”محسن“ ڪڪڙائي
ٻــــانـــهــپ جــي آ مــنــهـنـجــي ٻــولــي-
الا، گولي مان ته ذات جتن جي.
ٻانهپ جي...
آهي ڏک ته اهو رڳو، ڇو نه اڳي مون اک کولي
الا، گولي مان ته ذات جتن جي،
ٻانهپ
جي...
الا، شال سکي هجي، جانب جتن جي نت ٽولي-
الا، گولي مان ته ذات جتن جي،
ٻانهپ جي...
”محسن“ ڄمندي سان ڏني، ماءُ ڏکن جي مون کي لولي-
الا، گولي مان ته ذات جتن جي،
ٻانهپ
جي...
ا . ح. جئسنگهاڻي ”سام“
جر ٿر ۾ مٺا، هر شيءَ ۾ مون کي، تنهنجي صورت نظر
ٿي اچي،
رڳ رڳ مان منکي، دم دم سان پرين، هڪ تنهنجي خبر ٿي
اچي!
دل ۾ آسن اچي تو وڇايو، اهڙو عشق عجب ٿي جاڳايو،
هن دل کي نظر، الفت ۾ سندءِ، ساري دنيا مندر ٿي
اچي!
ڪهڙي ديد وڌءِ ديدن ۾، ڪهڙي جوت جڳايءِ من ۾؟
سهس سِجن کان چمڪ چٽي پر!تنهنجي نظر ٿي اچي!
ڪهڙو جام پرت جو پئاريءَ، دل کان عيش و آرام
وساريءِ،
پر مون کي ڏسڻ ۾ جنت ڀي خالي، خالي پڌر ٿي اچي!
سڪ تنهنجي سيني ۾ سمايم، موڙي عمر سڄيءَ جي ڪمايم،
مون کي ته ڏسڻ ۾ سرڳ سندي سائي هڪڙو ثمر ٿي اچي!
صورت صحبت جو ٿي بهانو، دل جا درڙا ڳولي ٿو
ديوانو،
ٿو ”سام“ نوان نت پوش ڌري، سهڻو ساجن بشر ٿي اچي!
احمد خان ”آصف“
اديون ڏير ڏاڍي ڪري ويا پڄاڻي!
انهن جو ڀلا ڇا کُٽايان ها کائي،
رکي ڇو الاجي ٻروچن ٻيائي،
ڇڏي ويا ڇپر ۾ نڌر هيءَ نماڻي!
ڏسي ذات منهنجي ڪيائون ڪڌائي،
نٻل نار تي ڪهل تن کي نه آئي،
نه شايد هين پيٽ ڄائي نياڻي!
پنهون ”ڀاءُ“ جو ننگ سمجهي نين ها،
ڪنيزڪ ئي ڄاڻي وٺيون جي وڃن ها،
ڀريان ها سندن اوڙي پاڙي جو پاڻي!
اچي ٿيندو ”احمد“ اجهو شال آري،
ڪندو قرب ڪامل وڏا ڀال ڀاري،
وٺي نال نيندو سفر ۾ سڃاڻي!
”استاد“ بخاري
ڪوٽن ۾ قيدياڻيون، ڪي ويچاريون هونديون،
راڄن ۾، ڀاڳن ۾ -سي ڪاڻياريون هونديون.
پنهنجي حق لاءِ، هلي –هاڙهي کي هيسائن،
سي سورهيه سنڌ ، ڄايون، سسئي پاريون هونديون.
ڪوٽن ۾.....
سير ۾ جن سير رکيو، سر جو لاهي سانگو،
سي سهڻيون، من مهڻيون- منهن موچاريون هونديون.
ڪوٽن ۾.....
حق ڇڏي ناحق کي، جي چنبڙيون سي ته چريون،
مومل جهڙيون موڳيون – مهڻن ماريون هونديون.
ڪوٽن ۾.....
سور ستم، سهسائي- نينهن واريون نڪتيون،
جي موٽيون سي کوٽيون، نازڪ ناريون هونديون.
ڪوٽن ۾.....
ڪات ڏسي ڪنڌ ڪوئن- ڪڙم انهن جو ڪانئر،
باهه ڏسي ڀڙڪا ڏين-سي بڻ واريون هونديون.
ڪوٽن ۾.....
ٻول سچو سياڻن جو، ”استاد“ اهو ئي ازل کان،
جي وڌيون سي ووڙينديون، سوڀاريون هونديون.
ڪوٽن ۾.....
