ڪهاڻيون/ليک
سنڌي ڪهاڻي اڄ ڪٿي بيٺي آهي؟ بيٺي به آهي يا سُمهي
رهي آهي؟ يا عبدالقادر جوڻيجي جي دعويٰ مطابق
مُرڳو مري چڪي آهي! عبدالقادر جوڻيجي پوءِ چيو ته
هن ”عظيم سنڌي ڪهاڻيءَ جي موت“ بابت چيو هو. هُن
اها ڳالهه تڏهن چئي، جڏهن پنهنجي دَور جي هڪ وڏي
ڪهاڻيڪار نسيم احمد کرل کي گولي لڳي- تڏهن نسيم جي
وڇوڙي جي صدمي کي سندس ئي دور جي هڪ ٻئي اهم
ڪهاڻيڪار، لفظن ۾ ائين بيان ڪيو ته ”سنڌي ڪهانيءَ
کي گولي لڳي وئي!“ ”ان هڪڙي جملي کي کڻي اڄ تائين
گهڻو ڪجهه لکجي چڪو آهي. ڪن اُن کي رد ڪيو آهي ته
ڪن اُن کان لنوايو آهي، ته ڪن اُن کي صحيح به چيو
آهي.
خود عبدالقادر جوڻيجو به انهيءَ عرصي ۾ ڪهاڻيءَ
بدران ٻين ڪمن ۾ رُڌل رهيو ۽ ڪجهه ئي ڪهاڻيون لکي
سگهيو.
دراصل جنهن دور جي اسين ڳالهه پيا ڪريون، اُهو دور
ڪهاڻيءَ جي لحاظ کان هڪ ڀرپور دور هو ئي، پر ساڳئي
وقت اهو دور شاعريءَ جي حوالي سان، توڙي سنڌي راڳ
۽ سنگيت جي حوالي سان، به هڪ سونهري دور هو.
انهيءَ دور ۾ ڪيترا ئي وڏا ڪهاڻيڪار پيدا ٿيا.
انهن ڪهاڻيڪارن مان به جيڪي حال حيات آهن (الله
کين وڏي ڄمار ڏئي!) اُنهن مان به ڪجهه ڪهاڻيڪار
اهڙا آهن، جيڪي ڪهاڻي لکي رهيا آهن.
’ڪهاڻي‘ تخليقي ادب جي هڪ اهم صنف آهي. ڪهاڻي اڄ
به لکجي رهي آهي- پر هر وڏي دور کان پوءِ ڪجهه
ماٺار ته بهرحال ايندي آهي. ڪهاڻي به ان فيز مان
گذري رهي آهي. ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ڪهاڻي
پنهنجي رفتار پڪڙيندي مس آهي ته اُن جي آڏو نيون
رنڊڪون اچي وينديون آهن- انهن ۾ ڪي رنڊڪون هٿرادو
هونديون ته ڪي فطري، مثلاً معياري رسالا نه آهن!
اُجورو نه آهي! چٽاڀيٽي ناهي! تنقيد ناهي!
انهن سڀني ڳالهين کي ڳڻيندي، اسان جو عرض رڳو اهو
آهي ته ڪهاڻيڪار ڪهاڻيون لکندا رهن- پنهنجي پوري
ڌيان گيان سان. انهن جي ڇپائيءَ جا امڪان پاڻهي
پيدا ٿي پوندا.
- ا. ح
محمد صديق منگيو
ڌوم تَتيءَ جو مسافر
وِسريل واعدن جهڙي ڪچي آباديءَ واري وسنديءَ ۾ آڌي
رات لڙي چڪي هئي. ڌرتيءَ جي لڱن تي تارن جي ڇُر
واري ڇيٽ جهڙي چُني اوڍيل هئي. رات جي اماس راڻيءَ
شهر مان تاريڪيءَ جا ويڙهيل تاڪيا، وسنديءَ مٿان
وڇائي ڇڏيا هئا. گُگهه اوندهه جي ڄڻ ٻوڏ هئي، اک
نه ڏسي گوڏي کي. سياري جي به سير هئي. پوههجو
ڏمريل پارو بي سمرن جي بستيءَ تي، رياستي جبر
وانگر لاڳيتو پئي وسيو. اڌوگابرن اَجهن جي وائکين
وٿين مان سرڙي ايندڙ سيءُ کي ڪابه جهل پل ڪانه
هئي. خدا جي اُتم ۽ اعليٰ تخليق اڻپوري اوڇڻ ۾
سيءُ کان گوڏا پيٽ ۾ ڏئي ستل هئي. اُهي ٻوٽيل اکين
۽ جاڳندڙ سرير واري اڌ-ننڊ اڌ جاڳ ۾ ڇرڪيل سپنا
کيڙي رهيا هئا. بستيءَ جي ڇيڳرن ٻارن جهڙين گهٽين
۾ رولاڪ ڪتن جي لوڌ گشت تي هئي. اُنهن جي ڏندا
کشين، يشين ۽ جير بجير ۾ ٿيندڙ نبيرن جا پڙلاءَ
صاف ٻڌڻ ۾ پئي آيا.
رات جي تاريڪي ۽ ٿڌ ۾ سُن ٿي ويل وسنديءَ جي هڪ
گهر ۾ ٺڪر جو ننڍڙو ڏيئو جاڳيو پئي. ڪاپار ۾ باهه
جي ننڍڙي ڄڀي ٻريس پئي. ڄڀيءَ جي ڏڪندڙ وجود مان
ڦٽندڙ اُجالن جا ڪرڻا ڪچي گهر ۾ زندگيءَ جي علامت
هئا. ڏيئي سان گڏ پندرهن ورهين جو سارنگ به جاڳيو
پئي. ڏيئي وانگر چڻنگن جهڙين سوچن ۾ ڪيپراٽي سڙيس
پئي. ننڊ سکي نيڻن جا تاڪ کليا ڇڏي رُسي وئي هئس.
جنڊ جهڙي غريبيءَ جي پڙن ۾ ڦاٿل، ننڍڙي خواهش جي
ڏريل وجود مان سرجندڙ نٺر ۽ بي چين سوچن، ذهن کي
اُٿل وهيڻو پئي ڪيس. اڻپوري خواهش هر هر ڀنڀوري
بڻجي اکين آڏو ڦيرا پئي ڏنس، جنهن کي اڻهوند جي
ٻُڪ ۾ بند ڪرڻ سندس وس ۾ نه هو. اکيون ته ٽمڪندڙ
ڏيئي ۾ هئس، پر هو خيالن جي تيز وهڪري جي اڻجهل
لهرن ۾ لڙهيو پئي. ان مان نڪرڻ جو ڪوبه ڳٿو نظر نه
پئي آيس. ننڍڙي خواهش کيس پنهنجي ڪل ڪائنات تي
ڀاري پئي لڳي. هيچپڻي جي احساس وجود کي ڄانڀي جي
ڪڙي تيل جو مکُ ڏئي ڇڏيو هئس. وياڪل چهري جي آرسي
بيوسيءَ ۾ سيرون سيرون ٿي وئي هئس. دل ڀرجي آيس ۽
اکيون سِم جي دُٻن وانگر اُٿلي پيس.
سارنگ اڌ راڄ ڀاڳ جي خواهش ته ڪانه ڪئي هئي، نڪو
ڪنهن کان ٻنيءَ جو کاتو ٿي گهريائين. هن غريب جي
ٻار ته نائين ڪلاس جي پرائيويٽ امتحان جو فارم
ڀرائڻ جي خواهش ڪئي هئي. هن علم جي آڪاس تي اُڏرڻ
لاءِ کنڀ پئي سويا، پر کيس ڪهڙي خبر ته غريبن جي
خواهشن کي کنڀ ته هوندا آهن، پر ڪڪڙ وارا! انهن
پرن سان ڦڙڪيون ته ڏئي سگهبيون آهن، اُڏري ناهي
سگهبو. هفتي کان رڳو اها ئي لونءَ لڳل هئس. ڏينهن
لوچ پوچ ۽ راتيون پهن جي ليٽ پيٽ ۾ گذريون هئس.
امتحان ڏيڻ جو شوق ته هنڌان هنڌان ڦاٽس پئي، پر ڇا
ڪري؟ وٽس فارم ڀرائڻ لاءِ فيءَ جيترا پئسا نه هئا.
ٻن سالن کان سنبريو پئي. حيلا هلائي بيٺو هو، پر
وٽس فارم ڀرائڻ جيترا پئسا گڏ نه ٿي سگهيا هئا.
ماءُ کان لڪائي، ڳجهه ڳوهه ۾ ٿورا ٿورا پئسا
تاريندو ويندو هو، پر اگهائيءَ جي سِرڻ لامارو ڏئي
هڪ ئي جهپ ۾ ڇپر ڪيل پئسا کڻي ويئي. هن سال به
فارم نه ڀرائي سگهيو ته وري سال جي وِٿي پئجي
ويندي. اهو خيال ايندي ئي سيڙهه وانگر لڱ ڪنڊا
ڪنڊا ٿي پئي ويس.
