-”اڄ
اسان جو ملڪ هڪ ويران بيابان آهي، جنهن ۾ شادابيءَ
۽ زندگيءَ جو نالو نشان به نه آهي؛ ملڪ جو ذرو ذرو
ڏک جي تصوير بنيل آهي. اسان کي انهيءَ ڏک ۽ پِيڙا
کي مٽائڻو آهي، ۽ نئين سر زندگيءَ جي چمن ۾ آبياري
ڪرڻي آهي. اديب جو فرض هجڻ کپي ته هو پنهنجي ملڪ ۾
نئين زندگيءَ جو روح ڦوڪي، بيداريءَ ۽ جوش جا گيت
ڳائي، هر انسان کي اُميد ۽ خوشيءَ جو پيغام ٻڌائي،
۽ ڪنهن کي به نااميد ۽ ناڪار نه ٿيڻ ڏئي. ملڪ ۽
قوم جي خير خواهيءَ کي ذاتي غرضن تي ترجيح ڏيڻ جو
جذبوهر ننڍي وڏي ۾ پيدا ڪرڻ، اديب جو عين فرض هجڻ
کپي. قوم، سماج ۽ ادب جي بهبوديءَ جو قسم جيستائين
هر انسان نه کائيندو، ان وقت تائين دنيا جو مستقبل
روشن نٿو ٿي سگهي. جيڪڏهن اوهين ائين ڪرڻ لاءِ
تيار آهيو ته پهرين اوهان کي پنهنجي مُوڙي ڇُوٽ
هٿن سان لُٽائڻي پوندي، ۽ پوءِ وڃي اوهين انهيءَ
لائق بنبا جو دنيا کان ڪنهن معاوضي جي تمنا ڪريو-
ليڪن پنهنجو پاڻ مٽائڻ ۾ جيڪو لطف آهي، ان کان
اوهين محروم نه رهجي وڃو!
”ياد رکو، تخليقي ادب ڏاڍو جوکي جو ڪم آهي.
سچائيءَ ۽ حسن جي تلاش ڪرڻي آهي ته پنهنجي ’آنا‘
(خود پرستي) جي کَل لاهي ڦٽي ڪريو؛ مُکڙيءَ جيان
سخت ڏانڊيءَ مان ٻاهر نڪرڻ جي منزل طي ڪريو: پوءِ
ڏسندا ته هوا ڪيتري صاف آهي،روشني ڪيتري وڻندڙ
آهي، ۽ پاڻي ڪيترو لطيف آهي!“ -
رابندر ناٿ ٽيگور
3
1. همايون، سنڌ ۾ - مولائي
شيدائي
2. اُڌيپور رياست جي سنڌي سرڪار - منو تولارام
گدواڻي
3. ابو النجم ”اياز“ - حضور
احمد سليم
سنڌيڪار: خورشيد ميمڻ
4. ٿر ۾ ميرن جا قلعا - سروپچند
”اسير“
5. سنڌ ۾ ”مارشل لا“ وقت - وليداد ”ولي“
جا چشم ديد حالات
6. ”مهراڻ“ جا موتي - ادارو
7. سنڌي نثر مان مثالي ٽڪرا
8. علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون:
(1) ”پاڪستان فلاسافيڪل ڪانفرنس“- حُسين ”عادل“
(2) ثقافتي ڪانفرنس- - ادارو
لطيف اڪيڊمي، سکر
(3) ارڙهين ڪل سنڌي ادبي ڪانفرنس- ادارو
9. تبصرا - غلام محمد
”گرامي“،
۽ عبدالقيوم ”صائب“
10. پڙهندڙن جا پيغام
11. پيغامن جا جواب - ادارو
-”تاريخ پڙهڻ جي مکيه مراد آهي ئي اها ته آڳاٽن
ماڻهن جي آزمودي جو فائدو وٺي، اسين پنهنجي لاءِ
اهڙي واٽ گهڙيون، جو اڳين کان اڳرا ٿيون، ۽ پنهنجن
پوين لاءِ به مثال ٿيون.
”پنهنجي ديس لاءِ فخر، وطني حب جو هڪ مکيه لڇڻ
آهي. اهو لڇڻ اسان ۾ وَڌي، اسان کي سچو وطن دوست
تڏهين بنائيندو، جڏهن اسين پنهنجي پرڳڻي جي آڳاٽي
اوج جو دل ۾ دور ڪري، ۽ وڌيڪ ترقيءَ لاءِ حال
جوخيال ڪري، پنهنجو ارواح مستقبل سان ملائي
ڇڏينداسين. پوءِ آڳاٽي اوج جو فخر ۽ آئيندي جا
آسرا اسان ۾ نئين جيوت ڦوڪيندا، ۽ عجب اتساهه پيدا
ڪندا.“
- ڀيرومل مهرچند آڏواڻي
مولائي شيدائي
همايون، سنڌ ۾
(1540ع کان 1543ع تائين)
همايون، ٻن جنگين ۾ شير شاهه کان شڪست کائي، 947هه
(1540ع) ۾ اٽالي سميت لاهور پهتو. هندال مرزا به
پنهنجي ماءُ دلدار بيگم آغاچه ۽ ٽن ڀينرن – گلبدن
بيگم، گلرنگ بيگم، گل چهره بيگم- ۽ حميده بانو
سميت پنهنجي رياست اَلور کي ڇڏي لاهور پهتو. مرزا
ڪامران جي مرضي هئي ته ڪابل ۽ ڪشمير تي قبضو
ڄمائي، پٺاڻن سان مقابلو ڪجي. ساڳئي وقت، صدر قاضي
عبدالله کي شير شاهه ڏانهن مڪو هئائين ته جيڪڏهن
پنجاب کيس حوالي ڪندو ته هو همايون کي قيد ڪندو –
جيئن محمد هادي جو بيان آهي:
”مرزا کامران از پوست برآمده قاضي عبدالله صدر خود
را نزد شير خان فرستاده باو نامه نوشت کہ اگر صوبه
پنجاب پر اينجانب مسلم دارند درمقام دوستي کارها
ميکنم کہ هيچ دشمني نتوان کرد“.
