سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2006(1)

 

صفحو :14

منهنجو خيال آهي ته ’لطيف فن‘ جي نالي واريون جيڪي به شيون مشهور آهن، تن مڙني ۾ موسيقيءَ جي جاءِ مٿاهين آهي. شاعريءَ ۽ موسيقيءَ جو جيتوڻيڪ پاڻ ۾ سڳين ڀينرن وارو گهرو ۽ گهاٽو سُنٻنڌ آهي، ليڪن مان ائين ٿو ڀانيان ته اُچيءَ شاعريءَ کي اُوچي کان اوچي مقام تائين آڻڻ لاءِ موسيقيءَ جو ميل تمام ضروري آهي، پر موسيقيءَ کي اُچي شاعريءَ جي ڪاڻ ڪڍڻ جي ايتري ضرورت ڪانهي. جڏهن به اسين ڪنهن راڳيءَ کي ڪجهه ڳائڻ لاءِ چوندا آهيون، ته ان جو مطلب بنيادي طور راڳ سان هوندو آهي، ۽ نه اُچن لفظن جي ٻُڙن سان جَڙيل ۽ جهنجهيل شاعريءَ سان. ٻڌندڙ  جو خيال پهريائين ڳائڻي جي موتين جهڙن منظوم لفظن ڏانهن نه، بلڪ آوازن جي فني بجاوريءَ ۽ ڳائڻ جي ڍنگ ڍار ۽ ورجاءُ ڏانهن رُڌل رهندو آهي، ۽ پو”، گهڻي ٿهمر ۽ ڌيرج بعد، خيال جو گهوڙو لفظن جي ماپ ۽ تڪ تور ڪرڻ لاءِ واڳ ورائيندو آهي. راڳ يا سُرَ سان انساني ساهه جون ڳنڍيون ڳنڍيل آهن، ڇو ته راڳ ڪنهن اڪيلي قوم يا ڪنهن اڪيلي جاگرافيائي ٽُڪري جي ملڪيت نه آهي، پر پوريءَ انسانذات جي روحاني پاڪيزگين جي ميراث منجهس موجود آهي. موسيقي يا راڳ نالو آهي هڪ رسيلي ۽ توريل تڪيل آواز جو، جيڪو ٻڌندڙ جي ڪن کان اندر پيهي، روح سان وڃي رلمل ٿئي ٿو- پوءِ اهو آواز کڻي سازن جي تند تار مان اُڀري، نڙيءَ مان نڪري، يا چپن جي چرپر سان پيدا ٿئي. هائو، ايترو ضرور مڃبو ته جيڪڏهن مٺي سُرَ سان وري منوهر ۽ مٺڙا ٻول رلجي نڪرن، ته راڳ جو مزو تهان ئي چوٽ چڙهي ويندو. جيئن مٿي چيم، موسيقي ڇاڪاڻ ته ڪنهن به شخص، جماعت ۽ قوم يا ملڪ جي ملڪيت ناهي، پر روح جي اندروني خلش ۽ مسرت جو چٽو پٽو چِٽُ يا ڇاپ آهي، تنهنڪري هر آدم پوٽي جي من سان ٺهڪي ڦهڪي اچي ٿي. هيءُ سچ آهي ته جهڙيءَ ريت جدا جدا هنڌن تي انساني ٻوليون نراليون ۽ جداريون ٿين ٿيون، هوبهو ائين، جدا جدا ڏيهن جي موسيقيءَ ۾ آوازن جي تڪ تور جا ماڻ ۽ ماپا به نوان نوان ٿين ٿا، پر ڪنهن ٻوليءَ جي بيحد سهڻن، سٻاجهن ۽ مهر ڀرن لفظن جو اثر رڳو ان ٻوليءَ جي ڄاڻوءَ تي ئي پئجي سگهي ٿو، ۽ اهو لفظي رس رڳو ان کي ئي پڙ پوندو، ليڪن موسيقيءَ جي امرت- رس هر جيءَ کي جياريو ڇڏي: پرايو توڙي پنهنجو، ڪنهن نه ڪنهن حد تائين، ان جي لطف ۽ لطافت کان متاثر ضرور ٿئي ٿو. موسيقي پنهنجي ميٺاج سان پَراين کي به پرڀايو، پرچايو، پنهنجو ڪريو ڇڏي- پوءِ کڻي اها موسيقي دنيا جي ڪهڙي به علائقي جي وطنيت رکندي هجي. سچ پچ ته موسيقي، پنهنجي مجموعي فني حيثيت سان انسانذات جو هڪ مشترڪ مذهب آهي.

- ذوالفقار راشدي

[”ڪسوٽي“، ص 43-44]

 


 

شاعري

ڏات نه آهي ذات تي!

محنت،  عرقريزي، رياضت، تپسيا- ۽ سڀ کان وڌيڪ- ”پرين“:

تهڙا چاليها نه چاليهه، جهڙو پَسڻ پرينءَ جو!

اهو پرين هڏ ماس وارو پرين به آهي ته روحاني به آهي. اُهو پرين وطن به آهي ته مقصد به يا اهو سڀ آهي، جيڪي ڪجهه به هن ڪائنات ۾ موجود آهي، نه به آهي ته به شاعر کي اُهو، جيڪو موجود نه آهي، موجود ڪري ڏينو آهي: ان ريت ئي شاعر هڪ تخليقڪار، هڪ سرجڻهار جو مرتبو ماڻي ٿو.

