ان طرح، افسانن ۾ ڇهه چونڊ افسانا ڏنل آهن، جي سڀ
اصلاحي ۽ سماجي آهن، جن جي مطالعي سان زندگي جون
مختلف تصويرون اکين اڳيان اچن ٿيون، ان طرح هڪ
ناٽڪ ”پُنرو بَڊام“، محترم ممتاز مرزا جو پيش ڪيل
آهي، هي ڊرامو تاريخي پس منظر ۾ حميت ۽ غيرت جو
عظيم داستان رکي ٿو، مقالن ۾ چار تاريخي مقالا آهن
:”سيبويه بن اسماعيل قزداري“، ”شير سنڌ“، ”شاهه
شجاع الملڪ“ ۽ ”ڪوٽڙي ڪبير“، جي ترتيبوار، محترم
محبوب علي چنا سيوهاڻي، مير محمد بخش خان ٽالپر،
لطف الله بدوي، قريشي حامد علي خانائيءَ جا
محققانه شاهڪار آهن، اسلام تي عمل ڪرڻ جا طريقا،
صدر مملڪت جي فڪر انگيز تقريرن جي اقتباس تي مشتمل
دعوت فڪر آهي، لسانيات ۾ ”سنڌي گرامر جا مسئلا“،
پروفيسر الانا جو محققانه مضمون آهي، ان کان علاوه
ادب لطيف، مهراڻ جا موتي، مثالي ٽڪرا، تبصرا ۽
پيغام آهن.
آخر ۾ انهن اديبن ۽ عالمن ، شاعرن ۽ فنڪارن جو
شڪريو بجا ٿا آڻيون، جي ”مهراڻ“ لاءِ روح روان جي
حيثيت رکن ٿا، ”مهراڻ“ جو مواد، پنهنجي افاديت
توڙي ضخامت جي لحاظ سان، سڀني سنڌي رسالن ۾ ممتاز
جڳهه قائم ڪئي آهي، ”مهراڻ“ جو هر هڪ حصو، پنهنجي
جاءِ تي هڪ مستقل رسالي جي حيثيت رکي ٿو، ان جا
مکيه حصا آهن، حصئه نظم، حصئه افسانه ۽ ڊراما،
حصئه مقالا ۽ متفرقه ڪالم، ان حالت ۾ اسان ”مهراڻ“
جي صاحب قلم فنڪارن، اديبن، شاعرن، افسانه نگارن ۽
ڊراما نويسن کي خاص طرح سان عرض ٿا ڪريون ته هو
صاحب جيترو ٿي سگهي اوترو تمام جلد، پنهنجي تازي
تخليق ۽ اڻ ڇپيل مواد موڪلي ڏين، جيئن هن معياري
رسالي ۾ مناسب ۽ موزون هنڌ تي اچي سگهن، ڇا لاءِ
ته هن قسم جي معياري ۽ ضخيم پرچي جي ترتيب جي
سلسلي ۾ مواد جو وقت تي ملڻ تمام ضروري آهي.
”مهراڻ“ جي عزت افزائي ۽ مقبوليت لاءِ هر حال ۾،
ادارو انهن واجب التعظيم اديبن ۽ محققن جو شڪرگذار
آهي، جي پنهنجي تخليق ۽ شهپاري موڪلڻ سان اسان جي
حوصله افزائي ڪندا اچن ٿا.
شڪريو:
آخر ۾ اداره ”مهراڻ“ جناب حضرت مخدوم محمد زمان
صاحب ”طالب الموليٰ“، چيئرمين ادبي بورڊ ۽ جناب
پير حسام الدين راشدي صاحب ۽ شيخ علي محمد صاحب
(پرنٽر ۽ پبلشر ”مهراڻ“) ميمبران بورڊ – جو
ٿورائتو آهي، جن مواد جي ترتيب ۽ انتخاب جي سلسلي
۾ معاونت فرمائي ۽ تعريف جي قابل مشورا ڏنا ۽ مواد
نظر مان ڪڍيو.
