ادل سومرو
ٽٽل شيشا يادگيرين
جا
(شيخ اياز جي ياد ۾)
شيخ اياز جو گهر ۽ آفيس ٻئي وڪامي ويا!
مالڪ نه رهيو ته گهر ڪهڙا! جَسُ آهي انگريز قوم
کي، جنهن پنهنجن دانشورن، شاعرن ۽ اديبن جون سڀ
شيون سنڀالي رکيون آهن ۽ اُنهن جا رهائشي گهر،
عجائب گهرن ۽ لائبررين ۾ تبديل ڪيا.... هيءُ اُهو
گهر آهي، جتي وليم بلئڪ ترسيو.... هتي جان ڪيٽس ٽي
هفتا رهيو.... هِن ريسٽورنٽ ۾ آسڪروائلڊ اچي
ويهندو هو. اسان ته پنهنجن ڏاهن جي هر شيءِ ميساري
۽ وساري ڇڏي!
مولائي شيدائيءَ کي ته پنهنجو گهر ئي ڪونه هو.
مولائيءَ جي قبر جو اَلائي ڇا ٿيو؟ ثميره زرين جي
قبر ڳولڻ ۾ گهڻي دير لڳندي؟
شيخ اياز جي گهر ۾ ڪجهه آواز قيد آهن.
”او بوئا... ڪاڏي وئينءَ.... ٻه چانهيون ته ٺاهي
آءُ!“
”ڏي خبر ادل، ٿڪو ته ناهين؟ نه ته ڪجهه آرام ڪر،
مان ماني کڻي ٿو اچان، کائون ٿا. مون پنهنجي لاءِ
ڪجهه مڇي ترائي آهي، جو ڊاڪٽرن چيو آهي ته مڇي مون
لاءِ فائديمند آهي.“
”اچي هي صوف کاءُ“.
”ڪولڊ ڊرنڪ پيئندين؟ شام چڪر ڏينداسين.“
”مونس ملندو اٿئي يا نه؟ ڪهڙا حال اٿس؟“
”رهيل شاعري آفيس کڻي ٿا هلون، تون اُتي فيئر
ڪجانءِ“
مان يادگيرين جا ڪجهه ٽٽل شيشا ميڙڻ جي ڪوشش ڪريان
ٿو.
شيخ اياز سان ڪچهريون- سکر شهر جي بازار، پراڻي
سکر جي بازار. جتان گذرون.....
”هو شيخ اياز پيو وڃي،“ ڪجهه ماڻهو تجسس ۽ حيرت
مان ڏسن ٿا.
رشيد ڀٽي، شيخ اياز ۽ مان (گڏ ويٺا آهيون)
هُن سان گڏ ويهڻ تي به دل اندر خوشيءَ جي هڪ لهر.
هي ادل سومرو آ، نه.
ڀٽي! مون سان هڪ وڌو مسئلو آ، ته ڪوئي هٿ ونڊائڻ
وارو ناهي، جيڪو منهنجا شعر سهيڙي، پريس ڪاپيءَ
طور تيار ڪري. ائين ڪلارڪ ٽائيپ ته کوڙ آهن، پر
جيڪو شعر کي سمجهي به.
ذهن ۾ هڪ لالچ جو اُڀرڻ.
وڏي شاعر جي ويجهي ٿيڻ جي لالچ.
هُو جيڪو ڪنهن سان گهٽ ملندو آهي، اُن سان ڪچهري
ڪرڻ ته وڏي ڳالهه آهي. چئن پنجن ملاقاتن کان پوءِ
وڃي ڪنهن کي سڃاڻي، نه ته خير.
- مان اوهان جو ٻانهن ٻيلي ٿيڻ لاءِ تيار آهيان.
۽ پوءِ اهو سلسلو دوستيءَ ۾ تبديل ٿي ويو.
ڪتابن جا تحفا، ”پنهنجي دوست ادل سومري لاءِ سڪ
مان، خلوص مان، محبت مان.“ سندس سڀڪتاب، سندس
پاران لکي ڏنل، سوکڙيءَ طور.
- شاعري روبرو ٻڌائي
۽ مان ڊائرين تان پريس ڪاپيءَ طور اُتاريان. ائين
ڪيترائي ڪتاب اُتاري ويس:
رڻ تي رم جهم، راج گهاٽ تي چنڊ، بڙ جي ڇانوَ اڳي
کان گهاٽي، اڪن نيرا ڦليا، ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽
راتيون، جهڙ نيڻان نه لهي، مقالا، تقريرون....
