طارق عالم
Misfit
ڪٻاڙيءَ جي
دڪان
جي
ڏاڪڻين تي
چڙهندي هن
کي
شهر
جي قديم
ڳلي
سرءُ
جي شام
۾
گينڊي جي
گل
جهڙي نظر
آئي.
هن کي
پپر جا کِل کِل ڪندڙ پن، پپر هيٺان موچڪي سامان
سان سينگاريل ڪاٺ جي کليل صندوق جو ڪڙو، جُتي ڳنڍڻ
۾ محو پٺاڻ موچيءَ جا ڪڪا وار، هلڪي ڏاڙهي ۽
ڳليءَ جو موڙ ڪٽيندڙ رڪشا جو هُڊ پالش ٿيل ٽرمپيٽ
جيئن تجلا ڏيندي نظر آيا.
هو ڪٻاڙيءَ جي دڪان اندر اچي ويو ته وهيءَ جا ٽي
پهر گذاريل
ڪٻاڙي
ڪتابن
جي
بنڊلن پٺيان
ڦُدڪو
ڏئي
نڪري
آيو. هن
تي
نگاهه پوندي
سڃاتل مُرڪ
سندس
چهري جي
گهنجن ۾ هڪ
لمحي
لاءِ گهٽتائي آڻي
ڇڏي ۽ ڪٻاڙي پُر سڪون چهري سان واپس پراڻن ڪتابن
جي بنڊلن پٺيان غائب ٿي ويو.
آيو ته ڪتابن جي ڳولها ۾ هو پر سندس نگاهون ديوار
تي ٽنگيل دنيا جي ماسٽر پينٽرز جي رِي پراڊڪشن تي
ڦرڻ لڳيون. هن چاهيو بنڊلن پٺيان غائب ٿي ويل
ڪٻاڙيءَ کان پڇڻ رِي پراڊڪشنز جي ديوار تائين
ٽنگجڻ جي ڪهاڻيءَ بابت. پر ٻئي خيال سندس ذهن ۾
اڀري آيل سوال کي ميساري ڇڏيو.
”هي دور فيشن پرستيءَ جو آهي.... فيشن پرستي جڏهن
هيئر اسٽائيل ۽ لباس تان تِرڪي ادب، آرٽ ۽ ثقافت
جي دنيا ۾ ڪاهي پوندي آهي ته قومن جي زوال جي
شروعات ٿي ويندي آهي.“ هن پاڪستان جي اهڙن ڪيترن
ئي شان شوڪت وارن گهراڻن کي ڄاتو ٿي جن مصوريءَ جا
نادر شاهڪار ڳرين قيمتن تي خريد ڪري گهرن جي
ديوارن تي فقط انهيءَ ڪري سينگاري ڇڏيا هئا ته
جيئن آيل مهمان، ’ايم - ايف- حسين‘ جي گهوڙن، ’گُل
جِي‘ جي شوخ رنگن جي مهڪ ۾ ٻڏل خطاطيءَ، ’صادقين‘
جي ٿوهرن جهڙن ڳتيل انسانن، عبدالرحمٰن چغتائيءَ
جي هرڻ اکين، نفيس آڱرين ۽ پدم پيرن وارين
اپسرائن، ’جميل نقش‘ جي ڪئنواس تي اڏايل ڪبوترن جي
تصور جي پسمنظر کي محسوس ڪرڻ بجاءِ پينٽنگز هيٺان
انهن ناميارن مصورن جي صحيءَ جي رعب ۽ دٻدٻي ۾ اچي
هيسجي وڃن.
هو ته پنهنجي هڪ اهڙي دوست جي مصور پُٽ کي به
سڃاڻندو آهي جنهن جي آرٽ گيلريءَ مان لاهوري
سرمائيدار فقط انهيءَ ڪري هر ڀيري سندس ڪجهه
پينٽنگز سٺي رقم تي خريد ڪري ويندا آهن جو انهن
پينٽنگز جو رنگ سندن ڊرائنگ رومز ۽ بيڊ رومز جي
ديوارن تي ٿيل رنگ، فرنيچر ۽ پَردن سان مئچ
کائيندڙ هوندو آهي.
”هي ڏسو افروڊائيٽ جو پهريون ايڊيشن“ ڪٻاڙي ڪتابن
جي بنڊلن پٺيان ٻيهر ڦدڪو ڏيئي ظاهر ٿيو. هُنَ
ڪٻاڙيءَ جي هٿن ۾ کنيل ناول وٺي بي خيالي مان
اٿلايو پٿلايو پر سندس نگاهون پينٽنگز تي گهمنديون
رهيون. رينائر جي 1884ع ۾ ٺاهيل ’تيلين سان جڙيل
ٽوپلو پهريل ڇوڪري‘، جي عنوان واري پينٽنگ جي رِي
پراڊڪشن تان ترڪي سيزان جي ’ٻه تاس کيڏندڙ‘ عنوان
هيٺ تخليق ڪيل پينٽنگ تي هڪ لحظي لاءِ بيهي رهيون.
هن کي ان آئل پينٽنگ ۾ هئٽ پهريل تاس کيڏندڙن جي
چهرن ۾ گهرائي ۽ هٿ ۾ کليل تاس جي پتن تي گهور
بيحد وڻي وئي. هن کي ياد آيو ته ’سيزان‘ جي اها
پينٽنگ 1890ع کان 1892ع جي وچ واري دور جي ٺاهيل
هئي، پر 1892ع ۾ جوڙيل ’پال ڪلي‘ جي سائي ڳچيءَ ۽
سائي رنگ واري ٽوپي پاتل ’مشڪري‘ جي ٻن حصن ۾
ورهايل اُڀي چهري واري پينٽنگ کيس کلائڻ بجاءِ
مصور جي ذهن ۾ اڀري آيل مشڪري جي اندر کي رنگن ۽
ڪمپوزيشن ذريعي ظاهر ڪرڻ واري معصوم جذبي هن جي
مَنَ ۾ محبت جو ملائم احساس جاڳائي وڌو.