ان طرح ، اداره ”مهراڻ“ جناب غلام سيد اسد الله
شاهه صاحب ”بيخود“ حسيني ٽکڙائي (اعزازي
سيڪريٽري) ۽ محترم غلام رباني (اسسٽنٽ سيڪريٽري)،
محترم ميان علي بخش احمد زئي (مئنيجر س .ا .ب
پرنٽنگ پريس) ۽ سندس ڪارڪنن جو احسانمند آهي، جن
ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ فني نظر سان تعاون ڪيو ۽ پوري
وقت تي رسالي کي شايع ڪيو.
ان طرح ”مهراڻ“ آفيس جي ڪارڪن ۽ رفيق، مسٽر پرڀو
”ناشاد“، مواد جي نقل ترتيب ۽ پروف بيني ۾ قابل
قدر ساٿ ڏنو آهي.
(غ.م.گ)
حافظ محمد هارون
”دلگير“
ٽکڙائي(مرحوم)
(لافاني ڪلام)
رات جي بات
رات جو وقت ٿيو، مخلوق جي آسائش جو،
رات جو وقت، خيالات جي آرائش جو،
رات جو وقت، خرابات جي افزائش جو،
رات جو وقت ٿيو ظلمات جي زيبائش جو:
ساعت امن و سڪون، رمز و اشارات جو وقت،
طاعت رب علا، حمد و مناجات جو وقت!
مظهر خيريت، جمله جهان، رات جو وقت،
مصدر عافيت خواب گران، رات جو وقت،
محضر راحت ۽ امن و امان، رات جو وقت،
منظر قدرت، خلاق، زمان، رات جو وقت:
رات جو وقت ملاقات مدارات جو وقت،
دلڪشا رنج ربا، روح فزا رات جو وقت!
خواب نوشين جي سبب، خواب پريشان جي سبب،
بزم عشرت جي سبب، گوشئه حرمان جي سبب،
دور عصيان جي سبب، طاعت سبحان جي سبب،
رات جو وقت عجب وقت ٿيو انسان جي سبب:
جنس عشرت جي سبب، بيش بها رات جو وقت،
عيش خلوت جي سبب، راهنما رات جو وقت!
رات جو وقت زهي وصل دلارا جي گهڙي،
عرض معروض جي اظهار تمنا جي گهڙي،
تاب، تسڪين، تسلي ۽ مدارا جي گهڙي،
مهرو الطاف و مروت جي مداوا جي گهڙي:
ان جي قسمت ٿي چڱي، جنهن کي هي سوغات ملي،
او چڱو، جنهن کي سدا وصل سندي رات ملي!
چور رهزن جي سبب وجه طرب رات جو وقت،
قلب فاسق جي شرارت جو سبب رات جو وقت،
فاجرن کي سبب، لَهو و لَعب رات جو وقت،
بهرِ بيمار، دم رنج و تعب، رات جو وقت:
رات ڪاريءَ کان ذرو ڪين جي زنهار ڊڄن،
پرده شب ۾ بديءَ کان نٿا بدڪار ڊڄن!
رات جو وقت ، تضرع جو، پريشانيءَ جو،
دولت زهد و رياضت جي نگهبانيءَ جو،
فڪر جو، خوض جو، خلوت جو، ثنا خوانيءَ جو،
ذڪر جو، قلب منور جي درخشانيءَ جو:
ڪن رياڪار سڄو ڏينهن ، ريا جون ڳالهيون،
رات جو مردِ خدا ڪن ٿا خدا جون ڳالهيون!
رات جي وقت، پڙهن خوب ٿا تهجد جي نماز،
رات جي وقت ٿئي شوق سان ٿي شمع گداز،
رات جو ڪن ٿا مزا واهه جا عاشق جانباز،
رات جي واهه ڪي تعريف تو اي ”شاهنواز!“
تنهنجي هي نظم ڏسي بلڪل (ا) تحسين چوي،
جنهن مثل ڪونه ٻيو شعر ٿو شيرين چوي!