هيڏو وڏو ڏاهو ۽ شاعر ڪڏهن ڪڏهن منهنجيءَ راءِ کي
اهميت ڏيندو هو.
سائين ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ رات“ صحيح نه ٿو لڳي،
”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون“ مناسب آهي.
هتي هن تقرير مان هي جملا خارج ڪجن ته بهتر ٿيندو.
- يادن جا هجوم آهن ۽ مان اڪيلو- ڌنڌلا عڪس
- 15 مارچ 1988ع.
ادل، سڀاڻي جويو حيدرآباد کان ايندو، کيس بس اسٽاپ
تان وٺي اچجانءِ.
- ٻئي ڏينهن تي بليو لائين بس اسٽاپ تي جويي صاحب
جي آجيان ڪريان ٿو ۽ 18 مارچ تي قبرستان وڃون ٿا،
رشيد ڀٽيءَ جي تربت تي گُل رکڻ.
- 26 مارچ 1988ع.
سنڌي ادبي سنگت جي ميڙ لاءِ شيخ اياز جي صدارتي
تقرير فيئر ٿو ڪريان.
- 24 آگسٽ 1987ع- شيخ اياز جو گهر- منجهند جي
ماني- ڊائننگ ٽيبل ڪتابن سان سٿيل- هري موٽواڻي-
نند جويري- نند ڇڳاڻي- رشيد ڀٽي- فتاح ملڪ، خان
محمد پنهور، ادل سومرو......
مانيءَ کان پوءِ گڏجي گروپ فوٽو ڪڍرايون ٿا.
ڪئميرا الائي ڪنهن جي هئي؟ هيو يادگار فوٽو، پر
مون وٽ ناهي!
ان وقت انهن شين جو احساس نه رهيو.
هڪ دفعي رسول ميمڻ چيو: ”يار، شيخ اياز سان سندس
گهر ۾ فوٽو ڪڍرائجن!“
پوءِ اسان هڪ پروفيشنل فوٽوگرافر وٺي شيخ اياز سان
سندس گهر ۾ فوٽو ڪڍرايا هئا.
- فوٽوگرافي اياز گل سٺي ڪندو آهي، پر هُن شيخ
اياز جو پورو رول ڪونه ڀريو هوندو.
خدا بخش ابڙي سمنڊ ڪناري تي شيخ اياز جو پورو رول
ڀريو، سٺيون تصويرون آهن.
- ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون- ٽائيٽل تي ان رول مان
هڪ تصوير- پوءِ ته اهي تصويرون عام ٿي ويون.
- ماڻهوءَ جي وڃڻ کان پوءِ احساس ٿيندو آ انهن شين
جو- شيخ اياز عام ماڻهو ته ڪونه هو.
- مون وٽ ته سندس هڪ سگريٽ به سنڀاليو رکيو آ،
جنهن سندس چپن کي ڇُهيو هو.
- سنڌي ادبي سنگت سکر جي گڏجاڻي - 1975ع.
- شيخ اياز جي موجودگيءَ ۾ هٻڪندي وائي پڙهان ٿو.
هتي بابا هيءَ درستگي ٿيندي
کرا وَسندا خوش ٿي،
کوٽا ٿيندا کوءِ.
- في الحال ته کرا ڏچي ۾ آهن. کوٽا ۽ چالاڪ اڳتي
آهن. وري هڪ دفعي سنگت جي گڏجاڻي هلندي اچي ٿو
وڃي.
مون کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر بڻايو
پيو وڃي. سوچيم سنگت جي دوستن سان صلاح ڪجي.
منهنجو خواب آهي ته مان سنڌ يونيورسٽيءَ کي
شانتي نڪيتن جهڙو ادارو بڻايان، جتي اديب هجن،
شاعر هجن ۽ شاگرد ڪتابن جي ويجهو هجن.
اديب ۽ شاعر ته شيخ اياز جي ڏينهن ۾ گهڻي تعداد ۾
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڀرتي ٿيا.
عبدالقادر جوڻيجو، ثميره زرين، سحر امداد، شوڪت
شورو، هدايت پريم، حمايت علي شاعر، قاسم ٻگهيو،
مرحب قاسمي، ملڪ نديم، نسيم ٿيٻو.... پر سنڌ
يونيورسٽي شانتي نڪيتن نه بڻجي سگهي!
ڀلا شيخ اياز، ٽيگور ٿي سگهيو!
- هڪڙو شاعر ويس ته مون کي رجسٽرار ڪر.
