محروم رهجي
وڃي“.
(پشاور 22 جنوري 1967ع)
”اڄ ساري دنيا، سياسي ۽ مادي نظرين جي
بنيادن تي پنهنجا پنهنجا جدا گروهه بنائي رهي آهي،
انهن جي اهميت کان انڪار ڪري نٿو سگهجي، پر اهي
تصورات ، انسان جي انتهائي منزل واري تقاضا کي ته
پورو ڪري نٿا سگهن هن دنيا ۾ توڙي آخرت ۾، پوري
انسان ذات جي نجات صرف ان آئيڊيالوجي جي ذريعي سان
حاصل ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ انسان جي مادي ۽ روحاني
تقاضائن ۾ صحيح توازن قائم ٿي سگهي . اسان جي
خوشبختي اها آهي ته اسان وٽ اهو مڪتب فڪر، دين
اسلام جي شڪل ۾ موجود آهي، هاڻي مسلمان ملڪن لاءِ
ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته پهريائين پنهنجن گهرن جي
اصلاح ڪن، ان کان پوءِ اسلام جي عالمگير برادريءَ
جي تشڪيل ڪن، جنهن ۾ باهمي رقابتن کي ڪو به دخل
ڏيڻ نه گهرجي“.
(جده ۾ خطاب 4 نومبر 1961ع)
”جيستائين اسان اسلام جي بنيادي اصولن تي
قائم رهنداسون، تيستائين مادي، سياسي، يا مملڪتي
حدبنديون، هڪ مسلمان کي ٻئي کان جدا نٿيون رکي
سگهن، دعا آهي ته الله تعاليٰ شال دنيا جي مسلمانن
کي مقصد جي وحدت ۽ يقين جي ان دولت سان مالا مال
ڪري، جنهن جو اسان کي اسلام حڪم ڏنو آهي ۽ جو
اڄوڪي دنيا ۾، جنهن ۾ فڪري ڪشمڪش هلي رهي آهي، ان
زندگيءَ جي نصب العين جي اها ئي تقاضا آهي.
”جي ماڻهو ايمان جي رشتي ۾ هڪ ٻئي سان
ڳنڍيل آهن، اهي ماڻهو، اختلاف ۽ فساد پيدا ڪندڙ
سڀني سببن سان منهن ڏئي سگهن ٿا. جڏهن ”ايمان“،
اسلام جو عطا ڪيل ”ايمان“ هجي ته پوءِ اختلاف ۽
فساد جو ته ڪو سوال ئي اٿي نٿو سگهي. ڇو ته اسلام،
اختلاف جي مقابلي ۾ ”اخوت“ اشتعال انگيزيءَ جي
مقابلي ۾، نرم روئي ۽ باهمي ڀائيچاري: غلط فهميءَ
جي مقابلي ۾ تبادله خيالات ۽ صفائي، غصي ۽ ڪاوڙ جي
مقابله ۾ عفو ۽ درگذر ڪرڻ جو ”روح“ آهي“.
(قاهره ۾ خطاب 6 نومبر 1961ع)
”مسلمان ڪٿي به هجي، هو پنهنجي الله
تعاليٰ سان ۽ خود پنهنجي ذات سان هڪ عهد ۽ انجام
قائم ٿو رکي، سندس اهو عهد وفا، دنيا جي هر وفا
شعاري جي عهد ۽ انجام کان بلندآهي، اهو عهد وفا،
ايمان جو آهي. اهو ئي عهد وفا آهي جنهن جي وسيلي
سان دنيا جا سڀ مسلمان، پنهنجا خارجي ۽ داخلي
اختلاف وساري، وحدت ۽ اخوت جي هڪ رشتي ۾ پوتل نظر
اچن ٿا. خير خواهيءَ ۽ خير انديشيءَ جا قدر ۽
معيار، کين هڪ ٻئي سان پيوست رکيو ٿا اچن. منهنجي
دعا آهي ته شال اهو سرچشمو، اڃا به وڌي ۽ ويجهي،
خدا ان کي محفوظ رکي، جيئن هنگامي فائدن ۽ عارضي
مصلحتن تي قربان نه ڪيو وڃي“.