همايون، جو ڀائرن جي ناانصافيءَ کان خبردار هو،
تنهن ڪامران مرزا جي مشورن کي ٺڪرائي ڇڏيو. ان وچ
۾ شير شاهه جو ايلچي به وٽس پهتو، جنهن کي معزول
شهنشاهه جواب ۾ هيٺيان اشعار لکي مڪا:
”در آئينہ گرچہ خود نمائي باشد، |
پيوستہ ز خويشتن جدائي باشد، |
خود را بمثالِ غير ديدن عجب است، |
اين بوالعجبي کار خدائي باشد.“ |
ڪامران مرزا، همايون کي ڇڏي ڪابل ڏانهن هليوويو.
هندال مرزا، يادگار ناصر مرزا، قاسم حسين سلطان
ساڻ ڪري سنڌ ڏانهن اُسريو. اُن وقت شير شاهه خوشاب
وٽ پهتو هو. همايون، بخشو لانگاهه جي مدد سان، 31
ڊسمبر 1540ع ۾ سلامتيءَ سان اُچ پهتو. چوطرف ڏڪر
پيل هو. جوَن جي هڪ سير جي قيمت هڪ اشرفي هئي.
هندال مرزا، جنهن گجرات وڃڻ لاءِ ارادو ڪيو هو،
سو دودائي ٻروچن جي لُٽ مار کان تنگ ٿي همايون جي
قافلي سان اچي گڏيو. شير شاهه، همايون پٺيان خواص
خان کي لشڪر ڏيئي مڪو هو، جيئن مغلن کي خوفزده ڪري
ڀڄائي ڪڍي. 26 جنوري 1541ع ۾، مصيبتن سهڻ کان
پوءِ، همايون مهراڻ جي اڀرندي ڪپ تي روهڙيءَ وٽ
پهتو. هتي بکر جو قلعو مهراڻ جي ٻن شاخن جي وچ ۾
هڪڙيءَ ٽڪريءَ تي هو،جو ڊيگهه ۾ اٺ سو گز، ۽ ويڪر
۾ ٽي سو گز ۽ بلنديءَ ۾ ٽي سو فوٽ هو. ٻيٽ جي
اڀرندي واري ٽڪري، جا چاليهه فوٽ اوچائي ۾ آهي،
تنهن تي روهڙيءَ جو شهر ٻڌل هو.همايون ببرلو جي
باغن کي – جن ۾ کجين ۽ انبن جا وڻ هئا- پنهنجي
ڇانوڻيءَ لاءِ پسند ڪيو. جوهر آفتابچيءَ هن ڳوٺ کي
”بيهرالو“ لکيو آهي. همايون جي رفيقن جو تعداد ٻه
لک هو. سندس ڇانوڻي هڪ فرسخ (18 هزار چورس فوٽ)
اراضيءَ ۾ پکڙيل هئي. هندال مرزا، هتان پنجن ڪوهن
جي پنڌ تي، ”بٽ“ ڳوٺ ۾ مقيم هو. معزول شهنشاهه
جمعي نماز روهڙيءَ جي جامع مسجد ۾ اد اڪئي.
پيش امام سندس نالي تي خطبو پڙهيو، ۽ هڪڙي شاعر
سند هيٺيون قصيدو چيو:
”تا همايون نام او راسکہ بر دل نقش کرد،
مهر از مهرش دهانِ سکہ پر زر ميکند؛
منبري کز خطبہء القابِ او زينت گرفت،
مشتري گوهر نثاري فرقِ منبر ميکند.“
بکر ۾ ڏڪر هو، ۽ في مثقال هڪڙو نان وڪامجي رهيو
هو. سلطان محمود ڪوڪلتاش، بکر جي حاڪم، معزول
شهنشاهه جي سنڌ جي سفر کي ڪاهه سمجهي، روهڙي شهر
جي هڪڙي حصي کي ويران ڪرائي ڇڏيو هو. مغل سپاهي،
پنهنجا گهوڙا ذبح ڪري، انهن جي ماس تي گذران ڪرڻ
لڳا. روهڙيءَ پهچڻ کان پوءِ همايون، مرزا شاهه
حسين ارغون سان لکپڙهه ڪري رهيو هو. بکر جي آسپاس
درياءَ تي جيڪي به ٻيڙيون هيون، تن تي سلطان محمود
قبضو ڪيو هو- کيس خوف هو ته متان همايون بکر تي
ڪاهه ڪري. معزول شهنشاهه، سلطان موصوف کي پيش پوڻ
لاءِ نياپو مڪو، پر هن انڪار ڪندي چيو ته شاهه
حسين جي حڪم کان سواءِ قلعو حوالي ڪري نه سگهندس.
جنهن تي همايون پنهنجا ٻه ايلچي، صدر امير طاهر ۽
قنبر بيگ باربيگي، شاهه حسين ڏانهن روانا ڪيا ته
گجرات فتح ڪرڻ ۾ سندس مدد ڪن. مرزا شاهه حسين
ايلچين کان خلعت وٺي، هالہ ڪنڊي ۽ بٺوري جا پرڳڻا
معزول شهنشاهه کي حوالي ڪيا، ۽ پڻ گجرات تي ڪاهه
ڪرڻ لاءِ مغليه لشڪر کي مدد ڏيڻ لاءِ انجام
ڏنائين. همايون ڏانهن شيخ ميرڪ پوراني ۽ پنهنجي
مامي مرزا قاسم کي ايلچي ڪري مڪائين ته بکر ڏڪر
وگهي ويران آهي، سنڌ جو چاچڪان پرڳڻو زرخيز آهي،
تنهنڪري رهائش لاءِ وڌيڪ موزون ٿيندو، ۽ شهنشاهه
جي قريب هئڻ سبب پنهنجي ڌيءَ ماه چوچڪ بانو جي به
شادي ڪرائي سگهندو. همايون سندس رٿ منظور ڪئي، پر
سندس اميرن چيو ته پهريائين بکر جي قلعي تي قبضو
ڪري، شاهي بيگمات کي محفوظ هنڌ تي ڇڏي، پوءِ گجرات
تي ڪاهه ڪجي. مرزا شاهه حسين 16 سال حڪومت ڪري چڪو
هو، ۽ سڄيءَ سنڌ تي سندس قبضو هو؛ وٽس باقاعدي
لشڪر هو؛ جيڪڏهن همايون سان جنگ ڪري ها ته پڪ هن
کي تڙي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿئي ها؛ پر جنهن صورت ۾ سندس
ڏاڏي امير تيمور جي پوين جي خدمت ڪئي هئي، تنهن
صورت ۾ سندس مرضي نه هئي ته همايون جو مقابلو ڪري.