” صاحب! هنن پينٽنگز جو نيلام سيٺ رياض محمود جي
بيگم صاحبه پنهنجي پراڻي سامان سان گڏ ڪالهه ئي
ڪيو آهي. خريد ڪري آيم، ڪيئن آهن؟“
هن
کي ڪٻاڙيءَ جي جملي جي آخري لفظن تي کل ايندي ايندي رهجي وئي.
(ڪيئن آهن؟)
هن ڪو بحث يا ڀرپور جواب ڏيڻ بجاءِ سادگيءَ سان
وراڻيو، ”چڱيون آهن“. هن ڪٻاڙيءَ کي بي عقل سمجهي
اهڙو جواب قطعي نه ڏنو هو.
هن کي هو ڪٻاڙي شهر جي ڪيترن هوٽلن ۽ بار بي ڪيو
هلائيندڙن کان ڪيئي ڀيرا قابل احترام ۽ قابل عزت
محسوس ٿيندو هو. ڇو ته هن جي اکين شهر ۾ اهڙا
المناڪ منظر به ڏٺا هئا جتي چڱا خاشا شهر جا مشهور
۽ هلندڙ ڪتاب گهر ريسٽورينٽ ۾ تبديل ٿي چڪا هئا.
لڳو ٿي شهر ۾ يا شايد سموري ملڪ ۾ ماڻهن جا روح
مري رهيا هئا ۽ هو کائڻ واريون مشينون بڻجندا ٿي
ويا. ’پهريان ڌاريا ڪاهه ڪندڙ اسان جي علمي خزانن
کي ساڙي رک ڪندا هئا، اڄ اسان جي نه ختم ٿيندڙ بک
۽ ڏيکاءُ ۾ هڪٻئي کان گوءِ کڻڻ جي جنون ۾ ادب، آرٽ
۽ ڪلچر کي پيرن هيٺان لتاڙي، نالي ماتر ترقيءَ جي
ڊوڙ ۾ خبر ناهي ڪهڙي کاهيءَ طرف وڃي رهيا هئاسين!
ڇا ٿيندو هن شهر جو جڏهن هي ڪٻاڙي به مري
ويندو......؟‘
”وقت ڪيئن پيو گذري؟“
”ڪڏهن ڪڏهن اوهان جهڙو ڪو مهربان اچي ويندو آهي ته
روح تازو ٿي ويندو آهي. نه ته گهڻي ڀاڱي امتحانن
جي ڏينهن ۾ اسڪولي يا ڪاليجي ٻار مختلف سبجيڪيٽس
جون گائيڊون وٺڻ لاءِ اچي رش ڪندا آهن.“
هو ڪو جواب ڏيڻ بجاءِ ڪتابن جي ڍير تي اڻ لَکي نظر
ايندڙ اوريجنل پينٽنگ تي تجسس ڀريل نگاهه اڇلڻ جي
ڀرپور ڪوشش ڪري ٿو.
”صاحب، شهر جي آخري وڏي لائبريري به وڪامي وئي،
چون ٿا ته اتيچائنا مان ايندڙ سستن بوٽن جو دڪان
کلڻ وارو آهي، هي ’افروڊائيٽ‘ انهيءَ لائبريريءَ
جي بهترين ڪتابن مان هڪ آهي.“
”اِهو اوريجنل آهي ڇا؟“ هن ڪتابن جي ڍير تي اڻ
لَکي نظر ايندڙ پينٽنگ ڏانهن اکين سان اشارو ڪري
پڇيو.
سرءُ جي شام جي اداس روشنيءَ جو هڪ پڙڇ دڪان ۾ اچي
ديوار تان ٿيندو، ڪتابن جي بنڊلن، سيزان جي پينٽنگ
سان گڏ ڪتابن جي ڍير تي پيل پينٽنگ کي چمڪائڻ لڳو.
”جِي جِي! اها به مسز رياض جي نيلاميءَ واري
سامان مان ملي آهي.“ ڪٻاڙيءَ پينٽنگ کي ٽيڪ ڏياري
رکي ڇڏيو.
سرءُ جي شام جي پڙڇ پينٽنگ کي پنهنجي روشنيءَ ۾
وهنجاري ڇڏيو.
18/8x13/8
سائيز جي ڪئنواس تي شوخ ۽ گهرن رنگن جي امتزاڄ مان
جڙيل ڪمپوزيشن هئي جنهن تي پهرين نظر پوندي ڪجهه
به چٽو نظر نٿي آيو. مختلف اميجز جوڙيندڙ اها
ڪمپوزيشن هن کي پهرين نگاهه ۾ رنگن جو بيجا
استعمال ٿيل محسوس ٿي. هن ڪمپوزيشن تان نگاهه
هٽائي ڇڏي ۽ افروڊائيٽ جي قيمت ڏئي ڏاڪڻيون لهي
ڳليءَ ۾ اچي ويو.
سرءُ جا پاڇا گهڻو هيٺ لهي آيا هئا. پپر مان
هڪٻئي پٺيان ٻه چار پن سرءُ جي هوا جي لوڏن تي
ڇڏائجي اُڏامندا ڳليءَ جي روڊ تي اچي ڪريا ۽
ترڪندا هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويا. پٺاڻ صندوق
۾ سامان سانڍي وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هو ۽ ٻه
ننڍڙا ٻار ڳليءَ ۾ آخري بچي ويل پارٽيشن کان اڳ
واري عمارت جي جيسلميري پٿرن واري ڏاڪڻ تي رٽائرڊ
پوڙهن جيئن ڪنهن سنجيده گفتگو ۾ محو هئا. هوا سندن
وارن سان کيڏي رهي هئي ۽ سورج جي آخري روشني سندن
ڳلن ۽ هٿن کي چميون ڏيئي الوداع ڪري رهي هئي.