بيت:
”ذوالفقار“
راشدي، جئسنگهاڻي
”سام“،
”مجذوب“
لاشاري، ڪمل ڪيولراماڻي ”پياسي“،
احمد خان
”آصف“
مصراڻي.
دوها: عبدالڪريم
”گدائي“،
نياز همايوني.
ڪافيون:
مخدوم محمد زمان
”طالب
الموليٰ“،
”ذوالفقار“
راشدي، حافظ
”احسن“،
”محسن“
ڪڪڙائي، جئسنگهاڻي
”سام“،
احمد خان
”آصف“،
”استاد“
بخاري،
”خادم“
سروري، غلام حسين رنگريز.
وايون:
محمد خان
”غني“،
”ڪريم“
پلي، قمر شهباز، ارجن
”حاسد“،
ولي محمد
”وفا“،
”آثم“
ناٿنشاهي،
”وفا“
ناٿنشاهي،
”راز“
ناٿنشاهي،
”مجرم“
لغاري، احمد خان
”آصف“،
پرڀو
”ناشاد“.
گيت:
شيخ اياز، نارائڻ
”شيام“،
لطف الله بدوي،
”ڪريم“
پلي، حافظ
”احسن“،
”پروانو“
ڀٽي، قيوم
”طراز“،
ايشور چندر، ولي محمد
”وفا“.
لوڪ گيت:
نياز همايوني، احمد خان
”آصف“.
نظم:
عبدالڪريم
”گدائي“،
هري
”دلگير“،
”ذوالفقار“
راشدي،
”پروانو“
ڀٽي،
”بردو“
سنڌي، لکميچند
”پريم“،
”آثم“
ناٿنشاهي،
”استاد“
بخاري،
”نشتر“
ناٿنشاهي، رحيم بخش
”قمر“،
”مجذوب“
لاشاري،
”سرويچ“
سجاولي، غلام حسين رنگريز.
آزاد نظم:
هري ”دلگير“، سدارنگاڻي
”خادم“،
”ذوالفقار“
راشدي،
”سيف“
ٻنوي،
”راز“
ناٿنشاهي.
نيون طرزون:
هري
”دلگير“،
واسديو
”نرمل“.
غزل:
شيخ اياز، نارائڻ
”شيام“،
مرزا فيض علي
”فيض“،
”بردو“
سنڌي،
”ذوالفقار“
راشدي، عبدالڪريم پلي، حافظ
”احسن“،
عارف المولا،
”خواب“
حيدرآبادي،
”محبوب“
سروري،
”تاج“
بلوچ، لکميچند
”پريم“،
سڳن آهوجا، ايم ڪمل، ٽيڪچند
”مست“،
ارجن
”حاسد“،
”وفا“
ناٿنشاهي،
”انور“
هالائي،
”ساجد“
سرشاري، علي محمد
”خالدي“،
”آصف“
مصراڻي، غلام حسين رنگريز،
”راز“
بلڙائي، ولي محمد
”وفا“،
”جليل“
سروري،
”راز“
ناٿنشاهي، پرڀو
”ناشاد“.
قطعا:
”بيخود“
حسيني، هري
”دلگير“،
شبير
”هاتف“،
”ذوالفقار“
راشدي، لکميچند
”پريم“،
عبدالله
”خواب“،
”آثم“
ناٿنشاهي،
”استاد“
بخاري، موتي پرڪاش،
”نديم“
انصاري،
”انور“
هالائي،
”وفا“
ناٿنشاهي، ارجن
”حاسد“،
”مشتاق“
سچاروي.
رباعيون:
حافظ
”احسن“،
”محسن“
ڪڪڙائي،
”استاد“
بخاري،
”آثم“
ناٿنشاهي،
”وفا“
ناٿنشاهي.
مختلف زبانن جي شاعري: رحمان بابا، يونس
”احمر“،
سرون ڪمار ورما،
”شيدا“
بوزدار، اقبال سوڪڙي، احمد صافي
”نجفي“،
احمد
”ظفر“،
عبدالجليل قريشي، جي- الانا.