ڪابه ٻولي شاعريءَ کان سواءِ ته ٿي سگهي ٿي، پر شاعري ٻوليءَ کان سواءِ نٿي ٿي سگهي. ان ڪارڻ ئي شاعر جي بنيادي ذميواري به اها آهي ته هو پنهنجي ٻوليءَ کي  بچائي ۽ اُن جي واڌ- ويجهه  لاءِ پنهجون سموريون صلاحيتون ڪتب آڻي، خاص طور تي تڏهن جڏهن ٻوليءَ لاءِ حقيقي خطرا موجود هجن.

ٻولي انسان سان گڏ ڄمي ٿي، پر انسان سان گڏ مري نٿي. ۽ پنهنجي ٻوليءَ کي، جنهن ۾ هن ماءُ جي مٺڙي لولي ٻڌي آهي، قائم ۽ دائم رکڻ به شاعر جو منصبي فرض آهي. ان لاءِ ٻوليءَ جي تخليقي صلاحيتن کي ڪم آڻڻ لازمي آهي. جيڪڏهن ڪنهن ٻوليءَ ۾ اهڙي تخليقي صلاحيت موجود به آهي، تڏهن به شاعر کي اُن جي کوج لهڻي پوندي- ۽ جيڪڏهن ڪنهن ٻوليءَ ۾ اهڙي تخليقي صلاحيت موجود نه آهي، يا گهٽ آهي، تڏهن به شاعر کي پنهنجي شاعراڻي ڏات سان ٻوليءَ جي تخليقي صلاحيتن کي موجود ڪرڻو پوندو يا وڌائڻو پوندو.

ٽي. ايس. ايليٽ شاعر جي بنيادي ذميواري ٻوليءَ جي بقا ۽ ترقي ڄاڻائي آهي ۽ اها ڳالهه هن ويهين صديءَ ۾ چئي آهي- جڏهن ته شاعري ته اُن کان اڳي به ٿي رهي هئي ۽ شاعر پنهنجي ان بنيادي ذميواريءَ کي نڀائي به رهيا هئا ۽ اڄ به نڀائي رهيا آهن ۽ سڀاڻ به نڀائيندا رهندا. پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ جي آڌار تي اهڙا شهپارا تخليق ڪندا رهندا، جيڪي نه رڳو سندن ٻوليءَ کي، بلڪ خود شاعر کي به زندهه رکندا- پر ان لاءِ اُهائي محنت، عرقريزي، رياضت ۽ تپسيا- لازمي آهي، جنهن جو مون مهڙ ۾ ذڪر ڪيو آهي: ”ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي!“

        - ا. ح

 


 

عبدالقيوم ”صائب“

رموز و حڪمت

 

فساد فتني جو نانءُ آهي رموز و حڪمت،
۽ ڏاڍ مڙسيءَ جو کيل آهي جلال و عظمت.
غلط اسان ۾ رواج پئجي ويا جو آهن،
چئون ٿا ڦُرلٽ جي مال کي پڻ نعيم و نعمت.
ٻين جي ڌرتيءَ تي قبضو قائم ڪري وٺڻ سان،
وڃي اڳاڙيو ٿو حق سمجهي خراج و قسمت.
ضعيف ايمان جي حاملن تي سدا کان يارو،
مڙهيا وڃن ٿا خيال باطن ۽ خوف و دهشت.
نظامِ شاهان جا روح آهن رهيا هميشه،
خمارِ دولت، شمارِ لشڪر ۽ جاه و حشمت.
ڪمال تي پڻ زوال ايندو ڏٺو وڃي ٿو،
مگر انهيءَ جو سبب عموماً هو عيش و عشرت.
لڳي هشيءَ تي ٻين سان جيڪي خراب ٿين ٿا،
فلڪ مان تن لئه لهن ٿا ڪيئي نشانِ عبرت.
نقاب رخ تان کڻائي ڏسبو ته ٿيندا ظاهر،
ڪيا وڃن ٿا جي ڪِيس هر دم بنامِ حرمت.
بيان بازيءَ تي آهه مبني هي ٺاٺ سارو،
صدين کان ليڪن هليو اچن ٿا غريب و غربت.
نوازشن تي نوازشون جي ڪري ٿا ڄاڻن،
کپي انهن کي ٿي شايد اي يار سستي شُهرت.
جي دَور فتنه جي ڳالهه آهي ته جاچي ڏسجو،
قلم جا شوشا، ادب جا گوشا ۽ ڪارِ خدمت.
سڪون ڪيڏو ٿيو ميسر جڏهن ڏٺاسين،
محل جا نقش و نگارِ دلڪش ۽ زيب و زينت.
جني جو پٽ تي به پير پوندي ڏٺو نه ڪنهن ٿي،
ملي مٽيءَ ۾ تني جو ويندو هي ناز و نخوت.
وڏاءُ ايڏو نه ڪر زمانا! تون آهين فاني،
فنا جي آڏو ته جهڪڻي آهي سڄي رعونت.
ڪنست و ڪعبي جي ويڙهه جاري جهان ۾ آهي،
خلوص واري اگر اچي ٿي ڏسڻ ۾دعوت.
عمل سان هردم سنوارجي ٿو سماج يارو،
اوهين به پختا قدم کڻو ۽ ڪريو ڪا خدمت.
ٻنهي جهانن ۾ سرخرو جي ٿيڻ گهرين ٿو،
ته ڀال سڀ سان ڀلائي ”صائب“، ڪڍي ڪدورت.