ڳليءَ جي اڌ ۾ اچي هن جون وکون ڍريون ٿي ويون.
پينٽنگ هن جي روح ۾ ڇيت جيئن چڀڻ لڳي. هن ذهن ۾
اڀري آيل پينٽنگ جي خيال کي ٿيڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽
ڳليءَ جي موڙ وٽ بيٺل ڪار ڏانهن وڌيو. مختلف موڙ
ڪٽيندي شهر کان ٻاهر نڪري تيز رفتار روڊ تي اچي
ويو ۽ وچٿري رفتار ۾ هلندڙ لين ۾ اچي ڊرائيوِ ڪرڻ
لڳو.
ڪٻاڙيءَ
جي
ڪتاب
-گهر
تي رکيل
ڪمپوزيشن
هن
کي
بيچين ڪرڻ لڳي،
هن
پاٿ جي
ڀر
۾
ڪار
پارڪ
ڪئي
۽ ميربحر
جي ڇني
ڏانهن هليو
ويو.
هن
پُڇ
ڪَتيل ٻلري لاءِ اڌ ڪلو ننڍڙيون مَڇيون خريد ڪيون
۽ برف تي رکيل ٺري ويل پَلن تي نظر وڌي. ’مري ويل
انسان جو جسم سرد احساس جيئن ٺري ويندو آهي.‘ هن
کي پنهنجي گذاري ويل ڀاءُ جو سرد جسم ياد اچي ويو.
جنهن جي جسم جي عجب گهميل ٿڌاڻ کي هن جي هٿن قبر ۾
لاهيندي محسوس ڪري ورتو هو. ”درياهه سڪي ويو“ هن
جي چپن ڀڻڪيو ۽ واري اُڏامندڙ درياهه جي تصور تي
ڪٻاڙيءَ وٽ رکيل گمنام مصور جي ڪمپوزيشن جا رنگ
اُڀري آيا. هن مڇين جي ٿيلهي سيٽ هيٺان سرڪائي
ڇڏي، ۽ هن جي ڪار ’يو‘ ٽرن ڪٽي شهر ڏانهن رواني ٿي
وئي.
خالي ڳليءَ جو فرش ايڪڙ ٻيڪڙ ٽيوب لائيٽس جي
روشنيءَ ۾ ڪٿان ڪٿان روشن نظر اچي رهيو هو.
جيسلميري پٿر مان جڙيل عمارت جا ڏاڪا ويران هئا.
سرءُ جي هوا پپر جا پن ڇاڻي رهي هئي. هن ڳلي ڪراس
ڪري ساڳئي موڙ تي ڪار پارڪ ڪئي ۽ تيز ٻرانگهون
ڀريندو ڪٻاڙيءَ جي دُڪان ڏانهن وڌيو. ڪٻاڙي بلب آف
ڪري مُڙيو ئي پئي ته هن کي ڏاڪڻيون چڙهندي ڏسي
ٻيهر روشني ڪري ڇڏيائين.
”خيريت صاحب؟“ ڪٻاڙيءَ جي لهجي ۾ حيرت لهي آئي.
”مون کي هوءَ پينٽنگ کپي ٿي.“
ڪٻاڙي سيزان جي رِي پراڊڪشن جي ڀر ۾ رکيل گمنام
مصور جي پينٽنگ کڻي ڏانهس وڌائي.
”ڇا قيمت آهي هن جي؟“
”اوهان جو هن لاءِ موٽي اچڻ ئي. هن جي قيمت آهي
صاحب.“
”پوءِ به....“
”صاحب! سچ پڇو ته هيءَ پينٽنگ مسز رياض مون کي به
مفت ۾ ڏيئي ڇڏي هئي.“
هن ٻٽونءَ مان سَو سَو جا چار نوٽ ڪڍي هن ڏانهن
وڌائي ڇڏيا.
”ٺيڪ آهن؟“ هن ڪٻاڙيءَ کان پڇيو.
”مهرباني صاحب“، ڪٻاڙي ٿورائتي نگاهه سان ڏانهس
نهاريو ۽ پينٽنگ کي اخبار ۾ پئڪ ڪري هن ڏانهن
وڌايو. پينٽنگ مٿان ويڙهيل اخبار تي ملڪ جي وڏي
شهر جي ڀرپاسي وارين قديم وسندين جا بلڊوز ٿيندڙ
دردناڪ منظر چٽا نظر اچي رهيا هئا. هو پينٽنگ کڻي
ڳليءَ ۾ تکيءَ وک سان هلندو ويو.
”وڃو ڪنويليو وڃو.
وڃي پرينءَ کي چئو.
اڃا پيو جيئان......“
مهاڪويءَ اياز جون سِٽون هوائن ۾ اُڏرنديون هن کي
ڪراس ڪري ويون. هن پُٺ ورائي ڏٺي، ڳلي آخر تائين
خالي هئي.
”وڃو ڪنويليو وڃو
وڃي پرينءَ کي چئو
اڃا پيو جيئان....“
هن جهونگاريو ۽ خشڪ اکين جي تندرن ۾ آلاڻ محسوس
ڪرڻ لڳو. موڙ وٽ پهچي ملڪ جي وڏي شهر جي قديم
وسندين جي تباهيءَ جي منظرن ۾ پئڪ ٿيل پينٽنگ کي
ڪار جي پٺينءَ سيٽ تي رکيائين ۽ گهر ڏانهن روانو
ٿي ويو.
بورچيءَ ڪار جو هارن ٻڌي گيٽ کوليو. آڳنڌ ۾ گارڊن
چيئرز مان هڪ تيويٺل اڌ پُڇ ڪٽيل ٻِلڙو ڏانهس
ڊوڙيو ۽ سندس پيرن ۾ ٻارن جيئن سمهي رهيو. هن جهڪي
سندس جسم تي هٿ ڦيريا ته هو سندس هٿن سان کيڏڻ
لڳو. بورچي پٺينءَ سيٽ تان اخبار ۾ ويڙهيل پينٽنگ
کنئي ۽ جافريءَ وارو دروازو کولي ورانڊي ۾ غائب ٿي
ويو. هن سيٽ هيٺان رکيل مَڇين واري ٿيلهيءَ مان ٻه
ڪڍي ڄمونءَ جي وڻ هيٺان پيل پليٽ ۾ رکي ڇڏيون ته
ٻِلڙو کائڻ ۾ مصروف ٿي ويو.