”خادم“ سروري
تنهنجي ريت پريت جي رمز عجب،
آهي سڀ کان نيارو، تنهنجو مشرب.
اهڙو ڪونه ڪو حسن و جمال ڏٺم، اهڙو ڪو
نه ڪنهين جو ڪمال ڏٺم
اهــــــــــڙو ڪـــــو نـــه ٻـــئــي جو خيال
ڏٺم،
ڏسي جنهن کي جهڪيو پوي هر مذهب.
اهـــڙو ڪو نه ٻئي جو هلڻ ڏٺم، اهڙو ڪو نه
ٻئي جو ملڻ ڏٺم،
اهڙو ڪونه ٻئي جو کلڻ ڏٺم، تنهنجو اٿڻ وهڻ، ملڻ
کلڻ ادب.
اهڙو ڪنهن جو نه نرمل نياز ڏٺم،
اهڙو ڪنهن جو
نه ناز انداز ڏٺم،
اهــــڙو ڪنهن جو نه هيئن پرواز ڏٺم،
تنهنجي رڳ رڳ ٿي چوي رب رب رب.
اهــــڙو”خــــادم“ ڪـــونه امير ڏٺم، اهڙو
ڪونه ٻيو ڪو پير ڏٺم،
جــــهــــڙو پــنــهــنــجــو پـــيـــــــر
فـــــقــير ڏٺــــــــــم،
جنهن جهڙو گهريو تنهن جو ٿيو مطلب.
غلام حسين رنگريز
تن ۾ آهي تنهنجي تار، لهه ڪا سهڻل منهنجي سار.
دونهي دردن دل ۾ دکائي،
باهه برهه جي تو ڀڙڪائي،
تون ئي جانب اچ ۽ ٺار،
لهه ڪا سهڻل منهنجي سار.
تو لئه مٺڙا راهون نهاريان،
پٽ ٻهاريان وار وڇايان،
پنبڻيون پنهنجون ڌريان ڌار،
لهه ڪا سهڻل منهنجي سار.
سال ٿيا مون سڪندي آهن،
تات طالب ۾ تڳندي آهن،
ايندين، ٿيندي مند بهار،
لهه ڪا سهڻل منهنجي سار.
وايـــــون
محمد خان ”غني“
ويڙهه ولر ۽ واڙيون آهن، سانگين جو سينگار!
ڏٿ ۽ ڏونرا کاڄ ۽ کنڀيون، جن جو پيرن ساڻ پيار.
ننگ ڀريا هو ننگي نياتي،جنگ اهي جهونجهار.
پنهنجي پکن تان سرڙو سهائن، ڍوليا ڍنگرن ڍار،
پلر پياڪا پلر سان پرچن، شيرا عيب اپار،
باهه برابر بستر ڀانئن، وارين سان وهنوار،
سانگ ۽ سانگي وير نه وسرن، نيڻن منڊيو نار،
سي ٿي پنهنجون سرتيون ساريان، نيرن ۾ نروار،
پيرن پلڙا پويو پائن، ڳاڱيون ڳچين هار،
ويس وساري کلي کنيائون، لوئي لاليدار،
عطر عنبر سان هو نه ڪي هريا، وڻين ولين جي هٻڪار،
اينديس ڏيهه ڏاڏاڻي ڏسنديس، ٿرين برين ٿڌڪار،
غير غنيءَ جي قلب ۾ ڪونهي، اهڙو ٿيو اقرار
عبدالڪريم ”ڪريم“ پلي
هر دم رمز ۾ راهين- شال نباهين، سهڻل سائين!
ڄاڻي ڄاڻڻهار ته جيءَ جو، تون ئي جياپو آهين:
شال نباهين، سهڻل سائين !
ڪهڙي هوڏ ڪبي هيڻن سان، سينو شال ۾ ساهين:
شال نباهين، سهڻل سائين!
سڀئي سور اندر جا ساري، لطف ڪرم سان لاهين:
شال نباهين، سهڻل سائين!
تنهنجو درد نه ”ڪريم“ ڇڏيندو، چاهين خواهه نه
چاهين:
شال نباهين، سهڻل سائين!
قمر شهباز
هاءِ، پرانهون پنڌُ،
پکيئڙا ڪهڙي پار اڏاڻا-وو!
ڌرتيءَ جي دل جا ديپ اجهاڻا—وو!
هاءِ، پرانهون پنڌ،
اک اک آلي، من من ماندو،
جاڳيا گهاءُ پراڻا —وو!