رومانوي ناول جي پهرئين باب جهڙي وهيءَ وارو
سارنگ، دينوءَ گهورڙئي جو وڏو پٽ هو. دينو آرهڙ
سياري گڏهه گاڏيءَ تي ٻارڙن جا ٽول ۽ رانديڪا کڻي
ڳوٺن ۾ گهور ڪرڻ ويندو هو. هو شهر مان خواب سودي
ٻهراڙيءَ جي ٻارڙن ۾ ورهائڻ ويندو هو. موٽ ۾
ٻارڙا به سندس لاءِ پراڻو لوهه ميڙي رکندا هئا. هو
پراڻي لوهه تي ٻارڙن ۾ خوابن جهڙا رانديڪا ۽ شيون
ورهائي، پراڻو لوهه شهر ۾ سيٺ ڪرم دين ڪاٻاڙيءَ
واري کي وڪڻي گهر جو گاڏو پيو ڌڪيندو هو. ڪرم دين
سندس پڳَ مَٽُ يار هو. کيس ڪرمون گهورڙئي مان سيٺ
ڪرم دين بنائڻ وارو به دينو ئي هو. ڪڏهن ڪنهن ڳوٺ
مان پراڻي لوهه جو چڱو سودو لڳندو هئس ته هفتو کن
گهر ۾ عيد جهڙي ٺٺ ۾ گذرندا هئن، نه ته دال بصر ته
ڪيڏانهن ويو ئي ڪونه هو. هن غريبي حال ۾ به مِٽن
مائٽن ۽ ڀائرن جي مِٽ ڦوڪ جي باوجود سارنگ کي
پڙهايو پئي. سارنگ به نه رڳو دل من لائي پڙهيو
پئي، پر اسڪول جي ذهين ۽ هوشيار شاگردن ۾ ڳڻيو ٿي
ويو. ٻه سال اڳ جڏهن هو اٺون درجو سٺين مارڪن سان
پاس ڪري نائين ڪلاس ۾ پڙهيو پئي، هڪ رات دينوءَ جو
کنگهي کنگهي ساهه اهڙو تُم ٿيو جو وڃڻ لاءِ ويو،
وري نه وريو!
دينوءَ مٿو ڇا کوڙيو، سارنگ جي الهڙ جيون ۾
آزمائشن جا ٿوهر ڦٽي پيا هئا. حالتن جي بيرحم
آسيب، هٿن مان ڪتاب کسي چڻن جو ٿالهه مٿي تي رکي
ڇڏيو هئس. معصوم خواهشون، ڦيڙهي جي ول وانگر حالتن
جي ڳاهه ۾ وکري وائرجي ويون هئس. اکين جا سپنا ڀڄي
ڀور ٿي پڻس جي کٽ سان گڏ کڄي ويا هئس. دنيا ڏيکارڻ
جو دانُ ۽ وشال آسمان جهڙي پيءُ جو پاڇو کسجي ويو
هئس. جيئرو هو ته سارنگ لاءِ بازار جا سڀ رانديڪا
سستا هئا، سندس وئي پڄاڻان هو پاڻ بازار جو
رانديڪو بڻجي ويو هو. هن گڏهه گاڏو وڪڻي ريڙهو
ورتو هو، جنهن تي چڻن جو ٿالهه رکي ان اسڪول ۾
کپائڻ ويندو هو، جنهن اسڪول ۾ هن سپنن جون وليون
پوکيون هيون. هڪجيڏن کي ڪلاس رومن ڏانهن ويندي ۽
گرائونڊ ۾ رانديون کيڏندي ڏسندو هو ته محروميءَ جو
احساس لڙڪ بڻجي اکين ۾ ڇلڪڻ لڳندو هئس. وراثت ۾
مليل غربت جي ڏاج ۾ سندس چڻن جي ٿالهه جي ڪمائي
مان گهر جي چلهه پاٽ جي پورت به ڇڪي تاڻي مس پئي
ٿي. هو ڌُوم تتيءَ جي ان مسافر وانگر هو، جنهن جي
جيون پنڌ ۾ پري پري تائين ڪوبه ڇانورو نه هو.
هو ڇڳل ۽ جهول کٽ تي اڌوراڻي سَوڙَ ورائي سنئون
ستل هو. هن اونهو ساهه کڻي پاسو ورايو. اکيون ڦاڙي
ڪمري ۾ ائين پئي ڏٺائين، ڄڻ ڪمري جي ڀتين تي سندس
مونجهاري جو ڪو حل لکيل هو. ڪچين ڀتين تي چيڪي مٽي
۽ ڇيڻي جو سنهو راڳو ٿيل هو. مٽيءَ جي ان ليپي ۾
سندس امڙ جي هٿن ۽ آڱرين ساهه پئي کنيو. سندس
ڀرسان ٻن کٽن ۽ هڪ کٽوليءَ تي سندس امڙ، سامايل
ڀيڻ ۽ چار ننڍڙا ڀائر، سندس اُڻ تُڻ کان بي خبر
گهريءَ ننڊ ۾ ستل هئا. کٽن جي ڇڳل واڻ جون نوڙيون
هيٺ لڙڪيون پئي. قبر جي ساميءَ جهڙي بي روح ڪمري ۾
سهڪندڙ ساهن جي ٿم ٿم جا آواز جاڳيا پئي. اُهي
جيئرا انسان نه، پر اونهي پاڻيءَ جا اوڳاڇيل لاشا
هئا. سڀ ساهه کڻندڙ جيئرا به هجن، ڪو ضروري به ته
ناهي. ساهه کڻڻ ۽ جيئڻ ۾ تفاوت جو سَنڌو به ائين
آهي، جيئن پٿر ۽ نگيني ۾. بيمارين جو گهر بڻيل امڙ
جو روڙيل هيڊو چهرو ڏسي هو اداس ٿي ويو، جنهن جو
جوڀن ٻارن ۾ ونڊجي ويو هو ۽ صحت ڳڻتين جي اڏوهيءَ
جو کاڄ ٿي وئي هئي. هونئن به جنهن عورت جو وَر
سَنهن ٻچن جي ڇانگ ڇڏي وڇڙي ٿو وڃي، ان ڏهاڳڻ جو
جيون روڳ بڻجي ٿو وڃي. ان گهر ۾ جيئرا نگينا نه پر
پٿر ساهه کڻندا آهن. ننڍڙن ڀائرن جي معصوم ۽
ملوڪڙن مهانڊن تي ويرانيءَ جا پاڇولا هئا. ننڊ ۾
ستل جادل جو چهرو الجبرا جي مُنڌل حساب جهڙو پئي
لڳو. ڳچيءَ ۾ ٻڌل ڪارو سڳو ننڊ ۾ ڇاتيءَ تان
اُڇلجي منهن تي اچي پيو هئس. سڳي ۾ ٽاڪيل ٻه تعويذ
ڄڻ سندس امڙ جا نيڻ هئا. هو نظرون هٽائي ڇت ۾ ڏسڻ
لڳو. ڪچين سرن ۽ گاري جي اوساريءَ واري ڪمري جي ڇت
مانجهاندڙي جي آڏن ٽيڏن ڪاين ۽ ڪک ڪانن سان ڍڪيل
هئي. ڀت جي جاري جي مٿئين تاڪ تي رکيل ڏيئي جي لاٽ
مان نڪرندڙ دونهين، جاري تي ڪارٺ جو گهاٽو تهه ڏئي
ڇڏيو هو. هيٺئين تاڪ تي ٻه چار لوهه چينيءَ جون
روغن لٿل پليٽون، چانهه جا پيالا ۽ دٻڪيون بي
ترتيب حالت ۾ پيل هيون. ڪڙن ڪُرفن جي قيد کان آزاد
ٻه ننڍيون لوهي صندوقون، جيڪي شايد سندس امڙ کي
شاديءَ جي ڏاج ۾ مليون هيون، سرن جي ٽيڪ تي ٽن
پاون واري ڪاٺ جي ٽيبل تي رکيون هيون. رليون سبڻ
لاءِ پراڻيون اڳڙيون ٿڳڙيون ۽ ڌاڳا پيتين مٿان
رکيل هئا. ڪمري جي ڪنڊ ۾ گهڙامنجيءَ تي جست جو
گلاس دلي مٿان رکيو هو. ٻارڙن جا لاٿل ميرا لٽا،
ٻُٽي ديڳڙي، چانهه جي ڪٽلي ۽ ٿانءَ پٽ تي ٽڙيل
پکڙيل هئا. ٿانون جي ڀرسان پٽ تي ٿورو هاٿيلو ڀت
هاريل هو. ڪاٺ جي پراڻي چوڪ ۾ اٽڪيل دروازي جا اڌ
لوهه ۽ اڌڪاٺ وارا تاڪ ٻيڪڙيل هئا.
نيرڳين جهڙين اتاولين سوچن جا وڳر گهتون هڻي ذهن
جي سَر تي پئي لٿس. ننڍڙي خواهش بلبل وانگر هٿن
مان ڦرُ ڪري اڏامندي محسوس پئي ٿيس. جيڪو هٿ پير
هڻڻو هئس، هڻي ڇيهه ڪيو هئائين. امتحانن جا فارم
جيئن ڀرجڻ لڳا، ته ڪن جا ڪينئان جاڳي پيا هئس.
استادن ۽ هڪجيڏن به همت ڏياريس، پر سکڻا دلاسا
خواهشن جو پيٽ نه ڀريندا آهن. سندس خواهشن جو جن
هوائي ڳالهين جي سُرندي سان ريجهڻ وارو نه هو، ان
لاءِ پئسن جي سروز جي ضرورت هئي. هورا کورا اُٻهرو
ڪري وڌو هئس. ان ڏينهن هن گهاٽي واڌي ڪري چڻن جو
ٿالهه کپائي کٽايو ۽ تڪڙو گهر موٽيو. سندس امڙ اُس
تي پيل کٽ تي ڀرت پئي ڀريو. جادل ٿانءَ پئي مَليا
۽ ٻارن اُس ۾ چڌن راند پئي کيڏي. هن دروازي مان
ريڙهو اندر ڪري بيهاريو. جادل ڇار- هاڻا هٿ ڌوئي،
پوتيءَ سان اگهي، ريڙهي تان سامان لاهڻ لڳي. ٻارڙا
راند اڌ ۾ ڇڏي، خرچيءَ لاءِ ڊوڙي اچي چنبڙيس. هن
ٻارڙن کي خرچيون ڏئي ماءُ جي ڀر اچي ورتي. کيسي
مان ڏهاڙيءَ جي مرادي ڪڍي ماءُ جي هٿ ۾ ڏنائين ۽
سندس جوٽ تي مٿو رکي چيو
”امان....!“
”او، جيءُ چوانءِ ابا....!“
”امان....! امتحان جا فارم پيا ڀرجن....!“ هن جي
لهجي ۾ نماڻائي هئي.