ڇهه مهينا اڳ هي ٻِلڙو خبر ناهي ڪير سندس گهر آڏو
ڇڏي ويو هو. تڏهن سندس ڪَٽيل پُڇ تمام ننڍو نظر
ايندو هو ۽ هو هر وقت ڇرڪيل رهندو هو. اهو ئي سبب
هو جو هو اڱڻ ۾ رهڻ بجاءِ هن جي بيڊروم ۽ ٽي-وي
لائونج ۾ رهي شرارتون ڪرڻ پسند ڪندو هو يا وري کيس
اڱڻ ۾ ڪرسيءَ تي ويٺل ڏسي، ٽپ ڏيئي، سندس هنج ۾
چڙهي ويهي رهندو هو. هن جو خيال هو ته هي ٻِلڙو
عزت نفس جو ماريل هو ۽ پنهنجي وقت اچڻ تي هن کي هن
گهر مان پاڻمرادو هليو وڃڻو هو.
”رات جي مانيءَ ۾ ڇا کائيندؤ؟“
چنبيليءَ جي وَلِ تي پاڻي ڇڻڪائيندڙ هن جي زال
پڇيو. گهميل هوا جا جهوٽا هن جي ڪپهه جهڙن وارن
مان هڪ چَڳَ ڪڍي کيڏڻ لڳا.
”ڪڻڪ جو ڏارو“، هو ڀُڻڪيو ۽ اندر هليو ويو. هاڻي
ٻنهي جا هاضما ڳرن ۽ مصالحي وارن کاڌن کي منهن ڏيڻ
کان قاصر هئا. هلڪيون سلڪيون چائينيز ڊشز مختلف
سلاد يا سادا سودا سنڌي کاڌا سندن پسنديده بڻجي
ويا هئا.
باٿ وٺي، ڊريسنگ ٽيبل آڏو برش ڪندي، هن کي پنهنجو
چهرو هميشه جيئن سانتاڪلاز جهڙو لڳو.
پوڙهي بورچيءَ کي رات جي مانيءَ جو ٻڌائي ڊريسنگ
ٽيبل جي سئٽيءَ تي ويهي نماز پڙهڻ لڳي. هو بيڊ روم
۾ اچي ويو، آندل پينٽنگ کي ديوار تي ٽنگي، روڪنگ
چيئر کي ٽيڪ ڏئي، غور سان پينٽنگ ڏسڻ لڳو.
هيءَ ڪمپوزيشن ڪنهن درويش جهڙي آهي، جنهن سان هر
ملاقات ۾ قدرت جا نوان راز کلندا ويندا آهن. يا
اهڙي بادل وانگر جيڪو هر لمحي روپمٽائيندو رهندو
آهي، يا ڪنهن محبت ڪندڙ دل جهڙي آهي. جيڪا ڪڏهن به
نه اجهامندڙ ڏيئي جيئن پاڻ جلي ٻين لاءِ آسانيون
فراهم ڪندي رهندي آهي.
هيءَ پينٽنگ پهرينءَ نظر ۾ عاشق ٿي پوڻ جهڙي بلڪل
ناهي. هن جو حُسن وقت گذرڻ سان ڇانئجڻ وارو آهي.
هيءَ ڪو سياسي نعرو ناهي بلڪ گونگي سُڏڪي جو اک
مان لڙڪ بڻجي لڙي پوڻ وانگر جهوريندڙ تاثر آهي....
هو پينٽنگ ۾ ڏسندي ڀڻڪندو رهيو.
رات جي ماني کائي ڪجهه دير اڱڻ ۾ اچي ويو. ٻِلڙو
سندس هنج ۾ ويهي ساڄي هٿ کي زبان سان آلو ڪري
منهن، مٿو ۽ ڪن صاف ڪرڻ لڳو. پوڙهو شخص اڄ هوا جي
جهوٽن ۾ ڪجهه عجيب سرور محسوس ڪري رهيو هو. نِم جي
ٽارين مان چوڏهينءَ جو چنڊ سِرڪي ٻاهر نڪتو ته سڄو
اڱڻ چانڊوڪيءَ سان ڌوپجي ويو.
هو اٿي بيد روم ۾ اچي ويو. سندس زال پرسڪون ننڊ
ستل هئي. هو ڪمپوزيشن تي اسپاٽ لائيٽ ٻاري روڪنگ
چيئر تي ويهي هڪ دفعو ٻيهر گمنام مصور جي پينٽنگ
ڏسڻ لڳو. هن کي شوخ رنگن جي امتزاج سان گهاٽن وڻن
جي پري تائين ويندڙ سُرنگهه نظر آئي جنهن جي آخر ۾
هلڪي نيري روشنيءَ جي ترورن جي جهلڪ نظر اچڻ لڳي ۽
پوءِ ڏسندي ڏسندي هن کي اها سُرنگهه ۽ وڻ گڏوچڙ ٿي
هڪ اهڙي غير واضح شينهن جو روپ ڌاريندي نظر آيا،
جنهن جون اکيون گهوريندڙ هيون، جنهن جي آڏو جهنگل
جون وڏيون معتبر هتسيون هٿ ٻڌيو، ڪنڌ جهڪايو سندس
حڪم جي بجاآوريءَ ۾ حاضر هيون. هن کي اهو سڀ رنگن
جي پاڇن سان ٺهيل لڳي رهيو هو.