(قاهره يونيورسٽي 9 نومبر 1961ع)
”هر انسان لاءِ ضروري آهي ته ان جي سامهون
ڪو نه ڪو اخلاقي ۽ روحاني مقصد هجڻ گهرجي، جنهن
سان هو پنهنجي مادي ۽ روحاني بلند قدرن جي تقاضائن
۾ توازن پيدا ڪري سگهي. اسان جي لاءِ، مقصد ۽ قدر
”اسلام“ آهي. اها ڳالهه افسوس جهڙي آهي ته ماڻهو
عام طرح سان ان حقيقت کي وساري چڪا آهن ته مذهب،
انسان جي لاءِ ڏنو ويو آهي، انسان کي مذهب جي ڪنهن
فائدي لاءِ نه بنايو ويو آهي ! ان حقيقت کي فراموش
ڪرڻ جو اهو نتيجو نڪتو آهي جو بجاءِ ان جي ته مذهب
جي قوتن کي ”انسان“ جي خدمت ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو
وڃي، ان لاءِ زندگيءَ جي تقاضائن ۽ حقيقتن کان
مورڳو الڳ ڪيو ويو آهي !
”اها حقيقت به هميشه اڳيان رکڻ گهرجي ته
دين جا اصول، غير متبدل ٿين ٿا، ليڪن انهن اصولن
تي عمل پيرا ٿيڻ جا طريقا، زماني سان گڏ بدلبا رهن
ٿا، ان صورت ۾ اهو پڻ ضروري آهي ته اها تبديلي،
صحتمند هئڻ گهرجي.
”پاڪستان، ان بنيادي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ
پوري ڪوشش ڪري رهيو آهي، اسان جي سڀ کان پهرين
ڪوشش اها آهي ته اسان جو آئين، ”ايمان“ سان هم
آهنگ هجي، جو ماڻهن کي اهڙو تيار ڪري، جو هو،
زندگيءَ جي هر شعبي ۾، ان کي عملي طرح سان نافذ
ڪري سگهن. ان طرح، اسان جي ٻي ڪوشش اها آهي ته
اسان، پنهنجي تعليمي نظام ۾ اهڙي تبديلي پيدا
ڪريون، جنهن ۾ ابتدا کان وٺي، دين ۽ دنيا جي تعليم
جو سلسلو گڏ هلندو رهي.
”ان سلسلي ۾ سڀ کان اول ڪم اهو آهي ته
اسان پنهنجي ذهن کي ماضيءَ جي جمود ۽ تعطل کان
آزاد ڪريون. دين جي هر معاملي ۾، ديانتدارانه ۽
آزادانه تحقيق ڪرڻ سکون. اسلام تي ان انداز سان
عمل ڪرڻ شروع ڪريون، جيئن هو هن ايٽمي دور ۾ زماني
جي برق رفتاريءَ سان ساٿ ڏئي سگهي، هي آهي اهو
مقصد، جنهن جي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان پنهنجي تعليمي
نظام ۾، اهڙي انقلابي اصلاح آڻڻ گهرون ٿا، جنهن
کان اسان جي ايندڙ نسلن ۾، دين ۽ دنيا جي گڏيل
تعليم مان سهڻا انسان ۽ سهڻا مسلمان پيدا ٿي
سگهن“.
(جده ۾ خطاب 24 نومبر 1961ع)
پروفيسر محبوب علي چنا
سِيَبويه بن اسماعيل الــُـقزداري
سبحان الله ! واديءَ مهراڻ جي گلستان ڪهڙا
ڪهڙا نه گوناگون ۽ بوقلمون رنگارنگي گل پيدا ڪيا،
جن نه رڳو هن خطي جي باشندن جي دماغ کي معطر ڪيو
پر سڄي دنيا کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيو.
جيئن ته هن خطي کي باب الاسلام هئڻ جو شرف
حاصل آهي،تئن هت صحابه ڪرام تابعين، تبع تابعين،
مجد دين، صوفياي عظام، اولياءِ ڪرام آيا: اقامت
ڪيائون، نپنا، وڌيا ۽ ويجهيا، هت انهن بزرگن قرآن
شريف، حديث شريف، فقه ۽ تصوف جي علوم جا واهڙ
وهائي ڇڏيا، جن مان ديسي ۽ پرديسي بهره ور ٿيا ۽
دور دراز کان پياسي ڪهي اچي اڃ اجهائيندا هئا، پر
افسوس ! صد افسوس جو اڄ هي عالم آهي ته اسان
پنهنجن بزرگن کي وهمي شخصيتون سمجهي صفا وساري
ڇڏيو آهي ۽ جن مبارڪ ارواحن پري پري جي روحن کي
علم جي اڪسير حيات سان نوازيو، تن کي اڄ ياد ڪرڻ
وارو ڪونهي، واه ! اي زمانه، تنهنجي سرد مهري يا
اي هم وطنو! اوهان جي بي رخي.