هاءِ پرانهون پنڌ،
ڏاهه کسي جن ڏنڀ ڏنا ها،
سي ئي ساهه سيباڻا—وو!
هاءِ، پرانهون پنڌ،
نيٺ ته منزل ڳولي لهبي،
سَنڌ گهڻوئي ساڻا—وو !
هاءِ، پرانهون پنڌ.
ارجن ”حاسد“
ڇاهي دل ۽ دل جو امنگ- دل ٿي ڄاڻي،
ڇاهي گل ۽ گل جو رنگ-دل ٿي ڄاڻي!
ڇاهي اوجاڳو اوسيئڙو، ڇا هي ڪنهن سهڻيءَ جو سنگ،
دل ٿي ڄاڻي.
ڪنهن جي مڌر مڌر نيڻن ۾، ڪيڏو زهريلو آ ڏنگ،
دل ٿي ڄاڻي.
ڪنهن جا تڙپن ٿا ارمان ۽ مان ويٺو چوريان چنگ،
دل ٿي ڄاڻي.
سهڻيءَ سياڻيءَ هن بستيءَ ۾ ، ڪو مستانو ڪوئي
ملنگ،
دل ٿي ڄاڻي.
اڄڪلهه پنهنجي پنهنجي لَنو ۾، ڇا کون پچندو آهه
پتنگ،
دل ٿي ڄاڻي.
ڪوئي محلن ۾ ماڙين ۾، ڪنهن جو سيءَ سڪايو انگ،
دل ٿي ڄاڻي.
ڇاهي ملڪ مٺي ڏي فرض، ڇا هي جئڻ مرڻ جو ڍنگ،
دل ٿي ڄاڻي.
ولي محمد ”وفا“
درد هزارين هڪڙي دل، ڪير جيئڻ ٿو چاهي!
ڀٽڪي ڀٽڪي نيٺ ٿڪاسين، ڪا نه ملي منزل،
ڪير جيئڻ ٿو چاهي!
ذوق-نظر جي حد نه آهي، شوق جو ڪٿ ساحل،
ڪير جيئڻ ٿو چاهي!
ڪيڏي ناهي ويران ويران، محبن ريءَ محفل،
ڪير جيئڻ ٿو چاهي!
آهي مقابل ماڻهوئڙن جي، نت نئين مشڪل،
ڪير جيئڻ ٿو چاهي!
تنهنجو ”وفا“ آ ويڳاڻو ٿيو، مهر ڪري ڪا، مل،
ڪير جيئڻ ٿو چاهي!
”آثم“ ناٿن شاهي
ڌار رهي، ڪيئن تون ۽ مان ٻئي جانب جڳ ۾ جاليون، او
يار!
آءُ ته پنهنجي ٻنهي اکين سان، تنهنجون اگهان اکيون
آليون، ...
ڳجهڙيون، ڳجهڙيون ميڇون تنهنجون، ڪوٺون يار
نراليون، ...
ڇلڙا تنهنجي وارن جا ڄڻ، حورن گُم ڪيون واليون،
...
جيئن پوءِ تيئن ”آثم“ کي اميدون آهن تو ۾ سلاليون،
...
”وفا“ ناٿن شاهي
ڪوٽن ۾ ٿي ڳوڙها ڳاڙيان، ڍولڻ لهج سنڀارون، الا !
تنهنجون ماڙيون ڊاهي وجهنديون، منهنجون نيٺ
پڪارون، ... ...
قسمت قيد ڪيو ڪوٽن ۾، سانول ڏي نه ميارون، ... ...
راتيان ڏينهان مون کي آهن، تنهنجون تند تنوارون
،... ...
تولئه پل پل ڪانگ اڏايان، روز وجهايان ڦارون، ...
...
نيٺ ”وفا“ سان ملندو ڍولڻ، ٿينديون باغ بهارون
،... ...
”راز“ ناٿن شاهي
بادل ڀرجي آيا، ڙي، تون نه اڃا ڇو آئين، او –
رستي تي چوڌاري ڇايا،
پوياڙيءَ جا سايا ڙي:
تون نه اڃا ڇو آئين، او –
ڪوڻيءَ جي پن پن تي گهرا،
ڦڙيءَ ڦڙيءَ رنگ لايا ڙي:
تون نه اڃا ڇو آئين، او –
منهنجي سيني ۾ او ساجن،
تنهنجا درد سوايا ڙي:
تون نه اڃا ڇو آئين، او –
لغاري محمد هوت ”مجرم“
مٺڙا مينگهه ملهار – او يار ...
