سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006ع (1)

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 2006ع

ايڊيٽرنفيس احمد شيخ

 

هيءَ جا لات ”لطيف“ جي

 

هو چُونئِي، تون مَ چؤ، واتان وَرائي،

اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،

پاندَ ۾ پائي، ويو ڪِيني وارو ڪِينَ ڪِي.

(يمن ڪلياڻ، 8-16)

***

جوان سال لطيف جو ’خود پاڻ پنهنجي تربيت وارو‘ هي دور ويهه ٻاويهه سال کن مسلسل طور جاري رهيو. اهو سندس زندگي جو خاص الخاص طلب ۽ تلاش، پرجهه ۽ پروڙ وارو دور هو، جيتوڻيڪ سندس عارفانه تحقيق جو سلسلو سڄي عمر تائين هلندو رهيو. زمان ۽ مڪان جي لحاظ سان هيءُ دور ٻن حصن ۾ ورهايل نظر اچي ٿو: هڪ پهرين پنڌرهن سالن (1120 – 1135هه) وارو دور، جنهن ۾ سندس سلوڪي طلب ۽ تحقيق وارا پنڌ نسبتاً ڪجهه پراهان هئا، ۽ ٻيو پوين پنجن ستن کن سالن وارو دور (1135 – 1142هه)، جنهن ۾ سندس ٻاهرين پنڌن سان گڏ ’ڀٽ واري ڀيڻي‘ تي پڻ توجهه ٿيو. انهن ٻنهي دورن ۾ حق ۽ حقيقت جي مسلسل طلب ۽ تلاش جا اڳتي هلي جيڪي نتيجا نڪتا، ۽ جن جا اهڃاڻ شاهه عبداللطيف جي پوئين دور واري زندگيءَ ۾ نمايان ٿيا، تن جي بناء تي ڪافي وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته هن عرصي ۾ سندس عملي ۽ فڪري ڪشالي جو رخ خاص طرح چئن قبلن طرف رهيو: (1) ڏسڻ پسڻ ۽ پرجهڻ پروڙڻ خاطر سير سفر جو سلسلو شروع ڪيائين، (2) شاديءَ جي رسم پوري ڪيائين. (3) عارفانه زندگيءَ جي عملي راهه رسم جي ڄاڻ لاءِ پنهنجي وڏي ڏاڏي ميين شاهه ڪريم جي سوانح ۽ طور طريقي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيائين. (4) سلوڪ ۽ معرفت جي اعليٰ معنوي فڪر ۽ ڄاڻ لاءِ ميين شاهه ڪريم جي بيان ڪيل نُڪتن ۽ حقيقتن توڙي مولانا رومي جي مثنويءَ ۾ سمايل رازن کي پروڙڻ طرف توجهه ڪيائين، (5) ٻين جي تلقين لاءِ پنهنجي فڪر کي سنڌي بيتن ۽ واين ذريعي ظاهر ڪرڻ جو پهه ڪيائين.

پنهنجي سر، شاهه لطيف جي بامقصد مسافرين ۽ ملاقاتن جي شروعات غالباً انهن ماڳن سان ٿي جتي اڳ هو پنهنجي والد سان گڏجي ويندو هو. انهن مان هڪ طرف مٽياري، گنجو ٽڪر ۽ اڳتي بلڙي ۽ ٺٽو هئا. بلڙي سندس ڏاڏاڻو ماڳ هو، جتي سندس وڏي ڏاڏي ميين شاهه ڪريم توڙي ڏاڏي عبدالقدوس شاهه جون مزارون هيون. اتر طرف (پراڻن) هالن جو تاريخي شهر ڪوٽڙي کي ويجهو هو ۽ ساداتن جو پهريون ماڳ هو. شاهه لطيف جي وقت ۾ به عالمن ۽ درويشن جو گهر هو. اتان ڏهه ميل اوڀر طرف ’گولي پير جو مقام‘ سندس واسطي اهميت وارو هو، جو اُتي سندس پڙ ڏاڏي جلال شاهه (جمال شاهه) شهيد جو مزار هو، اتان اوڀر * ڏکڻ طرف ساڱري ڍوري جي ڪناري وارن درويشن جا ماڳ مڪان ديدار لاءِ اهميت وارا هئا. خاص طرح ڀينء پور ۽ اڳتي شاهپور ۽ نصرپور وارو ڀاڱو ويجهو هو، جتي وڏو شاعر ۽ درويش ميون شاهه عنايت رضوي اڃا زنده هو، ۽ شاهه لطيف وٽس وڃڻ شروع ڪيو. ساڱري ڍوري جي ٻنهي طرفن ۽ پوءِ اڳتي هيٺ لاڙ ۾ ويندي بدين تائين ڪي اهڙا ماڳ هئا، جتي ان وقت فيض وارا فقير ۽ عالم موجود هئا. پڻ ڪن ماڳن تي اڳين مشائخن ۽ عالمن جون خانقاهون ۽ درگاهون هيون، جن مان گهڻا سندس وقت ۾ ميين شاهه ڪريم جا همعصر يا صحبتي هئا. انهيءَ ڪري انهن ڏانهن شاهه لطيف جو لاڙو فطري هو. ساڱري ڍوري جي ڪنار سان، اُتران پهريائين مشائخ هوٿي جي درگاهه هئي، جيڪو غالباً پاڻ توڙي کانئس پوءِ سندس ٻه پهتل فرزند احمد ۽ محمد ميين شاهه ڪريم سان مليا هئا. ان کان ڏکڻ طرف ڪن ٻين اهل مماتي وارن بزرگن جون مزارون هيون جيڪي پڻ ميين شاهه ڪريم جي وقت جا هئا ۽ شايد ساڻس مليا هئا – مثلاً درويش آچر، شيخ ڀرڪيو ڪاتيار، درويش پلي، پنيو سهاڙ، مخدوم محمد اسماعيل سومرو اگهم ڪوٽي، شيخ موسو، رڪن الدين ولد رتو (جُوڻ جي علائقي جو)، ميرڻ ڪاتيار، مهراڻ فقير نهڙيو، مخدوم صابر ولهاري، مٽياروي سيد ساجن سوائي، جرڪس ڏناڻي (ولهار ۽ ونگي علائقن جا).

 - ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

شاهه جو رسالو – جلد 1

[مقدمو، ص 20 – 21]

 


 

 سائين! سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سُڪارَ،

دوست تون دلدارَ، عالم سڀ آباد ڪرين!

(شاهه)

 

سوچ - لوچ

 

انٽرنئشنل ڪانفرنس: ”سنڌ- ماضي، حال ۽ مستقبل“

29 ۽ 30- اپريل ۽ 1 ۽ 2 مئي 2006 تي سنڌ جي گاديءَ ڪراچيءَ ۾ هڪ انٽرنئشنل ڪانفرنس: ”سنڌ- ماضي، حال ۽ مستقبل“

"International Conference: Sindh- Past, Present and Future"

خير خوبيءَ سان ٿي گذري.

اها ڪانفرنس سنڌ جي ٻن وڏين يونيورسٽين- سنڌ يونيورسٽي ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران سڏائي وئي. ان ڪانفرنس جو افتتاح جناب شوڪت عزيز وزيراعظم پاڪستان ڪيو. هيءَ ڪانفرنس علمي، ادبي ۽ ثقافتي سطح تي هڪ اهم واقعو آهي. اسين ان ڪانفرنس جي ڪاميابيءَ تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلرن محترم مظهرالحق صديقيءَ ۽ محترم پيرزاده قاسم رضا صديقيءَ کي واڌايون ڏيون ٿا. ڊاڪٽر حميده کهڙو، وزير تعليم سنڌ، جي ڪانفرنس ۾ موجودگي ۽ حاضرين جي ڀرپور شرڪت پڻ اُتساهيندڙ رهي.

انٽرنئشنل ڪانفرنس: ”سنڌ- ماضي، حال ۽ مستقبل“ جا چئن ڏينهن ۾ ڪيترائي سيشن ٿيا، جن ۾ مختلف موضوعن تي اعليٰ پائي جا مقالا پڙهيا ويا، جيڪي ڪتابي صورت ۾ پڻ ڇپجي چڪا آهن. قديم آثارن جون اُهي اهم سائيٽس جن تي کوجنا جي ضرورت آهي، اُهي ادبي شخصيتون جن جي لکڻين جو اثر اڄ به نمايان آهي، شاعريءَ ۾ نوان لاڙا، دائمي قدر، سنڌ جي اقتصاديات، سماجيات، سياسيات، ٻولي، گرامر، چوڻيون/پهاڪا، سنڌ جي معاشي صورتحال، سنڌ جو پاڻي، سنگيت ۽ ثقافت، سنڌ جو شاندار ماضي، موجوده ابتر حال ۽ ڌنڌلو آئيندو- ان  اُگري صورتحال ۾، هيءَ ڪانفرنس يقيناً اميد جو هڪ ڪِرڻو آهي. اِهو ڪِرڻو مُٺ ۾ ڪيئن پڪڙجي؟

مُٺ ۾ ڪئن پڪڙي سگهان، ڪِرڻي جهڙو پَلُ!

۽ اسين ڄاڻون ٿا ته اهو ’ڪِرڻي جهڙو پَلُ‘ صرف تحرير ۾ ئي پڪڙي سگهجي ٿو. ڪنهن سُهائي سِٽَ ۾، حرارت بخش شاعريءَ ۾، ڪنهن اُجري ڪهاڻيءَ ۾، ڪنهن روشن ليک ۾.

اسين اهو به ڄاڻون ٿا ته سنڌ کي سموري انسانذات لاءِ امن ۽ آشتيءَ جو، سک ۽ سڪار جو هڪ آفاقي پيغام آهي:

سائين! سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سُڪارَ،

دوست تون دلدارَ، عالمَ سڀ آباد ڪرين.

اڄ جڏهن سڄي دنيا ۾ معاشي مفادن، تهذيبن ۽ ثقافتن جو ٽڪراءُ آهي، فرقن جي تفرقي بازي آهي، معاشي وسيلن جي ڦرلٽ آهي- جنگ، رتوڇاڻ، انسان هٿان انسان جو خون- ڊرگس، هٿيار، باروت، بم، گوليون- ڌاڙا، اغوا، ڀُنگ، ڪاروڪاري، جرڳا- قبيلائي ويڙهه- ڌرتيءَ جي گولي تي اڄ به اُهو ئي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ، ظلم ۽ زيادتي، بک، بيروزگاري ۽  بيماري آهي، ناانصافيون آهن، گدلاڻ آهي- ان سڄي اُگري صورتحال ۾ سنڌ جو اديب ۽ دانشور ڪهڙو هاڪاري ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو؟ سنڌ جو اديب ۽ دانشور ماضيءَ ۾، خاص طور ون يونٽ واري جبري دور ۾، اهڙو ڪردار وڏي خوبيءَ سان ادا ڪري چڪو آهي. اڄ هڪڙو ڀيرو وري وقت ۽ حالتون سنڌ جي اديب ۽ دانشور کان اهڙي ڪرشمي جي تقاضا ڪن ٿيون. سنجيدگيءَ ۽ پاڻ ارپڻ جي جذبي سان اهي ڏکيا مرحلا طيءِ ڪري سگهجن ٿا. ان لاءِ سنڌ کي عالمي تناظر ۽ عالم کي سنڌ جي تناظر ۾ ڏسڻو پوندو ۽ پنهنجون ذميواريون انتهائي ايمانداريءَ سان ادا ڪرڻيون پونديون. ان ڏس ۾ انٽرنئشنل ڪانفرنس: ”سنڌ- ماضي، حال ۽ مستقبل“ مان گهربل نتيجن جي حاصلات لاءِ ڪم ڪرڻ کپي. ان ڪانفرنس کي امن ۽ ترقيءَ لاءِ هڪ نقطئه آغاز سمجهڻ کپي.