اوچتو هن محسوس ڪيو ته بظاهر نظر ايندڙ شينهن اصل
۾ لومڙ آهي، جنهن شينهن جي کل پائي جهنگل ۾ دهشت
ڦهلائي ڇڏي آهي. پينٽنگ ۾ گهوريندي هن کي روڪنگ
چيئر تي ننڊ اچي وئي.
هوريان هوريان هن گهر مان ٻاهر نڪرڻ ڇڏي ڏنو. ٽي -
وي لائونج ۾ ويهي دير تائين خبرنامو ۽ ملڪي
صورتحال جا پروگرام ڏسڻ ڇڏي ڏنا ۽ دوستن سان ملڻ
بنهه گهٽائي ڇڏيو. هن جي زال، مڙس جي ان نئين رويي
سبب پريشان رهڻ لڳي. جيڪو گهڻو تڻو وقت پينٽنگ ۾
ڏسندي گذارڻ لڳو هو. پوڙهيءَ کي ان پينٽنگ ۾
اهڙيون ته ڪي ڳالهيون نظر نٿي آيون. جيڪي هن جي
مڙس هن کي ٻڌايون ۽ سمجهايون ٿي. پينٽنگ، جنهن کي
هن جي مڙس ڪمپوزيشن ٿي سڏيو سا ڪئنواس تي بي سمجهه
ٻار جي هڪ ٻئي مٿان هنيل ابتن سبتن اسٽروڪس کان
وڌيڪ ڪجهه به نه هئي.
پوڙهيءَ مڙس جي هڪ ٻن آرٽ ڪِرٽڪ دوستن کي به
گهرايو، جن سان هن جي مڙس جا ڪمپوزيشن تي طويل بحث
ٿيا. هن جا دوست ظاهري طرح اختلاف نه ڪري سگهيا.
انهن آرٽ ڪِرٽڪ مان هڪ جيڪو نفسيات جو ماهر به هو
تنهن سندس زال کي پنهنجي منهن صاف چئي ڇڏيو ته.
”جيڪڏهن مسٽر شاهه اهڙيءَ ريت گهر ۾ قيد ٿي ماڻهن
کان ڪٽجي رهجي ويو ته سندس وڃائجي وڃڻ جا چانسز
گهڻا آهن ۽ اهو به ته اها پينٽنگ دراصل سندس
تصوراتي دنيا جا عڪس آهن. هو اڳتي هلي
schizophrenia
جو شڪار به ٿي سگهي ٿو ڇو ته اهو سڀ ان بيماريءَ
جي سڃاڻپ لاءِ ڪافي هو.
جڏهن به زال کيس ان پينٽنگ کي ديوار تان لاهڻ
لاءِ چوندي هئي ته هو ڀُڻڪندو هو. ”هيءَ ڪمپوزيشن
گذري ويل، گذرندڙ ۽ ايندڙ وقت جي سچائي آهي.“ ۽
پوڙهِي ٿڌو ساهه ڪمري ۾ ڇڏي هلي ويندي هئي. هو
جڏهن به ان پينٽنگ کي روڪنگ چيئر تي ويهي گهورڻ
لڳندو هو ته هن تي عجيب منظر چٽا ٿيڻ لڳندا هئا،
”اسٽل لائيف“... هڪ ڀيري هو ڀڻڪيو، ”ڪتابن مٿان
جوتا.“ هڪ ڀيري ته هن پينٽنگ تي پاڻي ڀريل گلاس
هاري رڙ ڪئي هئي، ”پينٽنگز کي ٿا ’بار بي ڪيو‘
ڪيو- بي شرمو!“ اهڙيءَ ريت هن کي ان ڪمپوزيشن ۾
ڪڏهن ڌماڪن سان منڍيون اڏامندي نظر اچڻ لڳيون ته
ڪڏهن ٻارن جا لاش شهرن جي کليل گٽرن ۾ لڙهندي نظر
اچڻ لڳا. هڪ ڏينهن پهريان هوريان پوءِ تيز ڀڻڪڻ
لڳو ”نه ڪريو، نه ڪريو منهنجيءَ نياڻيءَ سان
اجتماعي لڄالٽ... اڙي اَلا...“ هو ڏڪندڙ هٿ وات تي
رکي روڪنگ چيئر تان لهي فرش تي ويهي زور زور سان
روئڻ لڳو.
۽ پوءِ هن ننڊ ڪرڻ ڇڏي ڏني. کائڻ گهٽائي پاڻ سان
ڳالهائڻ وڌائي ڇڏيو. هڪ آڌيءَ جو هن جي زال هن جي
گوڙ تي ڇرڪ ڀري جاڳي پئي. ”بي لڄا، بي نَڪا! توکي
اها شينهن جي کَل لاهڻي پوندي. هاڻي تنهنجو وقت
اچي پهتو آهي. ڏڪين ڇو ٿو...! انهيءَ ڪرينه، جو
تون انهيءَ کَل کان سواءِ ڪجهه به نه آهين؟ ۽ مان
توکي سڃاڻي ورتو آهي.... اڙي ڪنڌ جهڪائي ڇو بيٺا
آهيو، لاهيو، هن جي اُڌاري کل کي...“ هو رڙيون ڪرڻ
لڳو ۽ اڳتي وڌي ڪاوڙ مان ڪئنواس تي پنهنجون آڱريون
کپائڻ چاهيائين. ڄڻ ڪنهن جي کل لاهڻ چاهيندو هجي.
ڪئنواس پراڻو ۽ ڀُتو ٿي وڃڻ ڪري ڦاٽي پيو. هن جو
آواز گگهو ٿي ويو ۽ هو فرش تي ڪري پيو. سندس تارا
ٿرڙي ويا هئا ۽ سمورو جسم ڪرنٽ لڳڻ واري انداز ۾
جهٽڪا کائي رهيو هو. پوڙهيءَ سندس منهن تي پاڻيءَ
جا ڇنڊا هڻي کيس هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سندس
سائڪاٽرسٽ دوست کي فون ڪيو.