اڄ ٻين علوم کي پاسي تي رکي، علم حديث ۽ ان سان
واسطو رکندڙن جو تذڪرو ڪرڻو آهي، انهيءَ ضمن ۾ اڄ
ان گل جو احوال ڏيڻو آهي جو قزدار ڳوٺ ۾ رونما
ٿيو، سندس اسم گرامي دائود سيبويه بن اسماعيل بن
دائود القزداري آهي، پهرين سيبويه صاحب جي وطن
مالوف جو ڪجهه ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.
هن شهر کي ڪن مورخن قضدار به ڄاڻايو آهي،
پر ”معجم البلدان“ جي جلد چوٿين، صفحي نمبر 86 تي
هن شهر کي قزدار ڪري ڄاڻايو ويو آهي، هي شهر اهو
ساڳيو آهي، جنهن کي هاڻي خوزدار سڏجي ٿو ۽ قلات
ضلعي بلوچستان جو هڪ خوبصورت، صحتمند ۽ قدرتي
نظارن ۽ ميون سان لبالب شهر آهي، جيئن ته قلات اڳ
سنڌ جي لاڙ جو حصو هو ۽ ٺٽي سرڪار جي تاج جو پرڳڻو
هو، ان ڪري مورخن، قزدار کي واديءِ مهراڻ جو حصو
ٻڌايو آهي، معجم البلدان جي مصنف جي لکڻ موجب، هت
هڪ اصحابي بنام صنعان بن سلمه الحذالي جي تربت
آهي، جو امير معاويه جي دور حڪومت ۾ ميد قوم جي
خلاف لڙندي شهيد ٿيو، ان وقت کان وٺي هن شهر
پنهنجا مالڪ بدلايا پئي، ڪڏهن عرب مسلط ٿي ٿيا ۽
ڪڏهن ميد، پر آخر ۾ حضرت محمد بن قاسم ان کي مشرقي
خلافت سان ڳنڍي ڇڏيو.
عربن جي حڪومت جي زماني ۾ قزدار، توران
ملڪ جو مرڪزي شهر هو، جنهن ۾ لڳ ڀڳ موجوده
بلوچستان جو ڏاکڻو ڀاڱو ۽ لاڙ جو مغربي حصو اچي ٿي
ويو، چوٿين صديءَ جي وچ ڌاري، هڪ عرب سردار معين
بن احمد هت راڄ ڪيو ۽ ان وقت جي عباسي خليفي جي
نالي ۾ خطبو پڙهيو، قزدار خارجين جو به مرجع ٿي
رهيو آهي. 375 ۽ 386هه بمطابق 985ع ۽ 996ع جي وچ ۾
مشهور و معروف سلطان سبڪتگين ان تي قبضو ڪيو هو.
وڻج واپار جو قزدار مرڪز هو ۽ ان جي معرفت
هند و سنڌ جو واپار ڪرمان، فارس ۽ خراسان سان
هلندو هو، مذڪوره شهرن جا خواهه هند و سنڌ جا
واپاري هت اچي آباد ٿيا، شهر جي وچ ۾ انهن جا گهر
گهاٽ هوندا هئا، جتي مسلمانن لاءِ خوبصورت مسجدون
هونديون هيون.