انهيءَ طرح، بکر جو سلطان محمود به معزول شهنشاهه
جي خدمت ڪري رهيو هو. جيڪڏهن بکر جو قلعو سندس
حوالي ڪن ها، ته پڪ شير شاهه سنڌ تي ڪاهي اچي ها ۽
سنڌي برباد ٿي وڃن ها. اهڙي خوف ڪري شاهه حسين ٻٽي
پاليسي اختيار ڪئي هئي: هڪڙي طرف شير شاهه سان غير
جانبدار رهيو، ۽ ٻئي پاسي همايون سان به وفادار
رهيو؛ گجرات فتح ڪرڻ لاءِ ساڻس متفق هو، پر بکر
جي قلعي ڏيڻ جي خلاف هو، ۽ بهانن سان نٽائڻ لڳو.
همايون ڏانهس ڌمڪين ڀريو خط مڪو هو، تاهم شاهه
حسين سندس ايلچين معرفت وٽس گرانقدر سوغاتون
روانيون ڪيون.
جڏهن خط و ڪتابت جي سلسلي تلخي پيدا ڪئي، تڏهن
همايون بکر جي قلعي تي قبضي ڪرڻ جو مصمم ارادو
ڪيو. پر، همايون جهڙي صنعت ڪار بادشاهه کي چار باغ
جي رهائش ايتريقدر پسند هئي، جو آگري جا شاهي باغ
به کانئس وسري ويا هئا. ببرلو کي ڇڏڻ هن لاءِ ڏکيو
هو؛ ٻيو ته مرزا شاهه حسين جي تحفن کي ڏسي دل ۾
گهڻو خوش هو. اڳ هو جوَن جي مانيءَ لاءِ محتاج هو،
۽ ويهن ڏينهن تائين سندس لشڪر پاڻيءَ لاءِ سرگردان
هو؛ هينئر سندس منزل سنڌڙي سونهاريءَ جي بهترين
نزهت گاهه هنڌ تي هئي، جتي بکر جا رهاڪو گرم موسم
۾ باغن اندر ڏينهن جو اچي رهندا هئا. اڄ ببرلو،
زماني جي انقلابن ڪري، سکر ۽ خيرپور واري رستي تي
ننڍڙو ڳوٺ آهي؛ مگر تن ڏينهن ۾ سنڌ جو تمدني ۽
علمي مرڪز هو. ”تحفة الڪرام“ وارو هيٺين لفظن ۾
بکر جي باغن جي تعريف ڪري ٿو.
”مرد مش چون مردم تهتہ سپر و صفا دوست و بلطافت
مزاج و تلاش استعداد انصاف دارند. در ايامِ
تابستان کہ موسم طِغيان آب و رسيدن ميوهاست اهالي
و موالي ادنيٰ و اعليٰ از ذکور و اناث بيشتر نجلا
و ملا روز در باغات بسرمي برند: بالجملہ جاي ديدني
و گلي از بوستان نزاهتش شميدني.“
(يعني ته بکر جا رهاڪو، ٺٽي جي باشندن وانگر،
نفاست ۽ صفائي پسند ۽ نازڪ مزاج آهن؛ منجهن،
قابليت حاصل ڪرڻ لاءِ صلاحيت آهي. اونهاري ۾ جڏهن
درياءُ چڙهي ٿو، ۽ ميوا پچن ٿا، تڏهن بکر جا
رهاڪو، ادنيٰ ۽ اعليٰ، ڏينهن جو زالين مڙسين باغن
۾ رهن ٿا؛ القصّہ جاءِ ڏسڻ وٽان آهي ۽ بوستانن جا
گل سنگهڻ جي لائق آهن.)
مرزا شاهه حسين خاموشيءَ سان معزول شهنشاهه جو
تماشو ڏسي رهيو هو. هن پنهنجا فوجي عملدار – مرزا
عيسيٰ خان ترخان، مرزا جاني ترخان ۽ پاينده محمد
خان قريشي، دولت خان، مير جملو ترخان سلطان محمود
بکر جي نواب ڏانهن ڏياري موڪليا هئا. ازان سواءِ
هڪڙو لشڪر سيوستان ڏانهن مڪو هئائين، جيئن اُتي جي
ڀر وارن ڳوٺن کي ويران ڪري. همايون ڇهن مهينن
تائين بکر تي گهيرو ڪيو، پر ناڪامياب ٿي موٽيو.
شڪست جا مکيه ٻه سبب هن طرح هئا: اڳ شاهي مهمان
هو، هينئر جنگي ڪاررواين ڪري ڏڪر سوڙهو ڪيو هوس.