 

 

محمد اشرف ”منصور“

 

روءِ گرداني جي باعث روز رنجيده نه ٿي،
هن مزاجِ تُند لئه افسوس! افسرده نه ٿي.
ڪر فراقِ يار ۾ هرگز نه تون آه و فغان،
بيوفا جي لاءِ هيڏو هاءِ! غم ديده نه ٿي.
گر شهيدِ ناز مرقد ۾ ٿيو خاموش لب،
زنده و جاويد جي دل آ ڪڏهن مرده نه ٿي.
آ قفس ۾ بلبلِ بيوس جي ٿي گفتار بند،
خدمتِ صياد کان هرگز آ گرويده نه ٿي.
خلوتِ شب لاءِ ٿي آهي بهانه سازگي،
پر وصالِ مختصر لئه ڪڏهين سنجيده نه ٿي.
منهنجي اندازِ تڪلم کان نه ٿيو مائل ڪرم،
بد زبانِ سيه رو لئه آهِ شوريده نه ٿي.
محفلِ رندان ۾ آهي رات ساري ٿي بسر،
پر شرابِ ناب کان آ چشم خوابيده نه ٿي.
پيڪرِ حسن و شبابِ يار جو ديدار ٿيو،
خواب جي تعبير تي ”منصور“ شرمنده نه ٿي.

 

”محبوب“ سروري

غزل

ظهورِ حق ائين در پردهء باطل لڪل آهي،
ڪڪر جي اوٽ ۾ گويا مة ڪامل لڪل آهي.
جهانِ عشق ۾ ڪٿ نار مان گلزار ٿيندو آ،
ڪڏهن مقتل جي نالي ۾ به ڪا محفل لڪل آهي.
اکين جي گهور سان گڏ گڏ، چپن جي مُرڪ مان سمجهيم،
نفي ناهي محض، اثبات پڻ شامل لڪل آهي.
تون اطمينان سان گرداب مان ڪڍ پنهنجي ڪشتيءَ کي،
انهيءَ طوفان جي آغوش ۾ ساحل لڪل آهي.
نه ڏس محبوب جي تون مفلسي ۽ تنگدستيءَ ڏي،
غريبي ويس ۾ هڪڙي لَکن جي دل لڪل آهي!
 

شبير ”هاتف“

غزل

 

محبت کان سوا ڪا شيءِ بچائي ڪونه سگهياسون،
کُٽاسون، پر اها پُونجي وڃائي ڪونه سگهياسون.
جي دل جون ڳالهيون لوڪؤن لڪائي ڪونه سگهياسون،
ٻُڌائڻ جت کپن ها اُت ٻُڌائي ڪونه سگهياسون.
اسان يارن جي ياريءَ تي پَڏائي ڪونه سگهياسيون،
اجايو محل واريءَ جا اَڏائي ڪونه سگهياسيون.
هنن جي بي وفائي، بي رخي، بي اعتنائيءَ تي،
اسان پنهجي محبت کي گهٽائي ڪونه سگهياسون.
هُنن سان بي تعلق ٿي وياسون لوڪ لڄ خاطر،
مگر وعدو وسارڻ جو نڀائي ڪونه سگهياسون.
قسم، ويساهه، منٿون ميڙ، آزيون، ڏکَ، ڏوراپا،
وڃڻ واري کي ڪنهن حيلي ورائي ڪونه سگهياسون.
پَلڻ سان نيڻ پَليا ڪونه، هرکي پيا ڏسي هن کي،
لڪائيندي به جذبن کي لڪائي ڪونه سگهياسون.
جهانِ دل ۾ وسعت ڪئين جهانن جي هئي ليڪن،
اُتي هڪ شخص ريءَ ٻيو ڪو سمائي ڪونه سگهياسون.
اسان جي شاعري ’ٽکڙ‘ جو ورثو آهي پر يارو!
انهيءَ ميدان ۾ ڪونتل ڪُڏائي ڪونه سگهياسون.
وڏا وارو وڄائي ويا، وڏن جو پيا کَٽيو کائون،
اسان کي جي مليا موقعا، ملهائي ڪونه سگهياسون.
جي پاڻئون ٿي پيا پڌرا اُنهن کي آزمائڻ ڇا،
مَرم ماريا اَهيون ڪنهن کي لڄائي ڪونه سگهياسون.

 

(2)

چپن جو رنگ آهي ۽ ڳلن جي تازگي آهي،
چمن ۾ چَوطرف محبوب جي موجودگي آهي.
جڏهن کان واعظن پيرِ مغان جي پَڳ ٻَڌي آهي،
اسان ميخاني واري راهه کان توبهن ڪئي آهي.
اکين جي  ميڪدي مان سُرڪ جا ساقيءَ ڏني آهي،
اهي نشا جو دنيا آخرت وسري وئي آهي.
گهڻئي سهڻا مليا، پر دل ته هڪڙي سان لڳي آهي،
اسين ناهيون انهن مان، جن جو پيشو عاشقي آهي.

