سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006(1)

 

صفحو :12

مهدي شاهه

سُونهان سُڌيون ڏِينِ.....

(”اَبڙو وَڏ وَڙو“ تي اڀياس جي وراڻي)

”مهران“ (سيارو 2005ع) ۾ دين محمد ڪلهوڙي پاران لکيل ”ابڙو وَڏ وَڙو“ (هڪ اڀياس) نالي ليک ڇپيو آهي، جنهن ۾ ڪلهوڙي صاحب تاريخ لکندي واقعن، دَورن يا ڪيفيتن پيش ڪرڻ وقت، مؤرخ لاءِ ذاتي پسند، ناپسند، مسلڪ يا نظريي کان ڪٽجي وڃڻ وارن اصولن جي پاسداري ڪرڻ لازمي قرار ڏنو آهي، پر ڪلهوڙي صاحب ڪتاب ”اَبڙو وَڏ وڙو“ جي اڀياس لکڻ وقت پنهنجي پاران مقرر ڪيل اصولن جي پاسداري ڪرڻ بجاءِ هڪ انتهاپسند ذات پرست جي حيثيت ۾ سخت جذباتي رد عمل جو مظاهرو ڪيو آهي. تاريخ يا تنقيد جي اصولن کان هٽي، ذاتي پسند، ناپسند ۽ ذات پرستيءَ وارن بنيادن تي لکيل سندس هن مخالفانه ليک کي تنقيدي اڀياس چئي نٿو سگهجي. ڪلهوڙي صاحب هن ليک ۾ راقم کي ڪيترين ئي اهڙين ڳالهين لکڻ جو ذميوار قرار ڏنو آهي، جيڪي مون پنهنجي ڪتاب ۾ ڪٿي به ڪونه لکيون آهن. انهيءَ کان سواءِ ڪلهوڙي صاحب ڪنهن تاريخي دليل ڏيڻ کان سواءِ مقامي سنڌي قبيلن (ابڙن، پنهورن ۽ سانگين) جي ڪردار کي مغل حاڪمن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ واري محدود سوچ ۽ ڪلهوڙن جي ڪردار کي روشن مستقبل لاءِ وطن دوست پروگرام سڏيو آهي. اصل حقيقتن کان هٽيل، هڪ ذات پرست ڪلهوڙي جي حيثيت ۾ سندس قائم ڪيل اهڙي بي بنياد ۽ جانبدار راءِ سبب کيس مؤرخ، محقق، نقاد يا ليکڪ سڏڻ بجاءِ آءٌ هتي رڳو ”ڪلهوڙو صاحب“ ئي سڏيندس.

ڪلهوڙو صاحب پاڻ ته ذات پرستيءَ واري خول منجهان نڪري نه سگهيو آهي، پر هن ذات پرستيءَ جي ترغيب ڏيندي مون لاءِ هي بهلکيو آهي ته، ”مهدي شاهه سيد خاندان جو سيد زادو ٿي ڪري، سماٽ قبيلي جي عقيدت ۾ ايترو ته مدغم ٿي ويو آهي، جو پنهنجو مرشديءَ وارو رتبو به کانئس وسري ويو آهي.“ (ٽ.م ”مهراڻ“ سيارو 2005ع، ص 177). ڪلهوڙي صاحب کي شايد اهو معلوم نه آهي، ته سيد ته صديون اڳ ذات پات ۽ اوچ نيچ جي فرق کان سواءِ سيد حيدر شاهه سنائيءَ جي روپ ۾ سمن جو ”مريد ۽ خليفو“ ٿي رهيو آهي، دنيا جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شڪل ۾ سماٽن جي ڳُڻن کي ڳايو آهي. نه رڳو ايترو پر سيد ته سماٽ دشمن قوتن خلاف، سماٽن (ابڙن) پاران وڙهندي مٿن سَرَ به قربان ڪري چڪا آهن. (ٽ.م.2-1995، ص 32/33) انهيءَ ڪري ڪلهوڙي صاحب 622 صفحن کي ”ممدوح خاندان“ جي ساراهه سڏيو آهي، اها ساراهه حيدرشاهه سنائي ۽ شاهه لطيف جي تخم جو تاثير آهي. ڇالاءِ ته ”تخم جو تاثير ۽ صحبت جو اثر“، ٻيئي اڻٽر شيون آهن.

ڪلهوڙي صاحب پنهنجي ليک ۾ ”اَبڙو وَڏ وَڙو“ جي صفحي نمبر 22، 23، 359، 362، 244، 245، 246 ۽ 17 جا حوالا نقل ڪيا آهن. ذڪر ڪيل صفحن جي حوالي سان نقل ڪيل بيانن منجهان 246 صفحي جي حوالي سان ڪيل ڳالهه جو رڳو مقصد بيان ڪيو ويو آهي، باقي صفحن جي حوالن سان آندل بيانن کي ۽ [واڪ جي نشانين] ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ڪنهن به مؤرخ، محقق يا ليکڪ جي لفظن کي ’انورٽيڊ ڪاماز‘ [واڪ جي نشانين] ۾ پيش ڪرڻ جو اهو مطلب هوندو آهي، ته اُهي لفظ بيهڪ جي نشانين سميت، حوالا ڏنل  صفحن تي متعلقه ڪتاب، رسالي يا اخبار ۾ بلڪل اهڙيءَ طرح موجود آهن، جيئن هتي نقل ڪيا ويا آهن. پر ڪلهوڙي صاحب، ”اَبڙو وَڏ وَڙو“ جي حوالي سان صفحي نمبر 22 ۽ 359 تان نقل ڪيل بيانن کي رڳو پنهنجي مطلب جي حاصلات لاءِ ڪاٽ ڪوٽ ڪري پيش ڪيو آهي. نه رڳو ايترو، پر ڪلهوڙي صاحب پنهنجي پاران، مون مٿان ڌُر بڻجي، ڪنهن جي اشاري تي ”اَبڙو وَڏ وَڙو“ تصنيف ڪرڻ جو الزام مڙهڻ لاءِ ڪتاب جي مهاڳ منجهان صفحي نمبر 17 جي حوالي سان نقل ڪيل بيان ۾، هڪ طرف لفظن جي شڪل بدلائي آهي، ته ٻئي طرف پنهنجي پاران لفظن جو واڌارو پڻ ڪيو آهي. جيئن اصل بيان آهي، ته ”سنڌ تي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڌاريا قابض رهيا آهن ۽ ملڪ (سنڌ) جي فتح کان پوءِ انهن سنڌ جي تاريخ پنهنجي مفادن کي آڏو رکي لکي آهي.“ (ا.و.و، ص 17)

ڪلهوڙي صاحب مٿئين بيان جي آخري حصي کي نقل ڪرڻ وقت هن طرح آندو آهي. ”انهن سنڌ جي تاريخ پنهنجي مفادن کي آڏو رکي لکرائي آهي.“ (ٽ.م. سيارو 2005ع، ص 181)

ڪلهوڙي صاحب، ”لکي“ لفظ کي ”لکرائي“ لفظ ۾ تبديل ڪرڻ کان پوءِ، ذڪر هيٺ بيان ۾، ”فتح نامه عرف چچ نامه، تاريخ معصومي، تاريخ طاهري، بيگلارنامه، ترخان نامه، تحفة الڪرام وغيره اهي سڀئي تاريخون اشاري تي لکيون ويون آهن.“ لفظن جو پنهنجي پاران واڌارو ڪري ڇڏيو آهي. (ڏسو: ٽ.م. سيارو 2005ع، ص 181)

جڏهن ته ”اَبڙو وَڏ وڙو“ جي مهاڳ ۾ راقم ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جي راءِ سان سهمت ٿيندي لکيو آهي ته، ”سنڌ بابت لکيل تاريخ جي بنيادي ماخذن کي آڏو رکڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته مٿينءَ راءِ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي. ڇالاءِ ته سنڌ جي تاريخ جا سمورا بنيادي ماخذ ڌارين ۽ درٻاري تاريخدانن جا لکيل آهن. سنڌ جي اهڙن بنيادي تاريخي ماخذن ۾ هنن ڪتابن کي شمار ڪيو وڃي ٿو:

1. فتح نامہ سنڌ عرف چچ نامہ، مترجم فارسي علي بن حامد ڪوفي (613هه/17-1216ع)

2. تاريخ سنڌ عرف تاريخ معصومي، مصنف مير معصوم بکري  (1009هه/1600ع)

3. تاريخ طاهري، مصنف: محمد طاهر نسياني ٺٽوي (1030هه/1621هه)

4. بيگلارنامه، مصنف: ادراڪي (1035هه/1625ع)

5. ترخان نامه، مصنف: سيد مير محمد ٺٽوي (1065هه/1654ع)

6. تحفة الڪرام، مصنف: مير علي شير قانع (1181هه/1767ع)

مٿيان تاريخي ماخذ ئي هن وقت تائين سنڌ جي تاريخ جا بنيادي ۽ اهم ماخذ پئي ليکيا ويا آهن.“ (ا.و.و، ص: 17)

مون اهو ڪٿي به ڪونه لکيو آهي ته، ”اهي سڀئي تاريخون اشاري تي لکيون ويون آهن.“ ته پوءِ، تاريخ، تحقيق يا تنقيد جي ڪهڙن اصولن ۽ قاعدن تي هلندي ڪلهوڙي صاحب پرائي بيان ۾ لفظن کي ڦيرايو آهي ۽ پنهنجي پاران وڌائي پيش ڪيو آهي؟

ڪلهوڙي صاحب اهڙن غير صحتمند عملن کان سواءِ، ”اَبڙو وَڏ وَڙو“ خلاف لکيل پنهنجي مخالفانه ليک ۾ اهڙيون ڳالهيون به مون مٿان مڙهيون آهن، جيڪي مون ڪتاب ۾ لکيون ئي ڪونه آهن. جيئن ڪلهوڙي صاحب لکيو آهي ته، ”ليکڪ مهدويت کي سهروردي وانگر ”طريقو“ سمجهيو آهي، تنهنڪري مونجهاري جو شڪار بڻجي غلط نتيجو اخذ ڪيو اٿس. سندس درست معلومات لاءِ گذارش ٿي ڪجي ته سيد ميران محمد جونپوريءَ جو طريقو ”سهروردي“ هو. ”مهدوي“ طريقو نه پر هڪ تحريڪ جو نالو آهي.“ (ٽ.م. سيارو، 2005ع، ص 181)

ڪلهوڙي صاحب اهو نه ڄاڻايو آهي ته مون ڪتاب جي ڪهڙي صفحي تي مهدويت کي سهرورديءَ وانگر طريقو لکيو آهي. مون ”اَبڙو وَڏ وَڙو“ ۾ صفحي نمبر 146 کان 159 تائين، ”سيد ميران محمد مهدي جونپوري ۽ ان جي تحريڪ“، ”سنڌ ۾ ميران جا مريد“، ”سيد ميران جي سنڌ ۾ مخالفت، نيڪالي ۽ ان جا سبب“ عنوانن هيٺ ”مهدوي تحريڪ“ جو ذڪر ڪيو آهي. ڪتاب جي 246 صفحي تي مون پنهنجي پاران هي لفظ لکيا آهن ته، ”ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي دَور ۾”جونپور“ هندوستان جي بزرگ سيد ميران محمد (جيڪو پاڻ کي ”مهدي موعود“ سڏائيندو هو)، سنڌ ۾ 18 مهينا رهي، پنهجي ”مهدوي فڪر“ جي تبليغ ڪئي هئي.“ ساڳئي صفحي تي حوالي نمبر 140 ۽ 141 طور پيش ڪيل ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جي بيانن ۾ ”مهدوين ۽ سهروردين ۾ سخت ڇڪتاڻ“ ۽ ”مهدوي فرقي ۽ سهروردي بزرگن جي فڪري تصادم“ وارا لفظ استعمال ٿيل آهن. (ا.و.و، ص 246)

”اَبڙو وَڏ وَڙو“ ۾ مون ڪٿي به ”مهدوي طريقو“ جهڙا الفاظ ڪونه لکيا آهن، نه ئي اهڙي قسم جي ڪا ڳالهه ڪئي آهي، جنهن منجهان اهڙو تاثر پيدا ٿئي ته ”مهدوي طريقو“ آهي. ڪلهوڙي صاحب جي معلومات لاءِ عرض ته ”مهدوي تحريڪ“ ۽ ”سهروردي طريقي“ جي وچ ۾ فرق بابت درست معلومات جي ضرورت مون کي نه، پر خود کيس ۽ سندس چواڻي ڪلهوڙا دَور تي تحقيق ڪندڙ باوقار عالم، ڊاڪٽر پروفيسر غلام محمد لاکي کي آهي. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر لاکي Ph.D جي ڊگريءَ لاءِ منظور ٿيل تحقيقي مقالي، المعروف ”ڪلهوڙا دور حڪومت“ ۾ لکيو آهي ته، ”هن خاندان جو باني آدم شاهه  ڪلهوڙو ”مهدوي“ طريقي جو پوئلڳ هو.“ (ڪ.د.ح، ص 352)