جيتوڻيڪ اسان کي ڪا پڪي ثابتي نٿي ملي ته
عربن، قزدار ۾ ڪي ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون جاري
رکيون، پر ائين هرو ڀرو نه آهي، ڇو ته فرمان نبوي
صه مطابق، عرب مجاهدن کي علم القرآن ۽ علم الحديث
جو ضرور پرچار ڪرڻو هو ۽ جيئن اڳ ۾ ذڪر ڪري آيو
آهيان ته هن شهر کي اصحابي سڳوري جي مرقد جو شرف
هو، تيئن هت مذهبي علوم جو ضرور چرچو جاري و ساري
هوندو. تاريخ جو ٻيو محقق عنصر هي آهي ته عرب جي
شروع واري دور ۾ سندن حڪومت مستقل نه رهي، ان ڪري
سنڌ ۾ خواهه ٻين ملڪن ۾ علمن جي ترويج ۽ ترقي ٿي
نه سگهي، ان ڪري قزدار ۾ اسان کي پنجين صدي هجريءَ
تائين فقط ٻن محدثن جو پتو پئجي سگهيو آهي: هڪ
جعفر بن الخطاب القزداري، جنهن صاحب 450هه بمطابق
1057ع ۾ وفات ڪئي، ان بعد اسان جو محدث سيبويه
آهي، وفات جي تاريخن جي معائني ڪندي معلوم ٿو ٿئي
ته پهرئين يار جي وفات کان تيرهن سال پوءِ سيبويه
صاحب انتقال ڪيو. جيئن اڳ ۾ عرض ڪيو ويو آهي ته
زماني جي سرد مهريءَ ڪري يا ديسين جي بيرخيءَ جي
ڪري هن يار جو احوال بلڪل محدود آهي، ڪتاب ”رجال
السندو الهند“ جي مصنف سمعاني جي ڪتاب ”الانساب“
جي حوالي سان سيبويه جو احوال آندو آهي ۽ بس.
”الحديث و المحدثون“ ۾ به سندس ذڪر نه آيو آهي.
”تاريخ بغداد از مدينته الاسلام“ للحافظ ابي بڪر
احمد بن علي الخطيب البغدادي ۾ به هن يار جو پرو
نٿو پوي. حالانڪه خطيب البغداديءَ جي وفات جو سن
463هه بمطابق 1070ع آهي، يعني هي صاحب اسان جي
سيبويه جو همعصر هو، پر خبر نه آهي ته سيبويه غريب
کي هن به ڇو نه ياد ڪيو؟ پڪ هئي ته سندس ذڪر ابن
خلڪان جي ڪتاب ”وفيات الاعيان“ ۾ ضرور هوندو، پر
ان يار نحوي عالم سيبويه کي ياد ڪيو آهي، پر هن
محدث جو احوال نه ڏنو اٿس: پر پنهنجي ڪتاب جلد 2 ۾
”ابوبڪر محمد ابن احمد ابن علي ابن شاهويه“ جي ضمن
۾ ڪجهه دلچسپ احوال آندو اٿس، جو اسان جي محدث
سيبويه جي نالي تي ڪجهه روشني پوندي. شاهويه لفظ
جو ذڪر ڪندي پاڻ ڄاڻايو اٿس ته ”شاهويه“ لفظ
ايراني آهي ۽ شاهه ۽ ”واي“ جو مرڪب آهي، ان تي
الجوهري جي ڪتاب ”صباح“ جلد پهرئين جي حوالي ڏيندي
لکيو اٿس ته : ”سيبويه ۽ اهڙي طرز جا ٻيا نالا اسم
۽ حرف جملي مان ٺهندا آهن، جي پوءِ گڏجي اسم خاص
ٺهن ٿا. ”نزهت الخواطر“ ۾ به ان جو ذڪر آيل نه
آهي“. پر لک شابسون آهن هڪ پاڪستاني محقق ڊاڪٽر
محمد اسحاق ڊاڪا واري کي جنهن ”حديث ۽ محدثن“ جي
عنوان تي ڪشالا ڪري، مٿاڪٽ ڪري، احوال گڏ ڪري،
ڪتاب انگريزيءَ ۾ شايع ڪرايو، ان ۾ اسان جي يارن
جو ذڪر به آندو اٿس، جو سمعاني، اسطرنج ۽ ٻين
ماخذن تان ورتو اٿس، پر تنهن هوندي به سندس احوال
سمعاني کان ڪجهه قدر مختلف آهي. ڊاڪٽر اسحاق جي
تحقيق کي وڌيڪ مدلل سمجهي سندس احوال تي اختتام
ڪجي ٿو.
سيبويه صاحب جا شيوخ ( جن کان علم الحديث
سکيو يا روايت ڪيائين) العاص ابوالقاسم علي بن
محمد الحسيني، يحيٰ بن ابراهيم المخول ۽ رجا بن
عبدلواحد الاصبهاني هئا، ان صاحب مڪه شريف ڏي هجرت
ڪئي ۽ اتي علم الحديث پڙهايائين، حافظ ابوالفتيان
امر بن ابوالحسن الرواس (وفات 503 هه) جو جرجان جي
پرڳڻي دهستان جو وڏو محدث ٿي گذريو آهي، سيبويه جي
سند تي حديثون بيان ڪندو هو، هن جي وفات تقريبن
463 هه بمطابق 1070ع ٿي.