”سو ته آهي، پر لکَ ٿئين، ڦيءَ جا ڏوڪڙ ڪٿان
آڻيندين...؟ پڻهين هو ته الاجي ڪٿان هڻي ماري پوري
پيو ڪندو هو. جڏهن کان بشت گهڙيو آهي، دوڏا ئي
ساوا ٿي ويا اٿئون....!“ امڙ ورندي ڏنيس.
”امان....! ڪٿان اڌارا نه ملي پون ته هوند ٿورا
ٿورا ڪري لاهي ڪونه ڇڏيون....!“ هن اداس لهجي ۾
چيو.
”لالڻ پٽ، غريب کي ته ڪير پنهنجو تَپُ به نٿو ڏئي.
اڌارا پئسا ڪير ڏيندو؟“ ماڻس ٽوپي مان ڪنڌ کڻڻ
بنان وراڻيو.
”پر، امان....! چاچا وارن...!“ ماڻس ڇرڪ ڀري کيس
ڏٺو ۽ سندس جملو اڌ ۾ ڪٽي وراڻيو.
”کائي پي نالو وٺ، ابا! پڻهين الله ڏي هليو آهي ته
ڪڏهن ٻه پير ڀري پڇيو به اٿن ته بکيا آهيو يا
ڏکيا...؟ سو توکي نوٽ ڇوڙي ڏيندا....!“
سارنگ سوچ ۾ پئجي ويو. هن ماءُ جي جوٽ تان مٿو
کڻي، سندس منهن ۾ ڏٺو ۽ چلولائيءَ مان چيو
”امان.....! ڀلا! تو وٽ ڪجهه پئسا ته پيل
هوندا....؟“
ماڻس ڄڻ جهُري پئي. هن سُئي ڀرت ۾ ٽنبي، نماڻيون
اکيون کڻي کيس ڏٺو ۽ پوتيءَ جي پلئه سان اکين ۾
ڀرجي آيل پاڻي اُگهي، اونهو ساهه کڻي وراڻيو
”گهورجي وڃانءِ، ابا....! امڙ جو ساهه به ٻچن جي
مِلڪ آهي. تون ته اوجر آهينم اوجر. پئسا هجن ته
سِڪيلڌي پُٽ کان مٺا ڪريان....؟“
سارنگ سور ٻرندي، دل ٻڌي چاچن وٽ لنگهي ويو. من
مُئي مٽيءَ جي نشاني سمجهي ڪا جهٻي اچي وڃين، پر
کيس مهڻن ۽ ڇِڙٻن کان سواءِ ڪجهه به پلئه نه پيو.
واهر ته واهر جي ماڳ، رهندو ڏک پرائي موٽيو. وڏي
چاچس ته پِتا ئي ساڙي ڇڏيا هئس، چي
”بَلي، بَلي....! ’ماءُ مولي، پٽ فتح خان!‘ وڌي
وڌي ڏاگهه اچي ٿيو آهين. ڏاڙهي منهن ۾ اٿئي. گهر
هلائي ڇيهه ڪيئي، باقي پڙهي اڪ ڪارا ڪندين، سو
تنهنجو کٽيو ماڻهين به کائيندي....!“
استادن جي زور ڀرڻ تي سارنگ تعلقي ۽ يونين ڪائونسل
ناظمن وٽ به سوالي ٿي ويو، پر ڦوٽ نه جيءُ. ٺلهن
ڏٽن ۾ سندس سوال ويچارو ئي رهيو. جڏهن ڪٿان به ڳهو
چڙهندي نظر نه آيس، تڏهن اميد جي آخري ڳنڍ ٻڌي،
ڪڙو منهن ڪري، پڻس جي پڳ مٽ يار سيٺ ڪرم دين
ڪاٻاڙيءَ واري وٽ لڙي ويو. ڪرم دين وڏو ڀاڪر وجهي
ڀرسان وهاري پاٻوهه مان مٿي تي هٿ ڦيرايس ته اندر
جي پيڙا آگم بنجي اکين جي آڪاس تي چڙهي آيس. چانهه
جو اڌڙ ڪوپ پيارڻ کان پوءِ سيٺ ڪرم دين رسمي جملن
۾ جڏهن کانئس ڪم ڪار جو پڇيو ته دل وڏي ٿي ويس.
هٻڪي هٻڪي، ڀنل اکين ۽ سُڏڪن ۾ ٻڏل لفظن ۾ هن
کانئس فارم ڀرائڻ لاءِ اڌارن ڏوڪڙن جي گهر ڪئي.
پئسن جو ٻڌي ڪرم دين جي چهري مان بکندڙ پيار ۽
پاٻوهه جا تاثر سلوموشن ۾ ٻاڦ بڻجي اڏامڻ لڳا ۽
بيزاريءَ جون ريکائون ظاهر ٿيڻ لڳيون. ڪا مهل ته
ٽُٻيءَ ۾ پئجي ويو، ڄڻ سارنگ ڪا اُگري گار ڏئي ڪڍي
هئس. ڪوڙي همدردي ۽ لوڪاڻي پاٻوهه جو ويڙهو ويڙهجڻ
لڳس. غوطا کاڌل ماڻهوءَ وانگر ڌَپي ڌَپي اونهو
ساهه کنيائين ۽ پان جي ڪَٿي ۾ ڪٽيل ڪارا ناسي ڏند
ڪڍي ڦڪي کل کليو:
”او، پُتر سارنگ....! ڊِس، تون مون جي يار دينوءَ
جو بچو آهينس نا....! قْتر، پيسو ويسو جي گال نا
ڪر. پيسو جو حالت ڊاڊو خراب آهيس نا...! ڊس
بچا....! گريب جا بچا اسڪول وسڪول نا پڙهندا آهنس.
مجوري ڪريندا هن مجوري...! ها، البتا ٽين ڊبي،
لوهي ڪباڙي جو ڪام ڪريس ته ڪام تي لگائي سڪي ٿو.
اَخير مون جي يار دينوءَ جو بچو آهيس نا....!“
سارنگ، ڀنل اکيون کڻي، حيرت مان سيٺ ڪرم دين جي
منهن ۾ ڏسڻ لڳو، جنهن جون اکيون ٻليءَ جي ننڍڙن
ٻلونگڙن وانگر دولت جي موهه ۽ مَوَ ۾ پوريل هيون.
هن پوءِ ڍاون واري جيڪا پُستي هنئي هئي، اها سارنگ
جي توقع جي ابتڙ هئي. پير ڄڻ ڌرتيءَ تان ڇڏائجي
ويا هئس. هو سيٺ ڪرم دين جي اکين- پور ورتاءُ تي
ڪجهه ڪڇڻ بنان ٽپ ڏئي اٿيو ۽ قميص جي ٻانهن سان
اکيون اُگهندو وڃڻ لڳو. سيٺ ڪرم دين پٺيان گهڻا ئي
سڏ ڪيس، پر هن پوئتي ڪنڌ ورائي ڏٺو به ڪونه.
صبح فارم ڀرائڻ جي آخري تاريخ هئي. هو اسڪول مان
فارم وٺي فوٽو به ڇڪرائي کڻي آيو هو. پنهنجي پر ۾
تياري ته ڪري ڇڏي هئائين، رڳو فيءَ جي پئسن
مُنجهائي وڌو هئس. سمجهه ۾ نه پئي آيس ته ڇا ڪري؟
جيڪي هٿ پير هڻي سگهيو ٿي، هڻي ساڻو ٿي پيو هو.
اڻ تڻ مان کٽ تي پاسا پئي ورايائين. ڪنهن معجزي
جهڙي ڏڍ جي آسري ۾ حوصلي جي ٽيانگهه سان مايوسين
جا ڍينگهر ميڙي ميڙي ڏئي وٺي بيٺو، تڏهن پاڻ
مايوسيءَ جو ڍينگهر بنجي ويو. اونهو ساهه کڻي
پٺيان هٿ ورائي وهاڻي هيٺان لفافو کڻي، ان مان
امتحاني فارم ڪڍي حسرت ڀرين نگاهن سان ڏسڻ لڳو.
فارم کي ٻيڻو ڪري ڦاڙڻ وارو هو ته ٺيڪ ان وقت فليش
جي چمڪي وانگر ڪو خيال ذهن جي اونداهين ڪنڊن کي
روشن ڪري ويس. خوشيءَ مان چهرو ٻهڪڻ لڳس. فارم
ٻيڻو ڪري لفافي ۾ وڌائين ۽ ڪچي ذهن ۾ آيل ڏڍ جهڙي
خيال کي عمل جا ويس ڍڪائڻ لاءِ ويچارڻ لڳو. ذهن جي
ڪمپيوٽر ۾ هڪڙا پهه فيڊ پئي ڪيائين ته ٻيا ڊليٽ
ڪرڻ لڳو. ٻرندڙ ڏيئي ڏانهن ڏٺائين: ’ننڍڙو ڏيئو به
روشنيءَ جي هڪ هڪ ڪرڻي لاءِ ڪيڏي تپسيا ۽ ڀوڳنا
مان ٿو گذري، تڏهن ئي ڪا هاج حاصل ٿئي ٿي.‘ دل زور
زور سان ڌڙڪڻ لڳيس. تهه سياري ۾ به نرڙ پگهرجي ويس
۽ نڙي ڪنڊا ڪنڊا ٿي ويس. هو کٽ تان اٿيو ۽ دلي مان
پاڻي اوتي نڙي سائي ڪري کٽ تي اچي ويٺو ته ماڻس
کنگهي کنگهي پاسو ورايو ۽ کيس رات جي بيگاهه وقت
کٽ تي ويٺل ڏسي هانءَ تي ڌڪ لڳي ويس. ڇرڪ ڀري کٽ
تي اٿي ويهي رهي ۽ وات مان بي اختيار نڪتس.