ڪلهوڙن کي مهدوي سڏڻ واري دعويٰ:

ڪلهوڙن جي ”مهدوي“ هجڻ يا نه هجڻ واري سوال جي جواب ۾ ”اَبڙو وَڏ وَڙو“ ۾مفصل ۽ مدلل بحث ڪيو ويو آهي. هن سلسلي ۾ تاريخ سنڌ، ڪلهوڙا دَور، جلد پهريون (سنڌي) صفحي نمبر 125 جي حوالي سان غلام رسول مهر جي بيان جو حوالو ڏنل آهي، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته، ”ڪلهوڙا خاندان جي سموري تاريخ مان مون کي اهڙو ذري جيترو به اشارو ملي نه سگهيو، جنهن مان گمان پيدا ٿي سگهي، ته هي ماڻهو سيد محمد جونپوريءَ کي ”مهدي موعود“ مڃيندا هئا يا ”مهدويت“ جي جهڳڙن ۾ ذري ماتر دلچسپيءَ جو به اظهار ڪيو هئائون.“

انهيءَ کان سواءِ مون ”اَبڙو وَڏ وَڙو“ ۾، قريشي حامد علي خانائيءَ پاران، ”سيد حسين محمودي“ جي حوالي سان مهراڻ 3- 1971ع، ص 178/177 تي بيان ڪيل، شيخ صدرالدين ۽ مهدي جونپوريءَ جي ملاقات ۽ گفتگو جو احوال پيش ڪيو آهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته سيد ميران محمد جي ”مهدوي دائري“ ۾ شامل ٿيڻ وارا سندس ”مهدي موعود“ هجڻ واري دعويٰ جي تصديق ڪندڙ هئا. (ا.و.و، ص 156-157-247-248 ۽ 251)

سيد ميران محمد جونپوريءَ متعلق تاريخ جي مواد ۽ ڪلهوڙن متعلق ٿيل تحقيق واري مواد جي مطالعي منجهان هڪ طرف اهو ڏس ملي ٿو ته سيد ميران محمد جي ”مهدوي دائري“ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ، سيد ميران محمد جي ”مهدي موعود“ هجڻ واري دعويٰ جي تصديق ڪرڻ لازمي هو. ٻئي طرف ڪلهوڙا دور تي تحقيق ڪندڙ وڏي ۾ وڏو محقق غلام رسول مهر حتمي راءِ ڏيندي وثوق سان اها ڳالهه ڪري ٿو ته ڪلهوڙن جي سموري تاريخ مان ڪو ذري جيترو اشارو به نه ملي سگهيو آهي، جنهن منجهان معلوم ٿي سگهي ته ڪلهوڙا سيد محمد جونپوريءَ کي ”مهدي موعود“ مڃيندا هئا يا ”مهدويت“ جي جهڳڙن ۾ ڪلهوڙن ذري ماتر دلچسپي ڏيکاري.

”تحفة الڪرام“ ۾ به مير علي شير قانع پنهنجن لفظن ۾سيد ميران محمد مهدي جونپوري لکيو آهي. (ص، 256 ۽ ٻيا) ڪلهوڙن ڪٿي به پنهنجي پاران سيد ميران محمد جونپوريءَ جي نالي ۾ ”مهدي“ لفظ استعمال نه ڪيو آهي. خود ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي تصنيف، ”منشور الوصيت و دستورالحڪومت“ (فارسي) ۾، ”سيد ميران محمد جونپوري که پيرومرشد مايان است، هم بر طريقئه مذکور بود“، لکيل آهي (ص 15). هتي به رڳو سيد ميران محمد جونپوري لکيل آهي ۽ ”مهدي“ لفظ لکيل ڪونه آهي. ته پوءِ، ڪلهوڙي صاحب جي اها راءِ ته تاريخ مظهرشاهجهانيءَ ۾ ”مهديجا شيخ“ ڪلهوڙن ڏانهن ئي واضح اشارو آهي، ڪهڙي بنياد تي تسليم ڪجي؟ اهڙي اشاري جي ڳالهه ڊاڪٽر غلام محمد لاکي پڻ ڪئي آهي. (ڪ.د.ح، ص 92)

گڏوگڏ، ڪلهوڙي صاحب ۽ ڊاڪٽر لاکي چواڻي ”مظهرشاهجهاني“ ۾ ذڪر ٿيل ”ڪوٽلي“ نالي شهر اڏيندڙ شاهه عليءَ لاءِ استعمال ٿيل فارسي لفظن، ”شاهه علي کہ شيخمردم ابره است و مهديجہ خود را مي نامد“ جو ترجمو: ابڙن جو مرشد شاهه علي، جيڪو مهديجو سڏائي ٿو، کڻي مڃجي به، ته به انهيءَ ڳالهه جو ڪهڙو دليل ۽ ثبوت آهي، ته اهو شاهه علي مهديجو، ”ميان شاهل محمد ڪلهوڙو“ آهي؟ ڇا ڊاڪٽر لاکو ۽ ڪلهوڙو صاحب، پير حسام الدين راشديءَ کان وڌيڪ فارسي ٻوليءَ جا ڄاڻو ۽ ماهر آهن؟ ڇا هي صاحبان فارسي زبان تي راشدي صاحب کان وڌيڪ دسترس رکن ٿا؟ جيڪڏهن سندن جواب ’ها‘ ۾ آهي ته پوءِ سندن اها راءِ مڃڻ لاءِ سوچي سگهجي ٿو. پر جيڪڏهن سندن جواب ’نه‘ ۾ آهي ته پوءِ کين ”تاريخ مظهرشاهجهاني“ (فارسي) جا هي صفحا به مطالعي هيٺ آڻڻ کپن، جن صفحن تي پير حسام الدين راشدي، ”قسم اول منجهان تاريخ سنڌ جو مواد“ پيش ڪندي لکيو آهي ته:

ابڙا کي ايک زميندار مير نامي ني چنڊوکه کي پرگني مين ايک بهت بڙي اور کشاده نهر نکلوائي، جو دريا سي پاني لاکر ان علاقون اور ويرانون مين پهنچاتي تهي، جن مين کبهي آبادي نهين هوئي تهي اور نه کبهي وهان زراعت هوتي تهي. انهين ويران علاقون کو شاداب اور سرسبز بناني کي بعد وهان نئي نئي شهر بسائي گئي. مثلاً مير خان ابڙي ني ”جوکي هرني؟“ اور مَنڻَهه آباد کئي. ’پوپڻي‘ ننده ابڙي ني آباد کيا، اور ’کوتلي، شاهه علي ابڙي کا آباد کيا هوا تها“.؟ مقدمه، 59/58)

مٿئين بيان ۾ پير حسام الدين راشدي ”ڪوٽلي“ نالي شهر اڏيندڙ شاهه علي کي شاهه علي ابڙو سڏيو آهي. راشدي صاحب شاهه علي مهديجي کي نه ئي ابڙن جو مرشد سڏيو آهي ۽ نه ئي کيس ”مظهرشاهجهاني“ جي ”مهديجا شيخ“ لفظن منجهان ڪلهوڙن بابت ڪو اشارو نظر آيو آهي. پوءِ ڪلهوڙي صاحب ۽ ڊاڪٽر لاکي صاحب کي الائجي ڪيئن اهڙا اشارا واضح ۽ چٽا ڏسجڻ ۾ اچن ٿا. معلوم نه آهي ته کين اشارن سمجهڻ جي اهڙي ڪهڙي مهارت آهي، جو ”اَبڙو وَڏ وَڙو“ جي تصنيف پٺيان به کين اشارو نظر اچي ٿو ته ”مهديجا شيخ“ لفظن منجهان به کين ڪلهوڙن ڏانهن اشارو نظر اچي ٿو. تاريخ سکر جي مصف رحيمداد خان مولائي شيدائيءَ به تاريخ مظهرشاهجهانيءَ جي ”مهديجا شيخ“ لفظن تي ڀلجي راءِ ڏني آهي ته، ”جن ماڻهن مهدوي دعوت قبول ڪئي هئي، سي ”مهديجا“ ڪوٺبا هئا، جنهن ۾ ابڙا ۽ ڪلهوڙا تعداد ۾ وڌيڪ هئا.“ (ت.س، ص 70)

ڪلهوڙن بابت غلام رسول مهر جي راءِ پيش ڪري چڪا آهيون، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪلهوڙن سيد جونپوريءَ کي نه ته ”مهديموعود“ مڃيو هو، نه ئي ”مهدويت“ جي جهڳڙن ۾ سندن دلچسپي رهي.

”تاريخ مظهرشاهجهاني“ ۾ ذڪر هيٺ آيل قبيلن ۾ ابڙا تمام وڏي تعداد ۾ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ موجود ملن ٿا. مذڪوره تاريخ ۾  ڪلهوڙا نالي ڪوبه قبيلو سنڌ جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ موجود نظر نه ٿو اچي. تاريخ مظهرشاهجهاني 1044هه مطابق 1634ع ۾ مڪمل ٿي. (ت.ا.خ، ص 139) هن ڪتاب جي لکڻ واري سال کان 14 سال اڳ 1030هه مطابق 1620ع ۾ ميان الياس ڪلهوڙي وفات ڪئي. (م.و.د.ح،(س)، ص 61) ميان الياس جي وفات کان پوءِ ميان نصير محمد بن ميان الياس ۽ ميان شاهل محمد بن ميان دائود، ڪلهوڙا خاندان جي رڳو ٻن فردن جا نالا، ڪلهوڙن جي تاريخن ۽ شجرن ۾ موجود ملن ٿا. انهن سان گڏ انهن جي عورتن ۽ ٻارڙن جو تعداد پنجن کان اٺن ڀاتين تائين ٿي سگهي ٿو. يعني تاريخ مظهرشاهجهاني جي لکجڻ تائين ڪلهوڙن جو وڌ ۾ وڌ تعداد ڏهاڪو کن فرد هوندو. ڏهن فردن کي هڪ خاندان ته چئي سگهجي ٿو، پر ان تعداد کي گهڻائي يا قبيلو چئي نٿو سگهجي. مهديجا شخين کي تاريخ مظهرشاهجهانيءَ ۾ چانڊڪي پرڳڻي جي چوٿين قوم (قبيلو) لکيو ويو آهي. (ت.م.ش(س)، ص 120). مظهرشاهجهاني لکجڻ تائين ابڙا قبيلو پنهنجن ننڍن پاڙن سميت، نه رڳو چانڊڪي پرڳڻي پر سڄيءَ سنڌ ۾ هڪ وڏي تعداد ۾ موجود هو. انهيءَ ڪري چانڊڪا پرڳڻي ۾ ”مهديجا شيخن“ جو اهو چوٿون قبيلو به ”ابڙا“ ئي آهي- ڪلهوڙا نه، جيئن تاريخ سکر ۾ هڪ ٻيءَ جاءِ تي رحيمداد خان مولائي شيدائيءَ رڳو ابڙن لاءِ لکيو آهي ته، ”ابڙن نوان واهه کوٽرائي نوان شهر تعمير ڪيا. اُهي مهدوي هئڻ ڪري مهديجا ڪوٺبا هئا.“ (ت.س، ص 91) انهيءَ ڪري مولائي شيدائي به شاهه علي مهديجي کي شاهه علي ابڙو لکيو آهي. (ت.س، ص 59)

مولانا غلام رسول مهر تاريخ مظهرشاهجهاني بابت لکيو آهي ته، ”هي ڪتاب مغلن جي زماني ۾ سنڌ بابت معلومات جو عمدو ذخيرو آهي. جيتوڻيڪ ڪلهوڙن جي حالات بابت ماخذ طور هن ڪتاب جي  حوالي جي ضرورت ڪانه هئي، ليڪن ان جو ذڪر مون هن ڪري ڪيو جو انتظامي حالات جي تحقيق ڪندي مون هن ڪتاب کي به نظر مان ڪڍيو، ۽ ان وقت واري منظر بابت پنهنجي معلومات کي مڪمل ڪيو، جنهن ۾ ڪلهوڙن جو ظهور ٿيو.“ (ت.س.ڪ.د(س)، ص 31)

مظهرشاهجهانيءَ متعلق، غلام رسول مهر جي مٿينءَ راءِ مان معلوم ٿئي ٿو ته کيس هن ڪتاب منجهان نه ئي ڪلهوڙن جي حالات بابت ڪو مواد مليو نه ئي ڪو اهڙو اشارو مليو.

