سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006(1)

 

صفحو :19

-اوسار –

ريکون ٿي رهيا، سڄڻ سونيءَ تندَ جئن!

[ 1 ]

هري موٽواڻي -”هري موٽواڻي“ هو!

هري موٽواڻي کٽو هو، مٺو هو، ڪارو هو، ڳاڙهو هو، سهڻو هو- اهو سڀ اهميت نٿو رکي. هري جو ڪجهه هو، هو اڪيلو ”ڪونج“ هو. ”ڪونج“ جو ڪوبه هڪ پرچو کڻي هن 77 سالن جي جوان جو چِٽ چِٽي سگهجي ٿو. ها، مان اِهو ائين چوندس ته هو 77 سالن جو جوان هو، جو هن جي آخرين ايڊٽ ڪيل ”ڪونج“ پرچي مان اِهو احساس پائي سگهجي ٿو. جڏهن عام توڙي وڏي عمر سبب انسان پنهنجي شعوري قوت وڃائي وهندو آهي، تڏهن هري موٽواڻي موت تائين پنهنجي شعوري قوت سان زندهه رهيو. اِهو تاثر ”ڪونج“ جي آخرين پرچي مان سولائيءَ سان پائي سگهجي ٿو.

”ڪونج“ سنڌي ساهت جو اُهو رسالو آهي، جنهن جو مَٽُ ڳوليندي به سنڌي ساهتجي تاريخ ۾ نٿو ملي. ورهاڱي کان اڳ بولچند وسومل راجپال جو ”سنڌو“ رسالو سنڌي ڊائجيسٽ جو هڪ نمونو هو. ”نئين دنيا“ آخر تائين نعريبازيءَ  جو نمونو رهيو. جڳت آڏواڻيءَ پنهنجي ”ڪهاڻي“ رسالي ۾ هندستان جي بهترين ادب کي سنڌي ٻوليءَ ۾ پيش ڪيو. (هند جي) سنڌالاجيءَ جي ”رچنا“ ۾ پيش ڪيل ادب کي درسي ادب چئي سگهجي ٿو. ٺاڪر چاولا جي ”سپون“ مِٺي آهي، پر کَٽي ناهي، ادبي وِواد لاءِ اُن ۾ ڪا جاءِ ناهي. ”سپون“ اڃا ڍُڪي رهي آهي. سنڌ ۾ حميد سنڌي پنهنجي ”روح رهاڻ“ رسالي ۾ قومي ادب کي جوڳي جاءِ ڏني.

سنڌ ۾ ”نئين زندگي“ ۽ ”مهراڻ“ شروعات ۾ سٺا ادبي رسالا رهيا، پر پوءِ اڳتي هلي ادب سان جڙيل رهندي به اُهي خالص ادبي رسالا نه رهيا. طارق اشرف جو ”سهڻي“ رسالو آخر تائين ادب سان جڙيل رهيو.

هندستان ۾ هري موٽواڻيءَ راڄنيتيءَ ۽ شخصي پسندي ناپسنديءَ کي تاڪ تي رکي ”ڪونج“ کي موهن ڪلپنا، گني سامتاڻيءَ، لعل پشپ ۽ ٻين کي مڪمل آزادي ڏيئي سنڌي ادب جي وهڪري کي راڄنيتيءَ جي بند مان آزاد ڪيو. هري موٽواڻيءَ ”ڪونج“ ۾ هريش واسواڻي، شيام جئنسگهاڻي، ديوداس موٽواڻي، ايم ڪمل، وشنو ڀاٽيا، نند جويري، هري همٿاڻي، هيرو شيوڪاڻي، ڍولڻ راهي، گوورڌن ڀارتي، پوپٽي هيراننداڻي، هيرو ٺڪر، لڇمڻ دُبي، شريڪانت صدف، ڪملا گوڪلاڻي، ريٽا شهاڻي، مايا راهي، لکمي کلاڻي، گوپال ٺڪر، بنسي خوبچنداڻي ۽ ٻين کي ڇپي سنڌي ساهت کي راڄنيتيءَ جي نعري بازيءَ مان ٻاهر ڪڍيو. هري موٽواڻيءَ کي خبر هئي ته ساهت ڇا آهي، جڏهن ته سنڌي ساهت جي نام نهاد اَبن کي اڃا تائين ڄاڻ ڪانه پئجي سگهي آهي.

هري موٽواڻي هڪ ادارو هو، ائين شايد ئي چئي سگهجي ٿو، پر هري موٽواڻي ”هري موٽواڻي“ هو، اهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو. سنڌ جي ڪيترن ئي اديبن: امر جليل، غلام نبي مغل، طارق اشرف، شوڪت شوري، تاج جويي، حميد سنڌي ۽ ٻين ننڍن وڏن اديبن کي ڇپي هريءَ هند ۾ سنڌ جي ادب جي کوٽ کي ڀريو.