”ابا، سارنگ، اڃا جاڳين پيو؟ چاق ته آهين نه
ابا....؟“
”ها، امان....! ڪجهه ڪونهي.“
ماڻس ٿڌو شوڪارو ڀري سَوڙ ورائي سمهي پئي. سارنگ
کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ پئسا ڪڍي ڳڻڻ لڳو. ريجي سميت
چاليهه رپيا هئس. ”کوڙ آهن، ڪم ٿي ويندو.“ هن
هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏي چپن ۾ ڀڻڪيو ۽ کٽ تان اُٿي ڏيئي
کي ٿورائتي ڦوڪ سان پيار مان اُجهائي کٽ تي سمهي
پيو. صبح ساجهر ننڊ مان اٿي منهن کي ڇنڊو هڻي ويٺو
ته جادل چانهه جو پيالو ڀري اڳيان رکيس. هن ٻه
پاپا چانهه سان ٻوڙي نيرن ڪئي ۽ ڪارو پوتڙو ويڙهي
ٻاهر نڪري ويو.
سياري جي ڪومل بدن جهڙي شفاف صبح جا نَو وڳا هئا.
شهر جي مصروف چوڪ تي بئنڪ ۾ عملي کان سواءِ ٻه چار
ماڻهو ڪيش ڪائونٽر اڳيان صوفا سيٽ تي ويٺل هئا.
بئنڪ اسٽاف پنهنجي ٽيبلن ۽ ڪائونٽرن تي صبح جي
چانهه جون سُرڪيون پئي ڀريون. پٽيوالن رجسٽرن ۽
فائلن جا ٿها ٽيبلن ۽ ڪائونٽرن تي پئي رکيا. هيڊ
ڪيشئر، ڪيش ڪائونٽر تي ڪئشرن کي ڪيش سنڀالي ڏين ۾
مصروف هو. هارڊ بورڊ ۽ شيشي واري ننڍڙي ڪمري ۾
بئنڪ مئنيجر گئس- هيٽر ٻاري سيءُ پئي لاٿو. گن مين
بئنڪ جي دروازي تي رپيٽر هنج ۾ رکي ڪرسيءَ تي ويٺل
هو.
ڇوڪراٽ وهيءَ جو نوجوان بئنڪ ۾ داخل ٿيو. گن مين
ڏانهس ڪوبه ڌيان نه ڏنو. بئنڪ ۾ داخل ٿيڻ سان ئي
هن ڦڙتيءَ سان ڪاري پوتڙي جو مولهاٽو هنيو ۽ وَر
مان پستول ڪڍي گن مين جي لوندڙيءَ تي رکيو. گن مين
جيستائين پاڻ سنڀالي، هن کانئس رپيٽر کسي کيس
ڪلارڪن جي ٽيبلن ڏانهن ڌڪي ڇڏيو. هن اطمينان سان
دروازو بند ڪري، اندران ڪڙو ڏنو ۽ اڳتي وڌي، ڪيش
ڪائونٽر جي شيشي جي دريءَ مان ڪيشئر تي پستول تاڻي
بيهي رهيو. بئنڪ ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. ڪلارڪ ۽
پٽيوالا لڪڻ جون جايون ڳولڻ ۾ پورا هئا. ڪن ڀڄي
وڃي مئنيجر جي ڪمري ۾ پاڻ لڪايو ته ڪجهه ڪلارڪ ۽
پٽيوالا ٽيبلن هيٺان ڇَپ هڻي، ساهه جهلي، ويهي
رهيا. مئنيجر ڪمري جو دروازو بند ڪري الماريءَ جي
اوٽ ۾ ويهي سرٻاٽن ۾ پوليس کي فون تي اطلاع پئي
ڏنو. پستول ڏيکارڻ تي ڪيشئر نوٽن سان ڏٽيل خانو
ڪڍي نوجوان جي اڳيان ڪائونٽر تي رکيو. هن اطمينان
سان شيشي جي دريءَ مان هٿ وڌائي، نوٽن جي دستين کي
ڇڏي ڇروڙي ڪيس مان سَو سَو جا ڪجهه نوٽ ڳڻي هٿ ۾
ڪيا ۽ پستول تاڻيندو واپس وڃڻ لڳو. ڪيشئر کي اکين
تي يقين نه پئي آيو. حيرت مان کليل اکين سان ڪڏهن
نوٽن سان ڏٽيل خاني کي پئي ڏٺائين ته ڪڏهن دروازي
ڏانهن ويندڙ انوکي ڦوروءَ کي، جيڪو آسانيءَ سان هٿ
لڳل وڏي رقم کي ڇڏي چند نوٽن جي ڦر ڪري ويو پئي.
نوجوان دروازي وٽ پهچي ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺو ۽
مطمئن ٿي ڪڙو لاهڻ لاءِ جيئن هٿ وڌايو ته وڏي ٽيبل
جي اوٽ ۾ تاڙ ۾ ويٺل گن مين ڦڙتيءَ سان ٻاهر نڪري
پٺيان ٻک اچي وڌس. نوجوان ڇڏائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي.
ٻئي پاڻ ۾ ڄانڀوٽجي ويا. ڇڪ ڇڪان ۾ نوجوان جا پير
ڇڏائجي ويا ۽ گن مين گهلي وڃي فرش تي هنيس. سياري
جي ڌڪ وٺي وڌس. هو فرش تي سيخ ٿي ويو ۽ مٿي مان رت
وهڻ لڳس. ٻنهي جي ڄانڀوٽ ۾ نوجوان جي هٿ مان
پلاسٽڪ جو پستول ڇڏائجي پيرن ۾ لتاڙجي ٽڪرا ٽڪرا
ٿي ويو هو. امتحاني فارم وارو لفافو کيسي مان نڪري
ڀرسان فرش تي پيو هو. هو ڍڪرجي ويو هو، پر فارم
ڀرائڻ لاءِ ڦُرڪيل سَو سَو جا اٺ نوٽ مُٺ ۾
مضبوطيءَ سان بند هئس. (مرڪزي خيال هڪ اخباري خبر
تان ورتل)
پير عبيد راشدي
ڀَونر ڀِري آڪاس!
فليٽن جون هي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ ڊگهيون
ماڙيون الله سائينءَ جي آسري هڪٻئي سان ڄڻ جيءَ
جڙيل!
فليت لائيف ڪنهن حد تائين هاسٽل لائيف جون سِڪون
لاهيندڙ، هت اوير يا سوير اک لڳي ڦڙڪي يا آسائتي
ٿي سگهي ٿي. ديوارون ديوارن سان جڙڻ ڪري سنهو ٿلهو
سڏ ورلاپ، پاڙي ۾ ڪنهن جو در کلي يا بند ٿئي، ڪنهن
جي گهر ڪِچن ۾ ٻوڙ هارجي يا رولڙو پئجي ته حواس
ضرور متاثر ٿين. سندس فليٽ جي مٿئين ڇهين فلور
واري پاڙيسرڻ کي گل ٻوٽن سان ته بيحد لڳاءُ آهي،
پر پاڙي وارن جي آرام سڪون جو خيال ٽڪو به نه! هن
شروع ۾ شڪايت ڪرڻ لاءِ سوچيو، پر پوءِ اهو سوچي
ماٺ ڪيائين ته ڀلي اهو گوڙ، ڌمچر يا بي آرامي
ٿيندي رهي، جيئن ڪهاڻيون ڊرامائي تشڪيل وٺي سگهن.
ڇهين فلور واري مهربان پاڙيسرڻ جي گهر جي ٽيرس ۽
ٻاهرئين ڪاريڊور واري در وٽ گل گلاب رکيل هوندا
آهن. ٿي سگهي ٿو ته گهر اندر به هجن ڇو ته ڪي
مکڙيون بيڊ تي ٽڙنديون مرڪنديون آهن.