سلطان محمود، بکر جي واپارين کي حڪم ڏنو هو ته
شاهي ڇانوڻيءَ ۾ جيڪي به شيون وڪڻن، ته مغلن کان
بروقت نقد ناڻو وٺن. مغليه لشڪر جوئر جي ڍوڍي ڪاڻ
محتاج بڻجي چڪو هو. مرزا هندال، جو هينئر مهراڻ جي
ساڄي ڪپ تي هو ۽ مرزا يادگار ناصر به ساڻس همراهه
هو، تنهن همايون کي چوائي مڪو ته مرزا شاهه حسين
جي لشڪر جي سيوهڻ پهچڻ کان اڳ، شاهي لشڪر کي اُتي
جي قلعي تي قبضو ڪرڻ کپي. معزول شهنشاهه کي خوف هو
ته متان هندال قنڌار ڏانهن هليو وڃي، تنهنڪري کيس
پاتر (پاٽ) تي قبضي ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنائين. شاهي
قافلو به پاٽ ڏانهن روانو ٿيو.
حميده بانو سان شادي ڪرڻ.
همايون درٻيلي پهتو، جو پاٽ کان ڇهن ڪوهن جي
مفاصلي تي هو. هتي يادگار ناصر مرزا جي ڪيمپ هئي.
هندال پاٽ پهتو، ٻه ڏينهن هتي منزل ڪري، ٿڪ ڀڃي،
پاٽ پهتو، جتي هندال سان ملاقات ڪيائين. اها حقيقت
آهي ته همايون سان سندس ڀائرن جي نااتفاقي هئي.
همايون پنهنجي وڇڙيل مائٽن سان ملاقاتون ڪرڻ لڳو،
جيڪي هندال جي قافلي سان هئا. پهريائين هندال جي
ماءُ دلدار بيگم آغاچه سندس دعوت ڪئي. ملڪہ دلدار
آغاچه بيگم مهمانن جي آڌر ڀاءُ ڪرڻ تي مامور هئي.
هن تقريب ۾همايون جي نظر هڪڙي فقيرزادي ڇوڪريءَ تي
پئجي ويئي، جا مير بابا دوست المعروف به مير علي
اڪبر موسوي جاميءَ جي دختر هئي. مير بابا، خواجه
احمد جام زنده پيل رحه جي اولاد مان هو، جو مشهد
مقدس کان سنڌ ۾ پهتو هو، ۽ شهزادي هندال جو اتاليق
هو. سندس حرم جون خواتين، درويش زاديون، شاهي حرم
جي شهزادين کي تعليم ڏينديون هيون. هن برگزيده
خاندان جا تيمورين سان گهڻي عرصي کان تعلقات هئا،
۽ تيموري سلاطين هن خاندان وارن جو احترام ڪندا
هئا.هن موقعي تي همايون جي پياري ڀيڻ گلبدن بيگم
به موجود هئي. حميده بانوءَ جي عمر چوڏهن ورهيه
هئي. ساڻس گڏ سندس ننڍو ڀاءُ خان معظم به موجود
هو. همايون، هندال کان ڇوڪريءَ جي شاديءَ نسبت
احوال پڇيو، ۽ خواجه معظم ڏانهن مخاطب ٿي چيائينس
ته ’ماهم بيگم، خواجه احمد جام رحه جي نسل مان
آهي، ۽ اهڙي ناتي ڪري سندس حميده بانوءَ سان مائٽي
جو ناتو آهي.‘ هندال، بادشاهه جي گستاخيءَ تي
ڪاوڙيو؛ ڇاڪاڻ ته مغلن جي رسم موجب پهرينءَ ملاقات
وقت شاديءَ جون ڳالهيون ڪرڻ مناسب نه هيون. ازان
سواءِ، حميده بانو قد ۾ بندري هئي، ۽ همايون، ڊگهي
قد واري، سان سندس شادي ڪرڻ اڻسونهندڙ ڳالهه هئي؛
ٻيو ته همايون سني ترڪ هو، ۽ حميده بانو شيعه هئي.
همايون کي هندال چيو ته ’جيڪڏهن شهنشاهه پنهنجي
ارادي تان باز نه آيو، ته پوءِ کيس سنڌ ڇڏڻي
پوندي‘؛ پر دلدار بيگم، سمورو ذمو پاڻ تي کڻي،
فردوس مڪاني (بابر) جو نالو وٺي، هندال کي ٺاريو.
هندال جي ڪاوڙ کي ڏسي همايون تقريب مان هليوويو،
جنهن تي بيگم آغاچه کيس خط ۾ لکيو ته ’جنهن صورت ۾
شادي ڪرائڻ جو ذمو مون پاڻ تي کنيو آهي، ته پوءِ
ڪاوڙجڻ جو ڪو سبب ڪونهي‘. همايون، جنهن جي اندر کي
عشق کوري وانگر کانئي رهيو هو، تنهن کي خط ڏسي
سڪون نصيب ٿيو ۽ خط کي چمي اکين تي رکيائين. دلدار
آغاچه ٻيهر دعوت جو انتظام ڪيو. همايون ڇوڪريءَ کي
ڏسڻ لاءِ خواهش ظاهر ڪئي، جنهن تي حميده بانو
چوائي مڪو ته ’هڪ دفعو حاضري ڏيئي چڪي آهيان، بار
بار اچڻ بيفائدي آهي‘. دلدار بيگم چيس ته ’آخر
ڪنهن سان ته شادي ڪندينءَ؟ بادشاهه کان وڌيڪ ڪو
ٻيو ٿي سگهندو؟‘ حميده وراڻي ڏني ته ’هائو، مان ان
سان شادي ڪنديس، جنهن جي گريبان تائين منهنجو هٿ
پڄي سگهندو‘- يعني ته حضرت بادشاهه قد ۾ ڊگهو آهي.
غرض ته چاليهن ڏينهن تائين ڇڪتاڻ جاري رهي؛ آخر
دلدار آغاچه، حميده بيگم کي راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي.
همايون پنهنجي زائچي موجب شاديءَ جي تاريخ مقرر
ڪئي. 29 آگسٽ 1541ع تي مير ابوالقاسم نڪاح پڙهيو.
بادشاهه کيس ٻه لک دام ڏنا. ڇڪتاڻ جو سبب هن طرح
هوجو مغلن ۾ رسم هئي ته گهوٽ ارڙهن سالن جو هجي، ۽
ڪنوار سورهن سالن جي: همايون جي عمر ٽيٽيهه ورهيه
هئي، يعني حميده بانو کان 19 ورهيه وڏو هو.