هن ادب ۾ ڪيترائي تجربا ڪيا. سيام جئسنگهاڻيءَ جي ”گوئاني منظر“ تي هڪ ئي وقت ٽن اديبن گوورڌن ڀارتي، ايم ڪمل ۽ نند جويريءَ جا تنقيدي مضمون ڇپي شيام جئسنگهاڻيءَ سان گڏ باقي ٽن اديبن جي شاعراڻي قوت کي ظاهر ڪيو. ساڳئي نموني هن ڪهاڻي ۽ ناٽڪن تي پڻ ساڳئي نموني جا تجربا ڪيا. ان کان اڳ اهڙا تجربا سنڌي ساهت ۾ موجود نه هئا. ڪونج جا شخصي پرچا ۽ ”آئيني اڳيان“ ڪالم سدا ياد رهندا.

هن کي سنڌ، سنڌي ادب ۽ سنڌي اديبن سان بيحد پيار هو، جن لاءِ مون ڪيترا ئي دفعا هن کي تَڙَ تَڙَ تي سنڌي ادب لاءِ مرندي ڏٺو هو. هو تعليم جي خيال کان گهٽ پڙهيل هو، پر ادب ۾ هو ڏات ڌڻي هو. هاڻي هن جي ڏات کي کڻي ڪو ”ڪونج“ کي قائم رکي سگهندو؟ شايد ئي.....!    - نند جويري

[ 2 ]

.....دل دوکو ڏيو ڇڏي!

تنهن ڏينهن دُبئيءَ مان آيل آشا چاند معرفت دادي سندريءَ جو سڪ مان لکيل خط مليو. مهڙ ۾ ئي لکيائين: ”تنهنجي سفر ۾ توسان مليل ساٿي ڪيترا ته لڏي ويا.... وڇڙي ويا.... پر وسرندا ڪين....“

- ۽ پوءِ اُن پل منهنجي اکين جي اڳيان اُنهن جا کِلندڙ ڳالهائيندڙ... زندگيءَ سان ڀرپور چهرا ڦرڻ لڳا.... سچ به ته ڪيئن ٿا وسري سگهن اسان کان... دادا ماسٽر چندر، دادا رام پنجواڻي، دادا ٽهلرام آزاد، ڀاءُ موهن ڪلپنا، دادا اُتم ۽ دادي پوپٽي....! يقين نٿي آيو ته ايترو جلد، هڪ ٻئي جي پويان هو پنهنجي زندگيءَ جو سفر پورو ڪري، اَڻ ڏٺي ڏيهه جا راهي بڻبا....!

”باقي رهجي ويلن جو خدا خير ڪري، شال سلامت هجن، سوين ڄمارون ماڻين.“ مون دل ئي دل ۾ دعا ڪئي، پر قدرت وٽ اِن دعا جي قبوليت جا دَر شايد ته اڃا نه کُليا هئا، تڏهن ته 7 مئي 2006ع تي صبح سان فون تي، تاج جويي معرفت ڀاءُ هري موٽواڻيءَ جي سرڳواسي ٿيڻ جو اطلاع مليو، جنهن کي ٻڌي يقين ئي نه پئي آيو.... پر جيسين جسم ۾ جان آهي، تيسين انسان کي زندگيءَ ۾ اهڙن اعتبار ۾ نه ايندڙ واقعن کي منهن ڏيڻو ئي پوي ٿو.

اَڃا ڪي ڏينهن اڳ جي ئي ته ڳالهه آهي، جڏهن ڀاءُ هريءَ، تاج جويي ۽ زبير سومري کي فون تي مون لاءِ گهڻيون دعائون ڏنيون هيون، ۽ مان اُنهن جي سهاري پاڻ کي تازو توانو محسوس ڪري ئي رهي هيس، جو جهٽ پلڪ ۾ هريءَ جي زندگيءَ جو کيل ئي ختم ٿي ويو..... ”هري هرڪيوليس“ هن جهان جو متل ميڙو ۽ رَتل راند ڇڏي هليو ويو....! آءٌ اهڙي ڪابه دعويٰ نه ڪنديس ته ڀاءُ هري موٽواڻي ڪو رڳو اسان جي ئي ويجهو هو، پر سچ ته اهو هو جو هُو پنهنجي شخصيت ۽ مزاج جي ڪري هر ڪنهن جي ويجهو هو، ۽ هرڪو ئي ان ۾ ئي خوش هوندو هو ته هو رڳو مون کي ئي ٿو ايڏو گهري.... شايد ته ان جو سبب اهو هو ته هن جي اندر ۾ پيار جا اڻکٽ درياهه هئا، تڏهن ئي ته هو بهترين ليکڪ ۽ ذميوار ايڊيٽر هئڻ باوجود، پنهنجي سٻاجهيءَ ۽ پيار واريءَ شخصيت جي ڪري، پنهنجن پيارن، پنهنجن پڙهندڙن ۽ عام ماڻهن جي دلين ۾ جايون جوڙي سگهيو.

منهنجي خواهش آهي ته هري موٽواڻيءَ جي ”ڪونج“ جي اُڏام، ادب جي آسمان تي سدا جاري رهي- نه ڪڏهن رُڪجي، نه ڪٿي ٿڪجي. هريءَ جو اِهو مشن، جيڪو هن سنڌي ادب، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي قوم لاءِ شروع ڪيو، اهو مشن جاري رهڻ گهرجي. بهرحال اسان کي ان ڳالهه تي اطمينان ڪرڻ گهرجي ته اُهي اديب، جيڪيوطن ڏسڻ جي آس سانڍي دنيا مان هليا ويا، انهن مان هري موٽواڻي انڪري خوشنصيب ليکبو، جو هو نه رڳو ڪيترا ئي دفعا سنڌ آيو، پر سنڌ واسين جو ڀرپور قرب ماڻي، پنهنجي هردلعزيز شخصيت سان اُنهن مٿان ڇانئجي ويو- پر دل ڏاڍي بي ايمان ٿيندي آهي.... ڪيڏيءَ مهل.... ۽ ڪٿي به، ڪنهن کي به دوکو ڏيو ڇڏي....