*
صبح جو هو دماغي مريضن جي سنڀال واري ڪمري ۾
اسپتال جا ڪپڙا پايو بستري تي گُم سُم ويٺو هو.
پوڙهي کيس کير ۾ ڊَٻل روٽي ٻوڙي کارائي رهي هئي.
هن جون اکيون اسپتال جي ڪمري کان ٻاهر ڄڻ ڪجهه ٿي
پوڻ جو منظر ڏسڻ لاءِ اتاوليون هيون. هن جا ڪوماڻل
چپ ڪجهه سوچي رهيا هئا ۽ عزت نفس جو ماريل ٻِلڙو
سندس ڪڇ ۾ پير ڊگهيري منهن کڻي کيس معصويمت مان
نهاري رهيو هو.
ڪتاب ”روشنيءَ جون رمزون“ جي رونمائي
صدارتي خطاب:
ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ
آءٌ قلبي اطمينان ”تطمئن القلوب“ جي اداري جو
شڪرگذار آهيان جو مون کي اڄوڪي محفل جي صدارت لاءِ
سڏي اوهان سان ملڻ جو شرف بخشيو اٿن.
هي سندن علمي ۽ تحقيقي ڪتاب ”روشنيءَ جون رمزون“
جي رونمائيءَ جي محفل آهي ۽ سياڻن سُڄاڻن ڪتاب جي
هر پهلوءَ بابت ڀرپور انداز ۾ پنهنجا ويچار ونڊيا
آهن. آءٌ توهان جي طرفان ۽ پنهنجي طرفان سندن دلي
شڪريو ادا ڪريان ٿو.
’قلبي اطمينان‘ اداري کي هن اعليٰ علمي ڪتاب جي
اشاعت تي مبارڪون هجن. ڪتاب سٺي پني تي خوبصورت
جلد سان ڇپيو آهي ۽ پروفن پڙهڻ تي به ڪافي ڌيان
ڏنو ويو آهي جو ڪيترن ئي نوَن لفظن ۽ اصطلاحن جي
باوجود ڪتاب جو متن صاف صحيح ڇپيو آهي. سنڌيءَ ۾
علمي تحقيق ۽ اشاعت جي معيار جي لحاظ سان هي ڪتاب
هن نئين سال 1427هه/2006ع جو قيمتي تحفو آهي، جيڪو
ايندڙ سالن ۾ به هڪ مثالي ڪتاب طور شمار ٿيندو. هن
ڪتاب جي اشاعت سان، ماضيءَ ۾ سنڌ جي هڪ مرڪزي علمي
ڳوٺ ”وهاب شاهه“ جي عظمت ۽ فضيلت جي ياد تازي ٿي
آهي، ۽ موجوده دَور جي نئين ضلعي ”مٽياري“ کي به
مانُ مليو آهي.
ڪتاب ”روشنيءَ جون رمزون“ منڍ وارن مهاڳن سان گڏ
يارهن بابن ۽ وڏي سائيز جي ٻه سَو سٺ صفحن تي
مشتمل آهي، ۽ قابل مصنف جي قلمي ڪشالي ۽ وسيع
مطالعي تي شاهد آهي. هن تحقيقي ڪشالي لاءِ جيڪي
ماخذ مصنف جي مطالعي هيٺ رهيا آهن، تن مان 65
ڪتابن جا نالا پويان ’ڪتابيات‘ ۾ درج ٿيل آهن.
”والسماءِ ذات البروج“ جي عنوان سان، مصنف جو لکيل
مقدمو سندس علمي ڄاڻ ۽ دانائي ۽ پڻ سنڌي نثر ۾
سندس قلم جيڪرامت ۽ بيان جي لطافت تي شاهد آهي.
هلندڙ دَور ۾، ڪنهن علمي تحقيقي ڪتاب تي، سنڌي نثر
۾ لکيل هي پهريون معياري مقدمو آهي جيڪو منهنجي
نظر مان گذريو آهي.
ارشاد علي شاهه صاحب، سنڌ جي ساداتن مان علمي
گهراڻي جو فرد آهي، ۽ قرآن شريف ۾ سمايل هدايت ۽
حڪمت کان باخبر آهي. جڏهن ڪائنات جي وجود ۽
موجودات بابت مغرب جي مفڪرن جا بيان پڙهيائين ته
سوچيائين ته ”هڪ مسلمان جي حيثيت سان مون کي
انهيءَ (موضوع) متعلق قرآن کان ڄاڻ حاصل ڪرڻ
گهرجي.“ هن صاحب گهڻي ڄاڻ حاصل ڪئي آهي جو نجوم جي
مختلف موضوعن ۽ مسئلن کي صحيح طور تي سمجهڻ لاءِ،
قرآن حڪيم جي آيات کي رهنمائي طور شروع ۾ رکيو
آهي.
قرآن حڪيم جي نزول سان، انسان لاءِ، تخليق ڪائنات
جي مطالعي لاءِ نيون راهون روشن ٿيون ۽ قرآن شريف
۾ ڏنل الاهي اهڃاڻن جي روشنيءَ ۾ نئين ”تجرباتي
علم“ جا بنياد پيا، جنهن کي هاڻي ”سائنس“ سڏجي ٿو.
قرآن حڪيم ۾ بار بار تارن ستارن جو ذڪر آيو، ستارن
جي گردش، مواقع، ميزان ۽ مواقيت جو ذڪر آيو، برجن
۽ ڪواڪب جو ذڪر آيو. شمس قمر ۽ نجوم يعني آسماني
اجسام جو ذڪر آيو، نه فقط ايترو پر شمس قمر ۽ نجوم
جي تسخير جو ذڪر آيو! اهڙن اهڃاڻن ٻي صدي هجري (8
صدي عيسوي) کان وٺي مسلمان مفڪرن ۽ محققن کي
آسماني اجسام جي جانچ ۽ تحقيق ڏانهن متوجهه ڪيو.