ڪم نه ٿيس ته شيخ اياز خراب ٿي ويو!
جن جن جا ڪم نه ٿيا، اُنهن شيخ اياز جي گلا ڪرڻ ۾
وسان نه گهٽايو ۽ اڃا به ڪندا رهن ٿا.
ڀتين تي چاڪنگ ڪيترو نه سولو ڪم آهي. ڪاري رنگ جو
دٻو ۽ هڪ بُرش.
يونيورسٽيءَ جي ڀتين تي اعليٰ اخلاق جو مظاهرو-
مهتاب اڪبر راشديءَ جي خلاف به ته چاڪنگ ٿي هئي!
اُها ڪنهن ڪرائي هئي؟
اڇي ڀت پاڻ کي وڻي ئي ڪانه.
جتي اڇي ڀت ڏسبي، اُتي چاڪنگ ته ڪرڻي آهي نه-
اڇا ڪپڙا، اڇو پٽڪو- اسان کان ڪٿي ٿو برداشت ٿئي!
سنڌ ۾ سولي ۾ سولو ڪم آهي ٻين جا ڪپڙا خراب ڪرڻ-
اهو ته هر هنڌ آهي، پر هتي ڪجهه وڌيڪ آسان آهي. ڇا
ڪجي.
ديس جو ترانو آهي- اُٿي بيهو.
هي هن وائيءَ کي ديس جو ترانو ڪنهن بڻايو آهي؟
ڇا شاعر کان ان سلسلي ۾ پڇيو ويو آهي. اجازت ورتي
وئي آهي.
اجازت جي ڪهڙي ضرورت آهي. شاعري قوم جي امانت آهي.
”۽ شاعر.....“ (ڪجهه ڏينهن بعد)
هي ترانو نه کپي. هيءَ شاعري به نه کپي. جيڪو هن
جا ڪتاب وٺندو....
اسان نئون ترانو تيار ڪرائينداسين.
ڇڏ انهن ڳالهين کي- ڪير ٿو ياد رکي انهن کي-
اسان جي ويسر به مثالي آهي. جيڪو ٿي ويو سو ٿي
ويو.
ڪير دوست، ڪير دشمن، سڀ هڪ قطار ۾.
- ائين شيخ اياز هڪ دفعو وري سکر موٽي آيو.
- ضياءُ الحق ٿو چئي ته مان اقبال کي سنڌيءَ ۾
ترجمو ڪريان.
- هڪ ڏينهن فون ڪيائين:
ابا ضياءُ الحق اڏامي ويو. اچ ته ڪچهري ڪيون.
- فتاح ملڪ جي جاءِ.
- اچي ادل.... پيءُ.
مان پيئان ڪونه. شاعر ۽.... هن کان انڪار
هاڻ ڪيترا گلاس مون ڏانهن محفل ۾ وڌندا آهن، پر
ڪنهن کان وٺجي.
شيخ اياز جو هٿ موٽائي ڇڏيو هو،
اُن کان پوءِ ڇا ٿو بچي!
پوءِ ته هو به بوتل کان پري ڀڄي ويو هو.
نه سگريٽ نه بوتل.
اڻ دُکيل سگريٽ هٿ ۾ کڻندو. ڪافي ماڻهو لائيٽر
ٻاري سگريٽ ويجهو آڻيندا هئا.
- جنات بلڊنگ- پراڻو سکر- شيخ اياز جو گهر
سوڙهيون گهٽيون- ٻارڙن جو شور، ريڙهي وارن جا
هوڪا- مون کي ائين لڳندو هو، ڄڻ مان سکر شهر مان
وري ٻئي ڪنهن شهر ۾ آيو هُجان. هونئن به جاگرافيءَ
جي لحاظ کان به ڏسبو ته پراڻو سکر هڪ ڌار شهر آهي،
جنهن کي پنهنجو ڌار گيٽ وي آهي. هيڏانهن جيل، جيل
جون اُڀيون ديوارون- مٿي ريل جو بندُ ۽ اُن جي
هيٺان پراڻي سکر ڏانهن ويندڙ رستو. ريل جو بند ۽
جيل ڏسي هيمون ڪالاڻي ياد اچي ويندو هو:
هيمون ڪالاڻي
جيل ٻُڌائي تُنهنجي
اَڄ به آکاڻي.