مذڪوره احوال مان هي ظاهر آهي ته ڪيئن نه
چوٿين صدي هجريءَ جي زماني ۾ ڪيترن ئي مسلم محدثن
جي وجود مسعود ڪري سنڌ جي ڏاکڻي حصي ۾ حديث شريف
جو مطالعو چوٽ تي هو!.
ميرحاجي محمد بخش خان ٽالپر
شير سنڌ-مير شير محمد خان ماڻڪاڻي
دنيا جي هر قوم پنهنجا پنهنجا هيرو پيدا
ڪيا آهن، ان سلسلي ۾ بر صغير جي آخري حفاظت ڪندڙن
۾، اسان کي سراج الدوله، شير ميسور سلطان ٽيپو
شهيد ۽ مرد مجاهد ”شير سنڌ“ مير شير محمد خان
ٽالپر مرحوم جا نالا، چمڪندڙ ستارن وانگر چمڪندي
نظر اچن ٿا، انهن ۾ ”شير سنڌ“ آزاديءَ جي جنگ جو
آخري ۽ لافاني هيرو هو.
مير صاحب موصوف، سنڌ جي ماڻڪاڻي ٽالپر خاندان جو
فرزند هو.
1783ع ۾ سنڌ فتح ٿيڻ کان اڳ، سنڌ جي اٽڪل
چوٿين-پنجين حصي جو حڪمران نواب سربلند خان سرڪار
والا همم، مير ٺارو خان، ”ستاره جنگ“ ٿيو، جنهن
پنهنجو تختگاهه ”ڪيٽيءَ“ کي مقرر ڪيو، اها ”ڪيٽي“
ڪيٽي بندر نه بلڪه ٽنڊي باگي ۽ ڏيپلي جي دنگ تي
ديهه اٺ ڊهو تعلقي ڏيپلي واري ”ڪيٽي“ هئي.
مير ٺاري خان جي شادي خانه آبادي،
حيدرآباد جي شهداداڻي ميرن خاندان مان، شهيد مير
بجار خان جي دختر۽ مير عبدالله خان جي همشيره سان
ٿي هئي، جنهن مان کيس ٽي فرزند ٿيا، مير غلام حيدر
خان، مير علي مراد خان ۽ مير غلام الله خان، وڏو
مير غلام حيدر خان هو، پر هن پنهنجي خوشيءَ سان
حڪومت ننڍي ڀاءُ مير علي مراد خان کي ڏني، بلڪ مير
ٺاري خان جيئري حڪومت هلائڻ لاءِ مير علي مراد خان
جي حوالي ڪئي هئي.
مير ٺاري خان 1829ع ۾ وفات ڪئي ۽ ماڻڪاڻي
ٽالپرن جي قديم مقام ”چٽوڙي“ تعلقي ميرپورخاص ۾،
جو شهر کان سورنهن ميل اتر طرف آهي، کيس دفنايو
ويو.
مير علي مراد خان، راڄي خاناڻيءَ جي
ٽالپرن مان شادي ڪئي، کيس سڀ کان وڏو پٽ مير شير
محمد خان ٽالپر هو ۽ ٻيا ٻه، مير شاهه محمد خان ۽
مير خان محمد هئا.
1806ع ڌاري مير علي مراد خان، ميرپورخاص
جو شهر ٻڌايو هو، ٽيهارو سالن کان پوءِ، 1836ع ۾
مير علي مراد خان وفات ڪئي، کانئس پوءِ، مشرقي سنڌ
جي گادي تي ”شير سنڌ“ مير شير محمد خان ماڻڪاڻي
تخت نشين ٿيو.
مير شير محمد خان جو جنم 17 مئي 1810ع ۾ ميرپورخاص
۾ ٿيو، سندن تعليم لاءِ هالا جي قاضي خاندان مان
ان وقت جا وڏا عالم ۽ فاضل سندن اتاليق مقرر ڪيا
ويا، مير صاحب کي پنهنجي مادري زبان بلوچڪي ۽
سرائڪي ۽ سنڌيءَ کان سواءِ پارسي ۽ عربي جي تعليم
ملي، مير صاحب انهن زبانن ۾ ماهر هو.