ان سلسلي ۾ انهن اسلام کان اڳ يونان ۽ هند وارن
جيڪي لکيو، تنهن جو به بخوبي مطالعو ڪيو ۽ وڌيڪ
پنهنجي وسيع جانچ ۽ تحقيقي تجربات جيبناء تي ٻن
مستقل علمن جا بنياد مضبوط ڪيا ۽ پڻ انهن بابت ڄاڻ
جا دائرا وسيع ڪيا: هڪ علم نجوم ۽ ٻيو علم هيئت،
جيڪي هن وقت
Astrology
۽
Astronomy جي نالن سان مشهور آهن. غور ڪجي ٿو ته انهن بابت
مسلمان محققن جا وَضع ڪيل اصطلاح معنيٰ ۽ مفهوم ۾
وڌيڪ واضح آهن. نجوم جو سندن مطالعو ٻن ڀاڱن ۾
ورهايل آهي: هڪ نجوم فطري يعني برجن ستارن ۽ اَنوا
يا وايو منڊل جي زميني موجودات تي فطري اثر ۽ ٻيو
نجوم علمي يعني ستارن جو انسان جي قسمت تي تصور
ڪيل عمل ۽ اثر.
ڪتاب ”روشنيءَ جون رمزون“ مان گهڻي ڀاڱي انهي پس
منظر تي روشني پوي ٿي. داناء مصنف قرآن حڪيم جي
آيات جي عنوانن سان مختلف موضوعن ۽ مسئلن کي زير
بحث آندو آهي. ڪتاب جي مقدمي ۾ ڄاڻايو اٿس ته ”هن
ڪتاب ۾ نجوم، ڪواڪب، اقمار، ڪهڪشائن جي حرڪات
ثمرات جو ذڪر، برجن ۽ انهن جي درجات جو ذڪر، ڪواڪب
جي عُلويات ۽ سُفليات جي شرح ۽ انهن جو حجم،
فاصلو، مدار، رفتار ( وغيره، وغيره) مطلب ته علم
هيئت جي مڙني پهلوئن تي لکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.“
ڪتاب جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه صاحب
نجوم
(Astrology)
۽ هيئت
(Astronomy)
ٻنهي جي مطالعي مان ڀرپور استفادو ڪيو آهي.
هڪ لحاظ سان، ڪتاب ”روشنيءَ جون رمزون“، نجوم تي
آڳاٽي اسلامي دور کان وٺي سنڌ ۾ ڪيل تحقيق جي
سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. سنڌ جي مرڪزي شهر منصوره ۾،
نجوم بابت هند جي ٻن نجومي ڄاڻن آريه ڀَٽ ۽
برهمگپت جي ڪتابن جا ٻي صدي هجري (اٺين صدي عيسوي)
جي سال 117هه کان وٺي عربيءَ ۾ ترجما ٿيا. 5 صدي
هجري جي پهرين ڏهاڪن ۾ وڏو سائنسدان رياضيدان ۽
نجوم جو ماهر ابو ريحان البيروني ملتان ۾ آيو، ۽
منهنجي اندازي موجب اتان هو هيٺ سنڌ ۾ به آيو، جو
سنڌ بابت سندس حوالا ذاتي ڄاڻ وارا پڪا پختا معلوم
ٿين ٿا. ان سفر ۾ هن سنسڪرت ۾ لکيل ڪتابن جو
مطالعو ڪيو ۽ انهن مان ڪن جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو،
جن ۾ بنارس جي جوتشي وجيانند جو نجوم بابت لکيل
’زِيج‘ (هئنڊ بُڪ) ”ڪَرَن تِلڪ“ شامل هو، جنهن جو
”غرة الزيجات“ جي عنوان سان عربي ٻوليءَ ۾ ترجمو
ڪيائين. ان عربي ترجمي کي سن 1973ع ۾، راقم جي
تحقيق ۽ تصحيح سان، شايع ڪرڻ جو شرف اسان جي سنڌ
يونيورسٽي (سنڌالاجي) کي آهي. ميرن صاحبن جي دور ۾
جڏهن سنڌ ۾ وڏي علمي ترقي ٿي، تڏهن حيدرآباد جي
صوفي عالم ۽ نجوم جي ڄاڻو سلطان علي بن سعد خان
ٽالپور، جيڪو خواجه محمد زمان رحه (لواري شريف) جو
مريد هو، تنهن مهيني رمضان سنه 1219هه ۾، نجومبابت
هڪ هئنڊ بڪ يعني ”زيج“ مرتب ڪئي، جيڪا هِند جي
مهاديوي مَسلڪ مطابق هئي. سنه 1932ع ۾ سکر بيراج
جي واهن وهڻ کان اڳ سنڌ جا سڀ سُڄاڻ هاري، موسمي
وايومنڊل يا اَنوا، سج ۽ چنڊر جي لهڻ اُڀرڻ ۽ تارن
ستارن مان خاص طرح ٽن نکٽن يعني ڪتي، ٽيڙو ۽ لڌن
جي اڀرڻ ۽ لهڻ کان باخبر هئا، جو سانوڻيءَ (ڪتي)
جي فصلن لاءِ پوري وقت تي ٻج ڇٽڻ ۽ ڪاهڻ لاءِ اها
ڄاڻ ضروري هئي. اڄڪلهه پڙهيلن کي به اها پروڙ ناهي
ته ڪَتي اڳ ۾ ٿي اڀري ۽ مٿي چڙهي، ٽيڙو پوءِ ٿا
اُڀرن ۽ لُڌا ان کان پوءِ ٿا اڀرن. ان اڻڄاڻائيءَ
سببان شاهه صاحب جو بيت غلط پيو پڙهجي ته:
ڪتيون ڪاپار آئيون، لڌا ويا لڙي
ذڪر هو سنڌ ۾ نجوم بابت مطالعي ۽ ڄاڻ جو، جنهن ۾
اڄ ارشاد علي شاهه صاحب نجوم جي عالمن جي ڪيل
تحقيق کي روشن ڪيو آهي. سنڌ ۾، هن وقت، نجوم جي
موضوع تي سوچڻ ۾ ڪنهن حد تائين آءٌ ئي سندس
ساٿياري آهيان، جو سنڌ جي آسمان، تارن، ستارن ۽
نکٽن کي جانچڻ سڃاڻڻ ۾ مشغول رهيو آهيان. هت اهو
ٻڌائڻ انهيءَ ڪري ضروري سمجهيم جو پنهنجي ان محدود
ڄاڻ جي روشنيءَ ۾، هن ڪتاب کي پڙهندي مون ان ۾
ڪابه ڪوتاهي محسوس نه ڪئي آهي. البت ڪتاب کي ڏسندي
منهنجو ڪن مسئلن ڏي ڌيان ويو، جن بابت مون ڪنهن
وقت سوچيو هو. ڀانيم ته هن ڪتاب ۾ انهن جو ذڪر
هوندو يا نه، پر جڏهن پڙهيم ته ڏٺم ته انهن سڀني
مسئلن بابت حوالا موجود آهن. تصديق لاءِ ٻه مثال
ڏجن ٿا:
(1) قرآن پاڪ ۾ ٻن انوکن ستارن ’خُنَس‘ ۽
’ڪُنَس‘ جو ذڪر آيو آهي ۽ چيل آهي ته اهي پوئتي
هٽي، لهي وڃن ٿا. مون تارن کي جانچيندي اهڙن تارن
کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪي ڪجهه مٿي چڙهن ٿا پر
آسمان ڪين ٿا اورانگهين ۽ پوئتي هٽي لهي وڃن ٿا.