اسان جي خيال ۾ انٽرنئشنل ڪانفرنس: ”سنڌ- ماضي، حال ۽ مستقبل“ جا هونئن ته سڀيئي سيشن اهم هئا، پر ان جو آخري سيشن انتهائي اهم هو، جنهن جي صدارت اسٽيٽ بئنڪ جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت حسين ڪئي. ان سيشن ۾ سنڌ جا نه رڳو مسئلا پيش ڪيا ويا، انگن اکرن سان سنڌ جو ڪيس پيش ڪيو ويو، پر ساڳئي وقت ان ڏس ۾ ڪارائتا ۽ عمل جوڳا حل پڻ پيش ڪيا ويا. هاڻي  ضرورت صرف انهن تي عمل ڪرڻ جي آهي. صحيح ڏس ۾ وک وڌائڻ جي آهي. تحرڪ جي آهي. تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهڻ جي آهي.

انٽرنئشنل ڪانفرنس: سنڌ- ماضي، حال ۽ مستقبل ۾ سنڌ جي ڪجهه اديبن ۽ ويزا نه ملڻ جي ڪري هند جي اديبن جي عدم شرڪت سڀني کي ڪُکي. افتتاحي اجلاس ۾ محترم مظهرالحق صديقيءَ، پنهنجي ڪِي- نوٽ ۾، هند جي اديبن کي ويزا نه ملڻ جي ڳالهه ڪئي. جناب شوڪت عزيز، وزيراعظم پاڪستان، پنهنجي افتتاحي خطبي ۾ ان ڳالهه جو نوٽيس ورتو ۽ چيو ته کيس ان معاملي بابت ڪابه ڄاڻ نه ڏني وئي! سنڌ جي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم پڻ چيو ته ڪانفرنس جي منتظمين اهڙي ڳالهه سندس ڌيان تي ڇو نه آندي؟

اسان جو ان ڏس ۾ وري به ساڳيو نماڻو عرض آهي ته موجوده دور ۾ جڏهن ٻنهي ملڪن پاڪ- هند جا ناتا سُڌري رهيا آهن، تلخيون ختم ٿي رهيون آهن، دوريون دور ٿي رهيون آهن ۽ قربتون وڌي رهيون آهن- سياسي ۽ واپاري ناتن کي به هٿي ملي رهي آهي ۽ انهن شعبن ۾ ڪيترا ٺاهه به ٿي چڪا آهن- تڏهن ادب ۽ آرٽ جي شعبي ۾ پڻ اهڙي ڪوشش جي آجيان ٿيڻ کپي. اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن لاءِ ويزا پاليسي نرم ڪئي وڃي، ڪتابن تان ٽپال خرچ گهٽايو وڃي. اديب ۽ فنڪار محبتن جا سفير هوندا آهن. اُهي ڇِنڻ نه، ڳنڍڻ ڄاڻندا آهن.   

سنڌي ليکڪن جي سهائتا

سنڌ جي سڄاڻ وزير تعليم ۽ نامياري اسڪالر ڊاڪٽر حميده کهڙو صاحبه سنڌي ٻوليءَ جي ساهتڪارن جي فلاح لاءِ ڳچ عرصو اڳ ”رائيٽرس ويلفيئر فنڊ“ جو قيام عمل ۾ آندو هو، ۽ ان فنڊ ذريعي بيمار ۽ ضرورتمند اديبن جي مالي سهائتا جو اعلان ڪيو. ان اعلان کي عملي جامو پارائيندي محترمه چيئرپرسن صاحبه تازو سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ڇهن ناميارن اديبن جناب سرويچ سجاولي، جناب آثم ناٿنشاهي، جناب محمد ابراهيم ”اسير“ ملاح، جناب خواجا لياقت علي پنجتني، جناب رسول بخش ”آزاد“ سرهيو ۽ جناب امير بخاريءَ جي علاج واسطي 10-10 هزار رپيا امداد جو اعلان ڪيو ۽ مذڪوره رقم فوري طور سندن حوالي ڪرڻ جا احڪامات فرمايا ته جيئن اهي وقت سر علاج معالجو ڪرائي سگهن. چيئرپرسن صاحبه جي اهڙي وقتائتي قدم بعد امدادي رقم معزز اديبن جي حوالي ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ علمي ۽ ادبي حلقن طرفان محترمه چيئر پرسن صاحبه  ۽ بورڊ جي اهڙي قدم کي واکاڻيو پيو وڃي. سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪن ۽ اديبن جي بيماريءَ توڙي ٻيون ڏکيون حالتون ۽ ڪسمپرسي ڪنهن کان به ڳجهي ناهي ۽ نه ئي اثرائتن حلقن جي بي رخي ان ڏس ۾ ڪنهن تعارف جي محتاج آهي. اسين سمجهون ٿا ته بورڊ جي چيئرپرسن جي حيثيت ۾ ڊاڪٽر حميده کهڙو صاحبه جو اهڙو قدم يقيناً  اهم ۽ تاريخي حيثيت جو حامل آهي، جنهن ”رائيٽرس ويلفيئر فنڊ“ کي حقدار ليکڪن لاءِ وقف ڪندي بورڊ کي خدمتن جو موقعو فراهم ڪيو آهي.

 

بورڊ ۾ ترقياتي ڪم ڪار

سنڌ حڪومت جي ترقيات ۽ رٿابندي کاتي طرفان سالياني ترقياتي پروگرام ۾ سنڌي ادبي بورڊ اندر تعميراتي ڪمن جي مد ۾ ڪثير رقم منظور ڪرڻ کان پوءِ هلندڙ سال ۾ پهرين قسط طور معقول رقم جاري ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ ترقياتي پروگرام ۾ تجويز ڪيل ڊسپلي سينٽر، ڪتاب گهر، آڊيٽوريم ۽ انتظامي بلاڪ جو اڏاوتي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. انهن رٿائن جو باقاعده افتتاح تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ بورڊ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر حميده کهڙو صاحبه مبارڪ هٿن سان ڪرڻ فرمايو.