- ها، مون کي ياد آهي اُهو ڳڀرو نوجوان (ديوار مون
کي چوي ٿي) جنهن معافي نامي تي صحي ڪرڻ بجاءِ
ڦاهيءَ جي ڦندي کي مُرڪندي چُميو هو ۽ ٻُڍڙي ماءُ
پنهنجي پُٽ جي ٿڌي ٿي ويل چهري کي چُميو هو. ڳڀرو
نوجوان جو ٿڌو ٿي ويل وجود جڏهن جيل مان نڪتو هو
ته اهو منظر کرڙيءَ جي ميدان به ڏٺو هو.
کرڙي، جنهن بابت خليفي نبي بخش پنهنجو ڪيڏارو
لکيو. شيخ اياز به کرڙيءَ کي پنهنجي شاعري ۾ نه
وساريو.
شيخ اياز جو گهر وڪامجي ويو.....!
اسان جو الائي ڇا ڇا وڪامجي ويو، پر شيخ اياز جو
گهر به وڪامجي ويو. گهر ۾ هڪڙو ننڍڙو ميوزيم ٺهي
ها. اُتي شيخ اياز جي ڪُرسي ۽ ميز رکيل هجي ها.
هُن جي استعمال جون شيون.... اُها اِسٽڪ به رکجي
ها، جيڪا شيخ اياز سان گڏ گهمندي هئي. اسان جڏهن
پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا، پُراڻي سکر جي گهٽين ۽ رستن
تي گهمندا هئاسين ته اِسٽڪ اسان جون ڳالهيون ٻڌندي
هئي.
لَٺ لفظ مون کي نٿو وڻي. لَٺ سان ٻُڍائپ جو تصور
ذهن تي اُڀري ٿو ۽ شيخ اياز ته پوڙهو ٿيو ئي ڪونه
هو. شيخ اياز کي ڪراچيءَ لانجهو ڪري ڇڏيو.
هتي سکر ۾ هُو ڪيڏو خوش هوندو هو. اجايو ڪراچيءَ
ويو.
سکر سان هُن جو عشق هو.
سنڌوءَ جا ڪنارا، اروڙ، ڪالڪان جو مندر، ساڌٻيلو،
روهڙي، بکر، هر شيءِ پروقار.
ننڍو شهر، ٿورڙا اديب شاعر- سي به سڀ مداح!
جيترو وڏو شهر، اوتريون حرامپايون وڌيڪ-
ڪراچي وڏو شهر- سڀ وڏا اديب ۽ شاعر- مهان دانشور،
علم جا اڪابر، ڏاهپ جا ابا سڀ اُتي- شيخ اياز
اُنهن دانشورن جي وچ ۾ کپائجي ويو.
ڇا هي شيخ اياز..... اسان جي فهم ۽ ادراڪ آڏو هن
جي ڪهڙي حيثيت آهي. هُو نيم دهقاني ۽ نيم قومپرست
شاعر-
”سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار.“
ان کي چئبو آهي بين الاقوامي شعور جو شاعر!
ڪراچيءَ ۾ رشيد ڀٽيءَ جهڙو ڪوئي آهي.
16 فيبروري 1988ع:
رشيد ڀٽيءَ جو جنازو جاڳيراڻي پاڙي سکر مان کڄي
رهيو آهي. شيخ اياز اوڇنگار ڀري روئي ٿو پوي ۽
ڳوڙهن کي رومال سان اُگهي ٿو.
”ادل! مان حياتيءَ ۾ ٻه ڀيرا رُنو آهيان، هڪ
پنهنجي ماءُ جي وفات تي ۽ ٻيو ڀٽيءَ جي وفات تي.“
رشيد ڀٽيءَ جي چاليهي تي ادبي ميڙاڪو (24 مارچ
1988ع سکر)
اسٽيج تي جمال ابڙو ۽ ماهتاب محبوب (خاص مهمان).
صدارتي خطاب لاءِ شيخ اياز، رشيد ڀٽيءَ بابت
پنهنجي لکيل تقرير پڙهي ٿو. تقرير پڙهندي هڪ هنڌ
سندس ڳلو ڀرجي اچي ٿو ۽ هو پنهنجا لکيل لفظ پڙهي
نٿو سگهي. تقرير جو رهيل حصو مون کي پڙهڻ لاءِ چوي
ٿو (جا مون ئي 12 مارچ تي فيئر ڪئي هئي)
رشيد ڀٽي- عجيب انسان، پنهنجن سان ڀوڳ چرچا ڪندو
هو. ڀٽيءَ جا ٽهڪ سندس دوستن کي ياد هوندا هئا.