مون 1986ع، 1987ع، 1993ع ۽ 2002ع ۾ اهڙا تارا ڏٺا،
جيڪي صبوح جو نماز وقت پهريائين ڏيڍ پهر کن تائين
چڙهيل نظر آيا پر جيئن پوءِ تيئن هيٺ اوڀر طرف
پوئتي هٽندي هٽندي لهي ويا. مون پنهنجي ڪتاب ”رهاڻ
هيرن کاڻ“- جلد-5 (ڇپيل 2003ع) ۾ انهن جو تفصيلي
ذڪر ڪيو آهي. ڪتاب ’روشنيءَ جون رمزون‘ پڙهندي
صفحي 74 تي ڏٺم ته انهن ٻن تارن واري قرآني آيت
موجود آهي.
(2) ٻيو ته سج کي ڏسبو ته بهار ۾ سَر اڀرندي
کان ٿو اڀري ۽ پوءِ اونهاري ۾ جيئن پوءِ تيئن سَر
اڀرندي کان اتر طرف سِرندو ويندو. سِري سِري آخر
پور اونهاري ۾ دنگ ڪري پوئتي ورندو. سرءُ ۾ وري
سَر اڀرندي کان اڀرندو ۽ پوءِ سياري ۾ وري ڏکڻ طرف
سِرندو ۽ ڏکڻ طرف دنگ ڪري وري پوئتي ورندو. اسڪول
۾، وچ واري اڀرڻ ۽ بالڪل اتر يا ڏکڻ واري اڀرڻ
بابت
Northern Solstice، Vernal Equinox
۽
Southern Solstice
جا نالا پڙهندا هئاسون. مون کي خيرپور ضلعي جي هڪ
سڄاڻ هاري سمجهايو هو ته بهار ۽ سرءُ ۾ سج سَر
اڀرندي کان اڀرڻ بعد اترين حد توڙي ڏاکڻي حد تي
پهچڻ بعد اتي تيرهن ڏينهن ٽڪي ٿو. ڪتاب ’روشنيءَ
جون رمزون‘ ۾ ڏٺم ته اتر ۽ ڏکڻ وارن ماڳن کان سج
جي موٽ واري اها سمجهائڻي ’نقاط مُنقلب‘ جي حوالي
سان ڏنل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي
(Points of Reversion).
جناب ارشاد علي شاهه صاحب وڏو قلمي ڪشالو ڪڍيو آهي
جو هي ڪتاب لکيو آهي. ان ۾ وڏو تفصيل آهي ۽ گهڻيون
خوبيون آهن. عملي نجوم جي روايتي رنگ واريون به
ڪي جهلڪيون موجود آهن، مگر علمي نقطه نگاهه کان
ڪتاب ”روشنيءَ جون رمزون“ سنڌي ٻوليءَ ۾ ايڪويهين
صديءَ جي شروعات جو هڪ اهم ڪتاب آهي. درسي اعتبار
کان به ’روشنيءَ جون رمزون‘ سنڌيءَ ۾ نجوم جي ڄاڻ
بابت هڪ پڪو پختو پرائيمر آهي.
افسوس اهو آهي جو اڄوڪي دور ۾ هن قسم جي ڪتاب کي
پڙهڻ پرجهڻ وارا ڪي ٿورا آهن. مصنف هن ڪتاب جي
علمي اصلاحي مقصد کي ورجائيندي انهن جاهلن کان بچڻ
جي تمنا ڪئي آهي جيڪي علم نجوم جي ڄاڻ جي ٺلهي
دعويٰ ڪن ٿا. سڄي ملڪ ۾، پر خاص طرح سنڌ ۾ تعليم ۽
علم جو زوال آهي، بلڪ جهالت جو دَور دورو آهي:
ايتري قدر جو علمي ڄاڻ ۽ تحقيق کي پيش ڪندي شاهه
صاحب جو بيت ياد اچي ٿو ته:
پلئه پايو سچ، آڇيندي لڄ مران!
باوجود ان جي، هن علمي ڪتاب جي اشاعت ”قلبي
اطمينان“ جي نئين اداري جي آئينده ترقي لاءِ نيڪ
فال آهي. اداري کي ۽ لائق مصنف کي آءٌ هن اشاعت تي
دلي مبارڪ ڏيان ٿو.
(حيدرآباد، 25- مارچ 2006) |