توڙي جو تجويز ڪيل منصوبن جو ابتدائي اڏاوتي ڪم زور شور سان جاري آهي، تنهن جي باوجود بورڊ اختياريون حتي الامڪان ڪوششن ۾ آهن ته وڌ کان وڌ محدود مدت ۾ مذڪوره منصوبن کي تڪميل جي مرحلي ۾ داخل ڪري ٻولي ۽ ادب جي ڀلائيءَ وارين رٿائن جي تڪڙي اُڪلاءُ کي عمل ۾ آندو وڃي.

بورڊ جي 50 ساله تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وڏي پيماني تي ٿيندڙ بورڊ جي ترقياتي ڪمن جي شروعات کي علمي ادبي حلقن ۽ سڄاڻ ڌرين سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ نيڪ سنوڻ قرار ڏنو آهي. مذڪوره ترقياتي رٿائن جي تڪميل سان بورڊ جي ملازمن توڙي خيرخواهن ۾ نئين سوچ پيدا ٿيندي، جيڪا ڳالهه يقيناً سنڌي ٻولي ۽ ادب جي اشاعتي توڙي تحقيقاتي رٿائن جي بهتر تڪميل جو باعث بڻبي. - ادارو


 

وکر سو وِهاءِ ....!

 

شاعريءَ تي، پوءِ اُها ڪهڙي به دور (لوڪ/ڪلاسيڪل/نيم ڪلاسيڪل /روايتي/ نئين ۽ هاڻوڪي) جي هجي، جڏهن به ڪو تنقيدي توڙي تحقيقي مواد ايندو آهي، تڏهن اُن کي پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ جو مرحلو شروع ٿيندو آهي- ۽ جڏهن  اهڙو مواد شاهه سائينءَ جي ڪلام توڙي سوانح جي حوالي سان هوندو آهي، تڏهن اُن کي نهايت ڌيان سان پڙهڻو پوندو آهي. اِهو ضروري به ناهي ته اُهو مواد ڪيڏي ڌيان سان لکيو ويو آهي! (جڏهن ته اهڙو ڌيان رکڻ کپي).

تازو (اپريل 2006ع) شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران ج.ع.منگهاڻيءَ جي تصنيف”شاهه لطيف جي ٻولي- تحقيقي جائزو“ ڇپي آهي. انٽرنئشنل ڪانفرنس ”سنڌ- ماضي، حال ۽ مستقبل“ جي موقعي تي ان جي پڌرائي به ٿي چڪي آهي.

اهو ڪتاب هڪ انتهائي اهم ۽ حساس موضوع تي لکيل آهي، جيئن عنوان مان ظاهر آهي. ان کي جوڳي ڌيان سان پڙهڻ ۽ تفصيل سان ان تي لکڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر فهميده حسين جو ”مقدمو“ پڙهڻ سان ۽ ڪتاب سرسري ڏسڻ/ پڙهڻ سان ڪيترائي سوال اٿن ٿا. هتي اسين صرف ”مقدمي“ مان ڪجهه سِٽون مهراڻ جي پڙهندڙن آڏو رکون ٿا (”آڙيون ابر آسري، تاڙا تنوارين!“ آڙيون/آرون تي الڳ سان بحث ڪنداسين):

”شاهه جا سمورا عالم تاڙو پکيءَ جي قسم جو نالو ٿا لکن، جيڪو مينهن لاءِ واجهائيندو آهي، پر ڀيڻ جو چوڻ آهي ته تاڙو سندس تَر ۾ ڏيڏر کي ٿو چئجي، جيڪو مينهن جي مند ۾ نڪري ٽرٽر ڪندو آهي اُ.ن مهل چئبو آهي ته ’تاڙا نڪري ٿا تنوارين‘.“

”ان ڏس ۾ ڪوهستان جي ئي ٻئي ماڻهوءَ تصديق ڪئي ته برابر هنن وٽ تاڙو هڪ قسم جو وڏو ڏيڏر ٿيندو آهي، جيڪو مينهن پوڻ کان پوءِ نڪري آواز ڪندو آهي، (مينهن کان اڳ نه). جيتريقدر هن بيت جو تعلق آهي ته ان ۾ مينهن پوڻ کان اڳ جو منظر آهي، جنهن ۾ هر ساهه وارو سارنگ کي ساري ٿو ۽ ابر جي آسري تنواري ٿو. ٻيو ته تنوار پکيءَ جي ٿي سگهي ٿي ،ڏيڏر جي ته ٽرٽر ٿيندي آهي. بيت ۾ تاڙو هڪ پکي آهي. ان لفظ جي معنيٰ کي بدلائڻ سان ڇاڪو اعليٰ مفهوم ادا ٿئي ٿو؟“

پَٽيءَ نه!

ٻين جي معنائن کي ”اونڌيون“ چوڻ سان پنهنجون معنائون ”سونڌيون“ نه ٿيون ٿيو وڃن! ۽ تحقيق جي ضمن ۾، اهوئي هڪ بنيادي نڪتو آهي، جنهن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي ۽ ان رويي کي، خاص طور، تڏهن جڏهن ڳالهه لاکيڻي لطيف جي حوالي سان ٿي رهي هجي، نظرانداز نٿو ڪري سگهجي!                      - ا.ح

 

 فقير محمد محسن ”بيڪس“

 

ڪافي

 

بنائي ساز صورت جو،

ڪهڙا تون لِڪ لِڪائين ٿو.

 

آئين آدم رکي نالو،

ڪيئه ڪيڏو ته ڪشالو،

ڪري چشمن سندو چالو،

عاشق معشوق ٺاهين ٿو.