جيتريقدر ڳالهه آهي ڪلهوڙن ۽ سيد ميران محمد جونپوريءَ جي سهروردي طريقي يا سلسلي سان لاڳاپيل هجڻ جي، ته اُنهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته ”مهدي موعود“ واري دعويٰ کان پهرين سيد محمد جونپوري، سهروردي طريقي يا سلسلي جو هو. پر سيد ميران محمد مهدي جونپوريءَ جي زندگي ۽ حالات متعلق هن وقت تائين جيڪو مواد منهنجي مطالعي هيٺ آيو آهي، انهيءَ ۾ ڪوبه اهڙو مثال سامهون نه آيو آهي، جنهن جي آڌار تي اها ڳالهه مڃي سگهجي ته آدم شاهه ڪلهوڙي يا جن واسطن سان آدم شاهه جي نسبت سيد ميران محمد جونپوريءَ سان ڳنڍي وڃي ٿي، انهن رڳو سيد ميران محمد جونپوريءَ کان سهروردي سلسلي جي نسبت حاصل ڪئي هئي. غلام رسول مهر به مٿين ڳالهه رڳو ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي منشورالوصيت واري بيان جي آڌار تي ڪئي آهي. مولانا مهر، سيد محمد جونپوري ۽ ڪلهوڙن جي ”بيعت جي حيثيت“ بيان ڪندي لکيو آهي ته، ”هتي هي ضروري سوال پيدا ٿو ٿئي ته آيا هي سڀئي بزرگ، سيد محمد جونپوريءَ کي ”مهدي موعود“ مڃيندا هئا ۽ مهدويت جي بيعت ڪئي هئائون، يا فقط روحاني استفادي جو اهو طريقو اختيار ڪيو هئائون، جو تصوف جي سلسلن ۾ عام طرح رائج هو. شيخ الياس، قاضي قاضن ۽ مرزا شاهين بکريءَ متعلق ڪجهه به نٿو چئي سگهجي، مگر ڪلهوڙا خاندان جي نزديڪ هيءَ بيعت هئي، ۽ سيد محمد جونپوري غالباً سهروردي طريقي جي بيعت وٺندو هو.“ (ت.س.ڪ.د،(س) ص 125/124)

مولانا غلام رسول مهر مٿئين بيان ۾ سيد ميران محمد جونپوريءَ پاران سهروردي طريقي ۾ بيعت وٺڻ واريءَ ڳالهه کي حتمي طور مڃيل ڳالهه ثابت ڪرڻ لاءِ ”يقيناً“ لفظ استعمال ڪرڻ بجاءِ ”غالباً“ لفظ ڪتب آندو آهي، جنهن مان ڪنهن به طرح اهو ثابت نٿو ٿئي ته ڪلهوڙا سيد ميران محمد جونپوريءَ جا رڳو سهروردي سلسلي ۾ دست بيعت هئا. خود ڊاڪٽر غلام محمد لاکي، ”سمن جي سلطنت“ ۾ مهدوين ۽ سهروردين جي ڇڪتاڻ، هڪٻئي جي رد ۾ ڪتاب تيار ڪرڻ جون ڳالهيون لکيون آهن. هن هي پڻ لکيو آهي ته ”سمن جي زوال ۾ مهدوي فرقي ۽ سهروردي بزرگن جي فڪري تصادم کي به وڏو دخل حاصل رهيو آهي.“ (س.ج.س، ص 89-90-95)

هاڻي جڏهن خود ڪلهوڙن جا محقق اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪو به دليل پيش نٿا ڪري سگهن، جنهن منجهان اهوثابت ٿئي ته ڪلهوڙا سيد ميران محمد جونپوريءَ کي ”مهدي موعود“ مڃيندا هئا، ۽ هو مهدويت جي جهڳڙن ۾ حصيدار رهيا، يا سندن پيش ڪيل ڪنهن دليل مان ظاهر ٿئي ته سيد ميران محمد مهدي جونپوري سهروردي طريقي ۾ بيعت وٺندو هو، ته پوءِ اهو فيصلو ڪيئن ڪجي تهڪلهوڙن جي سيد ميران محمد مهدي جونپوريءَ سان مهدويت واري نسبت هئي يا رڳو سهروردي سلسلي واري نسبت هئي؟

مهدوي تحريڪ جا اصول ۽ ڪلهوڙن جو عملي ڪردار:

ڪلهوڙي صاحب لکيو آهي ته، ”ڪلهوڙن جي وڏي ميان آدم شاهه ميران محمد مهدي جونپوريءَ جي نسبت سان سنڌ ۾ مهدوي تحريڪ جو بنياد رکيو هو.“ (ٽ. م، سيارو، 2005، ص 181)

* ”مهدوي“ طريقو نه پر تحريڪ جو نالو آهي، جيڪا ميان آدم شاهه جي سرواڻيءَ ۾ سنڌ جي سورهيه قبيلن مغلن جي خلاف هلائي. (ٽ.م، سيارو 2005ع، ص 181)

* ”جڏهن سنڌ مغل دَور ۾ ظلم جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهي هئي، تڏهن هتان جي وطن دوست قبيلن ميان آدم شاهه ڪلهوڙي جي سرواڻيءَ ۾ ان جبر خلاف کليو کلايو اعلان ڪيو، ۽ ان تحريڪ جو مقصد هو سنڌ ۾ مغل راڄ ختم ڪري مقامي حڪومت قائم ڪرڻ.“ (ٽ.م. سيارو 2005ع، ص 178)

تاريخ متعلق تحقيق جي اصولن ۽ طريقن موجب چار سَو سال پراڻي آدم شاهه ڪلهوڙي جي انهيءَ تحريڪ متعلق، 1. همعصر دور جا پرائمري ۽ ثانوي ڄاڻ جا ذريعا (Primary & Secondary Resources)  موجود هجڻ کپن، جن ذريعن منجهان اهڙو مواد ملي سگهي. 2. دعويٰ ڪيل ڪلهوڙا دَور جي جانبدار توڙي غيرجانبدار ذريعن ۾ اهڙو مواد موجود هجڻ کپي. 3. ڪلهوڙن جي پنهنجي سرپرستيءَ هيٺ لکرايل تاريخن ۾ يقيني طور اهڙو مواد ملڻ کپي.

ميرمعصوم شاهه بکري، ميان آدم شاهه ڪلهوڙي جو نه رڳو همعصر هو پر ڪلهوڙي صاحب جنهن چانڊڪي پرڳڻي لاءِ لکيو آهي ته مغلن ڪلهوڙن جي طاقت کي ڪچلڻ ۽ ماٺو ڪرڻ واري مقصد ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ مجبور ٿي، چانڊين جو ڇڏي ويل چانڊڪو پرڳڻو، ٿوري مڃڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ واريءَ نيت سان ميان آدم شاهه ڪلهوڙي جي حوالي ڪيو. (ٽ.م. سيارو 2005ع، ص 179) اهو ساڳيو چانڊڪو پرڳڻو، ميان آدم شاهه ڪلهوڙي جي حياتيءَ ۾ ئي مغل شهنشاهه اڪبر پاران مير معصوم شاهه بکريءَ کي مليل جاگير جو هڪ حصو هو. (ت.م،ص: 294، م.م.ب،ص: 159، ت.م.ش(س) ص: 12)

”مير معصوم 1009هه/1600ع ۾ ”تاريخ معصومي“ تيار ڪئي، ليڪن پاڻ ميان جي تحريڪ يا شهادت بابت خاموش آهي.“ (ڪ.د.ح، ص: 88) شيخ فريد بکري، ميان آدم شاهه جو هموطن ۽ شاهي ملازم هو. شيخ فريد بکري پنهنجو ڪتاب ”ذخيرة الخوانين“ تحفة الڪرام (تصنيف: 1767ع) کان 120 سال اڳ (1647ع) ۾ لکيو. شيخ فريد بکري عبدالرحيم خان خانان جي سنڌ فتح ڪرڻ واريءَ مهم دوران مخدوم قاضي عثمان درٻيلوي، ميان وهيي، مخدوم نوح ۽ شيخ ڀرڪيي ڪاتيار وٽ وڃي دعا لاءِ اچڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، نه ئي آدم شاهه ڪلهوڙي جي تحريڪ يا خود آدم شاهه جو ڪو ذڪر ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح تاريخ طاهري، بيگلارنامه، مظهرشاهجهاني، ترخان نامه، يا ٻي ڪنهن به تاريخ ۾ ميان آدم شاهه يا انهيءَ تحريڪ جو ڪوبه ذڪر موجود ڪونه آهي.

خود ڪلهوڙن جي سرپرستيءَ هيٺ لکرايل تاريخ نامئه نغز، مصنف باغ علي خائف سنڌي 1155هجري، توڙي تحفة الڪرام، مصنف مير علي شير قانع ٺٽوي (1181هه/ 1767ع) ۾ به آدم شاهه ڪلهوڙي جي اهڙي ڪنهن تحريڪ جو ذڪر موجود ڪونه آهي. ”تحفة الڪرام“ ۾ آدم شاهه جي قتل جو سبب ڄاڻائيندي لکيو ويو آهي ته، ”ڏينهن گذرڻ ڪري جيئن مريد گهڻا ٿيا، تيئن زمين وڌائڻ جي ڪوشش ڪيائون. آخر زميندارن جي چرچ تي هو ملتان جي حاڪم هٿان شهيد ٿيو.“ (ت.ڪ.(س)، ص: 257)

مٿئين بيان منجهان ظاهر ٿئي ٿو ته:

1. آدم شاهه ڪلهوڙي جا مريد گهڻا ٿيا.

2. انهيءَ لاءِ زمينون وڌائڻ جي ڪوشش ڪيائون.

3. جنهن سبب زميندارن جي چُرچ تي ملتان جي حاڪم کيس قتل ڪيو.

مٿين ڳالهين منجهان ڪلهوڙي صاحب جي اها دعويٰ ڪٿي به ثابت نه ٿي ٿئي ته:

1. آدم شاهه ڪلهوڙي سنڌ ۾ مهدوي تحريڪ جو بنياد وڌو.

2. انهيءَ تحريڪ جي سرواڻي آدم شاهه ڪلهوڙي ڪئي ۽ سنڌ جا سورهيه قبيلا سندس سرواڻيءَ ۾ مغلن خلاف وڙهيا.

3. مغل راڄ جي خاتمي ۽ مقامي حڪومت جي قيام لاءِ آدم شاهه ڪلهوڙي جو ڪو ڪردار رهيو.

انهيءَ جي ابتڙ اهو معلوم ٿئي ٿو ته آدم شاهه جي مريدن (جيڪي ديراجات ۽ ٻين ويران علائقن سان تعلق رکندڙ سرائي بلوچ هئا) جو انگ وڌڻ لڳو ته هن انهن کي آباد ڪرڻ ۽ انهن جي کاڌ خوراڪ جي بندوبست  لاءِ چانڊڪي جي مقامي زميندارن جون زمينون قبضي ڪرڻ شروع ڪيون. جيئن لاکي صاحب ”هيگ“ جا لفظ بيان ڪندي لکيو آهي ته، ”آدم شاهه پنهنجي اعليٰ ڪردار ۽ غيرآئيني قدمن سبب شهرت حاصل ڪرڻ شروع ڪئي. هو ڪلهوڙن جي جماعت وٺي اتر اولهه سنڌ ۾ پهتو، اتي کيس پنهنجا هم خيال ملي ويا. هن چانڊڪا ۾ چانڊين کان زمينون کسي مريدن کي ڏنيون. ان ريت مظلومن ۾ ڪاوڙ جي لهر ڊوڙي وئي. ملتان کان ڪلهوڙن جي خلاف فوج موڪلي وئي. ميان آدم شاهه کي گرفتار ڪري ملتان وٺي ويا، جتي کيس ڦاسي ڏني ويئي.“ (ڪ.د.ح، ص: 85)

آدم شاهه ڪلهوڙي جي ڪردار بابت ڏيهي ۽  پرڏيهي محققن ۽ مؤرخن جا وڌيڪ رايا ڄاڻڻ کان پهرين، هاڻي اچو ته اهو جائزو وٺون ته سيد ميران محمد مهدي جونپوري جي ”مهدوي تحريڪ“ جا مقصد ۽ اصول ڪهڙا هئا؟ هن سلسلي ۾ سائين جي.ايم.سيد جو چوڻ آهي ته:

”جيستائين ماڻهو قيد وطن کان آزاد ٿي گهر ٻار جو سانگو لاهي، لڳ لاڳاپا ڇڏي مهدوي تحريڪ ۾ شريڪ نه ٿيو آهي، ان وقت تائين منجهس ڪا وڏي اميد رکڻ اجائي هئي. ان راهه ۾ ترڪ وطن ضروري هو. سندن رايو هو ته غلبه اسلام جي راهه ۾ ٻي جا رنڊڪ هئي سا شخصي مال ۽ ملڪيت جي محبت هئي، انڪري تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ هر پوئلڳ جو فرض ٿيو پوي ته هو ساري ملڪيت مهدوي تحريڪ جي حوالي ڪريغلبه اسلام جي لاءِ ڪم آڻڻ ۾ مدد ڪري. ٽيون شرط ان تحريڪ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اهو هو ته ان جو پوئلڳ لاڳاپا لاهي سر تريءَ تي رکي خوف خطرا ڦٽي ڪري تلوار هٿ ۾ کڻي مهدويءَ جي حڪم تي غلبه اسلام لاءِ لڙي.“ (س.ج.س.ت، ص: 76)

اين.ڪي.بوزائي، مهدوي تحريڪ جا مقصد بيان ڪندي لکي ٿو ته، ”هنن جو قرآن جي فرمان ”الارض لِلہ“ (زمين الله جي آهي) تي يقين هو ۽ هو ”جو کيڙي سو کائي“ تي ايمان رکندڙ هئا. هنن جو مسلڪ ”امربالمعروف و نهي عن المنڪر“، سچائي، انساني حقن جي برابري يعني مساوات، سماجي انصاف، حقوق العباد ۽ حقوق الله جي سڃاڻپ يا حاصلات لاءِ تبليغ هئي.“

 (www.promisedmehdi:com/ sindh.htm)

قريشي حامد علي خانائيءَ لکيو آهي ته، ”مهدوين وٽ ولايت جي ڏاڪي لاءِ ترڪ دنيا، نيڪ صحبت، اخلاق، توڪل، خدائي ديدار جي خواهش، عشر، ذڪر ۽ هجرت، اهي ڳالهيون ضروري هيون.“ (ٽ.م. 3-1971ع، ص:172)

ڊاڪٽر غلام محمد لاکي، مهدوي تحريڪ جي مقصدن ۽ اصولن متعلق، سبطِ حسن جي حوالي سان لکيو آهي ته، ”مهدي جونپوريءَ جي تحريڪ مذهبي ۽ روحاني هجڻ سان گڏ وڏيءَ حد تائين معاشي پروگرام سان لاڳاپيل هئي. هت ايترو چوڻ ڪافي ٿيندو ته ”مهدوي“ تحريڪ عام انسانن جي مذهبي ۽ روحاني تسڪين ڪرڻ سان گڏ، مسڪينن، بيڪسن، اٻوجهن ۽ غريبن کي اَٽي، لَٽي ۽ اَجهي سان گڏ حاڪمن جي ڏاڍ ڏمر يا جبر کان به تحفظ ڏنو ٿي. جو کيڙي سو کائي، هن تحريڪ جو مول متو هو.“ (ڪ.د.ح، ص: 86/87)

”مهدوي تحريڪ“ جي مقصدن منجهان اها ڳالهه صاف ۽ چٽي نظر اچي ٿي ته تحريڪ جو بنياد قرآن جي فرمان، ”الارض لِلہ“ يعني زمين جو مالڪ الله تعاليٰ آهي ۽ انهيءَ کي کيڙيندڙ انهيءَ پيداوار جو مالڪ آهي. انهيءَ اصول مطابق يقين سان چئي سگهجي ٿو ته هن تحريڪ جو مقصد زمينداري ۽ جاگيرداري نظام جو خاتمو ڪرڻ هو.

ڪلهوڙي صاحب، ”مارڪس اور ايشيائي طرزِ پيداوار“ جو حوالو ڏيڻ کان پوءِ دعويٰ ڪئي آهي ته، ”سڄاڻ ڪلهوڙا قيادت اهو بخوبي سمجهيو پئي، ته زمينداريءَ جو اهڙو سرشتو جيستائين ختم نه ٿيندو، تيستائين سندن تحريڪ نتيجه خيز ثابت نه ٿيندي، انڪري مغلن جي فرمانبردارين ۽ ملازمن سان گڏوگڏ زميندار ۽ جاگيردار طبقي سان به ڪلهوڙن جو هميشه جهڳڙو هلندو هو.“ (ٽ.م. سيارو 2005ع، ص: 179)

ڪلهوڙي صاحب جي مٿئين بيان مان پڻ اهو معلوم ٿئي ٿو ته ڪلهوڙن جي مبينه تحريڪ جو مقصد به انهيءَ دَور ۾ رائج زمينداري ۽ جاگيرداري نظام جو خاتمو هو، پر افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته ڪلهوڙي صاحب وٽ سندس اهڙي دعويٰ کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪلهوڙن جي تاريخن منجهان توڙي ڪلهوڙن جي عملي زندگيءَ منجهان اهڙو هڪڙو مثال به پيش ڪرڻ لاءِ موجود ڪونه آهي، جنهن مان اهو ثابت ٿئي ته ڪلهوڙن مغلن جي رائج زمينداري ۽ جاگيرداري سرشتي جو خاتمو آندو، جنهن جي بنياد تي اها ڳالهه مڃڻ ۾ اچي ته ڪلهوڙا ”مهدوي تحريڪ“ جا باني يا ان تحريڪ سان لاڳاپيل هئا، پر انهيءَ جي ابتڙ ڪلهوڙن جون پنهنجون تاريخون اهڙا سوين دليل فراهم ڪن ٿيون، جن مان ثابت ٿئي ٿو ته ڪلهوڙن جي ”ميان وال تحريڪ“ جو مقصد ذاتي ملڪيت واري تصور کي مضبوط ڪري وڌ کان وڌ زمينن جي حاصلات ۽ گهڻي کان گهڻي دولت گڏ ڪرڻ هو.

نامور ڪلهوڙن جي حالات ۽ واقعات جي جائزي وٺڻ سان اهڙي صورتحال بلڪل صاف ۽ چٽي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڪلهوڙن متعلق سڀ کان پهرين تصنيف ”نامهء نغز“ آهي، جنهن لاءِ ڊاڪٽر لاکي لکيو آهي ته، ”هن (نامهء نغز) جو مصنف باغ علي خائف سنڌي آهي. مصنف بابت وڌيڪ علم ڪونهي. باغ علي جو تعلق ميان نورمحمد جي درٻار سان هو. هن ڪلهوڙن جي تاريخ نظم ۾ شاهه نامي ۽ سڪندرنامي جي طرز تي سن 1155هه/1742ع ۾ لکي مڪمل ڪئي، ليڪن پوءِ به ان ۾ واڌارو ڪندو رهيو. ڪلهوڙن جي تاريخ ۾ هن ڪتاب جي وڏي اهميت آهي.“ (ڪ.د.ح، ص: 390)

ڪلهوڙن جي تاريخ جي هن پهرئين ۽ بنيادي ماخذ کي اصل زبان فارسيءَ ۾ توڙي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرائڻ بجاءِ، ڪلهوڙن متعلق مواد جي هن قيمتي ذريعي کي اونداهيءَ ۾ رکيو ويو آهي. هن ڪتاب منجهان سنڌ تي نادرشاهه افشار جي ڪاهه متعلق آيل بيانن جو اقتباس، پير حسام الدين راشدي، ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي تصنيف ’منشور الوصيت و دستور الحڪومت‘ ۾ ضميمي نمبر-5 طور آندو آهي. (م.و.د.ح (ف)، ص: 97 کان 129)

’تاريخ سنڌ، ڪلهوڙا دور‘ جي مصنف، غلام رسول مهر، نادر شاهه جي سنڌ تي ڪاهه جي ذڪر ڪرڻ وقت هن ڪتاب مان ڪجهه ٽڪرا نقل ڪيا آهن، جن ۾ آدم شاهه جي قتل متعلق رڳو ٻه سٽون هن طرح بيان ڪيون آهن:

بترسيد والي ز پير و مريد،

به ايماي حاڪم هلاڪت رسيد.

(ت.س.ڪ.د(س)،ص: 132)

(واليءَ (ملتان جي ناظم) پير ۽ مريد (آدم شاهه) کان ڊڄي، حاڪم جي اشاري تي کيس قتل ڪيو.)

ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جي قبضن ۽ قتل بابت،
غلام رسول مهر، ’نامهء نغز‘ مان هي سٽون نقل ڪيون آهن:

به بعدِ وفاتش ڪه الياس بود،
نبيره او جانشين شد بزود،
درين شهر دهيري همان سن و سال،
سراسر گذشت و بآخر وصال،
ڪه شاهل محمد برادر نشست،
بجايش گرفتہ ز سابق گذشت،
اراضي به سانگين و ابره به جبر،
گرفتہ و داده عزيزان گبر،
ازين جهت جاگيرداران خفا،
باذنِ حڪومت ڪشد برخطا،
چو رفت از جهان نام نيڪي ببرد،
همان تاج باديگر بر سپرد.

(الياس محمد کان پوءِ شاهل محمد گاديءَ جو وارث ٿيو. هن سانگين ۽ ابڙن کان زمينون ڦريون ۽ پنهنجن عزيزن جي حوالي ڪيون. انهيءَ بنياد تي جاگيردار ناراض ٿيا، وقت جي حاڪمن مخالفت ڪئي ۽ شاهل محمد لڙائيءَ ۾ مارجي ويو). (ت.س.ڪ.د(س)، ص: 144/145)

’نامهء نغز‘ کان پوءِ ’ماثرالامرا‘ جي مؤلف شاهنواز خان (1699ع- 1757ع) ڪلهوڙن متعلق نادرشاهه افشار جي سنڌ تي ڪاهه تائين مختصر مواد فراهم ڪيو آهي. شاهنواز خان ڪلهوڙن جي ذڪر جو اختتام هنن لفظن سان ڪيو آهي. ”هي تحرير لکڻ کان پهرين ۽ هاڻي غلام شاهه نالي ۽ سندس پٽ سرفراز خان (جيڪي خدايار خان (نورمحمد) سان نسبت ۽ ويجهڙائي رکن ٿا) هن صوبي جي حڪومت ڪري رهيا آهن.“ (م.و.د.ح(ف)، ص: 170)

شاهنواز خان جي هنن لفظن منجهان معلوم ٿئي ٿو ته، ”ماثرالامرا“ ۾ ڪلهوڙن متعلق بيان ٿيل حالات ۽ واقعات مؤلف (شاهنواز خان) جي وفات (1757ع) واري سال کان پهرين غلام شاهه ڪلهوڙي (وفات 1772ع) جي حياتيءَ ۾ لکيا ويا آهن. شاهنواز خان ڪلهوڙن متعلق لکيو آهي، ته، ”انهن (ڪلهوڙن) جي وڏن بزرگن مان هڪ جو ابڙا قوم جي سردار سان تعلق پيدا ٿيو. ان ابڙي سردار کان ڪجهه زمين جو ٽڪرو گذرمعاش لاءِ ورتو. ان ڪلهوڙي جو اولاد ان زمينداريءَ مان قوت ۽ طاقت سان اڀريو ۽ طاقتور بڻيو. سندن مريد ۽ معتقد تمام گهڻا ٿيا ۽ آخر زميندار بڻجي پيا ۽ حڪومت کي محصول ڏيڻ لڳا. ڌيري ڌيري ابڙا قوم تي غلبو ڪري، سندن جڳهين ۽ زمين تي تصرف ۽ غلبو ڪري ويا.“ (م.و.د.ح(س)، ص: 153)

مولانا نوراحمد خان فريدي ۽ ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، ”ماثرالامرا“ ۾ آيل بيان جي حوالي سان ابڙي سردار کان زمين حاصل ڪندڙ ڪلهوڙن جي انهيءَ بزرگ جو نالو آدم شاهه ڪلهوڙو  لکيو آهي. (د.ف، جلد اول، ص: 20/21، م.پ 10/9-2003ع، ص: 47)

ڪلهوڙن جي همعصر دَور جو ٽيون معتبر ذريعو مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي تصنيف ”تحفة الڪرام“ آهي. مير علي شير قانع کي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، 1175هه ۾ تاريخ نويسيءَ جي عهدي تي مقرر ڪيو، جنهن 1180هه ۾ ’تحفة الڪرام‘ لکڻ شروع ڪيو ۽ 1181هه/1767ع ۾ لکي پورو ڪيو. (ت.ڪ(س)، ص: 32 کان 55)

هن ڪتاب جي ڀاڱي پهرئين، باب ٻارهين ۾ ’عباسي ڪلهوڙا خاندان جي حڪومت‘ عنوان هيٺ ڪلهوڙن جا حالات ۽ واقعات بيان ڪيل آهن. ’تحفة الڪرام‘ ۾ ڪلهوڙن متعلق بيان ٿيل واقعن منجهان معلوم ٿئي ٿو ته آدم شاهه، ميان الياس ۽ ميان شاهل محمد ڪلهوڙي تائين پهرئين مرحلي ۾ ڪلهوڙن جو مرڪز چانڊڪا پرڳڻي جي ڳوٺن هٽڙي ۽ حبيباڻي ۾ رهيو، جتي هنن ڪوشش ڪري مريد وڌايا. گڏوگڏ مقامي زميندارن جي زمينن تي قبضا ڪيائون، انهيءَ ڪري آدم شاهه ڪلهوڙي کي قيد ڪري ملتان جي حاڪم هٿان قتل ڪرايو. ٻئي مرحلي ۾ ميان نصيرمحمد، شاهل محمد جي وفات کان پوءِ 1068هه/ 1657ع ۾ وڏن جي گاديءَ تي ويٺو.