”ڇا جديد نظم ۾ هميشه هڪ چچريل ۽ بگڙيل چهري جي
عڪاسي ڪئي ٿي وڃي: يا ان جي فني شڪايت، ڪڏهن ڪڏهن
راڳ وانگر بيرنگ پر دلڪش به ٿئي ٿي!
”هي زمانو فن ۽ ابهام ۽ اشاريت کي پسند ڪري ٿو، اڄ
ان قسم جو نظم به لکيو وڃي ٿو، جنهن ۾ موسيقيءَ جي
بجاءِ، صرف لفظن جي معنوي حسن تي ، نظم جي عمارت
تيار ڪئي وڃي ٿي. نئين نظم ۾، موسيقيءَ جون روح
آفرين لهرون، آدميءَ جي مڪروهه چهري جي بجاءِ،
ڪڏهن خون جون بوندون، ڪڏهن نرم هوا جا سرور آفرين
جهوٽا، ڪڏهن مشينن جا دونهان ۽ ڪڏهن آفاق جو سڪوت
۽ سناٽو به ملن ٿا، پر ڪڏهن هڪ بي نام شڪل ملي ٿي
ته ڪڏهن انوکي ڪيفيت به محسوس ٿئي ٿي!“
بــــيــــت
ذوالفقار راشدي
آهي هيءَ اهڃاڻ، مام ساري ملڪ لئه،
تو وٽ سپي ڄاڻ، مون وٽ ماڻڪ ماٺ جو.
آخر اناا لحق جي، آزادي آئي،
اسان ورجائي، حڪايت منصور جي.
ڏکيو آهي لوڪ لئه، چانڊوڪين سان چاهه،
مون کي آهه مباح، چمڻ، چائڻ چنڊ کي،
سپيءَ جي جيئن پيٽ ۾، موتي آهي ساهه،
ائين ڪنهن جو چاهه، رچيو منهنجي روح ۾.
چاهڻ ۽ ڳائڻ، مَرڪ منهنجو ماڻهئو،
روئڻ، روئارڻ، ڪِرت منهنجي راڳ جي.
ڀيڄ ڀنيءَ جي واءُ ۾، سڳداسين سرُهاڻ،
سائين، سُرهو واڻ، تاڃي - پيٽو گيت جو،
سرنهن جي ڦولار جان، سدائين سَرهو،
سدا گل گلاب جان، چيٽ ڪتيءَ سُرهو،
ناهي هڏ اَرهو، جنهن وٽ ڪلاڪوڪ جي!
پاپ تنهنجي پيار جا، لڪئي ڪين لڪن،
اکرن ۾ اُکليو پون، ڍڪئي نه ڍڪجن،
ڳالهيون تنهنجي ڳالهه جون، کُٽائي نه کُٽن،
ڪوي! تنهنجي من، ڪاڪ ڪهاڻيون ڪيتريون!
ا.ح. جئسنگهاڻي ”سام“
جيتر ساهه رڳن ۾، آس نه مور مري،
تانگهه وڌي ٿي من ۾، جيئن جيئن تن ڳري،
منزل جيئن پري، تيئن تيئن اُڪنڊ آڪرو.
رهي روح ٿرن ۾، تن باندي تو وٽ،
ماڙيون ڇڏي من وسي، پهنوارن جي پَٽ،
ٿيندو ست، سرير ۾، وڃي پڻ گهٽ گهٽ،
ڏيئي هن ۾ وٽ، ٿي ٻري تنهنجي آسري،
اڏي وڃ ملير ڏي، تون هنئان هوا جهٽ،
محلن جي ماحول جا، مونجهارا اُت مٽ،
ڳجهه وحدت الوجود جو، لهه ويرانن وٽ،
سانگا سڀئي سٽ، ته پائين واٽ وصال جي،
پر پائي مان پيار جا، اڏان ٿي آڪاس،
کنڀڙيون خيالن جون، هڻان منجهون هلاس،
پهچان پرين، پاس، پل نه پري، ٿيان تن کان،
ذڪر فڪر ۽ سمرڻيون، طلب بنا سڀ تاپ،
پِرَ جي نام بنا ٿيو، نانءُ ڳنهڻ پڻ پاپ،
جيءُ ۾ جهانگيئڙن جو، هلي ٿو نت جاپ،
موليٰ ڪر ميلاپ، مارئي ملي مارئين.