آخر ۾ اُهي ٽهڪ ته نه رهيا، پر مُرڪ سندس چهري تي
ڀوڳ ڪرڻ مهل ڦهلجي ويندي هئي.
”آ، ادل سومرا، شيخ اياز جا مُنشي.... ڪهڙا حال
اٿئي.“ ڪنهن ٻئي دوست سان تعارف ڪرائيندو ته ڀوڳ
ڪندي چوندو.
”هي آ، ادل سومرو، اڄڪلهه شيخ اياز جو ڪٽ پگهار تي
منشي.“
- شيخ اياز جو منشي ٿيڻ به هڪ اعزاز آهي.
۽ هي شيخ اياز جو منشي به جڏهن ڪراچيءَ ويندو هو،
ته ان ۾ به ڪراچيءَ جي چالاڪيءَ وارو رنگ ڀرجي
ويندو هو. هيڏانهن ڊوڙ.... هيڏانهن هي ڪم.... هو
ڪم.
- شيخ اياز سان ملاقات ڪجي نه ڪجي؟
هن وقت متان سُتو پيو هجي.
ڀلا فون ٿو ڪري ڏسان. پي سي او ڪٿي آ- شام جو
ويندومانس. ائين ئي ساڻس ملاقات به ڪڏهن ڪڏهن نه
ڪري سگهبي هئي.
ڪو اديب شاعر وٽس ويندو.
”سائين ڏيو خبر، ادل سومرو ڪراچيءَ آيو هو. توهان
سان مليو يا نه؟“
نه يار، مون وٽ ته ڪونه آيو هو.
پاڻ کي گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل ٿو سمجهي ڇا،
جو مون سان ملڻ لاءِ وٽس وقت ناهي.
آهي ته ڪنگلن اديبن جي جماعت سنڌي ادبي سنگت جو
سيڪريٽري جنرل
”ننڊ وليون“ ۾ به اهڙي ئي ميار ڏئي ٿو.
- ڇا ڳالهه آهي، ادل؟
سکر ته ٿڌيرو آ، يا مُند بدل آهي.
سکر جي گرمي به تيز ته ٿڌ به وڌ.
- سکر جي گرميءَ جي شدت کي محسوس نٿو ڪري سگهين،
ته شيخ اياز جي شاعريءَ کي ڪيئن سمجهندين.
- سکر ۾ ڪيڏو سڪون هو.
والس روڊ، ڪوئينسروڊ، جنات بلڊنگ.
اَدل خبر اٿئي، تنهن ڏينهن مون صبح جو سوير هُن
سامهون واري بلڊنگ ۾ جن ڏٺا هئا.
ڪراچيءَ جي جنڙن ته شيخ اياز کي مُنجهائي ڇڏيو.
گِلا ڏاڍي مٺي آ، جهڙي آئسڪريم.
سائين، توهان لاءِ فلاڻو اديب هيئن پيو چوي.
سائين، فلاڻي ماڻهوءَ توهان جي شاعريءَ مان غلطيون
پئي ڪڍيون.
سائين، هو ڏٺو اٿو، فلاڻو شاعر، ان کان پاسو ڪجو.
توهان جي گلا پئي ڪيائين.
هڪ سادو سودو معصوم شاعر، چالاڪ ماڻهن جي پريشان
ڪندر ڳالهين ۾ ڦاسجي ويو.
سائين! ادل سومري کان ڪجهه پاسو ڪندا ڪريو، فلاڻن
جو ماڻهو اٿوَ.
هي جو توهان جو بيت ”سنگت شاعري نمبر“ ۾ ڇاپيو
اٿائين، اهو توهان تي طنز آهي.
”تتر ڏئي سينڍ، تتر مارائي“
ادل! مان سنگت جي پروگرام جي صدارت نه ڪندس.
آرٽس ڪائونسل جي اوپن ايئر ٿيئٽر جي هجوم مان ڪوئي
مون ڏانهن پٿر اڇلائي ته پوءِ-
اِهي هئا همراهن جا ڪم- ڳالهائن ته لفظن جا هيرا
موتي پيا وسن ۽ اندر.... ڇڏ انهن ڳالهين کي. هيرا
به ته ڪوئلي جي کاڻ ۾ ٿيندا آهن، پاڻ کي مطمئن ڪرڻ
لاءِ اِها ڳالهه ڀلي آ-
A-27
پرنس ڪامپليڪس
ڀلا سائين، ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر” ۾ هوءَ فقير
واري ڳالهه ڪيئن آ؟
اِهو منهنجو ذاتي مشاهدو آهي. جيڪو مائيءَ ڏي
همراهه ويو هو، اهو مان ئي هُيس.