 

”احد“ ۾ ”ميم“ ٿيو مقرر،

پنهنجو تون پاڻ ٿئين دلبر،

ڪر هُل ٿئين وري حيدر،

عجب سورهيه سڏائين ٿو.

 

وري جاني ڍڪي جامون،

ڪيوءِ ڪو هُل هنگامون،

وڄائي درد دمامون،

پنهنجا پيارا ڪُهائين ٿو.

 

صوفي منصور ڪئي ساري،

سوريءَ نيزي تي هسواري،

بُلا سرمد تي عطاري،

پنهنجن جا سر وڍائين ٿو.

 

روهڙيءَ ۾رنگ ڪري رَلمل،

چائي سر بار، ٿين ’بيدل‘،

حسن بازر ڪرين حاصل،

هاڻي ”بيڪس“ سڏائين ٿو.

[ديوان بيڪس، ص 57]

 

 

خليفي محمد محسن جي گهر ۾، سالن کان پوءِ، درويشن ۽ ولين جي دعا سان وَسنوَ ٿي ۽ پٽ ڄائو، جو قادر بخش ’بيدل‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. اهڙيءَ طرح، ’بيدل‘ جي گهر ۾ به مدت مديد کان پوءِ مبارڪ مبارڪ جو آواز آيو. پٽ ڄمڻ تي هر گهر ۾ حيثيت آهر سادمانا ٿيندا آهن، پر هيءُ پٽ، حسين مهه جبين ۽ سڀني طرحين سهڻو هو ۽ ازان سواءِ گهڻي عرصي کان پوءِ پيدا ٿيو هو، سوئي وري هڪ حسن پرست جي گهر ۾ - تنهن فقير صاحب جي خوشيءَ ۾ ايڏو اضافو ڪيو، جنهن جو اندازو ڪرڻ امڪان کان ٻاهر آهي. فقير صاحب مٿس پنهنجي والد بزرگوار جو نالو محمد محسن رکيو.

سڀڪنهن ٻار تي گهر، سنگت ۽ اسڪول جو اثر پوي ٿو. فقير صاحب وڏي وٽ هر وقت صوفين ۽ مريدن جي آمد هئي. سندس ڪچهريءَ ۾ حق ۽ حسن جي تذڪري کان سواءِ ٻيو ڪجهه ٻڌڻ ۾ نه ايندو هو، البت راڳ گهڻو هوندو هو. انهيءَ ماحول ۾ فقير محمد محسن پنهنجي زندگيءَ جا پهريان چوڏهن سال گذاريا، جنهن کان پوءِ سندس والد بزرگوار جو سايو سندس سِر تان لٿو. سال کن کان پوءِ هو سيوهڻ شريف، قلندر شهباز جي درگاهه تي ويو. ممڪن آهي ته انهيءَ باري ۾ پنهنجي والد ماجد وانگر، شعر چوڻ اُتانهون شروع ڪيائين.

”بيڪس“ تي ڪنهن جو اثر پيو جو سندس قلب کُليو ۽ شعر چوڻ لڳو. سو چڱيءَ طرح معلوم ٿي نه سگهيو آهي، پر سندس مناجاتن ۽ مدحيه ڪافين مان، جن ۾ قلندر شهباز جي تعريف ۽ توصيف ڪئي اٿس ۽ کيس حمايت ڪرڻ ۽ ساڻي ٿيڻ لاءِ سڏيو اٿس، سمجهجي ٿو ته جيئن ”بيدل“ کيس روحاني رهبر ڪري ورتو، تيئن هن به سندس نقش قدم تي هلي، ان جي اقتدا ڪئي.

- عبدالحسين شاهه موسوي

[ديوان بيڪس، مقدمو، ص 3-4]


 

سيد ثابت علي شاهه

 

امام حسين جو شهزادي اڪبر سان ڪلام

 

 

شاهه گهوڙي تئون لهي ڀاڪر وڌو فرزند کي،

ڳل ڳراٽي پائي دلبر دادلي دلبند کي،

رت هنجون روئي چمي مُنهن پٽ جگر پيوند کي،

چيئين اَبا! ڇا عذر جي اهڙي وني خاوند کي،

آه اڪبر! تنهنجو مُنهن ساڳيو مُحمد جو جمال،

هَلُ مُحمد کي هلي ڏيکار مُنهن لوهُو سين لال.

* * *

پنهنجي آيلِ کي به مُنهن ڏيکاري وٺ موڪل مِٺا،

چؤڪه آءٌ بابي سان ويندس جانبِ دارالبقا،

اَئين رضا تي رهجو راضي جيڪي هئي حڪمِ خدا،

هي اولوالعزمن جو صبر، اي اهلبيتِ مصطفيٰ،

مصطفيٰ جو آل قتل في سبيل الله ٿيو،

نعم اجر الصابرين، جن هِن بَلا تي صبر ڪيو.

 

[”سيد ثابت علي شاهه“، ص 316]