- ۽ هريءَ جهڙي پياري انسان جو وڇوڙو به ان ئي دل جي بي ايمانيءَ جي نذر ٿي ويو!.....      - ماهتاب محبوب

[ 3 ]

چندن جي خوشبوءَ جو سفر

هري پنهنجي آتم شاکشاتڪار (Self Interview) ۾ لکيو آهي ته ”ڏهن ٻارهن سالن جي عمر ۾ مون  چندن جي ڪاٺ جي خوشبوءِ سِنگهي هئي. ذهن اُن خوشبوءَ سان واسجي ويو هو. ان خوشبوءَ کي سواسن ۾ سمائي، مون چندن جي وڻ جي تلاش شروع ڪئي هئي.....

”زندگيءَ جي ويرانيءَ ۾ اوچتو، ڪٿان، چندن جي ڪاٺ جي خوشبوءِ آئي، ذهن واسجي ويو، ان سرهاڻ سان.... چِت ۾ تازگي ڀرجي ويئي..... من جي هندوري ۾ نوان اُمنگ، نوان ويچار، نئين جنم ورتل ٻالڪ جيان، جهولڻ لڳا....

”مان سرهاڻ جي ان سروت چندن جي وڻ جي تلاش ڪرڻ لڳس. ڏس پتا پڇي آخر مون ان کي ڳولي ورتو. ها، اهو چندن جو ئي ون هو، مان مگڌ من سان ان طرف وڌيس. جيئن جيئن مان ان وڻ کي ويجهو پوندو ويس، منهنجو وجود چندن جي خوشبوءَ سان واسبو ويو.... دل ۾ آيم، وڻ کي ڀاڪر ۾ ڀري، ان جي سموري خوشبوءِ  پاڻ ۾ سمائي ڇڏيان... معطر ٿي وڃان سڄو، سمورو ان جي مهڪ سان... جتي به هجان، مهڪ ئي مهڪ پکيڙيندو رهان، ان چندن واسَ جي....“

هو اڳتي چوي ٿو: ”ڏات ذات کي نه پڇندي آهي. اها منهنجي زندگيءَ جي اونداهي جهنگل ۾ روشنيءَ جو ترورو بڻجي داخل ٿي هئي، گل بڻجي ٽڙي هئي، چندن جي ڪاٺ جي خوشبوءِ بڻجي آئي هئي، ۽ مان ان تروري، اُن گل ۽ ان چندن جي خوشبوءِ طرف ڇڪبو ويو هئس... وڌندو ويو هئس ۽ مون ان وڻ کي ڳولي لڌو هو... مان ان وڻ جو هڪ حصو بڻجي ويو هئس.....“

آخر ۾ هو لکي ٿو: ”ادب ۽ ادبي کيتر مون لاءِ چندن جي ڪاٺ جي خوشبوءِ مثل آهن....“ آءٌ ته ائين چوندس ته چندن جي خوشبوءِ هرڻ جي مشڪ وانگر منجهس ئي واسيل هئي، جنهن جي ڳولا ۾ هو هند سنڌ جي  ڪنڊڪڙڇ ۾ ڀٽڪيو هو. انهيءَ خوشبوءِ کانئس ”ڪونج“ جي اُڏار ڪرائي، پنجن مجموعن تي مشتمل ڪهاڻيون لکرايون، پنج ناول، هڪ ناولٽ ۽ ٻه سفرناما لکرايا، پر سندس ڀٽڪاءَ، کيس شرت چندر جي آتم ڪٿا ’هڪ رولاڪ جي آتم ڪهاڻي‘ وانگر پنهنجي زندگيءَ جي روئداد جو داستان ’آخري پنا‘ لکرائي، ڄڻ ته چندن جي ڳولا جو انت آندو، پر انهيءَ انت جو انت ڪٿي هو؟ هن ڊسمبر 2004ع ۾ ڪونج جو خاص نمبر ڪڍي، پنهنجي زندگيءَ جي سفر جي خاتمي جو اعلان ڪيو. ڪونج ۽ هري- هڪ سڪي جا ٻه پاسا هئا. هڪ جو تصور ٻئي کان سواءِ ڪري ئي نه ٿو سگهجي. هو جيڪي ڪجهه هو، اهو سندس ڪتابن جي هڪ هڪ صفحي، هڪ هڪ سٽ ۽ هڪ هڪ لفظ مان ڏسي سگهجي ٿو.