جنهن کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته ميان الياس جي پٽ ميان نصيرمحمد چانڊڪي پرڳڻي جي هٽڙي ڳوٺ وارو مرڪز تبديل ڪري پنهورن جي زمينن (بکر سرڪار جي ٽڪر پرڳڻي ۾) تي قبضو ڪري ’گهاريءَ‘ نالي ڳوٺ ٻڌايو ۽ اتان کان ڪاميابين جي طرف قدم وڌايائين. سندس ڇڙا ڇڙمل مريد زالون پرڻيا، ٻارن ٻچن وارا ٿيا ۽ سِٽون سِٽي زمينون وڌايائون. بکر جي حاڪم مير يعقوب کي شڪست ڏئي، مغلن کي پنهنجي طاقت بانور ڪرايائون. نتيجي ۾ سيوستان جي مغلن جو ’لاکاٽ‘ پرڳڻو ڪلهوڙن کي اجاري تي ڏنو ويو. (ت.ڪ.(س)، ص: 255 کان 259)

ڪلهوڙن کي مغلن پاران رعايتن ملڻ جي هتان کان شروعات ٿي. ميان نصير محمد جي پٽ ميان دين محمد پيءُ واري ساڳي پاليسي برقرار رکي. پنهورن جي زمينن تي قبضا ڪيائين. سندس مقابلي ۾  طاقت ڪمزور هئي ته سينو تاڻي مقابلو ڪيائين. پاڻ کان وڌيڪ طاقت ڏسي مصلحت کان ڪم ورتائين. جڏهن شهزادو محمد معزالدين، ميان دين محمد جي زور ٽوڙڻ لاءِ پنهنجي سر ڪاهي آيو ته مصلحت پسنديءَ کان ڪم وٺندي، پنهنجي ڀاءُ ميرمحمد کي کمل ۽ قاسم سان بکر موڪلي شهزادي کي راضي ڪري واپس موٽايائين. پر سندس بهار شاهه جي ڀاءُ مقصودي جي نادانيءَ سبب شهزادي موٽي اچي ميان جي ڪِي ڪمائي ڪُٽ ڪري ڇڏي. شهزادي جي فوجن سندس علائقن کي نيست نابود ڪري ڇڏيو. ميان دين محمد پوءِ به مصلحت هٿان نه ڇڏي ۽ پهرين پاسيرو ٿي ويو، پوءِ ڇهه مهينا رکي صلح ڪري اچي شهزادي وٽ پيش پيو. وري سندس ڀاءُ ميان يارمحمد ارڏائپ ڪري شهزادي جي لشڪر سان لڙائي ڪئي، جنهن سبب ميان دين محمد جي جان وئي. شهزادي کيس ملتان وڃي قتل ڪري ڇڏيو. هوڏانهن ميان يارمحمد وڃي بروهين جي علائقي قلات ۾ پهتو، جتي بروهين سان لڙائيءَ ۾ ميان هٿان محراب خان بروهي مارجي ويو. بروهين ميان يارمحمد کان ٻه پٽ ميان نورمحمد ۽ محمدخان، ضمانت طور وٺي ساڻس صلح ڪيو.

ٻن سالن کان پوءِ 1113هه ۾ ميان يارمحمد التماس خان بروهي ۽ سرائي مريدن جي مدد سان پهريان (وڏن وارا) علائقا به واپس ورتا، گڏوگڏ پنهورن کان وڌيڪ علائقا پڻ حاصل ڪيا. پنهورن جي گادي شڪارپور جو نالو ڦيرائي خداآباد رکيائون ۽ اُتي رهڻ لڳا. بختاور خان جي شڪايت تي شهزادو معزالدين ميان يارمحمد تي چڙهائيءَ جي ارادي سان روانو ٿيو. بختاور خان جو بخت بد ٿيو، شهزادي کي پنهنجي علائقي مان گذرڻ کان منع ڪيائين. شهزادي ان ڳالهه تي ناراض ٿي بختاور خان کي قتل ڪري ڇڏيو. بختاور خان جي خالي ٿيل علائقي سيويءَ جو انتظام ٻيا سنڀالي نه سگهيا، انهيءَ ڪري ميان يارمحمد جي وڪيلن جي حوالي ٿيو ۽ کيس سرفرازيءَ جي عيوض حضور (اورنگزيب وٽ حاضر ٿي دست بوسيءَ جو شرف حاصل ڪرڻ لاءِ طلب ڪيو ويو. ميان يارمحمد طلب موجب درٻيلي پهتو. خواجه حسين خان گهنين نوازشن سان، حضور ۾ حاضريءَ واري حڪم جي منسوخيءَ جو فرمان آندو. ديري جي نگراني به سندس حوالي ٿي. شاهي غلامن جي لسٽ ۾ داخل ٿيڻ جي ابتدا ٿي چڪي ۽ ’خدايار خان‘ جو لقب سندس طريقه امتياز بڻيو. (ت.ڪ (س)، ص: 260 کان 264)

ڪلهوڙن جي قسمت جو ستارو بلند ٿيو. ميان يارمحمد 15 ذوالقعد 1131هه (14- سيپٽمبر 1719ع) تي فوت ٿيو. سندس مسند تي ٽيون نمبر پٽ ميان نورمحمد ڪلهوڙو، ’خدايارخان‘ جي لقب سان براجمان ٿيو. (ت.ڪ(س)، ص: 265)

ميان يارمحمد ڪلهوڙي پنهنجي حياتيءَ ۾ ۽ ميان نورمحمد ڪلهوڙي سنڌ تي نادرشاهه افشار جي حملي (1152هه/ 1740ع) تائين، دهلي سلطنت جي مغل بادشاهن (شهنشاهن) جي فرمانبرداريءَ ۽ سندن راضپي حاصل ڪرڻ لاءِ ڇا ڇا ڪيو؟ ڪهڙن مقامي زميندارن ۽ قبيلن خلاف مغلن جي مفادن خاطر وڙهيا؟ کين مغلن پاران اهڙين مددن ۽ خدمتن عيوض ڪهڙا ڪهڙا انعام ۽ جاگيرون مليون؟ هنن ڪهڙا ڪهڙا علائقا پنهنجي تصرف هيٺ آندا ۽ ڪهڙا علائقا ۽ جاگيرون مغلن کان اجاري تي حاصل ڪيون؟ ’تحفة الڪرام‘ اهڙو معلوماتي مواد ڀرپور نموني فراهم ڪري ٿو. (ت.ڪ(س)، ص: 263 کان 268)

’ڪلهوڙن جي عملي ڪردار‘ ۽ ’مهدوي تحريڪ‘ جي اصولن ۽ مقصدن جو موازنو ڪرڻ لاءِ خود ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي تصنيف، ’منشورالوصيت و دستور الحڪومت‘ سڀ کان وڌيڪ اهميت رکندڙ ذريعو آهي. پير حسام الدين راشدي، ميان نورمحمد جي هن وصيت لاءِ لکيو آهي، ته ”هيءَ وصيت 1162هه ۽ 1163هه سالن جي وچ واري عرصي جي لکيل آهي.“ (م.و.د.ح(س)، ص: 58)

مطلب ته ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي هيءَ تصنيف، ”نامهء نغز“ (1155هه) کان پوءِ، ’ماثرالامراء‘ (1171هه) ۽ ’تحفة الڪرام‘ (1181هه) کان اڳ ۾ لکيل آهي. هن وصيت نامي اندر وصيت نمبر- 23 ’تقسيم ملڪ و محاصل‘ ۾ ميان نورمحمد پٽن سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته: ”منهنجي اکين جا نور ٻچا! توهان کي خبر آهي ته الله تعاليٰ، رسول ثقلين صلي الله عليہ وَآلہ وسلم جي صدقي هن گنهگار کي زمين جو ٽڪرو عطا ڪيو آهي. اهو هرهڪ کي جداجدا ورهاست ڪري ڏنو اٿم ته جيئن توهان هرهڪ وٽ پنهنجو حصو قبضي ۾ رهي.“ (م.و. د.ح(س)، ص: 63)

ميان نورمحمد ملڪ ۽ ملڪيت جو ڪيترو حصو ڪنهن کي ڏنو، اهڙو خلاصو هيٺ ڏجي ٿو:

(1) خداداد خان پٽ نورمحمد ڪلهوڙو: سيوستان سرڪار جو لاکاٽ پرڳڻو، بکر سرڪار جو لڌوگاگن پرڳڻو روهڙيءَ سميت.

(2) عطرخان پٽ نورمحمد ڪلهوڙو: بکر سرڪار جا گاگڙي ۽ اروڙ پرڳڻا.

(3) احمديار خان پٽ نورمحمد ڪلهوڙو: نصرپور سرڪار جو شهدادپور ضلعو، بکر سرڪار جو ماٿيلو پرڳڻو.

(4) محمد مرادياب خان پٽ نورمحمد ڪلهوڙو: ميان نورمحمد جي هٿ وارا علائقا حياتيءَ ۾ ۽ موت کان پوءِ، چانڊڪو پرڳڻو، ڪاڇي جو سرداريءَ سان تعلق رکندڙ حصو، ڀائرن جي آمدنيءَ مان وچان اڌ محصول ۽ ملڪ داريءَ جو خرچ.

(5) فضل علي پٽ محمد خان (نورمحمد ڪلهوڙي جو ڀائيٽيو): ڪنڊياري جو اڌ پرڳڻو، راڻي پور تپو، باغبان پرڳڻي جو اڌ، ڪاڇي جو ڏهون حصو، فتح پور شهر جو چوٿون حصو.

(6) غلام نبي ۽ عبدالنبي پٽ نورمحمد ڪلهوڙو: جوڻيجه پرڳڻو وچولي سميت، انهيءَ جو اڌ محصول معاف.

(7) غلام شاهه پٽ نورمحمد ڪلهوڙو: پرڳڻو خطو، ٽلٽيءَ سميت، ربيع ۽ خريف جي فصل، هندن کان وصول ٿيندڙ سر شماري ۽ پيشگي، ملاحن جي مال ۽ ٺيڪي جي آمدني وغيره مان ٽي حصا. نوشهري ابڙي وارو واهه ۽ ڪيهرن وارو ڪڙيو آبڪلياڻيءَ جي ڏينهن ۾.

(8) نورمحمد ڪلهوڙي جي گهر وارين کي روزينو ۽ فصلاڻو.

(9) الف- غلام علي ۽ صادق علي پٽ غلام حسين (نورمحمد ڪلهوڙي جا ڀائيٽيا) کي اهو وظيفو جيڪو سندن پيءُ کي ملندو هو.

(9) ب- محمد اسلام، تاج محمد، محمد عارف (نورمحمد ڪلهوڙي جا ڀائر) سائين ڏنو ۽ محمد علي پٽ ميان دائود (نورمحمد ڪلهوڙي جا ڀائيٽيا) کي مقرر فصلاڻو.

(10) مائٽن ۽ عزيزن کي ڪاڇي ۾ مال ۽ پوک مان حصو.