سنڌ ۾ ”مرثيه نويسيءَ“ جو فن قديم آهي، جيڪو پنهنجون ارتقائي منزلون طئي ڪري، ٽالپرن جي دَور حڪومت ۾ عروج تي رسيو. ان جو مکيه سبب اِهو آهي، جو سنڌ جا ٽالپر حڪمران فقہ جعفريہ سان تعلق رکندڙ هئا ۽ اُنهن شاعريءَ جي ان صنف کي زور وٺايو. ٽالپر حڪمرانن جا پاڙيسري ملڪ ايران سان گهرا لاڳاپا هئا، انهيءَ ڪري ايران جي درٻار جا ڪيترائي مرثيه گو شاعر اڪثر سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جي درٻار ۾ ايندا رهندا هئا، جن جو سنڌ جي شاعرن تي به گهنو اثر پيو، اهڙيءَ طرح، هتان جي شاعرن کانئن متاثر ٿي ”مرثيه گوئيءَ“ ۾ طبع آزمائي ڪرڻ شروع ڪئي. سنڌي زبان ۽ ادب جو سڀ کان پهريون باقاعده ”مرثيه گو“ شاعر سيد ثابت علي شاهه هو، جنهن ان دور ۾ انهيءَ صنف جو رواج وڌو. انهيءَ سان گڏ پاڻ ”سنڌي موزون شاعريءَ“ جي بنياد رکندڙ شاعرن ۾ ممتاز مقام جو حامل پڻ هو. سيد ثابت علي شاهه ڪلهوڙن جي پوئين دور ۽ ٽالپرن جي ابتدائي زماني جو شاعر ٿي گذريو آهي. پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف ۽ مؤلف هو، جي گهڻي ڀاڱي مذهبي نوعيت جا آهن. ان ڳالهه ۾ ڪنهن به قسم جو مبالغو نه آهي ته سيد ثابت علي شاهه سنڌي شاعريءَ کي تمام گهڻي وسعت ڏني ۽ ڪيتريون ئي نيون ۽ نياريون صنفون، سنڌي شاعريءَ ۾ رواج هيٺ آڻي، انهن کي سنڌ وارن سان روشناس ڪرايو. شاهه صاحب کي سنڌي، عربي، فارسي ۽ اردو زبان تي ڪامل عبور حاصل هو.

 

ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي

[”سيد ثابت علي شاهه“، مصنف عبدالقيوم ”صائب“، مقدمو ص 7]

 

فقير غلام حيدر شر

 

ڪافي

 

ڏيان باهه ڀنڀور کي،

منهنجو جانب جيءَ جياريو.

 

آءٌ ته انهيءَ جي آهيان،

هو جو ڪيچي ڪوهيارو.

 

سرتيون سڄڻ ويجهڙو،

ڏي ٿو ’نفس‘ اشارو.

 

’و نحن اقرب‘ ويجهڙو،

اچي نير هنيون آهه نعرو.

 

لونءَ لونءَ لولي يار جي،

آهي سر صدقي سارو.

 

”غلام حيدر“ گُن گوش ڪر،

ڇڏ ”لا“ سندو تون لارو.

 

رمزي روح رٿون ڪيون،

ڏسي نوري نيڪ نظارو.

 

[”مهراڻ“ نمبر 3، سال 1967ع، ص 155]

 

 

فقير غلام حيدر جي ڄم ۽ وفات جي تاريخ جي پوري پڪ پئجي نه سگهي آهي. مگر جيئن ته هن فقير کي ’نانڪ يوسف‘ وٽان فيض حاصل ٿيو، جنهن جو ذڪر هن پنهنجي ڪلام ۾ واضح طور ڪيو آهي. سو بزرگ سن 1783ع کان 1853ع ۾ ٿي گذريو آهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هيءُ فقير به ساڳئي وقت ۾ ٿي گذريو آهي.

فقير غلام حيدر ذات جو شر بلوچ هو ۽ سندس ولادت خيرپور رياست ۾ شرن جي ڳوٺ جي نالي سان  آباد ٿيل هڪ ننڍيءَ بستي ۾ ٿي. سندس ابا ڏاڏا کيتي ٻاريءَ جو ڌنڌو ڪندا هئا، تنهنڪري هن کي به اهوئي اباڻو ڌنڌو ورثي ۾ مليو. هي ننڍي هوندي کان ئي اڙٻنگ، ارڏو ۽ طبيعت جو تيز هوندو هو، وري کيس ڪَچيءَ ۾ ئي بري سنگت ملي وئي، تنهن هن کي ويتر بيپرواهه، عياش ۽ هٿڦاڙ ڪري وڌو ۽ اڳتي هلي هڪڙو ناليرو چور بنيو. هن جي اوطاق ۾ هميشه چور ويٺا هوندا هئا ۽ سڄيون سڄيون راتيون صرف چوراڻيون ئي ڪچهريون هلنديون هيون. فقير انهن اوگڻن هوندي به هميشه رنن ۽ بيواهن ۽ هيڻن جي، سر سوڌي سٽ تائين حمايت ڪندو هو، ۽ دلبر به هڪ ئي هو. جيئن چوندا اهن ته ”وَريءَ کي واٽون ۽ ٿِڙيءَ کي ٿاٻا“، انهيءَ مصداق هن فقير جي به وراڻ ٿي ۽ الاهي واٽ اوچتي هٿ اچي ويس، جنهن هن کي صحيح معنيٰ ۾ انسان بنايو ۽ حيات جاودان بخشي.

 - غلام نبي ميمڻ

[مقالو: ”مهراڻ“ نمبر 3، سال 1967ع، ص 150-151]

 

محمد فقير کٽياڻ

 ڪافي

 

وڃ وڃڻ کي ويڙهه وحدت ۾ ورڻ وائي نه وار

وک وڌائي ويهه مَ وچ تي، ورق ويسر جا وسار

 

وڃ وطن تي واڳ واري واٽ ويراڳي وٺي

وهت ويساهه کان سوا ٻي وهم جي آهي ونگار

 

وه وظيفا ورد داري وقت سڀ واجب وڃاءِ

وير وارث ويجهڙي کي وندر جي وتي م وهار

 

”ونحن“ واري ويڙهه رهجي وصل جو جوڙي وٿاڻ

وحده واحد وجودي ”وجه الاهي“ ٿي ويچار

 

واءِ وصالي ٿي وکايو وير سوئي واهرو

ست ”محمد“ موج مهري وٿي م ويڇي وار وار.