ڪوڙو شوق جيئڻ جو، پاڻان پاڻ تڙيم،
سوچي سمجهي جندڙو، ڪلفت ساڻ ڪڙيم،
روح رضا ۽ ريجهه ۾، سانگين ساڻ جڙيم،
لکيو لوح پڙيم، دکڙا جهليم جهول ۾.
من ڪاڍو مارن ڏي، جهليان جهلجي ڪين،
ڏاهون ڏاها ڏين گهڻيون، پليان پلجي ڪين،
سليان سلجي ڪين، پرولي هيءَ پريت جي.
ڪوڙو هيءُ ڪڙم، مٽ نه آهن من جا،
ديد نه وجهن دل ۾، طالب جي تن جا،
اَلا! روحن جا، مٽ ملائين سڀ کي!
عمر، ادا هيءُ جندڙو، جهانگين ساڻ جڙيو،
قرب جو ڪڙو، وجهي دل من آهه ڪڙيو،
پڙدو ڌاريائيءَ جو، منجهان سڪ سڙيو،
وهم دوئيءَ جو دل تان، عشق اچي تڙيو،
جنهن ۾ آهه پڙيو، مقصد منهنجي روح جو.
پل پل پور پون، پاتم جيئن پريتڻو،
ڀنو رهي ٿو آس ۾، من جو اَڻو اَڻو،
هٽجي ڪين ڪڻو، پياس پرين جي اڳري.
پلپل پينگهو پياس جو، پاليان پريتَڻو،
لڏي لعلڻ لنو ۾، ساريان جيئن گهڻو،
منهنجو اَڻو اَڻو، راضي رانول سان رهي.
خالي رهي خيال کان، جي قلب ڪميڻيءَ جو،
ڦاٽي هوند فراق ۾، هينئون هيڻيءَ جو،
جهڪو جهيڻيءَ جو، من سار بنا سانگين جي.
سلوڪت سانگين سان، جي رکن اندر روح،
چپ ۾ مزو چاهه جو، چکن اندر روح،
پکن اندر روح، پائن جنت جيئري.
ٻاهر چپ چپن تي، پر من ۾ ٿن محبت،
ويڇي ۾ ڀي ور سان، رکن ٿيون الفت،
سدا منجهه صحبت، ”سام“ رهن ساجن سان.
مجذوب لاشاري
ٿر وٺو ٿڌڪار ٿي، ڪيا امن الله،
للر، لنب، لوڻڪ، لئه سڪي منهنجو ساهه،
گولا، گدرا، گاهه، ويٺي ساريان سومرا!
ٿر وٺو ٿڌڪار ٿي، گاهن ڇانيا گس،
ڪڪين، ڪارين، ڪنڍين، جا چَڙا ڏينم چس،
ويڙ، وانڍون، وس، ويٺي ساريان سومرا!
ٿر وٺو ٿڌڪار ٿي، هينئڙي لڳيم هير،
کليو هت کائر ۾، کٿيريون پين کير،
مارو، ماڳ ملير، ويٺي ساريان سومرا!
ٿر وٺو ٿڌڪار ٿي، ڀريا پٽ پلر،
ڀٽن پاس ڀاڳين جا، وڙڪن جام ولر،
لوڻڪ، لنب للر، ويٺي ساريان سومرا!
ٿر وٺو، ٿڌڪار ٿي، پلر پٽ ڀريا،
واري وڳ ويڙ تي، واسي اڄ وريا،
ٿوهر، ٿاڪ، ٿريا، ويٺي ساريان سومرا!