”ڪونج“ سندس آئيڊيل هئي، جنهن ڪارڻ هن پنهنجي جواني، ٻڍاپو، سموري زندگي ارپڻ ڪري ڇڏي هئي. جڏهن سندس چهرو اڇي ڏاڙهيءَ وارو بزرگاڻو ٿي ويو ۽ سندس هلڻ لڪڻ جي ٽيڪ کان سواءِ ممڪن نه رهيو، تڏهن به همت ۽ حوصلو، جذبو ۽ جولان اهو ئي جوانيءَ وارو رهيس. آءٌ سمجهان ٿو ته 1986ع کان 2005ع تائين هو ڇهه ست ڀيرا سنڌ ۾ آيو ۽ پنهنجي جنم ڀوميءَ سنڌ اڳيان سيس نوائي، آشيرواد وٺي، جڏهن واپس ويندو هو ته ڄڻ نئون جنم وٺي ويندو هو. سنڌ سان سندس سڪ پوري ٿيڻ جوڳي ئي نه هئي.

”ڪونج“ کي هريءَ هڪ ادب- دُوت  (Messenger of Literature) طور استعمال ڪيو، جنهن نه رڳو هند جي سنڌي اديبن جي سنڌيت جي جذبي کي جيئرو رکيو، پر سنڌ جي سنڌي اديبن کي پاڻ سان جوڙي رکيو. هن سنڌي ادب جي آبياري ٻنهي پاسن جي ساهت ڪارن کي گڏ کڻي ڪئي.

حيرت جي ڳالهه آهي جو هري رڳو پرائمريءَ جا چار درجا پڙهيو هو، پر سندس ڪتابَ يونيورسٽي سطح تي پڙهايا وڃن ٿا. منهنجي انهيءَ ڳالهه تي به هرڪو سهمت ٿيندو ته اُتم ۽ سندريءَ کان پوءِ هري هند جو پهريون سنڌي اديب هو، جنهن سرحد جي ڪَنڊائين واڙ مان پير زخمي ڪري رستو ٺاهيو، جيڪو پوءِ شاهراهه بڻجي ويو. اها سندس مقناطيسي ۽ ڪرشماتي شخصيت جي لڪل سگهه هئي، جنهن سنڌ واسين کي ڏانهس ڇڪيو. جڏهن هند ۽ سنڌ جي وچ ۾ ويزا ملڻ جون ڏکيائون هيون، تڏهن شايد گذريل صديءَ جي 80 واري ڏهاڪي ۾ مون کي لکيو هئائين ته ”منهنجو ڪوبه رت جي رشتي وارو مائٽ سنڌ ۾ ڪونهي، جنهن جي ڪوٺ جي بنياد تي آءٌ سنڌ اچي سگهان. تون مون کي ماسات جي حيثيت ۾ هڪ ڪوٺ جو خط لکي موڪل ته جيئن مون کي ويزا آسانيءَ سان ملي سگهي.“ مون کي انهيءَ ڳالهه جي خوشي آهي ته هو منهنجي خط جي آڌار تي سنڌ اچي سگهيو. هو پوءِ هميشه مون کي ڀاءُ يا ماسات چئي/ لکي مخاطب ٿيندو هو. هن جنهن سان ناتو جوڙيو، کانئس ڪڏهن منهن نه موڙيو، بلڪه توڙ نڀايائين. جڏهن به سنڌ ايندو هو ته هر ڪنهن کي ناتي جي آڌار تي ڪتاب ۽ سوکڙيون ڏيڻ سندس مزاج ۾ شامل هو. منهنجن ڌيئرن ۽ نُنهن لاءِ ڪانه ڪا سوکڙي ڏيئي سَرهو ٿيندو هو.

گذريل ڀيري، جون 2005ع ۾ جڏهن حيدرآباد آيو ته پنهنجن ساٿين هيري ٺڪر ۽ نند ڇڳاڻيءَ کي به گڏ وٺي آيو ته سڀني گهر ڀاتين سان گڏجي نيرن ڪيائون. ساڻس آخري ملاقات سنڌ ميوزيم آڊيٽوريم ۾ هڪ اجتماع ۾ ٿي هئي.

گذريل مهيني دوران سندس دل کيس دولاب ڏيڻ لڳي هئي. هو ممبئيءَ جي ڪنهن هاسپيٽل ۾ علاج ۽ اينجيوگرافيءَ لاءِ داخل ٿيو هو. ساڻس فون/ موبائل تي ڳالهه ٻولهه نه ٿي ٿِي سگهي. نيٺ ساڻس فون تي رابطو ٿيو ته مون کي ٻڌايائين ته 29- اپريل 2006ع تي ڪراچي يونيورسٽيءَ طرفان ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ دعوت جي باوجود اچي ڪونه سگهندس، پر جلد ئي دل جو باءِ پاس ڪرائي، اچي سنڌو ماتا جو درشن ڪندس. پر 7- مئي صبح جو خبر پيئي ته هو سنڌ لوڪ اچڻ بدران پرلوڪ پڌاري ويو. سندس گهر تي فون ڪيم ته سندس ڌيءُ ۽ پٽ پرڪاش سان ڳالهه ٿي، جن ٻڌايو ته اسان اجهو هينئر سندس اگني سنسڪار ڪري واپس موٽيا آهيون. ساهت جي سُرهاڻ سان واسيل سندس چکيا ۾ چندن جي ڪاٺيءَ جو واس به وايو منڊل ۾ ڦهلجي ويو. هن پنهنجي وصيت جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته منهنجي ديهه جي رک ۽ ڦل، سنڌو درياءَ، گنگا نديءَ ۽ عربي ساگر (ممبئيءَ واري سمنڊ) جي پاڻيءَ ۾ پرواهه ڪيا وڃن، جو آءٌ انهن جو ئي آهيان- ۽ ائين چندن جي خوشبوءَ جي تلاش جو سفر پورو ٿيو!    - ولي رام ”ولڀ“