 

وفا جي بُو اچي ٿي مون کي هن جي بيوفاين مان،
جا هن مون سان ڪئي آهي، سا مجبوراً ڪئي آهي.
فقيرِ راهه آهيون، آئي وئي کي پيا دعائون ڏيون،
”نه ڪنهن سان دوستي آهي، نه ڪنهن سان دشمني آهي.“
جي ڏاڍن جي اڳيان ڪمزور، ڪمزورن اڳيان ڏاڍا،
اهي ڀانئن ٿا هيڻن کي چِپڻ مردانگي آهي.
وڃڻ در دوست جي هر هر چون ٿا آهه هلڪائي،
انهيءَ لئه يار جي ياري، پري کان ئي چڱي آهي.
اِها پيري ته هن کان پوءِ الائي حال ڇا ٿيندو،
اچڻ واري ڪجئين جيسين اکين ۾ روشني آهي.
جي ايندين تنهنجا لک ٿورا، نه ايندين خير ٿئي تنهنجو،
نه پنهنجو حق نه ڪا حجت، ادب ۽ عاجزي آهي.
محبت ۾ ته سر ۽ ساهه جو سودو بنهه سستو،
مگر في الحال تنهنجي آڏو هيءَ دل پيشگي آهي.
نه زلفن منجهه ڪو ڦاٿو، نه ابرو سان ڪُٺهءِ ڪنهن کي،
ته پو ڪهڙي خوشيءَ ۾ تکي اڄ ايڏي خوشي آهي!
ڪڏهن پنهنجا به ايڏا ڏنڀ ڏيندا، مون نه ٿي ڄاتو،
الاهي خير! منهنجي هاڻ پنهنجن سان پَئي آهي.
جدائيءَ کي ته سهسائي ويو آهيان، مگر سهڻا!
مون کي اڪثر لڳي ٿو زندگيءَ ۾ ڪا ڪمي آهي.
گُل ۽ بلبل جي قصن ۾ ڪري ٿو وقت جون ڳالهيون،
اِهي جي پار ”هاتف“ جا، ته پڪ هن جي ڦِٽي آهي.

 

 

عنايت بلوچ

غزل

ساٿي سهڻو هو، ڪو،
هرجا هُليو هوڪو!
ڏاڍوآيم ياد،
تنهنجو پيار پروڪو!
ماڻهن ۾ انسان،
هرڪو ناهي، ڪو ڪو.
يارَ کي ڄاتم يارُ،
ڪيڏو کاڌم دوکو.
موڳا آهيو ماٺ،
ڪجهه ڳالهايو، لوڪو!
ڪرڻو ٿئي ته ڪري وٺ،
اٿئي ڏينهن اڄوڪو.
ڳالهه ’عنايت‘ تنهنجي،
آهي ڀير تي ڏوڪو!


 

احمد خان مدهوش

 

غزل

اڄ ته دلبر اکين سان اکيون چار ڪر،
مان به درشن ڪريان، تون به ديدار ڪر.
جئن نگاهون نگاهن سان ٻَکجي وڃن،
اهڙو انجام ڏي، اهڙو اقرار ڪر.
مان به ٿيان جنتي، تون به ٿي جنتي،
پيار ڏي، پيار وٺ، پيار ئي پيار ڪر.
تَڪ بلاشڪ مگر هيٺ ڌرتي نه تَڪ،
تيرُ تاڻي جگر مان، ٻِسٽ پار ڪر.
داءُ دل جو هڻي، منهنجي دل وڃ کڻي،
آمهون سامهون اچي دل جو واپار ڪر.
پنهنجي ’مدهوش‘ کان ڇو ٿو پردو ڪرين،
نينهن نروار ڪر، عشق اظهار ڪر.

 

مير عبدالرسول ”مير“

وائي

 

جڏهين تڏهين پاڻ کان،

پُڇڻو پوي ٿو:
        ڪڏهن رَسبو ڪيچ کي؟

اُٿي اَسرَ ويل جو، ساوڪ ۽ سُرهاڻ کان،

                                   پُڇڻو پوي ٿو:

                        ڪڏهن رَسبو ڪيچ کي؟

سنڌوءَ سُڪل پيٽ کان، ماندي مَن مهراڻ کان،

                                   پُڇڻو پوي ٿو:

                        ڪڏهن رَسبو ڪيچ کي!