(11) سرائي فقيرنمان موافق ۽ منافق سان انهيءَ حيثيت آڌار، دوستن سان مروت، دشمنن سان رعايت. (م.و.د.ح (ف) 17 کان 22)

ميان نورمحمد ڪلهوڙي پاران پٽن ۽ عزيزن ۾ ملڪ ۽ محصولن جي ڪيل ورهاست مان ثابت ٿئي ٿو ته ڪلهوڙن آدم شاهه کان وٺي ذاتي ملڪيت ۽ زمينن جي حاصلات لاءِ پاڻ پتوڙيو. هنن سنڌ جي سوين مقامي قبيلن ۽ هزارين خاندانن کان زمينون ۽ ملڪيتون ڦري هڪ ’ڪلهوڙا خاندان‘ جي قبضي هيٺ آنديون، ۽ انهن زرعي زمينن توڙي ٻين پيداواري ذريعن جي آمدني ۽ اُپت ۽ محصولن مان ملندڙ ناڻو رڳو پنهنجي هڪ خاندان جي استعمال هيٺ آندو. ڪلهوڙن جي اهري عمل سبب نه رڳو مغلن جي قائم ڪيل جاگيردارانه نظام جون پاڙون پختيون ٿيون، پر سنڌ ۾ قائم قديم زمينداريون ختم ٿيون ۽ سنڌ جي زمينن تي ڪلهوڙن جي هڪ هٽي قائم ٿي، جنهن سان ذاتي ملڪيت واري تصور جون پاڙون مضبوط ۽ اونهيون ٿيون. ڪلهوڙن جو هي سمورو عمل ’مهدوي تحريڪ‘ جي ’الارض لِلہ‘ يعني ’جو کيڙي سو کائي‘ واري بنيادي اصول جي بلڪل ابتڙ هو. مٿي پيش ڪيل دليلن کان پوءِ ان چوڻ جي ڪابه گنجائش نه ٿي رهي ته ڪلهوڙا ’مهدوي تحريڪ‘ جا باني هئا يا ڪلهوڙن جو ’مهدوي تحريڪ‘ سان ڪو تر جيترو به تعلق هو.

ڪلهوڙي صاحب توڙي ڪلهوڙن جي ٻين محققن کي هڪ نئين ۽ خاص ڳالهه معلوم هجي ته ’تحفة الڪرام‘ شيخ الشيوخ شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جي اولاد مان ’لال عيسن‘ سان ’آدم شاهه‘ جي ’تلها‘ ۾ محققانه ملاقات جو ذڪر ڪيو آهي. اهو ’تلها‘ نصيرآباد لڳ ’ٿلها‘ ذات وارن جو ’ٿلها‘ ڳوٺ آهي، جيڪو آدم شاهه ڪلهوڙي جي رهڻ واري ڳوٺ ’هٽڙي‘ (هٽڙي غلام شاهه) کان ڪو گهڻو پري ڪونه آهي. جيئن ’ٿهيم‘ ۽ ’ٿيٻا‘ ذاتين کي فارسي زبان ۾ ’تهيم‘ ۽ ’تيبه‘ لکيو ويندو آهي، بلڪل ائين ’ٿلها‘ کي ميرعلي شير قانع ’تحفة الڪرام‘ (فارسي) ۾ ’تلها‘ لکيو آهي. نصيرآباد جي آسپاس هن وقت به انهيءَ شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جي جماعت وڏي اڪثريت ۾ موجود آهي. هونئن به سنڌ ۾ سهروردي سلسلي جي تبليغ جو مرڪز، ملتان واري مذڪوره درسگاهه رهي آهي. يقيناً آدم شاهه ڪلهوڙي به سري جي سير وقت يا لال عيسن سان ’ٿلها‘ ۾ ملاقات وقت ’سهروردي‘ سلسلي جي بيعت ورتي هوندي، انهيءَ ڪري ئي لال عيسن ۽ آدم شاهه جي ملاقات کي ’محققانه‘ ملاقات سڏيو ويو آهي. جي نه ته انهيءَ ’محققانه‘ لفظ مان ٻي ڪهڙي مراد وٺي سگهجي ٿي؟

ڪلهوڙن جي سيد ميران محمد مهدي جونپوريءَ سان نسبت ڳنڍڻ واري معاملي کي ايران جي شيعا سلطنت جي پسمنظر ۾ ڏسڻ کپي. ڪلهوڙا اورنگزيب عالمگير جي دَور ۾ طاقت ۾ آيا. ”عالمگير ٺيٺ سني هو، تنهنڪري ايرانين لاءِ عقيدنجي فرق سبب کيس ڪوبه قرب ڪونه هو، جنهن جو اظهار هن ’رقائم ڪرائم‘ جي چند خطن ۾ کين ’ايراني غول بياني‘ لکي ڪيو آهي.“ (ت.ا.ح، ص: 286)

ڪلهوڙا جيستائين دهلي سلطنت جي تسلطه هيٺ هئا، سني هئا. 1152هه/1740ع کان پوءِ هو ايران جي شيعا سلطنت جي تسلط هيٺ آيا، انهيءَ ڪري سندن طريقت جو سلسلو ڪنهن شيعي بزرگ سان ڳنڍڻ سندن مجبوري هئي. سيد ميران محمد جونپوريءَ لاءِ هي پڻ لکيو ويو آهي ته ”هو اصل ۾ ڄام پور جو شيعو سيد هو.“ (ڀ.ش.(س) ص: 47)

ڪلهوڙن جي تاريخ جا سمورا بنيادي ذريعا 1155هه/ 1181ع تائين ايران جي شيعا سلطنت جي تسلط وارن ڏينهن ۾ لکيا ويا آهن، جنهن سبب انهن ماخذن ۾ ڪلهوڙن جي نسبت سيد ميران محمد مهدي جونپوريءَ سان لکڻ ۾ سندن عافيت سمجهي ويئي آهي.

* آدم شاهه ۽ ڪلهوڙن متعلق ڏيهي ۽  پرڏيهي عالمن جا رايا:

ڪلهوڙي صاحب لکيو آهي ته، ”سنڌ جي تاريخ ۾ ميان آدم شاهه ڪلهوڙي جي شخصيت ۽ حب الوطنيءَ جي متفقه طور تي واضح لفظن ۾ واکاڻ ڪئي وئي آهي. اڪثر ڏيهي توڙي پرڏيهي محقق به انهيءَ حقيقت تي اتفاق ڪن ٿا.“ (ٽ.م. سيارو 2005ع، ص: 178)

ڪلهوڙي صاحب مٿي ڪيل ڳالهه جو هڪ به مثال پيش نه ڪيو آهي. شايد هن آدم شاهه ۽ ڪلهوڙن متعلق ڏيهي ۽ پرڏيهي عالمن جا هي رايا نه پڙهيا آهن. جيئن ’جنرل هيگ‘ لکيو آهي ته: ”آدم شاهه پنهنجن کي ورسائڻ واسطي ٻين ذاتين سان انياءَ ڪيا.“ (س.ج.ڇ.و.ع، ص: 167)

’هينري ڪزنس‘ لکيو آهي ته: ”آدم شاهه پراڻي زماني جو، ڪلهوڙا خاندان مان هڪ بزرگ ۽ لٽيرو هو، جنهن سورهين صديءَ جي وچ ڌاري اتر- اولهه سنڌ تي حملا ڪيا ۽ (کيس) پڪڙي قيدي بڻائي ملتان وٺي ويا ۽ اتي سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو.“ (س.ج.ق.آ، ص: 268)

’رچرڊ برٽن‘ لکيو آهي ته، ”هن (آدم شاهه) پنهنجي خاندان جو اهڙو پڪو پايو وڌو جنهن جلد ئي ملڪ تي سياسي طاقت ۽ اختيار حاصل ڪيو. هن جي بابرڪت اولاد پنهنجي دنيوي حالت سڌارڻ لاءِ آسپاس وارن زميندارن کي اهڙيءَ طرح سڃو ڪرڻ شروع ڪيو، جو سترهين صديءَ جي آخرتائين پاڻ چڱا چوکا زميندار بڻجي پيا.“ (س.س.م.و.ق، ص: 17)

پرڏيهي محققن کان پوءِ ڏيهي عالمن منجهان سائين جي.ايم.سيد جي آدم شاهه ڪلهوڙي متعلق هڪ راءِ هن طرح نقل ڪئي آهي: ”سندس (آدم شاهه) اقتدار ۾ اچڻ مذهب ۽ اسلام جي نالي ۾ ٿيو...... اول ۾ جيتوڻيڪ سندن وڏن ۾ پرهيزگاري ۽ سادگي کڻي رهي هوندي، ليڪن حڪومت ۽ ملڪيت جي فراواني سندن سارو توجهه عوام جي ڀلي ۽ ترقي، ملڪ جي سڌاري ۽ واڌاري جي عيوض پنهنجي حڪومت ۽ ملڪيت وڌائڻ ۽ بزرگي قائم رکڻ تي صرف ٿيڻ لڳو. مذهب کي انهن ڳالهين جي حصول لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيائون.“ (ڪ.د.ح، ص: 191)

قريشي حامد علي خانائي لکيو آهي ته، ”(مقامي ماڻهن) اهو به محسوس ڪيو ته ميان صاحب پيري مرشديءَ جي آڙ ۾ زمينداري ۽ اقتدار هٿ ڪرڻ جي سعي ۽ ڪوششن ۾ آهي، تڏهن سندن هوش ٺڪاڻي آيو ۽ اهو به سوچڻ تي مجبور ٿي پيا، ته ڌارين مغلن ته ڪافي ويل وهايا هئا، ليڪن اسان جن کي پنهنجي درد جي دوا سمجهي سيني سان لڳايو ۽ پنهنجي نجات جو ذريعو سمجهيو اُهي ته پراون کان به وڌيڪ ڏکوئيندڙ آهن ۽ اسان جي حقن ۽ ملڪيت جي حفاظت ڪرڻ بجاءِ غصب ڪرڻ جي پوئتان آهن.“ (ٽ.م. 2-1995ع، ص: 30)

* سنڌ جي مقامي قبيلن جي جدوجهد:

ڪلهوڙي صاحب لکيو آهي ته، ”مقامي قبيلن ۾ ابڙا، پنهور، سانگي وغيره مغلن جا مراعات يافته قبيلا هئا، پر انهن وٽ سياسي طور تي ڪوبه وطني پروگرام نه هو.“ (ٽ.م،سيارو 2005ع، ص: 178)

ڪلهوڙي صاحب پاران مٿي ڪيل ڳالهه جي ابتڙ جيڪڏهن آءٌ ڪو رايو ڏيندس ته پڪ سان وٽن قبوليت نه ماڻيندو، پر پير حسام الدين شاهه راشديءَ جي راءِ خود ڪلهوڙي صاحب توڙي ڪلهوڙن جي ٻين محققن وٽ يقيناً وڏو مانُ لهندي. راشدي صاحب لکيو آهي ته: ”ميرڪ يوسف جي تاريخ (مظهرشاهجهاني) مان اسان کي پهريون دفعو معلوم ٿئي ٿو ته مغل گورنرن جو سنڌ ۾ گهڻو عرصو هتان جي ئي ماڻهن سان مقابلي ۽ مجادلي ڪندي گذريو. تاريخ ۾ انهن فوج ڪشين جو سبب اهو ڄاڻايو ويو آهي ته ڪي قبيلا سخت سرڪش هئا، تنهنڪري سندن سرڪوبي ٿيندي رهندي هئي. جيڪڏهن سرڪاري ڍلون ۽ اجارا نه ڏيندا هئا ته ساڳئي وقت عام رعيت کي به منجهانئن آزار هو. اهي قبيلا سرڪش ڇو ٿيا، ڍلن ڏيڻ کان حڪومت جهڙي قوت کي هنن ڇو ٿي انڪار ڪيو، خون خرابي، چوريءَ چڪاريءَ، ۽ ڌاڙي ڦر جي انهن ۾ ڇو عادت هئي، انهيءَ جا سبب شايد ڪنهن به مؤرخ ڪونه سوچيا، تنهنڪري انهن مان ڪنهن لکيا به ڪونه، ۽ غالباً ملڪي مصلحتن کين سوچڻ به ڪونه ڏنو، ۽ انهن تي مصلحتن ۽ دورانديشين کين تصوير جي ٻئي رخ پيش ڪرڻ جي اجازت ڪانه ڏني. بهرحال جيڪي لکيو ويو آهي، ان مان اسان کي هڪ طرفي تصوير اها ئي نظر اچي ٿي ته سميجن جو سمورو قبيلو نهايت ئي سرڪش، قاعدي قانون کان بي پرواهه ۽ حڪومت جي خوف کان عاري هو ۽ انهي ئي ڪري مغل حڪمرانن مٿن باربار لشڪرڪشيون ڪيون، ليڪن مستقل طرح کين راهه راست تي آڻي نه سگهيا ۽ نه کين پرامن شهري بڻائي سگهيا.“ (ت.ا.خ، ص: 69)