- معصوم شاهه جي مُناري جي ڏاڪڻين تي رهجي ويل
اوهان جي چُمي- هڪڙو ٽهڪ- اِها فلاڻي هئي- بس مڙس
جي ڪري لنوائي وئي- ڏاڍو شڪي مڙس اٿس.
- توهان جي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ اسان ته دوستن کي
منع ڪندا آهيون ته اُهي فيمليءَ سميت معصوم شاهه
جي مناري تي گهمڻ نه وڃن. (هلڪي مُرڪ سندس چهري تي
ڦهلجي ٿي وڃي. پر وڏو فرق اچي ويو آهي، سندس چهري
۾ اها رونق نظر نٿي اچي).
- ڀلا منهنجي آفيس واريءَ جاءِ جو ڇا ٿيو؟
فتاح ملڪ کي چؤ ته ڪتابن سميت خريد ڪري. جيڪو
مارڪيٽ ۾ اگهه آهي، اُهو ڏي. ڪتاب مان ڪاڏي ڪندس؟
سڀ شاعر ٿڪجي پيا آهن ۽ هي.....
شيخ اياز ايترو گهڻو ۽ تيزيءَ سان ڇو ٿو لکي! آخر
ڇو؟ پيو لکي، ڇاهي- جيڪو لکيائين اڳ ۾ لکيائين.
هاڻي ته.... هاڻي ته بس ”دعائون“ آهن.
انقلابي شاعر شيخ اياز، لکي ٿو پيو دعائون.
اي منهنجا رب! هي ڇا ٿي ويو.
اسان کي دعائن وارو شيخ اياز نه پر ”ڳاءِ انقلاب
ڳاءِ“ وارو شيخ اياز کپي. اچو ته شيخ اياز کي ٻن
حصن ۾ ورهايون. اوڀر شيخ اياز ۽ اولهه شيخ اياز.
نه- اِها ته اوڀر اولهه پاڪستان جي اَهل ٿيندي.
ته پوءِ ڇا ڪجي؟ اچو ته شيخ اياز کي مقابلي واري
قطار ۾ آڻي بيهاريون.
ان سان پوءِ ڇا ٿيندو- شيخ اياز ته شيخ اياز
رهندو. چريا! جج ته اسين پاڻ آهيون.
- شيخ اياز ته اُستاد بخاري کان ننڍو شاعر آهي.
اُستاد بخاري ته وڏي ڳالهه آ، هو ته وحيد هڪڙي
کان..... گهڻا ڪلام رڪارڊ ٿيا آهن شيخ اياز جا-
اُن جي ڀيٽ ۾، هُن جا ته هڪ هزار ڪلام رڪارڊ ٿيا
آهن.
- ٻوليءَ جون وڏيون خاميون آهن شيخ اياز جي
شاعريءَ ۾. تشبيهن جو به ڏاڍو غلط استعمال ڪيو
اٿائين. ڪي ته تشبيهون اهڙيون غير مناسب ڪتب
آنديون اٿائين، جو کيس ڪڏهن به معاف نٿو ڪري
سگهجي.
هُن يار جي به ته ٻڌو.... چئي ٿو حليم باغي، شيخ
اياز کان وڏو شاعر آهي.
اِها ڳالهه ته حليم باغيءَ کي به نه وڻندي.
حليم باغي سٺو شاعر آهي ۽ ان کي سٺي ڏيکارڻ لاءِ
شيخ اياز کي گهٽ ڪرڻ ضروري آهي ڇا؟
پاڻ کي قدآور ڏيکارڻ لاءِ ضروري آهي ته ٻئي جي
مُنڍي لاهجي. اچو ته هڪٻئي جون منڍيون لاهيون،
جيئن ڪو به پاڻ کي وڏو نه سمجهي. اڙي! هڪڙي ٻي به
پوائنٽ آهي. شيخ اياز ته وڏو ماڻهو به نه هو. ها
يار! واقعي.
A-27
پرنس ڪامپليڪس
چوڌاري ڪتاب.... وچ ۾ شيخ اياز
- توهان کي ته اُلڪو هوندو ته ڪٿي توهان جي ڪتابن
جي بار کان عمارت نه ويهجي وڃي.
هلڪي مُرڪ چپن تي.