سيوهڻ جي قلعي تي قبضي ڪرڻ لاءِ ڪوشش.
هندال ظاهري شاديءَ مان خوش هو، پر اندروني ناراض
هو. ستت پاٽ کان قنڌار پهتو، جتي جي گورنر قرچه
خان، سندس آجيان ڪري، قلعو سندس حوالي ڪيو.
ڪامران، ڪابل کان ڪاهي، قلعي تي ڇهن مهينن تائين
گهيرو ڪري،هندال کي نظربند ڪري پاڻ سان ڪابل وٺي
ويو. همايون، دلشڪستو ٿي، درياءَ رستي پاٽ کان
روهڙيءَ پهتو. يادگار ناصر جي طبيعت ڦرڻي گهرڻي
هئي، سو درياءَ جي هن ڀر ٻن ڪوهن جي مفاصلي تي
ڪيمپ هڻي ويٺو. سندس روش ڪري بادشاهه غمگين رهندو
هو. مير ابوالمعاليءَ کي، جووڏو عالم هو، وٽس
ڏياري مڪائين. هن ڪن شرطن تي صلح ڪيو. هن واقعي
کان پوءِ همايون ڪجهه عرصو پنهنجي نئينءَ ڪنوار
سان آرام۾ گذاريو. مرزا شاهه حسين جو ايلچي ميرڪ
پوراني، جو هن وقت همايون وٽ هو، تنهن کي معزول
شهنشاهه خط ڏيئي مرزا حسين ڏانهن مڪو ته هڪدم اچي
وٽس پيش پوي. روهڙيءَ جي زميندارن همايون کي اَن
ڏيڻ بند ڪيو هو.بادشاهه پنهنجي ڪيمپ جون زمينون
آباد ڪرايون، جنهنڪري رسد جون تڪليفون مٽجي ويون.
مرزا شاهه حسين خط جي جواب ۾پيش پوڻ لاءِ راضپو
ڏيکاريو، پر همايون وٽ هرگز ڪونه آيو. ڇهه مهينا
رهڙيءَ ۾ آرام ڪرڻ کان پوءِ، 22 سيپٽمبر 1541ع
ڌاري، بکر نالي طور يادگار مرزا جي حوالي ڪري،
همايون لاڙ ڏانهن اُسريو. سيوهڻ پهچي، فاضل بيگ ۽
طرش بيگ کي سيوهڻ جي قلعي تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ حڪم
ڏنائين، پر ٻئي ڪامياب ٿي ڪونه سگهيا6 نومبر،
همايون قلعي کي بارود سان اُڏائڻ لاءِ حڪم ڏنو.
شاهه حسين پاران مير عليڪ قلعيدار قلعي تي توبون
چڙهايون. شهر جي گرد و نواح ۾ جيڪي کيتيون ۽ باغ
هئا، تن کي ويران ڪرايائين. بادشاهه جون اڳرايون
ڏسي، شاهه حسين،لشڪر وٺي، سيوهڻ کان 33 ميل ڏکڻ –
اوڀر طرف، سن ۾ ڇانوڻي هڻي، حالتن جو انتظار ڪرڻ
لڳو. ميرعلي بيگ جليار جي مرضي هئي ته ڪجهه لشڪر
وٺي مرزا شاهه حسين جو مقابلو ڪري؛ پر همايون جو
لشڪر بک جي وگهي تنگ ٿي چڪو هو. همايون، يادگار
ناصر مرزا کان مدد گهري، جنهن تردي بيگ معرفت وٽس
ڏيڍ سو سپاهي مڪا. همايون فوجي تنگيءَ سبب پريشان
ٿيڻ لڳو. سندس فوجي سردارن مان مير طاهر صدر،
خواجه غياث الدين جامي ۽ مولانا عبدالباقي، مرزا
شاهه حسين ڏانهن ڀڄي ويا. مير برقه، مرزا حسن، ظفر
علي، خواجه محب علي بخشي، يادگار ناصر ڏانهن هليا
ويا، ۽ مرزا کي قنڌار هلڻ لاءِ زور ڀري رهيا. انهن
سازشن جو سرگروهه منيم خان هو، جنهن کي همايون قيد
ڪيو هو.
روهڙيءَ ڏانهن واپس موٽڻ.
يادگار ناصر مرزا تي سنڌي لشڪر ڪاهه ڪئي، پر
ڪامياب ٿي نه سگهيو. 360 سنڌي سپاهي مغلن هٿان
مارجي ويا. مرزا شاهه حسين، يادگار ناصر مرزا
ڏانهن باقر قلي مهردار معرفت چوائي مڪو ته ’مان
هينئر ضعيف آهيان؛ مون کي هڪڙي نياڻي آهي، جا تو
کي ڏيڻ گهران ٿو، بشرطيڪ تون مون ڏانهن هليو اچين
ته گڏجي گجرات فتح ڪريون‘. حقيقت ۾ اها مرزا جي
سياسي چال هئي. سندس مرضي هئي ته همايون کي ڇڏي
سندس طرفدار بڻجي. همايون هڪ دفعو وري پنهنجي مير
مال عبدالغفور کي يادگار ناصر ڏانهن مڪو، پر
عبدالغفور جي شوخ ڪلاميءَ ڪري اچڻ کان انڪار
ڪيائين. هندال وانگر، مدد ڏيڻ بدران نٽائڻ لڳو.
همايون ڏهه هزار لشڪر مارائي، دلشڪستو ٿي، گهٻرائڻ
لڳو؛ ڇاڪاڻ ته سنڌي لشڪر سندس رستا بند ڪيا هئا.
ست مهينا ساندهه قلعي تي گهيري ڪرڻ کان پوءِ
آبڪلانيءَ جي مند حالتن کي ويتر خطرناڪ بڻائي ڇڏيو
هو. 24 مارچ 1542ع ۾ بادشاهه روهڙيءَ ڏانهن موٽڻ
جو ارادو ڪيو. مرزا شاهه حسين به کيس ڌڪي ڪڍڻ لڳو.