ٿر وٺو ٿڌڪار ٿي، ڀريا پٽ پاڻي،
ڪئي قيد ڪوٽن ۾، تو ناحق نماڻي،
للر، لنب، لاڻي ويٺي ساريان سومرا!
ٿر وٺو ٿڌڪار ٿي، ڪيو مينهن مانڊاڻو،
وسون وسري ڪين ڪي، ملڪ مهراڻو،
مکڻي، مانڌاڻو، ويٺي ساريان سومرا!
ٿر وٺو ٿڌڪار ٿي، واليءَ وسايا وڻ،
اڇا اباڻن جا، اوٽا ۽ اڱڻ
جهوڪون، جهانگي، جهڻ، ويٺي ساريان سومرا!
ڪمل ڪيولراماڻي”پياسي“
مارن ريءَ هت سومرا، ميرو ٿيئڙم منهن،
تنهنجو اٿم سنهن، حسن مون هڄي ويو.
مارن ريءَ هت سومرا، حسن جلي ٿيو خاڪ،
دل رنجي ٿي چاڪ، من ۾ موج نه منهنجي.
مارن ريءَ هت سومرا، ڪهڙي لهان ڪاڻ،
ساجن سرچي هاڻ، حُسن هنجون هاريون،
مارن ريءَ هت سومرا، سک ڦري ٿيا دک،
ڪين وڌي ٿي وک، مارن ڌارا سومرا!
مارن ريءَ هت سومرا، ڀاڳ بڻيو اڀاڳ،
ملير جنين ماڳ، ڪيئن هت ماڻي سکڙا.
مارن ريءَ هت سومرا، دل ۾ ٻري باهه،
ڀنڀٽ ٿيو اٿاهه، جيئڻ جڏي جندڙي.
مارن ريءَ هت سومرا، ڪڻ ڪڻ ٿيو ڪمال،
جوهر ۽ جمال، ڪين رهيو مارن ريءَ.
مارن ريءَ هت سومرا، دل ۾ دکي دونهن،
سڙي ويئي سونهن، پسان ڪيئن پونهار کي.
مارن ريءَ هت سومرا، من منهنجو ماندو،
هينئون هيڪاندو، هنجون هاري هوت لئه.
مارن ريءَ هت سومرا، چوڌر اداسي،
بکي ۽ ”پياسي“، قابو آهيان ڪوٽ ۾.
احمد خان ”آصف“
آهن هي ابيات، دانهون منهنجي دل جون،
جن کي جايون جيءَ ۾، ڏنم ٿي ڏينهن رات،
مون کي مارڻ آئيا، ڪڍي سي سَوَ ڪات،
بُري ڪيائون بات، ڪوڙن قول نه پاڙيا!
اندر جي هيءَ آه، بيتن ۾ مون بند ڪئي،
ڀانيم جاني جن کي، ڪيو تن تباهه،
مون کي مارڻ آئيا، جوٽي جنگ جنگاهه،
هاڻي آهه الله، اجهو آڌر آسرو!
ٻاجهه ڀري ٻولي، ٻولي منهنجي ملڪ جي،
جنهن ۾ جيجل ٿي ڏني، لاڏ منجهان لولي،
سائين ڪر سولي، ته دائم رهي ڏيهه ۾.
دوهــــا
عبدالڪريم ”گدائي“
ماڻهوءَ جي هردي ۾ جي آ، تنهنجو ماڳ مڪان،
دنيا ۾ پوءِ آهه دکي ڇو، تنهنجو هي انسان؟
تنهنجي ڌرتيءَ تي ڇو آهن، ماڻهوئڙا مجبور؟
ماڻهو، ماڻهوءَ سان ڪري ٿو، ڪيڏا قهر ڪلور!
نرڌن جي پورهيي تي ڏس ٿو، موج ڪري ڌنوان،
ڌرتيءَ تي اَنياءُ ڏسي، ڇو ماٺ ۾، آن ڀڳوان؟
هيڻي تي هر دم آ هتڙي، جٺ ڦٽ جي وسڪار،
ڏاڍن هتڙي، مال سميٽي، ڀري ڪيا ڀنڊار!