مير صاحب جو رنگ ڳورو، قد پورو پنو، چهرو ويڪرو هو
۽ سندس ريش مبارڪ وچولي، بلڪه ننڍي هئي، طبيعت
شوخ، ڳالهائڻ ٿورو ۽ حشمت وارو هوندو هو، ڪنهن به
ماڻهو کي ڪاوڙ جي وقت سندس منهن ۾ نهارڻ جي همت نه
ٿيندي هئي.
1836ع ۾ ميرپورخاص ۾ سندس تخت نشيني ٿي، سمورا سنڌ
جا پير ۽ سجاده نشين مير ۽ امير ۽ بلوچ سردار سندس
والد جي فاتح خوانيءَ تي آيا هئا، جن کيس پڳ
ٻڌائي، اها رسم نهايت شاهانه نموني ۾ ملهائي وئي.
مير ٺاري خان کي هيٺيون ملڪ حصي ۾ آيو:
1.
چاچڪا، ڪوٽڙي الهر کيي سميت.
2.
ميرپوربٺورو.
3.
بهرام پور-سيراڻي.
4.
سماوتي.
5.
ٺٽو (شهر کان سواءِ)
6.
اوڍيچاڻي (ٿورو حصو)
7.
مير پورخاص ضلعو (موجوده نوابشاهه ضلعي جي ڪن
تعلقن سميت)
8.
ٽنڊوالهيار (نصرپور سميت).
9.
ڏيپلي تعلقي ۾ ٻلهاري تائين.
ڪجهه وقت کان پوءِ مير صاحب ميرپورخاص لڳ ڪي ٻيا
ٽڪرا به پنهنجي قبضي ۾ آندا، جي حقيقت ۾ سندس ئي
هئا، اهي فقط شاهواڻي ٽالپرن کي جاگير طور مليل
هئا، جيئن ميرپوخاص لڳ وارو ٽڪر.
ملڪ جي حالت.
مير
صاحبن سنڌ کي لاڳيتن ۽ گڏيل ٽڪرن ۾ ورهايو هو، بلڪ
مختلف علائقا ڪري ورهايا هئائون. مثلن:
(1). ٿر جو علائقو، حيدرآباد سرڪار کي هو.
(2). سانگهڙ، کپرو ۽ مورو، ويندي نصرپور
تعلقي تائين، ماڻڪاڻي سرڪار وٽ هو.
مير صاحب وٽ زرخير ۽ آباد علائقو فقط لاڙ
جو هو، ليڪن ”شير سنڌ“ ساڱرو واهه کڻايو، جو اڳتي
هلي ٽالپرن ۾ نزاع جو سبب بنيو، ان سبب ڪري،
ميرپورخاص وارو ملڪ گلزار ۽ سبزه زار بنجي پيو،
ماڻهو ڏاڍا سکيا ستابا هئا، مير صاحب جي دور ۾
ڪڏهن به ڏڪار نه پيو، ملڪ ۾ چوريون ڦريون ڄڻ ته
هيون ئي ڪين، علم، جي عام نه هو ته ماڻهو صفا ڄٽ
به نه هئا، عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن ۾ درس ۽ مڪتب
جام هئا جن ۾ هزارين شاگرد دين جو علم حاصل ڪندا
هئا. انهن کي مير صاحب وٽان ساليانا لوازما ملندا
هئا، ان دور جي نصاب جي اپٽار انگريز سياح برٽن
ڪئي آهي، جنهن جو ترجمو ۽ اختصار
علامه دائود پوٽي،
”الوحيد“ جي ”سنڌ آزاد نمبر“ ۾ ڏنو آهي.
سنڌ جو مشهور عالم باعمل، فقيہ ۽ صوفي،
مخدوم فقير عبدالرحيم گرهڙوي، جو مير ٺاري خان جو
استاد هو، ان جو مدرسو ان دور ۾ نمايان حيثيت حاصل
ڪري چڪو هو.
ان کان سواءِ ميرپورخاص ۽ لاڙ ۾ پڻ وڏا
مدرسا هئا، مثلن گرهوڙ، چوٽيارون، بدين، جن ۾ فارغ
التحصيل شاگردن کي باقاعده سندون ملنديون هيون،
اهي شاگرد فراغت کان پوءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي
ويندا هئا ۽ ديني مدرسا قائم ڪندا هئا.