همايون مهراڻ جو ساڄو ڪپ وٺي هليو. کيس درياءَ کي
ٽپڻ لاءِ ٻيڙين جي ضرورت هئي. مرزا شاهه حسين سندس
پٺيان ٻن ڪوهن جي مفاصلي تي هو. سندس حڪم موجب،
مهاڻا ڪنهن ٻئي پاسي ٻيڙيون ڪاهي نڪري ويا هئا.
بادشاهه کي سندس رفيقن قنڌار هلڻ لاءِ صلاح ڏني،
پر سوال هو ته ڀائرن کي ڪهڙو منهن ڏيکاري. آخر،
حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحه جي حڪم موجب، هالہ
ڪنڊيءَ جي ٻن زميندارن ڏانهنس ٻيڙيون مڪيون، تڏهن
مس روهڙيءَ ڏانهن روانو ٿيو. واٽ تي يادگار ناصر
مرزا کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، جنهن تي هاشم بيگ
وٽس هڪ ٻه رباعيون لکي موڪليون، تڏهن بادشاهه جان
ڇڏائي روهڙيءَ پهتو. تاهم سندس سردارن مان قاسم
حسين، يادگار مرزا ڏانهن ڀڄي ويو. جيڪڏهن تردي بيگ
۽ منيم خان تي بادشاهه پهرو نه بيهاري ها، ته شايد
اهي ٻئي به ڀڄي وڃن ها. روهڙيءَ ۾ايترو سخت ڏڪر
پيل هو جو (بقول مير محمد معصوم: ”در اردوي پادشاه
قحطي عظيم چنان افتاد کہ يک سير غلہ جواري گاهي
بيگ اشرفي پيد انمي شد“) سلطان محمود ڪوڪلتاش،
بادشاهه ڏانهن ٽي سو گڏهه اَن سان ڀريل مڪا، تڏهن
لشڪر ۾ ساهه پيو.
جوڌپور ڏانهن روانگي.
جوڌ پور جي راجا مالديو کي معزول شهنشاهه سان
همدردي هئي. هن خط ذريعي بادشاهه کي جوڌپور اچڻ
لاءِ دعوت ڏني، ۽ کيس بيڪانير جي جاگير ڏيڻي
ڪيائين.
”من غائبانہ حلقہ چاکري درگوش کشيده مترصد قدوم
سعادت لزوم بادشاهي ميباشم. اگر سرادقات همايون
اين حوالي را مشرف گردانند، اين بنده با بيست هزار
راجپوت در ملازمت حضرت شده بهرجائي کہ نهضت
فرمايند بجان و مال خدمت گاري بجا خواهم آورد.“
راٺوڙ راجا جي دعوت معزول شهنشاهه جي اکين ۾ اوجر
آندو. هڪدم جوڌپور ڏانهن روانو ٿيو، ۽ وڃڻ وقت
هيٺين رباعي يادگار ناصر ڏانهن لکي مڪائين:
”اي برخسار چو مہ چشم و چراغ دگران،
سوختم چند شوي مرهم داغ دگران.“
همايون پهرين منزل ’مؤ‘ ۾ ڪئي واٽ تي جيڪي قافلا
گڏيس، تن کي ڦريندو ويو. اُچ پهچڻ وقت بخشو
لانگاهه کي رسد پهچائڻ لاءِ لکيائين، پر هن ڪو
جواب نه ڏنو. 949هه (1542ع) ۾ اڃا بيڪانير کان
ٻارهن ڪوهن جي مفاصلي تي مس پهتو هو ته راجا
مالديو، شير شاهه جي خوف کان، اکيون بدلايون. ازان
سواءِ بيڪانير جي راجا، پنهنجي ڀاءُ ڀوڄراج معرفت،
شير شاهه کي راٺوڙ راجا ۽ مغلن جي ارادن کان واقف
ڪيو. جان محمد آقا اسحاق به مالديو جي بدليل نيت
کان اڳواٽ همايون کي واقف ڪيو. بادشاهه جي ڌتڙيل
قافلي جا ڪيترائي ماڻهو بک ۽ اُڃ ڪري مري ويا؛
تاهم جوڌپور کان ٽيهن ميلن جي مفاصلي تي، ڦلودي
پهچي، پنهنجن وفادارن مان اتڪہ خان کي راجا ڏانهن
مڪائين، جنهن بادشاهه ڏانهن هيءُ نياپو مڪو:
”راءِ مالديو از کمال بيمروتي بران قرار گرفت کہ
آنحضرت را اگر تواند بدست آورده بخصم سپارد.“
همايون، تردي بيگ ۽ منيم خان کي قافلي جي پٺيان
حفاظت لاءِ مقرر ڪري واپس موٽيو. 13 آگسٽ 1542ع تي
جيسلمير پهتو. سندس ماڻهو تتل واريءَ ۾ اُڃ ڪري
بيحال ٿيڻ لڳا. راول لون ڪرن کوهن مٿان فوجي پهرو
بيهاريو هو. راجپوت راجائن کان نااُميد ٿي،
بادشاهه 22 آگسٽ 1542ع جو امرڪوٽ پهتو، جنهن تي
سوڍن جي حڪومت هئي. شاهي حرم کي قلعي اندر ويهاري،
بادشاهه ٻاهر رهڻ لڳو.
اڪبر اعظم جي ولادت.
راڻو وير سال، همايون سان هر حال ۾ وفاداريءَ سان
پيش آيو. همايون امرڪوٽ کان 15 ميل پري هو، ته
هڪڙي ڏينهن تردي بيگ کيس پٽ ڄمڻ جي خوشخبري ڏني.