راشدي صاحب انهن سرڪش سميجن جي پاڙن ۾ بڪيا، انڙ، ساند، جوڻيجا، ٿيٻا، ابڙا، پنهور، ڪوريجا، ڪيبر، ڪير، ٻريا، نالا آندا آهن. (ت.ا، ص: 60) پر مظهرشاهجهانيءَ ۾ سميجن جي ٻين ڪيترن ئي سرڪشي ڪندڙ پاڙن جو ذڪر ٿيل آهي، جن ۾ ’سانگي‘ پڻ شامل آهن. (م.ش.ج(ف)، ص: 16)

پير حسام الدين راشدي مغلن سان مقامي قبيلن جي انهن نافرمانين، سرڪشين ۽ بغاوتن جو مقصد بيان ڪندي لکيو آهي ته: ”سنڌ ۾ جنهن طاقتور، اهم ۽ نامور قبيلن شروع کان ئي مغلن جي تسلط سان پاڻ کي ذهني طرح سان هموار ۽ هم آهنگ ڪري نه سگهيو هو. مرڪز جي انهيءَ ڪمزوريءَ ۽ ڀائرن جي باهمي جنگ و جدل ۽ هڪٻئي خلاف سازش جو فائدو وٺي، ازسر نو پنهنجي هلچل جو آغاز ڪري ڏنو، جنهن جو ثبوت اشارتاً اسان کي عالمگير جي انهن خطن مان ملي ٿو، جيڪي هن پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ شاهجهان ڏانهن لکيا آهن ۽ جن ۾ هن مخصوص سلطاني زبان ۽ محاوري کي ڪتب آڻيندي، انهن آزادي خواهه قبيلن جي جدوجهد کي متمردن جي شرارت ۽ راهزنن جو فساد سڏيو آهي ليڪن کيس اهو معلوم نه هو ته شاهجهان جي شروعاتي زماني اندر به سنڌ ۾ انهن ”متمردن“ ۽ ”رهزنن“ جي تحريڪ موجود هئي، جن جي ڪشمڪش جو تفصيلي احوال پندرنهن سورنهن سال کانئس اڳ (1044هه) ’مظهرشاهجهانيءَ‘ جو مصنف به قلمبند ڪري چڪو آهي.“ (ت.ا.خ، ص: 294)

راشدي صاحب اورنگزيب عالمگير پاران 14 ذوالحج 1060هه (28- نومبر 1650ع) تي پيءُ شاهجهان کي لکيل خط جا نقطا  بيان ڪندي لکيو آهي ته:

(1) ”سنڌ ۾ جنهن جدوجهد جو آغاز ارغونن جي دور کان ٿيو هو سو ترخانن کان ٿيندو، اڪبر ۽ جهانگير جي عهد ۾ به قائم رهندو، شاهجهان جي آخري ايامن تائين اچي پهتو هو، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جا تقريباً سمورا طاقتور قبيلا متحد طور برسر پيڪار هئا.

(2) نه فقط مغل دور ۾، بلڪه عالمگير خود قبول ڪري ٿو ته مغلن کان اڳ سنڌ جي قبيلن، ڪنهن جي اڳيان ڪنڌ ڪونه نوايو هو. چنانچه هن ان لاءِ ترخاني عهد جو مثال ڏنو آهي.

(3) خط ۾ عالمگير اهو به اشارو ڏنو آهي ته سندس دور کان اڳ سنڌ تي جيڪي مغل صوبيدار آيا، انهن کي پڻ ناڪامي نصيب ٿي هئي.

(4) ٿي سگهي ٿو ته شاهجهان انهيءَ انتشار سبب ئي ملتان سان گڏ سنڌ جي ولايت به عالمگير جي حوالي ڪئي هئي، تاڪه هو مغل تسلط خلاف جيڪا شورش هلندي آئي هئي ۽ جنهن کي ختم ڪرڻ ۾ سابق صوبيدار ناڪام ٿي چڪا هئا، ان کي ختم ڪري.

(5) نومڙيا ۽ جوکيا، ٻين قبيلن سان متحد ٿي ملڪ اندر منتشر لڙائي لڙي رهيا هئا. هارون کڙتل، ڪانڀو، نومڙين مان ۽ جوکين مان مريد جوکيو پنهنجن همراهن سان انهيءَ تحريڪ جي مهنداري ڪري رهيا هئا، جن جي جدوجهد جو دائرو سنڌ مان وڌي هڪ طرف ڪيچ مڪران ۽ ٻئي پاسي ڪڇ ڀڄ پهچي چڪو هو. جعفر نومڙيو، عليءَ جا پٽ: حاجي رونجهو، ڄام جمعو، ٻڍو نهمردي وغيره پڻ ساڳيءَ تحريڪ جا معاون ۽ مددگار هئا. خاص ٺٽي جي علائقي ۾ ڪڪرالي جا ڄام جهڙوڪ: ستابو هالو ۽ گاهي هالو عالمگير جي قول مطابق ”دست اندازي“ ڪري رهيا هئا.

(6) ملڪ حسين عالمگير جي طرفان مغل فوجن جو مهندار هو، جنهن ملڪي ماڻهن جي تحريڪ کي زير و زبر ڪرڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ٿي ڪئي.“ (ت.ا.خ، ص: 297)

سنڌ جي مقامي قبيلن جي ڌارين مغلن خلاف هلايل هلچل جي حقيقت پيش ڪرڻ کان پوءِ، ڪلهوڙي صاحب ۽ خاص ڪري ڪلهوڙن جي تاريخ تي تحقيق ڪندڙ انهيءَ محقق (جنهن مقامي قبيلن خلاف ڪلهوڙن جي ڪارواين کي ’سنڌ جي ملڪي ايڪي ۽ جاگرافيائي بحاليءَ جي ڀرپور ڪوشش‘ سڏيو آهي) جو ڌيان هن حقيقت طرف ڇڪائڻ گهران ٿو:

’ايم- ايڇ- پنهور‘ چواڻي: بيشڪ تاريخ مظهرشاهجهاني سنڌ جي سترهين صديءَ واري دَور جو ڄڻڪ هڪ گزيٽيئر آهي، جنهن ۾ انتظامي سرڪاريون، پرڳڻا، شهر، ڳوٺ، رستا، قبيلا، فصلن جا قسم، محصولن جا انگ اکر، عوام ۽ حڪومت جا هڪٻئي سان لاڳاپا وغيره بيان ٿيل آهن. (ت.م.ش(س)، ص: 9) پر اها ڳالهه به نظرانداز نه ڪرڻ کپي ته تاريخ مظهرشاهجهاني، مغل شهنشاهه شاهجهان لاءِ تيار ڪيل هڪ اهڙي جاسوسي رپورٽ هئي، جنهن ۾ سنڌي قبيلن پاران ارغون ۽ ترخان تسلط وارن ڏينهن کان ڌارين خلاف هلايل هلچل کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جي مڪمل ۽ سگهاري رٿابنديءَ ڪري انهيءَ تي عمل ڪرڻ لاءِ لکيو ويو هو.

’مظهرشاهجهانيءَ‘ ۾ سميجن ۽ ابڙن جو خاتمو ڪرڻ، چانڊين لاءِ تدبير اختيار ڪرڻ ۽ نومڙين کي مات ڪرڻ لاءِ خصوصي تجويزون ڏنيون ويون آهن، پر سميجن کي سيکت ڏيڻ لاءِ سيوهڻ سرڪار جي جوڻيجا، خطي، لاکاٽ ۽ سن پرڳڻن، بکر سرڪار جي ماٿيلي، اروڙ،لڌي گاگن ۽ درٻيلي پرڳڻن لاءِ جيڪي تجويزون ڏنيون ويون آهن، اهي هن طرح آهن:

(1) ”جيڪڏهن چانڊين ۽ سميجن جي اڳو پوءِ ۽ پاڙ پٽڻي آهي ته هڪ سمجهدار ۽ اثر رسوخ واري ماڻهوءَ کي پنهنجي پاسي ڪري، کيس ڳاهن ۽ جوڻيجن واري آباد علائقي سان گڏ خطي ۽ لاکاٽ پرڳڻي جون غيرآباد ايراضيون به جاگير ۾ ڏيئي، مٿس اهو ڪم رکيو وڃي ته هو انهن ٻنهي قومن سان پوريءَ طرح پڄي اچي.“ (ت.م.ش(س)، ص: 275)

(2) گڙنگ وارو قلعو نئين سر آباد ڪيو وڃي.

(3) خطي پرڳڻي ۾ وينجهڙيءَ واري قلعي جي مرمت ڪرائي سيوهڻ واري جاگيردار جا توبچي ۽ سوار رکيا وڃن.

(4) هالاڪنڊيءَ وارو ٿاڻو ابڙيجن جي قلعي ۾ ٻه سو سوارن ۽ هڪ سو توبچين سان ساڳئي پرڳڻي ۾ قائم ڪرڻ گهرجي.

(5) سيوهڻ پرڳڻي جي ڦلجيءَ ۾ ارغوننواري قلعي کي نئين سر مضبوط ڪري سوارن ۽ توبچين تي مشتمل ٿاڻو قائم ڪرڻ گهرجي.

(6) نيرون جي قلعي واري پرڳڻي ۾ ويهه سوار ۽ ڏهه توبچي بيهاريا وڃن.

(7) حويلي سيوهڻ جي پرڳڻي ۾ ٺيڙهيءَ جي ڳوٺ وٽ احمدبيگ واري قلعي کي نئين سر مرمت ڪري اُتي سَو سوار ۽ پنجاهه توبچي وهارڻ کپن.

(8) بوبڪ پرڳڻي جي ڪائي (گاهي) ۽ نئنگ واري ڍنڍ ۽ چشمن تي نوحاڻي ٻروچن منجهان سَو کن ماڻهن کي ٿاڻي تي مقرر ڪيو وڃي.

(9) سنواري پرڳڻي ۾ نومڙين، سميجن ۽ انڙن کي منهن ڏيڻ لاءِ احمد بيگ خان واري آمريءَ واري قلعي کي مرمت ڪرائي پنجاهه سوار ۽ پنجويهه توبچي رکيا وڃن. اوڀارين پاسي جيسروت نالي ڳوٺ ۾ قلعو اڏائي ان ۾ پنجويهن توبچين سان گڏ پنجاهه سوار ويهارڻ کپن.

(10) لاکاٽ پرڳڻي ۾ پڙهو گهمايو وڃي ته ڪوبه سميجو يا سندس زال ۽ مال جنهن کي به هٿ اچي، ته انهيءَ کي نه ڇڏي ..... سميجن تي سدائين چڙهت ۾ رهڻ گهرجي.

(11) نومڙين کي تابع ڪرڻ لاءِ نومڙين جي سردارن کي چاڪر هالي يا سن جي پرڳڻن ۾ جاگيرون ڏياريون وڃن، جيئن جاگيرداريءَ جو مزو چکي سرڪار جي تابعداري ڪن. (ت.م.ش(س)، ص: 272 کان 308)

(12) بکر جي راڄڌانيءَ ۾ ٻن هنڌن تي قبضي رکڻ جي ضرورت آهي، جيڪا دائمي صورت ۾ هئڻ گهرجي. پهريون چانڊڪا پرڳڻي جي وچ ۾ مضبوط قلعو اڏائي اتي برجستن ماڻهن جو ڪٽڪ ٿاڻي طور مقرر ڪيو وڃي، جيئن هرڪو اٿندي ويهندي مغلن جي منهن پوندو رهي. انهن کي چڱي ڀلي جي پروڙ پئجي سگهي ۽ ڪوبه پنهنجي آڏوڏائي ڏيکارڻ جي نه ڪري. ٻيو ٽڪر واري پرڳڻي ۾. (ت.م.ش(س)، 122)

يوسف ميرڪ پاران مٿي پيش ڪيل تجويزن ۾ ماڳن تي ٿاڻا ۽ قلعا قائم ڪرڻ توڙي مقامي قبيلن سان روين ۽ رعايتن جي ڳالهه ڪئي ويئي آهي. مغلن جي سرپرستيءَ هيٺ انهن سمورين تجويزن تي ڪلهوڙا عمل درآمد ڪندي نظر اچن ٿا. جيئن:

(1) ميان نصيرمحمد، ”اصلوڪو ماڳ هٽڙي (چانڊڪا) ڇڏي، بکر سرڪار جي بنهه آخري پرڳڻي ٽڪر ۾ اچي نئون شهر آباد ڪيو. ان شهر جو نالو ’ڳاڙهي‘ (گهاري) رکيو ويو.“ (ڪ.د.ح، ص: 105)

(2) ميان نصير محمد، سيوستان جي مغلن کان لاکاٽ جو پرڳڻو اجاري تي هٿ ڪيو. (ت.ڪ.(س)، ص: 259)

(3) ميان نصيرمحمد، چانڊڪي پرڳڻي جي ’هٽڙي‘ ۾ فوجي فقير، ٽڪر پرڳڻي جي ڪاڇي تي عنايت شاهه فقير کي ويهاريو. فريد ڀاڳت مڪن مورو هٿ ڪيو. فيروز ويرڙ ساهتيءَ جي درٻيلي پرڳڻي ۾ شهر ٻڌو، جيڪو هاڻي نوشهرو فيروز سڏجي ٿو. (ڪ.د.ح، ص: 105)

(4) ميان دين محمد ڪلهوڙي، پنهورن جو شهر، ’فتحپور‘ قبضي ڪيو. بعد ۾ پنهورن جون گهرام کان مرکپور تائين ٻيون زمينون به ڦريون ويون ۽ پنهورن کي زير ڪيو.