 

[”يادِ رفتگان“، ص 124]

 

 

محمد خان ولد حيدر خان کٽياڻ عرف محمد فقير کٽياڻ جي ولادت 1876ع ۾ ٿي. پاڻ ڳوٺ سليمان خان کٽياڻ تعلقه هالا جو باشندو هو. کٽياڻ افغانستان کان سنڌ ۾ آيا. ٽالپورن کين فوج ۾ کنيو. سندن بهادري ۽ ڪاميابيءَ تي کين جاگيرون به مليون. محمد خان ڪجهه وقت خانگي نوڪري به ڪئي، پر نيٺ دنيا کي ترڪ ڪري فقير بنجي ويو. فقير صاحب فقيري ۾ جيڪو رنگ ڍنگ اختيار ڪيو اُن جو مجدد پاڻ ئي هو. نچندي، ڳائيندي وڄائيندي سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ توحيد جي موج مچائي ڇڏيائين. فقير صاحب شاعري ۾ به هڪ نئين طرز اختيار ڪئي، جا نه اڳ هئي نه پوءِ ئي آهي. فقير صاحب سنڌي، سرائڪي، اردو، هندي، فارسي ۽ عربيءَ ۾ چڱو ماهر هو. سخي قبول محمد سندس ڪلام ٻڌي پيشاني چمندو هوس. چوندو هو ته ”ان ڪوناري کي چمان ٿو جنهن مان هي سخن پچي نڪتا آهن“. فقير صاحب سدائين سربرهنه رهيو، جيئن تصوير ۾ ظاهر اهي ۽ چوي ٿو:

عاشق اصل اويسي، وحدت وصال ويسي،

مشهور ٿيو مهيسي، ”محمد“ مٿي اگهاڙو.

مون (طالب الموليٰ) کي قبله والد صاحب جن ان طرف دعوتن تي موڪليو هو. جڏهن سليمان کٽياڻ جي ڀرسان دعوت تي پهتس ته فقير صاحب اچي ڪجهه وقت لاءِ پاڻ وٽ وٺي آيو هو. جڏهن فقيري اختيار ڪيائين ته ”محمد فقير کٽياڻ“ مشهور ٿيو. ان کان پوءِ ”فقير صاحب“ ڪنهن جي به زبان مان نالو نڪرندو آهي ته سمجهبو آهي ته ”محمد فقير“ بابت ڳالهه ٿئي پئي. فقير باضمير باتوقير هو. ادب، شاعري، تهذيب، اخلاق ۽ تميز جو مالڪ پڻ. گفتگو رعبدار ۽ باوقار هوندي هيس. مرشدنا قبله والد صاحب جن مون کي به وٽس موڪليندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته ”ماٺ ۾ وڃبو ۽ ماٺ ۾ موٽبو. فقير صاحب سوال پڇي ته جواب ڏيو“ ۽ ايئن ئي ڪبو هو. فقير صاحب جو انتقال 4- فيبروري 1941ع تي ٿيو.

مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“

[”ياد رفتگانِ“، ص 122-123]

 

سانوڻ فقير

بيت

 

ماڙيءَ چڙهيو مارئي، ٿي ڪري ڪيهون قريبن،

ڪرڙ ڪڪوريا، ڪنڊا موريا، ڦر جهليا ڦوڳن

ڪُونڀٽ، کِيريون، ٻاوُر، ٻيريون، وڻ ڇانيا ونگن

چڀڙوليون، ٿيون ڀليون، پَٽ وٺيو پکڙن

راجا رانيو، ملڪ ڇانيو، کِڙي کاٽونبن

گرڙ گوساٽا، ٿيا گهاٽا، جتي منڊل ڪيا مينهن

ٿٻا ٿرن ۾، باغ برن ۾، منهنجون ساتاريون سونهن

وُٺي ويچاريون، ڄاپن ڄاريون، لَس لياريون لهڪن

ويڙها ولين ڇانئيا، گس به گولاڙن

لُلر لاڻي، پلر پاڻي، پٽ پهنواريون پين

ٿر ٿوهر، ملڪ موهر، اٿئي ساڻيهه سنگهارن

گذر جني جو گوڙ تي، سي ساڳ مٿي سرچن

ڪيون ڪينجهر ڪنڌئين، وانڍيون ويڙهيچن

جهانگين مٿي جهڙڦڙ لائي، آڻي اوهيرن

سڪ جني جي، سانوڻ چئي، سي مارو مانَ ملن

هِت ڏاهيون ڏُک ڏسن، هُت سَتيون سِڪن سهاڳ کي.

 [نڙ جا بيت، ص 76]

 

هڪ روايت موجب سانون فقير جي پيءُ جو نالو ڪارو هو، جو تعلقي بدين ۾ ’ڪَڍڻ‘ لڳ ’پَني‘ جو ويٺل هو. ٻيءَ روايت موجب سانوڻ، جيئو، جلال ۽ سِلوُ پاڻ ۾ چار ڀائر هئا. اوائلي دَور ۾ سانوڻ تيرهن سال ڳوٺ مراد خان ٽالپور ۾ شاعر محمد خان ٽالپور وٽ ويٺل هو. مرحوم بنگل فقير لغاري (ويٺل لڳ ٽنڊو غلام حيدر، تعلقو ماتلي) اسان کي خاطري سان خبر ڏني ته: سانوڻ، ڳوٺ سعيد خان جمالي (تعلقي ماتلي) ۾ خود سعيد خان جي اوطاق تي وفات ڪئي. قاصي الله ورايي جي روايت موجڪب ’فتح باغ‘ (تعلقي ماتلي) ۾ وفات ڪيائين. وفات بعد سندس پنهنجي وصيت موجب سندس جنازو کڻي وڃي ’اوٽي وارن پيرن جي مقام‘ (ماتلي ۽ ٽنڊي غلام علي جي وچ ۾) ۾ دفنايائون، جتي سندس قبر موجود آهي. سندس وفات اندازاً 1935ع ڌاري واقع ٿي.