وَڃي ساري ويڙهه ۾، ڄاڻوءَ ۽ اڻڄاڻ کان،

                                   پُڇڻو پوي ٿو:

                        ڪڏهن رَسبو ڪيچ کي؟

آڏو آڻي آرسي، اکڙين جي آلاڻ کان،

                                پڇڻو پوي ٿو:

        ڪڏهن رَسبو ڪيچ کي؟

ڪاري ڪاري رات ۽ چوڏهينءَ جي چانڊاڻ کان،

                                   پُڇڻو پوي ٿو:

ڪڏهن رَسبو ڪيچ کي؟

ٻُوسٽ، پيڙا، گهُٽَ کان، من سندي مانڌاڻ کان،

                                پڇڻو پوي ٿو:

ڪڏهن رَسبو ڪيچ کي؟

چوڏس ٽمڪن ڏيئڙا، آزاديءَ اُهڃاڻ کان،

                                پڇڻو پوي ٿو:

ڪڏهن رَسبو ڪيچ کي؟

 

موتي لال جوتواڻي

اهڙي رات تون وري نه آڻيندين

گذريل دفعي جڏهن اسان مٿان اُها رات اچي پيئي
                                           هئي،

ته پرڀات ٿيڻ ۾

سڄا سارا ڇهه سال لڳي ويا هئا(1)

اُن رات اسان ڇا ڇا نه ڏٺو؟ ڇا ڇا نه سَٺو؟

ماءُ روٽي پچائي

پنهنجي پُٽ وٽ کڻي آئي

ته کيس خبر پيئي

سندس پٽ کي

پڙهائيءَ جي ميز ڪرسيءَ تان اُٿاري

ٻانهن کان ڇڪي

جنگ تي وٺي ويا هئا

ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر

مردن کان خالي ٿي ويا هئا.....

۽ پاڳل عورتون

کين اجايو بسترن تي ڳولهي رهيون هيون

هوڏانهن مردن ۾ به

الاجي ڇا ڪجهه بيمار بيمار پيدا ٿي رهيو هو!

گذريل دفعي جڏهن اسان مٿان اُها رات اچي پيئي هئي

ته اُها رات چنڊ کي ڳڙڪائي پڳلي بڻجي پيئي هئي،

مون کي خبر آهي

اهڙي رات تون وري نه آڻيندين

ڇو ته هن دفعي

ٽين مهاڀاري لڙائيءَ واري اُها رات

سورج کي ئي کائي ويندي!

 

واسديو موهي

غزل

آڱر رکي چپن تي چوندا ٿا ڪجهه رهن جي،
بادل ضرور هٽندا، ٿورو رڳو کِلن جي.
هڪڙو ٽُڪر ڪڪر جو، ليٽيو اچي ڪلهي تي،
مهڪيل ٿڌاڻ پهلي، ٻاهر، اندر بدن جي.
بادل اچن ته اُڌما، جاڳي پون هوا جا،
ٻُڌ هن جي کِلکِلاهٽ، ڏس لوڏَ هُو وسن جي.
ديوار جي گلي ۾، ٻانهون وجهي رُنو مينهن،
ويندا ڪٿي هي باقي، ڀُرندي مٽي ڏِسن جي.
منهنجي اَندر جو رڻ پٽ، چپ چاپ ڦهلجي ويو،
آنچلَ به مون لئه بادل، نوڙيءَ تي ٿا سُڪن جي.
آڪاش کي تون جهنگل، سمجهي ڊنو ڇو آهين،
آهن ته صرف ڪڪريون، ڇڙواڳ ٿيون لڳن جي.
اُڃ تن جي پڙهه تون ڪڪري، شايد رُئڻ اچيئي،
واريءَ تي صرف پاڻي پاڻي پيا لِکن جي.
تن جي سخاوتن تي، آڱر کڻين متان تون،
ڍُڪُ آڇي اوچتو ئي، هت مان وَٽو کَسن جي.

 

قاضي خادم

بيت

سامي مليو شام جو، پڇيائين پئي حال،
ٻُڌي درياهه شاهه جو، ٿيس رنج ملال،
ڪيئين ڪونه خيال، ڇڏي ساٿ هليو ويو.

ڪهڙا پار اپار، پڇين منهنجي يار جا،
چپڙن مرڪ، نيڻن لڙڪ، سا ئي تند تنوار،
ملي جي هڪ وار، ساهه سر صدقو ڪريان.

ساري رات سهائي، ڪٿي ڪانهي ڪارَ،
رڳو منهنجا يارَ، هجين مون سان هيڪلو.

گذريون جيڪي يار سان، راتيون منجهه قرارَ،
انهن جا اقرار، ڪهڙا ڪريان جڳ سان!

 

نصير مرزا

مِٽي.... مِٽي!

ماڳ مڙيوئي مٽي مٽي،
ٿيندو ڪير نه مٽي مٽي؟

 

هر پاسي ماڻهن جو ميلو
محبن سان ٿي سگهيو نه ميلو

خوب رُلياسين
خوب پنياسين

خوار ٿياسين، گهٽي گهٽي
ٿيندو ڪير نهمٽي مٽي!

 

پورو هي اُپکنڊ هئاسين،
خيال خوديءَ ۾ سمنڊ هئاسين.

جڏهن لٿاسين
ڪونه هئاسين

ڌُوڙ بڻياسين، چِٽي پِٽي
ٿيندو ڪير نه مٽي مٽي!

 

ڪنڌ اڏيءَ تي ڌري ڏٺوسين
کل ڇِڪائي سڙي ڏٺوسين

ٿيا نه ويجها
سهڻا پنهنجا

ڪنديون هليا ويا ڪِٽي ڪِٽي
ٿيندو ڪير نه مٽي مٽي!