[ 4 ]

هري- منهنجو  وڏو  ڀاءُ

اُهو ماڻهو، جيڪو نه ڏٺل نه وائٺل، بس اوچتو ملي وڃي ۽ اوهان کي لڳي ته هن ماڻهوءَ سان سالن جي پراڻي پنهنجائپ آهي- هري موٽواڻي اهڙو ماڻهو هو.

هن سان منهنجو شروعاتي واسطو ائين پيو جيئن هڪ ليکڪ جو ايڊيٽر سان هوندو آهي. ”ڪونج“ کي هند ۽ سنڌ جي هڪ معتبر ۽ سنجيده ادبي رسالي واري حيثيت حاصل آهي. 1964ع ڌاري جڏهن مون لکڻ شروع ڪيو ته منهنجي اها وڏي خواهش هئي ته منهنجي ڪهاڻي ”ڪونج“ ۾ شايع ٿئي. مون شايد ڪا ڪچي ڦڪي ڪهاڻي هري موٽواڻيءَ کي موڪلي هئي، جيڪا شايع ڪانه ٿي. پر هريءَ سان خطن جي ڏي وٺ جو رستو کلي ويو. انهن خطن مان مون اندازو لڳايو ته هري قربدار شخص هو ۽ سنڌ جي سڪ هن جي سقيني ۾ سمايل هئي.

اها سڪ ئي هئي جنهن جو هڳاءُ هريءَ هر ان شخص مان وٺڻ ٿي چاهيو، جيڪو هتان سنڌ مان انڊيا گهمڻ ٿي ويو. هريءَ بنان ڄاڻ سڃاڻ جي سنڌ مان آيل هر شخص کي جيءَ ۾ جايون ٿي ڏنيون. پنهنجا ڪم ڪار ڦٽا ڪري سڄو وقت سنڌ جي مهمان کي ڏيڻ هن جو دستور بنجي ويو. ڪيترا ماڻهو، جيڪي ليکڪ به ڪونه هوندا هئا، پر رڳو سنڌ جي ”سنڌي“ هجڻ سبب هريءَ جي هانءُ جا هار بنجي ويندا هئا.

آءٌ 1985ع ڌاري انڊيا ويو هوس. بمبئيءَ ۾ مون سان ملڻ وارو پهريون شخص هري موٽواڻي هو. اسين هڪ ٻئي جي ڀاڪرن ۾ ائين بيٺا رهياسين، ڄڻ وقت بيهي ويو هو. هريءَ سان ملي مون کي لڳو ته اسين پهريون ڀيرو ڪونه ملي رهيا هئاسين- اسين ته الاجي گهڻا ڀيرا اڳي ملي چڪا هئاسين. هريءَ سان اهو پنهنجائپ ۽ پيار جو رشتو- جيڪو شايد روحن جو رشتو هو- سو هميشه قائم رهيو. ان ۾ ڪڏهن به ويڇو ڪونه پيو. ڪڏهن مون کان ڪا غلطي ٿيندي هئي ته هري وڏي ڀاءُ وانگر دڙڪو به ڏئي ڇڏيندو هو. ڪڏهن مون کي سندس ڪا ڳالهه نه وڻندي هئي ته آءٌ ساڻس جهيڙو به ڪندو هوس ۽ هري کلندو به پيو هو ته وضاحتون به پيو ڪندو هو.

هريءَ امان کي پنهنجي ماءُ ڪري سڏيو هو. جڏهن به گهر ۾ ايندو هو ته امان کي پيرين پوڻ لاءِ جهڪندو هو ۽ دعا ڪرڻ لاءِ چوندو هو. امان هن جي مٿي تي هٿ رکي پير پوئتي هٽائيندي هئي. کيس روڪيندي چوندي هئي، ”ابا، تون پاڻ بزرگ آهين، مون کي پيرين پئي شرمندو  نه ڪر.“ هري کيس چوندو هو، ”ماءُ ته ماءُ ئي هوندي آهي. تون شوڪت جي امان آهين ته منهنجي به امان ٿئين نه.“

امان جي گذاري وڃڻ جي خبر ٻڌي هريءَ مون کي فون ڪئي ۽ روئڻ لڳو. هاڻي جڏهن هري گذاري ويو ۽ مون سندس پوٽيءَ وشاکا سان فون تي ڳالهايو ته اسان ٻنهي کي روئڻ اچي ويو. وشاکا ٻڌايو ته ”دادا وصيت ڪري ويو آهي ته سندس هاٺيءَ جي رک جو اڌ حصو هردوار ۾ گنگا جي حوالي ڪيو وڃي ۽ اڌ حصو سنڌ ۾ سنڌونديءَ جي حوالي ڪيو وڃي.“ ۽ هنن اها رک سنڀالي رکي آهي سنڌ ۾ سنڌوءَ جي حوالي ڪرڻ لاءِ.   - شوڪت حسين شورو

 

[ 5 ]

ڪاڪي هريءَ جون يادگيريون

آنجهاني ڪاڪو هري رام موٽواڻي ”سنڌي“، جنهن ورهاڱي کان پوءِ بمبئيءَ ۾ پنهنجي سنڌي ثقافت جي رسالي ”ڪونج“ ذريعي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪندي پوري ننڍي کنڊ ۾ پنهنجو ڌاڪو قائم ڪيو، سو تازو ڌڻيءَ جي رضا تي راهي ٿيو آهي- هُو ادب ۾ هميشه حيات ۽ اسان جي ياداشت ۾ تازو تازو رهندو.