اڪبر 15 آڪٽوبر 1542ع تي ڄائو. ”اقبال نامہ
جهانگيري“ جو مصنف لکي ٿو:
”وقت تولد حضرت شهزاده ماه شعبان چهارم دم روز
شنبہ بود ماه شب چهاردم را بدر ميگويند. پس شهزاده
محمد اکبر غازي بدرالدين والدنيا هردو عالم افروز
در خانہ تشريف آورد و خطاب جلال الدين و بدر الدين
يکي.“
ڇهن هفتن کان پوءِ، جڏهن شهزادو هڪ مهيني ۽ پنجن
ڏينهن جو هو، حميده بيگم، مولانا چاند جي
سرپرستيءَ هيٺ، بادشاهه وٽ پهتي. مولانا الياس
اردبيليءَ، ۽ شاهي منجم آزاد الدوله مير فتح الله
شيرازيءَ شهزادي جو زائچو ڏسي چيو ته سندس بخت
بلند آهي. شمس الدين اتڪہ جي زال، جا شهزادي جي
دائي هئي، تنهن کي انعام مليو. همايون خداوند
تعاليٰ جو سجدو بجا آڻي، جوهر آفتابچيءَ کان مشڪ
جو ٽڪرو گهرائي، اميرن کي ورهائي ڏيندي چيو: ”پس
اي عزيز، همان خوشبو در ربع مسکون چهار رکن عالم
معطر است“ حميده بيگم، شهزادي کي نديم ڪوڪہ جي زال
فخرالنساء، ۽ خواجه غازيءَ جي زال ديا بهاول جي
سپرد ڪيو. بيورج جي خيال موجب هيءَ ڪا هندو عورت
هئي، جنهن کي پوءِ ’ماهم انگہ‘ جو خطاب مليو. ازان
سواءِ، ڪوڪي انگہ توغ بيگي جي زال پيجا جان انگہ،
خواجه مقصود هراتيءَ جي زال ۽ شاهي حرم جون ٻيون
بيگمات، ٻار جي پرورش ڪرڻ تي مامور ڪيون ويون.
همايون جيڪو خواب ربيع الاول 949هه (1540ع) ۾
لاهور ۾ ڏٺو هو، سو نيڪ ثابت ٿيو. شهزادي تي ”جلال
الدين محمد اڪبر“ نالو رکيائين.
همايون جوڻ پهتو.
امرڪوٽ کان همايون ”جوڻ“ ۾ ڪيمپ هڻي ويٺو. ارغونن
جو لشڪر تيار بيٺل هو. همايون وٽ خوراڪ جي ڪمي
هئي. ڪنهن کيس خبر ڏني ته بٺوري جي قلعي ۾ جهجهو
سامان رکيل آهي. بادشاهه، شيخ علي بيگ جاليار ۽
مظفر بيگ ترڪمان کي لشڪر ڏيئي، بٺوري ڏانهن روانو
ڪيو.مغلن قلعو فتح ڪيو، پر ٻئي سردار مارجي ويا.
همايون جون موٽي آيو، ڇاڪاڻ ته هتي جا باغ، ميوا ۽
پاڻي کيس گهڻوپسند هئا. بختاور خان جوڻ جي تعريف
ڪندي لکي ٿو: ”قصبہ مذکور در لطافت و کثرت اشجار و
انهار و فواکہ و اثمار از ديگر قصبات امتياز
داشتہ.“
هتي جي ’آئينه باغ‘ جي گلبدن بيگم به تعريف ڪئي
آهي- ”در آنجا آئينه باغ بيسار خوب بصفا بود.“
بادشاهه جي لشڪر جي سردارن مان مير منيم بيگ، خالد
بيگ ۽ خليفي نظام جو پٽ بادشاهه کي ڇڏي ڀڄي ويا؛
پر خوش قسمتيءَ سان 13 اپريل 1543ع ۾ بيرم خان جي
پهچڻ ڪري بادشاهه جا غم ميٽجي ويا. مرزا شاهه
حسين، بيرم خان کي قيد ڪرڻ جو ارادو ڪيو، پر
ارغونن شڪست کاڌي.
سنڌ کان ايران ڏانهن.
مغل سپاهه امرڪوٽ ۾ ڳائو گوشٽ کائڻ لڳا، جنهنڪري
سوڍو ويرسال ڪڪ ٿي پيو. راءِ کي ڏسي، گهڻن ئي
زميندارن همايون جو طرف ڇڏي ڏنو. مرزا شاهه حسين،
جوڻ جي جنگ ۾ بيرم خان کان شڪست کائڻ کان پوءِ،
همايون سان صلح ڪيو. بابر قليءَ معرفت صلح جا شرط
طي ٿيا. همايون به سنڌ ڇڏڻ لاءِ راضي هو. مرزا
شاهه حسين معزول شهنشاهه کي هڪ لک روپيا نقد،
سواريءَ لاءِ ٽي سو گهوڙا، ۽ سامان کڻڻ لاءِ ٽي سو
اُٺ ۽ ٻيڙيون اَن سان ڀرائي مڪيون. جوڻ جي پتڻ تي
ٻيڙين جي پل ٻڌارايائين، جيئن مغليه لشڪر کي لنگهڻ
۾ آساني ٿئي. ٻئي پاسي، مرزا عسڪريءَ کي- جو مرزا
ڪامران پاران قنڌار جووالي هو – همايون جي رواني
ٿيڻ جو اطلاع ڏنائين. 10 جولاءِ 1543ع ڌاري، گهڻي
ارمان سان، سنڌ جا وڻ ڇڏي، ايران ڏانهن روانو ٿيو.