ملڪ ۾ سرڪار جي اها حالت هوندي هئي جو جڏهن
مندائتا مينهن وسندا هئا، تڏهن درياءِ سنڌ تي مکڻ
جون ٻيڙيون ڀرجي وڪامنديون هيون، ڪنهن به اناج جي
جنس جي وڌ ۾ وڌ قيمت مڻ جي فقط ٻه رپيا هئا.
ان دور جي اناج ۽ جنسن جي اگهه پاڙ جي
اگهوتري، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، پنهنجي ڪتاب
”ميرن جي صاحبي“ ۾ بيان ڪئي آهي.
فوجي حالت.
ٽالپرن جو مکيه لشڪر، بلوچ قوم مان هو، جنهن جي
سردارن کي لشڪر جي سنڀال ۽ کاڌ خوراڪ جي معاوضي ۾
جاگيرون مليل هيون، لشڪر ٻن قسمن جو هو، هڪ
باقاعده ٻيو سرداري لشڪر.
باقاعده فوج کي هڪ يورپين جرمن نسل مان
مسٽر سئمسن تعليم ڏيندو هو، تربيت جي لحاظ سان مير
صاحب جو توبخانو سنڌ جي باقي سمورن حڪمرانن جي
توبخانن کان بهتر هو.
باقاعده لشڪر جي سوار کي خوراڪ سميت ٽيهه
رپيا ماهوار ملندا هئا،
هي اهو سڪار جو زمانو هو جنهن ۾ اُچي اناج جو مڻ
ٻن رپين ۾ ملندو هو ۽ هڪ لوڻ جي ٻوري جي قيمت فقط
ٻه پايون هئي ۽ جوئر جي مڻ جي قيمت فقط چوڏهن آنا
هئي!
بيقاعده فوج ۾ جن کي هٿيار نه هوندا هئا،
انهن کي هٿيار ملندا هئا، انعام، خلعتون ۽ روزينا
انهن کان علاوه مقرر هوندا هئا.
مير صاحب ۽ ٻيا حڪمران.
سنڌ ۾ ان وقت سمورا ٽالپر حڪمران، ذري گهٽ منو ڊزن
کن هئا: پر سڀني ۾ مکيه حڪمران مير نصير خان، مير
رستم خان، مير صوبدار خان ۽ مير محمد خان ليکبا
هئا.
انگريز، جيڪو مڪاريءَ، سوديبازي، باهمي اختلاف
پيدا ڪرائڻ واري سازش سان سڄي ايشيا کي پنهنجي
غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙي رهيو هو، اهي سڀ هٿيار
نهايت زور شور سان هت به ڪم آڻي رهيو هو.
ٽالپرن کي ڌارين سان ويڙهائڻ ۽ ٽالپرن کي
پاڻ ۾ ويڙهائڻ، اهي سندس مکيه طريقا هئا، جن جي
بدولت آخرڪار انگريز سنڌ ۾ڪامياب ٿيو. ان سلسلي ۾
، سنڌ جي آزادي کي بچائڻ خاطر ”شير سنڌ“ جي ڏاڏي
مير ٺاري خان ”ستاره جنگ“ ۽ مير غلام علي خان
ٽالپر جي لڙائي انهن سازشي تدبيرن جي دفاع ۾ هئي.
ازان سواءِ ”فاتح سنڌ“ مير فتح علي خان جي
فرزند مير صوبدار خان ٽالپر جي دوستي وري ”شير
سنڌ“ مير شير محمد خان ٽالپر سان هئي. ان سبب جي
ڪري به مير صوبدار خان ٽالپر جي حيدرآباد جي
ٽالپرن سان اڻبڻت هئي.
مير محمد خان ٽالپر، جو ”شير سنڌ“ سان
عزازت ۾ ويجهو هو تنهن سان به مير نصير خان ڪونه
ٺهندو هو. هڪڙو اهو به سبب هو جو ”شير سنڌ“ پنهنجي
ويران ملڪ کي آباد ڪرائڻ لاءِ ساڱرو واهه کڻائي
چڪو هو، اهو واهه اگرچ حيدرآباد جي ٽالپرن جي زمين
مان ٿي نڪتو، تاهم اهو ڪو اهڙي باهمي نزاع جو سبب
نه هو، اصل سبب هو حيدرآباد جي ٽالپرن جي انگريزن
سان نرم پاليسي.
انگريز ۽ شير سنڌ.