ڪاڪي جو لاڳاپو مون سان عام رواجي دوستن جي بدران گهرو تعلقات ۾ تبديل ٿي ويو. ايتريقدر جو ڪاڪو جڏهن به بمبئيءَ مان سنڌ ۾ ايندو هو ته پنهنجي رهائش جي معاملي ۾ هميشه مون کي اوليت ڏيندو هو ۽ اسان به سڀيئي، سمورا گهر ڀاتي، کيس جيءَ ۾ جايون ڏيئي، سندس آرام جو پورو پورو خيال ڪندا هئاسين. اسان جو جڏهن به بمبئي وڃڻ ٿيندو هو ته ڪاڪو هري رام ۽ سندس گهر ڀاتي اسان جي خدمتن ۾ لڳي ويندا هئا ۽ اسان کي خبر ڪانه پوندي هئي ته پنهنجي گهر جي بجاءِ ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ آهيون.

ڪاڪي هريءَ جي خوبين کي بيان ڪرڻ لاءِ مون وٽ ڪي لفظ ڪونه آهن، جن سان سندس تعريف جو حق ادا ڪري سگهان. سندس اوچتي وڇوڙي سان اسان کي ڏاڍو ڏک رسيو آهي ۽ سندس يادون زندگيءَ جي هر موڙ تي اسان سان گڏ رهنديون.

ڪاڪو هري موٽواڻي هند ۾ سنڌي ثقافت جو موڙ ۽ يارويس ماڻهو هو. سندس محبتون وسرڻ جون ڪونه آهن. اسان جو سچو دوست ۽ وڏن ڀاڳن وارو هو، جو هو هند جي ٻين اديبن جي ڀيٽ ۾ گهڻائي ڀيرا پنهنجي وطن سنڌ ۾ آيو ۽ گهميو ڦريو ۽ پنهنجن دوستن سان دل کولي پيار ڪيائين.

- نواب بشير احمد خان لغاري

 

[ 6 ]

سنڌوءَ جو پاڻي- هري موٽواڻي

پاڻي، سرمايو ۽ صلاحيت سدائين بيچين هوندا آهن. جيڪڏهن اُهي چرپر ۽ استعمال ۾ نه هوندا ته سماجي حوالي سان ڀلائيءَ جي چاڙهي ئي نه چڙهي سگهبي، پر اُهي پنهنجو پاڻ کي به کاريندا، کائيندا ۽ ڪوريندا رهندا.... بيٺل پاڻي آسپاس ته بدبوءِ ڦهلائيندو ئي، پر پنهنجي اندر لاءِ به گند جو دُٻو بڻجي ويندو. ساڳيءَ طرح پونجي يا سرمايو به جيترو استعمال ۾ ايندو، اوترو وڌيڪ سماج  ترقي ڪندو ۽ پاڻ به  وڌندو ۽ سوايو ٿيندو رهندو. صلاحيت- جيڪڏهن هاڪاري رُخ ۾ استعمال ٿيندي ته سماج کي سرهو بنائڻ سان گڏ اها فرد کي به معتبر ۽ ممتاز بڻائيندي ويندي. پر جي صلاحيت (Talent) جي رستي روڪ ٿئي به کڻي، ته اُها هڪ نه ته ٻئي ڪنهن نه ڪنهن رُخ ۾ آخرڪار پنهنجو مقام ڳولي لهندي.

سرڳواسي هري موٽواڻي ڪو وڏو سرمايدار نه هو، پر سندس لاڳاپو سنڌ جي اُنهيءَ جاتيءَ سان ضرور هو، جنهن سنڌوءَ جو پاڻي پي پنهنجي صلاحيت سان ڌَن پيدا ڪيو ۽  ڌَن جي چرپر سان نه رڳو سڄي دنيا ۾ پنهنجي مڃتا ڪرائي، پر گڏوگڏ سنڌ کي به سينگارڻ ۽ سنوارڻ ۾ وسان نه گهٽايو. اهوئي سبب آهي جو ورهاڱي دوران، انهيءَ جاتيءَ جي ٿيل وڏي لڏپلاڻ جي نتيجي طور سنڌ جو اصل چهرو ئي باقي نه رهيو! بهرحال سرمائيدار نه هوندي به دادا هري موٽواڻيءَ، سڄي زندگي ذاتي فائدي لاءِ ڪنهن آڏو هٿ نه ٽنگيو ۽ هو ٿورڙيءَ پونجيءَ منجهان به گهڻي بهتر زندگي گذاريندو رهيو. ڇاڪاڻ  جو پنهنجي جاتيءَ جيان کيس پونجي استعمال ڪرڻ جو ڏانءُ ايندو هو. البت انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو هڪ باصلاحيت انسان ضرور هو. گهٽ تعليم، هيٺئين وچئين طبقي سان لاڳاپي ۽ Unstable حالتن ۾ زندگي گذاريندي، هن سنڌ جي ڀلي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۽ ساهت جي سينگار لاءِ جيڪو يوگدان ڪيو آهي، سو وڏي کان وڏا ڌَنوان ۽ ساهتڪار نه ڪري سگهيا هوندا. ”ڪونج“ جو مسلسل ڇپجڻ ۽ هند توڙي سنڌ جي هر حلقي ۾ اُن جي هڪجيتري مقبوليت ماڻڻ، انهيءَ حقيقت جا ثبوت آهن ته دادا هري غيرمعمولي صلاحيتن جو صاحب هو.