ڇو تون دانهون، دوست ڪرين پيو!
ڪارا ويس ڪيا تو ڪنهن لئه، روئي زارو زار، او ...!
سوز سڄڻ جو هيئن نه ڪجي سڻ، عام اڳيان اظهار، او
...!
سڪ اندر ۾ سانڍي رکجي، نينهن نه ٿئي نروار، او
...!
لوڪان لڪائي روح ۾ رئجي، ساري سڄڻ سچار، او ...!
ڪنهن سان سلجي، ڪين پيارل، الفت جو آزار، او ...!
سڀڪو تو جيئن سور ستايل، ڪونهي ڪنهن کي قرار، او
...!
موٽي ملندو ”مجرم“ توکي ، ”هوت“ هِنيين جو هار، او
...!
احمد خان ”آصف“
مصراڻي
پارس کان وڌ تنهنجو پيار-
تنهنجي سڪ سان سون لڳي ڇا !
تنهنجي الفت جي مٽ ناهن، ماڻڪ موتي لک هزار،
تنهنجي سڪ سان سون لڳي ڇا !
تنهنجي ياد جياپو جيءَ جو، تنهنجو آر هنئين جو
هار،
تنهنجي سڪ سان سون لڳي ڇا!
تنهنجو چاهه چکائي چاٽي، تنهنجو نينهن ڪري نروار،
تنهنجي سڪ سان سون لڳي ڇا!
تنهنجي توهه تڳي ٿو ”آصف“، تنهنجو آهه
اَجهو
آڌار،
تنهنجي سڪ سان سون لڳي ڇا!
پرڀو ”ناشاد“
سپنا منهنجا سيڻ، او ڍوليا-سپنا منهنجا سيڻ!
جاني ڪڏهين جاڙ نه ڄاڻن،
هر دم نٻيڙا نيڻ، او ڍوليا:
سپنا منهنجا سيڻ!
پرهه ڦٽيءَ جو پري پلڪ کان،
ڪڏهن نه ڏيندا ويڻ، او ڍوليا:
سپنا منهنجا سيڻ!
پيارا پيارا، پوپٽ جهڙا،
نازڪ نازڪ ميڻ، او ڍوليا:
سپنا منهنجا سيڻ!
گـــيـــت
شيخ ”اياز“
جهُول، هوا ۾ جهُول، موتيا!
جهُول، هوا ۾ جهُول ، موتيا !
جهُول هوا ۾ جهُول!
منهنجي من ۾ ڪوئي سپنو،
تو کان سندر ڦول، موتيا!
جهُول، هوا ۾ جهُول!
سُرهي سانت، اڪيلي اوجهڙ،
سِجّ لٿي
گَوَ
ڌوُل، موتيا!
جهُول، هوا ۾ جهُول،
ڀيڄ ڀنيءَ جو ڀئونرا ايندا،
مڙي نه ويندا مُول، موتيا!
جهُول، هوا ۾ جهُول!
شيخ ”اياز“
هيءَ پاڻياري ڪير ؟
رات سرءُ جي، چانڊوڪيءَ ۾ هيءَ پاڻياري ڪير؟
هيءَ پاڻياري ڪير؟
ڀيڄ ڀنيءَ کان اڳ ۾ نڪتي ، آ هيءَ ناري ڪير؟
سڀ کان نياري ڪير؟
هيءَ پاڻياري ڪير؟
ڪائي سارَ
وِسار
هوا ۾،
ماڪ ڀري مهڪار هوا ۾،
ڀِنڙا
ڀَنڀا وار هوا ۾،
آ هيءَ پياري ڪير؟
لوڪ- لڄاري ڪير؟
هيءَ پاڻياري ڪير؟
ڇو هيءَ ڳاڌيءَ سان ڳل لائي،
نير وهائي، ويٺي ڳائي!
ڪنهن جي لاءِ پئي واجهائي؟
هيءَ ويچاري ڪير ؟
پنهنجي !ڌاري ڪير؟
هيءَ پاڻياري ڪير؟
نارائڻ ”شيام“
پرين، ڏي پنهنجي ڀر ۾ جاءِ!
پنهنجي ڀر ۾ جاءِ، پرين ڏي،
پنهنجي ڀر ۾ جاءِ!
تنهنجو چنڊ کڻي مان جاڳان،
منهنجو ديپ جلاءِ، پرين،
ڏي پنهنجي ڀر ۾ جاءِ.....