(5) ميان يارمحمد پهرين زيدي ۽ پوءِ منڇر ڍنڍ جي ڪناري نيتڪ سانوهه ڳوٺ هٿ ڪيا. هن ڳاهن ۾ ڇانوڻي هنئي. مارکپور، گاهي جمشيد ۽ فتحپور قلعي تي قبضو بحال ڪيو. پنهورن کان گچيرو فتح ڪيو ۽ پنهورن جي گادي ’شڪارپور‘ تي قبضو ڪري ان جو نالو ’خداآباد‘ رکيو. سيويءَ جي حاڪم بختار خان پڻيءَ جي قتل کان پوءِ سيوي ڍاڍر جي نگراني ۽ مغلن کان ’خدايار خان‘ جو خطاب حاصل ڪيائين. غازي خان جي پٽ شاهه محمد ۽ رحيم خان پرانگ سان مغلن پاران وڙهيا ۽ ماتڪيو. ميان يارمحمد کي ’شاهه عنايت صوفي‘ جي قتل ۾ مدد ۽ خدمت عيوض زمينون ۽ جاگير ملي. انهيءَ کان اڳ ۾ ميان يارمحمد ٺٽي  صوبي جي مغل حاڪم سعيد خان عطرخان (1119هه-1121هه) جي مدد ڪندي، نومڙين جي سردار ملڪ پاهڙ خان سان جنگ ڪئي ۽ کيس مات ڪيو ۽ ڪوهستان ۾ قلعو قائم ڪري حفاظت جو بندوبست ڪيو. (ت.ڪ(س)، ص: 262 کان 264، ڪ.د.ح، ص: 118)

(6) ميان يارمحمد جي ٽئين نمبر پٽ ميان نورمحمد ڪلهوڙي، مغلن کان ’خدايار خان‘ جو خطاب ورتو ۽ مقامي قبيلن سان گهڻو جارحانه رويو رکيو. ڌاراجا جي راڻي اجمال ۽ ڪڪرالي جي ڄام سان جنگيون ڪيائين. شورن، اربابن، ارباب تماچي، طوغاچي، ٺاري، سيلي، ڪاهي ۽ آسو سومرن کي نابود ڪيو. (ت.ڪ(س)، ص:265 کان 269) چانڊڪا پرڳڻي ۾ لاڙڪاڻي وارو قلعو جوڙائي شاهه بهاري کي ناظم مقرر ڪيائين. ان دور ۾ هن قلعي تي توبخانو رکيل هو. (ڪ.د.ح، ص: 417) ميان نورمحمد عمرڪوٽ جي سوڍن کان عمرڪوٽ پڻ ڦريو. (ا.ڪ.س.ج، ص: 48)

انهيءَ کان سواءِ مرادياب خان، غلام شاهه ۽ ميان سرفراز، افغانين جي خوشنوديءَ خاطرڪڪرالي جي ڄام، ڪڇ جو’سندري‘ قلعو، بستابندر، لکپت بندر،  ڪڇ ڀڄ فتح ڪيا. 1768ع ۾ نومڙين ۽ جوکين تي حملو ڪيو. (ڪ.د.ح، ص: 141 کان 164)

اهڙيءَ طرح سنڌ جي مقامي قبيلن جي ارغونن، ترخانن، مغلن ۽ ٻين ڌارين خلاف قومي بقا واري هلايل هلچل جو ڪلهوڙن جي جارحانه ڪاررواين سبب خاتمو ٿيو.

* مقامي قبيلن جو ڪلهوڙن خلاف ردِعمل:

1521ع کان مقامي قبيلن جي قومي بقا ۽ بحاليءَ واري هلچل ۾ هنن جا پهريان دشمن ارغون، ترخان ۽ مغل هئا. انهيءَ کان پوءِ سنڌ تي مغلن جي تسلط وارن ڏينهن ۾ هنن کي ڪلهوڙن جي سرواڻيءَ ۾ ويران ۽ پهاڙي علائقن مان ڪهي آيل ’سرائي بلوچ‘ سڏائيندڙ ماڻهن جي روپ ۾، سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي دائمي قبضو ڄمائڻ جو ارادو رکندڙ هڪ سگهاري گروهه جو خطرو ڏسڻ ۾ آيو. هي اهي ماڻهو هئا، جن لاءِ خود ميان نورمحمد ڪلهوڙي لکيو آهي ته، ”سرائي فقير به سڀ هڪجهڙا ڪونه آهن، ڪي جسم وانگر آهن. ڪي وقت ٽپائيندڙ، ڪي پنهنجو رت ۽ عزيزن وانگر آهن، انهن مان ڪي منافق، ڪي زمانه ساز ۽ ڪي پنهنجي وطن کان ڏکايل ۽ هتي اچي وڏا وار رکائي پاڻ کي فقير ٿا سڏائين ۽ دربان آهن.“ (م.و.د.ح (س)، ص: 62)

ارغونن، ترخانن ۽ مغلن پاران موڪليل جاگيردار ۽ عملدار آيا ويا يا ايندا ويندا رهندا هئا. انهيءَ ڪري مقامي قبيلا انهن کي پنهنجو عارضي دشمن تصور ڪندا هئا ۽ انهن سان ڪڏهن جنگيون ته ڪڏهن مصلحتون ڪندا رهندا هئا. پر ڪلهوڙن ۽ سندن سرائي فقيرن جي روپ ۾ هنن کي دائمي طور قابضُ رهندڙ دشمن نظر اچي چڪو هو. انهيءَ ڪري مقامي قبيلن انهيءَ دائمي مصيبت کي ٽارڻ لاءِ ضرورت وقت عارضي دشمنن يعني مغلن جي جاگيردارن يا عملدارن کان مددون حاصل ڪيون. جيئن آدم شاهه يا ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جي قتل وارن موقعن تي ٿيو. پر ميان نصيرمحمد (وفات 1692ع) کان پوءِ هڪ ڏهاڪي ۽ ٽن سالن جي اندر، 1705ع تائين، ميان يارمحمد ڪلهوڙي مغلن کي ضرورت کان وڌيڪ محصول ادا ڪيو، جيئن مغلن کي لکيل خط ۾ اظهار ڪيو اٿائين ته: ”خدا جو قسم، سيوستان جي رقم، جنهن ۾ ڪيل اضافي کي منهنجي وڪيل برخوردار موٽومل مهتي قبول ڪيو هو، گهٽ حاصل ٿيڻ ڪري، ان کي پورو ڪرڻ به مشڪل آهي. انهيءَ صورتحال جي باوجود، قرض کڻي، رقم باقاعدي ادا ڪري رهيو آهيان. جيڪڏهن هن رقم کان واڌو ٻيو به ڪجهه گهريو وڃي ٿو، ته ان جي ادا ڪرڻ ۾ به ڪوتاهي نٿو ڪريان. جيتوڻيڪ وصول ٿيندڙ رقم مان ان جو پورائو ڪري نٿو سگهجي. فقط هيءُ خيال رهي ٿو ته جيڪڏهن مون ڪجهه چيو ته مبادا نواب صاحب جي دل ۾ انهيءَ مان ميرائي پيدا ٿئي.“ (ت.س.ڪ.د(س)، ص: 291/292)

اهڙيءَ طرح مقامي قبيلن جا عارضي ۽ دائمي دشمن هڪٻئي سان ملي هڪ ٿي ويا. مغلن کي مقامي قبيلن جي شورشن ۽ بغاوتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلهوڙن جي روپ ۾ هميشه تابعدار ۽ فرمانبردار رهندڙ ماڻهو ملي ويا.

مٿينءَ سڄي صورتحال پيش ڪرڻ کان سواءِ، ڪلهوڙي صاحب پاران ’اَبڙو وَڏ وَڙو (هڪ اڀياس)‘ نالي مخالفانه ليک ۾ باقي جن غير ضروري ڳالهين جو ذڪر ڪيو ويو آهي، انهن جو جواب ’اَبڙو وَڏ وَڙو‘ ۾ مفصل ۽ مدلل نموني سان اول ئي موجود آهي. اصل ۾ ڪلهوڙي صاحب ’اَبڙو وَڏ وَڙو‘ ۾ لکيل سچ جي ڪؤڙاڻ جي اثر کي زائل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ليک ۾ ذات پرست ڪلهوڙي جي حيثيت ۾ منفي انداز ۾ اهڙيون ڳالهيون ڪيون آهن. ڪلهوڙي صاحب کي منهنجي گذارش آهي ته جيئن مون هن مضمون توڙي ’اَبڙو وَڏ وَڙو‘  ۾ مستند تاريخي ماخذن جا دليل پيش ڪيا آهن، تيئن ڪلهوڙن متعلق ڪيل دعوائن جا به اهڙي نموني دليل پيش ڪري. ٻيءَ صورت ۾ پنهنجي اکين تان ذات پرستيءَ ۽ تنگ نظريءَ واري عينڪ لاهي، سنڌ جي تاريخ جي هنن سچاين ۽ اٽل زميني حقيقتن کي دل سان تسليم ڪري ۽ ان جو زبان سان اقرار پڻ ڪري، ڇالاءِ ته هي دَور حقيقتن ظاهر ٿيڻ ۽ رازن تان پردي کڄڻ جو دَور آهي.

نشانيون ۽ حوالا

* (ٽ- م) ٽماهي مهراڻ-شمارا، سيارو 2005ع، 2-1995ع، 3-1971ع ۽ 1- 1971ع، س.ا.ب ڄام شورو.

* (ا-و-و) اَبڙو وَڏ وَڙو- (راقم)، شڪارپور 2005ع.

* (ڪ-د-ح) ڪلهوڙا دور حڪومت، غلام محمد لاکو، ڪراچي 2004ع.

* (ت- س) تاريخ سکر، رحيمداد خان مولائي شيدائي، س.ا.ب ڄام شورو سنڌ 2005ع.

* (ت- ا- خ) تذڪره اميرخاني، سيد حسام الدين راشدي، س.ا.ب ڄام شورو سنڌ 2005ع.

* (م- و- د-ح) منشور الوصيت و دستور الحڪومت، ميان نورمحمد ڪلهوڙو، س.ا.ب حيدرآباد/ڪراچي 64/1996ع.

* (ت- م-ش- ج) تاريخ مظهرشاهجهاني، يوسف ميرڪ، س.ا.ب حيدرآباد/ڄام شورو 62/1994ع.

* (ت- س- ڪ- د) تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دَور، غلام رسول مهر، س.ا.ب ڪراچي 1996ع.

* (س- ج- س) سمن جي سلطنت، غلام محمد لاکو، س.ا.ب ڄام شورو 1996ع.

* (ت- م) تاريخ معصومي، مير محمد معصوم بکري، س.ا.ب ڄام شورو 1985ع.

* (م- م- ب) مير معصوم بکري،پير حسام الدين راشدي، س.ا.ب ڄام شورو 1979ع.

* (ت- ڪ) تحفة الڪرام، مير علي شير قانع، س.ا.ب ڄام شورو 1989ع.

* (س- ج- س- ت) سائين جي.ايم.سيد. سيد جون تحريرون، سن 1991ع.

* (د- ف) ديوانِ فريد، جلد اول، قصرالادب ملتان

* (م- پ) ماهوار پيغام سيپٽمبر/آڪٽوبر، ڪراچي 2003ع.

* (س- ج- ڇ- و-ع) سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو، جنرل هيگ، حيدرآباد، 1995ع.

* (س- ج- ق- آ) سنڌ جا قديم آثار، هينري ڪزنس، س.ا.ب ڄام شورو، 1995ع.

* (س- س- م- و- ق) سنڌ ۽ سنڌوماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون، رچرڊ برٽن، س.ا.ب ڄام شورو، 1995ع.

* (ا- ڪ- س- ج-ا) امرڪوٽ- سنڌ جو اتهاس، تيجسنگ سولنڪي، حيدرآباد، 2004ع.

* www.promised mehdi.com/sindh-htm

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com