هونءَ ته انگريزن جا منحوس قدم گهڻي وقت
کان سنڌ ۾ ڄمي چڪا هئا، ليڪن سڀ کان وڌيڪ ۽
اثرائتي نموني ۾ باقاعده سندن ڪوٺي، ميان غلام
شاهه ڪلهوڙي جي وقت ۾ قائم ٿي.
ان ڪوٺيءَ قائم ڪرڻ کان پوءِ، پنهنجن
سازشن جي سببان ٻه – ٽي ڀيرا ٽپڙ کڻڻا پين، پر آخر
ڪار پڪيءَ طرح سان سنڌ ۾ مير غلام علي خان ٽالپر
جي دور حڪومت ۾ آيا. ان وقت سنڌ جون حالتون هرو
ڀرو ايتريون خراب نه هيون، سمورا راجا-جوڌپور،
جيسلمير ۽ ڪڇ سميت ذري گهٽ سنڌ جا ڍل ڀرو هئا.
بهاولپور جو نواب صاحب پڻ سنڌ جي حاڪمن جو دوست
هو. قلات جي خان سان سنڌ جي حاڪمن جي رشتيداري
هئي. ايران سرڪار سان پڻ سندن دوستانو ناتو هو.
ايران ۽ افغانستان جي باهمي خلفشار جو
دور، جو انگريزن جي سازش جو نتيجو هو، ان کي ختم
ڪرڻ لاءِ سنڌ جي حاڪمن جو خيال هو ته شاهه شجاع يا
ڪنهن ٻئي افغان حڪمران کي پنهنجي معرفت تخت نشين
ڪرائين، جيئن انگريزن کان هميشه وارو خطرو ٽري
وڃي. پر انگريزن جي منحوس سياست اتي به آڏو آئي.
اول ايران ۽ افغانستان کي پاڻ ۾ ويڙهايائون، ۽
پوءِ روس جي خطري جي آڙ وٺي، افغانستان ۾ پنهنجا
پير مضبوط ڪري، پنهنجي هٿ جي گڏي حڪمران شاهه شجاع
کي مدد ڏيارڻ جو بهانو ڪري، سنڌ مان لشڪر لنگهائڻ
۾ ڪامياب ٿيا. ان سلسلي ۾ ٽالپرن کي رنجيت سنگهه
جو ڊپ ڏنائون، حالانڪ سکن سان سنڌ جي حاڪمن جو خاص
اختلاف ڪونه هو، ان طرح هندو راجائن کي ڀڙڪايائون
ته سنڌ تي جڏهن انگريز قابض ٿيندا، تڏهن اوهان جا
علائقا اوهان کي واپس ڏنا ويندا. ان طرح سان قلات
جي خانن ۾ به خانه جنگي پيدا ڪري، انهن کي ڪمزور
ڪيائون. ايتري سازش تي اڪتفا نه ڪيائون پر وجهه
وٺي خود ٽالپرن ۾ به اختلاف جي باهه ڀڙڪايائون.
ان سلسلي ۾ سڀ کان اول حيدرآباد سرڪار ۾
مير صوبدار خان ۽ مير محمد خان جي برخلاف مير نصير
خان ۽ مير نور محمد خان سان دوستي ڳنڍيائون ۽ ”شير
سنڌ“ جو سندن سچو پچو ۽ ظاهر ظهور مخالف هو، ان جي
خلاف مير نصير خان کي کڙي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون.
اهو به ياد رهي ته مير شير محمد خان يا
ميرپور سرڪار جي ٻئي ڪنهن به حڪمران ڪڏهن به افغان
سرڪار يا انگريزن کي ڍل نه ڀري هئي، نڪو ساڻن
محڪوميءَ ۽ غلاميءَ جو ڪو عهد نامو ئي ڪيو هئائون.
ان ڪري انگريز هميشه ڏمريا رهيا ته ”شير سنڌ“ ائين
ڪرڻ ڇو ٿو گهري. ان خار وچان انگريزن ”شير سنڌ“ جي
خلاف حيدرآباد سرڪار کي ڀڙڪائڻ ۾ ڪاميابي حاصل
ڪئي.
نفاق وجهڻ جي سلسلي ۾ ائين مشهور ڪيائون
ته ”شير سنڌ“ مير شير محمد خان ٽالپر حيدرآباد
سرڪار جو محڪوم آهي، ان ڪري جيڪي به عهدناما اسان
حيدرآباد سرڪار سان ڪيا آهن، سي خود بخود
ميرپورسرڪار سان به لڳن ٿا. |