هو جڏهن فليٽ جي اڪيلائيءَ مان بيزار ٿيندو آهي ته
مٿئين ڇهين فلور ڏانهن ويندڙ لفٽ ڏاڪڻ تي بيهي
مهربان پاڙيسرڻ جي در تي رکيل گل گلابن سان اورڻ ۽
ڏورڻ لڳندو آهي. سندس اهري ڪيفيت تي اوڙي پاڙي
وارا عجيب غريب نظرن سان ڏسندا آهن. هو پاڙي وارن
جي عجيب غريب نظرن کي ياد ڪري سوچيندو آهي ته هي
پاڙا جنمي شهر جا هجن يا ڪنهن ميٽروپوليٽن شهر جا-
ٻاڙا ڇو ٿي پيا آهن! ڇو سڀ عجيب غريب تيز نظرن سان
ڏسن ٿا....! پر تڏهن به جنمي پاڙي يا ميٽروپوليٽن
شهر ۾ ڪو اهڙو وجود ضرور آهي، جنهن جي ناز نخري ۽
هلڻ جي ڌُڏڪي سان مکڻ جون ماڙيون ٺاهڻيون پونديون
آهن. پاڙي جي ڪن هڪ ٻن حجائتن ڇهين فلور جي ڏاڪڻ
تي بيهڻ ۽ گل گلابن سان اورڻ تي حيرت وچان پڇيس
”گل گلابن سان اورڻ، ڳالهيون ڪرڻ ڇا لئه؟ انهن سان
ڪهڙو سڱ سياڪو!“ ۽ هو کين جواب ڏيڻ بجاءِ ڪراچيءَ
جي گدلين هوائن ۾ ساهه ڇلندي، چپن ۾ چوندو: اگر
دنيا ۾ ڪا بين الاقوامي زبان آهي ته اها آهي
احساسن جي زبان، جا نه ڄاڻي جاگرافيائي حدون، نه
پڇي قاضي ۽ شرع...!
پاڻي ڪنهن پوک کي ڏجي يا ٻنيءَ کي- ٻوڙ ٻوڙان ضرور
ٿئي، پاڙي واري جي پوک ضرور متاثر ٿئي ۽ پوءِ وتن
ڇيڙا نبرائيندا. ڪي ڇيڙا نبيرا ڏائيهٿ جو کيل، ته
ڪي وري ويهن آڱرين جي زور سان به نبريو نه نبرن.
پاڻي ۽ احساس رڪبا ناهن. اُهي پنهنجا گس پيچرا ۽
رنگ پاڻ ٺاهيندا آهن ۽ پاڻي هميشه لهواري ڏي وهندو
آهي. البت عشق ۾ ته اوڀاري ئي وڃبو آهي. ڇهين فلور
واري پاڙيسرڻ جڏهن پنهنجي ٽيرس ۾ رکيل گل گلابن کي
پاڻي ڏئي ته اصل ٻوڙٻوڙان. پاڻي نار ڪريو هيٺ ٽيرس
۾ ٽنگيل سندس پينٽ بشرٽ ۽ تن من کي به رڱيو ڇڏي ۽
هو بي آرام ٿي ڇهين فلور تي گل گلابن وٽ بيهيو بيل
وڄائي. پاڙي واريءَ جي در کلڻ سان سندس احساسن جا
ٻيڪڙيل در به کليو وڃن! ”مئم، پاڻي گل گلابن جي
ڪونڊين مان وهيو هيٺ ٽيرس ۾ منهنجين پينٽ بشرٽن کي
رڱيو ڇڏي. ڊڄان ٿو ڪٿي مون کي به نه رڱي ڇڏي!“
”Sorry.....آئيندي
ائين نه ٿيندو، اتفاقي لاشعوري ٿي ويو.“
”مئم، سڀ نيڪ ۽ سٺا ڪم اتفاقي ۽ لاشعوري طور ٿيو
وڃن،“ هن وراڻيس. سندس جواب تي در وٽ رکيل گل گلاب
به ٽڙي جهومڻ لڳا.
''I
am terribly sorry. Life is full of
coincidence.''
پاڙيسرڻ جواب ڏيندي در بند ڪري ڇڏيو، پر هن جي
احساس جا در کليل ئي رهيا ۽ هن ڏاڪڻ تان لهندي
سوچيو: ’شل پاڻي بند نه ٿئي، پاڻي ته زندگي آهي.
ڀلي پاڙيسرڻ پنهنجي ٽيرس ۾ گل گلابن کي پاڻي ڏئي،
ڀل ته پينٽ بشرٽ سان گڏ جذبا ۽ احساس به رڱبا
رهن!‘ شايد اها گهڙي اگهامڻ جي هئي ۽ ساڳيا نار
ساڳيا رينگهٽ. هڪ ڀيري ته نسورو قهر ٿي ويو. پاڙي
واريءَ جي ٽيرس مان پاڻي نار ڪري بيڊ ۽ لِوِنگ ۾
اچي پهتو. پاڻي گلابن هاڻو هو يا سندس احساس- سڄو
گهر گلابي محسوس ٿيس. هن ڪيترائي ڀيرا پاڙيسرڻ سان
آبشار واري ٿلهي ۽ ڪاريڊور ۾ اکيون وچڙائي شڪايت
ڪئي، پر ڪو درمان نه ٿيو. انهي ۾ پڻ سندس خوشي
هئي. پر هڪ ڏينهن اهڙو به آيو، جنهن ڀير تي ڏونڪو
هڻي ڪڍيو. شهر ۾ ويلنٽائين ڏينهن ڪري ڪي.ايف.سي،
پيزا هٽ ۽ مئڪڊانلڊس تي دل جي شيپ جهڙا ڪارڊ ٽنگيل
هئا. هو الائجي ڪهڙيون حسرتون ساهه سان سانڍيندو،
گهر وڃڻ لاءِ مٿي لفٽ ۾ چڙهيو. اتفاق سان پاڙيسرڻ
اڳ ئي اُتي موجود هئي. هن لفٽ اندر لڳل قد آدم
آرسيءَ مان کيس گهوريو، ”ڀلي تون پاڻي هاريندي
رهه، آءٌ....!“
”Sorry
....اتفاقي/لاشعوري ٿي ويو.“
ساڳيو بهانو. ”سڀ نيڪ ۽ سٺا ڪم لاشعوري ۽ ڀورائيءَ
جا ڀال هوندا آهن، جي پوءِ شعور جي وڻڪار ڏي کڻي
ويندا آهن ۽ لاشعوري ڀورائيءَ جا ڀال ضرور رنگ
لائيندا.“ جملا، احساس لڳ ڀڳ ساڳيا هئا. ساڳي
ڪيفيت جو ورجاءُ هو. فرق هو ته ڇهين فلور تي شڪايت
وقت يا اورڻ ڏورڻ وقت در تي رکيل گل گلاب به جهومڻ
لڳندا هئا، پر هينئر گلابن جي بجاءِ سندس دل ٽڙي
ٿي ۽ هن ڇُليل من سان، ڊگهو ساهه ڀري، قد آدم شيشي
اُها تي اُڇلي، ڄڻ دل جو نقشو ٺاهڻ چاهيو. پاڙي
واريءَ جو گل گلابن کي پاڻي ڏيڻ ۽ ٽنگيل پينٽ بشرٽ
کي رڱڻ ته ٿيو معمول جو حصو، پر پوءِ آهستي آهستي
هڪ نئون مسئلو پيدا ٿي پيو. هڪ اهڙو مسئلو جنهن جي
ٿيڻ سان فائين آرٽ جي ڪنهن ذهين شاگرد ۽ ڏاهي
استاد جي تخليق وڌيڪ سگهه ڀري ۽ ڪنهن ليکڪ جي
ڪهاڻيءَ ۾ فطرت جا سمورا رنگ گهرا ۽ چٽا ٿي پوندا
آهن. اهو نئون مسئلو ساڳئي ڇهين فلور واري مهربان
پاڙيسرڻ جو اتفاقي يا شعوري عمل هو! راتين جو اڪثر
دير تائين سندس گهر جي فلور تان سامان جي ريڙهه
ريڙهان ۽ هلڻ جي ڌُڏڪي سندس ننڊ ڦٽائي ڇڏي هئي. هڪ
ڀيري ڪو مهمان دوست ٽڪيل هئس. هو ٻئي رات جو
ڪراچيءَ جي رستن تي ٺهيل هوٽلن تي ٻوڙ ڪجهه کائي
ڪجهه هاري، گهر موٽي، لِوِنگ روم ۾ ويٺا ته ڇهين
فلور تان ساڳيو ريڙهه ريڙهان ۽ هلڻ جهڙو ڌڏڪو
اڀريو. ”سمجهين ٿو اهو آواز ڇا جو هوندو!“ هن
مهمان دوست کان پڇيو، ”پدمڙن پيرن جي چرپر ٿي
لڳي“، دوست وراڻيس.
”يا قربان! پر اوير سوير راتين جو دير دير تائين
لوڪ لَڏڻ ۾، چري اَڏڻ ۾!.... آرام ڦٽي ويو آهي.“
”پدمڙا ۽ حسناڪ ماڻهو ننڊ ڪٿي ڪرڻ ڏيندا آهن.“
مهمان دوست وراڻيو، ”جتي هلي ۽ ٽلي ٿي، سو سندس ئي
فلور ۽ تنهنجي ڇت آهي.“
”ڇت نه آسمان!“.
”آسمان يا دل- پر رڱجي ضرور ويو آهين. پر تاڙي
هميشه ٻن هٿن سان وڄندي آهي“، مهمان دوست کلندي
چيس.
انهيءَ گهڙيءَ ۾ ڇهين فلور تان ساڳي ريڙهه پيڙهه ۽
هلڻ جو دڏڪو ٿيو. ”اڙي يار! اهو سبڻ-مشن جو آواز
آهي، ڇو گهر ۾ سبڻ-مشن ڪانه اٿئي ڇا....؟“
”شڪرالحمدلله گهر ڀاتين جي ٽين ٽان ۽ اليڪٽرانڪس
جي آوازن سان ڀريل آهي، سواءِ سبڻ- مشن جي مٺي ٻول
جي“، هن مهمان دوست کي وراڻيو.
”تنهنجو اندازو صحيح آهي، مٿئين فلور واري پاڙيسرڻ
هيٺ مٿي لهندي چڙهندي پئي آهي ته شاپر ۾ ٽوپي ٽڙي
جو سامان ساڻ هوندو اٿس ۽ اڪثر پاڙي جي ٻين ليڊيز
سان ڪپڙي لٽي جون ڳالهيون پئي ڪندي آهي.