تنهنجي پيڙ کڻي مان ڳايان،
منهنجو ساز وڄاءِ، پرين،
ڏي پنهنجي ڀر ۾ جاءِ .....
دور ڪريان مان جڳ جي اوندهه
کن ٻه سندم، چمڪاءِ، پرين،
ڏي پنهنجي ڀر ۾ جاءِ......
تنهنجو آهيان، تنهنجو آهيان،
پنهنجو مون کي بڻاءِ، پرين،
ڏي پنهنجي ڀر ۾ جاءِ.......
لطف الله بدوي
ڪير تو کي سمجهائي
پريم جي مورک راهه اڻائي - ڪير توکي سمجهائي!
پريم جي نگري جادو نگري، هردي کي هر کائي،
جيڪو ڦاٿو ڄار انهيءَ ۾، مشڪل پاڻ ڇڏائي:
ڪير توکي سمجهائي !
قدم قدم تي ٺوڪر آهي، آشا ٿي
اَٽڪائي،
موهه جي اندر ڦاسي آخر، ويٺين پاڻ وڃائي:
ڪير توکي سمجهائي!
ڪنول جي صورت ڀونري کي ٿي، پاڻيءَ تي ڀٽڪائي،
پريت جهان، جي ريت نه آهي، ڪوڙ توکي ڀرمائي:
ڪير توکي سمجهائي!
سَر پريمي سوري چاڙهي، ساهه ڏئي سهسائي،
سيس پتنگو آڳ ۾ آڻي، پنهنجو پاڻ جلائي:
ڪير توکي سمجهائي!
(2)
آءُ، پرين آءُ !
مان تو بنا بي تاب، آءُ پرين آءُ-
سارين ۾ آ لاب!
ڪين وڻن ٿا توريءَ مون کي دنيا جا وهنوار-
سرتين جا سَؤ سهمان آهن، ڪانڌ بنا لاچار،
ٿي پيس مهڻي هاب،
آءُ پرين آءُ!
سارين ۾ آ لاب!
نسريا سر، ڪسر هت موتي، تون گذارين ڌار،
رُت آ بدلي ٻيلي اندر، ڪونجن جي ڪوڪار،
خط نه ڪو آ
خواب!
آءُ پرين آءُ!
سارين ۾ آ لاب!
ڇن پراڻي ڏياري آئي، تو نه لڌي ڪا سار،
ڏٺ ڏوراپا هاڻي ڪهڙا، مون مڃي آ هار،
وهي اکين
مان آب،
آءُ پرين آءُ!
سارين ۾ آ لاب!
عبدالڪريم ”ڪريم“ پلي
جــــانــــي، مـــوٽــي آءُ !
ماڻين شال جواني،
جاني، موٽي آءُ!
ناهي ڳالهه اهڙي جا چئجي، توسان پرت لڳي ڇا چئجي،
دل کي ڏوهه ڏجي يا چئجي، نيڻن جي ناداني:
جاني، موٽي آءُ!
پيـارا، آهن پور به تنهنجا،
دل کي وڻيا وهلور به تنهنجا،
ساهه سان سانڍيم سور به تنهنجا،
ســـمـجــهي تــنـهنـــجــي نـشــاني:
جاني، موٽي آءُ!
تون ڇا وئين ڄڻ راحت ويئي،
پل ۾ بدلجي قسمت ويـــئي،
سک به ويا ۽ فرحت ويئي، ويڙهي وئي ويراني:
جاني موٽي آءُ!
اچ ته مرادون ماڻيو گڏجي،
تند طلب جي تاڻيون گڏجي،
ڪريون روح رهاڻيون گڏجي،
آخر سڀ ڪجهه فاني:
جاني، موٽي آءُ!
حافظ”احسن“ چنا
ٿــيـنـدو بـخـت سـجـاڳ
کليو نصيب ۽ ورندو ڀاڳ، ٿيندو بخت سجاڳ!
وريا واهوندا، پوکون پچنديون، هاري چوندا راڳ،
ٿيندو بخت سجاڳ!