 

اياز گل

غزل

زندگي ايئن واربي ناهي ڪڏهن،
پيار ۾ جي گهاربي ناهي ڪڏهن.
ڪوئي چهرو ڄڻ حياتي ٿو ٿئي،
ڪائي صورت ساربي ناهي ڪڏهن.
هر عمل مان پيار ظاهر ٿو ٿئي،
دل ڪڍي ڏيکاربي ناهي ڪڏهن.
هر خوشيءَ کان ڀَل ڪجي ٽارو مگر،
ڳالهه هن جي ٽاربي ناهي ڪڏهن.
محبتون ڌاريو نه ڌاريو، دوستو!
پر دَغا ڀي ڌاربي ناهي ڪڏهن.
جا هٿن مان وئي هلي واريءَ جيان،
ڳالهه سا ويچاربي ناهي ڪڏهن.
ديس تان صدقو ٿيڻ، ٿي ٿَڃِ ۾،
راند هيءَ سيکاربي ناهي ڪڏهن.
ڀِٽ ڌڻيءَ ڀرسان، سُتل آ، جي ”اياز“،
سونهن ڇا سينگاربي ناهي ڪڏهن؟

 

ادل سومرو

وائي

ٻار اوندهه ۾ رُئن،
درد ئي ٻاري ڇڏيون-

زندگي گهاري ڇڏيون.

هارجي سڀڪجهه ويو آ،
هانءُ ڇو هاري ڇڏيون-

زندگي گهاري ڇڏيون.

مسئلا هي ڪين ٽرندا،
بيوسي ٽاري ڇڏيون-

زندگي گهاري ڇڏيون.

جي تري ٻيڙي نه پنهنجي،
لُڙڪ ئي تاري ڇڏيون-

زندگي گهاري ڇڏيون.

هونئن به ويندي وارجي،
پرينءَ تان واري ڇڏيون-

زندگي گهاري ڇڏيون.

 

راشد مورائي

ڪافي

ڏنئي سورَ سهيڙي، ڏنئي سور سهيڙي!
ٽُٽي لڙڪن مالها، موتي ڪو به نه ميڙي،

ڏنئي سور سهيڙي!

ڦَرهو ڪين ڪڍين ها، پهريان چاڙهي ٻيڙي،

ڏنئي سور سهيڙي!

بَکيا برهه جا سوگها، ٽوپا ڪير اُڊيڙي،

ڏنئي سور سهيڙي!

’راشد‘ ڪڍبا ڪشالا، قرب ڇڏيو آهه ڪيڙي،

ڏنئي سور سهيڙي!

 

 

”سوز“ هالائي

غزل

نظر جي ڪابه حد ڪانهي،
نظارن کان پڇي ڏسجو.
حقيقت بيقرارن جي،
ڪنارن کان پڇي ڏسجو.
بهارن کي به پرکيوسين،
بهارن کان، پڇي ڏسجو.
اسان جي رات ڪيئن گذري،
ستارن کان پڇي ڏسجو.
محبت پيار جون ڳالهيون،
پيارن کان پڇي ڏسجو.
سهارن سان نه سَرتاسين،
سهارن کان پڇي ڏسجو.
اسين لهرن سان لڙياسين،
ڪنارن کان پڇي ڏسجو.
اڃا موکي مُئي ڪانهي،
مَتارن کان پڇي ڏسجو.

 

اسحاق سميجو

غزل

ياد پيو ياراڻو ڪوئي،
ڳاري ويو ڳاراڻو ڪوئي.
هاڻ ته ڪاڪ ڪڙهي وئي دل جي،
هاڻ نه ڳائي راڻو ڪوئي.
هڪ سهڻيءَ جو ڀاڪر ساري،
مهڪي اڄ به وِهاڻو ڪوئي.
پياري! تنهنجي پيار اياڻي،
ڦاسايو آ سياڻو ڪوئي.
آيو آهي پاڻ به وڪڻي،
ويو ته ڪمائڻ ناڻو ڪوئي.
خواب ته آ مخدوم بلاول،
ڇا پيڙيندو گهاڻو ڪوئي!

 

مريم مجيدي

وائي

صبح کان سومهڻيءَ تائين،

تنهنجي سار ستاءِ!

عشق جي اُپٽيل هٽ تان ساجهر،
ٻن نيڻن جي ٻُهڻيءَ تائين!

تنهنجي سار ستاءِ!

تارن جي ٽمٽار امبر کان،
ڏوڀارن جي ڏُهڻيءَ تائين!

تنهنجي سار ستاءِ!

موتئي مُک تي ماڪ ڦڙي جي،
ڪومل ڪومل ڇُهڻيءَ تائين!

تنهنجي سار ستاءِ!

جهونجهڪڙي جو جالارن ۾،
’شاهه‘ کي پڙهندي سُهڻيءَ تائين!

تنهنجي سار ستاءِ!

 

مقصود گل

(بيت)

سر سماج

اڄڪلهه جا انسانَ، مسجد، بم، بغاوتون،
مارن پيا مظلومڙا، قهري بڇي ڪانَ،
ظاهر موهه، منافقيون، الفت جا اعلانَ،
شمرا سي شيطان، مسجد رتُ رياضتون.

بمن مٿان بم، مسجد ۾ ماڻهو مئا،
اڄوڪي انسان جا، ڏس هي ڪُڌا ڪمَ،
ڏاڏا ساري ڏيهه جا، اچي ڏسُ آدمَ،
’مان‘ ’مان‘ واري مَمَ، ماڻهوءَ کي ماري وڌو.