”سٺي ذوق واري چئبي. هيڏانهن سبڻ جو ڪم، هوڏانهن
گل گلابن سان چاهه!“ مهمان دوست پاڙيسرڻ جي واکاڻ
ڪئي.
”سٺي ذوق واريءَ کي پاڙي وارن جي آرام ۽ سڪون جو
به خيال ڪرڻ کپي. ڪيترا ڀيرا شڪايت ڪئي هوندم، پر
نار وارو ساڳيو رينگهٽ!“ هن وراڻيس: ”اها به ته
نازڪ خيالي آهي. هوءَ گل گلابن کي پاڻي ڏيڻ سان نه
رڳو تنهنجا ڪپڙا لٽا، پر احساس به رڱيو ڇڏي! پر ٻڌ
ماڻهو کي گهر جا رنگ ڇو نه وڻندا آهن؟“
”ساڳيائپ بيزاري آهي“
مهمان دوست ٻه چار ڏينهن رهي پنهنجي ٿيلهي ۾ نوان
پراڻا ڪتاب ادلي بدلي ڪري موٽي ويو. گل گلابن کي
پاڻي ڏيڻ ۽ ٽيرس ۾ ٽنگيل پينٽ بشرٽ سان گڏ احساسن
جو ڀِڄڻ ۽ رڱجڻ ته پراڻو مسئلو هو، پر هن نئين
مسئلي سندس ننڊ زهر ڪري ڇڏي هئي. بهرحال وري به
ڳالهائڻ جو بهانو مليس.
هن ننڊ نهوڙيل بي آراميءَ جا خواب کڻي ڇهين فلور
تي مهربان پاڙيسرڻ جي در تي وڃي بيل تي آڱر دٻائي.
”مئم، پاڻيءَ جو نار ڪري وهڻ ۽ اڄ صبح ته پاڻي
لڳاتار وهندو رهيو. پر هي راتين جو دير دير تائين
سامان سُرڻ ۽ هلڻ جو آواز ظلم آهي!“
”ظلم....!“ ۽ ننڊاکڙين اکڙين مان حيرت ڇُلڪو کاڌو.
پاڙيسرڻ جي ننڊاکڙين اکڙين جي خمار ڄڻ کيس ننڊ ٿي
ڪرائي ۽ هو ڪنهن سونهن ڀري سنسار ۾ لهڻ لڳو، پر هن
سنڀالي ڳالهايو.
”بلڪ قهر...!“ هن قهر کي ذومعنا ۾ سوچي چيو.
”صبح گلابن کي پاڻي ڏيندي نل کوليو ته اک لڳي
وئي.“
”ڪنهن سان.... اک به لاشعوري بي خياليءَ مان لڳندي
آهي“، اها ڳالهه ڪندي هن ڄڻ چپن ۾ ڀڻڪيو. ”ايڪ قصر
در لک، ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون... فليٽن ۾ سوين در دريون
۽ ٽيرس، اک آخر ڪيترو بچائبي- نيٺ ته لڳندي!“ هن
ڪجهه گهڙيون رکي ڳالهايو. ”سڄي رات چمڙا پوشي ۽
جاڳ، اک ته ضرور لڳندي!“
”چمڙا پوشي نه، سڄي رات سلائي ۽ ڀرت ڪريان. ڏسو نه
عيد ۾ هفتو ٻه وڃي رهيا آهن.“ پاڙيسرڻ مرڪندي
وراڻيو.
”اڇا! سلائي ۽ ايمبرائڊري ڪريو“، هن چيو.
”مسٽر صادق طارق روڊ تي بوتيڪ کوليو آهي“، پاڙيسرڻ
پنهنجي مسٽر جو نالو کڻي ڄڻ سندس احساس کي مُڏيءَ
سان ڪٺو.
”سلائي ۽ ايمبرائڊري سٺي ٿي ڪرين، تڏهن ته مسٽر
صادق بوتيڪ کوليوآهي ۽ هر وقت اوڙي پاڙي جون ليڊيز
توهان وٽ ڳاهٽ هونديون آهن.“
”توهان جو ڪپڙو لٽو ڦاٽل هجي ته ڏيئي وڃو.... پر
توهان ته هر وقت ويل ڊريسڊ هوندا آهيو... توهان جي
بيگم کي سلائي ڀرت ايندو هوندو...!“
پاڙيسرڻ جي پڇا تي هن مرڪي وراڻيو.
”ڪپڙا لٽا برابر سٺا، پر هڪ تنهنجا رنگ هاريل ۽
نئون ڪپڙو ڦاٽي يا اڊڙي ته بيگم کي لک جُين جا
هوندي به جُون ڪان سرنديس، انهي خفي کان نئون ڪپڙو
ڇنڊ ڦوڪ لاءِ ڪريو ڇڏي.“
”ٽوپو ٽَڙو يا ڪڙتي تي ايمبرائڊري ڪرائڻي هجي ته
ٻڌائيندا. ڪوچنگ سينٽر مان سنڌي، بلوچي ۽ ڪشميري
ڀرت سکيس“ مهربان پاڙيسرڻ پنهنجي هنر جو پاڻ
اشتهار ٿي پئي.
”هڪ ڀرت هٿ جو، ٻيو مشين جو، توهان ڪهڙا ڪريو؟“
”هٿ جو پورهيو سٺو، پر گهڻو وقت وٺيو ڇڏي“،
پاڙيسرڻ وراڻيس.
”مشينون هٿ جي پورهئي جو نعم البدل ڪٿي ٿيون ٿين!
هٿ سهڻا ته انهن جو پورهيو به سٺو.“ هن پاڙيسرڻ جا
هٿ ڏسندي چيو. هوءَ مرڪي پئي.
”مئم، ٽوپو ٽڙو يا ايمبرائڊري ته ٿيا توهان جا
شعوري ڪم، پر توهان جا اتفاقي ۽ ڀورائيءَ جا ڀال
به ته گهٽ نه آهن؟“
”ڀورائي....؟ ڀورائيءَ جا ڀال ڇا هوندا آهن؟“ هوءَ
منجهي پڇا ڪرڻ لڳي.
”ڪنهن خيال ۾ آڱرين کي ڪپي ويهڻ، ڪچو گهڙو کڻي
درياءَ منهن ڪرڻ، پهاڙ ٽُڪڻ يا گل گلابن کي پاڻي
ڏيڻ وقت نل کولي وسارڻ- اهي سڀ ڀورائيءَ جا ڀال
هوندا آهن“ پاڙيسرڻ مُرڪندي در ورائي ڇڏيو. هن هڪ
ٿڌو ساهه ڀريو ۽ ڏاڪڻ تان لهڻ لڳو!
ايس. ٽي. سنڌوجا
بي نَڪو
هو سڌو مون ڏانهن آيو ۽ اچي منهنجي ڳٿر مان
جهليائين. ٻه ٽي ٿڦڙ وهائي ڪڍيائين. ڪي پل مون کي
ڏسندو رهيو ۽ پوءِ ساڳين قدمن تي موٽي ويو. انهيءَ
دوران مون ڪا به رڙ نه ڪئي، ڪا دانهن ڪوڪ نه ڪئي.
نه ڪجهه ڪڇيس ۽ نه ئي ڪجهه ڪيم. ڪو احتجاج ڪو
ردعمل، ڪو جواب، ڪجهه به نه! بس مان خاموش رهيس.
ٻئي ڏينهن مون پاڻي پيئڻ لاءِ جڳ منجهان گلاس اڃا
ڀريو ئي مس هو ته هو اچي پهتو. انهيءَ کان اڳي جو
ڀريل گلاس مان پنهنجن چپن تي چاڙهيان، هن سَٽ ڏئي
منهنجي هٿن مان گلاس ڦُريو. سندس نگاهه جڳ تي پئي
۽ جڳ کسيائين. ٻه ٽي ڇنڊا منهن تي هڻي، باقي پاڻي
چمپل پاتل پنهنجن بي ڊولن پيرن تي هاري ڇديائين.
منهنجي اکين ۾ ڪروڌ لهي آيو. مون نفرت ڀري نگاهه
سندس وجود تي وڌي، ته منهنجو ڪروڌ، منهنجي اکين
مان نڪري سُڪڙجي سُسي ختم ٿي ويو. ڪجهه ڪرڻ کان
اڳي مون سوچي ورتو هو ته هي راڪاس نما ديو ۽ مان
بُک ۾ پاهه ٿيل هڏائون پڃرو! سندس اڳيان جيتامڙو!
هن جي ته معمولي ڌونڌاڙ به سهي نه سگهندس!
هو مون کي يڪسوئيءَ سان اڃا به ڏسي رهيو هو. مون
ڳيت ڏئي خشڪ نڙيءَ مان خشڪ ٿُڪ پٽي زمين تي ٿُو
ڪئي ۽ ڪاوڙ منجهان منهن ڦيري پرڀرو ٿي بيٺس.
انهيءَ عمل منجهان هن کي چُوچڙي وٺي وئي. هن وري
سٽ ڏئي مون کي ڳٿر مان جهليو ۽ چار پنج لپاٽون
لاڳيتيون وَهائي ڪڍيائين ۽ پوءِ ردعمل ڏسڻ لاءِ
منهنجي منهن ۾ تڪڻ لڳو. مون ڪجهه سوچي ڪو به ردعمل
نه ڪيو. مان ماٺ ڪيو، ڀت ٿيو بيٺو رهيس. مون هڪ
لفظ به نه ڪڇيو. مون وري ڪا به مزاحمت نه ڪئي. مون
ڄاتو ٿي ته خاموش رهڻ سان ئي في الحال جان ڇٽي
ويندي، پر ڪجهه ڪرڻ سان گهڻو ڪجهه ملي سگهي ٿو،
جنهن جي کائڻ جي سگهه مون ۾ نه هئي، ۽ جيڪا مان
ساري نه پيو سگهان، سو مون ڪجهه به نه ڪيو- نه
دانهن نه ڪوڪ، نه سڏڪو نه لڙڪ، نه رڙ نه ريهه، بس
خاموشي!