ظلم جون ٽٽنديون، زور زنجيرون، لهندا ڪل کٽراڳ،
ٿيندو بخت سجاڳ،
ويندو وڇوڙو ورهن وارو، وصل جي ورندي واڳ،
ٿيندو بخت سجاڳ،
سهنج ۽ سک سڻاوا ٿيندا، ويندا ڏک ڏهاڳ،
ٿيندو بخت سجاڳ،
ڪاڪ ڪنڌيءَ تي راڻو ايندو، مومل ٿيندي ماڳ،
ٿيندو بخت سجاڳ،
مارئي ملڪ ملير وسائي، کيندي سڱر، ساڳ،
ٿيندو بخت سجاڳ،
جهر جهنگ جهاڳي، وندر وؤڙي، سسئي ماڻيو سهاڳ،
ٿيندو بخت سجاڳ،
وکڙي وڌائي منزل پهچو، جهاڳي جهنگ اجهاڳ،
ٿيندو بخت سجاڳ.
”پروانو“ ڀٽي
اچ تـــه ڳــايـــون ...!
رات کي آ پنهنجي تات،
اچ ته ڳايون اي مٺا، ڪي روح رچنديون راڳڻيون!
زندگي مون کي ڀلا ڇا آ ڏنو،
لڙڪ ڳاڙيان ساري رات،
اچ ته ڳايون .....
تنهنجي هوندي سارو جڳ خوشين ۾ گم،
تون وئين پوءِ ڇا حيات،
اچ ته ڳايون .....
ڏس اڪيلو توکي برپٽ ۾ به ڳوليندو وتان،
منهنجي پياري ڪائنات،
اچ ته ڳايون ...!!
قيوم ”طراز“
مــــون کــــي خــبــر نـــه ڪــــائـــي
گرهڻ ۾ جيئن چنڊ اچي،
يا ڪڪرن ۾ سج لڪي:
منهنجي جيوت جوت نه آهي، اڻٽيهين اونداهي:
ڪٿ وسي ٿي منهنجي هستي،
مون کي خبر نه ڪائي!
آءٌ،
اڃايو، راهون رڃ،
سرها برپٽ، سکڻي سڃ،
گهاون مون کي گهوٽ بڻايو،
ڏک بڻائي هليا ڄڃ،
مون لئه موت مهانگو، سنگتي! خالي هٿڙا ڏين دهائي:
ڪٿ وسي ٿي منهنجي هستي،
مون کي خبر نه ڪائي!
چاهت چاهت چهڪ بڻي،
ساعت ساعت سور بڻي
ويل سُهائي سور سوايا،
آفت آفت، رات بڻي،
ڏکّ سکن جي سونهن سهي، آهي ڪو ٿئي ڀاڱي ڀائي؟
ڪٿ وسي ٿي منهنجي هستي،
مون کي خبر نه ڪائي!
گذري جا ڀي ماڻي ناهه،
ايندو ڪو ڀي ساڻي ناهه،
حال اسان جو گس ۽ گپ،
چادر سک جي تاڻي ناهه:
پنهنجو ڀاڳ ۽ پنهنجي قسمت، هٿ جي وڍي، مون آهي
ٺاهي!
ڪٿ وسي ٿي منهنجي هستي،
مون کي خبر نه ڪائي!
ايشور چندر
دل ٿـــي هــر هــر هـنـجـون هـاري
نديءَ ڪناري،
توکي ساري،
دل ٿي هر هر هنجون هاري!
سڄڻ وسين ٿو منهنجي من ۾،
پريتم! آءُ هلي سپنن ۾،
ڇڏ نه وساري،
من ٿو پڪاري،
دل ٿي هر هر هنجون هاري!
تو لئه مان ٿي ڪانگ اڏايان،
ديو منايان، پير پُڇايان،
سنجها ڌاري،
واٽ نهاري،
دل ٿي هر هر هنجون هاري!
پل پل ٿي تو لئه ٻاڏائي،
ڪير چريءَ دل کي سمجهائي،
غم ۾ گهاري،
ساري ساري،
دل ٿي هر هر هنجون هاري!
ولي محمد ”وفا“
هــاءِ، حــيــاتــي ڪــيـئـن گــذاريــان !
منهنجي وس ۾ ڪجهه به نه آهي،
هاءِ، حياتي ڪيئن گذاريان!
مست نگاهون آگ لڳائن،
جان جگر تي زخم بنائن،
وياڪل من کي چين نه آهي:
هاءِ حياتي ڪيئن گذاريان!
گهُورن
سان ٿو مون کي گهائين،
شال جئين او منهنجا سائين،
تو بن منهنجو جڳ ۾ ڇاهي:
هاءِ، حياتي ڪيئن گذاريان!
دل جي تمنا ڪانه ٿي پوري،
وچ ۾ پنهنجي پيئي دُوري،
ڳڻتين دل کي ڇڏيو ڳاهي:
هاءِ حياتي ڪيئن گذاريان ! |