سوئي وسي ٿو مسجد ۾ ۽ مندر ۾ آ ڪير؟
انسان جو انسانن سان، ڇو پيدا ٿيو وير!
مون کي اي ڀڳوان! هي تنهنجو جڳت نه آيو راس!
اوچ نيچ جي ويڇن مون کي، تو کان ڪيو نراس!
پاپي هن سنسار جو جيون، اچي ڀلا ڪيئن راس؟
ماڻهو، هڪ ٻئي جو ٿا کائن، پٽي چڪن ماس!
نگري نگري پاپ وسي ٿو، گهر گهر ۾ اَنياءُ،
اهڙي جڳ سان پنهنجو هاڻي، ڪيئن ٿئي سرچاءُ؟
ورهين جا ڏولاوا ويندا، مون کي هو وشواس،
ڪهڙي ڪل هئي، ماڻهو ٿيندو، مانيءَ کان به نراس!
ڏينهن کي آخر ڏينهن ئي چئبو، رات کي آخر رات،
اوندهه کي پرڪاش نه چئبو ، ڪنڌ وهي جي ڪات!
جنهن جڳ اندر، آهه ”گدائي“، سورن ۾ انسان،
اهڙي پاپي جڳ کي ساڙي، ٻاري ڪر شمشان!
”نياز“ همايوني
عشق اسان جو صدا ازل جي، اسان بهار جي باک جئان!
مرڻ جيئڻ ۾ جوت اسان جي، سرمستن جي ساک جئان!
جڏهن به سچ ۽ سونهن پڪاريو، اسان جلال ۾ آياسي،
جنم جنم ۾ جوڳي بڻجي، جهنگ سيال ۾ آياسي!
اسان اهي منصور، ميان، جي سوريءَ لاءِ سهاڳ بڻيا،
ڪوڙ گهڻا ڪهرام ڪيا، ته به سچ جو نيٺ سڀاڳ بڻيا!
دنيا ساڳي پٿر دل، جنهن ڀريا نگر برباد ڪيا،
اسان اهي ئي ديوانا، جن ويرانا آباد ڪيا!
چهرن تي چانڊاڻ، دلين تي اوڻٽيهين اونداهي آهه،
دنيا وارا ڌيان ته ڪر، تو دنيا ڪهڙي ٺاهي آهه!
دنيا جا ويچار وساري، آءُ اسان جي محفل ۾،
جيئڻ مرڻ جي ريت سکي وڃ، متان پوين ڪنهن جنجل ۾!
دنيا ڪنهن جو درد نه ڄاڻي، ڪنهن سان ڀي غمخوار نه
ٿي،
ديوانا، ڪنهن لاءِ ٿو روئين، ڌيان ته ڪر، هيئن
خوار نه ٿي!
آءُ ته دنيا بدلايون، جنهن دل دل کي تاراج ڪيو،
ماڻهوءَ کي مجبور بڻائي، سڏڪن جو محتاج ڪيو!
عشق اسان جي در تي آيو، سئن هنيائين گداگر ٿي،
اسان انهيءَ کي ڏئي ڇڏيوسي، دل جو دان، تونگر ٿي.
حسن اسان جي حضور ۾ آيو، سهڻيءَ وانگي سير چڙهي،
اسان اُتا هان ٿياسي ائين ڄڻ، چانڊوڪيءَ تي وير
چڙهي!
ماڻهو اسان جي مڙهيءَ ۾ آيا، ريت ڪُريت جي ڪٿا
کڻي،
اسان قلندر، وانگ ڇڏياسي، ڌرم ڪرم جا کٿا کڻي!
فرزانن مان فيض نه ڪنهن کي، هرڪو پنهنجي مستيءَ ۾،
ديوانا ڪيئن دل وندرائن، بيگانن جي بستيءَ ۾!