توهان جهڙي وڏي شاعر جو بار برداشت ڪيون بيٺي آ
هيءَ عمارت- باقي ڪتاب ته.....
هڪ ڏينهن عمارت واقعي جواب ڏئي بيٺي.
شيخ اياز جي ڏولي عمارت کان ٻاهر رکيل هئي.
حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جا اديب ۽ دانشور پريشان ٿي
ويا ته هاڻي شيخ اياز کي ڪاڏي ڪريون.
جيئرو هو ته مڙئي پئي رڙهيو. هاڻي کيس ڪيئن ڪريون.
وڏو مسئلو پيدا ٿي ويو آهي!
اچو ته گڏجاڻي ڪريون. ڪجهه سوچ ويچار ڪريون.
شڪارپور، ڪراچي، ٺٽو، ڀٽ شاهه، سکر....
شيخ اياز شڪارپور ۾ ڄائو هو، اُن شهر جو وڌيڪ حق
آهي. پر سڃاڻپ ته کيس سکر ڏني.
- ڇڏيو بابا! ڇو ٿا اسان کي گرميءَ جي مُنهن ۾
ڏيو. سکر ۽ شڪارپور جي گرمي- توبهه! ڪير ورسين تي
تڪليفون ڪندو؟
شيخ اياز لاءِ ٻه جايون آهن: هڪ حيدرآباد ۽ ٻي ڀٽ
شاهه. شيخ اياز فائونڊيشن به ته اسان کي حيدرآباد
۾ ٺاهڻي آهي نه. ”تنهنجو آواز منهنجو آواز- شيخ
اياز!“
اڄ خير سان اِهو آواز ئي دفن ٿي ويندو-
شڪر آ منهنجا رب! سڀني کي آخر تو وٽ اچڻو آهي.
هلو هلو ڀٽ شاهه هلو-
ڀٽ شاهه ته سڀاڻي هلنداسين.
اَڄُ سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران دفنائڻ کان اڳ واري
تعزيتي اجلاس ۾ ڪجهه تقريرون ضروري آهن.
- شايد هي دنيا جو واحد شاعر آهي، جنهن کي دفنائڻ
کان اڳ ۾ هيڏو وڏو ميڙاڪو ٿيو آهي.
اِهو اعزاز به شيخ اياز جي حصي ۾ آيو آهي.
- پر يار اسان جي ايوارڊ جو ڇا ٿيندو؟ شيخ اياز کي
به اڄ ئي مرڻو هو.
- اڙي روئو ڇو ٿا؟ اديب شاعر روئندا آهن ڇا! چُپ
ڪري تقريرون ٻڌو.
- شيخ اياز وڏي ڳالهه هو. پر ان وڏي ڳالهه ۾ اسان
جي به ڪجهه ڳالهه شامل هئي نه، ته هن جو وڏي ڳالهه
ٿيڻ ممڪن نه هو.
- هي ته شيخ اياز بابت گهٽ ۽ پنهنجي باري ۾ وڌيڪ
ٿا ٻڌائين.
اَڄُ ڏينهن ئي اهڙو آهي، شيخ اياز ته پاڻ آهي
ڪونه.
اچو ته شيخ اياز کي نئين سر ڊسڪور ڪريون.
هلو هلو ڀٽ شاهه هلو.
ڇو هلون ڀٽ شاهه..... اسان شيخ اياز کي شڪارپور
کڻي وينداسين.
- هُن چيو هو ته مون کي اهڙي جاءِ تي دفنائجو، جتي
وڻ هجن ۽ انهن تي پکي ويٺل هجن. اسان پاڻ وڃي ڀٽ
شاهه تي ڪراڙ جي ڀرسان اُها جاءِ چونڊي آيا آهيون،
جتي وڻ به آهن ۽ وڻن تي پکي به آهن.
- پکي ته هاڻي اُڏامي ويا هوندا.
- اهڙا هنڌ ته شڪارپور ۾ به گهڻا آهن. اسان اياز
جي تربت وٽ ٻيا به وڻ پوکينداسين ۽ پکي به
پالينداسين.
هلو هلو شڪارپور هلو.
اڙي اِها شڪارپور هلڻ جي ڳالهه ڪير ٿو ڪري؟
- هو سائين، هو پريان بيٺو آهي نه بيدل مسرور، اهو
ٿو نوجوانن کي ڀڙڪائي.
- چريا ٿيا آهن، هليا هِن شڪارپور. پاڻ سڀئي
شڪارپور ڇڏي رهن ٿا ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾، ۽ شيخ
اياز وري هلي شڪارپور. ڇا رکيو آهي شڪارپور ۾.