منو تولارام گدواڻي
اُڌيپور رياست جي سنڌي سرڪار
ٻه ٽي سال ٿيا، هتان جي هڪ انگريزي مخزن ۾ مون
جڏهين ظاهر ڪيو ته ’سن 1399ع ۾ اجمير تي هڪ سنڌي
مير عبدالباقي ولد سيّد مير علي راڄ ڪندو هو‘،
تڏهين چوٻولو مچي ويو. پنهنجا سنڌي چوڻ لڳم ته
’توهان اِن لکڻ سان مقامي ماڻهن جي همدردي وڃائي
ڇڏي: هو سمجهندا ته هينئر به اسين ڪو راڄ ڪرڻ آيا
آهيون‘. مڪاني تاريخ نويس وري ان کي هڪ لمبي بي
بنياد دعوا سڏي، ڪنهن سند جي تقاضا ڪرڻ لڳا. ان وچ
۾ مان لڳس مير عبدالباقيءَ جي پوين جي اجمير ۾
تلاش ڪرڻ. ٻيا حوالا ڏيکاري، خود اجمير جي پهرئين
نگرواسي ديوان بهادر هربلاس ساردا جي مشهور ڪتاب
”اجمير“ جي صفحي 149 تي ڏيکاريومانِ ته هو صاحب
چوي ٿو ته ’تيرهين ۽ چوڏهين عيسوي صديءَ جي اجمير
جي تاريخ جي ڪا ٿوري خبر آهي‘. صفحي 230 تي
ڏيکاريل آهي ته ’17 نومبر 1392ع کان 27 آڪٽوبر
1394ع تائين محمود شاهه ثانيءَ جو راڄ هو؛ وچ ۾
نصرت شاهه آيو – ڪڏهين ۽ ڪيتري وقت لاءِ، سا خبر
ڪانهي‘. درحقيقت 1398ع ڌاري امير تيمور اسان جي
ڀلاري گهوٽ شاهه عبداللطيف جي پڙ ڏاڏي مير
عبدالباقيءَ کي اجمير جو نواب ڪري موڪليو. ٻه
ورهيه ته هو ان عهدي تي ضرور رهيو آهي. تاريخ ۾
رهيل خال جيڪڏهين ڪن سنَدن سان ڀرجي، ته اُن ۾ڪهڙي
اربع خطا آهي؟ تاريخ نويس کي حقيقت ته نيٺ ٻڌائڻي
ئي پوي ٿي.
چيٽ مهيني ۾ گهڻو ڪري سڄي راجسٿان ۾ گنگهور جو
ميلو لڳندو آهي، ۽ هڪ وڏو ڏِڻ ڪري ملهائيندا آهن.
جئن سنڌ جي پراڻي سڀيتا ٺٽي ۾ وڃي محفوظ ٿي هئي،
تئن راجسٿان جون جهونيون رسمون به اُڌيپور ۾
سانڍيل آهن. نئون آيل آدمي هرڪا شي جاچي ڏسندو
آهي. ايندي سان اُڌيپور جا نقشا کڻي، خود شهر ۽
اٽڪل چوونجاهه ميلن جي گردي ۾ ان جي پسگردائي مون
ڏسي ڇڏي هئي. ڪوشش ڪري، جو به وڏو ڏينهن مقامي
ماڻهو ملهائيندا هئا، سو ڏسندو رهيس. اپريل 1948ع
ڌاري، هڪ ڏينهن منهنجو هڪ ٺيڪيدار شمشير خان موٽر
ڪاهي آيو ته ’آڄ ئي گهنگهور جو ميلو زبردست آهي،
جو پچولا تي مهاراجا جي ناوِ جي سواري ٿيندي‘.
پچولا هڪ دلفريب، خوبصورت ۽ رمڻيڪ تلاءُ آهي، جنهن
جي ڪپ تي اُڌيپور جو شهر ٻڌل آهي. اُن جي ڪنڌيءَ
تي مهاراڻي جا شاهي محلات آهن، ۽ ان ۾ جگ – محل ۽
جگ – نواس بيٺل آهن.تلاءَ جو سڄو ڪنارو چوگرد
ماڻهن سان سٿيو پيو هو. اسين محلن جي گهاٽ کان وڃي
بيٺاسين. پهرين ته سامهون پهاڙيءَ تان عجيب
رنگبرنگي آشتبازي اُڏڻ لڳي؛ پوءِ توب جا گولا
ڇٽڪيا ۽، مقرر ڪيل ٽاڻي، مهاراجا هڪ عمديءَ طرح
سينگاريل ۽ سجايل ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي نڪتو.
باروت ٺهڻ جو اُڌيپور دُن هوندو هو، جنهنڪري
آتشبازيءَ ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏيل هئي. اَڌيپور کي
پنهنجو ’وقت‘ هو، جو هندستان جي اسٽينڊرڊ ٽائيم
کان هڪ ڪلاڪ کن اڳي هوندو هو. جئن ڪن ڏينهين
حيدرآبد سنڌ ۾ قلعي مان ٻارهين بجي منجهند جو گولو
ڇُٽندو هو، تئن اُڌيپور ۾ به رواج هو. 1952ع ڌاري،
اَڌيپور جي راجسٿان ۾ گڏجڻ بعد، اهو رواج بند ٿي
ويو آهي. اهو توب جو گولو به ساڳيءَ سامهون واريءَ
پهاڙيءَ تان ڇٽندو هو.هتي هرڪو ڪم مهورت سان ٿيندو
آهي. خاص ڪري مهاراڻي لاءِ ته ان جو خاص ٻنڌن
آهي.هر روز شام جو مهاراڻو پنهنجي ڳاڙهيءَ موٽر ۾
شهر جي چڪر تي نڪرندو هو، جنهن جي پٺيان ٻه ٽي
لاريون سندس امير امرائن جون ڀرجي هلنديون هيون.
گهمڻ لاءِ نڪرڻ جو پورو وقت ۽ رستو براهمڻ، گرهه –
گوچر جاچي، روز ٻڌائيندا هوا.جتان اُها موٽر جي
سواري لنگهندي، اُنهيءَ هنڌ، جو جِتي سو تِتي
بيهجي ويندو، ۽ موٽر سامهون ايندي ئي، نهايت
جهُڪي، گردن هلائي، ”اَن داتا! ان داتا!“ چوندا.
اهڙيءَ ريت، ناوِ جي سواريءَ جو وقت به براهمڻن
مقرر ڪيو هو.
|