البت هن ڳالهه ۾ تِر جيترو به شڪ ناهي ته هو ”دلو“ (Aquarius) ستارو نه رکندي به وهندڙ پاڻيءَ جيان سدائين بيچين ۽ سفر ۾ رهندو هو. وڏي اديب هئڻ جي دعويٰ نه ڪندي به ادبي کيتر ۾ سرگرم رهڻ، سگهارو شخص نه هوندي به سڄي دنيا جي سنڌين کي سلهاڙڻ لاءِ جاکوڙيندو رهڻ ۽ وڏي عمر هوندي به ٻارن جيان چرپر ۽ تحرڪ ۾ رهڻ- انهيءَ ڳالهه جو دليل آهي ته هو سنڌوءَ جي وهندڙ جَلَ جيان صاف، شفاف ۽ روان دوان شخص هو. هري موٽواڻي جيڪڏهن توهان جي گهر ۾ مهمان ٿي آيو ته پَل لاءِ به بس نه ڪري ويهندو. پنهنجي هَڙَ (Baggage) ٺاهيندو، ڪتاب گڏ ڪندو، ڪمري جا ٽپڙ جائتا ڪندو، ٻارن، عورتن ۽ واقفڪارن سان پيو ڪچهري ڪندو. سندس اهو وهنوار تيستائين بند نه ٿيندو، جيستائين ننڊ جي ديوي زوريءَ مٿانئس هلان نه ڪري. هو جيڪڏهن ڪنهن محفل، مجلس، سنسٿا يا جماعت ۾ هوندو، تڏهن به ائين نه ڪندو جيئن کيس چيو ويندو، بلڪ اُن جي اُبتڙ هو ڪندو اُهو ئي، جيڪو سندس بيچين من ۾ هوندو.

طبيعت ۾ واهڙ جهڙي وَهڪ هوندي به هري موٽواڻي هاڪاري رويا رکندڙ، اڏڻ جي جذبي سان جاليندڙ ۽ ڳنڍيندڙ تند جيان نازڪ ۽ ڪارائتو ليکڪ هو، بلڪ ليکڪ هجڻ سان گڏ هو سنڌ ۽ اُن جي ٻوليءَ جو هڪ ڪامياب وڪيل ۽ سفير پڻ هو. هن اهڙي ذميواري ادا ڪرڻ دوران پنا ڪارا ڪرڻ سان گڏ بيشمار مسافريون به ڪيون. مان نٿو سمجهان ته ننڍي کنڊ ۾ اهڙو ڪو ٻيو لکڻيداس موجود هوندو، جنهن هري موٽواڻيءَ جيان هند ۽ سنڌ جو چپو چپو ووڙيو هجي ۽ هرجاءِ تي سنڌ جي ساراهه ۽ مداحون بيان ڪيون هجن.

مون لاءِ هري موٽواڻي انهيءَ ڪري ئي مهان ۽ معتبر شخص نه هو، جو هو شاهه جي بيت:

جان جان هئي جيئري، وِرچي نه ويٺي،

وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين.

جو سچو پچو اولڙو هو. پر گڏوگڏ هو منهنجي پاڙي
دَڙي محلي جو رهواسي هئڻ ڪري منهنجو ڳوٺائي به هو. مان ڪنهن
Sleep walker جيان تصور جي اکين سان ڏسي سگهان ٿو ته هن ٻالجتيءَ ۾ تجر باغ جي چهچ سائي ڇَٻر تي پسار ڪندي، تولاڻي بنگلي جي گهٽين مان نڪري گهاڙ واهه تي وهجندي ۽ ڪرماباغ، دڙي، ليلا آباد ۽ باقراڻي روڊ تي چرخ شماري ڪندي اهوئي آنند حاصل ڪيو هوندو، جيڪو ننڍپڻ ۾ ڪنهن به لاڙڪاڻويءَ کي ميسر ٿي سگهي ٿو. لاڙڪاڻي واسي هئڻ جي ناتي مان ياد جي دريچي مان ٻاهر نهاريندي پسي سگهان ٿو ته هري موٽواڻي هڪ ڏنگي ٻار جيان دريءَ جي سيخن ۾ هٿ وجهي ڪيئن ڊاڪٽر ڪرمچند جي ٻارن کي چيڙايو هوندو (۽ نتيجي ۾ ماستر کان ٽِڪڻ ڪُٽرائي هوندائين). مان اهو به محسوس ڪري ٿو سگهان ته هن نوان تَڪَ جي (تنهن دور ۾) سينگاريل ٽڪاڻي مان ڪهڙي چترائيءَ سان پرساد چورائي چٽ ڪيو هوندو ۽ ٻائي جون ٻِٺپيون ٻُڌيون هوندائين. هڪ رولاڪ جي حيثيت ۾ مان وڏي دعويٰ سان چئي سگهان ٿو، ته هري موٽواڻي، کٽاڻ بازار ۽ سيئو بازار کان وٺي مڇي مارڪيٽ، ريشم گهٽي، غريب مقام، مراد واهڻ، ڪوڪڙي پاڙي، جهنگل شاهه، نانگي پير، ايس پي آفيس، پائلٽ اسڪول ۽ لاهوري محلي سميت لاڙڪاڻي جي انچ انچ کي هڪ نه پر بيشمار دفعا لتاڙيو هوندو ۽ سِرن جي فرش تي گهمندي ۽ بيخياليءَ ۾ ٿاٻا کائيندي، سندس پيرن جا ننهن ۽ گوڏن جون چتيون به ڪئين بار چٽ ٿيون هونديون.