شاندار ماضيءَ جو اُجڙيل داستان! هلو هلو ڀٽ شاهه
هلو-
قطارون ٺاهيو- هلو هلو- پهريان ڀٽائي وٽ حاضري
ڀريون، پوءِ هلون ٿا ڪراڙ وٽ.
اڙي هي ڇا.... ڪراڙ ته سُڪي پئي آ.
شيخ اياز آيو آهي ته ڀرجي ويندي. في الحال ته اسان
جون اکيون ڀرجي آيون آهن.
- اڙي وڻن تي پکي ته آهن ڪونه، شايد ڏک ۾ اُڏامي
ويا آهن.
- اديب، شاعر، ڪارڪُنَ - هڪ وڏو هجوم ڪراڙ ڪنڌيءَ
تي گڏ ٿيو آهي.
- ڏيو خبر جنازي نماز ٿي وئي.
ڀٽائيءَ جي آڳر ۾ ٿي وئي. ڪنهن پڙهائي.
شايد غلام رباني آگري.... گوڙ هو.... خبر ئي ڪانه
پئي.... الائي.....
پاسي ٿيو، پاسي ٿيو- ميت قبر ۾ ٿو لاهجي.
توهان پري ٿيو. هنن کي لاهڻ ڏيو.
وڊيو ڪئميرا وارا ڪاڏي مري ويا- فوٽو گرافرن کي سڏ
ڪريو.....
سڀني الوداعي ديدار ڪيو ۽ اَلوداعي گيتن جي
تخليقڪار کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
هاڻي قبر تي گُلن جي چادر چاڙهڻ جي رسم ادا ڪئي
ويندي.
هيءَ چادر فلاڻي سائينءَ پاران- هيءَ چادر جناب
فلاڻي خان طرفان- اعلان ٿيڻ لڳا- فوٽو پئي نڪتا.
ڇا ته رنگ هو، شيخ اياز جي آخري رسمن جو-
تُنهنجو مرشد شاهه لطيف، منهنجو مرشد شيخ اياز.
- هي ٻئي مرشد هڪ جاءِ تي ڪيئن ٺهندا.
هيءَ ڀٽ ته شاهه جي آهي. شيخ جو هتي ڇا؟
- اڳ ۾ ڪُڇو ڪونه پيا ۽ هاڻي جڏهن معاملو هٿن مان
نڪري ويو آهي ته پوءِ ٿا ڳالهيون ڪريو.
- اسان اياز کي شڪارپور کڻي وينداسين، هتي امانت
آهي.
- هاڻي اها ڳالهه اجائي آ.
- شيخ اياز ته هليو ويو، ڏيو خبر هاڻي سنڌ ۾ ڪهڙو
وڏو شاعر آهي.
- وڏا ڪي حرامي..... ڪجهه ته شرم ڪريو. اڃا ته شيخ
اياز جي قبر جي مٽي به ڪانه سُڪي آهي ۽ توهان کي
لڳي آهي.....
ناراض نه ٿيو، مون نه پئي چيو پر هُن. او هُو جيڪو
پريان وڏو شاعر بيٺو آهي، تنهن پئي پڇيو.
- هتي سڀ وڏا شاعر آهن.
- ايتري گوڙ شور کان پوءِ، ڪراڙ ڪنڌيءَ تي ايتري
سانت ڇانئجي وئي- ڄڻ شامِ غريبان يا ڪا ٿڪل شام
هوليءَ جي.
”ڀٽائي! هي ساڳي سڱڙي ڪير وڄائي رهيو آهي، جا اڳ
مون ڪراڙ ڪنڌيءَ تي ٻڌي هئي.“
(گهاٽ مٿان گهنگهور گهٽا ۾- صفحو 52)
1998ع- نئين سال جو سج اُڀريو آهي
- نئين سال ۾ شيخ اياز اسان وٽ ڪونهي. ڪتابن جي
الماريءَ مان ”الوداعي گيت“ ڪڍان ٿو.
پهرين پني تي لکيل آهي:
دُعائن سان ادل سومري لاءِ
- شيخ اياز 12-11-93ع
- ٿو گهنڊ وڄي، اَڄُ وڃڻو آ
ڪنهن دور انڌيري دنيا ۾
ڀرپور سمندر گرجي ٿو
ڪنهن وِسميءَ جهڙي دنيا ۾
- ٻه لُڙڪ نظم تي ڪري پون ٿا. |