عشق ۾ ڪيئي چڪر آهن، صرف ته سِر جو صرفو ناهه،
يار ”نياز“، تو ڇا ٿي سمجهيو، عشق ڪرڻ ڪو چرچو
ناهه!
ڪــافــيــون
مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“
سڃاڻي، ڇڏيسون، هي دنيا دورنگي،
اها اصل کان ئي ڪا آهي اڍنگي!
مڃيو سون ته ولله ، ڪا ڳالهه ناهي، زماني جو
ظاهر، ٺلهو ٺاهه آهي،
ڏٺيسو، فطرت ۾ لالچ لفنگي.
ڏسي مچ محبت جو ڪاهي پياسون، رچي، لال
لاهوتي، ان ۾ ٿياسون،
وڻي ويئي دل کي، اها پر پتنگي.
رڳو ڪن ٿا خرقن مان واسينگ وارا، عبائن جي اندر،
لڪل نانگ ڪارا،
حقيقت ۾ هي پوش آهن، پلنگي.
گهڻو وقت مخدومي ماڻي ڏٺيسون، ۽ پيري به قبضي ۾
آڻي ڏٺيسون،
پسند پيئي من کي رڳي مت ملنگي.
اٿي جلد ساقي، سگهو آڻ ساغر، صراحيءَ کي
نِوڙائي، بلڪل کڻي ڀَر،
وڃي ڇيڙ ڪا ڌن، جدا جلترنگي.
اسان جو سڄو ملڪ آزاد آهي، مگر واءِ
قسمت، هي فرياد آهي،
ڪري پيو ترقي، اڃا فن – فرنگي.
اسين فاني دنيا جا ”طالب“ ڪي ناهيون،
اسان لئه اهو بس ته مولائي آهيون،
قلندر جي آهي، قدم تي ڪلنگي.
”ذوالفقار“
راشدي
گهلي ڏکڻ جي هير، الا، سور سڄر ٿي پوندا،
هينئڙا ٿيءُ سڌير، الا، سور سڄر ٿي پوندا!
سڄڻا ڪاريءَ رات جا گهرا گوندر گهائو الا،
پُڄ پرهه جا پِير، الا، سور سڄر ٿي پوندا،
ٻيهر ٻيجل وس ۾ سورٺ-واڳ سهاڳ سندي،
سسيون وڍائن وير الا، سور سڄر ٿي پوندا.
ڇلن ڇاتيءَ منجهه وو مهڻا، ڪنهن جي ماٺ سندا
سامنهن آهي سير الا، سور سڄر ٿي پوندا.
ڏکن ڏنڀ ڏهاڳ، ڏنا، اڄ ماڻهوءَ ماڻهوءَ من،
سَنڌ سَنڌ سو، جهير الا، سور سڄر ٿي پوندا.
گهاڻيءَ ويا سڀ گهائجي، گهوٽ اسان جي گت جا،
هيڪل آئون دلگير الا، سور سڄر ٿي پوندا.
حافظ ”احسن“ چنا
تون آهين سمو سردار، مان نوري نماڻي ناقص آهيان!
ميءَ مهاڻيءَ کي مان ڏنو ٿئي،
تون آهين مڙن مهدار:
لالن توڙي لائق ناهيان!
ٿـــورا تـــنــهنـجـا نـــاهن ناهي ڳڻن شمار
ڪهڙا لاهي ڪهڙا لاهيان!
حــجت ڪهڙي توسان هـــلايان، آهيان
گولي بد، بدڪار،
ٺاهه ٻيا مان ڪهڙا ٺاهيان!
تون ڄام تماچي تڙ جو مالڪ، مون ۾ عيب
اَپار،
سينون توسان ڪهڙو ساهيان!
تــــو ريءَ واهه وسيلو ناهــــي، تو تي
منهنجو مدار،
ڪامل تو ريءَ ڪنهن ڏي ڪاهيان!
تنهنجي عنايت ”احسن“ تي آهه،
تنهنجا قرب هزار،
تو ريءَ ٻيو ڪجهه ڪين ٿي چاهيان! |