ڪلفت، ڪوڙ، ڪروڌ جا، دل دل ۾ دهمانَ،
پئسي لئه پرزا ٿين، اربيلا انسانَ،
لالچ، لوڀُ لياقتون، ڇانگا وانگا شانَ،
نونڌ ڪري نادانَ، ماڻهوءَ وڪيو ماڻهپو.

آدمُ، آدمَ لاءِ ٿيو، اڄڪلهه ڇتو شينهن،
ظاهر ظلم زيادتيون، رات نه ڏسي ڏينهن،
پئسي لئه پامال ٿيو، نازڪ سچو نينهن،
ماڪ نه ٿيندي مينهن، وَسي ڀل وارا ڪري.

آيو دور عجيبُ، ڪهڙي در دانهين وڃي،
بيماري، بک، بي روزي، ٻيو ڪونهين قرب قريب،
غربت منجهه غريب، مهانگائيءَ ماري وڌو.

رَتُ سان ڇاپيل روز، اچن اخبارون،
هئه هئه! هرهڪ پيج مان، ٻُجهن ٻاڪارون،
مارَن جون مظلوم تي، مارُن تي مارُون،
لڙڪن جون لارُون، برسن بهيرون ڪري.

اوندهه کي آڪڙ، روئي ٿي پئي روشني،
پيار واري پوک کي، ماري وئي ماڪڙ،
ٻيائيءَ ٻڙڌول ۾، رشتا رشتا رڙ،
 کوکڙ ۽ کاکڙ، دم ڏيڻ تي دوستي.

بيروزگاريءَ ڀونءِ، تائي تپائي کنئي،
ڪَڙ ڪَڙ ڪانَ ڪپار ۾، روئي ٿي هر رونءِ،
غربت غم گداز ۾، روڌن ۽ رت پونءِ،
 بي قياسيءَ جي بونءِ، ڌوڌر ڌپَ وڌي وئي.

اي سيءَ ۾ آرام، دولتمند دلجاءِ ۾،
گرمي غربت واسطي، آ نيڻين ننڊ حرام،
سورج، ٽانڊا ٽامڻي، ٿو ساڙي صبح شام،
پِتُ، پگهر، ڄُٺِ جام، مسڪينن لئه مامرو.

کنڊُ، اٽو، گِيهه کاڄ، هر شيءِ چوٽ چڙهي وئي،
مزدوري به ملي نٿي، آ سُڏڪن منجهه سماج،
ڪنهن در دلبر داد نه ڪو، ريهون، ريهون راڄ،
ايذائن علاج، سورن منجهه سُجهي نٿو....!

 

سرفراز راڄڙ

غزل

جن ڪئي جيئري جدائي تن جو خير،
بي سبب ڪئي بيوفائي تن جو خير.
هيئن ڪري بيگانگيءَ کي اختيار،
آشنائي جن وڃائي تن جو خير.
عشق جي راهن ۾ جن آندو ڇڪي،
منهنجي همت آزمائي تن جو خير.
ڪا گهڙي مون وٽ اچي مون کي پڇن،
ناهي جن کي واندڪائي تن جو خير.
خوش رهي شل رهزنِ صبر و قرار،
دولتِ دل جن لٽائي تن جو خير.
ڪيترو مجبور آهي اڄ ’فراز‘،
هي حقيقت جن ٻڌائي تن جو خير.

 

 

مير محمد پيرزادو

گيت

سڪ ساڻ اچي ٿيءُ ساڻي

او، ماڻين شال جُواڻي!

 

اڻ کٽ پيلا گل سرنهن جا، جهومي اُٿيا جن سان کيٽ،
تن تي چٽَ تلورن جا ڪي، چانڊوڪيءَ ۾ چٽيا چيٽ،
مڌُ اچي پيءُ ماڪُن هاڻي... او، ماڻين شال جُواڻي!

واٽ وهائوءَ آهه وتي جا، تنهن جي ٿيندي پرهه پُڄاڻي،
پولارن ۾ گلڙن جي آ ساري ستل خوشبوءِ ساڻي،
رَس، نه رُسي جيئن رات جي راڻي... او، ماڻين شال جُواڻي!

مکڙيون ڏين ٿيون جنم گلن کي،ماڪ چُمين نيشاني،
هوا لُڏائي لام وڻن جي، لوڏي پينگها جاني!
ڇپر وِٿين چانڊوڪي ڇاڻي... او، ماڻين شال جُواڻي!

آرس ڀڃندڙ ٽارَ وڻن جا، هير پئي ٿي جهولائي،
وڻ تي ويٺل پکي امبر جي سُر سان سُرُ ملائي،
پِتو به جنهن سان ٿي پئي پاڻي... او، ماڻين شال جُواڻي!

سورج گل ۾ ساهه پئي جئن اُوشا ديويءَ آئي،
منهنجي من کي تنهنجو مٺڙا تيئن ٿو پيار ستائي،
اڄ به نه ٿئي ايئن پريت پُڄاڻي... او، ماڻين شال جُواڻي!