هو ڪي پل مون کي جاچيندو رهيو ۽ پوءِ ٺڙاڪ ٺڙاڪ
ڪندو هليو ويو.
مون وڏو ساهه کنيو ۽ اندر ۾ وڍ پئجي ويم. ياد آيو
ته ڪافي وقت کان مون ڪجهه نه کاڌو آهي، ۽ جي کاڌو
آهي ته اهو جيڪو هو کارائي پيو وڃي!
”باقي ٻيو ڇا کاوان؟ ها، اڃا ڪجهه کائڻ جي ڪوشش ٿو
ڪريان ته هي راڪاس پهچي ٿو وڃي ۽ ڪجهه به کائڻ نٿو
ڏئي. بلڪ پاڻ اهڙو ڪجهه کارائي ٿو وڃي، جيڪو کائڻ
منهنجي مجبوري ۽ بيوسي آهي- سو نه چاهيندي به مون
کي اُهو کائڻو ٿو پوي!
ستين ڏينهن مون هن کي ڏاڍو ڳوليو. جڏهن هو مون کي
ڪٿي به نه مليو، تڏهن مس وڃي ڪو سک جو ساهه کنيم ۽
هڪ نويڪلي جاءِ ڏسي اُتي پنهنجن پراڻن ميرن ڪپڙن
جي ڦاٽل کيسي منجهان سُڪل ماني ڪڍيم ۽ ڇڪي ڇڪي
زوريءَ اُن مان هڪ گرهه ڀڳم. اڃا گرهه ڀڳو ئي هئم
ته پٺيان ڪنهن لامارو ڏنو. ٻئي پل ڏٺم ته منهنجا
ٻئي هٿ خالي هئا. نه هٿ ۾ گرهه هو، نه باقي ماني!
پوئتي مُڙيس ته هو بيٺو هو. سندس هٿ ۾ سُڪل ماني
هئي. مون بيوسي، لاچاري ۽ انتهائي افسرده نگاهن
سان کيس ڏٺو. هن بنان ڪنهن تاثر ۽ دير جي منهنجي
سُڪل ماني پريان پيل ميونسپالٽيءَ واري ڪچهري-دان
۾ وڃي وڌي، ۽ وري مون ڏانهن لنگهي آيو ۽ بنان ڪنهن
دير جي مون کي پنهنجو زرخريد غلام سمجهي ڳٿر مان
جهلي، ڪجهه لپاٽون وهائي ڪڍيائين، جيڪي مان ڳڻي نه
سگهيس، ڇو ته منهنجي اکين جي آڏو ترورا اچي ويا.
چَوطرف مون کي اوندهه ئي اوندهه نظر اچڻ لڳي ۽
دماغ ۾ زونزاٽ ٿيو ۽ مٿو ڦرڻ لڳو. مون پنهنجو پاڻ
کي ڍُر ڪندي محسوس ڪيو، ۽ مون کي لڳو ته دنيا جهان
جي هر شيءِ ٻُڏي گم ٿي رهي آهي!
انهيءَ حالت ۾ ڪجهه لمحن کان پوءِ مون کي محسوس
ٿيو ته هر شيءِ لوڏا لمڪا پئي کائي. احتجاج ته
پري، پر انهيءَ ويل مون کي پنهنجو پاڻ سنڀالڻ به
تمام مشڪل پئي لڳو. ڪا دانهن رڙ ڪرڻ بجاءِ مان پاڻ
کي سهيڙڻ لڳس. اکيون کوليم ته هو منهنجي اڳيان ٿيڙ
کائي رهيو هو. ڪي پَل ته هو ائين ٿيڙ کائيندو
رهيو، ۽ پوءِ هن جا ٿيڙ گهٽجندا ويا، تان جو هو
سڌو سنئون بيهي رهيو. تنهن مهل مون محسوس ڪيو ته
اصل ۾ هو ٿيڙ ڪونه کائي رهيو هو، پر منهنجو مٿو
ڦري رهيو هو! مان بي يقينيءَ جي عالم ۾ کيس ڏسي
رهيو هئس ته ڪٿي هو اڃا پنهنجو پروگرام جاري ته نه
رکندو. پر نه، هو مون کي سامت ۾ ايندي ڏسي، پٺين
پيرن تي ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ مٿان ڏونڪا وڄائيندو
هليو ويو ۽ مان گوڏن تي هٿ ڏئي هيٺ ويهي رهيس.
مان سوچڻ لڳس ته آخر ڪيستائين مانبک ۽ اُڃ مرندس؟
هي راڪاس مون کي ڪجهه به کائڻ ۽ پيئڻ نه ڏيندو-
آخر ڪيستائين! هي ته مون کي ڪجهه به کائڻ نه
ڏيندو. هي پاڻ هضم ڪندو ويندو ۽ مان ته مفت ۾ مري
ويندس. مان سوچڻ لڳس ته مون کي ڪجهه ڪرڻ گهرجي.
بغاوت؟ ها، مون کي بغاوت ڪرڻ گهرجي، مون کي ساڻس
وڙهڻ گهرجي، نه ته مان بک ۾ پاهه ٿي مري ويندس. پر
مان هن سان ڪيئن وڙهندس؟ هو ته طاقت ۾ مون کان
گهڻو زور آهي. منهنجا هَڏ گُڏ اٽو ڪري ڇڏيندو، مون
کي ته هڪڙيءَ ئي سَٽ سان ئي نپوڙي ڇڏيندو. ها، هو
مون کي مارڻ ئي ته چاهي ٿو!
۽ مون بهرحال فيصلو ڪري ورتو ته مان ساڻس وڙهندس،
ڀلي هو مون کان طاقتور ۽ وڌيڪ مضبوط آهي. مون کي
هو ماريندو ته هونئن ئي، سو ائين بک وگهي مرڻ کان
ته بهتر آهي ته ساڻس وڙهي مران. اهو سوچي مان اُٿي
کڙو ٿيس. انهيءَ پل مون پاڻ کي نؤبنو ڀانيو. مون
پنهنجن رڳن ۾ رت گردش ڪندي محسوس ڪيو. مون ڏٺو
منهنجن سُڪل ٻانهن ۾ ٻَل اچي ويو آهي!
مان سندس ڳولا ۾ نڪرڻ وارو ئي هئس ته چاچو دينو،
رمون، لالو ۽ ڪرمونءَ وارا اچي پهتا. ڏٺم ته سڀني
جا منهن لٿا پيا هئا. ليڙون ليڙون ميرا ڪپڙا،
چيڙهالا وار، اکيون ڏرا ڏنل، سُڪل ڄڻ هڏاوان پڃرا!
مان حيرت ۾ پئجي ويس. اڃا ڪجهه ڏينهن پهريائين ئي
ته هي سمورا خوش باش ۽ نوبنا هئا. هنن کي هي اوچتو
ڇا ٿيو؟ هنن جي زندگي ڏاڍي پرسڪون ۽ خوشحال هئي، ۽
اچانڪ هنن کي ڇا ٿيو جو سڀ چيٿاڙيل ۽ چٻاڙيل پيا
ڏسجن! مون کانئن تعجب مان پڇيو، ”توهان سڀني کي هي
ڇا ٿيو آهي؟ توهان جو هي حال آخر ڪنهن ڪيو آهي؟“
چاچي دينوءَ ڳيت ڏئي پنهنجي زبان آلي ڪئي، ۽ پوءِ
ڪنجهندي ڪنجهندي چيائين، ”پنهنجي شڪل به ته ڏس!“
”ڇو، ڇا ٿيو آهي منهنجي شڪل کي؟“ حيرانيءَ مان
پڇيم.
”جا اسان جي منهن تي رونق پئي وسي“ چيائين، ”سا
بهار تنهنجي منهن تي به ڏاڍا رنگ لايو بيٺي آهي!“
چيم: ”مون کي ته هو راڪاس ڪجهه ڪرڻ ئي نٿو ڏئي.“
”انهيءَ آفت ته اسان سان به ساڳيا ويلَ وهايا
آهن.“
چيم: ”هن جو پاڻ سان ڪو وير آهي ڇا؟“
سڀني گڏجي چيو، ”ڇڙو پاڻ سان- بس!“
”پوءِ؟“
”پوءِ ڇا؟“
”پاڻ ساڻس وڙهنداسين!“
”هو سگهو آهي، پاڻسڀني کان ڳرو آهي، ماري ڇڏيندو.“
”ماري ته هونئن ئي ڇڏيندو، پوءِ ڇو نه ساڻس وڙهي
مرون!“
چاچو دينو، رَمون، لالو ۽ ڪرمون هڪٻئي کي ڏسڻ لڳا،
۽ انهيءَ حالت ۾ ڪجهه دير کان پوءِ ڪنڌ هيٺ ڪري
ويهي رهيا.
”مون فيصلو ڪري ورتو آهي ته مرڻو هونئن ئي آهي.