بنگل فقير لغاري خبر ڪئي ته سانوڻ پڪو مڙس هو جو شاعر ٿيو؛ ڪي ڪي اڇا به هئس، چيائين ته علي خان ڪورائي (ويٺل ڪوراين جو ڳوٺ، شهر ٽنڊي باگي کان هڪ ميل اتر طرف). عرس پڍاڻ (ويٺل شهبازي نوتڪاڻي، تعلقو ماتلي) ۽ خيرو لغاري (ويٺل اَڇاري جو، تعلقو ٽنڊوباگو) اڳ بيت ڏيندڙ هئا ۽ علي بخش جسڪاڻي ساڻن ڪاني وڄائيندو هو. سانوڻ جڏهن شاعر ٿيو ته انهيءَ ٻاريءَ سان گڏ پنهنجا بيت ڏنائين. پوءِ علي خان ڪورائي ۽ ٻين سانوڻ جا بيت ڏنا. انهن مڙني ۾ علي خان کي سانوڻ جو گهڻو گُن ياد هو.

 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

[نڙ جا بيت، س.ا.ب، مقدمو، 14-16]

 

تحقيق

 

دستخطن جي لِپيءَ ۽ ڀاشا جي شناخت نه ٿيڻ سبب ڪيترائي اَملهه دستخط ائين ئي رُليو وڃن. پراڻن دستخطن مان پڙهڻيون حاصل ڪرڻ مان اسان جو مطلب هڪ اهڙي مقبول، قابليت ڀري ۽ وگيانڪ ڍنگ واري ڪوشش سان آهي، جنهن سان ڪنهن هٿ لکيل ليک يا گرنٿ ۾ مهيا سامگريءَ جي چونڊ ڪري، اُن کي ڪنهن دستور تي بيهاري، موُل (اصل) پراچين گرنٿ تائين پهچجي. صحيح پڙهڻيون ڪڍڻ ۽ مول  پراچين گرنٿ تائين پهچڻ جي اها ڪوشش اوتري ئي وڌيڪ سڦلي ٿيندي، جيترا اسان وٽ واسطيدار دستخط جا وڌيڪ نقل موجود هوندا. انڪري ڪنهن به دستخط تي ڪم ڪرڻ وقت اسان جي پهرين ڪوشش اِها هئڻ گهرجي، ته اُن دستخط جا وڌ ۾ وڌ نقل هٿ ڪرڻ لاءِ جاکوڙيون. ڀارت ۾ يورپي ودوانن ۽ پڻ بعد ۾ ڏيهي ودوانن اَٿڪ ڪوششون ڪري، وڏا ڪشالا ڪڍي، پراچين گرنٿن جون فهرستون وغيره مهيا ڪيون آهن. ان قسم جون ڪوششون سنسڪرت، پالي ۽ ٻين ديسي ڀاشائن لاءِ ٿيون آهن. شري آئوفريڪٽ جي تيار ڪيل سنسڪرت دستخطن جي فهرست اِن ڏس ۾ ذڪر جوڳي آهي. اِن کيتر ۾ سروليم جونس، جي بولر، وليم ٽيلر، جي.ايس.نيسفيلڊ وغيره مغربي کوجنيڪن ۽ آر.جي. ڀنڊارڪر، هرپرساد، شاستري، رشيڪيش شاستري وغيره ڀارتي ودوانن جا نالا ذڪر لائق آهن.

سنڌي ڀاشا ۾، اِن اهميت واري کيتر ۾، اڃا تائين گهڻي ڪوشش نه ورتي ويئي آهي. ائين ته ڊاڪٽر دائودپوٽي جي تاليف ڪيل ”شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام“ ۾ ”بيان العارفين“ جي مير دريائي ٺٽويءَ واري قلمي نسخي  ۽ عبدالرحمان بن محمد ملوڪ، ڪاٺ ٻانڀڻ واري قلمي نسخي ۽ مخدوم عبدالصمد، حاجي محمد نورنگ پوٽي ۽ مرزا قليچ بيگ وارن ڇاپي نسخن جو ڪجهه وچور سان بيان آهي. ساڳئي وقت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تاليف ڪيل ”شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام“ ۾ به ”منهاج المعرفت“ ۽ ”سنڌي رسالي“ وارن قلمي نسخن جو تفصيل سان بيان ڏنو ويو آهي، پر انهن مول ڪتابن جو مرڪزي مقصد انهن شاعرن جي ڪلام کي پڌرو ڪرڻ جو رهيو آهي. دستخطن بابت اِهي بيان فقط حوالي طور آيا آهن. وڏي ڳالهه ته انهن شاعرن جي ڪلام جا ايترا نسخا اڃا تائين دستياب ٿيا به نه آهن، جن تي ڌار ڪئٽلاگ واري طرز تي ڪو ڪتاب لکيو وڃي. تازو ئي ٻڌو اٿم ته سنڌ ۾ ان قسم جو هڪ ڪئٽلاگ ڇپيو آهي. کوجنا جي اِن اهم شاخ هاڻي سنڌي محققن جو ڌيان ڇڪايو آهي. ڊاڪٽر بلوچ جو ”شاهه  جي رسالي جا سرچشما“ به ان ڏس ۾ هڪ اميد افزا ڪوشش آهي، جنهن ۾ هن صاحب سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي ايڪٽيهن قلمي نسخن ۽ تيرهن ڇاپي نسخن جي وچور- وار فهرست مهيا ڪئي آهي. اُن ۾ لڳ ڀڳ سنه 1800ع ۾ ميين اسماعيل جي گڏ ڪرايل ’گنج‘ کان وٺي عيسوي 1863 ۾ پنهل فقير جوڻي جي لکيل قلمي نسخن ۽ 1866ع ۾ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي ڇپايل رسالي کان وٺي، عيسوي 1900 ۾ ڇپيل عبدالله سومري واري ڇاپي تائين، شاهه جي رسالي جي مڙني چوئيتاليهن قلمي ۽ ڇاپي رسالن جو تفصيل وار بيان آهي. اِهو ڪتاب سنڌيءَ ۾ هڪ يگاني ڪوشش آهي، جو آئيندي ۾ شاهه جي بيتن جي پڙهڻين تي ڪم ڪندڙن لاءِ گهڻو مددگار ٿيندو.

- هيرو ٺڪر

(”تحقيق ۽ تنقيد“، دهلي، 1997ع، ص 33-34)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com