وَهِي ملڻ ريءَ وَهِي وئي جي پنهنجو ايئن ئي پلئه ڇڏائي،
ڪهڙي ڪل آ پوءِ اسان جي ڳائي، ڪوبه نه ڳائي،
اسان پڄاڻا پريم ڪهاڻي... او، ماڻين شال جُواڻي!
 

 

ذوالفقار سيال

گيت

توکي نيڻن منجهه سمائي
گلڙن ۾ مان توريان
آءُ ته جاني! پنهنجي دل جو
توسان حالڙو اوريان.

تنهنجا وار جڏهن وکرن ٿا
شهر جا رستا پوءِ مهڪن ٿا
تنهنجي مرڪ ڪري ديوانو
ماڻهو دل تي هٿ رکن ٿا
تنهنجي ياد ۾ جيون گهاري
گهوري گهوري گهوريان!

توسان گل گلاب ٽڙن ٿا
پيار جا پوپٽ پوءِ ڦِرن ٿا
توتان گهوريان تن من پنهنجو
ماڻهو ٿڌڙا ساهه ڀرن ٿا
ڇم ڇم، ڇم ڇم، ڇير وڄائي،
آءُ هليو تون هوريان!

دل تي تنهنجو نانءُ لکان ٿو
اکيون پوري پوءِ چُمان ٿو
تو جهڙو ڪو ناهي جَڳ ۾
توکي سونهن سينگار مڃان ٿو
تنهنجو ئي بس نانءُ ٿو نڪري،
چَپ جڏهن ٿو چوريان.

 

وسيم سومرو

چَوسِٽا

 

دل جي تَڙ تي اُڪير سوچي ٿي،
سِٽ لهندي ته ڪونج ٿي لهندي،
ڇير پيرن ۾ تارڙا پائي،
رات جذبن تي گونج ٿي لهندي.

آءٌ آهيان ۽ پيچرو آهي،
شاخ ڀرسان وهي رهي آهي،
سج سامهون اڃا نه نڪتو آ،
سُرخ لالي لهي رهي آهي.

منهنجي پاڻيءَ ۾ هيءَ ٽُٻي پهرين،
ڪير چوندو ته آخري هوندي،
چَپَ اُن کي وري چُمي سگهندا؟
جا ڪپر تي پئي بانسري هوندي!

پنهنجي ٻالڪپڻي کي ساريندي،
سوچ جا چاڪ ٿي چِڪي ويندس،
”ماءُ مون کي جڏهن به ماريندي،
کَٽ هيٺان تڏهن لِڪي ويندس.“

ڳوٺ منهنجو هتان پري ناهي،
هو وڻن جي اڳيان بَتيون آهن،
پنڌ ۾ ٿو لڳي: لهي آيون،
ڄڻ ته آڪاس جون ڪَتيون آهن.

ننڊ نيڻن کي ڀل ڀري ڀاڪر،
ننڊ سپنن کي ڪانه ايندي آ،
ننڊ جيڪا پرينءَ جي ڀاڪر ۾،
روشني، روشني ٿي ويندي آ.

 

روشن گهانگهرو

غزل

هر گهڙي بي چسي، هر گهڙي بي ڪسي،
تو سوا حادثو، هر گهڙي خودڪشي.
دل گهريو حسن جي ليءِ تي نغمو چوڻ،
تار ليڪن ٽٽي دل سندي ساز جي.
ڀل ته گلدان ڪيڏا به سُندر هجن،
واس ڏيندا مگر ڪين گل ڪاغذي.
ڌرتتيءَ سان گڏي، ڇانورا ويا ڇڏي،
درد آيا تڏي، وئي لڏي هر خوشي.
نفرتن ذلتن جي ته محلات کان،
پيار جي آ ڀلي سادڙي جهوپڙي.
موسمون وصل جون ٿيون سرابن جيان،
عشق جي ڀاڳ ۾ آ سدا تشنگي.
سِڪَ سجدا ڪيا، گيت سُڏڪا بڻيا،
ڪوڪ ڪويل ڪئي، من بڻيو بانسري.
آ ٻين تي نه ’روشن‘ جو الزام ڪو،
هُو ته پنهنجي هٿاران ويو آ مري.

 

مانجهي

غزل

بهارون به زخمي، اُڏارون به زخمي،
اڙي ديس! تنهنجون ته سارون به زخمي.
ٿيو وقت مارِي، شڪاري شڪاري،
لڳا تير ڪونجن قطارون به زخمي.
اوهان ڇا ته ڇيڙيون ڌُنون درد سنديون،
تنبورو به زخمي ته تارون به زخمي.
لٿي مند سڀڪا سميٽي اُداسيون،
جهڙالا به زخمي، ملهارون به زخمي.
نه آئين، نه آئين، اسان جي اڱڻ تي،
پناهون به زخمي، پچارون به زخمي.
زمانا به زخمي، فسانا به زخمي،
اوهان بِن گذاريون ڄمارون به زخمي.
رُٺا مينهن آهن، ٿيا کوهه کارا،
اُڃايل ٿرين جون پڪارون به زخمي.
ڏکارو ڏکارو سڄو ڏيهه ’مانجهي‘،
نظارا به زخمي، نهارون به زخمي.


(1)  ٻي مهاڀاري لڙائي (45- 1939ع) واري رات.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com