زندگيءَ جي آخرين حصي ۾ انهيءَ ساڳئي شهر جي بار بار مسافري ڪندي، هن ورهين کان پوءِ پنهنجي اباڻي گهر (هاڻ ان گهر ۾ اسان جا مائٽ احمد علي شيخ وارا رهن ٿا) جي اڱڻ ۾ نه رڳو واڻ جي کٽ تي سڌو سمهي بيهوشيءَ ڀري ننڊ جا مزا ورتا، پر انهيءَ گهر جي مڪينن سان پنهنجي گهر ڀاتين جيان چرچن گهٻن جو به سواد ماڻيو. انهن آخري مسافرين ۾ هري موٽواڻيءَ منگل جي بيهن ۽ نيڻوءَ جي چاپن جو سواد ورتو ته لٺ جي ٽيڪ ۽ ٽوپيءَ جي ڇانوَ هيٺ نٽهڻ اُس ۾ لاڙڪاڻي جي رستن تان  اُٿندڙ تائيءَ جو تيوڻ به ڪيو. هن ڪامريڊ سوڀي سميت شهر جي مڙني ”بَڙن“ سان ملاقات به ڪئي ۽ حسرتن جي اُساٽ مٿان حاصلات جا بيشمار جام هاريا. هن لاڙڪاڻي جي هر ڪنڊ پاسي ۽ اُن جي هر ادا ۽ جلوي جي جهلڪ ته پسي، پر سندس سوچ جي ستين تهه تائين پهتل آخري خواهش ممبئيءَ جي ڪنهن بي سُري شمشان گهاٽ ۾ گُهٽجي مري وئي! هريءَ گذريل مهيني خواهش ظاهر ڪئي هئي ته هو مئي 2006ع  ۾ سنڌ وڃي سڪون سان سمهي پوڻ چاهي ٿو ۽ وري واپس ممبئيءَ وڃي ”سنڌي شرنارٿيءَ“ جي شناخت سان جيئڻ نٿو گهري. پر ڏور آسمانن مٿان ويٺل ديوتا انساني حسرتن سان هٿچراند ڪرڻ جي آرٽ به انتهائي پورڻتا سان ڄاڻن ٿا. کين خبر آهي ته انساني آتما جڏهن زندگيءَ جي آخري شام گهارڻ لاءِ جنم ڀوميءَ تي واپس وري ٿي ته اُن کي نه رڳو مُڪتي ۽ نرواڻ ملي ٿو، پر اها ته جنم جنم جي جيت بڻجي ابدي چين جي بانسري وڄائڻ لڳي ٿي. هريءَ جهڙي بيچين منش جي آتما کي چين ملي به ڪيئن ها! هن جي ڀاڳ ۾ اهڙي برڪت پوڻ سان شايد ديوتائن جي  حساب ڪتاب ۾ رولو پئجي وڃي ها! انهيءَ ڪري اهو سندس مقدر ۾ لکيل هو ته سندس انتم سنسڪار باقراڻي روڊ واري ڪاڪي ايسرداس جي چانورن واري ڪارخاني پٺيان قائم ٿيل شمشان گهاٽ ۾ نه ٿيڻ کپن. ڇاڪاڻ جو سندس هڏڙين جي رَکَ وطن جي مٽيءَ ۾ ملي اهو نرواڻ ماڻي وٺي ها، جنهن جو مان مٿي ذڪر ڪري چڪو آهيان. اڄوڪي دور ۾ سندس هاٺيون جيڪڏهن وهندڙ سنڌوءَ جي سير جو حصو نه به ٿي سگهن ها ته موئن جي دري ويجهو سُڪل درياءَ جي دُٻن سان سلهاڙجي سندس روح فقير امام الدين جيان ضرور چئي سگهي ها ته:

”امام الدين“ لڙهندو وڃ انهيءَ وحدت جي واهُڙ ۾

مليو پاڻيءَ منجهه قْاڻي، ٿيڻ پو ڌار مشڪل آ.

- انعام شيخ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com