مان بک مري ڪونه مرندس، مان ساڻس وڙهي مرندس!“
ايترو چئي مون سندن منهن ۾ نهاريو، پر هو اڃا به
ڪنڌ هيٺ ڪريو ويٺا هئا. پر مون وقت وڃائڻ نٿي
چاهيو، سو وڌيڪ سوچڻ ۽ کين همٿائڻ بجاءِ مان اُتان
روانو ٿيس. اڃا مون ٻه ٽي قدم مس کنيا ته چاچي
دينوءَ پٺيان سڏ ڪيو. مان بيهي رهيس. هي سڀئي ٻه
قدم اڳتي وڌي آيا هئا. چاچي دينوءَ چيو، ”اسان ۽
اسان جا ٻچا هاڻي بک ڪونه مرندا، اسان آجپي لاءِ
وڙهنداسين. اسان کي نڪ پنهنجو آهي، اسان پنهنجي نڪ
مان پاڻ آرام سان ساهه کڻنداسين. پنهنجو گرهه اسان
ڪنهن کي کڻڻ ڪونه ڏينداسين، ها، اسان بک ڪونه
مرنداسين، اسان وڙهي ئي مرنداسين!“
”ها ها، اسان پنهنجي روزي ٻئي کي ڦرڻ ڪونه
ڏينداسين. ان کان اڳي جو اسان کان اسان جا حق کسي
بي حال ڪيو وڃي، اسان وڙهنداسين“، سڀني گڏجي چيو.
مون کي خوشي ٿي ته منهنجن ساٿين ۾ سجاڳي آئي هئي.
مون پاڻ ۾ اٿاهه طاقت محسوس ڪئي ۽ ساٿي ساڻ ڪري
سندس ڳولا ۾ نڪري پيس. ڳوليندي ڳوليندي شام ٿي وئي
پر هو نه مليو. جڏهن شام جو بيزار ٿي وڏيري جي
اوطاق جي ڀرسان واپسيءَ جي نيت ڪري پئي لنگهياسين
ته هو انهيءَ ويل اُتي ويٺو هو. انهيءَ ويل هو
ڏاڍو پرسڪون پئي لڳو. مون هڪ نظر پنهنجن ساٿين تي
وڌي، مون کي پنهنجا ساٿي جوش ۾ جليل نظر آيا، ۽
پوءِ اسان سڀئي گڏجي اڳتي وڌياسين، تان جو سڀئي
وڃي هن جي مُنهن سامهون بيٺاسين. اسان سڀني کي گڏ
ڏسي هو هڪ پَل وائڙو ٿي ويو ۽ لڳو ڄڻ سندس حواس
خطا ٿي پيا هجن. توڙي جو هو اڪيلو اسان سڀني کان
سَگهو هو، پر ڪجهه دير کان پوءِ هو اطمينان منجهه
ڏسڻ ۾ آيو. هن جي سامت ۾ اچڻ کان پوءِ مون پنهنجن
ساٿين ڏانهن ڏٺو، جيڪي هن جو اطمينان ڏسي وائڙا
ٿيڻ لڳا هئا. ان کان اڳي جو مان پنهنجن ساٿين کي
ڪا همت ڏياريان، هن اڳتي هٿ وڌايو ۽ ٽيبل تي پيل
کاڌي جي پليٽ کڻي رمونءَ ڏانهن وڌايائين. رمونءَ
گهڻن ڏينهن کان وٺي ڪجهه ڪونه کاڌو هو، سو کاڌو
ڏسي سندس بناوت ۾ بناوت پئجي وئي. سندس جنون ڪمزور
ٿي پيو، خالي پيٽ جي سَٽ سهي نه سگهيو، سو بنان
ڪجهه سوچڻ ۽ سمجهڻ جي، کيس پنهنجو محسن سمجهي دير
ئي نه ڪيائين. سٽ ڏئي کانئس پليٽ ورتائين ۽ وٺي
پوئين پير ڀڳو. اسان اچرج منجهان رمونءَ کي ڀڄندي
ڏسي رهيا هئاسين ته هن ويرم ئي ڪانه ڪئي، کيسي ۾
هٿ هڻي ڳاڙهن نوٽن جي دستي ڪڍيائين ۽ لالوءَ ڏانهن
وڌايائين. لالو هڪ نظر مون کي ۽ چاچي دينوءَ کي
ڏٺو ۽ پوءِ ڪنڌ هيٺ ڪري جهٽ هڻي سندس هٿن مان دستي
ڦريائين ۽ پوئين پيرن تي مينهن واءُ ٿي ويو. اهو
عمل ڏسي منهنجي اندر ۾ وڍ پئجي ويو، لالچي دوستن
کي ڇڙوڇڙ ٿيندو ڏسي. مون پنهنجي پاڻ کي ڪمزور ڪرڻ
نه پئي چاهيو. هو ته مُرڪي رهيو هو پر منهنجي اندر
۾ وڌيڪ ڪروڌ ڀرجي ويو. مان سينو ساهي سندس سامهون
ٿي بيٺس. چاچو دينو منهنجي ساڄي ۽ ڪرمون منهنجي
کاٻي ڪنهن جبل جيان اُڀا ٿي بيهي رهيا، اسان ٽنهي
جي نگاهن ۾ نفرت ڏسي، هو ڪا گهڙي سوچيندو رهيو ۽
پوءِ اوچتو چاچي دينوءَ کي مُڪ وهائي ڪڍيائين.
چاچي دينوءَ کي جو اندازي کان وڌيڪ زَبري مڪ لڳي
ته چاچو ته وڃي ڦيري پائي ڍير ٿيو، پر ڪرمون پيرن
تي ائين زور رکيو ڄڻ پِڙ ۾ هو ئي ڪونه! اها حالت
ڏسي مون نه ڪئي هم نه تم، سندس منهن ۾ ٺونشو
وهائي ڪڍيم. هو ڪا دير باکڙجي پيو. ان کان اڳي جو
هو سامت ۾ اچي منهنجا وائسر ڍرا ڪري، مون ٻه
هَٿائي مُڪ ٺاهي، سندس مٿي ۾ وهائي ڪڍي. ڦٻائتي ڌڪ
سبب هو پاڻ سنڀالي نه سگهيو، سندس پير ٿڙيا ۽ هو
پنهنجي وزني وجود سميت گوڏن ڀر ڌرتيءَ تي اچي ڌُو
ڪيائين. انهيءَ حالت ۾ مون کيس هڪ وڌيڪ ٺونشو
وهائي ڪڍيو، پر اُن کان پوءِ هن جو بي ڊولو ڳرو هٿ
منهنجي ڳٿر ۾ پئجي ويو. هن ٻئي هٿ سان مون کي منهن
۾ نڪ واري مڪ وهائي ڪڍي. تيز روشنيءَ جو چمڪو
منهنجي اکين مان گذري ويو ۽ لمحي لاءِ مون کي
انڊلٺ جا ست رنگ نظر آيا. مون کي پنهنجا چپ، ڄاڙي
۽ گلو، گرم ۽ آلا لڳا، پر مون همت ڪري کيس پيٽ ۾
گُدو هڻي ڪڍيو. ۽ پوءِ هن گهلي کڻي مون کي گهوگهو
ڏنو. ٻئي پل مان زمين تي ليٽيل هئس، ۽ سندس ٻئي
گوڏا منهنجي هانءُ تي هئا. انهيءَ کان پوءِ هو ون
ٽو ون مون کي ٿڦڙون هڻڻ لڳو. مان سندس ڳري وزن هيٺ
اڳي ئي دفن ٿي چڪو هئس. وڙهڻ ته پري ٿيو، مان چرڻ
کان ئي هلاڪ ٿي پيس. هن جي بي انداز وزن جي هيٺان
مون کي سمورو جهان ٻڏندي نظر آيو، ۽ لڳم ته سڀ
ڪجهه ون يونت ٿي ويو آهي! مون انتهائي اذيت مان
پنهنجيون اکيون کوليون. ڏٺم ته سڀ ڪجهه ڌُنڌلو هو.
هر شيءِ تيز تيز ڦري رهي هئي. مون ۾ڪو ست باقي نه
رهيو هو. تنهن ويل ميرانجهڙي روشنيءَ ۾ ڏٺم ته
چاچو دينو لوڏا لمڪا کائيندو پئي آيو. سندس اُڀن
هٿن ۾ ڪو ڏنڊو هو، جيڪو هن هوا ۾ ڦيرائي راڪاس
جيڏي آفت کي مٿي ۾ سَنڌائتو وهائي ڪڍيو. ڌڪ سان
جبل جيڏي بلا ڦانءِ ٿي ڊهي پئي، ۽ مان بي ست ٿي
وڏا وڏا ساهه کڻڻ لڳس، ۽ ڪجهه دير کان پوءِ
منهنجيون اکيون پورجڻ لڳيون ۽ مان ڍُرڪي پيس.
جڏهن منهنجي اک کلي، تڏهن ڪجهه به نه هو. چاچو
دينو منهنجي مٿان بيٺو هو. مون پنهنجو منهن ڇڪيل
ڀاينو. ٻوٿ تي هٿ هنيم، چپن کان مٿي پٽيون ٻڌل
هيون. چاچي دينوءَ مرڪي چيو، ”شڪر آهي جو نَڪ ته
بچيو.“
ڳالهائڻ مهل ڏٺم ته چاچي دينوءَ جا ٻه ٽي ڏند
پنهنجيءَ جڳهه گان گم هئا. مون پنهنجي نڪ تي هٿ
هنيو، جو پنهنجيءَ جاءِ تي موجود هو. مون هڪ وڏو
ساهه کنيو. چاچي ٻئي طرف اشارو ڪيو، مون اوڏانهن
ڏٺو. اُهو ئي راڪاس شيخن واري دريءَ جي پرئين ڀر
بيٺو هو، سندس منهن تي نڪ هوئي ڪونه. |